ھيءُ ڪتاب ”ٻارن جو مسيح“، سنڌيءَ ۾، اھڙن ئي ٻارن
لاءِ ٻارن جي عالمي سال
1979ع
جو ھڪ تحفو آھي ۽ ان کي سنڌي ٻار ضرور پڙھندا، پر
ٻارن کان وڌيڪ اِھو اسان وڏن کي پڙھڻ گھرجي – ڇو
تھ ٻار پنھنجي مسيح کي سمجھن، تنھن کان اڳ انھن جي
وڏن لاءِ ضروري آھي تھ اھي مسيح کي سمجھن. مسيح جي
حياتيءَ ۽ مسيح جي تعليم مان اسين زندگيءَ جون ڪي
بنيادي ڳالھيون ۽ بنيادي حقيقتون سکون ٿا. ۽
انساني تھذيب جي سڀ کان وڌ بنيادي ڳالھھ ھيءَ آھي
تھ ٻارن جي پرورش ۽ تربيت وڏن کي ڪرڻي آھي - ۽ ان
لاءِ مسيح جو چوڻ آھي تھ ”ھي ننڍڙا ٻار – جن جو
مون ۾ ايمان آھي (ڇاڪاڻ تھ اھي معصوم آھن، ۽
شيدائي آھن نيڪيءَ جي ڄاڻڻ ۽ ماڻڻ جا) – تن مان
ڪنھن ھڪڙي کي بھ جيڪو گمراھھ ڪندو، ان لاءِ چڱو
ائين ٿيندو تھ ھڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾
لٽڪائي کيس اونھي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏجي.“
*
انھيءَ ڪري، ھن ڪتاب کي اسان
جا وڏا بھ ايترو ئي پڙھن جيتري اسان کي اميد آھي
تھ اسان جا ننڍا ان کي پڙھندا، تنھن لاءِ ان جو
ھيءُ پيش لفظ ڪجھھ تفصيل سان ۽ ڪجھھ ڏکيريءَ ٻولي
۾ ۽ پڻ ڪجھھ ڳوڙھي نموني لکيو ويو آھي. زندگيءَ
جون بنيادي حقيقتون ۽ ڳالھيون، جيڪي ھن ڪتاب جي
پڙھڻ سان، مسيح جي مثالي ۽ اعليٰ ڪردار جي صورت ۾،
ٻارن جي سامھون اچڻيون آھن – مثلا، انسانيت ۽ ان
جا مخصوص قدر ۽ نشان – انھن ڏانھن خصوصي طور ھن
پيش لفظ ۾ ڪجھھ کولي ۽ ڪجھھ اشارن ۾ پڙھندڙن جو
ڌيان ڇڪايو ويو آھي – انھيءَ لاءِ تھ اسين وڏا،
جيڪي پاڻ کي وڏو ۽ پنھنجن ٻارن کي پاڻ کان ننڍو ٿا
سمجھون، سي نھ رڳو ھن ڪتاب جي پڙھڻ لاءِ سڀ کان
اول پاڻ آمادھ ٿيون، پر پنھنجن انھن پاڻان ننڍن کي
انسانيت جي ان خلق عظيم جي راھھ تي ھلائڻ جي
صلاحيت پرائي سگھون، ھلائڻ جي ڪوشش ڪريون ۽
ھلايون.
مون فلسفي جي تاريخ پڙھي آھي، مون سائنس جي تاريخ
پڙھي آھي، ۽ مون مذھب جي تاريخ بھ پڙھي آھي.
فيلسوف ۽ سائنسدان ڪڏھن بھ پنھنجي ڪنھن بيان يا
خيال جي ھڪ کان وڌيڪ معنيٰ يا تفسير يا تعبير ڪونھ
ڪندا آھن – جيئن مذھبي عالم پنھنجي ھر خيال يا
بيان جو تقريبا ھر حالت ۾ ڪن ٿا ۽ پنھنجيءَ سڄيءَ
علميت جو مانڊاڻ ان معنيٰ ۽ تعبير جي ڪثرت تي
بيھارين ٿا. ۽ ٻيو تھ فيلسوفن ۽ سائنسدانن ۾
اختلاف تھ ٿين ٿا، پر دشمنيءَ جي حد تائين نھ، جو
ڳالھھ وڃي جنگ ۽ جدل تائين پھچي! ھو مذھب جي عالمن
وانگر ھڪٻئي کي ڪنھن بھ صورت ۾ واجب القتل ڪونھ
سمجھندا آھن ۽ نھ ڪڏھن برادريءَ مان خارج ڪندا
آھن، ۽ نھ ائين ڪرڻ لاءِ ڪڏھن ھڪٻئي جي ڳالھين کي
ٽوڙي مروڙي، اصليت کان بگاڙي، ٻئي کي گھٽ ۽ فقط
پاڻ کي ئي مٿي ڪندا آھن. مذھب ۾ ائين ڇو ھوندو آھي
۽ مذھب جا عالم ائين ڇو ڪندا آھن ۽ فيلسوف ۽
سائنسدان ائين ڇو نھ ڪندا آھن – اھو ھڪڙو بيحد اھم
سوال آھي، ۽ جواب بھ ان جا ڪيئي ۽ ڪيترين ئي صورتن
۾ ڏيئي سگھجن ٿا. پر ھڪڙو سبب اِن جو، جيڪو ٻين
سڀني سببن تي حاوي آھي، سو ھيءُ آھي تھ فلسفو ۽
سائنس پاڻ کي سياست ۽ سياسي اقتدار جي ڪشمڪش کان
پري رکن ٿا، ۽ خود پنھنجي برتريءَ ۽ بچاءَ لاءِ بھ
ڪڏھن زور ۽ طاقت کان ڪم ڪونھ ٿا وٺن، ۽ انھيءَ ڪري
انھن جي ڪوشش جو دائرو سدائين سچ ۽ سچ جي ڳولا
تائين محدود رھي ٿو؛ پر مذھب جا عالم سياست ۽
سياسي اقتدار جي ڪشش ۽ حرص
*
۾ اچي، سچ جي ان دائري کان ٻاھر نڪري وڃن ٿا، ۽
ائين پنھنجي ايمان ۾ بھ ردوبدل ڪن ٿا ۽ پڻ پنھنجي
پاڻ ۾ توڙي پنھنجن مخالفن سان فقط سياسي (رياستي)
اقتدار جي رسھ ڪشيءَ ۾ ”تون، تون ۽ مان مان“ جي
فرق ۽ فساد ۾ وٺجي وڃن ٿا.
۽ اھڙيءَ ئي ايماني ردوبدل ۽ خالص ”فرق ۽ فساد“ جي
ذھنيت حضرت مسيح جي تعليم سان پڻ، ٻين ڪيترين عجيب
غريب ڳالھين سان گڏ ھڪڙي ڳالھھ ھيءَ بھ آڻي وابستھ
ڪئي آھي تھ ان ۾ خدا کي پيءُ ۽ مسيح کي خدا جو پٽ
مڃيل آھي – بلڪل ائين جيئن جاندار شين ۾ ھوندو آھي
(حالانڪھ وحدانيت جي تصور وارو خدا ڄمڻ ۽ ڄڻڻ جي
اھڙيءَ ڪنھن صفت کان پاڪ آھي). پر حقيقت ھيءَ آھي
تھ مسيح جي تعليم ۾ ائين ھرگز مڃيل نھ آھي. جتي
انجيل مقدس ۾ مسيح پاڻ کي خدا جو پٽ ۽ خدا کي
پنھنجو پيءُ چيو آھي، اتي ان ئي ڪتاب مقدس ۾ سوين
ڀيرا ھن پاڻ کي ”ابن آدم“ يا ”آدمزاد“
(Son of man)
بھ چيو آھي، ۽ خدا کي ھر انسان جو، بلڪ سڀني
انسانن جو، پيءُ ۽ انھن کي خدا جا پٽ يا ٻالڪ
(Children of God)
سڏيو آھي
*
ظاھر آھي تھ ”پٽ“ ۽ ”پيءُ“
ھتي تشبيھھ يا استعاري جي لفظن طور ڪم آيل آھن، جن
مان مراد ھڪ پاسي ”مخلوق“، ”بندو“ وغيره ۽ ٻئي
پاسي ”اپائڻھار“ (خالق)، ”پالڻھار“ (رب)،
”ٻاجھارو“ (رحمان) ۽ ”مھربان“ (رحيم) ئي آھي، جيئن
پيءُ پنھنجي پٽ لاءِ ٿيندو آھي- ۽ ٻي ڪابھ ڪانھي.
اِھي لفظ بھ ائين مسيح پنھنجي تعليم ۾ انھيءَ ڪري
استعمال ٿي ڪيا، جو انھن ڏينھن ۾ اتي، خاص طرح
يھودين ۾، جن وٽ ئي ھن کي پنھنجي دعوت پيش ٿي ڪرڻي
پيئي. مثلا يھودين جا پادري پاڻ ئي سڄيءَ، پنھنجي
اسرائيلي قوم لاءِ چوندا ھئا تھ ”اسان جو ھڪ ئي
پيءُ آھي ۽ اھو خود خدا آھي.“
*
انجيل ۾ ٻئي ھنڌ خود مسيح
پنھنجي ساٿين کي ھدايت ڪندي چيو آھي: ”۽ زمين تي
ڪنھن کي بھ پنھنجو پيءُ نھ چئو، ڇاڪاڻ تھ اوھان جو
پيءُ ھڪ ئي آھي، جو آسمان تي آھي.“
**
مسيح اھي لفظ فقط تشبيھي ۽
استعاري لفظن طور استعمال ٿي ڪيا، ان جو پڌرو مثال
انجيل جي ٻئي ھڪ بيان ۾ بھ ملي ٿو.
(صليب تي چڙھڻ کان ڪجھھ ڏينھن اڳ، جڏھن مسيح آخري
بار يروشلم ۾ آيو ھو، ۽ ماڻھن جا انبوھھ ھن وٽ اچي
رھيا ھئا، ۽ ھن کي شھيد ڪرڻ جون سازشون ٿي رھيون
ھيون، تڏھن ڪن ماڻھن جن ۾ يوناني بھ ھئا، ھن سان
ملڻ جي خواھش ڏيکاري: ھن جي ساٿين جڏھن اھا ڳالھھ
ھن سان ڪئي، تڏھن) ”يسوع جواب ۾ انھن کي چيو، ”اھو
وقت اچي ويو آھي جڏھن ابن آدم جلال حاصل ڪندو. آءٌ
اوھان کي سچ ٿو چوان تھ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين
تي ڪري مري نٿو وڃي، تيستائين اھو اڪيلو ٿو رھي،
پر جڏھن مري ٿو وڃي تڏھن اھو گھڻو ڦل ٿو ڏئي. جيڪو
پنھنجو ساھھ پيارو ڪندو، اھو ان کي وڃائيندو، ۽
جيڪو دنيا ۾ پنھنجو ساھھ ڪڙو ڪندو، اھو ان کي
ھميشھ لاءِ بچائيندو. جيڪڏھن ڪو شخص منھنجي خدمت
ڪرڻ گھري ٿو تھ منھنجي پيروي ڪري؛ پوءِ جتي مان
آھيان اتي اھو بھ ھوندو. جيڪو منھنجي خدمت ڪندو،
(منھنجو سڀني جو) پيءُ ان جو مان مٿي ڪندو. ھاڻي
منھنجو ساھھ ڪنبي ٿو، تھ پوءِ مان ڇا چوان؟ - ”اي
بابا! مون کي انھيءَ گھڙيءَ کان بچاءِ؟“ پر مان
اِنھيءَ ئي لاءِ تھ اِن گھڙيءَ کي پھتو آھيان!
(انھيءَ ڪري) آءٌ چوان ٿو، ”اي بابا! پنھنجي نالي
کي جلال ڏي (يعني، پنھنجيءَ ڳالھھ کي اوچو ڪر،
ڪامياب ڪر!)“ پوءِ آسمان مان آواز آيو– ”مون
(ھميشھ) ان کي جلال ڏنو آھي ۽ وري بھ ڏيندس.“ جيڪي
ماڻھو بيٺا ھئا ۽ ٻڌي رھيا ھئا، انھن چيو، ”ھيءُ
ڪڪرن مان ڪھڙو آواز آيو!“ ٻين چيو تھ ”فرشتو ھن
سان ھمڪلام ٿيو.“ يسوع جواب ۾ چيو، ”ھيءُ آواز مون
لاءِ نھ ھو، بلڪ اوھان لاءِ ھو، ھاڻي دنيا جي
عدالت ۾ فيصلو ٿيڻو آھي، ۽ دنيا جي سردار کي ڪڍيو
ويندو. ۽ مون کي جيڪڏھن زمين کان مٿي واري ھنڌ تي
چاڙھيو ويندو، تھ سڀئي ماڻھو مون ڏانھن ڇڪجي
ايندا.“ ھن انھيءَ ڳالھھ سان اشارو ڪيو ٿي تھ ھن
جو موت ڪيئن ٿيڻو ھو. ماڻھن ھن کي جواب ڏنو تھ
”اسان شريعت جي ڳالھھ ٻڌي آھي تھ مسيح ابد تائين
رھندو – پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تھ ابن آدم جو مٿي
چڙھڻ ضروري آھي؟ ھيءُ ابن آدم ڪير آھي؟“ پوءِ يسوع
انھن کي چيو تھ اڃا ڪجھھ وقت نور اوھان جي وچ ۾
آھي. جيستائين نور اوھان وٽ آھي (ان جي روشنيءَ ۾)
ھلندا ھلو. ائين نھ ٿئي، جو اوندھ اچي اوھان کي
گھيرو ڪري، ۽ جيڪو اوندھھ ۾ ھلندو آھي، ان کي خبر
نھ پوندي آھي تھ ڪيڏانھن ٿو وڃي. جيستائين نور
اوھان وٽ آھي، نور تي ڀروسو رکو، تھ جيئن اوھين
نور جا فرزند بڻجو.“
*
مطلب تھ ڪڏھن ڪڏھن جڏھن مسيح پنھنجي تبليغي مھم ۾
پاڻ کي خدا جو پٽ ۽ خدا کي پنھنجو پيءُ ٿي چيو، تھ
اھو ھن تشبيھي، استعاري ۽ علامتي انداز ۾ ٿي چيو –
ھن جي مراد انھن اصطلاحن جي لفظي معنيٰ سان ھرگز
ڪانھ ھئي.
ساڳيءَ طرح غير مسيحي عالمن توڙي مسيحي شريعت جي
ڪن فرقن ۾ ٻي ھڪ اھڙي ئي غلط فھمي مسيحي تعليم
بابت ھيءَ پکڙيل يا پکيڙيل آھي تھ ان ۾ مسيحي مومن
کي گناھھ ڪرڻ جي شھھ بلڪ ترغيب مليل آھي، ڇاڪاڻ تھ
مسيحي خلق جي اجتماعي توڙي انفرادي گناھن جو بار
حضرت مسيح پاڻ تي کنيو آھي ۽ انھن جي سڄي سزا
پنھنجي پاڻ تي ھموار ڪري، ھن صليب تي چڙھڻ قبوليو
۽ شھادت جو جام پيتو. دراصل مسيحي تعليم ۾ اھو
عقيدو ائين ھرگز ڪونھي – بلڪ ان جي بلڪل ابتڙ آھي.
ڏسجي ٿو تھ ھن تھمت جو بنياد انجيل مقدس جي ھيٺين
ٻن آيتن جي غلط مطلب تي بيھاريو ويو آھي:
(1)
(بيبي مريم جي مڱيندي، يوسف بن دائود، کي مسيح جي
جنم جي بشارت ڏيندي، خدا جي فرشتي چيو: ) ”....
تون ان جو نالو يسوع رکج، ڇاڪاڻ تھ اھو پنھنجن
ماڻھن کي سندن گناھن کان نجات ڏيندو.“
*
(2)
”ٻئي ڏينھن ھن (يوحنا بپستمي واري، جنھن مسيح جي
اچڻ جي منادي ٿي ڪئي) يسوع کي پنھنجي طرف ايندي
ڏسي چيو– ”ھو ڏسو، اھو خدا جو گھيٽڙو آھي، جو دنيا
جا گناھھ کنيو پيو وڃي!“
**
”ماڻھن کي گناھن کان نجات ڏيڻ“ يا ”دنيا جا گناھھ
کڻي وڃڻ“ جي معنيٰ سنئين سڌي ھيءَ آھي تھ ماڻھن کي
(يا دنيا کي) براين کان پاڪ ڪرڻ – انھن اصطلاحن جي
ٻي ڪنھن بھ صورت ۾ ڪا معنيٰ ڪانھي – جيئن ماڻھن ھن
کي ڏسي چيو ٿي ”ھن اسان جون بيماريون لاٿيون ۽
اگھايون دور ڪيون“
***.
”خدا جو گھيٽڙو“ اصطلاح ۾ بھ مسيح جي ھيڻائي ۽
معصوميت ۽ ھن جي بيگناھھ شھادت جو مفھوم موجود
آھي، جنھن جو پس منظر توڙي مقصد انجيل مقدس ۾
مختصر لفظن ۾ ھيٺينءَ طرح بيان ٿيل آھي:
(جڏھن يسوع جي ڳالھين ۽ ڪمن کان متاثر ٿي، عام
ماڻھن جا ٽولن پٺيان ٽولا ھن وٽ اچڻ لڳا، تڏھن
يھودين جي) ”وڏن فقيھن ۽ شرعي عالمن پنھنجي ”صدر
مجلس“ گڏ ڪئي ۽ ان جي اڳيان دانھون ڪيون تھ ”ھي
اسين ڇا پيا ڪريون؟ ھيءُ ماڻھو تھ معجزا پيو
ڏيکاري! جيڪڏھن اسين ڳالھھ کي ائين ڇڏي ڏينداسين
تھ سڀئي ماڻھو ھن جي پٺيان لڳي پوندا ۽ رومي حاڪم
اسان جي وڏي عبادتخاني ۽ پڻ سڄيءَ اسان جي قوم کي
اچي وٺندا.“ ۽ انھن ۾ ڪائفا نالي ھڪڙو شخص ھو،
جيڪو انھيءَ سال جو سندن سردار ربي (مذھبي پيشوا)
ھو، تنھن انھن کي چيو ”اوھان کي ڪا خبر ڪانھ ٿي
پوي، ۽ نھ اوھين ڪجھھ سوچيو ئي ٿا. اوھان لاءِ
بھتر آھي تھ ھڪڙو ماڻھو قوم لاءِ مري، پر سڄي قوم
نھ مري.“ ھن اِھا ڳالھھ شخصي طرح پنھنجي پاران
ڪانھ ٿي ڪئي، پر ان سال جي سردار ربيءَ جي حيثيت
سان پيش بيني ڪندي، ھن ائين ٿي چيو تھ ”يسوع کي
قوم لاءِ مرڻو آھي – نھ رڳو ان (يعني يھودي) قوم
لاءِ، پر اِن لاءِ بھ تھ ھو (پنھنجي شھادت سان)
سڀني ٽڙيل پکڙيل خدا جي فرزندن کي گڏي ھڪ ڪري.“
پوءِ ھو انھيءَ ڏينھن کان ھن کي قتل ڪرڻ جون سٽون
سٽڻ لڳا.“
*
ھيءُ يھودين جو سردار ربي، ڪائفا، مثال آھي تاريخ
جي انھيءَ ڪردار جو، جيڪو اجتماعي مفاد جي نالي ۾
خالص گروھي مفاد جي محافظ طور مذھبُ، سياست سان
گڏجي، ادا ڪندو آھي. ان مرحلي تي اھو عام نجات يا
عام مفاد جي پنھنجي ابتدائي عمل جي صلاحيت وڃائي،
رڳو گروھي مفاد ۽ غرضڪاريءَ جو ھٿيو بڻيل ھوندو
آھي، ۽ ان گروھي مفاد جي بچاءَ واسطي عوام کي سندن
نجات جي ھر انقلابي تعليم ۽ عمل ۽ ان تعليم ۽ عمل
جي ھر مبلغ ۽ اڳواڻ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي
۽ ان لاءِ پنھنجي ھر پروپئگنڊائي حربي – سڌي اڻ
سڌي، جائز ناجائز – کي ڪم آڻيندو آھي: حقيقتن کي،
ھر صداقت کي ۽ خود پنھنجي تعليم جي اصليت کي موڙڻ،
مروڙڻ ۽ بگيڙڻ ان غرضڪار پروپيگنڊا جو سڀ کان وڌ
اثرائتو ۽ چالو طريقي ڪار ھوندو آھي. يھودي عوام
کي مسيح جي اڳواڻيءَ ۽ مسيح جي انقلابي تعليم جي
اثر کان پري رکڻ لاءِ ڪائفا بھ اھو ئي طريقو ڪم
آندو ۽ اڳتي ھلي خود مسيحي شريعت جي عالمن توڙي ان
جي مخالف مذھبي عالمن بھ پنھنجي گروھي غرضڪاريءَ
لاءِ اھو ئي پروپيگنڊائي حربو استعمال ڪيو. مسيح
لاءِ ائين چوڻ تھ ھو پنھنجي امت جا گناھھ کڻي ويو
۽ ان جي عيوض پاڻ صليب تي چڙھي، سڄيءَ امت جي
گناھن جي سزا بھ ھن پاڻ تي ھموار ڪئي - ۽ اھا
ڳالھھ ان جي عام پسند ۽ ظاھري معنيٰ ۾ ائين چوڻ –
محض ھڪ اھڙي ئي شاطرانھ يا پروپيگنڊائي ڳالھھ آھي
- ۽ ان کان وڌيڪ ان جو ٻيو ڪو وزن يا اھميت نٿي ٿي
سگھي.
برخلاف اِن جي مسيح جي سون جھڙي صاف ۽ موتين جھڙي
اوجل ۽ املھھ تعليم، جيڪا عمل ۾ انقلاب جي تعليم
آھي، جنھن جو بنياد سنئون سڌو انسان جي پنھنجي
ڪرڻيءَ ۽ ان جي ڦل تي رکيل آھي، ۽ جنھن جو ھن
ڌرتيءَ تي انسان جي روشن کان روشن مستقبل ۾ يقين
آھي – اھو مستقبل جنھن ۾ انسان کي پاڻ لاءِ نيڪيءَ
۽ پيار، ڪھل ۽ انصاف جي آسماني بادشاھت اڏڻي آھي –
ان پنھنجي تعليم لاءِ مسيح جو پنھنجو چوڻ ھي آھي:
(گناھن کان) توبھھ ڪيو تھ ان مطابق عمل ڪيو ....
پنھنجي دلين ۾ ھي چوڻ جو خيال نھ ڪريو تھ ابراھيم
اسان جو پيءُ آھي – ڇاڪاڻ تھ آءٌ اوھان کي سچ ٿو
چوان تھ خدا ھنن پٿرن مان ابراھيم لاءِ اولاد پيدا
ڪري سگھي ٿو – ۽ ھاڻي وڻن تي ڪھاڙو رکيو آھي، پوءِ
جيڪو وڻ سٺو ميوو نھ ڏيندو، اھو ڪاٽبو ۽ باھھ ۾
وڌو ويندو. (متي –
10-7/3).
آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تھ خدا جي بادشاھي اوھان
کان کسي ويندي ۽ ان قوم کي ڏني ويندي، جيڪا ان مان
ڦل پيدا ڪندي
(متي –
43/21).
حرامڪاري، ناپاڪي، شھوت پرستي، بت پرستي، جادوگري،
عداوتون، جھڳڙا، حسد، غصو، تفرقو، جدايون، بدعتون،
بغض، تشھ بازي، ناچ رنگ ۽ ٻيون اھڙيون بُرايون –
اِنھن بابت اوھان کي پھرين چئي ٿو ڇڏيان – جيئن
اڳي بھ چتائي چڪو آھيان– تھ اھڙن ڪمن ڪرڻ وارا خدا
جي بادشاھيءَ جا وارث نھ ٿيندا
(گلتيون –
21-19/5).
(ياد رکو) ھر ھڪ کي ان جي ڪمن مطابق بدلو ملندو
(متي –
27/15).
اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ ھڪڙي ماڻھوءَ جا ٻھ پٽ ھئا. ان
پھرئين وٽ وڃي چيو تھ ”وڃ، اڄ تاڪستان (انگورن جي
باغ) ۾ وڃي ڪم ڪر.“ ان جواب ۾ چيو ”مان نھ ويندس-“
مگر پوءِ پڇتايائين ۽ (ڪم ڪرڻ لاءِ اوڏانھن) ھليو
ويو. پوءِ ٻئي پٽ وٽ وڃي ھن اھڙيءَ ئي طرح چيو،
جنھن جواب ڏنس ”حاضر بابا!“ پر ھو ڪم تي نھ ويو.
انھن ٻنھي پٽن مان ڪھڙي پٽ پنھنجي پيءُ جي مرضي
پوري ڪئي؟ انھن چيو ”پھرئين“
(متي –
31-28/21).
جيڪڏھن اوھين اِھي ڳالھيون ڄاڻو ٿا تھ مبارڪ آھيو،
بشرطيڪ اوھين انھن تي عمل ڪريو. (يوحنا –
17/13).
اي رياڪار فقيھو ۽ فريسيؤ (طريقت جا صاحبؤ)، اوھان
تي افسوس، جو آسماني بادشاھيءَ جا دروازا ماڻھن تي
بند ٿا ڪريو– نھ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نھ
داخل ٿيڻ وارن کي ان ۾ داخل ٿيڻ ٿا ڏيو (متي –
12/23).
(ياد رکو) ”سبت“ ماڻھوءَ لاءِ آھي نھ ماڻھو ”سبت“
لاءِ - ابن آدم ”سبت“
*
جو مالڪ آھي (مرقس –
37/3).
... اڄ تائين آسمان جي بادشاھيءَ تي زور (جھيڙو)
ٿيندو پئي رھيو آھي ۽ زوراور اھا کسيندا ۽ پنھنجي
حوالي ڪندا پئي رھيا آھن ( متي
12/11).
پوءِ اوھين ... انھن کي ھيءَ تعليم ڏيو تھ انھن
سڀني ڳالھين تي عمل ڪن، جن جو مون اوھان کي حڪم
ڏنو آھي. (متي –
20/28).
نئون شراب پراڻين مشڪن ۾ نھ ڀربو آھي، ڇو تھ ائين
اھي ڦاٽي پون ٿيون ۽ شراب ھارجي ٿو وڃي ۽ مشڪون
برباد ٿي وڃن ٿيون. نئون شراب نين مشڪن ۾ ڀربو
آھي، ۽ ائين شراب ۽ مشڪون ٻيئي بچنديون آھن (۽ ڪم
اينديون آھن). (متي –
17/9).
ڪوبھ نئين پوشاڪ مان ڦاڙي پراڻيءَ پوشاڪ کي اڳڙي
ڪانھ ٿو ھڻي – ائين نئين بھ ڦاٽندي ۽ ان جي اڳڙي
پراڻيءَ سان ميل بھ ڪانھ کائيندي. (لوقا –
38-37/5).
آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تھ جيڪو مون تي ايمان ٿو
رکي، ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪريان ٿو، سي بھ ڪندو، پر
انھن کان بھ وڏا ڪم ڪندو (يوحنا –
12/14).
مسيح
33
سال ۽
9
مھينن جي ڦوھھ جوانيءَ ۾ صليب
تي چڙھي شھيد ٿيو. ٽيھن سالن جي عمر کان پوءِ ئي
ھن پنھنجي پيغام، پنھنجي تعليم يا ھن ڌرتيءَ تي
پنھنجي ”آسماني بادشاھت“ اڏڻ جي ماڻھن کي دعوت ڏيڻ
شروع ڪئي. ھن کي فقط پؤڻا چار ورھيھ پنھنجي دعوت
جي عام ڪرڻ لاءِ مليا. ھن ٿورڙي وقت ۾ ھن جي دعوت
جو اثر ۽ نتيجو ھر لحاظ کان بي مثل ۽ حيرتناڪ ثابت
ٿيو. اڄ بھ مذھبي سڃاڻپ جي خيال کان، مسيحي دنيا،
مقدار توڙي ماھيت ۾، باقي سڄي دنيا ۾ اڳڀري ۽ پڻ
مٿڀري ڏسجي رھي آھي. لامذھب دنيا کي ڇڏي، ٻي سڄيءَ
دنيا، صيھوني ۽ اسلامي دنيا سميت، اڄ ھر طرح مسيحي
دنيا جي ئي آڌار ۽ اڳواڻيءَ ھيٺ آھي.
اڄ اسان جي اھا سڄي مذھبي دنيا پنھنجي ”بچاءَ“ ۾
ديوانھ وار ھٿ پير ھڻي رھي آھي. پر افسوس، ھيءَ
اسان جي اڄوڪي دنيا، ٻھ ھزار سال اڳ واريءَ صيھوني
دنيا وانگر، پنھنجن انبيائن سڳورن جي نالن ۾، جيڪي
ڪجھھ بچائڻ گھري ٿي، سو اھو نھ آھي، جنھن کي انھن
قائم ڪرڻ گھريو ٿي بلڪ اھو ئي آھي جنھن کي انھن
پاڻ ختم ڪرڻ ٿي گھريو. مسيح پنھنجي دور جي انھيءَ
ئي دنيا جي سردار ربين ۽ قومي بزرگن کي مخاطب
ٿيندي اھا ئي ڳالھھ چئي ھئي ۽ اڄ اسين بھ پنھنجن
عالمن، بزرگن ۽ مشائخن کي بلڪل انھن ئي لفظن ۾ اھا
ڳالھھ چئي ٿا سگھون تھ:
اي رياڪار فقيھو ۽ فريسيو، اوھين ڦودني، سونفن ۽
جيري جي تھ ڏھين پتي ڪڍو ٿا، پر شريعت جي وڏين
ڳالھين يعني انصاف رحم ۽ ايمان کي اوھان ڇڏي ڏنو
آھي... اي انڌا اڳواڻؤ، مڇر تھ ڇاڻي ٿا ڪڍو پر اٺ
ڳھيو ٿا وڃو!
اي رياڪار فقيھو ۽ فريسيو، اوھين سفيد پوچيءَ لڳل
قبرن وانگر آھيو، جيڪي ٻاھران تھ سھڻيون لڳن ٿيون،
پر انھن ۾ مئلن جا ھڏا ۽ ھر طرح جو ڪچرو ڀريل آھي.
اي رياڪار فقيھو ۽ فريسيو، اوھين نبين جا روضا تھ
اڏيو ٿا ۽ صاف رکو ٿا ۽ متقين ۽ صالحن جون قبرون
تھ سينگاريو ٿا ۽ چئو ٿا تھ اوھين پنھنجن ابن ڏاڏن
جي زمانن ۾ ھجو ھا تھ انھن نبين ۽ متقين جي مارڻ ۾
شريڪ نھ ٿيو ھا... اي نانگؤ، نانگن جا ٻچؤ....
اي رياڪار فقيھو ۽ فريسيو، اوھين آسمان جي
بادشاھيءَ جا دروازا بند ٿا ڪريو... نھ پاڻ ٿا ان
۾ داخل ٿيو ۽ نھ ٻين کي ان ۾ داخل ٿيڻ ٿا ڏيو.
اي احمقؤ، اي اکين کان انڌؤ، سون وڏي شيءِ آھي يا
”خدا جو گھر“... خبردار، پنھنجي لاءِ زمين تي مال
گڏ نھ ڪريو... ڇا لاءِ، جو جتي مال ھوندو اتي
اوھان جي دل بھ ھوندي. بدن جو ڏيئو اک آھي، ۽
جيڪڏھن اوھان جي اک ٺيڪ ھوندي، تھ اوھان جو سڄو
بدن روشنيءَ سان ڀريل ھوندو. جيڪڏھن اوھان جي اک
بڇڙي ھوندي، تھ اوھان جو سڄو بدن اوندھھ سان ڀريل
ھوندو، ۽ اوھان ۾ جيڪا روشني آھي، سا ئي جي اوندھھ
ٿي پيئي، تھ اھا ڪيڏي نھ وڏي اوندھھ چئبي! (متي –
23-19/6, 24-23, 16,13/23).
مسيح پنھنجي دور جي ان زرپرست ۽ جاھ پرست دنيا جي
اھا اوندھھ ختم ڪرڻ گھري ٿي – مال ۽ ملڪيت ۽ ڦرلٽ
جي اوندھھ، ڏاڍ ۽ ظلم جي اوندھھ، مالدارن ۽ ڏاڍن
جي حيوانيت جي اوندھھ. ۽ اھا روشني قائم ڪرڻ گھري
ٿي – انصاف، رحم ۽ ايمان جي روشني، پيار ۽ ڪھل ۽
زندگيءَ جي احترام جي روشني، انسانيت جي روشني - ۽
انھيءَ ئي کي ھن ”آسماني بادشاھت“ سڏيو ٿي.
مسيح جي ان دعوت عظيم جي تياريءَ ۽ تعميل جي ڳالھھ
ڏاڍي ھڪ عجيب ۽ عبرت آموز ڳالھھ آھي. ھيءُ ڪتاب
”ٻارن جو مسيح“ اھا ڳالھھ ڏاڍن سھڻن ۽ سادن لفظن ۾
۽ گھڻي قدر ۽ سڄي سربستي اسان کي ٻڌائي ٿو. مسيح
جي ان ”آسماني بادشاھت“ جي اڏاوت جو ڪم، جيئن جڳن
جا جڳ مسيح کان اڳ تيئن انساني سماج ۾ کانئس ٻھ
ھزار ورھيھ پوءِ اڄ بھ جاري آھي. ان لاءِ مسيح
پنھنجي دور ۾ ڇا سٺو ۽ ڇا ڪيو، مسيح جي عمل جي ان
رستي جي واقفيت انھن لاءِ جيڪي ڌرتيءَ تي انسانن
لاءِ ان ”آسماني بادشاھت“ جي تعمير ۾ حصو وٺڻ گھرن
ٿا، بيحد ضروري آھي.
ڏاڍو افسوس جو مقام آھي، جو اڄ جو عام انسان رڳو
پنھنجي
|