سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي، پيرين پنڌ تھ ھلي سگھيا ٿي، ۽
ھلندي ھلندي، يسوع وٽ پھچي سگھيا ٿي! ھو پنھنجا
بيمار مٽ مائٽ ۽ عزيز دوست بھ اوڏانھن نيئي سگھيا
ٿي تھ جيئن يسوع انھن تي پنھنجي ٻاجھھ ۽ پيار جو
ھٿ رکي سگھي ۽ ھو چڱا ڀلا ٿي پون.
ائين، سوين ماڻھو سمنڊ جي ڪناري سان، يسوع جي
ٻيڙيءَ کي اکئين ڪيو، تکا تکا اڳتي وڌندا رھيا.
انھن جي دل ۾ اھو ئي خيال ھو تھ اھا ٻيڙي آخر
ڪيڏانھن ٿي ويئي؟ پر اھا خبر بھ ترت ئي انھن کي
پئجي وڃڻي ھئي – جيتوڻيڪ ان لاءِ انھن کي سڄو
ڏينھن ائين ڪناري سان پيرين پنڌ ھلڻو ھو. مائون
پنھنجا کير پياڪ ٻالڪ ڪڇن تي کنيو پئي آيون ۽ سندن
ڊوڙون پائيندڙ ٻار وري ساڻن گڏ پاسن کان ڊوڙندا ٿي
ھليا. مڙس ماڻھو وڏيون وڏيون وکون وجھندا اڳتي
وڌندا رھيا، ۽ انھن مان ڪيترا پنھنجن بيمار دوستن
کي، پٺيءَ تي، ڪلھن تي ۽ کٽولن تي واري وٽيءَ سان
کنيو، ڪناري سان اڳتي ھلندا ٿي رھيا.
جڏھن، اتان جي ڳوٺاڻن ھيترا سارا ماڻھو بيت صيدا
جي پسگردائيءَ ۾ رستن تي ويندي ڏٺا، تڏھن اھي حيرت
۾ پئجي ويا. گھرن مان ٻار ڊوڙندا ٻاھر نڪري آيا ۽
پڇڻ لڳا تھ ڪھڙي ڳالھھ ھئي! ھنن جو پٽ سدائين ايڏو
نويڪلو ۽ سانتيڪو رھندو ٿي آيو. ھاڻي، اوچتو ھي ڇا
ٿيو ھو، جو ھيترا ماڻھو ان پاسي تکا تکا ھلندا ۽
ڊوڙندا پئي آيا!
ھڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو سڀني کان اڳ ماڻھن جي ائين ويندڙ
ھڪڙي ننڍڙي ٽولي وٽ پھتو. ”ڪھڙي ڳالھھ آھي؟“ ھن
پڇيو. ”اوھين سڀيئي ڇا لاءِ ھيڏانھن پيا اچو؟ ڪجھھ
ٿيو آھي ڇا؟“
”ھتي ڪٿي، اوھان جي پٽ ۾ يسوع آيو آھي“، ھڪڙيءَ
عورت جواب ڏنو. ”ڇا، اوھان يسوع بابت ڪجھھ نھ ٻڌو
آھي؟ ھو ھر مرض مان ڇڏائي ٿو. ھو سڀني جو ساٿي
آھي.“
”ھو بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ٿو، ۽ مئلن کي جيئاري
ٿو“، ھڪڙي ٻار ڇوڪري کي چيو. ”ھو سڀ ڪجھھ ڪري سگھي
ٿو. ۽ ھو اسان کي تمام سٺيون ۽ وڻندڙ ڳالھيون
ٻڌائي ٿو.“
”تون اسان سان ھل ۽ ھلي ھن جون ڳالھيون ٻڌ!“ ٻئي
ھڪڙي ڇوڪري، اڳتي وڌي، چيو. ”ھن جي ڪھڙي ڳالھھ ڪري
ڪھڙي ڪجي! ھو شڪل جو تمام سھڻو ۽ سٻاجھو آھي، ۽
ٻار وٽس ويندا آھن تھ انھن کي ڏاڍو ڀانئيندو آھي.“
”او، شل آءٌ بھ ھن وٽ ھلي سگھان!“ ننڍڙي ڇوڪري
جواب ڏنو.
”ڇو نھ! وڃ ۽ وڃي پنھنجي ماءُ کان موڪلائي اچ!“
ٻين ٻارن ھن کي چيو، ۽ ڇوڪري، پنھنجي گھر ڏانھن
منھن ڪري، وٺي ڊوڙ پاتي.
جڏھن ھو ڊوڙندو ڊوڙندو گھر پھتو، تھ ھن جي ماءُ ڪم
۾ رڌل ھئي. ”ڪھڙي ڳالھھ آھي، پٽ؟“ ھن جي ماءُ
پڇيو.
”امي، اڄ ھتي ھڪڙو عجيب ماڻھو آيو آھي، ۽ ھر ڪو ھن
جي ڏسڻ لاءِ پيو وڃي“، ڇوڪري چيو. ”آءٌ بھ وڃان؟
ھيترا ماڻھو مون اڳي ڪڏھن بھ ھتي ڪونھ ڏٺا آھن.
چون ٿا تھ ھيءُ ماڻھو اچرج جھڙا ڪم ٿو ڪري. امي،
آءٌ بھ وڃان! ۽ ھن کي وڃي ڏسان!“
ھن جي ماءُ سندس منھن ۾ نھاري مرڪي ڏنو. ”ھائو،
ڀلي تون وڃ“، ھن چيو. ”پر ٿورو ترس تھ تو لاءِ ڪي
لولا پچائي وٺان تھ اھي پاڻ سان کنيو وڃ. آءٌ توکي
لولن سان گڏ ٻھ پڪل ڪرڙيون بھ ڏيان ٿي – اھي بھ
تون کڻي وڃ.“
پوءِ ھن جي ماءُ پنج لولا ۽ ٻھ ننڍڙيون پڪل ڪرڙيون
ھڪڙي ٽٻڻي، ۾ وجھي، ۽ ڪپڙي ۾ ٻڌي، ھن کي ڏنيون ۽
ھن، ماءُ کي خدا حافظ چئي، وٺي ٽڪريءَ تان ھيٺ ڊوڙ
پاتي. ھن جي آسپاس جا سڀ رستا ماڻھن سان ڀريا پيا
ھئا، ۽ رستن تي ھن پنھنجي سانڀر ۾ ڪڏھن بھ ايترا
ماڻھو ڪونھ ڏٺا ھئا.
ھو بھ ماڻھن جي انھن انبوھن سان وڃي مليو، ۽ ھو سڀ
ھلندا ھلندا ھڪڙي گاھھ سان ڍڪيل ٽڪريءَ جي وڏي
ويڪري لھواري پٽ تي اچي پھتا، جتي يسوع پنھنجن
ساٿين سان وڃي ويٺو ھو. ھن پري کان ماڻھن جا اھي
انبوھھ پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺا ھئا ۽ ڄاتائين ٿي تھ
ان ڏينھن ھن ايڪانت ۾ ويھي جيڪو آرام ڪرڻ چاھيو
ٿي، اھو کيس ملي ڪونھ سگھندو.
”ھي ويچارا ماڻھو رڍن وانگر مسڪين ۽ ھيڻا آھن، ۽
انھن جو ڪو ريڍار ڪونھي“، يسوع چيو، ۽ انھن کي
گڏجڻ لاءِ ھو اڳتي وڌي ويو.
پوءِ يسوع ۽ سندس ساٿين جي ڪم جو اھو ڏينھن شروع
ٿيو. ان ننڍڙي ڇوڪر تھ پنھنجي حياتيءَ ۾ اھڙا عجيب
ڪم ۽ اھڙيون حيرت ناڪ شيون ڪڏھن ڪين ڏٺيون ھيون.
ھن ڏٺو تھ يسوع جا ساٿي ماڻھن جي گوڙ ۾ اندر گھڙي
ٿي ويا ۽ اتان بيمارن کي ڳولي ۽ کڻي يسوع وٽ ٿي
آيا. ڇوڪرو بھ انھن سان گڏ وڌي اڳتي ويو ٿي، ۽
ڏسندو رھيو تھ ڪيئن ھن بيمارن کي چڱو ڀلو ٿي ڪيو.
پوءِ جڏھن گھڻيءَ دير کان پوءِ، يسوع ويھي رھيو ۽
ماڻھن کي ڳالھيون ٻڌائڻ لڳو، تڏھن ان ننڍڙي ڇوڪر
اھي ڏاڍي چاھھ سان ڪن ڏيئي ٻڌيون. پوءِ يسوع وڌي،
پري ويٺل ماڻھن ڏانھن ويو، جيڪي ھونئن کيس ٻڌي نٿي
سگھيا. ھيءُ ڇوڪرو بھ ماڻھن جي ڪڇن ھيٺان ۽ ٽنگن
وچان لگھتون ھڻندو، اوڏانھن ھن جي پٺيان ويندو
رھيو ۽ جو ڪجھھ ماڻھن ھن کي ٻڌايو ٿي اھو ھو سڀ
ٻڌندو رھيو ۽ دل تي رکندو رھيو.
اھو ڏينھن ھن ڇوڪري جو خاص ڏينھن ھو. ھڪ تھ پنھنجي
ننڍڙي، ماٺ ۾ ويڙھيل ڳوٺڙي مان نڪري، ھڪدم ايترن
سارن ماڻھن سان ملڻ ئي ھن جي من کي چورڻ لاءِ ڪافي
ھو، ۽ ٻيو تھ ھن جي خواب ۾ بھ اھو نھ ھو تھ ھڪڙو
ڪو ماڻھو ھڪ ئي وقت ايتريون حيرتناڪ شيون ڪڏھن ڏسي
سگھيو ٿي! ھو پاڻ سان مانيءَ جي ڳنڍ کنيو ھيڏانھن
ھوڏانھن ھلندو رھيو، پر ھو ايترو تھ خوش ھو ۽ ھن
جو من ايتري تھ ترنگ ۾ ھو، جو ھڪ ڀيرو بھ ھن کي
کاڌي جو خيال ڪونھ آيو.
ائين سڄو ڏينھن گذري ويو، ۽ سانجھي اچي ٿي. ماڻھو
اھي ئي ويٺا رھيا ۽ يسوع کي ڏسندا رھيا ۽ ھنن کي
ٻڌندا رھيا، پر ھاڻي ھنن کي بک بھ لڳي ھئي ۽ ھو
ڏاڍا ٿڪل ۽ ماندا ٿي ڏٺا. ھو پري پري کان پنڌ ڪري
آيا ھئا ۽ ھڪ گرنھھ بھ ڪونھ کاڌو ھئائون.
”سائين“، يسوع جي ساٿين ويجھو وڃي، ھن کي چيو،
”ماڻھن کي ھاڻي موڪل نھ ڏيئي ڇڏيون، تھ ڳوٺڙن ۾
وڃي پنھنجي لاءِ ڪو ماني ڳڀي جو بندوبست ڪن!“
”توھين ئي ھنن کي کائڻ لاءِ ڪجھھ ڏيو“، يسوع چيو.
”ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ٻن سون کان بھ وڌيڪ
رپيا لڳي ويندا“، فلپس چيو، جيڪو يسوع جي سڀني
ساٿين جا پئسا پاڻ وٽ امانت رکندو ھو. ”اوھين چئو
تھ انھن پئسن جو ھنن لاءِ اٽو ۽ گوشت وٺي اچون؟“
”ھتي ڪنھن وٽ ماني ڪانھي ڇا؟“ يسوع پڇيو. ”وڃو ۽
وڃي پڇا ڪريو!“
پوءِ يسوع جا ساٿي ماڻھن ۾ نڪري پيا، ۽ ھر ڪنھن
کان پڇندا ويا تھ ڪنھن ڪا ماني آندي ھجي، تھ
ورھائي کائجي. پر سڀ ماڻھو ڪنڌ سان نھڪر ڪندا ويا.
جن ڪا ٿوري ماني ساڻ آندي ھئي، اھا ھنن اڳي ئي
کائي ڇڏي ھئي، پر گھڻن ماڻھن تھ ڪجھھ ڪونھ آندو
ھو. ماڻھن جي ھيڏي ساري ھشام ۾ کاڌي لاءِ ڪجھھ بھ
ڪونھ ھو.
”ڪنھن وٽ ڪا ماني آھي؟“ ماڻھن جي انبوھن مان يسوع
جي ساٿين جا اھي ھوڪرا ۽ سڏ ٻڌبا رھيا. اھو سڏ نيٺ
ان ننڍڙي ڇوڪر جي ڪنن تي بھ پيو، ۽ ھن کي پنھنجي
مانيءَ جو ٽٻڻو ياد آيو. ھن ڪپڙي جي ڳنڍ کولي،
ٽٻڻي ۾ ڏٺو تھ ان ۾ پنج لولا ۽ ٻھ پڪل ننڍڙيون
ڪرڙيون رکيون ھيون، جيڪي ھن جي ماءُ کيس ان ۾
وجھي، بند ڪري ۽ ڳنڍ ۾ ٻڌي ڏنيون ھيون.
جڏھن ھن پاڻ وٽ اھي لولا ۽ ڪرڙيون ڏٺيون تھ
سمجھيائين تھ اھو تھ ايڏو گھڻو کاڌو ڪونھ ھو، جو
يسوع جي ساٿين کي اھو ڏجي يا ڏيکارجي. اھو ھئو ئي
ڪيترو، ۽ کائي بھ ڪيترا کائيندا؟ ايتري ۾ ڇوڪري جي
ڪن تي وري اھو سڏ پيو: ”ڪنھن وٽ ڪا ماني آھي؟“
ڇوڪرو پوءِ ماڻھن جي ميڙ کي ڌڪيندو، ۽ ان مان
لنگھتون ھڻندو، وڌي يسوع جي ويجھي کان ويجھي بيٺل
ساٿيءَ وٽ پھتو. ”مون وٽ پنج لولا آھن“، ھن چيو،
”۽ ٻھ ننڍڙيون ڪرڙيون بھ پڪل آھن. ڪيئن، اھي ڪم
اينديون؟“
يسوع جي ساٿيءَ ڇوڪري کي ٻانھن کان ورتو، ۽ يسوع
وٽ وٺي ويس. ”سائين“، ھن چيو، ”ھيءُ ھڪڙو ڇوڪرو
آھي، جنھن وٽ پنج لولا ۽ ٻھ پڪل مڇيون آھن.“
ڇوڪرو جڏھن ان حيرتناڪ ماڻھوءَ وٽ روبرو پھتو،
جنھن کي سڄو ڏينھن ھو پري کان ڏسندو رھيو ھو، تڏھن
ھن جي دل اڌما کائڻ لڳي. ھو يسوع جي ڀر ۾ ٿي بيٺو،
۽ ڪنڌ مٿي کڻي، اکيون ڦاڙي، ھن کي ڏسڻ لڳو. يسوع
ھن جي منھن ۾ نھاري مرڪيو، ۽ پنھنجي ھٿ سان ھن کان
ٽٻڻو ورتائين.
”مون کي بس ايتري جي ئي گھرج ھئي،“ ھن چيو. پوءِ
ھن پنھنجن ساٿين سان ڳالھايو.
”ماڻھن کي چئو تھ پنجاھھ پنجاھھ جون ڇلنگيون ٺاھي
ويھن تھ جيئن ھنن کي سولائيءَ سان کارائي سگھون“،
ھن چيو. ۽ پوءِ يسوع جا ساٿي ماڻھن جي وچ ۾ ويا ۽
انھن کي ائين ٺھي ويھڻ لاءِ چيائون. پوءِ انھن مان
ڪي قطارن ۾ ٿي ويٺا ۽ ڪي گول ٺاھي ويٺا. ڇوڪرو
حيرت ۾ ھو تھ يسوع ھاڻي ڇا ڪندو!
پوءِ يسوع ٽٻڻي مان لولا ڪڍيا ۽ انھن کي ڀڳائين.
ھن پوءِ اکيون کڻي آسمان ۾ ڏٺو ۽ مانيءَ جي دعا
گھريائين. پوءِ ھو اھي لولا ائين ڀڃندو پنھنجن
ساٿين کي ڏيندو ويو. ائين ھن ٻن ڪرڙين کي بھ
ورھايو. ھن جا ساٿي، پوءِ ھڪٻئي جي پٺيان ھن کي
اھا ”ماني ۽ مڇي“ وٺڻ ايندا رھيا، ۽ يسوع جا ھٿ
اھي ئي ڀريل رھيا، ۽ ھو انھن کي ماني ۽ مڇي ڏيندو
رھيو. ائين ھو مانيءَ کي ڀڃيندو رھيو، مڇيءَ کي
ورھائيندو رھيو، ۽ ننڍڙو ڇوڪرو، حيرت ۾ حيران، اتي
بيٺو رھيو، ۽ ھن کي ڏسندو رھيو – حياتيءَ ۾ ان کان
اڳ ھن ڪڏھن بھ ايڏي اچرج جھڙي ڳالھھ ڪانھ ڏٺي ھئي.
ھن جي مڇي ۽ ماني ھئي، جا کٽي ئي ڪانھ ٿي! يسوع
اھا ڏيندو ئي رھيو، ڏيندو ئي رھيو، ۽ ھن جا ساٿي
اھا کڻي، بکايل ماڻھن جي ٽولين پٺيان ٽولين کي
ڏيندا رھيا. اھي سائي گاھھ سان ڍڪيل ان ٽڪريءَ جي
لھواري پٽ تي ڪي پنج ھزار اھڙا ماڻھو ھئا، پر انھن
مان ھڪ ھڪ ماڻھوءَ کي ماني مڇي ملي چڪي ھئي.
ننڍڙي ڇوڪري کي بھ پنھنجو ڀاڱو مليو. پوءِ ھو ويھي
رھيو، ۽ ويھي کائڻ لڳو، ۽ سڄو وقت عجب کائيندو
رھيو تھ ھيءُ ڇا پئي ٿيو! ”امي لولا پچايا ۽ مون
ننڍڙيون ٻھ مڇيون ڦاسايون“ ھو ويچاريندو رھيو. ”۽
ھن ماڻھوءَ يسوع اھي ھٿ ۾ کڻي، انھن مان ايتري
”ماني مڇي“ ڪئي، جو ھي سڀ ماڻھو اھا کائي ڍؤ ڪري
اٿيا! جڏھن اھا ڳالھھ اميءَ کي ٻڌائيندس تھ ھوءَ
ڇا چوندي؟ ھوءَ منھنجي ڳالھھ تي ويساھھ ئي ڪانھ
ڪندي. آءٌ ڪيڏو نھ خوش آھيان ۽ مون کي فخر آھي، جو
منھنجي ”مڇي ماني“ ھي سڀيئي ماڻھو کائي وڃي مٿي
چڙھيا. شل منھنجي اميءَ جي پڪل ماني ھنن کي وڻي
ھجي!“
يسوع ۽ ھن جي ساٿين بھ ماني کاڌي. ڇوڪري لڄي لڄي
ٿيندي، ھنن سان ڳالھايو: ”منھنجي امڙ اھي لولا
پچايا ھئا، ۽ مون پاڻ سمنڊ مان اِھي مڇيون ماريون
ھيون!“
”ھائو، انھن کان سواءِ مون کان ڪجھھ بھ نھ ٿي سگھي
ھا، “ يسوع سچ پچاڻيءَ مان چيو، ۽ ڇوڪري ۾
نھاريندي، ھن جي اکين ۾ پيار ۽ خوشيءَ جي چمڪ اچي
ويئي.
پوءِ جڏھن سڀيئي کائي اٿيا تھ ڏٺائون تھ سڄو پٽ
مڇي جي ڪنڊن ۽ مانيءَ جي ڀورن سان ڇانيو پيو ھو.
يسوع پنھنجن ساٿين کي اٿاريو ۽ چوڌاري انھن ڪنڊن ۽
ڀورن جي گڏ ڪرڻ لاءِ چيو. ٽڪريءَ جي ان سھڻي پٽ کي
خراب حالت ۾ ڇڏڻو نھ ھو، ۽ قدرت جي ڪابھ شيءِ زيان
ڪرڻي ڪانھ ھئي. ڇوڪري بھ ان ڪم ۾ ھنن جي مدد ڪئي،
۽ ھو اھي ڪنڊا ۽ ڀور چونڊي چپوٽي پنھنجي ٽٻڻي ۾
وجھندو ويو. جڏھن سڀ ڪنڊا ۽ ڀور چونڊجي ويا، تڏھن
ڇوڪري ڏٺو تھ انھن مان سڄيون ساريون ٻارنھن
ٽوڪريون ڀرجي ويون!
”ھيءَ تھ ڏاڍي عجيب ڳالھھ آھي“، ڇوڪري سوچيو. ”مون
تھ پنھنجي ماني فقط ھڪڙي ٽٻڻي ۾ وجھي آندي ھئي - ۽
ھاڻي رڳو ان جي ڪنڊن ۽ ڀورن سان ئي ھي ٻارھن
ٽوڪريون ڀرجي ويون آھن.“
ان رات، گھر تائين پھچندي پھچندي، ھو ڏاڍو ٿڪجي
پيو ھو. پر ھو دل ۾ ڏاڍو خوش ھو. گھر جي در تي
پھچڻ سان ھن وٺي ڊوڙ پاتي ۽ وڃي ماءُ سان ڀاڪي
پائي مليو. ھن جي ماءُ سمجھي ويئي تھ ڪا ڳالھھ
ضرور ٿي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ڇوڪري جون اکيون خوشيءَ ۾
ٽڙي رھيون ھيون.
”امي، لولا جيڪي تو پچايا ۽ مڇيون جيڪي مون
ماريون، اھي ھزارن ماڻھن کاڌيون ۽ اھي کائي انھن
کي ڍؤ ٿي ويو“، ڇوڪري چيو. ”ٻڌ، امي، آءٌ ٿو توکي
ٻڌايان – اڄوڪو ڏينھن منھنجي حياتيءَ جو سڀ کان
سڀاڳو، سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان سٺو ڏينھن ھو!“
32
: يروشلم ڏانھن ويندي...
توڻي جو يسوع سان ھزارين ماڻھو پيار ڪندا ھئا ۽ ھو
جيڏانھن ويندو ھو اوڏانھن ماڻھن جا انبوھھ ھن جي
پٺيان ھوندا ھئا، تھ بھ ڪيترا اھڙا ماڻھو ھئا، جن
جو ھن سان حسد ھوندو ھو ۽ اھي ھن کي ڌڪاريندا ھئا.
اھي مک ماڻھو ھوندا ھئا، جيڪي دين جي ڳڻڻ کان ٻاھر
قانونن جا وڏا ڄاڻو ھئا.
اھي ھن سان انھيءَ ڪري حسد ڪندا ھئا، جو عام ماڻھو
سندن وڏيءَ ڄاڻ ڀريل، وڏين تقريرن ٻڌڻ بدران ھن جي
سنون سڌن ٿورن لفظن ۽ سڌين سادين ٿورين ڳالھين ٻڌڻ
لاءِ ھن وٽ وڃي ڳاھٽ ٿيندا ھئا. اھي ھن تي انھيءَ
ڪري ڪاوڙيل ھوندا ھئا، جو ھو سندن شريعت يا ديني
قانون جي ننڍين ننڍين ۽ خسيس پائبندين جو خيال نھ
ڪندو ھو.
پر ھو ھن تي سڀ کان وڌيڪ انھيءَ ڪري ڪاوڙيل ھوندا
ھئا، جو سندن نيڪ ۽ شريف ھجڻ جي دعويٰ جي ڍؤنگ کي
ھو ڄاڻندو ھو، ۽ ڏيکاري سگھندو ھو تھ ھو سچ پچ
ڪوڙا ۽ خودغرض ھئا.
انھن کان گھڻا وڏي شھر يروشلم ۾ رھندا ھئا، جتي
خدا جو گھر ٺھيل ھو. يسوع اتي سلامت نھ ھو – پر ھن
محسوس ڪيو تھ وقت آيو ھو، جو ھو ان شھر ۾ وڃي ۽
وڃي خدا جو ڪلام ماڻھن کي ٻڌائي. ممڪن ھو تھ اتان
جا ماڻھو کيس ٻڌن - ۽، افسوس! ھي بھ ممڪن ھو تھ
اتان جا شرعي عالم، ربي ۽ مھنت، جيڪي کيس ڌڪاريندا
ھئا، اھي موقعو ڳولي، ھن کي گرفتار ڪرائين ۽ سزا
ڏيارين!
يسوع پنھنجن ساٿين سان، پوءِ، يروشلم ڏانھن روانو
ٿيو. يروشلم ڏانھن ويندڙ رستو ڊگھو ھو، ۽ رستي سان
ويندي ويندي، ھميشھ وانگر، يسوع جي چوڌاري ماڻھن
جا انبوھھ اچي ٿي گڏ ٿيا. جيڪي بيمار ھئا، انھن ھن
کي چڱي ڀلي ٿيڻ لاءِ چيو ٿي. ڪيترن ھن کان سوال ٿي
پڇيا، جن جي جواب ۾ ھن ڪيئي آسان ۽ وڻندڙ ڳالھيون
ٿي ٻڌايون. ۽ ڪيترا، جيڪي ڪنھن ڏک ۽ تڪليف ۾ ھئا،
انھن کي ھنن مدد ٿي ڪئي. جن ھن کي ڪن لائي ٻڌو ٿي،
انھن کي ھن وعظ ٿي ڪيو ۽ ماڻھپي جي راھھ تي ھلڻ جي
ھدايت ٿي ڪئي.
يروشلم ڏانھن ويندي، يسوع ۽ ھن جي ساٿين رستي ۾
ڪيئي ٻيا مسافر ڏٺا، جيڪي پڻ اوڏانھن، ڪنھن جشن ۾
شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رھيا ھئا. ۽ سچ پچ، ڪو موقعو ئي
اھڙو ھو، جو ايترا تھ گھڻا ماڻھو اوڏانھن وڃي رھيا
ھئا، جو رات جو سمھڻ لاءِ، رستي جي ڳوٺن ۾، مشڪل
سان ڪنھن کي ڪا جاءِ ملي ٿي سگھي.
ھڪ رات ڇا ٿيو، جو يسوع پنھنجن ساٿين کي اڳواٽ
ھڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ موڪليو تھ اتي رات گذارڻ لاءِ ڪا
جاءِ ھٿ ڪري سگھن. پر ھيءُ ڳوٺ سامريھ جي علائقي ۾
ھو، ۽ اتي جا رھندڙ سامري لوڪ گليل جي علائقي جي
ماڻھن کي پسند ڪونھ ڪندا ھئا.
”اسين يروشلم جا مسافر آھيون“، يسوع جي ساٿين چيو.
”ڇا، اوھين اسان کي رات جا چار پھر اجھو ڏيئي
سگھندا؟“
”نھ“، ھڪڙي سامريءَ شوخيءَ سان چيو، ”نھ ٿا ڏيئي
سگھون.“
”اسين اوھان کي پنھنجي ڳوٺ ۾ ڏسڻ بھ نٿا گھرون“،
انھن مان ٻئي چيو.
”اسين پاڻ وٽ اوھان جھڙن ماڻھن کي اجھو نھ ڏيندا
آھيون“، منجھانئن ٽئين چيو.
يسوع جا ساٿي ھنن جي ھن بي مروت روش تي ڏاڍا ناراض
ٿيا، ۽ تکا تکا موٽي يسوع وٽ آيا ۽ اچي ھن سان
شڪايت ڪيائون تھ سماري لوڪ ڏاڍا ڪي نالائق ماڻھو
ھئا، بلڪ ھو تھ ڪي حيوان ھئا!
”سائين، ھو تھ چون ٿا تھ ھو اسان کي پنھنجي ڳوٺ ۾
ڏسڻ بھ نٿا گھرن!“ ھنن ڪاوڙ جي انداز ۾ چيو.
”ھنن کي اھا خبر ئي ڪانھي تھ ھو ڪنھن کي موٽائي
رھيا آھن“، جيمس دڙڪي جي آواز ۾ چيو.
”سائين، ھنن کي ڪا سيکت ملڻ کپي!“ يوحنا رڙ ڪري
چيو. ”ھنن کي اھڙي ڪا پِٽ ھڻو، جو آسمان مان باھھ
مٿن اچي ڪري، ۽ ھي واھيات قسم جا ماڻھو ڀسم ٿي
وڃن.“
يسوع ھنن پنھنجن غصي ۾ ڀريل ساٿين جي منھن ۾
ڏاڍيءَ ڏکويل دل سان نھاريو. ڇا، ھي کانئس ايترو
ڪجھھ بھ نھ سکي سگھيا آھن، جو کانئس اھڙيءَ ڳالھھ
جي اميد رکن ٿا، جا ھڪ ڪروڌ ۽ تيسي ۾ ورتل ٻار بھ
ھوند نھ ڪري سگھي!
”اھو سوچ جو صحيح رستو نھ آھي“، ھن پنھنجن ڪاوڙيل
ماڻھن کي چيو. ”اوھين تھ ڄاڻو ئي ٿا تھ آءٌ ماڻھن
جون حياتيون بچائڻ آيو آھيان، ۽ نھ برباد ڪرڻ! ھن
ڳوٺ ۾ اسان لاءِ آرام ناھي، تھ پاڻ ٻئي ڳوٺ ڏانھن
ٿا ھلون!“
۽ ھو اتان ڦري، ٻئي ڳوٺ ڏانھن ھليا ويا. يسوع جا
ساٿي پاڻ ۾ ان ڳوٺ جي سامرين بابت گھڻو ڪجھھ
ڳالھائيندا رھيا، ۽ چوندا رھيا تھ سڀ سامري لوڪ
نالائق آھن ۽ ڌڪارڻ جوڳا آھن. ھنن جي نظر ۾ سڀ
سامري خراب ھئا، ۽ بلڪل حق تي ھر ڪنھن ھنن سان
نفرت ٿي ڪئي ۽ ڪنھن بھ ھنن کي چڱو نٿي سمجھيو.
يسوع کي ھنن جون اھي ڳالھيون ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. ڇا،
سامري لوڪ سڀ خراب ھئا، جيئن ھنن سمجھيو ٿي! ھيءَ
ڪھڙي نھ چريائيءَ جي ڳالھھ ھئي، جو سڀني ماڻھن جي
خلاف فيصلو ڏيئي ڇڏجي ۽ چئجي تھ اھي سڀ خراب ھئا!
يسوع ھن سوال تي ڏاڍو ويچار ڪيو، ۽ پوءِ ان بابت
پنھنجا خيال ھڪڙيءَ ننڍڙي ڳالھھ جي صورت ۾ پنھنجن
ساٿين کي ٻڌايائين، جيڪا اوھان کي بھ ضرور ٻڌڻ
گھرجي.
اتفاق اھڙو ٿيو، جو ھڪڙو تمام ڏاھو ماڻھو، جيڪو
دين جو وڏو عالم ھو، تنھن، آزمائڻ لاءِ، يسوع کان
ڪيئي آڏا ابتا سوال پڇڻ شروع ڪري ڏنا. ھن ڇا ڪيو،
جو ماڻھن جي وڏي انبوھھ جي آڏو اٿي بيٺو، تھ جيئن
يسوع جيڪي کيس جواب ڏئي، سي اھي سڀ ٻڌي سگھن. ھو
ائين سوال پڇندو رھيو ۽ يسوع ھن کي جواب ڏيندو ھو،
۽ نيٺ جڏھن ھو گھڻا سوال پڇي چڪو، تڏھن يسوع بھ
کانئس ھڪڙو سوال پڇيو.
”تون، برابر، خدا جي قانون بابت سڀ ڪجھھ ڄاڻين ٿو،
۽ جو ڪجھھ ان ۾ لکيل آھي اھو بھ ڄاڻين ٿو. ھاڻي،
تون مون کي ٻڌاءِ تھ ان ۾ تنھنجي خيال موجب مک
ڳالھھ ڪھڙي آھي؟“
ان ماڻھوءَ ھڪدم جواب ڏنو – ”خدائي قانون چوي ٿو
تھ اسان کي خدا سان پيار ڪرڻ گھرجي – پنھنجي
پوريءَ دل سان، پنھنجي پوري روح سان، پنھنجي پوري
من سان ۽ پنھنجي پوريءَ طاقت سان؛ ۽ اسان کي
پنھنجي پاڙيسريءَ سان ائين ئي پيار ڪرڻ گھرجي،
جيئن اسين پنھنجي پاڻ سان پيار ڪريون ٿا.“
”برابر، تون سچو آھين“، يسوع چيو. ”بس، تون ائين
ئي ڪر، تھ تون خدا ساڻ ۽ خدا تو ساڻ ھوندو.“
پر ان ماڻھوءَ وٽ ھڪڙو سوال اڃا بھ پڇڻ لاءِ ھو.
”۽ ڪير آھي منھنجو پاڙيسري؟“ ھن پڇيو. ”اِھو تھ
تون بھ مون کي ٻڌاءِ!“
پوءِ يسوع ھن کي ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڳالھھ ڪري ٻڌائي،
جيڪو ڦرجي ويو ھو. ۽ ھيءَ آھي اھا ڳالھھ.
33
: نيڪ سامريءَ جي ڳالھھ
”ھڪڙو ڪو ماڻھو ھو“، يسوع چيو، ”جيڪو ھڪڙي ڀيري
ويران جبلن جي پاسي کان رستو وٺيو، يروشلم کان
يريحو ڏانھن پئي ويو....“
جيئن ھو ويو پئي تھ ڦورن جي ھڪڙي ٽولي، جيڪي جبلن
جي ڪنھن چر ۾ لڪا ويٺا ھئا، ھن کي ڏسي ورتو، ۽
اوچتو اتان نڪري، اھي ھن تي اچي ڪڙڪيا، ۽ ھن کي
کڻي جھليائون. ھنن ھن جي رڙين جي ڪا پرواھھ ڪانھ
ڪئي، ڇاڪاڻ تھ ڪوبھ اتي ھن کي ٻڌڻ وارو ڪونھ ھو ۽
ڪوبھ ھن کي مدد ڪرڻ وارو ڪونھ ھو.
ڦورن جھٽ ۾ ھن جو سمورو سامان ھن کان ڦري ورتو.
”ھاڻي، ڪپڙا بھ ٿا کسيونس“، ھنن چيو، ۽ سڀ ڪپڙا
ھن جا ھڪ ھڪ ڪري، ھنن لھرائي ورتا. پوءِ ھن کي
بيھي مارڻ لڳا. ۽ ماري ماري، اڌ مئو ڪري، ھن وٽ جو
ڪجھھ ھو، سو سڀ کڻي، ھو ھليا ويا.
مسافر کي ڏاڍا ڌڪ لڳا ھئا ۽ ھو سخت ڦٽجي پيو ھو.
ھو ھلي ئي نٿي سگھيو. ائين ھو بيوس رستي تي ڪريو
پيو ھو ۽ ستي ستي، ڪنجھيو پئي ۽ ڪوڪون پئي ڪيائين.
ھن جي مٿي مان رت پئي وھيو، ۽ سڄو بدن ھن جو چور
ھو. ھو اڌ مئو اڳي ئي ھو، ۽ جيڪڏھن ڪا ترت ھن کي
مدد ملي نٿي سگھي تھ سج لھڻ کان اڳ ھن جو موت
يقيني ھو.
ائين اوچتو ھن پري کان ڪنھن جي پيرن جو آواز ٻڌو،
۽ دل ۾ آس جاڳيس. ھن مٿو کڻي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي تھ
ڪير ھو، جو اتان پئي آيو. ۽ جڏھن ڏٺائين تھ ھڪڙو
ربي ھو، جيڪو ڏانھنس پئي آيو، تڏھن ھو ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ پڪ ٿيس تھ ھو ضرور سندس مدد ڪندو.
ھن وانگر ربي بھ يروشلم مان ئي موٽيو ھو، جتي ھو
”خدا جي گھر“ جي زيارت لاءِ ۽ پنھنجن ديني فرضن جي
ادا ڪرڻ لاءِ ويو ھو. ربي جيئن اڳتي آيو، تيئن
مسافر جون دانھون ٻڌائين ۽ ويجھو ايندي ڏٺائين تھ
ھو رستي جي وٽ سان پيو ھو ۽ رت ڳاڙي رھيو ھو.
پر ربيءَ، رستي جو اھو پاسي ڇڏي ھڪدم ٻيو پاسو
ورتو، ۽ جيئن وڃي رھيو ھو تيئن ئي ھو اڳتي نڪري
ويو. ھن لؤڻو ورائي، پوريءَ طرح ڏٺو بھ ڪونھ تھ
مسافر ڪيترو ڦٽيل ھو.
مسافر کي اھا ڳالھھ ويسھھ ۾ ئي نھ پئي ويٺي، جڏھن
ھن ڏٺو تھ ربي، جيڪو خدا وارو ٿي سڏيو، سو ائين ھن
کي مدد ڪرڻ کان سواءِ ئي، ھن وٽان منھن ڦيرائي
ھليو ويو! ھن وري ڪنجھڻ شروع ڪيو ۽ ھن جو مٿو
پوئتي مڙي، وري زمين سان وڃي لڳو، ۽ اتي زمين تي
پِئي پِئي، ھن جي ڪنن ۾ ربيءَ جي اڳتي ويندڙ پيرن
جا آواز ٻرندا رھيا.
”من ٻيو ڪو ھاڻي ھتان لنگھي!“ ھن سوچيو. ”۽ جي اچي
بھ تھ ڪو سگھو اچي، نھ تھ رات پئجي ويندي! ۽ رات
وچ ۾ تھ آءٌ مري ويندس!“
پوءِ، ٻين پيرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جيڪي جيئن پوءِ
تيئن ويجھا ٿيندا ويا. ھن وري پنھنجو رت ڳاڙيندڙ
مٿو مٿي کنيو. ھائو – اھو ٻيو ھڪڙو مسافر ھو، لاوي
فرقي جو ھڪڙو راھب، جيڪي ”خدا جي گھر“ ۾ رھندا ھئا
۽ ربين کي ديني ڪريا ڪرمن جي ادا ڪرڻ ۾ مدد ڪندا
ھئا. ھو ضرور ھن جي مدد ڪندو، ھو ضرور ڪھل ڪندو.
راھب زخميءَ کي رستي جي ٻيءَ وٽ سان پيل ڏٺو. ”آءٌ
ڀانيان ٿو تھ ھن کي ڦورن ھلان ڪري ڦريو آھي“، ھن
سوچيو. ”رستو پار ڪري، وڃي ٿو ھن کي ڏسان تھ ڇا
ٿيو اٿس!“
ائين ھو لاوي راھب رستو اڪري، ھن وٽ ويو، ۽ نوڙي
ھن کي ڏسڻ لڳو. زخميل مسافر، جو ھي ڏٺو، سو ھن جي
دل خوشيءَ ۾ ڀرجي ويئي. راھب ڏٺو تھ ھن جا ڪپڙا بھ
کڻي ويا ھئا. ھن ڏٺو تھ ھن جو سمورو سامان ڦري ويا
ھئا، ۽ ھن وٽ باقي ڪابھ شيءِ بچيل ڪانھ ھئي. ھن
ڏٺو تھ ھن کي ڏاڍي بي رحميءَ سان ماريو ويو ھو، ۽
ھن جو سڄو مٿو ڌڪيو پيو ھو.
۽ اھو سڀ ڪجھھ ڏسڻ کان پوءِ، ھو من جي پوريءَ سانت
سان، موٽي، پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. زخميل
ماڻھوءَ کي مدد ڪرڻ جي تڪليف ھن کان سٺي ڪانھ پڳي.
۽ ھو ويچارو زخميل مسافر اھو ئي رستي جي ڀر ۾ پيو
رھيو، ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ھيڻو ٿيندو ويو. ھن
جي دل ۾ ھاڻي ڪابھ اميد ڪانھ رھي ھئي تھ ھن جي مدد
لاءِ ڪٿان ڪو ٻيو ايندو. پر عين ان گھڙيءَ ھن وري
پيرن جو ٻيو کڙڪو ٻڌو.
ھن وري بھ پنھنجو مٿو مٿي کنيو. ھن ڏسڻ ٿي چاھيو
تھ ھن ڀيري ھيءُ مسافر ڪير ھو! ھن ڏٺو تھ اھو
سامري ھو، سامرھ علائقي جو رھاڪو ھو، ۽ پنھنجي
ڪنھن ڪم سانگي ان رستي سان ڪيڏانھن وڃي رھيو ھو.
”ھيءُ منھنجي مدد ڪونھ ڪندو“، ھن ڏک ۾ ڀرجي سوچيو.
”مون سدائين اِھو ئي ٻڌو آھي تھ سامري لوڪ چڱا
ماڻھو نھ آھن. ربي، مھنت ۽ لاوي فرقي وارا راھب
سامرين کي پاڻ کان گھٽ ڀائيندا آھن ۽ انھن مان
ڪنھن سان گڏجي ساڳئي گھر ۾ رڳو سمھڻ بھ ھو عار
سمجھندا آھن. اڄ سچ پچ بھ تھ آءٌ ڪيڏو نھ بدنصيب
آھيان!“
سامري ھڪڙي ننڍڙي گڏھھ تي چڙھيل ھو، ۽ جيئن ويجھو
ايندو پئي ويو تيئن ھن جي من ۾ پنھنجي ڪاروبار جون
ئي ڳالھيون ڀڻڪاٽ ڪري رھيون ھيون. ھن جون اکيون
سامھون رستي ۾ ئي کتل ھيون. اوچتو ھن پنھنجي اڳيان
ھڪڙو ڦٽيل ماڻھو رستي جي ڀر ۾ پيل ڏٺو ۽ ھن جا ڪن
کڙا ٿي ويا.
”ھيءُ وري ڇا آھي؟“ ھن سوچيو، ۽ ھو گڏھھ سوڌو اڳتي
وڌي، سڌو وڃي ان ماڻھوءَ جي مٿان بيٺو. ھو پوءِ
فورا گڏھھ تان لھي پيو ۽ نمي ان کي ڏسڻ لڳو. ھن
جڏھن ڏٺو تھ ويچارو ڪو مسافر ھو، ۽ سڄو ڦٽيو پيو
ھو، ۽ ان جي سڄي بت تي زخم لڳل ھئا، جن مان رت وھي
رھيو ھو، تڏھن ھن جي روح کي ڏاڍو جھٻو آھي، ۽
منجھي پيو تھ ڇا ڪري، ڇا نھ ڪري.
ھو پوءِ اٿي پنھنجي گڏھھ وٽ ويو، ۽ پنھنجي سامان
مان ڪي شيشيون ڪڍيائين. انھن ۾ تيل ھو ۽ شراب ھو.
ھن انھن مان ٿورو ٿورو تيل ۽ شراب نائي ان ماڻھوءَ
جي ڦٽن ۾ وڌو، ۽ ائين انھن کي ڪجھھ ڪجھھ صاف
ڪيائين، ۽ پوءِ جيئن تيئن انھن کي ڪپڙي جي ليڙن
سان ٻڌائين.
”ڪيئن، ھي ٺيڪ آھي نھ!“ ھن پڇيو. ”تون اٿي سگھين
ٿو! جيڪڏھن اٿي سگھين تھ آءٌ توکي پنھنجي گڏھڙي
تائين وٺي ھلان. تون ان تي جيئن تيئن ڪري چڙھي
ويھھ، تھ اڳتي ھلون – آءٌ توکي جھليو ھلندس. تون
پنڌ تھ نھ ٿو ڪري سگھين!“
زخمي شخص بيھي بھ مشڪل سان ٿي سگھيو، پر سامريءَ
جي مدد سان گھڏي گھڏي، ھو ننڍڙي گڏھھ تائين تي
چاڙھي ان دياوان سنگتيءَ ھن کي پوءِ ٽيڪ ڏيئي گڏھھ
تي چاڙھي ويھاريو. ھو پوءِ کيس ھڪڙي ھٿ سان جھليو
۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي گڏھھ جي واڳ سنڀاليندو، گڏھھ
کي رستي تي وٺي آيو، ۽ ائين ھو پوءِ آھستي آھستي
اڳتي وڌڻ لڳا.
پنھنجن سورائتن ڦٽن کي ائين صاف ٿيندي ۽ ٻڌجندي
ڏسي ڪجھھ آرامجندي محسوس ڪندي، زخمي مسافر جي دل
کي ڪافي آٿت آيو، پر وڏي ڳالھھ تھ جڏھن ھن ڏٺو تھ
اھڙو ڪو سٻاجھو ۽ پر اپڪاري شخص بھ ھو، جيڪو ھڪڙي
بيواھي، زخمي ماڻھوءَ لاءِ ايترو تڙڦي ٿي سگھيو ۽
ايترو ڪجھھ ڪري ٿي سگھيو، تڏھن ھن جي دل جو گھڻو
بار لھي ويو ۽ ھن ڏاڍي سرھائي محسوس ڪئي. پر اڃا
ان نيڪ سامريءَ ھن منجھان ھٿ ڪونھ ڪڍيو ھو. ھو سڄو
رستو ھن کي ھٿ ڏيو، پنھنجي گڏھھ جي پاسي سان پاڻ
پيرين پنڌ ھلندو، کيس ھڪڙي مسافر خاني تائين وٺي
آيو، ۽ واڪو ڪري مسافر خاني جي مالڪ کي ٻاھر
سڏيائين.
”مون کي ھن مظلوم لاءِ ھڪڙو سٺو ڪمرو گھرجي“، ھن
چيو. ”ھيءُ راھھ ويندي ھڪ ڦريل لٽيل انسان آھي، ۽
ڏاڍو زخميل آھي. آءٌ رات جو ھن جي سنڀال ڪندس تھ
ھيءُ ڪجھھ ھلڻ جھڙو ٿي سگھي. تون مون کي ھن لاءِ
ڪو سھولت وارو ڪمرو خالي ڪرائي ڏي!“
زخمي ماڻھوءَ کي پوءِ سگھو ئي ڏاڍي ھڪ سکئي ۽
سھنجي بستري تي سمھاريو ويو. سامريءَ ھن جا ڦٽ وري
ڌوئي صاف ڪيا، ۽ ھن کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھھ
ڏنائين. ”تون ھاڻي سمھي ننڊ ڪر“، ھن کي چيائين.
”صبح تائين، تون ڪافي پاڻ کي بھتر ڏسندين!“
ماڻھو پوءِ سمھي پيو. ھو صبح جو اٿيو، تھ ڪمزور ھو
۽ سڄو بُت ھن جو سور ڪري رھيو ھو، پر ھن پاڻ کي
گھڻو بھتر محسوس ڪيو. سامريءَ ڏٺو تھ ھو ھاڻي جِي
سگھيو ٿي، بشرطيڪ ھن جي پوري دوا دارون ۽ ٺيڪ خدمت
چاڪري ٿئي. ھو پوءِ اٿي، مسافر خاني جي مالڪ وٽ
ويو.
”مون کي ھاڻي وڃڻو آھي“، ھن چيو. ”پر آءٌ چاھيان
ٿو تھ تون ھن ماڻھوءَ جي پوري ڌيان سان سنڀال ڪر،
۽ ان لاءِ پئسن جي توکي جيڪا گھرج ٿيندي، سا آءٌ
پوري ڪندس. ھان، ھي ڪجھھ پئسا وٺ! انھن مان تون ھن
تي خرچ ڪج، ۽ ٻيا جيڪي ھيءُ گھري، سي ھن کي ڏج –
جيستائين ھيءُ خير سان ٺيڪ ٺاڪ ٿي وڃي، ۽ پيرين
سيرين ٿي، پنھنجي منھن ھلي چلي سگھي.“
”حاضر سائين، ائين ئي ٿيندو“، مسافر خاني جي مالڪ
جواب ڏنو، ۽ سامريءَکان ھن اھي پئسا وٺي پنھنجي
حوالي ڪيا.
”جيڪڏھن توکي انھن کان وڌيڪ پئسا خرچ ڪرڻا پون تھ
آءٌ جڏھن موٽي اچان تھ مون کي ٻڌائج، تھ آءٌ توکي
اھي بھ ڏيندس“، سامريءَ ھن کي چيو، ۽ پوءِ، ھن کان
موڪلائي، پنھنجي گڏھڙي تي چڙھي، ھو اتان پنھنجو
رستو وٺي روانو ٿي ويو.
جڏھن يسوع ھيءَ ڳالھھ ڪري پوري ڪئي، تڏھن ھن
پنھنجون سجاڳ ۽ پيار ڀريل اکيون کڻي ان عالم شخص
ڏانھن نھاريو، جنھن کانئس سوال پڇيو ھو تھ ھن کي
ڪيئن خبر پوي تھ ھن جو پاڙيسري ڪير ھو.
”ھاڻي“، يسوع ھن ڏانھن پوري توجھھ سان ڏسندي، چيو،
”تون ئي ٻڌاءِ تھ انھن ٽنھي مسافرن مان ڪھڙو ان
ماڻھوءَ جو سٺو پاڙيسري ھو، جيڪو ڦورن جي ور چڙھي
ويو ھو ۽ رستي تي بکيو ۽ اگھاڙو ۽ ڦٽن ۾ چور اڌ
مئو ٿيو ڪريو پيو ھو – اھو پادري، اھو لاوي فرقي
وارو راھب، يا اھو سامري؟“
ان تي، ان ماڻھوءَ جواب ڏنو: ”اھو، جنھن ھن تي ديا
ڪئي.“
”تون صحيح آھين“، يسوع چيو. ”ھاڻي وڃ، ۽ وڃي ائين
ڪر – وڃي انھن تي ديا ڪر ۽ انھن جي شيوا ڪر، جن کي
ان جي گھرج آھي، ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان ائين ئي
پيار ڪر جيئن تون پنھنجي پاڻ سان پيار ڪرين ٿو!“
34
: يسوع ۽ ننڍڙو محصول اڳاڙيندڙ
يسوع ۽ ھن جا ساٿي، يروشلم ڏانھن ويندي، يريحو ۾
اچي ترسيا. ھميشھ وانگر ماڻھن جا انبوھھ ھنن جي
آدرڀاءَ لاءِ ڪٺا ٿي ويا، ڇو تھ شھر جو ھر ڪو
ماڻھو يسوع کي ھڪ وار ڏسڻ لاءِ آتو ھو.
اتي يريحو ۾ ھڪڙو ماڻھو ھو، جو تمام شاھوڪار ھو ۽
ان کي ماڻھو بيحد گھڻو ڌڪاريندا ھئا. ان جو نالو
زڪائي ھو، ۽ ھو ھڪ محصول اڳاڙيندڙ ننڍو سرڪاري
عملدار ھو. محصول اڳاڙيندڙ سڀني عملدارن کي ماڻھو
ڌڪاريندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ اھي گھڻو ڪري سڀ بي ايمان
ھئا ۽ ماڻھن کان محصول جي اصل رقم کان وڌيڪ رقم
اڳاڙيندا ھئا. ھو گھڻا پئسا مٿان ئي مٿان پنھنجن
کيسن ۾ وجھي ڇڏيندا ھئا، ۽ انھيءَ طرح ھو ھڪدم
ڏاڍا وڏا شاھوڪار بڻجي ويندا ھئا.
زڪائي بھ تمام وڏو شاھوڪار ھو، ھن کي عاليشان گھر
ھو، ۽ ھن وٽ نوڪرن جي ڪمي ڪانھ ھئي. پر يريحو جا
ماڻھو ھن کان پري پري رھندا ھئا، ”ھيءُ ھڪ خسيس،
پاپي ۽ ظالم شخص آھي!“ ھو چوندا ھئا، ”ھيءُ اسان
کان محصول ڪونھ ٿو اڳاڙي، پر اسان کي ڦري ٿو. اسان
جي ھن کي شناس ڪانھي، ۽ اسين ڪڏھن بھ ھن جي گھر نھ
وينداسين.“
ڪڏھن ڪڏھن خود زڪائيءَ کي بھ پاڻ تي ۽ پنھنجي دولت
تي شرم اچي ويندو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن کي خبر ھئي تھ
ھن اھا ماڻھن کان ڦري ڪٺي ڪئي ھئي ۽ ان لاءِ ھن
ڏاڍا بي واجبي ۽ غلط ڪم ڪيا ھئا. اھڙي سوچ روز روز
ھن کي ڪانھ ستائيندي ھئي، پر ڪڏھن ڪڏھن ھن جي من ۾
اچي ويھندي ھئي – خاص طرح تڏھن جڏھن اھي ماڻھو جن
کي ھو کيڪارڻ گھرندو ھو ۽ پنھنجو دوست بنائڻ
چاھيندو ھو، اھي ھن کان، رستي پنڌ تي گڏجڻ تي،
منھن ڦيري ھليا ويندا ھئا. ھو ڪو بنھھ سنگدل ۽
بدڪار ماڻھو ڪونھ ھو، جھڙا پنھنجي رستي تي پڪا ٿي
ويل ٻيا محصول اڳاڙيندڙ عملدار ھوندا ھئا. انھن جي
ڀيٽ ۾، زڪائيءَ ۾ ڪا چڱائي مڙيو ئي ھئي، جا سدائين
ھن جي اندر مان نڪري ٻاھر اچڻ جي ڪوشش پيئي ڪندي
ھئي.
ھڪڙي ڏينھن ھن ٻڌو تھ يسوع يريحو ڏانھن اچڻ وارو
ھو، بلڪ اچي رھيو ھو. ٻين سڀني ماڻھن وانگر
زڪائيءَ بھ اھي ڳالھيون ٻڌيون ھيون، جيڪي يسوع
ٻڌايون ٿي، ۽ ھن جيڪي ڪيترائي عجب ۾ وجھڻ جھڙا
ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا ھئا، اھي بھ زڪائيءَ جا ٻڌل
ھئا. ھن کي شايد ھيءَ بھ ڄاڻ ھئي تھ يسوع جي ساٿين
۾ ٻھ اھڙا ساٿي بھ ھئا، جيڪي پھريائين محصول
اڳاڙيندڙ عملدار ھئا. ھن جي دل ۾ انھيءَ ڪري يسوع
کي ڏسڻ جي تمام گھڻي سڪ ھئي.
انھيءَ ڪري، جڏھن ھن ڏٺو تھ ٻاھر وڏي گھٽيءَ ۾
ماڻھن جا انبوھھ گڏ ٿي رھيا ھئا، تڏھن ھو بھ انھن
۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻاھر نڪتو. پر ھو قد جو ڇوٽو ھو،
۽ ھن ترت ئي محسوس ڪيو تھ ٻاھران بيھي يسوع کي ڏسڻ
جو ھن کي ڪڏھن بھ وجھھ ملي نھ سگھندو – ڇو تھ ھن
ڪيتريون بھ کڙيون کڻي اندر ٿي نھاريو، تھ بھ ماڻھن
جي ڪلھن تائين بھ ھو پھچي ڪين ٿي سگھيو. انھيءَ
ڪري ضروري ھو تھ انبوھھ ۾ گھڙي ھن کي ويجھو ڪٿي
سامھون وڃي بيھڻ کپي.
پر ھو ڪيترو بھ کڻي ڇوٽو ھو، تھ بھ ماڻھن ھن کي
اڳيان وڃڻ ئي نھ پئي ڏنو. ھو سڀيئي ھن کي سڃاڻندا
ھئا تھ ھو اھو ئي بڇان لائق محصول اڳاڙيندڙ زڪائي
ھو. انھيءَ ڪري جڏھن بھ ھن ٺونٺيون ھڻي، ۽ ٿونھا
ھڻي، اڳتي وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي تھ ھنن ھن کي جيڪي
سو پوئتي ڌڪي ٿي ڇڏيو، ۽ الٽو ھن کي ھو گھٽ وڌ
ڳالھائيندا بھ رھيا.
زڪائي بنھھ لاچار ٿي پيو. ائين تھ ھو ان سدگڻ
ساپرش جي جھلڪ بھ جھٽي ڪين سگھندو! پوءِ ھن جي من
۾ ھڪڙو ويچار آيو. ھو وڻ تي چڙھي ھن کي ڏسندو! ھن
کي اھو وڻ بھ ذھن ۾ ھو، جيڪو ھڪ وڏو وڻ ھو، ۽ ان
گھٽيءَ جي وٽ سان ھو، ۽ ان جون شاخون ۽ لامون وڌي،
گھٽيءَ جي اڌ تائين ٻاھر نڪري آيون ھيون. جيڪڏھن
ھو ان وڻ تي چڙھي، ٻاھر نڪتل وڏيءَ شاخ تي وڃي
ويھندو، تھ ھو سولائيءَ سان يسوع کي ڏسي سگھندو.
”مان ھاڻي کڻي ٿو وڻ تي چڙھان“، زڪائيءَ چيو.
”پريان رستي تان سڏ پيا ٻڌجن؛ ان جي معنيٰ تھ يسوع
ھاڻي اِتان اچي پيو.“
ھن وٺي وڏي وڻ ڏانھن ڊوڙ پاتي، ۽ تڪڙو تڪڙو،
پنھنجين ڇوٽين ٽنگن تي ٽپڪندو ۽ وڌندو، ان تي چڙھي
ويو. پوءِ ھو رڙھي ٻاھر نڪتل شاخ تي، ان جي لامن ۽
پنن ۾ لڪي وڃي ويھي رھيو، جيڪا وڌي گھٽيءَ جي ڪافي
حصي تي ڇانو ڪيو بيٺي ھئي.
يسوع پري کان، وک تي وک کڻندو، گھٽيءَ مان پئي
آيو. ماڻھو ھن جي چوڌاري انبوھھ ڪيو پئي آيا. جيئن
ھو ويجھو آيو، تھ زڪائي، ھن کي ڏسي، سولائيءَ سان
سمجھي ويو تھ ھو يسوع ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن جي منھن مان
اھڙي مريادا ۽ ھن جي اکين مان اھڙي جوت بکي رھي
ھئي، جو ٻار بھ ڏسي سمجھي وڃي، تھ ھو ھڪ بيحد
اعليٰ، غير معمولي ۽ نيڪ انسان ھو.
زڪائيءَ، يڪ ٽڪ، مٿان شاخ جي پنن مان جھاتي پائي،
ھيٺ پئي ڏٺو، ۽ يسوع جي منھن ۾ ھن جيڪا نيڪي ۽ ڏيا
ڏٺي ھئي، سا ھو وري وري چتائي ڏسي رھيو ھو. يسوع
جيئن پوءِ تيئن ھن جي ويجھو ايندو ويو. ۽ پوءِ
جيڪي ٿيو، تنھن زڪائيءَ کي سڄيءَ عمر جي حيرت ۾
وجھي ڇڏيو.
جيئن ھو وڻ وٽ پھتو، تيئن يسوع مٿي نھاريو. ھن ڏٺو
تھ ننڍڙو زڪائي اتان ھن ڏانھن جوھھ وجھي ڏسي رھيو
ھو، ۽ ھميشھ وانگر، انھيءَ ئي گھڙيءَ، يسوع ھن جي
دل جو حال پڙھي ورتو. ھن ان ۾ چڱائيءَ لاءِ سچي
اڪير موجود ڏٺي ۽ ھو سمجھي ويو تھ جيتوڻيڪ زڪائي
ھڪ ڌڪاڻيل محصول اڳاڙيندڙ عملدار ھو ۽ اڪثر وھنوار
۾ ماڻھن سان ھو بي ايماني بھ ڪندو ھو، پر انھن
سڀني ڳالھين ھوندي بھ ھو سڄي جو سڄو خراب ڪونھ ھو.
يسوع ڪنھن جي اندر ۾ ڪا چڱائي ستل ڏسندو ھو، تھ ان
کي جاڳائڻ ۽ اتان ٻاھر آڻڻ جو ضرور جتن ڪندو ھو.
ھو اٻوجھن، ھيڻن ۽ خطاڪارن جي سھائتا کي ئي پنھنجو
ڪم ڄاڻندو ھو. انھيءَ ڪري ھن فورا ننڍڙي زڪائيءَ
سان ڳالھايو، جيڪو ھن جي ڏسڻ لاءِ مٿي وڻ جي شاخ
تي چڙھيو ويٺو ھو. يسوع کي ھن جي نالي جي بھ خبر
ھئي!
”زڪائي!“ ھن چيو. ”سيگھھ ڪر ۽ ھيٺ لھي اچ. ڇاڪاڻ
جو اڄ آءٌ تو وٽ تنھنجي گھر اچڻ چاھيان ٿو.“
عجب اِھو ھو، جو زڪائي، اھا ڳالھھ ٻڌي، حيرت ۽
خوشيءَ ۾، وڻ تان ھيٺ ڪري ڪونھ پيو! – اھا ڳالھھ
تھ ھيءُ ٻئي جھان جو واسي، غير معمولي ماڻھو، ڪامل
انسان، جنھن جي منھن ۾ نور پئي بَکيو، سو ھن کي
پاڻ سڏي چوي تھ ”اڄ آءٌ تو وٽ تنھنجي گھر اچڻ وارو
آھيان!“ اِھا نيٺ ڪھڙي ڳالھھ ھئي! ھيءُ ڪھڙو ڪرشمو
ھو!
زڪائي، پنھنجو ھوش جاءِ ڪري، ھڪدم وڻ تان گھرڪي،
ھيٺ لھي آيو. ماڻھو ھن ڏانھن چپ بند ڪيو ڏسندا
رھيا. ھو ھن ڇوٽي ماڻھوءَ جي منھن ۾ مرڪ ڏسي، دل ۾
خوش ڪونھ ٿيا – ھو تھ ھڪ بنھھ نالائق ۽ بڇان اچڻ
جھڙو ماڻھو ھو! ھو خود يسوع تي عجب کائڻ لڳا. ھن
اھڙي ماڻھوءَ وٽ وڃڻ ئي ڇو ٿي چاھيو! ھن جي ڪپت ۽
بي ايمانيءَ جون ڪيتريون ئي ڳالھيون ھيون، جي ھو
کيس ھڪ ھڪ ڪري ٻڌائي سگھيا ٿي!
زڪائي، يسوع جي آدرڀاءَ جي تياريءَ لاءِ، ڊوڙي
پنھنجي گھر ويو. ھن جي دل خوشيءَ ۾ جھومي رھي ھئي.
ھن محسوس ڪيو تھ دنيا جا جيڪي بھ ماڻھو ھن ڏٺا
ھئا. تن سڀني ۾ يسوع وڏي کان وڏو ۽ ڏاھي کان ڏاھو
ماڻھو ھو، ۽ يسوع کان سواءِ ٻيو ڪوبھ ھن جي دل جي
روڳ کي سڃاڻي ڪونھ سگھيو ھو. ٻيا سڀ کڻي کيس
ڌڪارين ۽ ھڪلي ڪڍن، پر رڳو يسوع سندس گھر اچي ٿو –
ڇا، دنيا ۾ اِن کان وڌيڪ بھ ڪي ٻيو ھو گھري سگھيو
ٿي!
يسوع پوءِ ان ڇوٽي محصول اڳاڙيندڙ جي گھر ويو، ۽
پنھنجن ساٿين سان گڏجي ويھي اتي دعوت کاڌائين،
جيڪا زڪائيءَ ھن لاءِ تيار ڪئي ھئي. ھو ننڍڙو
ماڻھو ھنن جي خدمت چاڪريءَ ۾ بنھھ کٿو نٿي ماپيو،
ڇو تھ ھو دل ۾ ڏاڍو خوش ھو ۽ پاڻ کي سندن تمام
گھڻو احسانمند ٿي سمجھيائين.
پر دروازي جي ٻاھران ماڻھن جا جيڪي انبوھھ اچي
مڙيا ھئا، تن زڪائيءَ جي خلاف ڀڻ ڀڻ پئي ڪئي. ھنن
اندر ڏٺو پئي تھ يسوع زڪائيءَ سان گڏ ويھي، ماني
کائي رھيو ھو – ان زڪائيءَ سان، جنھن کي ھنن ھيترو
ڌڪاريو پئي! ھو زڪائيءَ جي ان خوش نصيبيءَ تي ڪروڌ
ڪري رھيا ھئا، ۽ سندن دل ۾ ھن لاءِ حسد جاڳي پيو
ھو. اِھو شرف ھن کي نھ ملڻ کپندو ھو – تھ يسوع ھن
جي گھر ھلي وڃي! ھو تھ ھڪ پاپي ۽ ڪپتيو ماڻھو ھو!
”اھا عزت تھ زڪائيءَ کي ھيڪاري کاري ڇڏيندي“، ھو
ھڪٻئي کي چوڻ لڳا. ”ھو پاڻ کي ڪا شيءِ سمجھڻ
لڳندو، ۽ جڏھن اسان کان محصول وصول ڪندو تڏھن پاڻ
اسان کي وڌيڪ ڦريندو. ھو تھ ھڪ ڪٺور ۽ پاپي ماڻھو
آھي.“
ماڻھن، جو ڪجھھ ھن لاءِ چيو ٿي، سو سڀ زڪائي ٻڌي
رھيو ھو، ڇاڪاڻ تھ اھو ماڻھن وڏي واڪ پئي چيو - ۽
انھيءَ لاءِ تھ ڀل ھو پنھنجن ڪنن سان ٻڌي، پڄري ۽
سڙي. ھن کي پوري خبر ھئي تھ ماڻھو ھن بابت ضرور
اھو ئي چوندا، جو ھو چئي رھيا ھئا؛ ڇاڪاڻ تھ ھو
انھن ڳالھين جي ئي لائق ھو. پر ان وقت ھو ايترو
خوش ھو ۽ ايڏيءَ بلنديءَ تي ھو، جو ھن کي ماڻھن جي
انھن ڳالھين تي ڪاوڙ ئي ڪانھ ٿي آئي – پر ھن کي
ھڪڙيءَ ڳالھھ جو اونو ھو تھ ھن بابت ماڻھن جون اھي
ڳالھيون ڪنھن ريت انھيءَ گھڙي يسوع جي ڪن نھ پون.
زڪائي پاٻوھھ ۽ ويساھھ سان مھمان ڏانھن ڏسندو
رھيو، ۽ يسوع بھ موٽ ۾ ٻاجھاري انداز ۽ مھر ڀرين
نگاھن سان ھن ڏانھن نھاريندو ٿي رھيو. زڪائيءَ جي
دل ۾ جيڪا بھ چڱائي لڪل ھئي، اھا مٿي اڀري آئي ۽
ھن جي دل ان جي سرھاڻ سان واسجي ويئي، ۽ ھن محسوس
ڪري ورتو تھ آئيندي ھن کي ڇا ڪرڻو ھو. ھن کي، ھن
زڪائيءَ کي، چڱو بڻجي ۽ چڱائيءَ تي عمل ڪري، ھن
ڪامل انسان کي ڏيکارڻو ھو تھ ماڻھن ھن لاءِ ڇا بھ
ٿي چيو، پر ھو چڱائي سڃاڻي سگھيو ٿي ۽ چڱو ٿي
سگھيو ٿي.
پوءِ زڪائي اٿي بيٺو ۽ يسوع سان ڏاڍيان ڳالھائڻ
لڳو، ايترو ڏاڍيان جيئن در تان بيھي ٻڌندڙ ماڻھو
بھ اھو ٻڌي سگھن، جو ھن چيو ٿي، ۽ ھو پوءِ اتان،
ٻاھر وڃي، اھو ٻين کي بھ ٻڌائي سگھن.
”سائين، منھنجا ڪامل رھبر!“ زڪائيءَ چيو. ”آءٌ
پنھنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ڏيان ٿو. ۽ جيڪڏھن
ڪنھن ماڻھوءَ کان مون ڪو ناجائز پئسو ورتو آھي، تھ
ھن کي آءٌ ان جي چؤڻ موٽائي ڏيندس.“
۽ پوءِ پنھنجي رھبر جي چھري ۾ نھاريندي، جيڪو
خوشيءَ ۾ ٻھڪي رھيو ھو، يسوع جي سڀني ساٿين کي
معلوم ٿيو تھ ھڪ ڀيرو وري بھ ھو پاڻ غلط ھئا ۽
سندن اھو معصوم آقا صحيح ھو، ۽ ھن ان ڪوڙي ڪپتئي ۽
محصول اڳاڙيندڙ شخص جي دل ۾ اھا نيڪيءَ جي جوت
جاڳائي ھئي، جا سڄي ان جي عمر اتي وساڻي پيئي ھئي.
ھو ھڪڙي خطاڪار شخص وٽ مھمان ٿي آيو ھو - ۽ ان جي
پوريل ۽ اونداھي گھر کي روشن ڪري، ھن ان جي سڄي
حياتي بدلائي ڇڏي ھئي، ۽ اھو جيڪو سڀ جو ڌڪاريل ۽
سڀ وٽ بي آبو ھو، سو سڀ کان پھرين خود پنھنجي پاڻ
وٽ ھڪ ڳري ۽ ملھائتي وٿ بڻجي پيو ھو.
”تون خدا جي ملوڪ ٻالڪن مان ھڪ ٻالڪ آھين“، يسوع
ھن کي چيو، ۽ ننڍڙي محصول اڳاڙيندڙ چمڪندڙ اکين
سان، ڪنڌ مٿي کڻي، پنھنجي محسن ڏانھن ڏٺو. اھو
زڪائيءَ جي زندگيءَ جو سچ پچ تھ سڀ کان وڏو خوشيءَ
جو ڏينھن ھو – اھو ھن جي زندگيءَ جو واقعي ھڪ
انوکو ۽ عجيب ڏينھن ھو.
35
: انڌي لاءِ خوشي
يريحو ھڪڙو وڏو شھر ھو، ۽ ڪيترائي ماڻھو ھر روز
اتي ايندا ھئا ۽ ڪيترائي اتان ويندا ھئا. ايندڙ
ويندڙ ماڻھن کان فقيرن کي ٻھ چار پئسا ملي ويندا
ھئا، جيڪي رستي جي ٻنھي وٽين سان، ھڪٻئي کان پري
پري، مسافرن ۾ اکيون وجھيو ويٺا ھوندا ھئا ۽ ويٺا
پئسي پئسي لاءِ سين ھڻندا ھئا ۽ پائي پائي پنندا
ھئا.
انھن فقيرن ۾ ھڪڙو انڌو فقير ھوندو ھو، جنھن جو
نالو برتمائي ھو. ھو راھگيرن کي ڏسي ڪونھ سگھندو
ھو، پر انھن جي پيرن جو کڙڪو ھو ضرور ٻڌندو ھو. ھو
انھن جي دل کي رجائڻ لاءِ صدائون ڪندو ھو، ۽ انھن
مان ڪيترا ھن جي کنيل ھٿ ۾ ڪڏھن پئسو ڪڏھن پائي
وجھي، جھٽ جھٽ کانئس مٽي ويندا ھئا. ھو ھڪڙو دکي
غريب شخص ھو، ۽ پنھنجي نابينائيءَ سبب ٻئي ھر ڪم
ڪرڻ کان لاچار ھو. ھو بس اھو ئي ڪري سگھيو ٿي تھ
رستي جي پاسي سان مٽيءَ ۾ مليو ويٺو ھجي ۽ ويٺو
دانھون ڪري – من ڪو ديالو واٽ ويندڙ ڪڏھن، ھن تي
ڪھل ڪري، سندس جھوليءَ ۾ ڪا ٿوري گھڻي بيک وجھي
وڃي!
ھڪڙي ڏينھن، جيئن ھو اس ۾ اتي ويٺو ھو، تھ ھن جي
سرلن ڪنن تي روزمرھ جي آواز کان وڌيڪ تيز تيز پيرن
جي کڙڪي جو آواز پيو. ھن کي ائين لڳو ڄڻ رستي تي
ڪوڙين ۾ ڪي ماڻھو ھئا، جيڪي پئي آيا ويا. ھن ڪن
ڏيئي اھي آواز پئي ٻڌا، ۽ ايتري ۾ ھن کي محسوس ٿيو
ڄڻ اڃا بھ وڌيڪ ماڻھو رستي تي پھچي ويا ھئا – ڪي
سوين ماڻھو! ڪھڙي ڳالھھ ھئي، جو ائين ٿيو ھو؟
”ھي گوڙ ڇا جو آھي؟“ برتمائيءَ نيٺ رڙ ڪري پڇيو.
”ڪو آھي، جو مون کي ٻڌائي؟ آءٌ پاڻ تھ ڏسي نٿو
سگھان!“
”ناصرت جو يسوع آيل آھي؟“ ڪنھن ھن کي جواب ڏنو.
”ھو ھن پاسي اچي رھيو آھي. اسين ھن لاءِ بيٺا
آھيون. ھو اِجھو ٿو ھتان اچي لنگھي.“
”ناصرت جو يسوع!“ برتمائيءَ ڄڻ پاڻ سان ڳالھايو.
”ھان! ھو تھ ھر مرض جو لاھيندڙ آھي! ھو تھ وڏو
ڇٽائيندڙ آھي! ھو پيو ھيڏانھن اچي! شل ھو مون کي
ڏسي سگھي! ڇا، ائين بھ ٿي سگھي ٿو! ناصرت جو يسوع!
ھاءِ، مان ڇا ڪريان، جو ھو مون کي ڏسي سگھي؟“
جيئن جيئن يسوع ويجھو ايندو ويو، تيئن تيئن ماڻھن
جا انبوھھ گھاٽا ٿيندا ۽ وڌيڪ اتساھبا ويا. ھو وڏي
ويڪري رستي سان پيرين پنڌ پئي آيو. ھن جي ويجھو
ھلندڙ زالون ۽ مرد ھن سان ڳالھائيندا ٿي آيا.
برتمائيءَ کي محسوس ٿيو تھ يسوع بنھھ ويجھو اچي
سھڙيو ھو. پر ھن کي اِھا پڪي خبر ڪيئن پئجي
سگھندي! ڇاڪاڻ تھ ھو تھ انڌو ھو ۽ ڪجھھ بھ اکين
سان ڏسي نٿي سگھيو. |