ھو اڪثر ڌوڪي ماڻھن تي جلھھ ڪري ايندو ھو، ۽ زالين
مردين سڀ ويچارا ماڻھو پاڻ بچائڻ لاءِ ڊپ ۾ وٺي
ڀڄندا ھئا. ھنن کي خوف ھوندو ھو تھ ھو کين ڪڏھن
ڌڪي يا ماري نھ وجھي. ھو اڪثر پاڻ کي بھ ڦٽي
وجھندو ھو، ڇاڪاڻ تھ ڪڏھن ڪڏھن ھن کي تکيءَ ڌار
وارا پھڻ ملي ويندا ھئا ۽ انھن سان ھو مستي ۾ پاڻ
کي ڪٽي ۽ چير ڏيئي رتوڇاڻ ڪري وجھندو ھو.
۽ ھاڻي ھو ان حسين صبح مھل اوچتو اتي ھڪ غار مان
پنھنجي پوريءَ ڀيانڪ شڪل ۾ ٻاھر نڪري آيو ھو، ۽
يسوع ۽ ھن جي ساٿين جي مٿان ھينئين ڦاڙ رڙيون
ڪندو، ڪاھيندو پئي آيو. ھن جا ھٿ ۽ ٻانھون رتو رت
ھئا، ڇاڪاڻ تھ ھن انھن کي تکن پھڻن سان تازا ڪي
چھڪ ڏنا ھئا.
پر جڏھن ان خونخوار مستاني سامھون يسوع کي ڏٺو تھ
ھو ھڪدم پري سھمجي بيھي رھيو. ھن ڪنھن کي بھ ڌڪ
ھڻڻ يا مارڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪئي، ۽ پوءِ وڏيون
ٻرانگھون ڀريندو، اچي يسوع جي پيرن تي ڪريو ۽ ھن
جي مرن کي پنھنجي ڏڪندڙ مٺين ۾ جھلي بيھڻ جي ڪوشش
ڪيائين.
يسوع جا پوئلڳ ڊپ ۽ بڇان جي نظرن سان ھن کي ڏسڻ
لڳا– پر يسوع کي ھن کان ڪوبھ ڊپ ڪونھ ٿيو ۽ نھ
ڪائي بُڇان آئي. ھو ھن ويچاري دکي شخص تي ڪھل کائڻ
لڳو، جنھن جو من ايڏو تھ اٿيل ۽ سمجھھ ايڏي تھ
منجھيل ھئي، جو ھو جيئن ٻيا ماڻھو رھيا ٿي، تيئن
رھي نٿي سگھيو. يسوع ھن جي اوپري ۽ خوفزدھ مٿي
کڄيل منھن ۾ ڏٺو ۽ ڏاڍي گنڀير ۽ ڌيمي آواز ۾ ھن
سان ڳالھايائين.
”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ يسوع چيو.
”منھنجو نالو!“ مستاني اتاولائيءَ سان ڏاڍيان جواب
ڏنو. ”منھنجا تھ ھزار نالا آھن، ڇاڪاڻ تھ ھڪ ھزار
جِن منھنجي اندر ۾ ويٺل آھن، جيڪي مون کان اونڌا
ڪم ڪرائين ٿا، ۽ جيترا جِن منھنجي من ۾ آھن اوترا
منھنجا نالا آھن!“
”تھ پوءِ آءٌ تنھنجا اھي ھزار جن تو مان ڪڍندس“،
يسوع پوريءَ سانت ۽ سمڪ سان چيو، ڇاڪاڻ تھ ھن
ماڻھوءَ جو من ڏاڍي اوٿڪ ۾ ھو، ۽ ھن کي آڌر گھربو
ھو. ”اھي سڀ تومان نڪري ويندا. تون جيئن اصل آھين
تيئن ٿي پوندين.“
ان شخص اھو سانتيڪو ۽ ساھھ سڌير آواز ٻڌو ۽ انھن
چتائي ڏسندڙ ٻاجھارين ۽ پيار ڀريل اکين ۾ نھاريو،
۽ ھن پنھنجي پاڻ ۾ ڪجھھ ٿيندي محسوس ڪيو، ڄڻ ھن جو
من ڪنھن ڌنڌ مان نڪري پريان ڪو چمڪندڙ سوجھرو ڏسي
رھيو ھجي. ۽ ھن جي چريائي ۽ عليلائي ختم ٿي ويئي.
ھو رواجي ماڻھوءَ وانگر ماٺارجي ويو. ھڪ گھڙيءَ
لاءِ ھو وري بھ سڄو دروڙجي ويو، ڇاڪاڻ تھ ھن پاڻ
کي اڳئين کان بلڪل الڳ ۽ نئون محسوس ڪيو ھو. نيٺ
ھن جي من ۾ سانڀر آئي ۽ ھو ڍرو ڍرو پر صاف سمجھڻ ۽
سوچڻ لڳو. ھو ھاڻي مستانو نھ ھو، پر ھڪ عام
ماڻھوءَ جھڙو ماڻھو ھو.
ھن غريب شخص جي دل ھيڪر تھ احسانمنديءَ ۽ خوشيءَ
جي بار ۾ دٻجي ويئي. ھن يسوع ڏانھن پيار ڀريل ۽
ٿورائتين اکين سان نھاريو. پوءِ ھن پنھنجي پاڻ تي
نگاھھ وڌي - ۽ پاڻ کي اگھاڙو، رتوڇاڻ ۽ گدلو
ڏٺائين. يسوع جي پوئلڳن مان ھڪڙي ڏٺو تھ ھو پاڻ کي
ائين ڏسي ڏاڍو لڄي ٿي رھيو ھو، ۽ ان پوءِ پنھنجو
ڪڙتو لاھي ھن کي ڍڪايو.
مستانو يسوع جي پيرن ۾ ويٺو رھيو، ۽ ھو اتان اٿڻ
لاءِ تيار نھ ھو. ھن ڏٺو تھ يسوع دنيا ۾ سڀ کان
سٺو ۽ سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجھندڙ مھربان انسان ھو،
۽ انھيءَ ڪري ان ھن کان ڪڏھن بھ الڳ ٿيڻ نٿي
گھريو. ھن ويچاري ڏتڙيل ۽ ھر ھنڌ تان ڌڪاڻيل شخص
سمجھيو ھو تھ دنيا ۾ ڪوبھ ھن جي سار ڪانھ لھندو ۽
ڪوبھ ڪڏھن ھن سان ڪو سٺو لفظ ڪونھ ڳالھائيندو.
ھو خوش ھو، ۽ يسوع جا ساٿي خوش ھئا تھ ھنن جي رھبر
۽ مالڪ ھيءُ ڪيڏو نھ ڀلائيءَ جو ڪم ڪيو ھو. پر ان
ٽڪريءَ جي ڀر ۾ ھڪڙو اھڙو بھ ماڻھو ھو، جيڪو ناراض
ھو.
اھو ماڻھو، جنھن کي سخت ڪاوڙ ھئي، سو اتي جو ھڪڙو
ڌنار ھو، جنھن وٽ سوئرن جو ھڪڙو وڏو ڌڻ ھو، جنھن ۾
ان ڳوٺ جي ماڻھن جا ڌاريل سوئر ھئا، ۽ اھو ڌڻ ھو
اتي چاريندو ھو. جڏھن مستانو اتان غار منجھان
رڙيون ڪندو نڪتو ۽ دنجندو ۽ پٿر ٿڏيندو ۽
اڇلائيندو ۽ ڇپون ھيٺ ٿيڙيندو، ۽ ھٿن ۽ ٻانھن جون
الرون ڪندو، يسوع ۽ ھن جي جماعت ڏانھن ڊوڙندو
ڪاھيندو پئي آيو، تڏھن ان ڌنار جي سوئرن جي ڌڻ ان
گوڙ ۽ پٿرن جي ڌڪن ۽ ٺڪائن تي وٺي ٽٺو، ۽ زوم ۾
ڊوڙندي، ٽڪريءَ جي اڀڪپريءَ تان ڌو ھيٺ سمنڊ ۾
ھڪٻئي جي پٺيان اوراٽجي وڃي ڪريو ۽ سڄي جو سڄو ڌڻ
ان عميق ۾ ائين ٻڏي مري ويو.
ڌنار، جنھن اھو سڄو ڀيانڪ نظارو ويٺي ڏٺو، تنھن جو
ڊپ ۽
صدمي کان ھيڪر ساھھ تم ٿي ويو، ۽ ڪجھھ دير کان
پوءِ ٻي واھھ نھ ڏسي، ماڻھن کي اطلاع ڏيڻ لاءِ ھن
وٺي ڳوٺ ڏانھن ڊوڙ پاتي.
”اوھان جا سوئر ختم ٿي ويا! سوئر سڀ مري ويا! سڀ
ٻڏي ويا!“ ڳوٺ جي ٻاھران پھچي، ھن رڙيون ڪري،
ماڻھن کي ٻڌايو. ھن جي رڙين تي ماڻھو گھرن مان
نڪري آيا ۽ ھن کان پيرائتي ڳالھھ ٻڌائون.
”اوھان جا سوئر سڀ چريا ٿي پيا. الائي ڇا ٿين!
سڀني ۾ ڄڻ جنن اچي واسو ڪيو ھو. ۽ ھو مستانو، جيڪو
غارن ۾ رھندو آھي، ۽ جنھن ۾ ھزار جن رھندا ھئا،
اھو ھاڻي ٺيڪ آھي. ان جا جن نڪري ويا ۽ ھاڻي ھو
ماڻھن جھڙو ماڻھو ٿيو اتي ويٺو آھي. ھو غار مان
دانھون ڪري نڪتو ھو ۽ ھڪڙا نوان ماڻھو آيا آھن،
انھن مان ھڪڙي ھن مان جن ڪڍي ڇڏيا، ۽ ھاڻي ھو انھن
سان خوش ويٺو آھي!“
”تھ پوءِ چرئي جي مستيءَ چرئي کي ڇڏي اسان جي
سوئرن کي وڃي ورتو ھوندو“، ھڪڙي ڳوٺاڻي ڪاوڙ ۾
ڀرجي چيو. ”ڪير آھي اھو، جنھن کي اھڙي ھمت ٿي آھي؟
ھن چرئي سان ڪنھن جو ڇا؟ اسان جا سوئر وڌيڪ قيمتي
آھن. اھڙي ڪنھن ڌارئين ماڻھوءَ کي پاڻ وٽ ھڪ ڏينھن
بھ رھڻ نھ ڏينداسين، جنھن ان خسيس مستاني مان جن
ڪڍي اسان جي سوئرن ۾ وجھي ڇڏيا! اسين ھن کي ھتان
ھڪالي ڪڍنداسين!“
پوءِ ھو سڀ يسوع ۽ سندس ساٿين کي ڳولڻ لاءِ نڪتا،
۽ جڏھن ھو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کان ٿورو ھيٺڀرو ان
جاءِ تي ويا جتي يسوع ۽ سندس ساٿي ويٺا ھئا، تڏھن
ھنن ڏٺو تھ اھو چريو، سنئون سڌو بڻيو، يسوع جي
پيرن ۾ ويٺو ھو، ڪڙتو ڍڪيل ھوس ۽ ھو پنھنجي پوري
ھوش حواس ۾ ۽ ڏاڍي چاھھ سان يسوع جون ڳالھيون ٻڌي
رھيو ھو.
پر ھنن کي پنھنجن سوئرن جي ٻڏي وڃڻ جو وڌيڪ خيال
ھو، ۽ ھو ان ماڻھوءَ ڏانھن ڪنھن خاص ڌيان ڏيڻ لاءِ
تيار نھ ھئا جيڪو رڳو ٿورو اڳ ھڪ بيڪار ۽ خسيس
چريو ھو ۽ بنھھ ھڪ پليت جانور وانگر ھيڏانھن
ھوڏانھن پئي رليو ۽ ڀٽڪيو. ھنن کي رڳو اھو خيال ھو
تھ يسوع ان مان جن ڪڍي، سندن سوئرن ۾ وجھي ڇڏيا
ھئا، ۽ ائين ھيءُ چريو پاڻ تھ ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو ھو –
پر ان جي بدران پنھنجن ڀلن ۽ املھھ سوئرن جو نقصان
کين سھڻو پيو ھو!
پر وري بھ ھنن کي ان ماڻھوءَ کان خوف ٿيڻ لڳو،
جيڪو اھڙيون شيون ڪري سگھيو ٿي. انھن خيالن ۾ ھو
ڪجھھ دير ٿورو پرڀرو بيھي رھيا، ۽ ان عجب جھڙي
ماڻھوءَ کي ڏسندا رھيا، ۽ پوءِ رڙھي، ھن جي ويجھي
وڃڻ جي کين ھمت ٿي.
”مھربان، اسان جي ملڪ مان نڪري وڃ!“ ھنن چيو.
”اسان کي تون ھتي نھ گھرجين!“
۽ ائين يسوع ۽ سندس ساٿي اتان وڃڻ لاءِ اٿي بيٺا.
اھو ڏسي، مستاني جي دل لھي ويئي، ۽ ھو يسوع کي
چنبڙي پيو.
”نھ وڃ!“ ھن نيزاريءَ سان چيو. ”مون کي ڇڏي نھ وڃ
– نھ تھ مون کي بھ پاڻ سان وٺي ھل! جو ڪجھھ تو مون
لاءِ ڪيو آھي، ان کان پوءِ مان توکان ڪڏھن بھ الڳ
ڪونھ ٿيندس.“
پر يسوع ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو. ”جيڪڏھن سچ پچ تون
منھنجو ٿورو مڃين ٿو، تھ پوءِ تون ھتي ئي رھھ،“ ھن
چيو. ”ھتي پنھنجي سڀني ديس واسين کي ٻڌاءِ جو ڪجھھ
توسان واقع ٿيو آھي ۽ جو ڪجھھ تو ڏٺو ۽ ٻڌو. پوءِ
جيڪڏھن آءٌ يا منھنجا ساٿي ھتي موٽي آياسين، تھ
ائين چئبو تھ تو پنھنجي ملڪ ۾ اسان لاءِ ڄڻ اڳي ئي
زمين سنواري ڇڏي ھئي.“
ائين اھو ماڻھو اتي پوئتي رھيو ۽ جيئن يسوع ھن کي
چيو ھو تيئن ڪندو رھيو. ھن کان اھو شخص ڪڏھن بھ
وسري نھ سگھيو، جيڪو ھڪڙي حسين صبح جو اتي اوچتو
آيو ھو ۽ اچي کيس ان خطرناڪ چريائپ کان ڇڏايو
ھئائين – ان احسان جي بدلي ۾ ھو پوءِ سيلانيءَ
وانگر پنھنجي ديس ۾ ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين
ھلندو رھيو، ۽ ھر ڪنھن کي ھو پنھنجي ان محسن جون
ڳالھيون ٻڌائيندو رھيو.
30
: يائير جي ننڍڙي نينگر
”ھاڻي، پاڻ موٽي گھر ھلنداسون“، يسوع پنھنجن ساٿين
کي چيو. پوءِ ھو وري انھيءَ ننڍڙيءَ مڇي مارڻ
واريءَ ڊونڊيءَ ۾ چڙھي ويٺا، ۽ ان کي سمنڊ جي ٻئي
پار ڏانھن وٺي ھاڪاريائون.
”ڏسو، سائين! ماڻھن جا ميڙاڪا اڃا اوھان لاءِ
ترسيا ويٺا آھن!“ جيئن ٻيڙي ڪناري جي ويجھي آئي،
تھ پطرس چيو. ”اڄ ھنن کي وعظ ڪرڻ لاءِ ھتي نھ
ترسو. پھرين ھلو تھ ڪجھھ کائون ۽ ڪا ساھي کڻون.“
سامھون ڪپ تي، يسوع جي موٽي اچڻ لاءِ سوين ماڻھو
ترسيا ويٺا ھئا. سڀيئي ھن کي ڏسڻ لاءِ آتا ھئا. پر
انھن ۾ ھڪڙو ماڻھو اھڙو ھو، جنھن جي دل ڏاڍي ماندي
ھئي، ۽ اتي سڀني کان وڌيڪ اھو يسوع لاءِ آتو ھو.
اھو ھڪڙو شاھوڪار شخص ھو، جنھن جو نالو يائير ھو،
۽ اھو عبادتخاني جو مھنت ھو. ھن جي ھڪڙي ننڍڙي
نينگر ھئي ۽ ھو پنھنجيءَ زال سان شھر ۾ رھندو ھو.
ھو ڏاڍا خوش پيا گذاريندا ھئا، ۽ ھنن جي نينگري،
جيڪا ٻارھن سالن جي ھئي، سا ھنن ٻنھي جي دل جي
ھردم ورونھن ھئي.
پر اھا ھاڻي بيمار ٿي پيئي ھئي ۽ بستري ۾ داخل
ھئي. ھوءَ ايتري تھ سخت بيمار ھئي، جو ھن جي پيءُ
کي ڊپ ٿي پيو تھ ھوءَ ڪانھ بچندي ۽ ھنن کان وڇڙي
ويندي. ھوءَ سندن اڪيلو اولاد ھئي، ۽ ھن جا پيءُ
ماءُ ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويا ھئا. ڊاڪٽر ھنن کي
جواب ڏيئي ڇڏيو ھو، ۽ ھو ويچارا ٻيئي ھن جي بستري
سان لڳا، ھن ۾ اکيون وجھيو، ويٺا ھئا، ۽ ھنن جي
آڏو ھنن جي نينگر جي حالت جيئن پوءِ تيئن نازڪ
ٿيندي ويئي.
”ڇا، اسين ھن يسوع کي پاڻ وٽ نٿا آڻي سگھون، جو
سڀني جا
مرض ڇڏائي ٿو؟“ اوچتو ھن جي دل ۾ اھو خيال آيو.
”آءٌ سمجھان ٿو تھ ھو ھتي ھن شھر ۾ آھي. آءٌ وڃي
ٿو ھن کي ڳولي، منٿ ڪريانس تھ اچي اسان جي ننڍڙيءَ
جو ھٿ ڏسي. جيڪڏھن ترت اسان ڪجھھ نھ ڪيو، تھ ھن کي
اسين پڪ وڃائي ويھنداسين.“
”ھينئر ئي وڃ!“ ھن جي زال چيو. ”پڇا ڪر تھ ڪٿي ھو
ملندو! ھو اسان وٽ اچڻ کان نھڪار نھ ڪندو. ماڻھو
چون ٿا تھ ھو ڏاڍو چڱو آھي ۽ ڏاڍو سٻاجھو شخص
آھي.“
يائير پوءِ يسوع کي ڳولڻ لاءِ نڪتو. ھن پڇا ڪئي تھ
ھو ڪھڙي گھر ۾ رھيل ھو، ۽ ڳولي ڳولي ھو اتي ويو.
پر افسوس! يسوع اتي ڪونھ ھو. ”ھو سمنڊ جي ڪپ سان
ڪٿي وعظ پيو ڪندو ھوندو“، ھن کي ٻڌايو ويو.
يائير پوءِ سمنڊ جي ڪپ تي ھن کي ڳولڻ ويو. ۽ اتي
کيس ماڻھن جو ھڪڙو ميڙ ڏسڻ ۾ آيو. ھو يسوع کي ڏسڻ
لاءِ ان ميڙ کي چيريندو، اڳتي وڌيو. پر ھو کيس لڀي
نھ سگھيو.
”يسوع، پطرس جي ٻيڙيءَ ۾، سمنڊ جي ھن پار ويو
آھي“، ڪنھن چيو. ”گذريل رات ھو ھتي ھو، ۽ اسان کي
ڳالھيون پئي ٻڌايائين. پوءِ ھو ۽ ھن جا ساٿي
ٻيڙيءَ کي ھاڪاري سمنڊ ۾ اندر ھليا ويا. اسين ھنن
جي موٽي اچڻ لاءِ ترسيا ويٺا آھيون. پر ھاڻي ھنن
جي موٽڻ ۾ دير ڪانھي.“
پر ھڪ ھڪ گھڙي، جيڪا گذري ٿي، سا يائير لاءِ ڪلاڪ
جي برابر ھئي. ھن کي پنھنجي ننڍڙيءَ بيمار ڇوڪريءَ
جو ڪانڍو لڳل ھو، جيڪا شايد انھيءَ ئي پل گھر ۾
پويون پساھھ کڻي رھي ھئي، ۽ ھو اتي ھن وٽ ڪونھ ھو!
پر ھو اتان سمنڊ جي ڪپ تان ھٽي بھ نٿي سگھيو، تھ
متان يسوع اتي اچي ۽ ھو اتي نھ ھجي.
ھو سمنڊ جي نيري اٿاھھ پاڻيءَ مٿان جوھھ وجھي، پري
پري نھاري رھيو ھو. ھن کي خبر نھ ھئي تھ پطرس جي
ٻيڙي ڪھڙي ھئي ۽ ڪھڙي ڪانھ ھئي. ھن ڪنھن پاسي واري
کان پڇيو تھ ھن کي ڪا خبر ھئي!
”ھائو“، ان ماڻھوءَ جواب ڏنو. ”آءٌ اھا ڏسي سڃاڻي
ويندس. ترس– اِھا تھ نھ آھي – جيڪا پري کان اچي
رھي آھي!“
يائير جي دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي، پر انھيءَ ئي گھڙيءَ
ڄڻ بيھي ويئي، جڏھن ان ماڻھوءَ چيو: ”نھ. اِھا اھا
ٻيڙي ڪانھي. پر لڳي اِھا بھ انھيءَ جھڙي ٿي!“
پوءِ، اوچتو ھڪ دانھن نڪتي. ”او ھوءَ اھا ٻيڙي!
ڏسو! اِھا اچي ويئي! يسوع اچي پيو!“
۽ پريان سمنڊ تان جيڪا ھوا لڳي رھي ھئي، ان تي
پطرس جي ٻيڙي ھاڪاريندي، ڪناري ڏانھن، تکي تکي،
اچي رھي ھئي. ان ۾ يسوع بيٺو ھو، ۽ ھو ڪپ تي جيڪي
ماڻھو ھن لاءِ ترسيا بيٺا ھئا، انھن ڏانھن نھاري
رھيو ھو. ٻيڙي اچي ڪناري سان لڳي، ۽ يسوع جا ساٿي
ان کي ڇڪي لنگر ڪرائڻ لاءِ، ٽپ ڏيئي سڪيءَ تي آيا.
گھڙيءَ کان پوءِ، يسوع، ٻيڙيءَ مان لھي، ڪناري تي
اچي بيٺو، ۽ ھن جا ساٿي ماڻھن جي آڏو ٿي بيٺا،
جيڪي ھڪٻئي کي ڌڪيندا، يسوع تي ڳاھٽ ٿي رھيا ھئا.
جتي يسوع ٻيڙيءَ مان اچي لٿو ھو، اتي يائير بيٺل
ڪونھ ھو. پوءِ ماڻھن جي گوڙ مان، ڪلھا ھڻندي، ھو
اڳتي اچڻ لڳو. ”مون کي وڃڻ ڏيو“، ھو منٿون ڪرڻ
لڳو. ”مون کي ھن سان ملڻو آھي. مون کي جاءِ ڏيو!“
ماڻھن ھٽي، ھن کي لنگھڻ جي جاءِ ڏني، ۽ ھو وڌي
يسوع وٽ پھتو. ھو ھن جي پيرن تي ڪري پيو، ۽ ھن کي
پنھنجي ننڍڙيءَ کي ھلي ڏسڻ لاءِ آزيون ڪرڻ لڳو.
”ھوءَ مرڻ تي آھي“، يائير چيو. ”آءٌ ٻانھون ٿو
ٻڌان، اوھان ھلي ھن تي پنھنجا ھٿ رکو، تھ ھوءَ ٺيڪ
ٿئي. ائين بچي ويندي!“
ھو ويچارو ايترو تھ مايوس ٿي ڏٺو، جو يسوع ھڪ گھڙي
بھ وڃائڻ نٿي گھري، ۽ ھو انھيءَ دم، سڀ ڳالھيون
ڇڏي، ھن سان گڏجي ھن جي گھر ڏانھن روانو ٿيو. جيڪي
بھ ماڻھو ھن کي اتي ٻڌي رھيا ھئا ۽ ھن کي ڏسي رھيا
ھئا، اھي سڀيئي ھن جي پٺيان اوڏانھن وڃڻ لڳا.
”ھو يائير جي گھر وڃي رھيو آھي“، ھو اتساھھ وچان
ھڪٻئي کي چوڻ لڳا. ”ھو ننڍڙيءَ نينگر کي ٺيڪ ڪرڻ
ٿو ھلي. تو ھوءَ ڏٺي آھي؟ ھائو نھ! ھوءَ ڏاڍي
بيمار آھي. ويچاري معصومڙي! پاڻ بھ اوڏانھن ٿا
ھلون، ڏسون تھ يسوع ڇا ٿو ڪري. ھو پڪ ئي پڪ ڪا
حيرت جھڙي ڳالھھ ڪندو.“
ائين ماڻھن جو سڄو انبوھھ يسوع سان گڏ، يسوع جي
پٺيان ھلندو رھيو، ۽ ھو يائير سان گڏجي تکو تکو ھن
جي گھر ڏانھن وڃي رھيو ھو.
ماڻھن جي ان انبوھھ ۾ ھڪڙي ڪا مائي ھئي، جنھن يسوع
بابت گھڻو ڪجھھ ٻڌو ھو. ھن جي جسم ۾ ڪا بيماري
ھئي، جيڪا ھن ڪنھن کي بھ ٻڌائڻ نٿي گھري. ھن وٽ
جيڪي پئسا ھئا، اھي سڀ چپ چاپ ھن ڊاڪٽرن تي خرچ
ڪري ڇڏيا ھئا، پر چڱي ڀلي ٿيڻ بدران ھن جي
بيماريءَ جي صورت تيئن وڌيڪ خراب ٿيندي ويئي. ھوءَ
ٻارھن سال ان بيماريءَ ۾ ورتل ھئي، ۽ ھاڻي ان مان
ڇٽڻ جي ھن اميد ئي لاھي ڇڏي ھئي.
پر ھتي ڪفرنحوم ۾ ھن يسوع جو نالو ٻڌو ھو. جڏھن
ماڻھن امنگ ۾ ڀرجي يسوع جي عجيب ڪمن جون ڳالھيون
ٿي ڪيون، تڏھن ھن جي دل ۾ آس جو ڏيو چمڪاٽ ڪري ٻري
ٿي پيو – ڪيئن ھن فالج ۾ ورتل ماڻھوءَ کي چڱو ڀلو
ڪيو ھو، جنھن کي ڇت مان رسين تي ھن جي اڳيان ھيٺ
لاٿو ويو ھو – ڪيئن ھن ھڪ ڪوڙھئي کي بھ ڇٽائي ڇڏيو
ھو. جيئن جيئن اھي ڳالھيون ھن مجبور عورت ٻڌيون
ٿي، تيئن تيئن ھن جي من ۾ اھو سوال اڀريو ٿي تھ
ڇا، ھوءَ ھن غريبن جي ساٿيءَ ۽ بيمارن جي دوست،
ٻاجھاري يسوع کي ڪڏھن لھي نھ سگھندي!
ھن ڄاتو ٿي تھ ھوءَ ھن سان ڳالھائي ڪانھ سگھندي ۽
کيس ٻڌائي بھ نھ سگھندي تھ ھن کي ڪھڙي تڪليف ھئي.
تھ پوءِ ھن جي پڇائن ڪرڻ ۽ ھن کي ڳولي لھڻ مان
ڪھڙو فائدو!
”پر مون کي ڀروسو آھي تھ جيڪڏھن آءٌ فقط ھن جي
چوغي جو ڪو پلاند يا رڳو ھن جي ڪڙتي جي ڪا وٽ ڇھي
وٺان، تھ بھ آءٌ ٺيڪ ٿي وينديس،“ مائيءَ سوچيو.
”چون ٿا تھ ھو ايترو تھ چڱو، ايترو تھ عجيب آھي،
جو ھن کي ڳالھھ ڪري ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪانھي. ھن
کي خبر پوي نھ پوي پر ھڪ ڀيرو ھن کي آءٌ رڳو ھٿ
لائي سگھان، منھنجي لاءِ اھو ڪافي ٿيندو ۽ آءٌ
ھوند اوڏيءَ مھل چڱي ڀلي ٿي پوان!“
ائين، يائير سان گڏ جيئن يسوع وڃي رھيو ھو، تيئن
ھيءَ مائي
بھ ماٺ ماٺ ۾ ماڻھن جي انبوھھ ۾ گھڙي ويئي. ھن
يسوع جي منھن جي چمڪ ڏسي ورتي ھئي ۽ کيس پڪ ٿي
ويئي ھئي تھ ھو ضرور سندس واھر ڪندو. ھوءَ سرندي
سرندي ماڻھن جي گوڙ جي وچ ۾ وڃي پھتي، ۽ جيئن پوءِ
تيئن ھن جي ويجھو ٿيندي ويئي. جڏھن ھوءَ ھن جي
بنھھ ڀرسان اچي بيٺي، تڏھن ھن جي دل تکي تکي ھلڻ
لڳي. ھن پنھنجو ڏڪندڙ ھٿ ھن جي ڪڙتي جي وٽ کي ڇھڻ
لاءِ اڳتي وڌايو.
۽ جيئن ئي ھن ان کي ڇھيو، تيئن ئي ھن سمجھيو تھ ھن
کي ڪجھھ ٿي ويو ھو، ۽ ھوءَ ٺيڪ ٿي ويئي ھئي. ھن جي
بُت ۾ ھڪ قسم جو ڦيرو اچي ويو، ۽ ھوءَ پاڻ کي بھتر
محسوس ڪرڻ لڳي. ھن کي ھاڻي ڪابھ تڪليف ڪانھ ھئي.
ھوءَ حيرت ۾ ڀرجي ويئي، ۽ ھن جي رونءَ رونءَ مان
شڪر گذاريءَ جا اڌما ۽ دعائون نڪرڻ لڳيون. ھن ڪوشش
ڪئي تھ ھوءَ اتان ماٺ ماٺ ڪري، نڪري، پنھنجي گھر
ھلي وڃي.
پر يسوع بيھي رھيو ۽ چوڌاري نھارڻ لڳو. ”ڪنھن مون
کي ھٿ لاتو؟“ ھن چيو.
”مون ڪونھ لاتو،“ ھڪڙي چيو.
”نھ وري مون ئي لاتو“، ٻئي چيو.
”سائين، اوھان ڇا ٿا چئو؟ اوھان کي ڪنھن ھٿ لاتو؟“
پطرس چيو. ”پنھنجي چوڌاري ماڻھن جا انبوھھ ڏسو،
اھي اوھان تي ڳاھٽ پيا ٿين، اوھان جي ڪپڙن سان ھر
وقت انھن جا ڪپڙا پيا گسن، ۽ ھنن جو بت سدائين
اوھان سان پيو لڳي. ھتي تھ سوين ماڻھن اوھان کي ھٿ
لاتو آھي!“
پر يسوع کي خبر ھئي تھ ھڪڙي ڪنھن ھن کي خاص مقصد
سان ھٿ لاتو ھو، ۽ ھن پنھنجي من ۾ پنھنجي پيار ۽
چڱائيءَ جي اٿل محسوس ڪئي ھئي. ھڪڙي ڪنھن کي ھن جي
ڏات ۽ سھائتا گھربي ھئي، ۽ ان جي گھرڻ کان سواءِ
ئي اھا ان کي ملي ويئي ھئي. اھو ڪير ماڻھو ھو؟
يسوع چوڌاري پنھنجي ويجھي بيٺل سڀني ماڻھن کي ڏٺو،
ھن
جون اکيون انھن جي چھرن ۾ کپنديون رھيون. يائير
سندس پاسي ۾ بيٺو ھو، ھن جي دل اون ۽ اڊڪي ۾ ڦاٽي
ٿي، ڇاڪاڻ تھ ھن بيحد چاھيو ٿي تھ ھو تڪڙو تڪڙو
سندس گھر ھلي، نھ تھ وقت گذري ويندو ۽ دير ٿي
ويندي.
جنھن عورت يسوع کي ھٿ لاتو ھو، تنھن ھن جون اکيون
پاڻ تي کتل محسوس ڪيون، ۽ ھوءَ اڳيان وڌي آئي، ۽
ھن جو سڄو بت ڦرڪي رھيو ھو. ھوءَ ھن جي آڏو گوڏن
ڀر ڪري پيئي، ۽ ڏاڍي جھيڻي آواز ۾، ھن کي پنھنجي
بيماريءَ جو ٻڌايائين، ۽ اھو بھ ھن کي ٻڌايائين تھ
ڪيئن اھا ھاڻي کيس ڇڏي ويئي ھئي، ڇو جو ھن ڊڄي
ڊڄي، پر ھن ۾ ڀروسو رکي، ھن جي ڪڙتي کي ھٿ لاتو
ھو.
”مون کي خبر ھئي تھ آءٌ ٺيڪ ٿي وينديس“، ھن چيو.
”مون کي اھا خبر ھئي ۽ آءٌ ھاڻي ٺيڪ آھيان.“
يسوع ھن ڏانھن پنھنجون ٻاجھاريون اکيون کڻي
نھاريو. ھو خوش ھو تھ ڪنھن جو ھن ۾ ايڏو ايمان ھو!
”ڌيءَ“، ھن چيو، ”ڇاڪاڻ تھ تو مون ۾ ايڏو ڀروسو
رکيو، انھيءَ ڪري تون چڱي ڀلي ٿي ويئينءَ. تون شل
سلامت ھجين، ھاڻي تون وڃ، توکي اھا بيماري وري
ڪانھ ٿيندي.“
جيئن ھن پئي ڳالھايو، تيئن يائير ھن جي ڀر ۾ بيٺو
دل ۾ کاڄي رھيو ھو؛ ۽ اتي ئي ماڻھن جي گوڙ کي
چيريندا، يائير جا ماڻھو ”يائير، يائير“ ڪندا،
ڏانھنس وڌندا پئي آيا. يائير ھنن کي ڏٺو ۽ ھن جي
دل ويھي ويئي، ڇاڪاڻ تھ انھن جي اکين مان ئي ھو
سمجھي ويو ھو تھ انھن ھن لاءِ خراب خبر آندي ھئي.
”سائين“، نياپي آڻيندڙن چيو، جيڪي يائير جي گھران
آيا ھئا، ”ھاڻي يسوع کي وڌيڪ تڪليف نھ ڏي. تنھنجي
ننڍڙي خدا کي پياري ٿي ويئي!“
پيءُ جڏھن اھا خبر ٻڌي، تڏھن ھن جي دل ڇيھون ڇيھون
ٿي ويئي، پر يسوع ھن ڏانھن منھن ڪري چيو: ”ڊپ نھ
ڪر، ڀروسو رک.“
يسوع يائير سان ھن جي گھر ڏانھن وڌندو رھيو. ماڻھن
جو انبوھھ بھ ھنن جي پٺيان لڳو آيو. نيٺ ھو اتي
پھتا، ۽ يسوع بيھي، ماڻھن ڏانھن منھن ڪري، انھن
سان ڳالھايو.
”وڌيڪ اڳتي نھ اچو!“ ھن چيو. پوءِ ھن يعقوب ۽ ھن
جي ڀاءُ يوحنا ۽ پطرس کي سڏيو ۽ انھن کي ساڻ وٺي،
يائير سان گڏ، اندر ھن جي گھر ويو.
جيئن ھو اندر گھڙيا، تيئن ھنن ڏاڍي روڄ راڙي ۽
ماتم جو آواز ٻڌو. ان زماني ۾ اھو رواج ھوندو ھو
تھ پيسن تي ماتمي وٺي ايندا ھئا، جيڪي مئل ماڻھوءَ
لاءِ تڏي تي ويھي، روئندا ۽ روڄ راڙو ڪندا ۽
پٽيندا ۽ ماتم ڪندا ھئا. يائير جي گھر ۾ اھي
مزوريءَ وارا ماتمي پھچي ويا ھئا ۽ اھي ھن جي
ڇوڪريءَ لاءِ روئي رڙي ۽ گھر کي مٿي تي کڻي رھيا
ھئا.
يسوع کي اھو شور نھ وڻيو. ھو ڇوڪريءَ جي مٿان بيھي
رھيو، ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ سان ڳالھايائين. ھيترو
ھيءُ شور اوھين ڇو ٿيون ڪريو؟“ ھن پڇيو. ”ڇوڪري
مئي ناھي، ستي پيئي آھي.“
اِھو ٻڌي، سڀيئي ھن جي ڳالھھ تي کلڻ لڳا، ڇاڪاڻ تھ
ھنن ڄاتو ٿي تھ ٻار مري ويو ھو. يسوع انھن سڀني کي
گھر مان ٻاھر اماڻي ڇڏيو، ۽ ٻار جي ماءُ پيءُ ۽
پنھنجن ٽن پوئلڳن سان اتي ڇوڪريءَ جي بستري سان
لڳي، ھو بيھي رھيو، ۽ ڪيترو وقت ائين ھو اتي بيٺو
رھيو.
ھن ٻارڙيءَ جي اکين ۾ ڏٺو، جيڪا سنئين نئين ٿي اتي
پيئي ھئي. ھن جون اکيون بند ھيون، ۽ ھن ۾ ڪابھ
چرپر ڪانھ ھئي. ھن جي ماءُ آھون پئي ڀريون، ۽ غم
جو ماريل پيءُ جنھن جو منھن پيلو ٿي ويو ھو، ھن جي
پاسي سان بيٺو ھو.
يسوع پنھنجو ھٿ وڌايو ۽ ٻار جو ھٿ کڻي پنھنجي ھٿ ۾
ورتو. ”ننڍڙي نينگر“، ھن چيو، ”آءٌ ٿو توکي چوان
تھ مون ڏي نھار ۽ اٿي ويھھ!“
۽ ننڍڙي نينگر، اکيون کولي، اٿي ويھي رھي، ۽ بسترو
ڇڏي، ھلڻ لڳي ۽ عجب کائڻ لڳي، جو سڀڪنھن حيرت سان
کيس جوھھ وجھي پئي ڏٺو. پوءِ ھن جي ماءُ پيءُ ھن
کي پنھنجين ٻانھن ۾ کنيو ۽ ھو ھن کي ڀاڪيون پائڻ
لڳا. ھنن کي اعتبار ئي نھ پئي آيو تھ ھوءَ ڪا
جيئري ھئي، ۽ ساڻن منھان منھن پئي کليائين ۽
ڳالھايائين.
ھيءَ ڳالھھ متان ڪنھن سان ڪريو“، يسوع يائير کي
چيو. پوءِ
ھن نينگر جي ماءُ ڏانھن ڏٺو. ”پنھنجي ھن ٻارڙيءَ
کي ڪا شيءِ کائڻ لاءِ آڻي ڏي“، ھن چيو ۽ اھو ٻڌي،
ھوءَ خوشي ۾ ٽڙي پيئي. ۽ سچ پچ تھ جيتري خوشي ھن
انھيءَ گھڙي ڏٺي، جڏھن ھن جي ڌيئڙيءَ اکيون کولي
ھن ڏانھن نھاريو ھو، اھڙي خوشي سڄي زندگيءَ ۾ ھن
ڪڏھن ڪانھ ڏٺي ھئي.
31
: ڇوڪرو، جنھن وٽ لولا ۽ پڪل ڪرڙيون ھيون
يسوع ۽ ھن جي ساٿين جي چوڌاري ھر روز ايترا تھ
ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا، جو ڪڏھن ڪڏھن ھنن کي کاڌي
کائڻ جو بھ وقت نھ ملندو ھو.
”اڄ اسين ڪجھھ وقت ڪنھن پاسائينءَ جڳھھ تي ھلي ٿا
ويھون“، يسوع چيو. ”اھڙي جڳھھ، جيڪا پري ھجي ۽
نويڪلي ھجي، جتي اسان کي ڪجھھ سانتيڪائي ۽ آرام
ملي سگھي، ۽ جتي آءٌ اوھان سان خلاصو ڳالھائي
سگھان، ڇاڪاڻ تھ اوھان کان موڪلائي وڃڻ کان اڳ،
ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون اڃا آھن، جيڪي آءٌ اوھان
کي سيکارڻ گھران ٿو.“
يسوع ڪڏھن ڪڏھن پنھنجن ساٿين سان پنھنجي موڪلاڻيءَ
جون ڳالھيون بھ ڪندو ھو، جنھن تي ھو ڏاڍا مايوس
ٿيندا ھئا ۽ ڏک ۾ ڀرجي ويندا ھئا. پر يسوع کي خبر
ھئي تھ ھن جا ڪيترائي دشمن ھئا، ۽ اھي ھڪ نھ ھڪ
ڏينھن ھن کي ضرور گرفتار ڪندا ۽ ممڪن ھو تھ انھن
جي ھٿان ھو شھيد بھ ٿي وڃي. ۽ ان کان اڳ ضروري ھو
تھ جو ڪجھھ ھن کي سيکارڻو ھو، اھو پنھنجن ساٿين کي
ھو پوريءَ طرح سيکاري ڇڏي، ڇاڪاڻ تھ پوءِ جڏھن ھو
کين ڇڏي وڃي، تھ ھن جي غير موجودگيءَ ۾ ڪو ھڪڙو تھ
انھن ۾ اھڙو ھجي، جيڪو سندس شروع ڪيل ڪم جي
پوئواري ڪري سگھي، ۽ ان کي اڳتي وٺي اچي!
يسوع کي ھيءَ خبر ملي ھئي تھ سندس سؤٽ بپتسمائي
يوحنا، کي تازو شھيد ڪيو ويو ھو، ۽ ان خبر تي ھن
کي بيحد صدمو رسيو ھو ۽ ڏاڍو ڏک ٿيو ھو. ھو ماڻھن
جي گوڙ کان ڪجھھ وقت پري رھڻ لاءِ تانگھي رھيو ھو،
تھ جيئن ڪجھھ وقت ھو پنھنجي منھن سوچي ويچاري سگھي
۽ پنھنجي خدا کان دعائون گھري سگھي، ۽ ساڻس گڏ رڳو
سندس ساٿي ھجن.
”ڀلا، بيت صيدا ڏانھن ھلون؟“ پطرس پڇيو. ھو اتي جو
ڄاول ھو ۽ ان جي آسپاس کان چڱيءَ طرح واقف ھو. ان
جي گھڻي پسگردائي نويڪلي ۽ غير آباد ھئي، ۽ اھا
ڏاڍي سھڻي ۽ وڻندڙ ھئي. ان کان پرڀرو، چوڌاري، رڳو
ننڍڙا ڳوٺڙا ھئا، ۽ ان پٽ ۾ يسوع کي ھڪ ٻھ ڏينھن
پورو آرام ملي سگھيو ٿي.
ائين ھو ھڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي اوڏانھن روانا ٿيا،
۽ گليليءَ جي سمنڊ تان ھاڪاريندا اوڏانھن ويا، ۽
نيٺ ان پٽ تي اچي لٿا، جيڪو پطرس جو ڏٺل وائٺل ھو.
اھو پٽ سچ پچ ڏاڍو سھڻو پٽ ھو ۽ ان جو نظارو اھڙو
ئي وڻندڙ ھو جھڙو وڻندڙ ڪو نظارو ٿي سگھيو ٿي.
”پاڻ ٽڪرين تي چڙھي، مٿي ھلنداسين“، يسوع چيو.
پوءِ ھنن ٻيڙيءَ جو پڳھھ ٻڌو ۽ سائي گاھھ سان ڍڪيل
۽ گلن سان ڇانيل ٽڪرين تان چڙھندا، ھو اڳتي ھلڻ
لڳا ۽ نيٺ ھڪڙي اھڙي ھنڌ وڃي ويٺا، جتان ھنن جي
سامھون سمنڊ جو ۽ ڏورانھين ٽڪرين جو ھڪ ڀرپور دل
لڀائيندڙ نظارو وڇيو پيو ھو.
پر ڪيترن ئي ماڻھن يسوع کي پنھنجن ساٿين سان
ٻيڙيءَ ۾ ان پاسي ويندي ڏٺو ھو، ۽ اھي بھ اوڏيءَ
ئي مھل سندن پٺيان اوڏانھن سنبري نڪتا ھئا! انھن
وٽ پنھنجون ٻيڙيون تھ ڪين ھيون، |