سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ٻارن جو مسيح

باب: --

صفحو :3 

مذھب جي ڳالھھ، سا بھ رڳو خالص پروپيگنڊائي نوع جي، ٻڌيو خوش خوش پيو ھلي ۽ ٻين مذھبن جون ڳالھيون ٻڌڻ کان سواءِ يا رڳو تبرائي نوع تي ٻڌيو، انھن لاءِ نفرت يا ڪم از ڪم ٻيائيءَ ۽ ويڇي وارا ۽ ھتڪ آميز خيال ۽ جذبا کنيو فارغ ۽ بي خطر گھمندو ٿو رھي– ڄڻ ان عقيدي ۽ محبت ۽ ان خيال ۽ نفرت سان ھن جون پنھنجي پاڻ ڏانھن ۽ پنھنجي سماج ڏانھن سڀ ذميواريون پوريون ٿيون، ۽ وڌيڪ رڳو کيس پنھنجي پيٽ جي پوڄا ۽ وڌ ۾ وڌ تھ پنھنجن پونگڙن جي پيٽ جي پورت ڪرڻي آھي، جيڪي بھ سندس پنھنجي ئي غرضڪاريءَ جي نتيجي ۾، ضمني طور، پيدا ٿي پيا - ۽ ان لاءِ ھو چپ چاپ، بي سرتيو ۽ بي ساڃاھو، چوويھھ ئي ڪلاڪ مک وانگر مٿو پِٽيندو رھي! ھيءَ ھڪ خالص حيواني طرز زندگي آھي، جا اسان جي عام تي مڙھي ويئي آھي، تھ جيئن اسان جا خواص زندگيءَ جي سڄي سھولت ۽ سمورو سک ماڻي سگھن، ۽ اوٻاري بھ سگھن. پر ان صورتحال ۾ اھي اسان جا خواص پاڻ بھ حيوان ئي رھن ٿا. ۽ اھا سندن ھڪ پاسائين مال ۽ اقتدار جي سڄي دنيا ائين حيوانيت جي اوندھھ ۾ ٻڏي وڃي ٿي ۽ ان ۾ انسانيت جو ساھھ گھٽجي ٿو ۽ اھا روشنيءَ لاءِ واجھائي ٿي – پيار، ڪھل ۽ انساني احترام جي روشنيءَ لاءِ - بلڪل ائين جيئن چيو وڃي ٿو تھ شروعات ۾ پيدائش وقت ھو، جڏھن ”زمين بي ترتيب ۽ ويران ھئي، ۽ خلا ۾ اوندھھ ھئي.... ۽ خدا چيو تھ ”روشني ٿئي!“ ۽ روشني ٿي. ۽ خدا روشني ڏٺي تھ روشنگي چڱي ھئي! ۽ خدا روشنيءَ کي اوندھھ کان جدا ڪيو....“ *

مسيح ھڪ ڀيرو جڏھن انساني ڌرتيءَ کي ازل کان گھربل

”روشنيءَ کي اوندھھ کان ڌار ڪرڻ جي ھيءَ تعليم يروشلم“ ۾ وڏي ”خدا جي گھر“ ۾ ڏيئي رھيو ھو، تھ سردار ربين، فقيھن ۽ قوم جي بزرگن وڌي کانئس پڇيو تھ ”تون اِھي ڪم ڪنھن جي اختيار سان ڪري رھيو آھي ۽ اھا اختياري توکي ڪنھن ڏني آھي؟“ مسيح جواب ۾ ھنن کي چيو تھ ”مان بھ اوھان کان ھڪڙي ڳالھھ ٿو پڇان – جيڪڏھن اھا مون کي ٻڌائيندا تھ مان بھ توھان کي ٻڌائيندس تھ ھي ڪم ڪنھن جي اختيار سان ڪريان ٿو. (اوھين مون کي ٻڌايو تھ) يوحنا جو بپتسمو (آسماني بادشاھت لاءِ تيار ٿيڻ جو سڏ) ڪنھن جو ھو؟ آسمان جو يا انسانن جو؟“ ھو پنھنجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تھ ”جيڪڏھن ٿا اسين چئون، آسمان جو ھو، تھ ھو اسان کي چوندو تھ پوءِ اوھان ڇو ان تي يقين نھ ڪيو؟ ۽ جيڪڏھن چئون ٿا تھ انسانن جو، تھ اسين ڄڻ عوام کان ڊڄون ٿا، ڇو تھ سڄو عوام يوحنا کي نبي مڃي ٿو!“ پوءِ ھنن جواب ۾ مسيح کي چيو تھ ”اسان کي خبر ناھي.“ ھن بھ انھن کي چيو تھ ”پوءِ اوھان کي مان بھ نٿو ٻڌايان تھ ھي ڳالھيون ڪنھن جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو. پر اوھين ڇا ٿا سمجھو؟.... (ڀلا) ھيءُ ٻيو مثال ٻڌو. ھڪڙي گھر جو مالڪ ھو، جنھن انگورن جو باغ لڳايو ۽ ان جي چوڌاري ڀت ڏياري ۽ ان ۾ رس ڪڍڻ لاءِ حوض جوڙايو، ۽ پيھو اڏايو، ۽ اھو آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ پرڏيھھ ھليو ويو. جڏھن فصل جي موسم ويجھي آئي، تڏھن ھن پنھنجا ماڻھو آبادگارن ڏانھن فصل کڻڻ لاءِ موڪليا. آبادگارن ھن جي ماڻھن کي جھلي، ھڪڙي کي مار ڏني، ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي پٿر اڇلائي ھنيا. پوءِ ھن ٻيا اڳين کان گھڻا پنھنجا ماڻھو موڪليا، پر ھنن انھن سان بھ اھا ئي ڪار ڪئي. نيٺ ھن ائين چئي، پنھنجو پٽ ھن ڏانھن موڪليو تھ ”ھو منھنجي پٽ جو تھ لحاظ ڪندا.“ جڏھن آبادگارن ھنن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن ھڪٻئي کي چيائون تھ ”ھيءُ ئي وارث آھي، اچو تھ ھن کي ماري ھن جي ميراث تي قبضو ڪري وٺون.“ ۽ ھن کي جھلي، باغ مان ٻاھر نيئي، ماري ڇڏيائون... ھاڻي، ڀلا جڏھن باغ جو مالڪ پاڻ ايندو تھ انھن آبادگارن سان ڪھڙي ڪار ڪندو؟“ انھن جواب ڏنو تھ ”انھن بدڪارن کي ھو صفا ختم ڪري ڇڏيندو ۽ باغ جو ٺيڪو ٻين آبادگارن کي ڏيندو، جيڪي مند تي فصل جو حساب ڏين.“ پوءِ مسيح ھنن کي چيو تھ ”ڪتاب مقدس ۾ اوھان ھي بھ پڙھيو آھي تھ ”جيڪو پٿر رازن ڇڏي ڏنو، اھو ئي آخر ۾ عمارت جي مھڙ جو پٿر بڻيو – خدا جي مرضيءَ سان ائين ٿيو ۽ اھو ڏاڍو بھتر ٿيو.“ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تھ ”خدا جي بادشاھي اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي (يعني، انھن کي) ڏني ويندي، جيڪي ان جي فصل جو حساب ڏيندا. جيڪو ھن پٿر سان پاڻ ٽڪرجندو سو پرزا پرزا ٿي ويندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو سو پيسجي ويندو.“ جڏھن ربين ۽ فقيھن ۽ فريسين مسيح جا ھي مثال ٻڌا، تڏھن سھي ڪيائون تھ ”ھي اسان بابت ٿو چوي.“ *

ڇا، اسين پنھنجي ھن موجوده دنيا جا عالم، فقيھھ ۽ مشائخ ۽ قومن جا بزرگ، جيڪا دنيا صيھوني ۽ اسلامي دنيا سان گڏ، مسيحي دنيا جي اڳواڻيءَ ۾، پنھنجن انبيائن جي نالي ۾ ديوانھ وار اڄ پنھنجي بچاءَ ۾ مصروف آھي، اِنھن مسيحي ڳالھين ۽ مثالن مان سھي نٿا ڪري سگھون تھ اھي مثال ۽ اھي ڳالھيون سڀ اسان بابت ئي آھن! يعني اسين اڄ انھن رياڪار فقيھن ۽ فريسين وانگر پنھنجن نبين ۽ متقين ۽ متقدمين جي تعليم جو رڳو نالو ڪيو ويٺا آھيون – نھ انھن جي ڪردار ۽ مثالن مان رھنمائي وٺون ٿا، نھ انھن جي دعوت جي فعال اصولن کي سمجھون ٿا – انھن کي قبولڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ تھ پري رھيو – نھ پنھنجي دور جي مسئلن کي ديانتداريءَ سان حل ڪرڻ گھرون ٿا، ڇو تھ اھي مسئلا اسان جي پنھنجي سنئالي ۽ سڻڀي وجود جا ئي نتيجا آھن ۽ انھن جي حل يا خاتمي ۾ اسان جي پنھنجي سنئالي ۽ سڻڀي وجود جو موت آھي، ۽ انھيءَ ڪري ئي اسين پنھنجن اڄوڪن ”نبين“، ”متقين“ ۽ ”صالحن“ کي بھ، جيڪي اھي مسئلا حل ڪرڻ گھرن ٿا ۽ اِنھيءَ ڪري اسان جا زندھھ مسيح آھن، رد ڪيون ٿا، اذيتون ۽ عذاب ڏيون ٿا، جيلن ۾ وجھون ٿا، ماريون ٿا ۽ قتل ڪريون ٿا. فرعون پنھنجي ”موسيٰ“ جي پيدا ٿيڻ جي امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ مصر جي يھودين جي سڀني پٽن کي ڄمڻ سان ئي مارايو ٿي، ۽ يھوديھ جي رومن حاڪم ھيروڊ بھ ”مسيح“ جي پيدا ٿيڻ جي امڪان کي روڪڻ لاءِ ٻن سالن کان گھٽ عمر جي سڀني معصومن کي مارايو ھو. اسان جي اڄ جي دنيا جا فرعون ۽ ھيروڊ ائين سو ڪونھ ٿا ڪن – ڪم از ڪم سڌيءَ طرح ۽ پڌري پٽ ائين ڪونھ ٿا ڪن – باقي ”مسيح“ کان، اھي ۽ ان قديم دور جي يھودي سردار ربيءَ ڪائفا جھڙا اڄ جا عالم ۽ فقيھھ، صاحب شريعت ۽ صاحب طريقت، مفتي ۽ مشائخ بھ اھڙا ئي خائف ۽ باغي آھن، ۽ ھڪ تھ ان کي ذھني طور اسرڻ نٿا ڏين، ۽ جي ڪنھن طرح ھو سندن درسگاھن ۽ تربيت گاھن ۽ سندن ”سماج“ ۾ اسري بھ ٿو تھ ان سان ھو اھا ئي ڪار ٿا ڪن جيڪا اسرائيلين جي سردار ربين، قومي بزرگن ۽ رومي حاڪمن ان بي مثل باغيءَ ۽ انقلابي نوجوان، مسيح عليھ السلام، سان ڪئي ھئي – فقط سندن ڏاڍ ۽ ظلم جا روپ بدليل آھن ۽ سندن اذيتون ۽ عذاب، ۽ سندن صليبڻ جا طريقا ٻيا ٻيا آھن.

پر جيسين فرعون موجود آھن تيسين انھن لاءِ موسيٰ بھ پيدا ٿيندا ئي رھندا. جڏھن ٻھ ھزار ورھيھ اڳي رومن ھيروڊ ٻالڪ مسيح کي ماري نھ سگھيو تھ اڄ ويھين صديءَ جي آخر ۾ ڪو چنگيز، ڪو ھلاڪو، ڪو نادر بھ ڪٿي ڪنھن ٻالڪ جو وار ونگو ڪري نٿو سگھي؛ ۽ ڪھڙي خبر ڪنھن ملڪ جو ڪھڙو ٻالڪ ان ملڪ جي آئيندي جو مسيح بنجڻو آھي، ۽ ان لاءِ ڪھڙي خوش نصيب ماءُ پيءُ کي مريم ۽ يوسف ٿيڻو آھي ۽ ان جي ولادت ۽ تربيت جو شرف لھڻو آھي – ڪيئن چئجي، اھي اسان جي آسپاس، آسمان سان بَر ميچيندڙ ڪنھن محل جي اوٽ ۾ بيٺل ڪنھن جھوپڙي، يا ڪنھن مال جي واڙي جا ئي ڪي ڏتڙيل رھواسي ھجن!

ھن ڪتاب تي ڪم ڪندي، مون کي محسوس ٿيو تھ منھنجا ساٿي ۽ واقفڪار جيڪي منھنجا خيال ڄاڻن ٿا، تن جي دل ۾ ھن جي پڙھڻ سان ضرور اھو سوال ايندو تھ مذھب ۽ مذھب سان لازم ان جي ”غيب“ ۽ ”فطرت کان اوچين“ ڳالھين بابت ڇا ٿو چئي سگھجي. مذھب جو ڪرشمو منھنجي نظر ۾ ھڪ عظيم ڪرشمو آھي، ۽ اھو ڪرشمو انساني زندگيءَ جي تمام ڊگھيءَ مدت، بلڪ ان جي لکن سالن جي مدت، سان واڳيل رھيو آھي، ۽ ان ڪرشمي جو اظھار جڳن جا جڳ، ”مذھبي انقلابن“ جي صورت ۾ ٿيندو پئي آيو آھي، ۽ ڪافي ايامن کان پوءِ انساني تاريخ جي ھڪ منزل تي پھچڻ کان پوءِ مذھبي انقلابن جو ھي عبرتناڪ سلسلو ختم ٿيو ۽ ان خاتمي جي دعوا ۽ اعلان نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ ' جن پاڻ ڪرڻ فرمايو. ان جي معنيٰ اِھا بھ ناھي تھ نزول وحيءَ جي خاتمي سان خود انقلابن جو سلسلو ئي ختم ٿي ويو. حقيقت ھيءَ آھي تھ انقلابن جي مذھبي سلسلي جي خاتمي کان پوءِ، دنيا ۾ ڪيئي انقلاب آيا، جن کي دنيوي يا دنيائي (Worldly/Secular)، ارضي يا ارضياتي (Earthly/Secular)، انقلاب چئجي ٿو، ۽ جيسين ھيءَ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي حضرت انسان جو قيام آھي، تيسين انسانيت جي تربيت ۽ ارتقا جا انقلاب ايندا رھندا.

مذھب جي ”غيب“ ۽ ”معجزي“ جي ڳالھھ يا ڳالھيون، انساني زندگيءَ جي مطلقا بنيادي ۽ اصلوڪي ٻِھ – تڪي مسئلي، يعني مقاصد ۽ ذرائع“ (Ends and Means) جي دائري ۾ ايندڙ ڳالھيون آھن: ھڪ راسخ العقيدھ مسيحي وڏي عالم، مائيڪل – ڊي انمونو، جي لفظن ۾، ”خدا جي ھئڻ کي مڃڻ معنيٰ تھ خدا جي ھئڻ جي خواھش رکڻ، ۽ تنھن کان وڌيڪ اِھا تھ عمل ائين ڪرڻ ڄڻ ھو آھي.“ ٻئي ھڪڙي اھڙي ئي راسخ مسيحي عالم، لي ڪامٽي ڊو نو وي، جنھن ئي اِھا مٿين ڳالھھ پنھنجي ڪتاب ”ماڻھوءَ جي منزل“ (Human Destiny) * ۾ لکي آھي، جو چوڻ آھي تھ ”جيڪو تصور خدا جو اسين تخليق ڪريون ٿا، اھو خدا جي ھئڻ جو ثبوت ڪونھي، پر جيڪا ڪوشش ان تصور جي تخليق ڪرڻ ۾ اسين صرف ڪريون ٿا، اھا ان جو ثبوت آھي.“ اسان جي ۽ دنيا جي صوفي درويشن مان جڏھن ڪو ”ڪل انسان“ جي صورت ۾ پنھنجي سڃاڻپ ڪرائيندي، يا پاڻ کي ”ڪل انسان“ جو مثال سمجھي، چوي ٿو تھ ”الھھ آدمي بن آيا“ يا ”آھيان پاڻ الله، عشقؤن کڻي عبد سڏايم“ – تھ اھو بھ اھا ساڳي ڳالھھ ٿو ڪري. ٻئي پاسي، سماج ۾ رھندڙ انسان جي ازلي امنگن يا قدرن، يعني ”امن، اتحاد ۽ ترقي“، يا ”پيار، سٻنڌ ۽ سک“ يا ”حسن، نيڪي ۽ خير“ جي ھر آدرش جي ھئڻ جي ڳالھھ بھ ائين آھي – يعني، اسان جي خواھش اھا آھي تھ اھي ھجن ۽ تنھن کان وڌيڪ ھي تھ اسان جي عمل جو اظھار ائين ٿئي ڄڻ اھي واقعي آھن، ۽ ٻيو تھ انھن جي ھئڻ جو ثبوت بھ اھو ڪونھي تھ اسان انھن جو ڪو تصور ڪيو آھي پر اھا ڪوشش ان جو ثبوت آھي، جيڪا انھن جي تصور تائين پھچڻ يا ان کي حقيقت جي روپ ڏيڻ لاءِ اسين ڪريون ٿا. انھيءَ طرح، دراصل آدرش بھ ھڪ غيب آھي، جيئن غيب بھ ھڪ آدرش آھي، ۽ ائين غيب ۾ ايمان ۽ آدرش ۾ ايمان جو فرق رڳو سمجھڻ لائق (Academic) يا رڳو لفظي يا اصطلاحي قسم جو وڃي ٿو بيھي - ۽ پوءِ ڳالھھ وڃي اتي ٿي ڇيھھ ڪري تھ ڪھڙيءَ صورتحال ۾ ڪھڙي اصطلاح جي لباس وارو تصور يا فڪر حقيقت جي دنيا ۾ وڌيڪ صورت پذير يا بارآور ثابت ٿي رھيو آھي. ۽ اِھو خالص ذرائع (Means) جو، علم (Theory) جي مقابلي ۾ عمل (Practice) جو، ۽ قول (words) جي مقابلي ۾ فعل (Deeds) جو سوال بڻجي ٿو بيھي! ۽ ان ۾ سمجھڻ جي ڳالھھ ھيءَ نڪري ٿي اچي تھ بدلجندڙ (وڌندڙ، سڌرندڙ) سماج ۾ رھندڙ انسان جا ازلي مقاصد – پيار، سٻنڌ ۽ سک جا، امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جا، حسن، نيڪيءَ ۽ خير جا – جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ عميق ۽ وڌيڪ وسيع ٿيندا رھن ٿا، ۽ انھيءَ ڪري انھن جي حاصل ڪرڻ جا يا انھن کي حقيقت جي روپ ڏيڻ جا ذريعا بھ مٽبا، بدلجندا، بلڪل نوان نھ تھ بھ مختلف، گھڻ – پاساوان ۽ مشڪل ضرور بڻجندا ٿا رھن. ۽ ان صورت ۾ خصوصا جڏھن غيب جي واسطي سان مذھبي انقلابن جو سلسلو بھ ختم ٿيل آھي، تھ ان غيب جي حمايت يا وساطت جو ان کان اڳ يعني ان جي پنھنجي دور ۾ عقلي طور ڪھڙو بھ جواز يا تعبير ھو يا نھ ھو، ان کي ھاڻي غير ضروري نھ تھ بھ ناممڪن سمجھي (ڇو تھ نزول وحيءَ جي اِلقاء کان قطعا محروم آھيون)، اسان لاءِ سواءِ پنھنجي عقل جي راھھ تي ھلڻ جي باقي ٻيو رستو رھيو بھ ڪھڙو آھي، جو اھو وٺي ھلون! ھاڻي، البت، ان رستي سان ويندي ويندي، اسين اڳين رستن جا پراڻا آثار ڏسي، جانچي، نشانن کي سڃاڻي، انھن جي تورتڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري سگھون ٿا – تھ ڪھڙين ڪھڙين حالتن ۾، ڪھڙي منزل ۽ ڪھڙي درجي جي مقصدن لاءِ ڪھڙا نتيجا – نظري ۽ عملي، ڊيڄاريندڙ ۽ ھرکائيندڙ، عقلي ۽ معجزائي، معلوماتي ۽ پروپيگنڊائي وغيره وغيره – ڪم آندا ويا ۽ انھن مان ڪھڙن ڪھڙن، ڪٿي ۽ ڪيئن پنھنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ۽ اسين، ھاڻي، جيڪا ڪجھھ سمجھھ، جو ڪجھھ فڪر، وسيلي طور، پنھنجي عقل جي رستي سان اڳتي وڌڻ لاءِ، ساڻ کڻي سگھون، سو ڪھڙو ۽ ڪيترو؟ ڇو تھ اسين ان سلسلي نزول وحيءَ جي قطع ٿيڻ کان پوءِ بھ ڪافي اڳتي وڌي آيا آھيون، ۽ اسان کي ائين اڳتي وڌندي رھڻو ئي آھي – جيئن اسين ۽ ٻيا جيڪي ان سلسلي جي ھر قدم کي اھم سمجھون ٿا ۽ ان ھر قدم لاءِ پنھنجي وقت جي ڌڻيل اڳواڻ کي مڃون ٿا، تن کي مسيح جا ھي لفظ اھڙيءَ ريت اڳتي ۽ نت اڳتي وڌڻ لاءِ اڀاريندا ۽ للڪاريندا رھن ٿا، جيڪي ھن آخر ۾ پنھنجن ساٿين کي چيا ھئا: ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تھ اوھين ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪريان ٿو (انساني عقل جا، ۽ پڻ عقل کي عاجز ڪرڻ جا يعني ”معجزا“) سي بھ ڪندا، پر انھن کان بھ وڏا ڪم ڪندا!“ *

۽ ان عظمت جي وڌ کان وڌ بلندين تائين پھچندي رھڻ لاءِ، ذريعي طور، ھن اسان کي سڀ کان اول پنھنجي ”اکين کان ڪم وٺڻ“ لاءِ، يعني پنھنجي مشاھدي، پنھنجي تجربي ۽ پنھنجي ڄاڻ (ٻين لفظن ۾، پنھنجي عقل) کي استعمال ڪرڻ ۽ ان سان پنھنجي راھھ کي روشن رکڻ لاءِ چيو آھي – ”اوھان جون اکيون اوھان لاءِ سوجھري جا ڏيئا آھن. ائين ھرگز نھ ٿيندو آھي تھ ڪو ڏيئا ٻاري، انھن کي مٽ ھيٺان لڪائي رکي ڇڏي. ڏيئن کي ٻاري پاڻ مٿي رکبو آھي تھ جيڪي اندر اچن سي انھن جي سوجھري ۾ سڀڪجھھ ڏسن. اوھان جون اکيون درست آھن (۽ ڏسن ٿيون)، تھ اوھين سوجھري ۾ آھيو. پر جڏھن اوھان جون اکيون ناقص آھن (۽ نٿيون ڏسن)، تھ اوھين سڄا اونداھيءَ ۾ آھيو. انھيءَ ڪري، پوري سعيي سان سدائين پاڻ وٽ اوندھھ بدران سوجھري کي موجود رکو. جيڪڏھن اوھين پوري سوجھري ۾ ھوندا ۽ ڪابھ اوندھھ اوھان وٽ نھ ھوندي، تھ اوھين سڄو ڏيک چٽو ڏسندا – ڄڻ اوھين پاڻ ڏيئا آھيو (۽ اوھان جي پنھنجي روشنيءَ سان اوھان جو رستو روشن آھي.) *

”مقاصد“ (Ends) جي سلسلي ۾ ھيئن ٿو چئي سگھجي (۽ اِن تي سماوي ۽ ارضي طرز فڪر ٻنھي جو اتفاق آھي) تھ مقصدن جو مقصد انسان پاڻ آھي – ھر ڪوشش، ھر ڀلائي ۽ ھر تربيت ۽ ھر تنظيم انسان جي پنھنجي نجات ۽ پنھنجي عروج لاءِ آھي – انفرادي طور بھ ۽ اجتماعي طور بھ، بلڪ جڏھن کان انسان سماجي طرز زندگيءَ ۾ پير رکيو ۽ مٿس، يعني انسانن مان ڪنھن ھڪ انسان تي بھ، اھا حقيقت روشن ٿي تھ ٻن جي باھمي تعاون سان ئي ٻنھي جي مشڪل ڪشائي ۽ احتياج رسائي آسان ٿي سگھي ٿي، تڏھن کان سماجي زندگيءَ جي ھر صحيح نظام ۽ ھر صالح انقلاب جي پھچ جو نشان يعني ان جو مقصد فقط ۽ فقط انسان جي گڏيل نجات ۽ انسان جو مشترڪ عروج يا ترقي ئي مقررٿيو  - نجات پنھنجي ڳاڻيٽي کان ٻاھر جڳن جي حيوانيت ۽ ان جي گڏ ٿيل ۽ گڏ ٿيندڙ اثرن ۽ آثارن کان ۽ عروج پنھنجي لاحد، ترقي پذير، اعليٰ کان اعليٰ تر انسانيت ڏانھن، ۽ مسيحي تعليم جو اِن سلسلي ۾ ڏنل سبق ڪلي طور فيصلھ ڪن حيثيت رکي ٿو –

”۽ يوحنا جا پوئلڳ ۽ فريسي (يھودي عالم ۽ فقيھھ) روزا رکندا ھئا (جيڪو انھن جي شريعت جو ھڪ دستور ھو). ڪي ماڻھو يسوع وٽ آيا ۽ پڇيائون تھ ڇو سندس پوئلڳن بھ روزا نٿي رکيا! يسوع جواب ڏنو، ”ڇا، ڄاڃي، جيڪي گھوٽ جا دوست ھوندا آھن، شاديءَ جي ڀت کائڻ کان انڪار ڪندا آھن؟ ۽ جڏھن گھوٽ ساڻن ھوندو آھي تڏھن ھو ڏک ڪندا آھن؟ پر جڏھن گھوٽ کانئن وڇڙندو تڏھن ھو ڏک ڪندا. (تنھن کان سواءِ، بک ڪڍڻ عمل جو پراڻو طريقو آھي.) اھا ڳالھھ ائين آھي جيئن پراڻي ڪپڙي کي نئين ڪپڙي جي چتي ھڻڻ. پوءِ ڇا ٿيندو آھي؟ (نئين) چتي سوس کائي ويندي آھي، ۽ (پراڻي ڪپڙي جو) ٽڪ اڳي کان بھ ويڪرو ٿي ويندو آھي. اوھان کي ڄاڻ آھي تھ انگورن جو تازو رس پراڻين مشڪن ۾ ڪونھ وجھبو آھي، ڇو تھ اھي ڦاٽي پونديون. انگورن جو تازو رس بھ ھارجي ويندو ۽ مشڪون بھ بيڪار ٿي پونديون. انگورن جو تازو رس نئين مشڪن ۾ وجھبو آھي!“

”ٻئي ڀيري، ھڪڙي سبت جي ڏينھن، يسوع جا ساٿي، يسوع سان گڏجي، (پنھنجن) کيتن ۾ ويا ۽ ڪڻڪ لڻڻ ۽ سنگن مان ان ڪڍي کائڻ لڳا. (تنھن تي) فريسين (ڌي) يسوع کي چيو، ”ھنن کي ائين نھ ڪرڻ کپي. سبت جي ڏينھن لاباري (يا ٻئي ڪنھن ڪم) ڪرڻ جي شريعت ۾ جھل آھي.“ يسوع جواب ڏنو، ”ڇا، اوھان کي خبر ڪانھي تھ دائود ڇا ڪيو ھو، جڏھن ھن کي ۽ ھن جي ساٿين کي ضرورت ھئي ۽ ھو بکايل ھئا؟ ھو، سردار ربيءَ ابياتر جي ڏينھن ۾، ڇو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ھو ۽ ڇو اتي نذر ۾ آيل روٽ پاڻ بھ کاڌائين ۽ پنھنجن ساٿين کي بھ کارايائين، جڏھن اھي روٽ کائڻ فقط ربين ۽ ڪاھنن لاءِ جائز ھئا؟ ائين ڪرڻ جي بھ تھ شريعت ۾ جھل ھئي! پر (آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان) ”سبت“ (مذھب، نظريو، ان جو ڪو رڪن يا ڳالھھ – ھر چيز ۽ ھر عمل) ماڻھوءَ لاءِ آھي، نھ ماڻھو ”سبت“ لاءِ - ابن آدم ”سبت“ جو مالڪ آھي.“ *

انساني زندگيءَ جي ”مقاصد ۽ ذرائع“ جي بنيادي ٻھ – تڪي مسئلي جي سلسلي ۾ ”مقاصد“ جي برتري ۽ مقصدن ۾ انساني خير ۽ خلق جي اوليت جِي ترغيب ۽ بيان، مسيح جي انھيءَ تعليم کان وڌيڪ مؤثر ۽ واضح لفظن ۾ ٿي ئي نٿو سگھي.

۽ اِھا تعليم، اِھا ترغيب، اِھو بيان، انھن لفظن ۾ ۽ انھيءَ انداز سان، دکي ۽ مجبور انسانن کي فقط ”مسيح“ ئي ڏيئي سگھيو ٿي، جيڪو انساني پيار، انساني ڪھل ۽ زندگيءَ جي احترام جو پيغمبر ھو.

ھن جا آخري لفظ ھئا: ”ڌرتيءَ ۽ آسمان جي طاقت منھنجِي (ابن آدم جي) آھي!“ **

پنھنجي آخري دم تائين، ھو ڪمزور، معصوم، مظلوم ۽ محروم انسانن کي، پنھنجون ”رڍون“ ۽ پنھنجا ”گھيٽڙا“ سڏيندي، پنھنجن پوئلڳن کي انھن جي ”چارڻ ۽ پيارڻ“ جي پارت ڪندو ويو – تھ جيئن بني نوع انسان، پنھنجي حيوانيت جي بگھڙ کان پاڻ بچائيندو، پنھنجي انسانيت جي خير ڪبير ۽ خلق عظيم جي اعليٰ کان اعليٰ تر آدرش ڏانھن وڌندو رھي.

انسانيت جو ھيءَ ارتقائي سفر لاحد ۽ اکٽ آھي – ڪٿان جو ڪٿان ٿيندو، ايامن جا ايام گذاريندو، جيو جي صورت وٺڻ کان پوءِ بھ لکن جا لک سال سڪندو، سھڪندو ۽ سھندو، انسان وحشيپڻي مان اڀري، تھذيب جي اڄوڪي ڏاڪي تي پھتو آھي. ھيءَ تھ ھن جي تھذيبي ترقيءَ ۽ اخلاقي اوسر، يعني پنھنجي حيواني اوصافن جي ضبط ۽ ضابطي، جي اڃان ابتدا پيئي معلوم ٿئي. اڄ بني نوع انسان جي تھذيب ۽ اخلاقيات جو عمل دخل قوميت جي محور اندر ئي محدود آھي – خود قومي محور جي اندر بھ گروھھ آھن، ۽ گروھن ۾ فرد آھن، جيڪي سچ ۽ نيڪيءَ جو فيصلو گروھي يا شخصي طور پنھنجي فائدي ۾ ڪرڻ لاءِ حيواني وسائل، يعني طاقت جا ذريعا – تعداد، دولت، علم، عقل ۽ سياسي اقتدار جي فوقيت ۽ سڀرائيءَ جا – ڪم ۾ آڻڻ کان پوئتي ڪونھ ٿا ھٽن. مذھب (يا، مذھبن) جي معلوم تاريخ (ڪم از ڪم، عملي طور رڳو پنھنجي پنھنجي خاص قوم جي تھذيبي ۽ اخلاقي تربيت جي ڪوشش جي تاريخ آھي – اسرائيل (سامي) سلسلي جا مذھبي اڳواڻ سڀ جا سڀ، ۽ ائين آريائي سلسلي جا پڻ سڀ – مسيح ۽ گوتم ٻڌ جي استثنيٰ سان – (۽ اھي ٻيئي سلسلا تاريخ جا قريب قريب ھمعصر سلسلا ئي آھن)، تاريخ جي مطالعي مان ائين پيو ڏسجي تھ ڄڻ پنھنجي پنھنجي قوم جا جنگي سالار ھئا، جن امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي دعوت عملي طور فقط پنھنجيءَ قوم تائين محدود رکي ٿي ۽ ٻي ھر ڪا غير قوم ۽ ان جي زمين ۽ املاڪ ڄڻ ان جي پنھنجي خاص قوم لاءِ ان جي خاص ڌڻيءَ جِي وعدي ڪيل رعيت، وعدي ڪيل زمين ۽ مال غنيمت ھئي! اڄ بھ آسانيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو تھ قومن ۾ فرد ۽ گروھھ، ۽ جدا جدا قومون، ٻين (پاڻان ھيڻن) کي زير ڪرڻ ۽ ڳرڪائڻ ۾ ڪيتري قدر پنھنجن حيواني اوصافن تي ضبط رکن ٿيون ۽ انھن کي ڪم آڻڻ کان پرھيز ڪن ٿيون! انھيءَ ڪري، انساني اوصافن – پيار، ڪھل ۽ زندگيءَ جي احترام – جي تربيت ڪرڻ، فردن ۾، گروھن ۾ ۽ قومي سطح تي - ۽ حيوانيت جي ھر اظھار ۽ عمل جي سامھون ٿي بيھڻ - ۽ انسانيت جي ارتقائي راھھ ۾ ائين پير پير ۾ ڏيئي اڳتي وڌڻ، ڪيتري نھ اھم ۽ ضروري ڳالھھ آھي! تان تھ انساني نجات لاءِ ۽ ھتي ھيٺ، اسان وٽ ”آسماني بادشاھت“ جي قائم ٿيڻ جي زمين ھموار ٿئي – جنھن لاءِ خدا جي ٻالڪ، نماڻي يسوع، انسانيت جي مسيح، مٿي تي ڪنڊن جو تاج پاتو ۽ ڪلھي تي پنھنجي صليب پاڻ کنئي ۽ ھو ماڻھن جي وچ ۾ ۽ ماڻھن سان گڏجي پنھنجي مقتل ڏانھن وڌيو، تھ جيئن پنھنجي قتل جو پاڻ تماشو ڏسي سگھي.

مسيح کان اڳ ۾ ۽ ھن کان پوءِ ۽ پڻ اڳتي – ھيءَ راھھ – انساني تھذيب ۽ اخلاق جي ارتقا جي راھھ – ڪنڊن جي تاج جي ۽ صليب تي ٽنگجڻ جي راھھ – مسيحن جي راھھ آھي ۽ ھن راھھ تي ھلڻ لاءِ خدا جو ھر ٻالڪ، انسان جو ھر معصوم ٻار آئيندي جو مسيح آھي – شرط آھي تھ ان ٻالڪ جي ڄڻڻ ۽ نپائڻ جي سعادت ڪھڙي ماءُ پيءُ کي ٿي ملي، ۽ مسيحيت جو اھو عظيم انساني درجو، اھو اعليٰ خدائي رتبو ۽ شان ڪھڙي خوش نصيب ٻالڪ کي ٿو نصيب ٿئي: ۽ ٻي وڏي ڳالھھ تھ اسين، جيڪي مظلوم ۽ محروم، عام ماڻھو آھيون، سي پنھنجي نجات لاءِ، اھڙي ڪنھن مسيحي راھھ جي سلسلي ۾ ڪھڙو ٿا ڪردار ادا ڪريون – ڪنھن يھودا جو، ڪائفا جو، پلاطس جو يا ھن جي پيسن ڳڌل ڀاڙيتو سپاھين ۽ جلادن جو – پاڻ جھڙن ھيڻن، ايذايلن ۽ ڏکويلن سان ساٿ ڏيڻ ۽ ساٿ نباھڻ جو ۽ ان لاءِ ڏک سھڻ ۽ سر جي سٽ ڏيڻ جو! حيوان ۽ ماڻھوءَ جي ۽ پڻ ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي پرک، سچ پچ، جي آھي تھ اِھا آھي، ۽ اِتي آھي.

ٻري تھ ٻيلي گھڻا، سائي پڇي سک،

رفاقت رڃن ۾، ڏونگر ڪاري ڏک.

آريءَ جو اھک، مون رھنما راھھ ٿيو.

(شاھھ)

  حيدرآباد، سنڌ                     _         محمد ابراھيم جويو

ڊسمبر 1979,12ع

ھيءُ ڪتاب، جيڪو مون ايڏي شوق سان لکيو، 1979ع ۾ 1979ع جي ٻارن جي عالمي سال جي ڪتاب طور شايع ٿيڻو ھو. پر اسين تھ ھڪ ھيڻي ۽ مسڪين قوم جا فرد آھيون، ۽ ٻيو تھ ڏٻري وھٽ جي ڌڻيءَ وانگر سوير پلائڻ ڪونھ سکيا آھيون – انھيءَ ڪري اسان لاءِ ھر ڳالھھ ۾ تاخير جو واقع ٿيڻ ڄڻ اٽل ڳالھھ بڻجي پيئي آھي. سو ھن ڪتاب جي اشاعت ۾ نھ تھ بھ پوري ھڪ سال جي دير پئجي ويئي. بھرحال، ڪتابُ، ڪوبھ، ڪا ڪني ڀاڄي ڪانھي، جا سدا سوادي ۽ سرھي نھ لڳي. انھيءَ اميد سان تھ ھيءُ ڪتاب اسان جا ننڍا ڀائڙا ۽ اسان جا سرويچ ۽ سڌيائتا جوان ۽ اسان جا بزرگ ساٿي بھ پڙھندا ۽ ان مان ھو پنھنجي پنھنجي ذھني گنجائش ۽ ضرورت سارو لاڀ پائيندا، ھيءُ پنھنجي سمجھھ ۽ سرڌا جو ثمر انھن جي ھٿن ۾ ڏيئي رھيو آھيان – قبول ڪندا ۽ وڻندن تھ سڀاڳ سمجھندس.

- م.ا.ج

1980-10-31ع

مصنف جو پيش لفظ

مسيح جي زندگي ھڪڙي عجيب ۽ رمز ڀري ڳالھھ آھي، جيڪا ٻڌائڻ وٽان آھي. اھا نھ رڳي حسين آھي، پر ڏاڍي دلچسپ ۽ ڊرامائي ڳالھھ آھي، ۽ خاص طرح ٻارن کي ٻڌائڻ جھڙي آھي.

ھھڙي ننڍي ڪتاب ۾، ھن ڳالھھ جي ٻڌائڻ لاءِ، منھنجي آڏو ٻھ رستا ھئا – ھڪ تھ سڄي ساري ڳالھھ ٻڌايان، پر مٿاڇري ۽ مختصر نموني، ۽ ٻيو تھ ان جا ڪي خاص پاسا کڻي، پوري ڌيان ۽ پوريءَ محبت سان اھي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪريان تھ جيئن انھن جو روح ۽ رس اڀري اچي. مون ٻيو رستو پسند ڪيو آھي – ڇاڪاڻ تھ ٻارن کي ھھڙي قسم جي ڳالھھ ۾ ڪجھھ ذري پرزي ۽ تفصيلي احوال وڻندا آھن، ۽ ڇاڪاڻ تھ ٿورا واقعا پر چڱيءَ طرح ٻڌايل، ٻارن جي دلين تي بھ اثر ڪن ٿا ۽ کين آسانيءَ سان ياد بھ بيھن ٿا. ڊگھي ۽ وڏي ڳالھھ ۽ ڳالھھ جي گھڻ ٻارن لاءِ سمجھڻ ۽ ھضم ڪرڻ ۾ ڏکي ۽ ڳؤري ٿئي ٿي.

اھو ئي سبب آھي، جو ھتي گھڻا معجزائي ۽ تمثيلي احوال مون ڪونھ آندا آھن، ۽ رڳو اھي مکيھ واقعا ۽ ننڍا پر چٽا احوال ڏنا اٿم، تھ جيئن ٻار اھي سولائيءَ سان سمجھي سگھن ۽ جن مان ھو وندري بھ سگھن ۽ انھن جو اصل مقصد بھ پرائي سگھن.

مون ڳالھھ جي بيان ۾ انجيل پاڪ ۾ آيل واقعن ۽ احوالن سان گھڻي قدر مطابقت رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڇاڪاڻ تھ اسان جي اسڪولن ۾ ۽ گھرن ۾ ٻارن کي اھي احوال اتان ئي پڙھي ٻڌايا وڃن ٿا، ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگھيو آھي، پنھنجن بيانن ۾ خود لفظ بھ سٺا سٺا، سادا ۽ سھڻا اتان کنيا اٿم.

ھونئن مون پنھنجي لکڻي ۽ طرز بيان تمام سادي رکي آھي، ڇاڪاڻ تھ منھنجي مرضي ھئي تھ چئن سالن جي ٻارن کي بھ ھي ڳالھيون جيڪڏھن پڙھي ٻڌائجن تھ ھو سمجھي وڃن، ۽ ٻن ڏھاڪن سالن جي عمرين وارا ٻار جيڪي ھيءُ ڪتاب پاڻ پڙھندا، سي بھ ان کي شوق سان پڙھن ۽ ان مان لطف وٺن، پنھنجي تجربي مان مون کي معلوم آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن ڳالھھ جي ٻولي مناسب ۽ سھائيندڙ آھي، تھ اھا ھر عمر جي ٻار کي وڻندي – خاص طرح خود ڳالھھ بھ جڏھن اھڙي سونھن ڀري ۽ دلچسپ ھجي، جھڙي اصل ۾ ھيءَ ڳالھھ آھي.

مون کي جڏھن ھن ڪتاب جي لکڻ لاءِ چيو ويو، تڏھن مون ان ڪم کي پنھنجو اعزاز سمجھي ھٿ ۾ کنيو. منھنجي سڀني ڪتابن ۾ - پوءِ انھن ۾ جانورن جون ڳالھيون ھجن يا پترين جون، سرڪس جي دنيا جون ۽ حادثاتي يا جانبازيءَ جون، يا اسڪولي زندگيءَ جون ڳالھيون ھجن – پر انھن سڀني ۾ بنيادي زور ھميشھ پيار ۽ ھمدرديءَ، قياس ۽ ڪھل، عدل ۽ انصاف تي آيل آھي. ۽ ھاڻي ھن ڪتاب جو لکڻ، جنھن ۾ انھيءَ ھستيءَ جي ئي سوانح حيات لکيم، جنھن جي سڄي زندگي ۽ تعليم انھن شين جو جامع عملي مثال آھي، مون لاءِ پنھنجي حياتيءَ جو ھڪ وڏو ۽ بي بھا تجربو ھو ۽ منھنجي روح لاءِ ڪامل ۽ بي مثال مسرت بھ.

مان پوريءَ نماڻائيءَ سان محسوس ڪريان ٿي تھ ڪيترن ئي پاسن کان ھيءُ ڪتاب اھڙو جامع ۽ پورو نھ آھي جھڙو مون پاڻ ئي چاھيو ٿي تھ ھجي. پر جيڪڏھن ھيءُ ٻارن جي آڏو دنيا جي عجيب ترين ۽ حيرتناڪ ڪردار جي ھڪ پڌري، سادي ۽ صاف ۽ دلپذير تصوير پيش ڪري سگھي، تھ پوءِ آءٌ سمجھنديس تھ ھن ڪتاب کي شايد ان ”داڻي“ جھڙو چئي سگھبو، ”جيڪو سٺيءَ زمين تي وڃي پيو ھو“. ۽ ان کي آءٌ پنھنجي لاءِ وڏي ۾ وڏو انعام سمجھنديس.

جنوري، 1943,1ع _                                                                    اينڊ بِلائٽن


*  ڥجإب ڶڤڈښ، صڎإڼۆ ڠێڈڷإڶۆ، صۑڈإیڛ – 3,2/1 ۽ 4

*  ڥجإب ڶڤڈښ، ڵۆڤإ 19-1/20

* Lecomte Du Nouy: “HUMAN DESTINY”, The New American Library, 4th – printing 1956, P.99

* ۑۆقڷإ – 12/14

* ڵۆڤإ – 37-33/11

*  ڥجإب ڶڤڈښ، ڶڎڤڜ 28-18/2

**  ڶجۑ، 18/28

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org