: ناصرت
جي نينگر
گھڻا
ڏينھن اڳي، ناصرت نالي ھڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ مريم جي
نانءَ سان ھڪڙي نينگر رھندي ھئي. اتان جا سڀ ماڻھو
ھن کي سڃاڻندا ھئا ۽ ھن کي ڀائيندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ
ھوءَ سدائين انھن جي ڏک جون ڳالھيون ڪن ڏيئي ٻڌندي
ھئي ۽ انھن جي سھائتا ڪندي ھئي.
ھوءَ پنھنجي ماءُ پيءُ وٽ رھندي ھئي، پاڙي جي ٻارن
سان کيڏندي ھئي. ھوءَ پنھنجن سپنن ۽ ويچارن ۾ گم
رھندي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن چاھيندي ھئي تھ جو ڪجھھ ھن
ڏٺو ٿي يا ٻڌو ٿي، ان سڀ تي پنھنجي منھن ويھي ڪجھھ
سوچي.
ڪڏھن ڪڏھن مريم پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ ۾ ڏاڍي ڏک
ڀرئي لھجي ۾ سندن اڳين سکين ۽ سوڀياوان ڏينھن بابت
ڳالھائيندي ٻڌندي ھئي. ھن جو پيءُ چوندو ھو، ”اسين
ھاڻي آبائتا ماڻھو نھ آھيون. ٻيا ماڻھو اسان تي
راڄ ڪن ٿا.“
”ڪير اسان تي راڄ ڪن ٿا؟“ مريم پڇيو.
”رومن لوڪ.“ ھن جي پيءُ وراڻيو. ”ھو ھتي پنھنجن
ڪٽڪن سان چڙھائي ڪري آيا. ھو اسان جي رستن تان
دنجندا ھليا. ھنن اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو ۽
چيائون تھ، ”ھاڻي ھيءُ اوھان جو نھ پر اسان جي روم
جو ملڪ آھي!“
”سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون چون ٿيون تھ روم سڄي دنيا فتح
ڪئي آھي.“ مريم چيو، ”اھڙو ڪو ماڻھو ئي ڪونھي، جو
اسان کي اِنھن کان بچائي ۽ اسان کي وري آبائتي قوم
بڻائي؟“
”ھائو – ھڪڙو ماڻھو آھي، جو اسان کي بچائيندو ۽
اسان جو وڏي ۾ وڏو بادشاھھ بڻبو.“ ھن جي ماءُ چيو،
”پر مان چئي نٿي سگھان تھ اھو ڪير ماڻھو ٿي سگھي
ٿو!“
”مٺي امڙ – ڪيئن ٿي تون چوين تھ اسان وٽ اسان جو
ھڪڙو وڏو بچائيندڙ ايندو؟“ ننڍڙيءَ نينگر پڇيو.
”ڇاڪاڻ تھ خدا جو اسان سان واعدو ٿيل آھي،“ ھن جي
ماءُ چيو. ”۽ خدا جو ڪيل واعدو سدائين پورو ٿيندو
آھي. مان توکي پڙھي ٿي ٻڌايان تھ اسان جي اڳئين جڳ
جا وڏڙا ھن حيرت ۾ وجھندڙ بادشاھھ لاءِ ڇا چئي ويا
آھن.“
پوءِ ننڍڙيءَ نينگر ماءُ جي واتان ٻڌو تھ ھڪ ڏينھن
خدا اسرائيل جي ملڪ ۾، جتي مريم رھي ٿي، ھڪڙو
بادشاھھ موڪليندو، جيڪو سندن وڏي بادشاھھ دائود
کان بھ وڏو بادشاھھ ھوندو ۽ وٽن جيڪي بھ بادشاھھ
آيا تن سڀني کان اھو وڏو بادشاھھ ھوندو، بلڪ زمين
تي جيڪي بھ بادشاھھ آيا ھئا تن سڀني کان اھو سندن
بادشاھھ وڏو بادشاھھ ٿيندو.
”امڙ – مان چاھيان ٿي تھ اھو بادشاھھ اسان وٽ ترت
اچي!“ مريم چيو. ”پوءِ مان بھ ھن کي ڏسنديس!“
ھن جي ماءُ ٿڌو ساھھ کنيو. ”ڪنھن کي خبر؟“ ھن چيو.
”ھي ڏينھن اسان لاءِ سختيءَ جا آھن. مون کي پڪ آھي
تھ خدا جي واعدي پوري ٿيڻ جي گھڙي ويجھي آھي، ۽
ترت اسان جو بادشاھھ اسان جي بچائڻ لاءِ اسان وٽ
ايندو.“
”ڪھڙي نھ عجيب ھيءَ سوچڻ جي ڳالھھ آھي تھ سڀ وڏا
بادشاھھ پھريائين ننڍڙا ٻالڪ ٿي ٿا اچن!“ مريم
چيو. ”آءٌ ڀانيان ٿي تھ ھو ڪنھن سھڻي محل ۾ ڄمندو،
۽ ھن کي ڏاڍي سھڻي ڳاڙھي پينگھي ۾ لوڏيندا ۽ ھن جا
ڪپڙا گلن جي پنکڙين جھڙا نرم ھوندا ۽ ھن جي ماءُ
بھ ھڪ وڏي شھزادي ھوندي.“
ھن جي ماءُ پنھنجي ننڍڙي گھر جي چوڌاري ڏٺو، جيڪو
ٽڪرين جي وچ ۾ اڏيل ھو، ۽ جتي ھن جو ڪٽنب رھندو
ھو. ”اسين اڄ مسڪين آھيون،“ ھن چيو، ”پر توکي ڄاڻ
آھي، مريم، تھ ڪن ڏينھين اسان جو ڪٽنب بھ دائود جي
شاھي ڪٽنب سان ڳنڍيل ھوندو ھو.“
”تھ پوءِ دائود بادشاھھ منھنجو تڙ – تڙ – تڙ گھڻا
تڙ – تڙ – ڏاڏو ھو؟“ مريم اچرج وچان پڇيو.
ھن جي ماءُ ڪنڌ ڌوڻيو. ”ھائو، پر اھا ڳالھھ گھڻي
گھڻي اڳ جي آھي. تون ڳوٺ جي واڍي يوسف کي تھ
سڃاڻين ٿي؟ ان جو ڪٽنب بھ ڪن ڏينھين دائود جي ڪٽنب
سان ڳنڍيل ھو. ھن کان تون پڇندينءَ تھ ھو بھ توکي
ٻڌائيندو.“
مريم انھيءَ بادشاھھ بابت ڏاڍو گھڻو سوچيو، جنھن
جو واعدو خدا سندس قوم سان ڪيو ھو. ھن جي دل ٿي
چاھيو تھ اھو جلد اچي. ”شل مان ھن کي ڏسي سگھان.“
ھن سوچيو، ”جيڪڏھن مان شھزادي آھيان تھ مان بھ ھن
جي ماءُ ٿي سگھان ٿي! ۽ اھا ڳالھھ ڪھڙي نھ من
موھڻي ٿيندي! پوءِ تھ مان ھن کي ٽِپائينديس،
ڪڏائينديس ۽ ھن جي پالنا ڪنديس. مان ھاڻي يوسف کان
پڇنديس تھ ھن بھ ھن بابت ٻڌو آھي!“
يوسف واڍو ھو ۽ ساڳئي ڳوٺ ۾ مريم جي گھر کان ٿورو
ئي پري رھندو ھو. ھو مريم کي چڱيءَ پر سڃاڻندو ھو
۽ ھن لاءِ گھڻي اڪنڍ ھوندي ھيس. جڏھن ھوءَ کيس
گڏبي ھئي، تھ ھو ھن سان بيھي ڳالھائيندو ھو. ھن کي
بھ ان بادشاھھ جي ڄاڻ ھئي، جنھن جو ساڻن واعدو ٿيل
ھو.
”ڪنھن ڏينھن تھ ھو ايندو!“ ڪاٺ کي رندو ھڻندي،
مريم کي ھن چيو. ”خدا جو اِھو واعدو آھي. سچ پچ بھ
تھ ھيءُ ئي پورو وقت آھي، ھن جي اچڻ جو، جڏھن رومن
قوم اسان تي ايڏا ظلم ڪري رھي آھي، ۽ اسين ايڏا
ماريل ۽ ڏکويل آھيون. ھڪڙي ڏينھن ھو ضرور ڄاپندو،
مريم، ۽ اھو اسرائيل جي قوم لاءِ ڪھڙو نھ معجزي
جھڙو ڏينھن ٿيندو!“
2
: مريم ۽ فرشتو
مريم اڪثر فرشتن جون ڳالھيون ٻڌندي ھئي تھ ڪيئن
اڳين ڏينھن ۾ اھي ڪن ڪن ماڻھن، مردن توڙي زالن، کي
ڏسڻ ۾ ايندا ھئا. ھن کي انھن جون ڳالھيون ڏاڍيون
وڻنديون ھيون، ۽ اوھان سڀني ٻارن وانگر ھن جي دل
بھ گھرندي ھئي تھ کيس بھ ڪڏھن ڪو فرشتو ڏسڻ ۾ اچي.
ھڪڙي ڏينھن جڏھن ھوءَ مٿي ٽڪرين تي اڪيلي ھئي، ھن
جي ويجھو تيز روشنيءَ جو اوچتو چمڪاٽ ٿيو ۽ ھوءَ
سڄي سوجھري ۾ ويڙھجي ويئي. حيرت وچان ڪنڌ کڻي، ھن
مٿي ڏٺو - ۽ ھن جي نظر چمڪاٽ جي پوري وچ ۾ بيٺل
ھڪڙيءَ بيحد سونھن ڀريءَ، قداور ھستيءَ تي وڃي
پيئي. ان کي ان جا پک ڍڪيو بيٺا ھئا، ۽ ان پنھنجون
خوشيءَ ۾ ڀريل چمڪدار اکيون کڻي مريم ڏانھن ڏٺو.
مريم کي پھرين تھ ڊپ وٺي ويو. ھن ائين سمجھيو تھ
اھا عجب جھڙي ھستي ھڪ فرشتو ھو، ۽ جيتوڻيڪ ھن جي
من سدائين ان کي ڏسڻ لاءِ پئي واجھايو، پر ھن کي
ڪڏھن بھ خاطري ڪانھ ھئي تھ ھوءَ ڪڏھن ان کي ائين
ڏسندي. ھن اچرج وچان ان ڏانھن ڏٺو ۽ ان جي حيرتناڪ
سونھن ۽ چمڪ کي ڏسي ھن کي ڏڪڻي وٺي ويئي.
سچ پچ تھ خدا مريم کي اھڙي ھڪڙي اچرج جھڙي ڳالھھ
ٻڌائڻ لاءِ پنھنجو فرشتو ھن ڏانھن موڪليو ھو، جو
مريم کي پاڻ بھ ان ڳالھھ تي اعتبار مشڪل اچي ٿي
سگھيو.
”مريم، تون ڀلي ڄائينءَ!“ فرشتي چيو. ”مون تو لاءِ
خوشيءَ جي خبر آندي آھي. توکي ھڪڙو ننڍڙو ٻالڪ پٽ
ڄمندو، ۽ تون ان جو نالو يسوع رکندينءَ. ھو وڏي
مرتبي وارو ٿيندو ۽ اھو جيڪو سڀ کان اعليٰ آھي ان
جو ھو پٽ سڏبو. ھو پنھنجن ماڻھن تي سدائين راڄ
ڪندو، ۽ انھن جي وڏي بادشاھھ دائود کان بھ وڏو
بادشاھھ ٿيندو. ھن جي بادشاھت جي ڪڏھن بھ پڄاڻي
ڪانھ ٿيندي.“
مريم وسمي ۾ پئجي ويئي، ۽ ساھھ روڪي، فرشتي کي تڪڻ
لڳي. ”پر ائين ڪيئن ٿي سگھندو؟“ ھن پڇيو. ”آءٌ تھ
معصوم نينگر آھيان. منھنجي تھ اڃا شادي بھ ڪانھ ٿي
آھي!“
”ھيءُ ننڍڙو ٻالڪ خدا جو ٻالڪ ھوندو،“ فرشتي چيو.
”ھو پاڪ ٻالڪ ھوندو. ۽ ٻڌ! آءٌ توکي اڃا ٻي بھ ھڪ
عجيب ۽ ويسھھ ۾ نھ اچڻ جھڙي ڳالھھ ٿو ٻڌايان:
تنھنجي سؤٽ ايلزبيٿ، جيڪا وڏيءَ عمر جي عورت آھي،
ان کي بھ پٽ ڄمندو، ڇاڪاڻ تھ خدا لاءِ ڪابھ اڻٿيڻي
ڳالھھ ڪانھي.“
مريم جڏھن اھي سڀ عجب جھڙيون ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن
ھن جو من خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو. ھن وٽ ھن جو پنھنجو
ٻالڪ اچڻ وارو ھو – اھو ننڍڪڙو بادشاھھ، جنھن بابت
ھن ڪيترائي ڀيرا ٻڌو ھو. ھوءَ، جيڪا غريب ڳوٺاڻي
ڇوڪري ھئي، تنھن وٽ پاڪ ٻالڪ اچڻو ھو، ۽ نھ وڏي
محل جي ڪنھن شھزاديءَ وٽ. ھن کي اعتبار ئي نھ پئي
آيو تھ اِھو سڀ سچ ھو.
پر ھن جي آڏو ٻھڪندڙ چھري وارو فرشتو بيٺو ھو. ”پڪ
ئي پڪ ھيءُ سڀ سچ ھوندو.“ مريم ھن سان وري ڳالھايو
– ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان، پر سٻاجھي ۽ شانائتي
نموني:
”آءٌ تھ پنھنجي خدا جي ٻانھي آھيان. جيڪا ھن جي
مرضي ھوندي، تيئن ٿيندو.“
پوءِ فرشتو غائب ٿي ويو، ۽ چمڪندڙ روشني جھڪي ٿي
ويئي. ڪجھھ وقت مريم اتي اڪيلي بيٺي رھي، ۽ جو
ڪجھھ فرشتي ھن کي ٻڌايو ھو ان تي سوچيندي رھي.
”ھيءَ تھ عاليشان خبر ھئي! اھو وڏو بادشاھھ جنھن
جو خدا ساڻن واعدو ڪيو ھو. سو ھن جي ھنج ۾ کيڏڻ
وارو ھو، اھو پھريائين ھن وٽ ننڍڙو ٻالڪ ٿي ايندو،
اھو ھن جو پنھنجو پٽ ھوندو!“ مريم جا ويچار سپنن ۾
گم ٿي ويا. ھوءَ عجب کائيندي رھي تھ ھو ڪيڏڙو
ھوندو، ھن جي شڪل شبيھھ ڪيئن ھوندي، ۽ ويچارڻ جي
ڪوشش ڪندي رھي تھ ھو ڪيئن وڌندو، وڏو ٿيندو ۽ پوءِ
ڪھڙيءَ ريت ھو بادشاھھ بڻبو.
مريم جي دل ۾ آيو تھ فرشتي جِي ۽ جو ڪجھھ ان چيو
ھو،
تنھن جي ڪنھن سان ڳالھھ ڪري. ھن سوچيو تھ کيس
پنھنجيءَ سؤٽ ايلزبيٿ سان پنھنجو حال اورڻ گھرجي؛
ھوءَ وڏيءَ عمر جي ھئي، ۽ ھوءَ سندس ڳالھھ دل لائي
ٻڌندي ۽ ان تي اعتبار بھ ڪندي.
پوءِ، ان بھار جي موسم ۾، جڏھن سج سون وانگر چمڪي
رھيو ھو ۽ ان جي ڪوسي ڪوسي اس سڀ شيءِ کي پسند
ھئي، ۽ مريم جي پيرن ۾ ڌرتيءَ جا ٻھڪندڙ گل ٽڙي
رھيا ھئا، مريم چپ چاپ ڏاکڻي جابلو علائقي ڏانھن
منھن ڪيو، جتي سندس سؤٽ ايلزبيٿ رھندي ھئي. ھوءَ
پيرين پنڌ اوڏانھن ويئي، ۽ کيس گھڻو وقت لڳي ويو،
پر ھوءَ ايتري خوش ھئي، جو ھن کي ٿڪ جو ڪو خيال ئي
ڪونھ ٿيو.
پکي ھن جي چوڌاري چھڪي رھيا ھئا. ٽھڪندڙ گل پنھنجن
تازن رنگن جي بھاريءَ ۾ اٿي اٿي، ھن کي ڏسي رھيا
ھئا. گھيٽڙا پٽن تي ۽ ھيٺ وادين ۾ ٽپندا نچندا ۽
ڪڏندا ٿي رھيا. ھر شيءِ جوڀن ۾ ھئي ۽ تازي ۽ نئين
ٿي لڳي. مريم بھ ويندي ويندي پنھنجي منھن ڳائيندي
ويئي ۽ ور ور ڪري پنھنجي ننڍڙي ٻالڪ جو سوچي رھي
ھئي، جنھن جو فرشتي ساڻس واعدو ڪيو ھو.
ھوءَ نيٺ پنھنجي سؤٽِ جي گھر پھتي. ايلزبيٿ ھن کي
گڏجڻ لاءِ ٻاھر نڪري آئي، ۽ ھن جو منھن خوشيءَ ۾
ٽمٽار ھو. ھن پنھنجون ٻانھون ڊگھيون ڪري، مريم کي
کڻي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو.
”مون کي تنھنجي ڳالھھ جي خبر آھي!“ ھن وڏي واڪ
چيو. ”مريم، تون ڪيڏي نھ ڀاڳ واري آھين – سڄيءَ
دنيا ۾ تو جھڙي خوشي ٻيءَ ڪنھن عورت کي ڪانھ
ھوندي. منھنجي لاءِ اھا ڪيڏي نھ فخر جي ڳالھھ آھي،
جو تون ايندڙ بادشاھھ جي ماءُ مون سان ملڻ لاءِ
مون وٽ آئي آھين! ۽ مون کي پاڻ بھ توسان ڪا ڳالھھ
ڪرڻي آھي. آءٌ جيتوڻيڪ ٻار ڄڻڻ جي وھيءَ کان چڙھي
ويئي آھيان، پر مون کي پڻ منھنجو پنھنجو ھڪ پٽ ڄمڻ
وارو آھي!“
”مون کي خبر آھي.“ مريم چيو. ”فرشتي مون کي ٻڌايو
ھو، ايلزبيٿ!“ ائين چوندي، مريم جي دل اڄاتل اڌمي
۾ ڀرجي آئي ۽ ھوءَ ڳائڻ لڳي، ھن جي دل تان لفظ تري
چپن تي ايندا رھيا، ۽ ھن ھڪڙو نئون ۽ عجب ۾ وجھڻ
جھڙو گيت ڳايو، جيڪو اڄ بھ ماڻھو ديولين ۾ ڳائيندا
آھن.
”منھنجو مڙس، زڪريا، ھڪڙي ڏينھن جيئن عبادت گھر ۾
ويٺو ھو، تھ ھن وٽ ھڪڙو فرشتو آيو“، ايلزبيٿ مريم
کي ٻڌايو. ”ان فرشتي ھن کي چيو تھ مون کي ھڪڙو
ٻالڪ ڄمندو ۽ ان جو نالو يوحنا ھوندو. ائين منھنجو
پٽ ۽ تنھنجو پٽ، مريم، ٻيئي ننڍڙا سؤٽ ٿيندا– يسوع
۽ يوحنا. تون مون وٽ ڪي ڏينھن ترسي پؤ تھ پاڻ ۾
انھن عجب ڀريل شين بابت، جيڪي ٿيڻ واريون آھن، ڪو
وقت ويھي ڳالھيون ڪري سگھون.“
ائين مريم ايلزبيٿ وٽ ٽي مھينا رھي پيئي، ۽ پوءِ
ھوءَ موٽي پنھنجي گھر ويئي. ھوءَ جڏھن موٽي ٿي
ويئي، تڏھن ڏاڍي خوش ھئي. ڇو تھ واڍي يوسف ھن کي
شادي ڪرڻ لاءِ چيو ھو ۽ ھن پاڻ بھ دل سان يوسف جي
زال ٿيڻ قبوليو ھو. ھوءَ جلد ئي ھن جي گھر وڃڻي
ھئي، ۽ کيس يوسف لاءِ ان کي بھشت جھڙو گھر بنائڻو
ھو.
يوسف کي مريم جي راز جي خبر ھئي. ڇو تھ ھڪڙي فرشتي
وٽس اچي کيس اھو ٻڌائي ڇڏيو ھو. ھڪ رات ھو يوسف جي
کٽ جي ڀر ۾ اچي بيٺو ھو، ۽ يوسف سمھيو پيو ھو تھ
ھن ساڻس ڳالھايو ھو – بلڪل ائين، جو يوسف سمجھيو
تھ ھن اھو سڀ خواب ۾ پئي ڏٺو.
فرشتي يوسف کي ٻڌايو ھو تھ خدا جو مريم سان واعدو
ھو تھ مريم کي ھو ننڍڙو ٻالڪ بادشاھھ ڏيندو. ”ھن
جو نالو يسوع ھوندو،“ يوسف کي ھن چيو ھو. ”تون
مريم سان شادي ڪر يوسف، ۽ ھن کي پنھنجي گھر وٺي
وڃ.“
ائين يوسف واڍو مريم وٽ ھلي ويو، ۽ ھن کي ٻڌايائين
تھ ڪيئن ھن وٽ ننڊ ۾ فرشتو آيو ھو، تڏھن ھوءَ ڏاڍي
خوش ٿي، ۽ ھن کي چيائين تھ ھوءَ ساڻس شادي ڪرڻ
لاءِ تيار ھئي. پوءِ جڏھن اھو ٻالڪ بادشاھھ وٽن
ايندو، تڏھن پھرين ھو ٻيئي ان کي ڏسندا.
۽ اھڙيءَ طرح مريم جي يوسف سان شادي ٿي، ۽ ھوءَ ھن
جي ڪنوار بڻجي، ھن جي ننڍڙي گھر ويئي. ھوءَ ھر روز
صبح جو گھر ۾ ھيڏي ھوڏي ايندي ويندي، يوسف جي
اوزارن جي ٺڪ ٺڪ پيئي ٻڌندي ھئي. ھو جيئن شيون
جوڙيندو ھو، تيئن ھوءَ اھي وڃي ڏسندي ھئي، ۽ کيس
اھي ڏيکاريندي يوسف کي فخر محسوس ٿيندو ھو. اِھو
ڏسي تھ مريم جھڙي سٻاجھي ۽ نماڻي ڇوڪر سندس
گھرواري آھي، ھو دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيندو ھو، ۽
دل چوندي ھيس تھ ھوءَ گھر ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ويندي
ايندي، پنھنجي سٺي مٺي آواز ۾ ڳائيندي رھي.
۽ سچ پچ بھ تھ مريم پنھنجو ڪم بھ پيئي ڪندي ھئي ۽
جھونگاريندي بھ رھندي ھئي، اھو سڄو اونھارو ۽ اھا
سڄي سرءُ جيئن ھوءَ آسپاس جي وادين ۽ پٽن ۾ گھمڻ
نڪرندي ھئي تھ ھن جون اکيون خوشيءَ ۾ پيون
چمڪنديون ھيون.
”ھن جي ماءُ ڪنھن شاھاڻي گھراڻي جي شھزادي تھ ڪانھ
ھوندي، ھوءَ تھ ھڪڙي ڳوٺاڻي واڍي جي زال ھوندي!“
مريم سوچيو. ”ھو ڪنھن وڏي محل ۾ بھ ڪونھ ڄاپندو،
جتي گھڻا خادم ھن جي چوگرد بيٺل ھجن. ھن کي ڏسڻ
لاءِ، وھنجارڻ لاءِ ۽ لولي ڏيڻ لاءِ رڳي آءٌ اڪيلي
ھونديس. آءٌ ھن کي پيار ڪنديس - ۽ سچ پچ تھ ڪيڏو
نھ ھن کي آءٌ پيار ڪنديس! آءٌ ئي ھن کي نچائينديس،
ڪڏائينديس. آءٌ ھن کي ايترو آڌر ڏينديس، جنھن کان
وڌيڪ ٻئي ڪنھن ننڍي شھزادي کي ڪنھن کان ڪڏھن نھ
ملي سگھندو – ھيءُ ھوندو مون کي منھنجي خدا جو ڏنل
ننڍڙو بادشاھھ – منھنجو پنھنجو ننڍڙو ٻالڪ پٽ.“
۽ ائين مريم ان ننڍڙي بادشاھھ جي اچڻ لاءِ ھر
ڏينھن جي ھر پھر جون گھڙيون ڳڻيندي رھي، ۽ يوسف
ٽڪرين جي وچ ۾ اڏيل پنھنجي ننڍڙي گھر ۾ ڪاٺ کي
چيريندو، گھڙيندو ۽ رنديندو رھيو. اونھارو گذري
ويو. سرءُ گذري ويئي. ھاڻي اھا شڀ گھڙي اچڻ واري
ھئي، جڏھن دنيا ۾ مريم جي پاڪ ٻالڪ جي آجيان ٿيڻي
ھئي.
3
: بيت لحم جو سفر
انھيءَ سياري جي مند ۾ ڇا ٿيو؟ جو شھرن ۽ ڳوٺن ۾
سرڪاري ماڻھو آيا ۽ وڏا وڏا نوٽيس ھڻي ويا. عام
خلق انھن کي پڙھڻ لاءِ ھر ھنڌ انھن جي چؤگرد اچي
ڳاھٽ ٿي، ۽ ٻار بھ پڇڻ لڳا تھ انھن ۾ ڇا چيل ھو.
”رومن شھنشاھھ، سيزر آگسٽس، حڪم ڪڍيو آھي تھ ھر ڪو
ماڻھو کيس محصول ادا ڪري،“ انھن جي مائرن ۽ پيئرن
چيو. ”محصول پئسن جي رقم کي ٿو چئجي. اسان کي اھو
ڏيڻو آھي.“
”پئسا اسان کي ڪٿي ڏيڻا آھن؟“ ٻارن پڇيو. ”اھي
اسان کان وٺڻ ڪير ايندو!“
”اسان مان ھر ڪنھن کي پنھنجي پنھنجي آبائي شھر ۾
وڃڻو پوندو، ۽ اتي پنھنجا نالا داخل ڪرائڻا پوندا
۽ پئسا بھ ڏيڻا پوندا،“ وڏڙن ڏاڍي ڏکويل لھجي ۾
ٻارن کي ورندي ڏني. پري پري شھرن ڏانھن سفر ڪرڻ جي
تڪليف ھنن کي ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي ۽ نھ وري ڌارئين
بادشاھھ کي ھنن پئسا ڏيڻ ٿي گھريا. پر ھنن جو ملڪ
فتح ٿيل ھو ۽ غلام ھو. انھيءَ ڪري ھنن کي اھو ئي
ڪرڻو ھو، جنھن جو کين حڪم مليو ھو.
يوسف ۽ مريم پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ کين بھ پنھنجا نالا
داخل ڪرائڻا ھئا ۽ محصول ادا ڪرڻو ھو، ان لاءِ کين
ڇا ڪرڻ کپي. ”اسين دائود جي ڪٽنب مان آھيو،“ يوسف
چيو. ”اسان جي جنم جو شھر بيت لحم آھي، نھ ناصرت،
جتي ھاڻي اسين رھون ٿا. اسان جو اباڻو ڪٽنب بيت
لحم ۾ رھندو ھو، انھيءَ ڪري اسان کي پنھنجا نالا
داخل بھ اتي ڪرائڻا آھن ۽ پنھنجا محصول بھ اتي
ڏيڻا آھن.“
”ڇا، اسان لاءِ اتي وڃڻ ضروري آھي؟“ مريم چيو.
”سياري جا ڏينھن آھن ۽ ڏاڍي ٿڌ آھي. بيت لحم گھڻو
پري آھي. منھنجي لاءِ اھو پنڌ ڏکيو ٿيندو، ۽
منھنجي حالت اھڙي آھي جو ايتري پنڌ جي سگھھ
ئي نٿي ساري سگھان. او يوسف، پاڻ کي ضروري اوڏانھن
ھلڻو آھي؟“
”ضرور ھلڻو آھي،“ يوسف ٿڌو ساھھ ڀريندي چيو، ڇو تھ
ھن کي خبر ھئي تھ ايڏو ڊگھو سفر مريم کي بنھھ
ٿڪائي وجھندو. کين اتي پھچڻ ۾ ٽي چار ڏينھن لڳي
ويندا – ڇو تھ پنڌ پري ھو ۽ بيت لحم مٿي ٽڪريءَ تي
اڏيل ھو. ”تون دائود جي پٺ مان آھين، انھيءَ ڪري
تنھنجو آبائي ڳوٺ بھ اھو آھي. اسان ٻنھي کي
اوڏانھن وڃڻو آھي. تون ڳڻتي نھ ڪر، آءٌ تنھنجي
پوري سنڀال ڪندس.“
”پر مان ڄاڻان ٿي تھ مان ايترو پنڌ ڪري نھ
سگھنديس.“ مريم چيو.
”تون پاڻ واري ننڍڙي گڏھھ تي چڙھي ھلج.“ يوسف چيو.
”ائين توکي ٿڪ ڪونھ ٿيندو. آءٌ گڏھھ جو لغام جھلي
ھلندس، ۽ تون ان تي ويٺي رھجانءِ. تون ٻيو ڪو خيال
نھ ڪر. ھاڻي اسان کي تياري ڪرڻ گھرجي، ڇو تھ اتي
پھچي، اسان کي وقت اندر نالا داخل ڪرائڻا آھن ۽
محصول بھ ادا ڪرڻو آھي.“
ائين، ٻئي ڏينھن مريم تياري ڪئي ۽ يوسف پنھنجي
دڪان جو سامان ٺيڪ ٺاڪ ڪيو، ۽ پنھنجو گڏھڙو وٺي،
آڻي در تي بيھاريائين. ھن ان تي ٽپڙ وڌا تھ جيئن
مريم ان جي پٺيءَ تي ويھي سگھي، ۽ ھن کي ھٿ ڏيئي
ان تي چاڙھي ويھاريائين. مريم سفر ۾ کائڻ لاءِ
کاڌو ٺاھي کنيو. ۽ جيڪڏھن ھوءَ ڪجھھ سگھاري ھجي
ھا، ۽ ايتري ٿڌ نھ ھجي ھا، تھ ھنن لاءِ ٽڪرين جي
وچان ويندڙ رستي جو ھيءُ سفر ڪافي سولو ۽ مزيدار
بھ ٿي سگھي ھا.
ھو نيٺ اتان روانا ٿيا. ڪيترائي ٻيا ماڻھو بھ رستا
وٺيو پئي ويا. ڇاڪاڻ تھ ھر ڪنھن کي پنھنجا نالا
داخل ڪرائڻا ھئا، ۽ انھيءَ ڪري ڪوبھ رومن شھنشاھھ
جي محصول ادا ڪرڻ کان پاڻ ڇڏائي نٿي سگھيو. ماڻھن
مان اھي جيڪي اڳي ئي پنھنجي پنھنجي آبائي ڳوٺ ۾
رھيا ٿي، اھي وري بھ ڀاڳ وارا ھئا، ڇو تھ اھي
اڻانگي سفر کان ۽ ڏکين پنڌن کان بچي ٿي ويا. پر جن
پنھنجا اصل ڳوٺ ۽ شھر ڇڏي ڏنا ھئا، جتي ھو سالن جا
سال رھيا ھئا ۽ جتي ھنن جي ڪٽنب جو جنم ٿيو ھو،
انھن کي ائين ڪرڻو ھو، جيئن مريم ۽ يوسف کي ڪرڻو
ٿي پيو، ۽ اھي سڀيئي انھن وانگر گھر ڇڏي، سفر تي
روانا ٿي چڪا ھئا.
”ويچاري مريم! ڪيڏي نھ ٿڪل ٿي لڳي،“ يوسف رستي تي
پنھنجن دوستن ۽ واقفڪارن کي چيو، جيڪي ھنن کي رستي
تي مليا ٿي. ”افسوس، اڃا بيت لحم ڪيڏو نھ پري
آھي!“
ڪيئي ڏينھن ۽ راتيون مريم ۽ يوسف ساھيون ڪندا،
ننڍن ننڍن رستن تان ھلندا رھيا، جيڪي بيت لحم
ڏانھن ٿي ويا. مريم گھڻو تکو ھلڻ نٿي گھريو. يوسف
غريب گڏھوڙي کي ڇڪيندو، ھڪ ساريڪيءَ وک سان اڳتي
وڌندو رھيو.
”اچي ويجھا پھتا آھيون، ڪي نھ!“ مريم پڇيو. ”آءٌ
تھ ڏاڍي ٿڪجي پيئي آھيان.“
”ھوڏانھن ڏس، مريم! ھو ٽڪريءَ تي بيٺل ننڍڙو شھر
ڏسين ٿي؟“ گڏھھ کي بيھاري، پري کان ڏسڻ ۾ ايندڙ
سامھون ٽڪريءَ جي ماٿر ڏانھن اشارو ڪندي، يوسف
چيو. ”اِھو بيت لحم آھي. اتي پھچڻ ۾ ھاڻي پاڻ کي
گھڻو وقت ڪونھ لڳندو.“
”ھاڻي تھ اجھا ٿي رات پوي،“ مريم چيو. ”ھاءِ، من
ڪٿي ڪا جڳھھ ملي تھ آءٌ ليٽي پوان! يوسف، بيت لحم
ڏانھن ھيترا سارا ماڻھو پيا وڃن. اتي ھنن سڀني کي
رھڻ جي جاءِ ڪيئن ملي سگھندي!“
”اسين ھڪڙي سراءِ ۾ ھلي لھنداسين،“ يوسف چيو. ”مون
کي ھڪڙي سراءِ جي خبر آھي. پاڻ اتي ھلي رھنداسين،
مريم. ان ۾ توکي الڳ، پنھنجي منھن واري ڪوٺي ملي
سگھندي، ۽ اتي تنھنجي ھٿن پيرن سيڪڻ لاءِ باھھ بھ
ھوندي. ھيڏانھن تھ ڏي، تنھنجا ھٿ ڏسان! بس ھاڻي
باقي ٿوري دير. پوءِ تون اتي ڪوسي ڪوسي ٿي ويھج.
ڪنھن ڳالھھ جو ڪو ڊپ ڪونھ ھوندو.“
مريم ھن ڏانھن نھاري، مرڪيو. يوسف پاڻ بھ تھ ڏاڍو
کھجي پيو ھو. سڄي رات ھن پنڌ ڪيو ھو. ھوءَ تھ وري
بھ گڏھھ تي سوار ھئي – پر ترت ئي ھو سراءِ ۾ پھچي
ويندا ۽ اتي ھنن جو سڄو ٿڪ لھي ويندو ۽ سڀ ڳالھھ
ٺيڪ ٿي ويندي.
ھو اڀي، ڦيراوين رستي تان اڳتي رڙھندا ويا. مريم
کي ائين لڳو ڄڻ اھو ڪٿي کٽڻو ئي ڪونھ ھو، ۽ پوءِ
رات پئجي ويئي ۽ اوندھھ ٿي ويئي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ
تي ھنن کي بيت لحم جون ٽمڪندڙ روشنيون ڏسڻ ۾ پئي
آيون. ڪنھن طرح ھو اتي رڳو پھچي وڃن! واءُ ڏاڍو
ٿڌو پئي لڳو. ۽ ٿڪل ٽٽل گڏھڙي ھر ھر ٿيڙ پئي کاڌا.
ويچاريءَ مريم سڄي عمر ڪڏھن بھ ايڏي تڪليف ڪانھ
ڏٺي ھئي.
ھلندي ھلندي، ھو نيٺ شھر ۾ پھچي ويا. سڄو شھر
ماڻھن سان سٿيو پيو ھو، ڇاڪاڻ تھ حڪم جا بندا،
تمام گھڻا ماڻھو اتي نالن داخل ڪرائڻ لاءِ اچي گڏ
ٿيا ھئا. مريم ھيڏانھن ھوڏانھن خوف ۾ ڀرجي ڏسندي
رھي!
”يوسف! سراءِ ڪٿي آھي؟ پاڻ کي ترت اھا لھڻ کپي ۽
اتي پھچڻ کپي. آءٌ ڏاڍي پاڻ کي اوکي ٿي ڀانيان.“
”بس پھچي وياسين!“ يوسف چيو، ۽ پنھنجي گڏھڙي کي
ڇڪي، رستي جي ڀر ۾ جتي سراءِ ھئي، اتي وٺي ويو.
اندر روشنيون پئي چمڪيون ۽ مريم کي اھو سڀ ڏسي،
ڏاڍو آٿت آيو. اندران گھڻن ماڻھن جو ڳالھائڻ ٻڌڻ ۾
پئي آيو، ۽ ھر ڳالھھ تمام سٺي ۽ ساو ڀري پئي لڳي.
”اِجھا ٿي تون سکي سنھنجي ٿين.“ يوسف چيو، ۽ ھن
سراءِ جي مالڪ کي سڏ ڪيو. سڏ تي سراءِ جو مالڪ
ٻاھر در تي نڪري آيو ۽ پنھنجو لالٽين مٿي جھلي،
مسافرن کي ڏسڻ لڳو.
”اسان لاءِ تو وٽ ڪا جاءِ آھي؟“ يوسف پڇيو.
”منھنجي گھر واري اھنجي آھي ۽ ڏاڍي ٿڪل آھي. اسين
گھڻا ڏينھن سفر ڪندا رھيا آھيون.“
”منھنجي سراءِ تھ ڀرجي ويئي آھي،“ سراءِ جي مالڪ
چيو. ”سمھڻ جي جاءِ بھ ڪانھي. سڄو ڏينھن سراءِ ۾
ماڻھو پئي آيا آھن. جيڪڏھن توھين اڳڀرو اچو ھا تھ
اوھان کي جاءِ ڏيئي سگھان ھا. پر ھاڻي تھ منھنجي
سراءِ ۾ ڪا جاءِ ڪانھي.“
”ڪا جاءِ ڪانھي!“ يوسف گھڻو نراس ٿي چيو. ”پر مان
پنھنجي گھرواريءَ لاءِ پوءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ھن
لاءِ ضرور ڪا جاءِ کپي. ڏس، ڪيڏي نھ ھوءَ ٿڪل ۽
ماندي پيئي ڏسجي!“
”آءٌ لاچار آھيان.“ سراءِ جي مالڪ چيو. ”مون وٽ
جاءِ ھجي ھا، تھ اوھان کي ضرور ڏيان ھا. سچ پچ تھ
اوھان لاءِ مون وٽ ڪا جڳھھ ڪانھي.“
ھن پنھنجو لالٽين مٿي کنيو ۽ ان جي لڏندڙ ھلڪيءَ
روشني ۾ مريم کي ڏٺو. ھن مريم جو ھيڊ جھڙو، ڏکائون
۽ اچل چھرو ڏٺو. ۽ ھن جون وڏيون وڏيون اٻاڻڪيون
اکيون ڏٺيون ۽ ھن جي دل ۾ ڪھل ڀرجي آئي، ڇاڪاڻ تھ
ھو ھڪ مھربان دل رکندڙ سٻاجھو ماڻھو ھو!
”توھين ڀلا واڙي ۾ آرام ڪندا؟“ ھن ھڪدم پڇيو. مون
وٽ سراءِ جي پٺيان، ٽڪريءَ جي پاسي ۾ ھڪڙو غار
آھي، جتي منھنجا ڍڳا بيھندا آھن. جيڪڏھن اوھين
پلال تي سمھڻ چاھيو ۽ ڍورن جي ڇٽ اوھان کي ڏکي نھ
لڳي، تھ اتي اوھان لاءِ جاءِ ٿيندي. آءٌ تنھنجي
گھرواريءَ لاءِ واڙي ۾ ھڪڙو ٺاڻ صفا ڪرائي سگھندس
۽ اتي ھن لاءِ ڪجھھ تازو صاف پلال بھ وڇارائي
سگھبو.
”ھائو، يوسف آءٌ اتي ليٽي پونديس.“ مريم چيو.
”وڌيڪ اڄ رات آءٌ ڪيڏانھن ھلي نٿي سگھان.“
سراءِ جي مالڪ پنھنجي ھڪڙي خادم کي سڏيو ۽ گھڻي
دير ڪانھ لڳي، جو غار ۾ واڙي جو ھڪڙو پاسو صاف بھ
ٿي ويو ۽ اتي نئون پلال بھ وڇائجي ويو. مريم غار ۾
اندر لنگھي ويئي ۽ دل ۾ سراءِ جي مالڪ جا ٿورا
محسوس ڪندي، اتي ليٽي پيئي. ھن کي ڏاڍو ٿڪ ھو ۽ بت
۾ سور ھوس. پٽ تي نرم وڇايل ڪکن تي ليٽي آرام ڪرڻ
۾ ھن کي ڏاڍو سنھنج محسوس ٿيو.
يوسف ڏاڍي پريم ۽ پاٻوھھ سان ھن جي ٽھل ڪئي. ھن جي
پيئڻ لاءِ ھو گرم کير وٺي آيو. ھڪڙي رلي ويڙھي ھن
کي ويھاڻو ڪري ڏنائين. ھن پنھنجو ڪڙتو لاھي، کليل
در تي ٽنگي ڇڏيو تھ جيئن ٿڌو واءُ اندر اچي نھ
سگھي. ھن جڏھن مريم جو سڪي ھيڊ ٿي ويل جھڙو ڏٺو تھ
ڏاڍو پريشان ٿيو. پر مريم تڏھن بھ اکيون کڻي، ھن
ڏانھن مرڪيو، ۽ ان تي ھن جي من کي ڪافي آٿت محسوس
ٿيو. |