سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ٻارن جو مسيح

باب: --

صفحو :9 

ڪاريندو ھو. جڏھن بھ ھو پري کان ايندڙ ڪنھن ماڻھوءَ جي ويجھو ايندا ھئا، تھ کين رڙ ڪري ان ماڻھوءَ کي ٻڌائڻو پوندو ھو – ”ڪنو ڪوڙھيو! ڪنو ڪوڙھيو! پري، پري!“ اھا رڙ ٻڌي، ھر ڪو ھنن کان پاسو ڪندو ھو. ھو يا تھ اڪيلا اڪيلا رھندا ھئا يا وري پاڻ ۾ ڪوڙھين جون ننڍيون ننڍيون بستيون ٺاھي گڏ رھندا ھئا. رڳو سندن پنھنجن ٻارن کي بھ وٽن وڃڻ کان منع ھوندي ھئي، ۽ ھو پاڻ جھڙن ٻين انسانن جون فقط ھڏيون ۽ ڇڙيون جھليندا رھندا ھئا.

انھيءَ ڪوڙھئي ماڻھوءَ يسوع جو نالو ٻڌو ھو ۽ ھي بھ ٻڌو ھو تھ ھن جي ھٿ ۾ ڏاڍي شفا ھئي ۽ ھن ڪيترن بيمارن کي چڱو ڀلو ڪيو ھو. ان ماڻھوءَ جڏھن پاڻ کي ٿي ڏٺو تھ ھن کي پنھنجي حالت تي ڏاڍو ڏک ٿي ٿيو، ڇو تھ ھن کي پنھنجو ڪٽنب ۽ پنھنجا دوست ۽ عزيز ڇڏي انھيءَ پنھنجيءَ گنديءَ بيماريءَ سبب ھڪ ناپاڪ جانور وانگر سڀني کان پري ۽ الڳ ٿي رھڻو پيو. ايئن ھو جري چڙي مري ويندو، ۽ ڪوبھ ھن جو خيال ڪرڻ وارو ڪونھ ھوندو! ڪاش، ھو چڱو ڀلو ٿي پوي! ھن پوءِ پنھنجي سک ۽ خوشيءَ ڀري زندگيءَ جا اھي ڏينھن ياد ڪيا، جڏھن ھو ٺيڪ ٺاڪ ھو، ۽ ھن جي بت تي اھي خطرناڪ اڇا اڇا چٽا ڪوڙھھ جا ڪونھ نڪتا ھئا. ھن جي دل ۾ پنھنجن دوستن سان ويھي رھاڻ ڪرڻ جو رکي رکي امنگ اٿندو ھو. ھن کي انھن سان گڏجڻ ۽ گڏجي ھلڻ چلڻ ۽ اٿڻ ويھڻ جي ڪيتري نھ اڪير ھئي! پر ھاڻي ھن کي ھيڪلو ئي ھيڪلو ھر آئي وئي جي ڇڙٻن ۽ ٿڏن کائڻ لاءِ ئي جيئڻو ھو.

۽ پوءِ ان ڪوڙھئي شخص پري ڪجھھ مفاصلي تي ماڻھن جو ڪجھھ انبوھھ ڏٺو، ۽ عجب ٿيس تھ اتي اھو ڇا ھو! ھن کي ويجھي وڃڻ جي ھمت ڪانھ ھئي. پر ھن جي دل ۾ اھو خيال اٿيو تھ اھي ماڻھو شايد ان ئي وڏي طبيب جي چوڌاري مڙيا بيٺا ھئا، جنھن جي ھٿان سڀ بيمار چڱا ڀلا ٿِي ٿي ويا. پوءِ تيسين ھو اتي ترسي بيھي رھيو، جيسين ماڻھن جو انبوھھ ٽڙي پکڙي ويو؛ ۽ پوءِ ھو ھمت ڪري، وڌي، اتي ويجھو ويو.

۽ ھن اتي يسوع کي بيٺل ڏٺو! ھن کي پڪ ھئي تھ اھو ئي يسوع ھو، ۽ ھن کي سڃاڻڻ ۾ کيس ڪا مونجھھ ڪانھ ٿي. ھن کي يقين ھو تھ ھو ئي کيس چڱو ڀلو ڪري سگھيو ٿي. ھن جي دل ۾ ھاڻي سواءِ ھن جي ٻيو ڪو خيال ڪونھ ھو تھ ڪنھن طرح ھو يسوع وٽ وڃي سگھي ۽ کيس چئي سگھي تھ ھو ئي کيس چڱو ڀلو ڪري ٿي سگھيو ۽ ان لاءِ رڳو کيس سندس عنايت جي نظر جي ضرورت ھئي.

پوءِ ھو يسوع وٽ ويو ۽ ھن جي آڏو گوڏن ڀر ويھي رھيو. ھن جي حالت ڏاڍي خراب ھئي. ھو ھڪ مسڪين ۽ بيمار ڪوڙھيو ھو، ۽ ھن جي بت تي خوفناڪ اڇا ڇا چٽا ھئا.

”سائين،“ ھن ليلائيندي چيو، ”تون مون کي چڱو ڀلو ڪري سگھين ٿو. رڳو تنھنجي مھر جي نظر گھرجي!“

يسوع، ڪنڌ جھڪائي، ھن غريب گدلي شخص ڏانھن ڏٺو، ۽ ھھڙي اگلڙي مسڪين لاءِ ھن جي پيار ڪندڙ دل ۾ ٻاجھائتا امنگ ڀرجي آيا. ھن نمي، پنھنجو ھٿ ڊگھيري، ھن ڪوڙھئي شخص جي پٺيءَ تي رکيو. يسوع کان سواءِ ائين ٻيو ڪوبھ ڪونھ ڪري ھا. ھن پوءِ پنھنجي سٻاجھي ۽ مٺي آواز ۾ ھن سان ڳالھايو.

”ھائو، آءٌ توکي چڱو ڀلو ڪندس،“ ھن چيو. ”ھاڻي تون چڱو ڀلو آھين.“

۽ جيئن ئي يسوع ائين چيو، ھن جا چٽا ھٽڻ لڳا، ھن جي بت جي چمڙي صاف ٿي ويئي، ۽ ھو چڱو ڀلو ٿي پيو، ھاڻي ھو ڪوڙھيو ڪونھ ھو، ۽ ھو پنھنجي ڪٽنب ڏانھن ۽ پنھنجن دوستن ڏانھن وڃي سگھيو ٿي، ڪم ڪري سگھيو ٿي ۽ ھڪ ڀيرو وري زندگيءَ جو سک ۽ سونھن ماڻي سگھيو ٿي.

ان ماڻھوءَ پاڻ پنھنجي بت کي ڏاڍي اچرج سان ۽ ڏاڍي اتساھھ سان ڏٺو. اِھا ھن جي حياتيءَ جي سڀ کان وڌ خوشيءَ جي گھڙي ھئي. ھن جي دل اڌمو کاڌو تھ ڊوڙي پنھنجي گھر وڃي ۽ سڀني کي اھا پنھنجي نئين جنم جي ڳالھھ ٻڌائي.

يسوع ھن جي منھن مان سمجھي ويو تھ ھو سڀني کي اھا ڳالھھ ٻڌائڻ لاءِ آتو ھو. پر يسوع نٿي چاھيو تھ ھو ھر ڪنھن کي اھا ڳالھھ ٻڌائيندو وتي. اڳي ئي يسوع لاءِ ڳوٺن توڙي شھرن ۾ وعظ ڪرڻ مشڪل بڻجي رھيو ھو، جو ماڻھو ھر طرف کان انبوھن ۾ ٿي، ھن وٽ اچي ٿي گڏ ٿيا، ۽ انھن مان گھڻا رڳو انھيءَ آسري ۾ ٿي رھيا تھ ھو ڪو اھڙو حيرت ۾ وجھڻ جھڙو ڪم ڪري تھ ھو اھو ڏسن ۽ عجب کائين! ھن جيڪي کين چيو ٿي، ان ڏانھن انھن ماڻھن جو گھٽ ڌيان ٿي ويو، بلڪ ڪن جو تھ ھن جي ڳالھين ڏانھن ڪوبھ ڌيان ڪونھ ھو.

انھيءَ ڪري ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي ڪافي زور ڏيئي پنھنجي اھا ڳالھھ سمجھائي – ”ڏسج! تون ھن واقعي جي ڳالھھ ڪنھن سان نھ ڪج! تون سڌو ڳوٺ جي پادريءَ وٽ وڃ ۽ ھن کي وڃي پاڻ ڏيکار تھ تون ھاڻ ٺيڪ آھين. پوءِ ھو توکي پنھنجي گھر وڃڻ جي اجازت ڏيندو. پر اھو خيال ڪج تھ جيڪو تيڪو توکي گڏجي، ان سان توکي پنھنجي چڱڀلائي جي ڳالھھ ڪرڻي نھ آھي.“

پوءِ اھو ماڻھو يسوع کان موڪلائي سڌو ڳوٺ جي پادريءَ وٽ ويو. ھو ڏاڍيءَ موج ۾ ھو، ۽ بيحد خوش ھو. ھر ھر پنھنجي بت کي پئي ڏٺائين. ۽ جڏھن ھن جي نگاھھ پنھنجي بدن جي صاف ۽ سڄي چمڙيءَ تي ٿي پيئي، ۽ اھو احساس ٿي ٿيس تھ ھاڻي سندس بت جو سور لھي ويو ھو، تھ ھن جو من ترنگ ۾ ڀرجي ٿي ويو. ھن جي اکين ۾ چمڪ اچي ٿي ويئي، ۽ وري وري انھن ۾ خوشيءَ جا ڳوڙھا ڀرجي ٿي آيس – ايتري قدر، جو جيترو تکو ھن ھلڻ ٿي چاھيو اوترو تکو ھو ھلي ئي نٿي سگھيو.

سگھو ئي ھن کي ھڪڙو ڪو رستي ۾ ماڻھو گڏيو، ۽ ھو پنھنجو پاڻ جھلي نھ سگھيو، ۽ ھڪدم رڙ ڪري، ھن کي چيائين، ”آءٌ ڪوڙھيو ھوس. يسوع مون کي ڇٽايو آھي. آءٌ ھاڻي پادري ڏانھن پيو وڃان!“

ماڻھن پھريائين تھ ھن تي اعتبار ئي نھ پئي ڪيو. پر انھن مان ڪي تھ ھن کي سڃاڻندا ھئا ۽ انھن کي خبر ھئي تھ ھو ڪوڙھھ ۾ ورتل ھو – سو انھن جڏھن ھن کي ائين ٺيڪ ٺاڪ ڏٺو، تڏھن ھنن کي ھن جي خوش بختيءَ تي حيرت وٺي ويئي ۽ ائين اھا خبر باھھ وانگر چوڌاري پکڙجي ويئي.

”ڪوڙھيو ڇٽي ويو! يسوع ڪوڙھئي کي ڇٽائي ڇڏيو! يسوع ڪوڙھئي تي ھٿ رکيو تھ ڪوڙھيو ٺيڪ ٿي ويو! ھو ھاڻي پادريءَ وٽ ويو آھي. ھاڻي ھو موٽي پنھنجي گھر پنھنجن ٻارن وٽ ويو آھي! اھڙي ڪا عجيب ڳالھھ اوھان ڪڏھن ڏٺي، ڪڏھن ٻڌي!“

۽ جتان ڪٿان ماڻھو مڙي ھن وٽ ويا ۽ ھن پنھنجي ڳالھھ وري وري ھنن کي ڪري پئي ٻڌائي. ھو ايڏو تھ دل جي اڌمي آڏو لاچار ھو، جو ھن کان اھا ڳالھھ بنھھ وسري ويئي تھ يسوع ھن کي جھليو ھو تھ ھو ڪنھن سان بھ اھا ڳالھھ نھ ڪري. پر ماڻھو ھئا، جن جڏھن ھن جي چڱي ڀلي ٿيڻ جو ٻڌو ٿي، تڏھن ھنن پنھنجي سر پاڻ ھن جي واتان ان حيرت جھڙي مسيح بابت ٻڌڻ ٿي گھريو – سو  اگھھ ھن وٽ ايندا رھيا ۽ ھن کان پڇندا رھيا ۽ ھو ھنن کي ان عجيب ڪرشمي جي ڳالھھ ڪري وري ٻڌائيندو رھيو. ۽ پوءِ، جڏھن يسوع پاڻ شھر ۾ وعظ ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتو تھ ماڻھن جا ھشام ھن جي چوگرد گڏ ٿي ويا، ۽ ھن ڏٺو تھ وڌيڪ ھن لاءِ اتي وعظ ڪرڻ بنھھ ناممڪن بڻجي چڪو ھو.

ھن کي پوءِ وڏو وڏو شھر ڇڏي، ٻھراڙيءَ جي اھڙين جاين تي وڃڻو ٿي پيو، جتي اھڙو ڪو شور ۽ ھنگامو نھ ھجي، ۽ جتي ھو پنھنجي دل جون ڳالھيون ماڻھن کي پوري اطمينان ۽ سانتيڪائيءَ سان ٻڌائي سگھي. پر جتي بھ ھو ويو ٿي، اتي ھن وٽ ويجھيءَ ڇڪ توڙي پري پري جا ماڻھو ڇڪبا ايندا رھيا – ڇو تھ ھن جو نالو ھاڻي ھر ماڻھوءَ جي چپن تي اچي ويو ھو – ھو انھن سڀني کي پوري تحمل ۽ توجھھ سان پنھنجي اعليٰ ماڻھپي ۽ محبت جي سکيا ڏيندو رھيو.

20 : ماڻھو، جيڪو ڇت منجھان آيو

ڪفرنحوم جي شھر ۾ ھڪڙو ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو چري پري ڪونھ سگھندو ھو. ھو فالج جو بيمار ھو، ۽ سڄو ڏينھن منجي تي پِئي پِئي، ھن جي زندگي ڏاڍي ڏکي گذرندي ھئي. پر ھن جا دوست ھن کي ڏاڍو ڀانئيندا ھئا، ۽ اھي اڪثر ھن کي ملڻ ايندا ھئا ۽ ھن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا.

ان ماڻھوءَ کي سواءِ پورن پچائڻ جي ٻيو ڪم ڪونھ ھوندو ھو. ۽ اڪثر ھن جي من ۾ ايندو ھو تھ ٿي سگھي ٿو تھ سندس گناھن جي سزا طور ئي کيس اھا بيماري خدا ڏني ھئي! ”شايد مون ڪي ڳرا گناھھ ڪيا آھن،“ ھن سوچيو. ”شل منھنجا گناھھ معاف ٿي سگھن! آءٌ پنھنجن ڪمن تي بيحد پشيمان آھيان. جيڪڏھن ٻي حياتي مون کي ملي تھ آءٌ ھوند ڪوشش ڪري رڳو چڱا ڪم ڪريان.“

پر ٻي حياتي ھن کي ملي ڪانھ ٿي سگھي، جيئن ڪنھن کي ڪانھ ٿي ملي. ۽ ھاڻي تھ ھو، ناخوش ۽ بيمار، فقط ھيءُ ئي ڪري سگھيو ٿي تھ بيوس ۽ بيڪار منجي تي پيو رھي. ڪوبھ ڊاڪٽر ھن کي ڇٽائي نٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تھ ھن جي بيماري ئي اھڙي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن ھن جي دوستن ھن سان يسوع جي ڳالھھ ڪئي، ”ھو ھڪڙو عجيب ماڻھو آھي – ھن ھڪڙي ڪوڙھئي کي ڇٽايو آھي،“ ھنن چيو. ”ھڪڙي ڪوڙھئي کي! ڇا ٿو سمجھين! سڄي شھر ۾ ڳالھھ ھلي ويئي آھي تھ ڪيئن ھن، بيٺي بيٺي، ڪوڙھئي کي ڇٽائي ڇڏيو! ۽ ٻين بھ سوين ماڻھن کي ھن چڱو ڀلو ڪيو آھي. چون ٿا تھ ھڪڙي امير شخص جي پٽ کي، ڏسڻ کان سواءِ، ھن چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. ۽ ھڪڙو ماڻھو بيت حسدا جي تلاءُ تي چاليھن سالن کان پيو ھو، ان کي بھ ھن ٺيڪ ڪري ڇڏيو. ارمان جي ڳالھھ آھي، جو تون ھن تائين پھچي نھ سگھيو آھين!“

بيمار ماڻھو، ستي ستي، پنھنجن دوستن جون اھي ڳالھيون ٻڌندو رھيو. ھنن کيس نھ فقط يسوع ڇا ڪيو ھو سو ٻڌايو، پر يسوع جيڪي سھڻيون ۽ سٺيون ڳالھيون ٿي ڪيون، سي بھ کيس ٻڌايون. ”ھن ماڻھن کي نيڪ ٿيڻ جو چيو ٿي ۽ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ ۽ ھڪٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو ٿي. ھن ماڻھن کي اھو بھ چيو ٿي تھ جيڪڏھن ھو پڇتائيندا ۽ غلط ڪمن کان توبھھ ڪندا ۽ اڳتي اھي نھ ڪندا، ۽ انھن جي بدران ھو چڱن ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا تھ سندن سڀ گناھھ کين معاف ٿي ويندا.“

”شل آءٌ ان ماڻھوءَ سان ملان، ۽ پنھنجن گناھن لاءِ پڇانس تھ اھي مون کي معاف ٿيندا يا نھ!“ بيمار ماڻھوءَ سوچيو. ”جيڪڏھن مون کي اھا خبر ھجي تھ خدا منھنجا سڀ گناھھ معاف ڪري ڇڏيا آھن، تھ منھنجي من جو سڄو بار ھوند ھلڪو ٿي وڃي، ۽ آءٌ پوءِ ھتي سڄو ڏينھن ھيئن پيو ھجان تھ بھ دل کي ھوند ڪو ڏک ڪونھ ٿئيم.“

ھڪڙي ڏينھن سندس دوست ڏاڍي اتساھھ سان وٽس آيا. ”توکي خبر آھي؟“ ھنن دانھن ڪري، ھن کي چيو. ”بنھھ ھينئر اسان ٻڌو آھي تھ يسوع ھتي پنھنجي شھر ۾ آھي – ھتي ڪفرنحوم ۾! تو وٽ ايندي ايندي، ھڪڙو ماڻھو اسان کي گڏيو جنھن چيو تھ ھن پنھنجي اکين سان ڏٺو تھ ھو شھر جي وڏي گھٽي وٺيو پئي ويو. واھھ جي اھا ھوند ڳالھھ ٿئي، جو توکي ھو ڏسي سگھي!“

”افسوس، جو آءٌ ٻاھر نڪري، ھن جي پڇا نٿو ڪري سگھان!“ منجي تي پيل ماڻھوءَ ٿڌو ساھھ ڀريندي، چيو. تنھن تي ھن جي دوستن ڪجھھ دير پاڻ ۾ پنھنجي منھن ڳالھايو، ۽ پوءِ انھن مان ھڪڙو، کين اتي ڇڏي، پڇا ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪري ويو تھ يسوع سچ پچ شھر ۾ ھو يا نھ، ۽ جي ھو تھ ڪٿي ترسيل ھو.

ھو ترت ئي موٽي آيو. ”ھائو! ھو ھتي آھي! ھو ھتان کان بنھھ ويجھي ھڪڙي گھر ۾ رھيل آھي. ھينئر ئي ماڻھن جا ھشام اتي وڃي ڪٺا ٿيا آھن. چون ٿا تھ عالم سڳورا، جيڪي بھ اسان جي شريعت پاڪ جا الف کان ي تائين واقف آھن، سي بھ اڄ اتي ويا آھن ۽ ھن جو وعظ ٻڌندا. پاڻ کي بھ اتي ھلڻ کپي. ڪفرنحوم ۾، اسان لاءِ اھو ھڪ سونھري موقعو آھي!“

بيمار ماڻھوءَ آسائتيون اکيون کڻي انھن ڏانھن نھاريو. ۽ جڏھن ھن جي دوستن ھن جي منھن ۾ اھا سڪ ڏٺي، تڏھن ھڪدم پاڻ سان ھن کي اوڏانھن کڻي وڃڻ لاءِ ھو تيار ٿي ويا. پوءِ انھن مان ھر ھڪ ھن جي منجي کي ھڪ ڪنڊ کان جھليو، ۽ منجو مٿي کڻي، ھو تکا تکا اٿي اوڏانھن روانا ٿيا جتي يسوع رھيل ھو.

جنھن گھر ۾ يسوع رھيل ھو، اھو ٻين اھڙن گھرن سان گڏ ھڪ وڏي اڱڻ جي چوڌاري اڏيل ھو. ان ملڪ ۾ تڏھن ڪيترائي گھر انھيءَ رٿا تي اڏيل ھئا. اتي ھو اندر ھڪڙي صفحي ۾ ويٺو ھو ۽ ماڻھن سان پئي ڳالھايائين. ٻاھر اڱڻ ۾ ماڻھن جو انبوھھ ھو، جن جي ھڪٻئي سان ڪلھي گس بلڪ پيھھ پيھان لڳل ھئي. اھي سڀيئي انھيءَ شوق ۾ ھئا تھ يسوع جو ڪو آواز ٻڌي سگھن يا ھو ڪو معجزو ڏيکاري تھ اھو ڏسي سگھن.

جيئن پوءِ تيئن اڱڻ ۾ ماڻھو ڳاھٽ ٿيندا ويا، تان جو وڌيڪ ڪنھن جي بيھڻ جي بھ جاءِ ڪانھ ھئي. اڱڻ جي دروازي تي بھ ماڻھو مچو ڪيو بيٺا ھئا ۽ ڳچيون مٿي ڪيو اندر ڏسڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون.

پوءِ جڏھن اھي چار دوست پنھنجي ان پنجين دوست کي منجي تي کڻي، يسوع جي رھائشگاھھ وٽ آيا، تھ ڏٺائون تھ ھن تائين سندن رسائي ممڪن ئي ڪانھ ھئي. ھو دروازي تائين جيئن تيئن ڪري پھتا، پر ڪوبھ کين اندر وڃڻ نٿي ڏيئي سگھيو. ھنن کڙين تي بيھي اندر نھاريو، تھ اڱڻ ۾ گڏ ٿيل ماڻھن جو وڏو ميڙو ڏٺائون ۽ کين پڪ ٿي تھ جيڪڏھن ھو دروازي مان ڪنھن طرح گھڙي اندر ٿي بھ ويا، تھ بھ ھو ماڻھن جي ايڏي ڳاھٽ کي چيري، گھر ۾ اندر پھچي ئي نٿي سگھيا، جتي يسوع ويٺو ھو. ھنن پوءِ منجو لاھي ھيٺ رکيو ، ۽ بيحد نراس ٿي ھڪٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳا.

”ڪو رستو ڪونھي،“ ھڪڙي چيو. ”اسين ايڏيءَ خلق ۾، ويجھو وڃي ئي نٿا سگھون.“

”بھتر آھي تھ واپس گھر ھلون،“ ٻئي چيو. ”افسوس، جو سوير اسان کي خبر پئجي ڪانھ سگھي تھ يسوع ھتي ھو. نھ تھ اسين اڱڻ ۾ ھوند پھرين پھچي وڃون ھا.“

ٻين ٻن دوستن ڪنڌ نوڙائي، ھيٺ پيل دوست کي ڏٺو. ھن جي اکين ۾ ھنن ڏاڍي اٻاڻڪائي ڏٺي. ھو منجي تي پيو ھو، ۽ پنھنجون بيوس اکيون کڻي، پنھنجن دوستن ڏانھن نھاري رھيو ھو – ڪجھھ تھ کين ڪرڻ کپي! ڪجھھ تھ من ڪري سگھن!

ھن جي منٿائو اکين جي ڇينڀ ھو سھي نھ سگھيا. مان ڄاڻان ٿو تھ پاڻ کي ڇا ڪرڻ کپي!“ ھڪڙي چيو.

”ڇا؟“ ٻين پڇيو.

”پاڻ مٿي ڇت تي چڙھي ٿا ھلون،“ ھن چيو. ”گھر جي ٻاھر واريءَ ڀت وٽان سولائيءَ سان مٿي چڙھي سگھون ٿا. پوءِ ڇت کي کوٽي، ان ۾ وڏو لوگھو ٺاھي، اتان پنھنجي دوست کي لاھي،يسوع جي بنھھ اڳيان کڻي ڇڏينداسون! جيڪڏھن ھو اھڙو ئي نرم دل ۽ ٻاجھارو آھي، جھڙو ماڻھو چون ٿا، تھ ھو ان تي ڪڏھن بھ رنج ڪونھ ٿيندو.“

”ڇا، مون لاءِ ائين ڪندؤ؟“ منجي تي پيل ماڻھوءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. ”تھ پوءِ سيگھھ ڪريو، مون کي ڇت تي کڻي ھلو!“

چئن دوستن پوءِ، آھستي ڪري، ھن کي ٻاھرين سيڙھيءَ تان نيئي، مٿي ڇت تي رکيو. اتان جا تڏھوڪا ماڻھو پنھنجن گھرن جي سيڙھين تان مٿي چڙھي، گرم راتيون ائين ڇتين تي ليٽي، ٿڌيءَ ھير تي وڃي آرامي ٿيندا ھئا. انھن مان اڪثر گھرن جون ڇتيون ڪچيءَ مٽيءَ جون ٺھيل ھونديون ھيون، ۽ ھن گھر جي ڇت بھ ائين ڪچيءَ مٽي جي ڇت ھئي. ھنن پنھنجي دوست کي لاھي ھڪ پاسي رکيو، ۽ پاڻ ڇت کي کوٽڻ ۽ ان ۾ لوگھي ٺاھڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا.

”منجي جي چئن ڪنڊن ۾ رسيون ٻڌي، لوگھي مان ان کي آھستي آھستي لاھي، کڻي ھيٺ پھچائينداسون،“ ھنن صلاح ڪئي. ”يسوع چڱو ماڻھو آھي. ھو ضرور اسان جي دوست جي مدد ڪندو؛ ان ۾ ڪوبھ شڪ نٿو ڪري سگھجي.“

ھو ڇت کي کوٽيندا رھيا، کوٽيندا رھيا، ۽ نيٺ ان ۾ سوراخ ٿي پيو ۽ ان کان پوءِ سوراخ کي وڌائي وڏو ٻرگھل ڪرڻ ايترو ڏکيو ڪم نھ ھو، جتان رسين سان منجي کي لاھي ھيٺ پھچائي سگھجي.

ان وچ ۾ ھيٺ صفحي ۾ ويٺل ماڻھو حيرانيءَ ۾ ھئا تھ مٿي

ڇت تان اھو ڪھڙو ٺڪ ٺڪ جو آواز پئي آيو، ۽ جڏھن ڏٺائون تھ ڇت ۾ سوراخ ٿي پيو ھو، تڏھن تھ ھو ھيڪاري ھراسجي ويا، ۽ پنڊ پھڻ ٿي رڳو مٿي ڏسندا رھيا تھ اھو ڇا پئي ٿيو. پوءِ جو ڪجھھ ٿيو، ان جو تھ ڪنھن کي خواب خيال بھ ڪونھ ھو. ڏسندي ڏسندي، ھڪڙو منجو ھيٺ لھي، اچي، سنئون نئون، يسوع جي بنھھ آڏو پيو! مٿان ٻرگھل مان چئن ماڻھن جا ٿڌا ماندا منھن پئي ڏٺا، جن جون اکيون منجي ۾ ھيون تھ اھو صحيح سلامت ھيٺ پھتو يا نھ!

منجي تي پيل ماڻھو، آسائتيون اکيون کڻي، يسوع ڏانھن ڏسي رھيو ھو. ھائو – ھيءُ ئي اھو ٻاجھارو شخص ھو، جو کيس مدد ڪري سگھيو ٿي، جو کيس ٻڌائي سگھيو ٿي تھ سندس گناھھ معاف ٿي سگھيا ٿي يا نھ، ۽ جيڪو کيس اڳتي چڱن ڪمن ڪرڻ جي راھھ ڏيکاري سگھيو ٿي.

يسوع انھن چئن ماڻھن کي ڏٺو، جيڪي ڇت مان ھيٺ نھاري رھيا ھئا، ۽ اھو سوچي تھ ھنن جي دل ۾ پنھنجي دوست کي مدد ڪرڻ جو امنگ ڪيترو نھ اوچو ۽ ڪيڏو نھ اوجل ھو، ھن جي دل ۾ ڪھل ۽ پيار جي ھڪ عجيب لھر ڊوڙي ويئي. ھن پنھنجي چوڌاري ويٺل ماڻھن جي منھن ۾ ڏٺو، ۽ ائين سمجھيائين تھ اھي سڀيئي انھيءَ اميد ۾ ھئا تھ ھو کين ڪو معجزو ڪري ڏيکاري، پر يسوع ڄاتو ٿي تھ اھو بيمار ماڻھو، جيڪو سندس اڳيان منجي تي بيوس پيو ھو، ان جو خاص علاج ڪھڙو ھو ۽ خود ان ماڻھوءَ کانئس سڀ کان وڌ ڇا ٿي گھريو.

”اي انسان،“ يسوع ھن کي چيو، ”تنھنجا گناھھ توکي معاف ٿي ويا!“

۽، جيئن يسوع کي خبر ھئي، اھا ئي ڳالھھ ھئي جيڪا ان بيمار ماڻھوءَ ٻڌڻ ٿي گھري – ڇاڪاڻ تھ يسوع جي دل ايڏي ھمدرد ۽ مھربان ھئي، جو ھو ٻين جا خيال ۽ ٻين جا امنگ جھٽ ۾ سمجھي ويندو ھو. پر ھن جي چوڌاري ويٺل ماڻھن مان ڪي يسوع جا اھي گناھن جي معافيءَ وارا لفظ ٻڌي ڀنواٽجي ويا.

شريعت سڳوريءَ جا عالم ويٺا رھيا ۽ ڳرا ڳرا ۽ اگرا خول پچائيندا رھيا. ”ھن ماڻھوءَ کي ڪنھن کي ائين چوڻ جو حق ڪونھي تھ ھن جا گناھھ معاف ٿي ويا!“ ھنن پنھنجي دل ۾ سوچيو. ”خدا ۽ فقط خدا ئي ڪنھن جا گناھھ معاف ڪري سگھي ٿو. ھيءُ ماڻھو گناھھ معاف نٿو ڪري سگھي. ھيءُ ڪير ٿيندو آھي، جو ائين چوڻ جي ھمت ٿو ڪري؟“

يسوع پنھنجي چوڌاري نھاريو، ۽ انھن جي دل ۾ اڀرندڙ اھي اگرا خيال سمجھي ويو. ”اوھين ڪھڙا خيال دل ۾ اٿلائي رھيا آھيو،“ ھن چيو. ”اوھين ڇا ٿا سمجھو، تھ ھھڙي ماڻھوءَ کي ڪھڙي ڳالھھ چوڻ مون لاءِ وڌيڪ سولي آھي – تھ ”تنھنجا گناھھ توکي معاف ٿي ويا“ يا ”پنھنجن پيرن تي اٿي بيھھ ۽ ھل؟“ آءٌ اوھان کي ڏيکاريان ٿو تھ مون کي گناھن جي معاف ڪرڻ جو حق آھي، ماڻھوءَ کي ماڻھوءَ جي گناھن معاف ڪرڻ جي سگھھ آھي، جيتوڻيڪ اوھين ماڻھوءَ کي رڳو ھڪڙي خسيس شيءِ ٿا سمجھو.“

پوءِ ھن منجي تي پيل ماڻھوءَ ڏانھن منھن ڪيو ۽ ھن کي چيائن، ”اٿ، پنھنجو منجو کڻ، ۽ پنھنجي گھر وڃ!“

سڀني ھڪدم فالج ۾ ورتل ماڻھوءَ ڏانھن نھاريو، جيڪو منجي تي بي ھمت ۽ بيجان پيو ھو. ۽ پوءِ انھن جي حيرانيءَ ۽ اچرج جي ڪا حد نھ رھي، جڏھن ڏٺائون تھ اھو بيمار ماڻھو، جنھن سالن کان چرڻ جو نالو ڪونھ ٿي ورتو، سو اٿيو، پنھنجن پيرن تي ٿي بيٺو، پنھنجو منجو کنيائين، ۽ وکون کڻندو گھر مان ٻاھر نڪري ويو!

پوءِ سڀ اھي، جيڪي صفحي ۾ ويٺا ھئا، ۽ اھي جن اڱڻ مان پئي ڏٺو، ۽ اھي چار ماڻھو جن ڇت مان جھاتي پائي ھيٺ پئي نھاريو، سڀ سراپجي ويا ۽ عبرت وٺي وين. ھو خدا جا ٿورا مڃڻ لڳا، ۽ جو ڪجھھ ڏٺو ھئائون ان تي عجب کائيندا رھيا.

”اڄوڪي ڏينھن اسان ڏاڍيون عبرتناڪ شيون ڏٺيون آھن،“ ھنن ھڪٻئي کي چيو. ”اسان سچ پچ تھ غير معمولي ۽ بيحد عبرتناڪ شيون ڏٺيون آھن.“

21 : سپاھي ۽ ان جو خادم

ھيروڊ جي فوج جو ھڪڙو سپاھي ھو، جيڪو اتي ھڪڙي دستي جو سالار ھوندو ھو. ھو يھودي ڪونھ ھو، پر يھودين کي ھو پسند ڪندو ھو، ۽ جو ڪجھھ ٿي سگھندو ھوس اھو انھن لاءِ ڪندو ھو. ھن انھن لاءِ ڪفر نحوم جي شھر ۾ ھڪ نئين ديول اڏائي ھئي، جنھن ۾ ممڪن آھي تھ يسوع وعظ بھ ڪيو ھو.

ھڪڙي ڏينھن ھن جو دل گھريو خادم بيمار ٿي پيو. ھن ان جي علاج لاءِ ھڪڙي ڊاڪٽر کي گھرايو، پر ان جي دوا جو بھ ھن تي اثر ڪونھ ٿيو. سپاھي ڏاڍو دلگير ٿيو، ڇو تھ ھو پنھنجي ان پراڻي خادم کي ڏاڍو ڀانئيندو ھو، ۽ ھن جي چڱي ڀلي ٿيڻ لاءِ سبڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار ھو.

ھن يسوع جو نالو ۽ ھن جي ھاڪ ٻڌي ھئي، ۽ دل ۾ آيس تھ سندس پياري خادم جي ڪا واھر ٿيڻي ھئي تھ يسوع جي ھٿان ئي ٿي سگھندي. پر ڇاڪاڻ تھ ھو پاڻ يھودي نھ ھو، انھيءَ ڪري يسوع وٽ پاڻ وڃڻ ۽ ھن کي منٿ ڪرڻ ھن مناسب نھ سمجھيو. ان جي بدران ھو ان ديول جي مک ماڻھن وٽ ويو، جيڪا ھن ڪفرنحوم ۾ يھودين لاءِ اڏائي ھئي، ۽ انھن کي چيائين تھ ھو يسوع وٽ وڃي ھن کي سندس خادم جي علاج لاءِ چون.

اھي مک ماڻھو ھڪدم يسوع وٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا، انھن سوچيو تھ ھو يسوع کي چوندا تھ ڪيڏي وڏي ماڻھوءَ ھنن کي وٽس موڪليو ھو، ۽ يھودين سان ھن جي ڪيڏي سٺي روش ھئي، ۽ انھن لاءِ ھن ڪھڙي نھ سھڻي ديول جوڙائي ھئي! ۽ ائين سوچي، ھو يسوع سان ملڻ لاءِ گڏجي نڪتا، جيڪو پڻ، تنھن ڏينھن، خوش قسمتيءَ سان اتي ڪفرنحوم ۾ ئي ھو.

ھو وٽس آيا ۽ کيس سپاھيءَ جي ڳالھھ ٻڌايائون ۽ ھن جي وڏ

ماڻھپ ۽ درجي جو بيان ڪيائون. يسوع ھنن جو سڄو احوال ٻڌو - ۽ خاص طرح جڏھن ھن ٻڌو تھ بيمار ھڪڙو غريب خادم شخص ھو، تڏھن ھڪدم ھنن سان گڏجي ھلڻ لاءِ ھو تيار ٿيو. يسوع کي ان ڳالھھ جي پرواھھ نھ ھئي تھ بيمار جو مالڪ وڏو ماڻھو ھو يا فوج جو سالار ھو؛ ھن کي جيڪڏھن خيال ھو تھ خود بيمار خادم جو ھو، ۽ ٻيو ان بيمار جي مالڪ جي پيار ۽ خلوص جو، جيڪو ان جي دل ۾ پنھنجي غريب خادم لاءِ موجود ھو.

۽ پوءِ، ھو ديول جي انھن مک ماڻھن سان گڏجي، سپاھيءَ جي گھر ڏانھن روانو ٿيو. پر اِن وچ ۾ سپاھيءَ جي دل ۾ ھڪڙو کٽڪو اچي پيدا ٿيو تھ يسوع ڏانھن ھو پاڻ ھوند وڃي ھا، ۽ پاڻ وٽ اچڻ لاءِ ھن ڏانھن ٻيا ماڻھو موڪلي ھن شانائتي ڳالھھ ڪانھ ڪئي ھئي.

”ٻئي ڪندي، ھو ھڪ اعليٰ ماڻھو آھي، ۽ تمام گھڻي ڪم وارو آھي،“ ھن سوچيو. ”ھن کي چوڻ تھ پنھنجو املھھ وقت سيڙائي ھيڏانھن مون وٽ اچي، ان جو مون کي حق ڪونھي. ھو منھنجي خادم کي اتان ئي ھڪ لفظ ڪڇڻ سان چڱو ڀلو ڪري سگھيو ٿي. منھنجو پختو ويساھھ آھي تھ جيڪڏھن ھو ھن کي ھٿ لائڻ سان ٺيڪ ڪري سگھي ٿو، تھ ھو اتان پري کان ويھي بھ ھن کي چئي سگھيو ٿي تھ، ”تون چڱو ڀلو آھين، اٿ ۽ گھم ڦر!“ ۽ ان تي ھيءُ چڱو ڀلو ٿي، اٿي کڙو ٿيندو. پوءِ ھو پاڻ پنھنجي سر منھنجي گھر اچڻ جي تڪليف ڇو ڪري؟ آءٌ پنھنجا ٻيا دوست ھن ڏانھن موڪليان ٿو تھ ھن جي خدمت ۾ اھو وڃي عرض ڪن.“

ائين، ان سپاھيءَ، پوءِ، پنھنجا دوست موڪليا تھ وڃي يسوع کي سندس دل جا اھي ويچار پيش ڪن. اھي پوءِ يسوع کي ۽ ديول جي مک ماڻھن کي وڃي واٽ تي گڏيا، جيڪي پريان تکا تکا، سپاھيءَ جي گھر ڏانھن پئي آيا. انھن ھنن کي واٽ تي بيھاريو، ۽ يسوع سان پنھنجو احوال بيان ڪيو.

”سائين، اڳتي ھلڻ جي تڪليف نھ ڪريو. اسان جي دوست اسان کي اوھان ڏانھن موڪليو آھي تھ ھو انھيءَ لائق ئي ناھي، جو اوھين پاڻ ھلي ھن جي گھر اچو ۽ نھ وري ھو پاڻ بھ اھڙي ڪا وٿ آھي، جو اوھان جي حضور ۾ اچڻ جي لائق پاڻ کي سمجھي. ھو اوھان کي رڳو ھيءُ ٿو عرض ڪري تھ اوھين پنھنجي زبان مبارڪ مان ھڪڙو اکر ڪڇو، ۽ ھن کي پڪ آھي تھ ھن جو خادم چڱو ڀلو ٿي ويندو. ھو پاڻ بھ تھ پنھنجن سپاھين کي چوندو آھي ”وڃو!“ ۽ ھو ھليا ويندا آھن، ”اچو!“ ۽ ھو ھليا ايندا آھن ۽ پنھنجي خادم کي بھ چوندو رھندو آھي تھ ”ھيءُ ڪر ۽ ھو ڪر!“ اوھين بھ ائين ئي ڪري سگھو ٿا، ۽ اوھان جو لفظ اگھندو ۽ اھو ڪافي آھي! انھيءَ ڪري، محترم سائين، پنھنجي منھن مان ھن جي خادم لاءِ ھڪ لفظ ڪڇو ۽ ھو اتي ھڪدم ٺيڪ ٿي ويندو.“

يسوع ھنن کي ٻڌو، ۽ سندس اوجل من حيرت ۽ خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ۽ جيڪي ماڻھو ساڻس گڏ ھئا، تن ڏانھن منھن ڪري، چيائين:.
”ھن کان اڳ، ڪنھن بھ مون ۾ ايڏو ويساھھ نھ رکيو آھي – خود منھنجن پنھنجن ماڻھن مان بھ ڪنھن نھ!“

سپاھيءَ جي دوستن جيڪو پيغام آندو ھو، سو ائين ھنن يسوع کي پھچايو، ۽ پوءِ ھو موٽي ھن جي گھر ويا. سپاھي، پري کان انھن کي ايندو ڏسي، اڳتي وڌي اچي کين مليو. ھن جون اکيون خوشيءَ ۾ پئي چمڪيون.

”منھنجو پيغام اوھان پڪ ئي پڪ يسوع کي ڏنو آھي!“ ھن چيو. ”پنھنجي اکين سان پاڻ اچي ڏسو! منھنجو خادم ٺيڪ ٿي ويو!“

22 : يسوع جنازي سان

يسوع جي حيرتناڪ ڪمن جون ايتريون تھ گھڻيون ڳالھيون آھن، جو انھن مان ڪھڙي ٻڌائجي ۽ ڪھڙي نھ ٻڌائجي، اھو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو؛ پر انھن مان خاص ھڪڙي تھ سڀ کان وڌيڪ حيرتناڪ ڳالھھ آھي.

”نائين“ نالي ھڪڙي ڳوٺ ۾ ھڪڙو مڙس ۽ سندس زال رھندا ھئا. ھنن کي ھڪڙو ننڍڙو پٽ ھوندو ھو، جنھن تي ھنن کي بيحد ناز ھوندو ھو. ڏينھن پٺيان ڏينھن گذرندا رھيا ۽ پوءِ ھڪڙي ڏينھن ڇا ٿيو، جو اوچتو ڇوڪري جو پيءُ گذاري ويو، ۽ سواءِ ان ڇوڪري جي ويچاريءَ ماءُ جي سنڀال ڪرڻ وارو ٻيو ڪوئي نھ رھيو.

”امي، تون نھ رو،“ ھن چيو. ”آءٌ تولاءِ ڪمائيندس ۽ توکي سنڀاليندس. آءٌ تنھنجي رکوالي ڪندس ۽ توکي خوش رکندس.“

۽ ڇوڪري جيئن چيو تيئن ڪري ڏيکاريو. ھو سخت محنت ڪندو ھو ۽ ماءُ کي بيحد خوش رکندو ھو. ھوءَ مٿس فخر محسوس ڪندي ھئي، ۽ کيس تمام گھڻو پيار ڪندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ دنيا ۾ ھو ئي ھن جو سڀ ڪجھھ ھو.

ھڪڙي ڏينھن ڇا ٿيو، جو ڇوڪرو اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ ھن جي ماءُ سخت ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي. ”امي، تون پريشان نھ ٿيءُ.“ ڇوڪري ھن کي ڏڍ ڏيندي چيو. ”آءٌ جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org