پوءِ جڏھن ھو بيت لحم ۾ داخل ٿيا، تڏھن سواءِ ڪنھن
دير مدار جي، پڇا ڪيائون تھ شھر ۾ ڪو نئون ڄاول
ٻار تھ ڪٿي ڪونھ ھو!
”ھائو!“ ھڪڙيءَ مائيءَ پڇڻ تي انھن کي ٻڌايو، ”او
ھو گھر، پريان ڏسو ٿا؟ اتي اھو ٻالڪ ۽ ھن جي ماءُ
اوھان کي گڏبا.“
ڏاھن شخصن ان ننڍڙي گھر ڏانھن نھاريو. ھوڏانھن،
وڏو روشن تارو ڏٺو پئي تھ بلڪل ان گھر جي مٿان
بيٺو ھو.
”اھو ئي گھر آھي.“ ڏاھن شخصن چيو، ”تارو اسان کي
اھو ڏيکاري رھيو آھي. ھلو تھ اوڏانھن ھلون!“
۽ پوءِ ھو اتي ويا، جتي مريم پنھنجي ابھم ٻالڪ سان
ويٺي ھئي. ھوءَ ھھڙن ٽن ٻاھرين سکر ماڻھن کي پاڻ
ڏانھن ايندو ڏسي، حيران ٿي ويئي ۽ جڏھن ھو ھن وٽ
پھتا ۽ سندس گوڏي تي ليٽيل ٻار جي آڏو جھڪي ھن جو
سلام ڪيائون ۽ ڪرنش بجا آندائون، تڏھن ھوءَ ھيڪاري
عجب ۾ پئجي ويئي ۽ وڏين اکين سان ھنن ڏانھن ڏسڻ
لڳي.
”يھودين جو ننڍڙو بادشاھھ!“ ھڪڙي ڏاھي شخص چيو.
آخر اسين ھن وٽ پھچي وياسون. اچو تھ ھن کي تحفا
پيش ڪريون، جيڪي اسان ھن لاءِ آندا آھن.“
انھن ڏينھن ۾ جيڪي تحفا بادشاھن کي ڏنا ويندا ھئا،
انھن ۾ ھيرا جواھر، خوشبودار عطر ۽ عجيب غريب
مصالحا ضرور شامل ھوندا ھئا. ۽ اھي ئي شيون ھي
ڏاھا شخص يسوع لاءِ کڻي آيا ھئا – ڇاڪاڻ تھ ھيءُ
بادشاھھ ئي تھ ھو! ۽ ھن کي بادشاھي تحفا ئي پيش
ٿيڻا ھئا. خادم اٺن جي ٻورن مان پيتيون ڪڍي آيا ۽
آڻي پنھنجن مالڪن جي اڳيان رکيائون. ڏاھن شخصن اھي
کوليون ۽ انھن مان اھي تحفا ھڪ ھڪ ڪري ڪڍيا.
”ھيءُ سون آھي،“ ھڪڙي چيو.
”ھيءُ زعفران آھي،“ ٻئي چيو.
”ھيءُ عطر آھي،“ ٽئين چيو.
مريم انھن عجيب غريب تحفن کي حيرت وچان پئي ڏٺو، ۽
پنھنجو ٻالڪ پنھنجي ڇاتيءَ سان لايو ويٺي ھئي. ھن
پنھنجي ٻالڪ کي پنھنجي ساھھ کان وڌ پيار ٿي ڪيو.
ڇاڪاڻ تھ ھو ئي سندس ساھھ ھو. ان ھوندي بھ ڏسڻ ۾
ائين ٿي آيو، ڄڻ ھيءُ ٻالڪ آسماني ٻالڪ ھو، ۽
فرشتن جو ٻالڪ ھو، انھن عاليشان ٻاھرين مسافرن جو
ھو جيڪي ھن کي ڪرنش ڪري رھيا ھئا، ۽ انھن ريڍارن
جو ھو جن ٻاھر کيتن ۾ رڍون پئي چاريون. انھن ھن کي
سڃاتو ھو، ۽ ھنن ھن کي پنھنجي ساھھ کان وڌ پيار ٿي
ڪيو، ڇو تھ ھو ئي سندن ساھھ ھو. ھو سڄيءَ دنيا جو
ھو.
ڏاھا شخص پوءِ ھليا ويا، ڇاڪاڻ تھ رات جي ويل ھئي.
ھو پٺيان پيتيون ڇڏي ويا، ۽ مريم انھن مان وري
تحفا ڪڍي پئي ڏٺا ۽ انھن جي سونھن ۽ سرھاڻ تي خوش
بھ پئي ٿي ۽ عجب بھ پئي کاڌائين.
”پري کان آيل مسافرن چيو پئي تھ ھو اڄ ھيروڊ
بادشاھھ سان مليا ھئا،“ مريم يوسف سان ڳالھھ ڪئي.
”بادشاھھ ئي ھنن کي ڏسيو ھو تھ ھو اسان جي ٻالڪ کي
بيت لحم ۾ لھي سگھندا. ھو سڀاڻي ھن وٽ موٽي ويندا
۽ ھن کي وڃي ٻڌائيندا تھ اسان جو ننڍڙو يسوع ھتي
آھي.“
ڏاھا شخص رات گذارڻ لاءِ وڃي سراءِ ۾ ترسيا، ڇاڪاڻ
تھ اويل ٿي چڪي ھئي، ۽ ھو ان وقت موٽي نٿي سگھيا.
ھنن جا اٺ انھيءَ واڙي ۾ بيٺل ھئا، جتي مريم تنھن
رات رھي ھئي، جڏھن يسوع ڄائو ھو. ساڳين ڪبوترن اتي
ڪوڪو پئي ڪئي. ساڳين ڍڳن اتي کرن سان زمين پئي
اکلي. ڏاھن شخصن سراءِ ۾ بھترين ڪوٺيون پنھنجي رھڻ
لاءِ ورتيون ۽ انھن ۾ رات جي چئن پھرن گذارڻ لاءِ
ھو تياريون ڪرڻ لڳا.
”سڀاڻي اسين موٽي ھيروڊ جي محل ڏانھن وينداسين ۽
بادشاھھ کي ٻڌائينداسين تھ يسوع بيت لحم ۾ ڪٿي
رھيل ھو.“ منجھائن ھڪڙي چيو.
پر انھن ائين ڪونھ ڪيو، ڇو تھ رات جو خواب ۾ خدا
جي طرفان انھن کي ائين چتايو ويو ھو. جڏھن صبح جو
ھو جاڳيا، تڏھن اٿڻ سان ھو ھڪٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳا.
”مون کي خواب ۾ چيو ويو آھي تھ اسان کي ھيروڊ جي
محل ڏانھن وڃڻ نھ کپي.“ ھڪڙي چيو.
”مون کي پڻ،“ ٻئي چيو. ۽ ٽئين بھ ان تي پنھنجو ڪنڌ
ڌوڻيو. ”اسين ٻِئي رستي سان پنھنجي وطن
موٽنداسين،“ ھن چيو. ”اڄ صبح جو ھتان نڪرنداسين،
پر يروشلم وارو رستو ڪونھ وٺنداسين، متان بادشاھھ
اسان جي تاڙ ۾ ان رستي سان پنھنجا سپاھي بيھاري
ڇڏيا ھجن!“
انھيءَ ڪري ھو بيت لحم مان نڪري، ٻيو رستو وٺي،
پنھنجي ملڪ ڏانھن روانا ٿيا. ھو پنھنجيءَ دل ۾
ڏاڍا خوش ھئا، جو ھو پاڪ ٻالڪ کي ڏسي سگھيا ھئا ۽
ھن کي پنھنجا تحفا ڏنا ھئائون.
”ھو سچ پچ تھ ھڪ اعليٰ بادشاھھ ٿيندو.“ ڏاھن شخصن
ھڪٻئي کي چيو. ”ھن جي تاري جھڙو تارو، جيڪو بلڪل
ان گھر جي مٿان بيٺو رھيو، جتي ھو ستل ھو، اڳي
ڪڏھن بھ ڏٺو نھ ويو آھي.“
”ھيروڊ بادشاھھ ھن کي ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو،“
ھڪڙي ڏاھي شخص چيو، ”جڏھن خدا اسان کي خواب ۾
ھيروڊ ڏانھن موٽي نھ وڃڻ لاءِ چيو، تڏھن اسان کي
کپي ھا تھ ھن جي ماءُ کي وڃي خبردار ڪريون ھا.“
”جيئن خدا اسان کي خبردار ڪيو، تيئن ھو ٻالڪ جي
ماءُ کي بھ خبردار ڪندو،“ ڏاھن شخصن مان ھڪڙي چيو.
”مون کي سراءِ جي مالڪ ٻڌايو تھ ھيروڊ ھڪ پاپي
بادشاھھ آھي. ھو نئين ڄاول بادشاھھ جو ڪڏھن بھ
خيرخواھھ نھ ٿي سگھندو.“
ان وچ ۾ ھيروڊ پنھنجي محل ۾ انھن ڏاھن شخصن جي
موٽڻ جو سخص انتظار ڪري رھيو ھو. اھي ڪڏھن موٽندا؟
موٽڻ ۾ ھو ڪيترو وقت وٺي رھيا ھئا؟
7
: بيت لحم جي ڏک جو ڏينھن
جڏھن ڏاھا شخص وٽس موٽي نھ آيا، تڏھن ھيروڊ ڪاوڙ ۾
تپي باھھ ٿي ويو. ھن جو خيال ھو تھ وڌ ۾ وڌ ھو ھڪ
رات بيت لحم ۾ گذاريندا، ۽ ٻئي ڏينھن ھو ضرور موٽي
يروشلم ۾ وٽس پھچي ويندا.
پر جڏھن ھو يروشلم ۾ ظاھر ئي نھ ٿيا، تڏھن ھيروڊ
پنھنجا خادم ٻاھر موڪليا تھ ڏسي اچن تھ ڪھڙي ڳالھھ
ٿي ھئي، جو ھو واپس نھ ٿيا ھئا. اھي خادم بيت لحم
ڏانھن ويا، ۽ جلد ئي اتي معلوم ٿين تھ اھي نيڪ ۽
عاليشان مسافر ٻيو رستو وٺي ھليا ويا ھئا، ۽ ھاڻي
تھ ڪافي رستو لتاڙي، گھڻو اڳتي نڪري ويا ھوندا.
ان ڳالھھ تي ھيروڊ، پنھنجي عادت موجب، ڪاوڙ ۾ ڀرجي
ويو، ۽ انھن ڏانھن شخصن تي پرپٺ سخت ڇوھھ ڇنڊڻ ۽
چرين وانگر انھن کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو.
”آءٌ انھن جي پويان تيز گھوڙي سوار موڪليندس. آءٌ
انھن کي پڪڙي، قيد ۾ بند ڪندس. ھنن کي ٻڌائڻو
پوندو تھ اھو نئون ڄاول بادشاھھ ھنن ڪٿي ڏٺو ھو!“
پر اھي ڏاھا شخص ڪافي پري ھليا ويا ھئا ۽ ھن جي
قبضي کان ٻاھر نڪري چڪا ھئا. ھيروڊ جي خادمن ھن کي
اھا ڳالھھ ٻڌائي، پر ٻڌائيندي پئي ڏڪيا تھ سندن
مالڪ جيڪو سخت پاپي ۽ ظالم ھو، ڪٿي کين مارائي نھ
وجھي – ڇاڪاڻ تھ ھو جڏھن پنھنجي دستوري ڪاوڙ جي
جنون ۾ ايندو ھو، تھ بنھھ انڌو ٿي پوندو ھو ۽ خبر
ڪانھ پوندي ھيس تھ ڇا ٿو ڪري ۽ ڇو ٿو ڪري.
”آءٌ اھو ٻالڪ ضرور ھٿ ڪندس،“ ھيروڊ رڙ ڪئي، ”آءٌ
تيسين ننڊ نھ ڪندس، جيسين، ھن کي نھ جھليندس. ھن
کي آءٌ قتل ڪرائي ڇڏيندس! منھنجي بادشاھت ۾ ڪوبھ
نئون بادشاھھ پيدا ٿي نٿو سگھي. آءٌ ھن کي ڳولي
ڳولي ماريندس.“
پر ڪنھن کي بھ خبر ڪانھ ھئي، تھ ٻالڪ ڪٿي ھو، ۽ نھ
ڪنھن کي اھا خبر ھئي تھ ھو ڪيڏيءَ عمر جو ھو. ھڪ
ٻالڪ ھفتي جو بھ ٿي سگھيو ٿي ۽ ھڪ سال جو بھ. ڏاھن
شخصن ھيروڊ کي ھن جي عمر ڪانھ ٻڌائي ھئي، ۽ نھ وري
اھا انھن کي معلوم ئي ھئي. ھيروڊ پنھنجن عالمن کان
ان جي پڇا ڪئي، پر انھن کي خبر ڪانھ ھئي تھ اھو
ٻالڪ ڪيڏيءَ عمر جو ھو.
”ھن ٻار کي ڳولي لھڻ ۽ ان کي مارڻ ناممڪن آھي.“
ھيروڊ جي ھڪڙي عالم چيو.
”آءٌ ڄاڻان ٿو،“ ھيروڊ پنھنجي ساھھ کي گھٽيندي
چيو. ”آءٌ ڄاڻان ٿو تھ ھيءُ ٻار ڪيئن مرندو! ڪير
ٿيندو آ ھيءُ نئون پيدا ٿيل بادشاھھ؟ ھڪدم منھنجي
فوج جي ڪپتان کي مون وٽ حاضر ڪيو وڃي! ھن کي ڪم
ڪرڻو آھي!“
ھيروڊ ڏاڍو پاپي ھو، ۽ پاپي ماڻھو ھميشھ ڪٺور
ٿيندا آھن. ھن دل ۾ پنھنجي شيطاني رٿا جو پئي
سوچيو تھ ھن جون اکيون ٽانڊن وانگر پئي ٻريون.
”آءٌ بيت لحم ۾ ٻن سالن جا سڀ نر – ٻالڪ ڪھائي
ڇڏيندس،“ ھن سوچيو. ”ھر ھڪ! پوءِ نئون ڄاول
بادشاھھ بھ پڪ ئي پڪ انھن ۾ ڪسي ويندو، ڇاڪاڻ تھ
ڪنھن ھڪ کي بھ بچي وڃڻو نھ آھي.“
پوءِ ھن پنھنجي فوج جي ڪپتان کي حڪم ڏنو. ھن جو
حڪم نھايت ظلمي حڪم ھو. ”بيت لحم جي شھر ۽ ان جي
چؤگرد ڳوٺن جا سڀ ٻن سالن جا ۽ انھن کان ننڍا نر
ٻالڪ ڪھي ڇڏيو! خبردار، جي ڪو ھڪڙو بھ بچيو آھي!“
اوھان کي عجب لڳندو تھ ڪو ماڻھو اھڙو ڪٺور بھ ٿي
سگھندو آھي، پر برائي ۽ ڪٺورتا سدائين گڏوگڏ
ھونديون آھن. ھن پنھنجن سپاھين کي اھي حڪم ڏنا ۽
ھو محل مان نڪري، سڌا ٽڪريءَ تان چڙھندا، بيت لحم
شھر تي ڪاھي ويا. ھنن اڳي بھ ھيروڊ جي حڪم سان
ڪيترائي ڪٺورتا جا ڪم ڪيا ھئا، پر ھھڙو دھشتناڪ ڪم
ھنن ڪڏھن ڪونھ ڪيو ھو.
ھو جلد ئي بيت لحم ۾ پھچي ويا. شھر جا ماڻھو انھن
کي
اوچتو اتي ڏسي وائڙا ٿي ويا. ھيروڊ جا سپاھي ھتي
ڇو آيا ھوندا؟ ٻار ميڙ ڪري ٻاھر ھنن کي ڏسڻ لڳا -
۽ پوءِ، جيئن ئي ھنن ھڪڙي ڇوڪري ڏٺي، جنھن جي ڪڇ ۾
ننڍڙو نر ٻالڪ ھو، تيئن انھن مان ھڪڙي سپاھيءَ ٽپ
ڏيئي، پنھنجي چمڪندڙ تلوار زور سان ٻالڪ تي وھائي
ڪڍي - ۽ ٻار ھڪدم ٻھ ٽڪرا ٿي وڃي پري پيو. ننڍڙي
ڇوڪري دانھون ڪندي، پنھنجي گھر ۾ گھڙي ويئي.
”امان! او، امان اسان جو ڪڪو، اسان جو پيارو ننڍڙو
ڪڪو.“
پوءِ ماڻھن کي خبر پيئي تھ ڪيڏو وڏو ظلم ٿي رھيو
ھو، ۽ ھو پنھنجن ٻارن کي اندر ڪرڻ لاءِ وٺي چرين
وانگر ڀڳا. سپاھي نر ٻالڪن کي ڳولڻ لاءِ ھيڏي ھوڏي
ڇتا ٿي پئي ڊوڙيا، ۽ ڊپ ۾ ڏڪندڙ مائرون پنھنجا ٻچا
لڪائڻ لڳيون.
”ھيروڊ جو حڪم!“ سپاھين رڙ ڪئي، ۽ در ڀڃي، گھرن ۾
ڌوڪيندا ٿي ويا، ۽ بيوس ننڍڙن ٻارن کي جھليندا،
اتي جو اتي قتل ڪندا، اڇلائيندا ٿي ويا. گھر گھر
مان دل ڏاريندڙ روڄ ۽ راڙو اٿي، آسمان ۾ گم ٿي ٿي
ويو، ۽ ڏسندي ڏسندي سڄو شھر ماتم ۾ وٺجي ويو.
سپاھين پنھنجو ڪم پوريءَ چستيءَ سان پورو ڪيو. ھنن
بيت لحم ۽ ان جي آسپاس ٻن سالن جي عمر ۽ ان کان
گھٽ عمر جو ھڪ ھڪ نر ٻالڪ قتل ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ
ھو، پنھنجي تلوارن تان رت اگھي، انھن کي مياڻ ۾
وجھي، گھوڙن تي چڙھيا ۽ بيت لحم جي ٽڪريءَ تان
ڍاول ڪتن وانگر ڀؤڪندا لھندا، وڃي پنھنجي رت پياڪ
پاپي مالڪ بادشاھھ ھيروڊ وٽ حاضر ٿيا.
”سڀ نر – ٻالڪ ڪھي ڇڏياسون،“ باادب بيھي ڪپتان
احوال ڏنو ۽ ھيروڊ، خوش ٿي، ڪنڌ ھيٺ مٿي ڪيو. ھاڻي
ھو سلامت ھو. ھاڻي ننڍڙو ڄاول بادشاھھ، جنھن لاءِ
آسمان ۾ تارو چمڪيو ھو، ۽ جنھن کي ڏسڻ لاءِ مشرق
مان ڏاھا بادشاھھ ايڏو سفر ڪري آيا ھئا، سو ختم ٿي
چڪو ھو. ھاڻي، ڪوبھ ھيروڊ جو تخت ڪونھ ڦريندو.
ھيروڊ يھودين جي ھر نئين ڄاول بادشاھھ کان وڌيڪ
طاقتور ۽ عقلمند ھو.
ھيروڊ بادشاھھ بيت لحم جي غريب مائرن جا سڏڪا ۽
دانھون ڪونھ ٻڌيون. ھن وڏيرن ٻارن جا ھيڊ جھڙا ڊنل
منھن ڪونھ ڏٺا، جيڪي ھيبت ۾ شھر ڇڏي، ٽڪريءَ جي
ڇپن پٺيان لڪي ويا ھئا، تھ متان ھيروڊ جا سپاھي
موٽي اچي کين بھ نھ قتل ڪن. ھن کي پنھنجي ۽ پنھنجي
طاقت کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن ڳالھھ جي پرواھھ ڪانھ
ھئي.
8
: يسوع ڪيئن بچيو
جڏھن سپاھي اتي آيا ھئا، تڏھن ٻالڪ يسوع بيت لحم ۾
ڪونھ ھو. انھيءَ ڪري ھو بچي ويو. ھو ان وقت پري،
ڪنھن ٻئي ھنڌ ھو ۽ بلڪل سلامت ھو.
ڏاھن شخصن جي وڃڻ کان پوءِ، مريم سندس ٻالڪ
بادشاھھ ۽ يوسف سمھي پيا ۽ ننڊ کڄي وين. جيئن يوسف
پڪيءَ ننڊ ۾ ستو پيو ھو، تھ ھڪڙو فرشتو ھن وٽ خواب
۾ آيو ۽ اچي ھن جي ڀرسان بيٺو – بلڪل ائين جيئن
مريم سان شاديءَ ڀيري اھو ھن وٽ آيو ھو. يوسف
فرشتي ڏانھن نھاريو ۽ جو ڪجھھ کيس ان چيو اھو ڌيان
سان ھن ٻڌو. فرشتي يوسف لاءِ ان چپ چاپ اونداھيءَ
رات ھڪ عجيب قسم جو پيغام آندو ھو.
”اٿ!“ فرشتي ھن کي چيو. ”اٿ ۽ ننڍڙي ٻالڪ ۽ ھن جي
ماءُ کي وٺي، ھتان نڪر ۽ مصر ڏانھن ڀڄي وڃ، ۽ اتي
تيستائين وڃي رھھ جيستائين آءٌ وري اتان موٽي اچڻ
لاءِ توکي چوان، ڇاڪاڻ تھ ھيروڊ ننڍڙي ٻالڪ کي
مارڻ لاءِ ھن جي ڳولا ۾ آھي.“
يوسف جاڳي پيو ۽ اٿي ويھي رھيو ۽ عجب کائڻ لڳو.
فرشتو تھ گم ٿي ويو. ڇا، اھو خواب ھو؟ پر ان ۾ تھ
ھن لاءِ خدا جو پيغام ھو! يوسف مريم کي سڏ ڪيو، ۽
ھوءَ جاڳي پيئي.
”مريم! مون خواب ۾ ھڪڙو فرشتو ڏٺو آھي،“ جھيڻي
آواز ۾ يوسف چيو، ڇاڪاڻ تھ ھن ستل ٻالڪ کي جاڳائڻ
نٿي چاھيو.
”فرشتي ڇا چيو؟“ مريم پڇيو.
”ھن چيو تھ اسان کي ننڍڙي يسوع کي کڻي، مصر ڏانھن
ڀڄي وڃڻ کپي،“ يوسف چيو. ”فرشتي چيو تھ ھيروڊ ھن
کي مارڻ لاءِ پنھنجا ماڻھو ھتي موڪلڻ وارو آھي. ھو
اچرج جھڙا شخص جيڪي رات ھتي آيا ھئا ۽ يسوع لاءِ
سٺا سٺا تحفا کڻي آيا ھئا، تن ھن بابت گھڻو ڪجھھ
ھيروڊ کي ٻڌايو ھوندو، انھيءَ ڪري پاڻ کي ھڪدم
ھتان نڪرڻ گھرجي.“
”ھاڻي، ھن مھل؟“ مريم حيران ٿيندي چيو.
”ھائو،“ يوسف چيو. ”اسان کي ائين ئي ڪرڻ گھرجي
جيئن فرشتي چيو آھي. ۽ ھن مون کي چيو تھ اسان کي
ھڪدم ھتان نڪرڻ کپي. ٻار کي تيار ڪر، مريم، ۽ ڪجھھ
کائڻ لاءِ بھ کڻ. ٿورو گھڻو جيڪو سامان آھي، سو بھ
ٺاھھ. تيسين آءٌ وڃي پنھنجو گڏھھ ڳولي ٿو اچان. ان
تي تون ۽ ننڍڙو چڙھي ويھجو. سيگھھ ڪر، ڇو تھ آءٌ
سمجھان ٿو تھ پاڻ کي بنھھ وقت ڪونھي.“
يوسف ڪڙتو پائي ٻاھر نڪتو. ٻاھر ھن کي سندن غريب
گڏھڙو بيٺل ملي ويو، جيڪو پنھنجي مالڪ کي رات جي
ان بيگاھھ وقت ۾ پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي، حيران ٿي
ويو. يوسف ان کي وٺي، ان تي آٿر وڌا ۽ ڪاھي آڻي در
تي بيھاريائينس.
مريم پنھنجيون ٿوريون گھڻيون شيون تڙ تڪڙ ۾ ويڙھي
کنيون، ھن ڪجھھ کاڌو کڻي، ھڙ ۾ ٻڌو. سفر ۾ اھو کين
گھربو، ڇاڪاڻ تھ کين ٻھ ٽي ڏينھن لاڳيتو پنڌ ڪرڻو
ھو. پوءِ ھن ستل ٻالڪ کي کنيو ۽ پنھنجين ٻانھن ۾
سوگھو ڪري جھليو. ھن جي دل پاپي بادشاھھ ھيروڊ جو
خيال ڪندي، خوف ۾ ڏڪي ٿي ويئي. ان ظالم شخص
زندگيءَ ۾ ڪيترا نھ ماڻھو ماريا ھئا! پر ھو ھاڻي
سندس ساھھ جھڙي پياري ننڍڙي ٻالڪ کي ھرگز ماري نھ
سگھندو.
پوءِ رات جي اونداھيءَ ۾ چپ چاپ، ھو چارئي – يوسف،
مريم، ننڍڙو يسوع ۽ سندن غريب گڏھڙو – پاسائون
رستو وٺي، بيت لحم جي شھر مان نڪري ويا. ھو تکا
تکا ھلندا ويا، ۽ رڳو ڪو ٿورو دم ڪٿي ترسيا ٿي تھ
جيئن ڪجھھ گرنھھ کائي سگھن ۽ پاڻيءَ ڍڪ پي سگھن:
ڇاڪاڻ تھ جيستائين ھو ھيروڊ جي بادشاھيءَ جي حدن ۾
ھئا، تيسين ھو ان جي وس ۾ ھئا. ھنن کي جلد مصر
پھچڻو ھو، ۽ اتي پھچڻ کان پوءِ ئي ھو پاڻ کي بچيل
۽ سلامت سمجھي سگھيا ٿي.
۽ نيٺ، ھلندي ھلندي، ھو مصر پھچي ويا ۽ اتي رھڻ
لڳا. ھو اتي خدا جي ٻئي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳا. ھو
اتي اوستائين رھڻا ھئا، جيستائين ھنن لاءِ پنھنجي
وطن ڏانھن سلامتيءَ سان موٽڻ ممڪن بڻجي سگھي.
ائين، جڏھن ھيروڊ جا سپاھي پنھنجين خوني تلوارن
سان بيت لحم ۾ پھتا، تھ يسوع اتي ڪونھ ھو. گھڻا ئي
گلن جھڙا سھڻا ٻالڪ ڪسجي ويا، پر يسوع انھن ۾ ڪونھ
ھو. ھو پري، ھڪڙي ٻئي ملڪ ۾ ھو، جتي ھن جي مھربان
ماءُ ھن کي پاليندي ۽ نپائيندي رھي. جڏھن ھنن کي
خبر ٿيندي تھ ھو پنھنجي وطن واپس وڃي سگھيا ٿي،
تڏھن ھوءَ ۽ يوسف موٽي پنھنجي قوم سان، پنھنجن
ماڻھن سان، وڃي ملندا.
ان کان پوءِ ھيروڊ مري ويو. ان ڪٺور ۽ پاپي
بادشاھھ کي پنھنجي بادشاھت ۽ پنھنجو تخت پويان
ڇڏي، ٻيءَ دنيا ۾ پنھنجي خدا وٽ پيش ٿيڻو پيو.
يوسف کي ھن جي موت جي خبر پيئي، ڇاڪاڻ تھ اھا خبر
ھن کي وري بھ ھڪڙي فرشتي اچي ٻڌائي.
”اٿ،“ فرشتي ھن کي چيو. ”ننڍڙي ٻار ۽ ھن جي ماءُ
کي وٺي، اسرائيل جي ملڪ ۾ وڃ؛ ڇاڪاڻ تھ اھي جيڪي
ٻار جي حياتيءَ جا گھورا ھئا، سي پاڻ حيات نھ
آھن.“
پوءِ يوسف خوش ٿي اٿيو ۽ گڏھڙي تي آٿر وڌائين، ۽
مريم ۽ نينگر کي وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽيو. يسوع
ھاڻي ننڍڙو ٻالڪ نھ ھو، ۽ جيئن ھو رستو وٺي واپس
پئي آيا، تيئن ھو اڀو ٿي، ڪنڌ ورائي، چوڌاري ھر
شيءِ کي چڱيءَ طرح ڏسندو ھو ۽ جاچندو رھيو. ھن
ڀيري ھنن کي تڪڙ ڪانھ ھئي. ھنن کي ڪنھن مصيبت کان
ڀڄي پاڻ بچائڻو ڪونھ ھو.
جڏھن يوسف ڪافي پنڌ ڪري، اڳتي وڌي آيو، تڏھن ھن
ٻڌو تھ ھيروڊ جي جاءِ تي ان جو پاپي پوٽو تخت تي
ويٺو ھو. ان جو نالو آرڪيلاس ھو، ۽ اھو اھڙو ئي
ڪروڌ ۽ برائيءَ سان ڀريل ھو، جھڙو سندس ڏاڏو ھوندو
ھو.
”ٿي سگھي ٿو تھ ھيءُ بھ ٻار کي مارڻ گھرندو ھجي!“
يوسف، ڳڻتيءَ ۾ ڀرجي، مريم سان صلاح ڪئي. ”تون
سمجھين ٿي تھ بيت لحم موٽي ھلڻ پاڻ لاءِ ڏاھپ جي
ڳالھھ ٿيندي؟ مون کي خبر آھي تھ اھو اسان جو
پنھنجو شھر آھي، ڇاڪاڻ تھ اسين ٻيئي دائود جي ڪٽنب
جا آھيون، ۽ بيت لحم دائود جو شھر آھي – پر اتي
يسوع جي حياتيءَ کي خطرو ٿي سگھي ٿو.“
”اھو يروشلم جي ويجھو آھي.“ مريم چيو. ”يسوع اتي
اسڪول ۾ ويھي سگھندو ۽ ھھڙي پاڪ ٻالڪ کي ان پاڪ
شھر ۾ ھر ھر وڃڻ ۽ گھڻو رھڻ بھ گھرجي! او يوسف،
تون ئي فيصلو ڪر تھ اسان لاءِ ڪھڙي بھتر ڳالھھ
آھي!“
”شايد آءٌ ڪو ٻيو خواب ڏسندس،“ يوسف چيو. ”منھنجي
دل ٿي چوي تھ اسان کي بيت لحم ڏانھن ھلڻ نھ گھرجي،
پر ڪيڏانھن پاڻ کي وڃڻ کپي، ان جي ڄاڻ ڪانھ اٿم.
آءٌ تھ سمجھان ٿو تھ ھن بادشاھھ جي ملڪ جي ڪنھن بھ
ڪنڊ ۾ پاڻ کي رھڻ نھ گھرجي.“
پوءِ يوسف ھڪڙو ٻيو خواب ڏٺو - ۽ اھو بھ خدا وٽان
ھن وٽ آيل ھو. ان ۾ ھن کي چيو ويو تھ کين گليليءَ
ڏانھن وڃڻ گھرجي ۽ اتي رھڻ کپي.
”يوسف، ناصرت جو ڳوٺ بھ تھ گليليءَ ۾ آھي!“ مريم
چيو. ”پاڻ اوڏانھن ڇو نھ ھلون؟ تون ۽ آءٌ ٻيئي ان
ڳوٺ جا واقف آھيون، ۽ اتي اسان جا ساٿي ۽ دوست بھ
آھن. ھل تھ يسوع کي وٺي اوڏانھن ھلون!“
۽ ائين ھن ننڍڙي ڪٽنب، مڙي، ناصرت جي ڳوٺ ڏانھن رخ
ڪيو، جيڪو ساوڪ سان ڀريل ٽڪريءَ جي ھڪڙي پاسي تي
اڏيل ھو، ۽ اتان جا ھو چڱيءَ طرح واقف ھئا.
آھستي آھستي، ھو ٽڪريءَ تان چڙھندا، اڳتي وڌندا
ويا، ۽ ڳوٺ جا ننڍا ننڍا اڇي رنگ جا گھرڙا پريان
سندن سامھون سج جي اس ۾ چمڪي رھيا ھئا. ھن ڳوٺڙي
کي يسوع جي ڳوٺ سڏجڻ جو شرف ملڻو ھو، جتي ھن
رانديون ڪيون، ڪم ڪيو، سوچيو ۽ خواب لڌا ۽ جتي ھو
معصوم ننڍڙي ٻار مان وڌي سمجھدار ڇوڪر ٿيو، ۽ ڇوڪر
مان وڌي، اچرج جھڙو نؤجوان ۽ وڏو ٿي، عاليشان شخص
بڻيو.
9
: ناصرت جو ننڍڙو
يسوع اتي ھڪڙي ننڍڙي گھر ۾ رھيو، جيڪو ڪچين سرن جو
ٺھيل ھو. يوسف ھر سال ان کي اڇي پوچي ڏيندو ھو، ۽
اھو سج جي ڪرڻن پوڻ سان چمڪندو پيو ھو. اھو ناصرت
جي سڀني ٻين گھرن جھڙو ھڪ گھر ھو، ۽ يسوع جي نظر
جڏھن ٽڪريءَ تان مٿي چڙھندي ڳوٺ تي پوندي ھئي،
تڏھن پري کان ٻين گھرن وچان پنھنجي ان گھر کي ڏسي
۽ سڃاڻي وٺڻ ۾ ھن کي ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي.
يوسف اتي پنھنجو واڍڪو دکان ھنيو. اتان اڪثر ٺڪ ٺڪ
جو يا چيرائيءَ جو آواز ننڍڙي يسوع جي ڪنن تي پيو
پوندو ھو، ۽ پنھنجي پيءُ کي ڪم ڪندي ڏسي، ھن جي دل
کي ڏاڍي وندر ملندي ھئي. ھو چاھيندو ھو تھ مان بھ
ڳرو واھلو ھٿ ۾ کڻان ۽ ڪارائي ھلائي ڪاٺ کي چيريان
۽ ننڍا ڪوڪا ھڪ ھڪ ڪري وڏن ڪوڪن کان الڳ ڪري رکان.
ھو جڏھن ڪاٺ جي ٿڌي نرم ٻوري ۾ ھٿ وجھندو ھو تھ ھن
جي دل ڏاڍي خوش ٿيندي ھئي.
ڪڏھن ڪڏھن مريم ھن کي گھمائڻ لاءِ ٽڪريءَ جي
چوٽيءَ تي وٺي ويندي ھئي. اتان ڏاڍو سھڻو نظارو
ڏسي سگھبو ھو، ۽ يسوع پرڀرين ٽڪرين کان پريان نيرو
سمنڊ بھ ڏسي سگھندو ھو. اونھاري ۽ بھار جي موسمن ۾
ھزارين ٻھڪندڙ گل – آسماني، پيلا ۽ گلابي – ھر ھنڌ
ٽڙيا بيٺا ھوندا ھئا. بيشمار چمڪندڙ ڪنڀٽن سان وڻ
ڀريا بيٺا ھوندا ھئا، ۽ ھو انھن جون مٺيون ڀري
جڏھن پنھنجي ماءُ کي ڏيندو ھو، تھ ھن جي دل خوشي ۾
ٽپا پيئي ڏيندي ھئي. ھن ننڍڙي نينگر ھر شيءِ ڏٺي
ٿي – لاڻين جا پيلا پيلا ننڍڙا ننڍڙا گل، ڪنھن
پکيءَ جي دل مان نڪتل اوچتي دانھن، گاھھ جي پتي تي
ڏڪندڙ ماڪ جو ڦڙو، نئين ڄاول گھيٽڙي جي نماڻي ٻي
ٻي ۽ ڪنھن ننڍي کليل پٽ تي ان جا ننڍڙا اجھل ۽
آزاد ڇال، ۽ ٻيون اھڙيون دل لڀائيندڙ شيون ھن جي
من تي ڏاڍو اثر ڪنديون ھيون.
ننڍڙو يسوع پنھنجي ماءُ سان گڏجي ھيٺ واديءَ ۾
کوھھ تان پٿر جي جمن ۾ جڏھن پاڻي ڀرڻ ويندو ھو، تھ
ھن جو ڪومل من بھار بھار پيو ٿيندو ھو. اتي کوھھ
تي ڪونھ ڪو ماڻھو ضرور ھوندو ھو، جنھن سان ڳالھائڻ
۽ ان کان خبرچار ٻڌڻ ۾ ھن کي ڏاڍو مزو ايندو ھو.
(اوھين جيڪڏھن اڄ بھ ناصرت ڪڏھن ويا، تھ اتي اھو
کوھھ ھاڻي بھ ڏسي سگھندا.) جڏھن ھو ڪجھھ وڏو ٿيو،
تڏھن ھو اڪيلو، پنھنجي سر، وڃي اتان پاڻي ڀري
ايندو ھو. پاڻيءَ جو ھڪ ھڪ ڦڙو گھر ۾ ٻاھران آڻڻو
پوندو ھو، ڇاڪاڻ تھ اڄ وانگر انھن ڏيھين گھرن ۾ نل
ڪونھ ھوندا ھئا. جو ٻنجي ڦيرائي، جيترو پاڻي وڻي
اوترو کڻي يا ڀري وٺجي.
انھن ڏينھن ۾ سانجھيءَ جو ٻارڻ لاءِ اڄ وانگر
بجليءَ جون بتيون ڪونھ ھيون. جيڪڏھن ناصرت واسي
منھن اوندھھ کان پوءِ ڏسڻ گھرندا ھئا تھ ھو ھڪ عجب
جھڙي ننڍڙي بتي ٻاريندا ھئا، جنھن کي ”ڏيئو“ چوندا
ھئا، جيڪو ڪنھن دڪيءَ تي يا ڪنھن جاري ۾ رکيو
ھوندو ھو. ان ۾ ھڪ وٽ پيل ھوندي ھئي، جيڪا تيل ۾
پيئي ترندي ھئي ۽ جڏھن ان جي مٿي نڪتل چوٽي ٻرندي
ھئي، تھ ان جي لاٽ تي سڄي ڪوٺيءَ يا سڄي صفحي ۾
سوجھرو ٿي ويندو ھو. رات جو جڏھن يسوع جي ماءُ
ڏيئي جي لاٽ تي ھن کي آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي، تڏھن
ھوا تي لڏندڙ لاٽ جي روشنيءَ ۾ ڀتين تي ماڻھن جا،
جيتن جا ۽ شين جا جھولندڙ پاڇولا ڏسي، ھو ڏاڍي عجب
۾ پئجي ويندو ھو.
مريم ھن کي ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي، جيڪي
اوھان بھ ضرور ٻڌيون ھونديون. ھن کيس خدا جي آکاڻي
ٻڌائي ھئي تھ ڪيئن ھن ھيءَ دنيا جوڙي ھئي. ھن کيس
عدن جي باغ جي آکاڻي ۽ شعلي دار تلوار واري فرشتي
جي آکاڻي ٻڌائي ھئي. نوح ۽ سندس ٻيڙي جي آکاڻي بھ
ھن جي ٻڌل ھئي، ۽ ان ۾ جيڪي جانور ويھاريا ويا
ھئا، انھن بابت ھو اڪثر سوچيندو رھندو ھو. جڏھن ھو
مينھن کان پوءِ آسمان ۾ انڊلٺ ڏسندو ھو تڏھن ھن کي
نوح ۽ نوح سان خدا جو ٿيل واعدو ياد ايندو ھو تھ
خدا آسمان ۾ پنھنجي اِھا ڪمان رکي ھئي تھ دنيا
وارن کي خاطري ٿئي تھ خدا جو دنيا کي ختم ڪرڻ جو
ارادو ڪونھي.
يوسف پڻ ننڍڙي ڇوڪر کي آکاڻيون ٻڌائيندو ھو. ھن
کيس دائود جي ڳالھھ ٻڌائي، ۽ دائود ۽ اسرائيل جي
دشمن جوليٿ ديو جي لڙائيءَ جو قصو ٻڌايو تھ ڪيئن
ان اجگر کي دائود ڪيرائي ماريو ھو ۽ ڪيئن پوءِ
ھيءُ ننڍڙو ريڍار اسرائيل جي قوم جو وڏو بادشاھھ
ٿيو ھو. ھن کيس سئمسن جي ڳالھھ ٻڌائي، جنھن جي بت
۾ شينھن جھڙي طاقت ھوندي ھئي ۽ دانيال جي ڳالھھ
ٻڌائي، جيڪو شينھن جي ڏر ۾ گھڙي ويو ھو ۽ صحيح
سلامت موٽي آيو ھو.
مريم ۽ يوسف ٻنھي ھن کي خدا جي ڳالھھ ٻڌائي، ۽ خدا
کان دعا گھرڻ سيکاري. سڀني يھودي ٻارن کي خدا کان
دعا گھرڻ ۽ خدا جي حڪمن تي ھلڻ سيکاريو ويندو ھو.
يسوع، جيئن ٻاھر ٽڪرين تي ۽ وادين ۾ گھمندو پيو
ھو، تيئن ھو سدائين پنھنجي آسمانيءَ پيءُ بابت پيو
سوچيندو ھو.
اسين سمجھي سگھون ٿا تھ يسوع ننڍپڻ ۾ ڪھڙي قسم جو
ٻار ھوندو، ڇاڪاڻ تھ جڏھن ھو وڌي جوان ٿيو، تھ ھن
ڏاڍيون ٻاجھاريون ۽ ڏاھپ ڀريون ڳالھيون ماڻھن کي
ٻڌايون، ھن وڏي ھوندي ايتريون تھ رڍن ۽ گھيٽڙن جون
ڳالھيون ڪيون، جو ماڻھو چئي سگھيو ٿي تھ ننڍپڻ ۾
ھن ضرور انھن کي تمام ويجھو ڏٺو ھوندو ۽ انھن کي
کارايو پياريو ۽ ننڍڙن گھيٽڙن کي تھ پنھنجي ننڍڙي
ڀاڪر ۾ کنيو ۽ کيڏايو ڪڏايو ھوندو. ھن سڀ اھي
ڳالھيون ڪيون ھونديون، جيڪي ٻھراڙيءَ جا ڇوڪرا
ڪندا آھن، پر ھن انھن سڀني ڳالھين ۽ ھر شيءِ کي
وڌيڪ چتائي ڏٺو ھوندو، ۽ انھن سان ٻين اڪثر ڇوڪرن
کان وڌيڪ پيار ڪيو ھوندو ۽ سڀني کان وڌيڪ انھن تي
سوچيو ويچاريو ھوندو.
جڏھن ماڻھو بھار جي ڏينھن ۾ ٻنيون پوکيندا ھئا،
تڏھن ھن انھن کي پنھنجن ھٿن سان ٻج ڇٽيندي ۽ ٻج جي
داڻن کي مٽيءَ ۾ ويندي ڏٺو ھوندو – ڪيترا انھن مان
داڻا ٻاھر گس تي وڃي پيا ھوندا، جيڪي اتي ماڻھن جي
لتڙ ھيٺ اچي ويا ھوندا، ۽ ڪيترا انھن مان پکي چڳي
ويا ھوندا – ڪيترا انھن مان سخت پٿرائين پٽ تي وڃي
پيا ھوندا، جتي اھي ڄمي نھ سگھيا ھوندا – ڪيترا
انھن مان بيڪار ڪکن پنن جي ڍيرن ۾ ۽ جھنگلي گاھھ
جي وٽ سان وڃي ڪريا ھوندا، جتي اھي گھٽجي ۽
ٻوساٽجي ويا ھوندا – ۽ ڪي انھن مان مٺيءَ مٽيءَ ۾
وڃي پيا ھوندا، جتي اھي ڦٽا ھوندا، وڌيا ۽ وڏا ٿيا
ھوندا ۽ ھاريءَ انھن مان ڀلا فصل ۽ جھجھا ان کنيا
ھوندا.
ھو ٻاھر ٻنين ۾ ليٽي پوندو ھو ۽ پکين کي ۽ ٻين
ننڍڙن جانورن کي جانچيندو ھو، انھن جا مٺا مٺا
آواز ۽ سڏ ٻڌندو ھو. اھي سڀ پنھنجن پنھنجن ننڍن
ننڍن ڪمن ۾ لڳا پيا ھوندا ھئا، ۽ انھن کي ائين رڌل
ڏسي، وڌيڪ ھو خوش ٿيندو ھو ۽ انھن کي ڀانئيندو ھو.
ڪن ڪن راتين جو ھو ٻاھر نڪري، ريڍارن سان گڏ انھن
جي باھين جي چوڌاري ويھندو ھو، ۽ جيئن ھو ڳالھيون
پيا ڪندا ھئا، تيئن انھن کي پيو ٻڌندو ھو. اِھا ھن
جي ڏاڍي دل گھري وندر ھوندي ھئي. باھھ پيئي ٻرندي
ھئي تھ جيئن چوريءَ چوريءَ ڦرندڙ بگھڙ ۽ بکيا
جابلو شينھن ڌڻن جي ويجھا نھ اچن. ائين پيو ڀائنبو
ھو تھ ڪٿي ڪنھن اونداھي جھڳٽي ۾ يا ڪنھن ڇپ جي اوٽ
۾ ڪو خونخوار جھنگلي جانور تاڙ ۾ لڪو ويٺو آھي.
ھيڻن ۽ بيوس رڍن ۽ گھيٽڙن تي ائين پھرو ڏيندي ۽
انھن جي ائين سنڀال ڪندي ھن جي دل سرھن سرھن ۽
نرمل اڌمن سان ڀرجي ويندي ھئي.
ڪڏھن ڪڏھن گھيٽڙا وڃائجي ويندا ھئا ۽ يسوع ريڍارن
سان گڏ انھن کي ڳولڻ ويندو ھو. ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ
ٽڪرين تي ڪنھن ھڪڙي ننڍڙي وڃايل گھيٽڙي کي پيو
ڳوليندو ھو، ۽ جڏھن ھن کي اھو ڊنل ۽ ھيسيل معصومڙو
لڀندو ھو، تھ ان کي ڊپ ۾ ھيڏي ھوڏي ڊوڙندي يا ھڪ
ھنڌ پنڊ پھڻ بيٺي ۽ ٻيڪندي ڏسندو ھو تھ سندس دل
پيار ۽ ڪھل ۾ اڇلجي پوندي ھئي.
يسوع اِھي سڀ ڳالھيون ڏٺيون ھيون ۽ اِھي ھن جي دل
تي نقش ٿيل ھيون، ۽ ھو جڏھن وڌي وڏو ٿيو ۽ مڙس
ماڻھو ٿيو، تڏھن ھن اِھي سڀ ڳالھيون ماڻھن کي وري
وري ڪري ٻڌايون، انھن مان ڪي اوھين ھن ڪتاب ۾ اڳتي
پڙھندا. انھن ۾ اسين ھن جي ننڍپڻ جون ڪي جھلڪيون
ڏسنداسين – انھي ننڍپڻ جون، جڏھن ھو ڏاھو ۽ سٻاجھو
ڇوڪر ھوندو ھو، جنھن جون کليل ۽ صاف اکيون پنھنجي
آسپاس جي شين کي چتائي ڏسنديون ھيون ۽ انھن جي تھھ
کي جانچينديون ھيون، جيڪو پنھنجي دوستن، ۽ پڻ
دشمنن، کي مدد ڪرڻ لاءِ واجھائيندو ھو، ۽ سندس دل
۾ جيڪا ساڃھھ ۽ جيڪو پيار اسرندو رھندو ھو، ان مان
ھنن کي ڪجھھ ڏيڻ ۽ انھن جي ڪنھن ڪم اچڻ لاءِ ھن جو
من سدائين پيو اڇلون کائيندو ۽ ڪرلائيندو ھو. |