سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

باب: --

صفحو : 8

 

(98)

حيدرآباد، سنڌ

1-6-1996ع

عزيز ڀاءُ غلام علي،

اوهان جو قرب ڀرو تازو خط انگريزيءَ ۾ لکيل تاريخ 14 مئي 1996ع جو مليو، اوهان جي خيريت جي حال احوال تي بيحد دلي اطمينان ٿيو. اوهان پنهنجيءَ وڏيءَ ڪاڪيءَ جي شادي خانه آباديءَ جي فرض کان خوش اسلوبيءَ سان سبڪدوش ٿيا، اُن مبارڪ ڳالهه جون اوهان کي دلي واڌايون هجن. خرچ پکو ته اهڙن موقعن تي ٿئي ئيٿو، پر هرڪو پنهنجي هوند سارو اُهو ڪري ٿو. اڄڪلهه مهانگايون به چوٽ چڙهيل آهن، سو اوهان جيتري خرچ جي حد ٻڌائي آهي، سا به مون کي ڪا گهڻي واڌو ڪانه محسوس ٿي. جڙيءَ کي جس آهي. اوهان به مطمئن آهيو. ڪاڪيءَ کي دعائون آهن ته پنهنجي گهر تڙ ۾ باعزت ۽ سلامت ۽ خيريت سان هجن. اوهين پنهنجي سونپيل فرض ادائيءَ ۾ رُڌل رهو ٿا؟ ۽ اُن سان واڳيل آهيو، خوش آهيو ۽ پنهنجي جائز آمدنيءَ کي جائز طور ڪجهه وڌائڻ گهرو ٿا،سا به هڪ نهايت نيڪ خواهش آهي. ميان الهداد بوزدار ڏانهن پنهنجي نيازنامي جي اوهان گهُر ڪئي آهي، سوهن خط سان گڏ موڪليان ٿو، شال منهنجي طرفان اِها هڪ معمولي قلمي خدمتگذاري اوهان کي اوهان جي اميدن پٽاندر ڪمائتي ثابت ٿئي.

خبر ته آهي ته اوهين هيتريءَ ساريءَ ڊگهيءَ مدت ۾ هن طرف ڪڏهن اچي به سگهيا آهيو يا نه. ڊئريڪٽوريٽ بدلجي ويا آهن. سرڪاري ڪم سانگي ته هيڏانهن اوهان جو ڪو اتفاقي طور ئي اچڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.هرڪو پنهنجي هڻ وٺ ۾ به لڳو ٿو رهي. مون کي پڪ آهي ته اوهان کي اِها ضرور دلي تسلي هوندي ته اوهين مون کي سدائين ياد رهو ٿا، ڇو ته مون کي به پڪ آهي ته اوهان کي آءٌ به سدائين ياد رهان ٿو.

لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ اوهان جي ڪيتري قدر دلچسپي جاري آهي، اِن ڄاڻڻ لاءِ البت مون کي گهڻي اونَ رهندي آهي. ڇو ته اوهين استاد آهيو، پڙهائڻ اوهان جو ڪم آهي، ۽ پڙهائڻُ سواءِ پنهنجي پڙهڻ کي جاري رکڻ جي ايتري رَسَ ۽ جَسَ ڀريو نٿو رهي سگهي. آءٌ، جو دوستن سان خط ڪتابت جي سلسلي ۾ لانجهو رهجي ويندو آهيان، اُن جو هڪ سبب اهو ئي دراصل هوندو آهي، جو پڙهڻ لکڻ کان سچ ته ايتري واندڪائي ڪانه سُجهندي آهي، جو خط ڪتابت جي ذميدارين ڏانهن ڌيان ڏجِي سگهجي.

اوهين به پنهنجي حال احوال کان اڳي پيا واقف ڪندا هئا، سو واپارين ۽ دنيادارن وانگر ڏي وٺ جي پيماني تي عمل ڪندي، منهنجي طرفان جو اوهان ڏي جوابي موٽ نٿي ملي، ته اوهين پاڻ به خط لکڻ کان رهجي ٿا وڃو. ايتري قدر اوهان کي حساب ڪتاب جي پڪائي نه ڪرڻ گهرجي.

ٻيو سڀ خير- والسلام.

اوهان جو خيرانديش

محمد ابراهيم جويو

*

Mr. Dear Mian Allahdad,

The bearer Mr. Ghualm Ali Channa is a very good friend of mine. He is working as Assistant Master in Government Comprehensive High School, Sukkur. I think I introduced him to you once before also. He is an honest and hard-working man, loyal to his duties and responsibilities. I may assure you that you can rely on him for any type of important and confidential assignment. May I request you kindly to enlist him under your sympathetic care for any assignment which may need urgent, intelligent, reliable handling? I am sure he will not fail you. He is a very well-behaved and conscientious worker. His work and conduct will speak for itself, if only he finds a place in your confidence and trust. And it is for that chance I am asking for to be afforded him by your good self.

Thanks,

With kind regards,

I am yours sincerely,

(Mohammad Ibrahim Joyo)

Mian Allahdad Bozdar Sahib,

Chairman,

Board of Intermediate & Secondary

Education,

Suukur

*

 

(99)

Chak

12-6-1996

Dear Sir,

Received your kind letter on 6/6/1996. Thank you very much.

Next day I went to see Mr. Bozdar. He was not in his Chair. Three days continuously I went to him but he was on his visits at examination centers. On 10/6/1996 I went to see him again. He was present in his office fortunately. I sent him your letter thought his body guard. He read it and sent for me after a few minutes. I went in, saluted him and shook hands with him. He asked me what kind of assignment I wanted. I replied that I might be given tabulation work. Then he directed me with soft and gentle words that I had to write an application and had to show all my particulars in it and he would then ask his Assistant to give me tabulation work. I at once came out of his office to get a plain paper for writing an application which. I got a from a clerk and started to write. Having finished it I gave it to Mr. Bozdar. He attached your letter with it and put it in folio with his important documents. Then he told me to see him next day. I left his office, having saluted him respectfully again. Next day I met him. He advised me to meet Mr. Aslam Shah, the Assistant Controller. I went to see Shah Sahib and told him about myself, gave reference of your letter and Mr.Bozdar's. He told me to wait for the tabulation work of class XI and XII. As for tabulation work of class IX and X the same stood fully assigned. I took leave of him then. On the way Mr. Abdul Hameed Channa met me. He made his face at me and then started to talk to another person, ignoring me altogether. I also passed by him without saluting him or even looking at him. Now days he has become a man of property. Once he was a poor man and a different person. Any way I dont care for his wealth. I invited him once to my village when he came first in Sukkur. He regards from your side for me then. His sons are my students and his brother has also remained my student.

I have written on your personality in the Ibrat Magazine. I think you may have gone through it and liked it.

Thanks,

I shall write you again,

Yours Sincerely

Ghulam Ali Channa

Govt: Camp: Higher Secondary School,

Sukkur.

 

*

(100)

سکر

22-10-1998ع

سائين منهنجا،

السلام عليڪم: اميد ته توهان خوش باش هوندا.

احوال عرض ته گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن جو مون اوهان کي پنهنجي حال کان واقف نه رکيو آهي ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.

آءٌ اڃا سکر ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول ۾ H.S.T. جي حيثيت سان B-17 گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. هن وقت منهنجي پگهار 7073/= آهي ۽ ايندڙ سال جي انڪريمينٽ سميت 7360/= ٿيندي،جيڪو سترهين گريڊ جو آخري ڏاڪو هوندو. منهنجي سروس 31 سال ٿي وئي آهي ۽ عمر، مئي 1999ع تي، 55 سال ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن خيال ٿئي ٿو ته ايندڙ سال رٽاير ڪريان، يعني پنهنجي عمر جي خيال کان 5 سال اڳ. پر پوءِ ڇا ڪندس، ان لاءِ اڃا ڪونه سوچيو اٿم. وڌيڪ توهان کان مشورو وٺڻو اٿم ته ڪيئن ڪجي، ڪٿي مان غلطي ته نه ٿو ڪريان. مان رٽاير ڇو ٿو ڪرڻ گهران؟ ان لاءِ عرض ڪندس ته هڪ ته ملڪي حالات خاص طور اقتصادي حالات صحيح نه آهن. اڳتي الائي ڇا ٿئي. تنهن لاءِ بهتر آهي ته سوير رٽاير ڪري، پئسا وٺي ڪم آڻجن. ان ۾ ٻارن جي به صحيح پرداخت ڪري سگهندس. ٻيو ته پئسي جي وئليو ڪرندي ٿي وڃي.هينئر وارو هڪ روپيو آئنده واري ڏهن کان وڌيڪ بهتر آهي. مهانگائي به وڌندي ٿي وڃي. ان لاءِ ڪجهه پئسا ”فڪس“ ۾ رکجن ۽ ڪجهه بئنڪ ۾ منٿلي انٽريسٽ تي. منهنجي خيال ۾ ته مون کي ساڳيءَ پگهار جيترا پئسا حاصل ٿي سگهندا ۽ مان به واندو ٿي ٻيوڪو ڪم ڪري سگهندس. وڌيڪ جيئن توهان مشورو ڏيو.

2- منهنجووڏو پٽ غلام مرتضيٰ پرائمري استاد آهي. سندس پگهار 3300/= آهي. B.A-M.A آهي پر اڃا B.Ed پاس ڪانه ڪئي اٿس. سندس شادي خانه آبادي 98-10-15 تي ڪرايم.دعا ڪريو ته خير سان پنهنجو وقت گذارين.

3- منهنجي ٻئي نمبر پٽ غلام مجتبيٰ انٽر 1997ع ۾ سي گريڊ ۾ پاس ڪئي آهي، ڊسپينسريءَ جو امتحان به پاس ڪيو آهي ۽ ٽائيپ رائيٽنگ جو امتحان به پاس ڪيو اٿس. في الحال اڃا نوڪري ڪانه ملي اٿس. کيس ڪنڌڪوٽ ۾ C.T. ڪورس ۾ داخل وٺي ڏني اٿم. پر هو اوڏانهن وڃڻ کان ڏاڍو ٿو لهرائي. کيس ائڪسيڊنٽ وغيره جو تمام گهڻو ڊپ ٿوٿئي ۽ نه وري اتي هاسٽل ۾ رهڻ ٿو چاهي. سندس خيال آهي ته کيس T.C. ڪڍرائي سکر ۾ داخل ڪرائجي. ان لاءِ اهڙي درخواست به توهان ڏانهن موڪلجي ٿي. مهرباني ڪري I.T.T. حيدرآباد کان اهڙي قسم جو ٽرانسفر سرٽيفڪيٽ جيترو جلد ٿي سگهي وٺي موڪليندا ته مهرباني.

4- منهنجي وڏي نياڻي صفيه جي شادي 3 سالاڳ ٿي وئي هئي، کيس هڪ ٻار، شاهه رخ خان نالي پٽ آهي،دعا ڪريو ته هوءَ سندس کٽيو کائي.

5- منهنجي ننڍي نياڻي فوزيه جنهن جو نالو به توهان جي تجويز سان رکيو هئم، سا مئٽرڪ پاس ڪري گهر جو ڪم ڪار سنڀاليندي اهي، هاڻ سندس شاديءَ لاءِ سوچي رهيو آهيان.

6- منهنجو ٽيون پٽ غلام رضا هينئر فرسٽ ييئر ۾ منهنجي اسڪول ۾ پڙهي رهيو آهي.

7- منهنجا ٻه ننڍا پٽ غلام رباني ۽ غلام عباس زير تعليم آهن. پرائمري ۾ پڙهي رهيا آهن.

آءٌ ڪڏهن ڪڏهن لکان پڙهان ٿو، پر سڀڪجهه پنهنجي منهن. هتي ڪو خاص استاد ڪونه ورتو اٿم. نه وري توهان ڏانهن اهڙي ڪا لکت موڪلي سگهان ٿو. ڇاڪاڻ ته مون کي توهان جي وقت جو احساس ٿو ٿئي. توهان کي ايترو وقت نه هوندو جو منهنجي لکت کي پڙهو ۽ وري اصلاح ڪريو. جيڪڏهن توهان جو حڪم ٿئي، ڪجهه اُهي توهان ڏانهن موڪلي ڏيندو رهان.

ٻيو خير آهي.

توهان جو مخلص

غلام علي چنه

سائين! توهان گذريل سال چيو هو ته توهين مون ڏانهن لکيل خط ڇپارائي رهيا آهيو، ان جو ڇا ٿيو؟ مهرباني ڪري پنهنجي احوال کان واقف رکندا.

(غ.ع.چ)

*

 

(101)

41-اي صحافي ڪالوني، حيدرآباد

16-9-1999ع

ٽيليفون نمبر 612419

خوش هجو شال.

پيارا ڀاءُ غلام علي،

السلام عليڪم: ڪافي دير کان پوءِ اوهان ڏانهن خط لکي رهيو آهيان. سچ پڇين، اُهو ڏينهن شايد ئي ڪو گذرندو هوندو، جڏهن اوهان ۽ اوهان سان گڏ ٻين پنهنجن پيارن ۽ مهربان دوستن ۽ ساٿين کي ياد نه ڪندو هوندس، ۽ دل کي تسلي ملندي اٿم ته ساڳيءَ طرح اُهي به سڀ مون کي ياد ڪندا هوندا.

’دل را بدل رَهي ست.‘ خط به هڪٻين ڏانهن پيا لکبا جلد يا بدير، يار زنده صحت باقي. هونئن به انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته ڪٿان جو احوال نه اچڻ معنيٰ ته سڀ خير آهي- "No news means good news!" اِهائي ياد جي ڏوري ۽ نيڪ تمنا جو ٻنان تندُ تارَ سلسلو قائم ۽ دائم رهي- اهوئي دعا ۽ تشفيءَ جو ڳانڍاپو محبت ۽ باهمي ڀروسي کي زنده رکڻ لاءِ بس آهي.

دوست مهربان ”غازي“ شاعر ۽ آرٽسٽ جي هٿان ”خط- ٻن اديبن جا“ ڪتاب جي هڪ ڪاپي اوهان ڏانهن موڪلي اٿم. هيج ۽ ڌيان سان اُهو پڙهندا، ۽ پنهنجي راءِ لکي موڪليندا.

منهنجا ۽ اوهان جا خط به پريس ۾ موڪلڻ لاءِ نقل ڪرائي، ٻه ڀيرا پڙهي رکيا اٿم، ۽ موڪلڻ کان اڳ دمن جي نشانين ۽ صورتخطيءَ جي صحت وغيره جي باري ۾ هڪ ڀيرو ٽيهر به پڙهي، ترت پريس ۾ موڪلڻ جوارادو اٿم. پر اُن کان اڳ اوهان جي راءِ گهرڻ ۽ رضا وٺڻ ضروري ٿو سمجهان. آئنده ٻن ٽن مهينن ۾ ڪتابي صورت ۾ منظر عام تي اچي سگهن ٿا، بعنوان ”خَطَ – ٻن استادن جا“. نالو نه آئڙيوَ ته ٻيو به ڪم آڻي ٿو سگهجي.ڪي منهنجا هڪ اڌ ٻيا خط به اوهان وٽ ڪي رهجي ويل هجن ته انهن جا نقل يا فوٽواسٽيٽ ڪاپيون موڪليندا ته ڏاڍو چڱو.

پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندا. پنهنجي جنم جي تاريخ، ۽ لکڻ پڙهڻ جي شوق ۽ عمل متعلق، ۽ سوانح حيات تي ڪو نوٽ لکي سگهو ۽ موڪلي سگهو ته ڏاڍي چڱي ڳالهه ٿيندي.

پنهنجي ٻارڙن کي ۽ سڄيءَ سنگت کي منهنجا سلام۽ منهنجون دعائون ڏيندا.

وڌيڪ خير والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

اوهان ڏانهن هيءُ خط پوسٽ ڪرڻ کان اڳ اوهان جو ڀَريل لفافو مليو اٿم. مهرباني. اوهين پاڻ کي ننڍو ماڻهو نه سمجهو. هڪ ته استاد جي حيثيت وڏي آهي، ٻيو ته اوهين پاڻ هاڻي هيڊ ماستر ٿيڻ جا امڪان روشن ڏسي رهيا آهيو. خط دوستن ۽ رفيقن جا رڳو فڪري يا فيلسوفيءَ وارا ڪونه هوندا آهن، ۽ نڪي رڳو انهن ڳالهين ڪري ئي اهميت وارا هوندا آهن. ٺلها دوستيءَ ۽ رفاقت جو اظهار به ته اُنهن جو قدر وڌائين ٿا ۽ اُنهن کي وزندار بنائين ٿا!

(م.ا.ج)

*

 

(102)

چڪ

7-9-1999ع

سائين منهنجا!

احوال عرض ته توهان جو موڪليل ڪتاب ”خط ٻن اديبن جا“ غلام محمد ”غازيءَ“ جي ذريعي ڪالهه سانجهن جو موصول ٿيو. ڪتاب ڇا مليو ڄڻ ٻار کي رانديڪو پسند هٿ لڳو، سڄي رات ويهي پڙهي. پڙهڻ دوران مان پنهنجي ۽ محترم عبدالقادر جوڻيجي جي خطن جي ڀيٽ پئي ڪندو آيس. سندس توهان سان عليڪ سليڪ مون کان هڪ سال اڳ ۾ ٿي هئي. پر هن جا ۽ منهنجا مسئلا ساڳيا رهيا آهن، جن لاءِ توهان کي هر وقت تنگ پئي ڪيو هوسون ۽ تڪليفون پئي ڏنيون هيون سون. پر هن جي خطن لکڻ جي انداز ۽ منهنجي خطن لکڻ جي انداز ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي.هن جا خط نهايت ادبي ڍنگ ڍار سان لکيل آهن ۽ منهنجا سادا سودا ۽ سڌا سنوان آهن ۽ انهن ۾ ڪوبه ادبي بحث مباحثو وغيره ڪونه آهي- رڳو مسئلا، عرض ۽ التجائون. هو محنت ۽ مشقت ڪري وڏي درجي تي رسيو پر آءٌ اهو ئي استاد. خير- منهنجي نظر ۾ اِن جو مدار مقدر ۽ نصيب تي به آهي ته ماحول تي به. محترم عبدالقادر جوڻيجو ڪهاڻين جو بادشاهه آهي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس نالو آهي ۽ وڏن وڏن رسالن ۾ ڇپيو آهي.

شايد هن کان اڳ به مون توهان کي ٻڌايوآهي ته مان مختلف رسالن، جهڙوڪ ”پيغام“، ”ساڻيهه“، ”نئين زندگي“ ۽ ”شريعت“ جهڙن رسالن ۾ ڇپيو آهيان، پر گهڻو ڪري اخبارن ۾- ڪڏهن ”عوامي آواز“ ڪڏهن ”نواءِ انقلاب“، ڪڏهن ”تعمير سنڌ“، ۽ ”پاڪ سنڌ“ ۽ ”ڪاوش“ يا ”سنڌ“ وغيره ۾. پر ايڏو نالو ڪونه ڪڍيو اٿم. تازو سکر جي ”پاڪ سنڌ“ ۾ منهنجا ويهاروڪي مضمون ”پهاڪن پچار“ جي عنوان سان ڇپجندا رهيا آهن. مان اڪثر ڪٽي رکندو آهيان، پر ٻه اخبارون جي واڌايون آهن سي توهان ڏانهن نموني طور موڪليان ٿو. اڄ کان ٻه مهينا اڳ هڪ گرامر جي زمانن جو چارٽ به ڇپرايو هوم ان جو هڪ چارٽ به موڪليان ٿو.ان کان اڳ ۾ به ڪي گرامر انگريزي گرامر جا ڪتاب ڇپيا آهن، ۽ اڃا به ڇپائڻ جو ارادو آهي.

مان پنهنجي آتم ڪٿا کي ترتيب ڏئي رهيو آهيان، جنهن جونالو ”ڦاٽل ڪپڙن کان فل سوٽ تائين“ تجويز ڪيو اٿم، دعا ڪريو لکي پوري ڪريان.

چون ٿا ته ايندڙ سال اسان جا هيڊ ماستريءَ جا آرڊر نڪرندا. وڌيڪ ڏسجي.

ٻيو سڀ خير! دعا ڪريو ته خير جو وقت گذري. ٻه مهينا اڳ منهنجي وڏي پٽ غلام مرتضيٰ کي پٽ ڄائو،جيڪو گذريل مهيني فوت ٿي ويو.ها ڀلا، توهان ڪڏهن ٿا عمري تي وڃو سرڪار جي طرفان!

پنهنجي احوال کان واقف رکندا.

فقط

توهان جو خيرانديش

غلام علي چنه

*

 

(103)

چڪ

22-9-1999ع

سدائين جيئو ۽ خوش هجو شال.

سائين منهنجا!

سلام مسنون کان پوءِ عرض ته توهان جو نوازش نامو پهتو، وڏي مهرباني. سچ پڇو ته توهان جي خط پهچڻ سان ڄڻ جان ۾ جان اچي ويندي آهي، ۽ خط کولي پڙهڻ وقت منهن تي مرڪ نچڻ لڳندي آي ۽ دل بهار پئي ٿيندي آهي. گويا ڪنهن ويجهي عزيز جي طرفان خط آيو هجي. اهو توهان وارو دير سان خط لکڻ ته جيڪاري وڌيڪ مزو ڏيندو آهي، جو اڪير ۾ اضافو اچي ويندو آهي. انتظار ۾ پنهنجو مزو آهي.

ڪنهن چواڻيءَ روءِ ”ڪيل گفتگو ڪجهه ياد رهي ٿي ڪجهه وسريو وڃي پر خط هڪ اهڙو محفوظ خزانو آهي جو ورهن تائين سانڍي وري وري محفوظ ٿي سگهن ٿا.“ خط وقت ۽ حالت جي اپٽار آهي، ان وقت جي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا، سياسي سماجي ۽ معاشي حالتن کي پڻ پڌرو ڪري رکن ٿا. خط تهذيب ۽ ثقافت جا آئينه دار آهن. مون کي توهان جي خطن مان هميشه اتساهه، همت ۽ جرئت جو سبق پئي مليو آهي ۽ مون کي توهان جي خطن سدائين ڏڍ ۽ آٿت پئي ڏني آهي. حوصلو بلند پئي ڪيو اٿن ۽ زماني جي مصيبتن سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ اڪسايو ۽ تيار پئي ڪيو اٿن، مون ۾ خود اعتمادي ۽ ڀروسي جهڙا گڻ پيدا پئي ڪيا اٿن، توهان جا خط منهنجي پذيرائيءَ جو سبب پئي بڻيا آهن. توهان جي خطن مون کي هميشه درست پئي ڪيو آهي ۽ علمي ادبي غلطين کان واقف پئي ڪيو آهي. توهان جي خطن مون کي علم ادب جي ميدان ڏانهن پئي گهليو ۽ ڇڪيو آهي. هاڻي وري توهان پنهنجي خطن سان منهنجي خطن کي گڏ ڇپائي، ڪتابي صورت ۾ آڻي، گويا مون کي هميشه جي لاءِ زنده جاويد ڪري رهيا آهيو. عظيم ماڻهن سان لاڳاپي جو نتيجو عظيم اَجهو اهو پڌرو پيو آهي. نه ته ڇا مان هڪ ادنيٰ ماڻهو ۽ ڇا توهان اعليٰ انسان- ”مور راچه نسبت به فيل.“

ڪتاب جو نالو توهان سٺو تجويز ڪيو آهي، پر ”استاد جا خط شاگرد ڏانهن“ لکو ته وڌيڪ خوشي ٿيندي. هونئن به توهان منهنجا فارسيءَ جا استاد ته رهيا آهيو نه. وڌيڪ جيڪا سائينءَ جن جي صلاح.

مان پنهنجي جنم جي تاريخ لکان ۽ حياتيءَ جو احوال هڪ نوٽ جي صورت ۾ لکان. ان کان بهتر آهي ته مان توهان ڏانهن هڪ اخبار موڪليان جيڪا چڪ مان نڪرندڙ آهي، جنهن جو نالو آهي ”چانڊوڪي“، ان ۾ منهنجي زندگيءَ جو احوال اچي وڃي ٿو ۽ ضروري ڳالهيون توهان کي ان مان حاصل ٿي سگهن ٿيون. سائين منهنجا، توهين مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻو ۽ تمام ويجها رهيا آهيون، جيڪڏهن توهين به پنهنجي طرفان ڪو مون تي مضمون لکو ته ڏاڍي خوشي ٿيندي. منهنجا ٻه نالا آهن غلام علي جيڪو مون تي پيءُ جو نالو رکيل آهي. جنهن نالي سان نثر لکندو آهيان ۽ ٻيو نالو ”مٺل“ يا ”مٺو“ اٿم، جنهن نالي ۽ تخلص سان مان شاعري ڪندو آهيان.

وڌيڪ اخبار مان معلومات حاصل ٿي سگهندي. آءٌ توهان ڏانهن پنهنجو تازو فوٽو به موڪلي ڏيندس.

فقط

توهان جو مخلص

غلام علي چنه

توهان جي خطن سان گڏ ڪي سفارشي خط ۽ چٺيون به آهن.

(غ.ع.چ)

*

 

(104)

چڪ

27-9-1999ع

سائين منهنجا!

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته آءٌ ڪن نفسياتي ڪتابن جو مطالعو ڪري، انهن مان مختلف مضمونن جو ترجمو ڪري، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائڻ ٿو چاهيان. توهين اجازت ڏيو ته ان ۾ توهان جي پاران ٻه اکر لکان جيڪي توهان ”خط ٻن اديبن جا“ واري ڪتاب ۾ به، صفحي 59 تي، لکيا آهن:

”لکندڙ لکندي لکندي“ کان وٺي. ”شال اسان جا نوجوان لکندڙ ۽ پڙهندڙ پنهنجي همتن جي کيتن کي سدا سائو ستابو ۽ شادآباد رکن“- تائين.

اميد ته نراس نه ڪندا.

فقط

غلام علي چنه

ٻيو عرض ته چند مهينا اڳ ڪن دوستن اخبارن ۾ توهان تي ڇوهه ڇنڊيا هئا، انهن جي جواب ۾ مون به لکيو هيو. جڏهن آريسر صاحب به کين جواب ڏنوهو. جيڪڏهن توهين چئو ته اهي لکتون توهان ڏانهن اماڻيان. توهان تي منهنجو لکيل مضمون جيڪو عبرت مئگزين ۾ ڇيپو هو، اهو ته توهان وٽ هوندو، نه ته اهو به ڏياري موڪليان.

(غ.ع.چ)

 

*

 

(105)

چڪ

8-10-1999ع

سائين منهنجا!

توهان وارو 6-10-99ع تي لکيل خط ڪالهه صبح جو چڪ پهتو، جڏهن مان اسڪول هوس. شام جو اچڻ سان منهنجيءَ ننڍيءَ نياڻيءَ فوزيه ببليءَ آڻي ڏنو. خط ڏسڻ سان دل گد گد ٿيڻ لڳي ۽ ڏاڍي خوشي ٿي. ان خوشيءَ جي ڪهڙو اسرار آهي؟ سا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، تنهن هوندي به ائين چئي سگهجي ٿو ته شايد توهان جي خير خواهي ۽ گهڻ گهرائي، قربت ۽ رفاقت آهي جا دل ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿي ڪري.

منهنجو ڪتاب نئين سال ۾ يعني ايڪيهين صديءَ ۾ توهان جي هٿن ۾ هوندو.

2-10-1999ع تي پگهار مليو ته سڌو شهر ويم، جو هڪ دوست منور عليءَ سومري جو چاچو اڪبر سومرو، حيدرآباد وارو آرٽسٽ، هڪ مهينو اڳ گذاري ويو هو؛ ۽ هڪ مهيني کان پوءِ هاڻي وري سندس چاچي، اڪبر آرٽسٽ جي گهر واري، گذاري وئي هئي. تن جي عذر خواهيءَ لاءِ ويس. اتان واندو ٿي بازار ۾ ويس ۽ عجائب اسٽور جي دڪان تي ويس، اُتي توهان جو ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“ ڏٺم. جيڪو ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جو ٻيو حصو آهي، سو خريد ڪيم. جنهن تي 250/= لکيل هو ۽ 200 ۾ ڏنائين. هڪ ٻيو ڪتاب ”پنجاب کي ذاتين“ خريديم جنهن جي قيمت 450 هئي 380 ۾ ڏنائين، ان کان پوءِ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ "English Speeches" ورتم جنهن جي قيمت 90/= هئي ۽ 80/= ۾ ڏنائين. هي ڪتاب ”ادب، ٻولي، تعليم“، ٻيو حصو آهي، پر خبر نه آهي ته باقي ٻه حصا آيا آهن يا نه.

توهان جي سمورين ڪاوشن کي يڪجاءِ سهيڙيل ڏسي دل ڏاڍي خوش ٿي هئي، آءٌ پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪي توهان جي طرفان ”ٻه لفظ“ ڏيڻ چاهيان ٿو، سو هن گڏ موڪليان ٿو، جيڪڏهن وڻيو ته ٺيڪ نه ته خير! بهرحال مون کي منهنجي ذهن مطابق صحيح ٿو لڳي وڌيڪ توهان جي صلاح. اميد ته آءٌ نومبر مهيني ۾ توهان جي درشن خاطر توهان وٽ ايندس، جو ٻيا به عرض ڪرڻا اٿم.

”عبرت“ ۾ لکيل مضمون اماڻجي ٿو.

فقط

غلام علي چنه

جامي چانڊئي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، ڪڏهن اچان ته سندس درشن ضرور ڪرائجو.

(غ.ع.چ)

-: ٻه لفظ :-

همت مردان مدد خدا،

بي همت مردان بيزار خدا.

ڪنهن ڏاهي کان ماڻهن پڇيو ته مشڪلات جي قلف جي ڪنجي ڪهڙي آهي؟ ڏاهي جواب ۾ چيو: ”همت“.

همت جي لاءِ نه گهر جي ٿلهو بدن ۽ ڊگهو قد يا ڪو مضبوط هڏ ڪاٺ. همت جو تعلق آهي سنئون سڌو ارادي جي قوت سان. جيڪڏهن انسان ۾ ارادي جي قوت پڪي پختي آهي ته پوءِ هو ڪهڙي به وڏي ۾ وڏي بلا کي منهن ڏئي ۽ مقابلو ڪري سگهي ٿو. مگر جيڪڏهن هن جو ارادو ڪچو آهي ته پوءِ هن جو هڏڪاٺ ڪيڏو به ٿلهو، ڊگهو ۽ پڪو پختو هجي ته به هو پيو ڪک ڪاني کان ڊڄندو. ترقيءَ جي راهه فقط اها آهي، جو چئجي ته ”همت مردان مدد خدا!“

”ڪم ڪرڻ کان آءٌ هٽندس مور ڪين، جي ميس ته به مون کي چوندا آفرين!“ لکندڙ لکي ٿو ته پڙهندڙ پڙهي ٿو، لکندڙ لکندي لکندي ائين سوچيندو آهي ته اهڙو ڪو اکر، جملو، مضمون يا اهڙي ڪا ڪويتا لکي ڇڏيان، جيڪا هن چوڦير اوندهه ۾ بجليءَ جي بٽڻ وانگر هڪدم ڪٿان ڪو روشنيءَ جو ڳٿو کولي ڇڏي ۽ هر طرف سوجهروئي سوجهروٿي پوي. ساڳيءَ طرح پڙهندڙ به پڙهندي پڙهندي ائين سوچي ٿو ته اهڙو شُو منتر ڪٿي لکيل ڏسي وٺان، جنهن جي جادوءَ سان هن انڌيءَ ۽ اونڌيءَ دنيا کي هڪدم سڄو ۽ سڌو ڪري ڇڏيان، سجاڳ من ۽ دکي دل وارو پڙهندڙ ۽ لکندڙ هميشه انهيءَ نقش سليمانيءَ جي آسري ۽ ڳولا ۾ رهندو آهي. ۽ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا نقش پڙهندڙن ۽ لکندڙن ڪيترائي ڀيرا لکيل لڌا به آهن ۽ پاڻ ٺاهي پنهنجي دور جي آڏو پيش پڻ ڪيا آهن. ڪالهه ريڊيو تي ڳوٺاڻن جو پروگرام ٻڌندي، پنجابي شاعر جي هيءَ سٽ وڻي ۽ پوءِ ريڊيو بند ڪري جيتر ننڊ آئي تيتر آءٌ ڌاڍيان چوندو رهيس، ڏسو ته ڪهڙي نه عجيب سٽ آهي! چي:

سدا هَرِي اي همتان دي کيتي!

سوشال اسان جا نوجوان لکندڙ ۽ پڙهندڙ پنهنجي همتن جي کيتين کي سدا سائو ستابو۽ شاد آباد رکن!

دعاگو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(106)

6-10-1999ع

41- اي، صحافي ڪالوني

حيدرآباد سنڌ

خوش هجو شال.

محترم عزيز ميان غلام علي

اوهان جا ٻه خط – هڪڙو، 17 تاريخ ۽ ٻيو 27 تاريخ سيپٽمبر 1999ع جا لکيل – مليا. اوهان جي مطالعي ۽ تصنيف تاليف جي دلچسپين ۽ مصروفيتن جو احوال پڙهي، دل خوش ٿي. منهنجو اوهان جي هر علمي ۽ تدريسي مشغلي سان واسطو بلڪ دلي ڳانڍاپو رهي ٿو. خاص طرح اوهان کي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي تصنيف ۾ واڳيل ڏسي، مان ڏاڍو خوش ٿيس. نفسيات يا مَنَ وَدِيا جي موضوع تي اوهان جي مطالعي ۽ مضمون نويسيءَ جي مشق جو پڙهي،۽ معلوم ڪري ته اِنهن لکڻين جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ اوهين ترت شايع ڪرائڻ وارا آهيو، هيڪاري دل چاهيو ته جلد اُهو مرتب ٿي، ڇپجي، پڌرو ٿئي. اُن تي منهنجا ’ٻه لفظ‘ ”خط- ٻن اديبن جا“ ڪتاب مان کڻي، اوهين ڏيڻ گهرو ٿا. اِها ته پاڻ وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اوهان جو تيار ڪيل ۽ ڇپايل انگريزي گرامر جي ’زمانن‘ جو چارٽ ڌيان سان پڙهيم، اِن تي اوهان جي ورتل محنت تي اوهان کي مبارڪ هجي.

منهنجي لاءِ اوهان جيڪو مضمون لکيو هو، اُن کي زير تجويز ”خط- ٻن استادن جا“ ڪتاب ۾ شايد ڪونه آڻي سگهبو، جو ”خطَ“ جدا صنف ۾ اچن ٿا. اُهو مضمون پڙهڻ، سو آءٌ ضرور چاهيندس- جيئن ۽ جڏهن به موڪلي سگهو ته مهرباني ڀائيندس. ”عبرت“ وارو اوهان جو مضمون شايد مون وٽ آهي- وري به ڏسي، خاطري ڪري، اوهان کي اطلاع ڏيندس.

اوهان جي 17 تاريخ واري خط جي پهچ اوهان ڏانهن شايد اڳي به موڪلي هيم. ”خط- ٻن استادن جا“ ڪتاب جو مواد ڇپائيءَ لاءِ موڪلڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر آءٌ نظر مان ڪڍي رهيو آهيان- يادگيرين جي هڪ لَهَر آهي جا دل تي تري ٿي اچي. هِنَ سلسلي ۾ اوهان سان روبرو ڪا صلاح ضروري ٿئي، ته اوهين هڪ ڀيرو سهوليت سان هيڏانهن اچي سگهندا؟

دوست مهربان، ادل سومري جي چَواڻيءَ:

”زندگيءَ جو سازُ ساڳيو ٿو وڄي

”سالَ گذري ٿا وڃَنَ

”۽ اکين جي ديس مان

”خوابَ اُڏري ٿا وڃن

”ساههَ -  گهڙيون،ڏينهن سالَ

”جي به دمَ باقي بَچَن

”شال سي آڻِنِ سَڀِنِ لئه

”محبتون، روشنيون ۽ خوشيون!“

اوهان جو دعاگو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(107)

چڪ

22-10-1999ع

سائين منهنجا!

توهان جي ڪتاب ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جو ٻيو حصو ڪالهه پڙهي پورو ڪيم، ڏاڍو لطف آيو.”مهراڻ“ ۾ ڏنل توهان جا اداريا ۽ انهن ۾ لکيل ٻولي پڙهي ڏاڍو مزو آيو. ٻولي سولي سلوڻي، شسته ۽ شائسته ڪتب آيل آهي ۽ اهڙي جو چؤ ته ڄڻ سامهون ويٺا ڳالهايو. ۽ توهان ۽ مان پاڻ ۾ ويٺا ڪچهري ڪريون! هونئن به ڪڏهن ڪڏهن جي من ماندو ٿيندو آهي ته توهان جي ڪتابن مان ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو آهيان ته ڄڻ توهان ڳالهائي رهيا هجو ۽ آءٌ ٻڌندو رهيو هجان. اهڙيءَ طرح ڄڻ توهان سان اڌ منو ڪلاڪ روز نه ته به ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري ٿي ويندي آهي. دل تان بار هلڪو ٿي ويندو آهي. پاڻ کي تمام گهڻو مطمئن ۽ ماٺيڻو ڀائيندو آهيان ۽ طبيعت ٿڌي ۽ ماٺي ٿي پوندي آهي.

1955ع ۾ جڏهن توهين ”مهراڻ“ جا ايڊيٽر هيؤ. ان وقت مان پهريون انگريزي پڙهندو هوس: توهان جا اداريا جيڪي عظيم جان ڏيڻ کان گهٽ نه آهن پڙهي ڏاڍو مزو ۽ لطف آيو. 1955ع واري آخري سرءُ واري پرچي ۾ ”فنڪار جا ڳوڙها“ وارو مثال ڏاڍو پسند آيو – جنهن فنڪار کي پنهنجي تخليق ۾ ڪو نقص نظر نه آيو۽ ويهي رنو! ٻيو ”ڪافيءَ ۽ غزل واري ڳالهه“ ۾ غزل بجاءِ ”گونزل“ لکڻ، لکيل ڏسي ڏاڍو کليم. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ لڳم، تنهنڪري ٻه ڏينهن موڪل وٺي مزي سان پڙهيم. بشير مورياڻيءَ جي لکيل خط جنهن ۾ لکيو اٿس ته اديب ڇو ٿو لکي؟ ڇا ٿو لکي ۽ ڪهڙين حالتن جي اثر هيٺ ٿو لکي؟ سندس جواب به ڏاڍا وڻيا ۽ پسند آيا.مان چوندو هوس ته سائين منهنجي بي مزي ۽ گهٽيا قسم جي خطن مان ڪڪ ۽ تنگ ٿيندو هوندو، پر ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ محسوس ڪيم ته توهان جو اڳ کان ئي مون جهڙين رڍن سان واسطو ۽ پالهو پيل آهي يعني توهان جو گهڻن ئي مون جهڙن الهڙن سان واسطو رهي چڪو آهي.ڪتاب جي صفحي 266 تي توهان تقرير ڪندي شاهه جو بيت ڏنو آهي:

”ڏکوين اهڃاڻ مٿي سڳر پنڌڙا“، جڏهن ته ”اهڃاڻ“ بجاءِ رسالي ۾ ”مرڪ“ ڏنل آهي يعني بيت آهي:

گوندر ڪيو غرق ماءُ منهنجو جندڙو.

ڏکوين مرڪ مٿي سڳر پنڌڙا.

يعني اهڃاڻ نه پر مرڪ ڏنل آهي، پر توهان اهڃاڻ چيو هو.

”نئين ۽ پراڻي جو مسئلو – ماضيءَ جي روشنيءَ ۾“ بلڪل سمجهه ۾ نه آيو. ڏاڍو ڳوڙهو ۽ دقيق لڳو. ”ٻه لفظ صلاح جا استاد لاءِ“ تمام ڏاڍو وڻيو ۽ پسند آيو. توهان اڳ به جدا هڪ پمفليٽ واريءَ صورت ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ موڪليو هو. هيءَ اهڙي صلاح آهي جو هر سال ڇپائي اسڪولن ڏانهن اماڻجي ته ثواب ملي يا ڊئريڪٽر يا ڊي اي اوز جيڪر ڇپائي استادن ڏانهن اماڻين يا استادن جون جماعتون ڇپائي پاڻ ۾ ورهائين. اها علم جي وڏي خيرات ٿيندي. ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سکيا“ به ڏاڍو پسند آيو ڄڻ ته اديب ۽ شاعر ٿيڻ جي ڪا واٽ ڏسيل آهي. ڪاش اهو مضمون مون کي گهڻو وقت اڳ ملي وڃي ها. ڪتاب جو هر عنوان تقريباً ڏاڍو سٺو ۽ وڻندڙ هو:

توهان کان ورتل ٻارن جي ”انٽرويو“ ۾ مون ڏٺو ته توهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪن ڳالهين ۾ مماثلت يا هڪجهڙائي آهي. 1- توهان جو والد صاحب توهان جي ننڍي هوندي گذاري ويو.اهڙيءَ طرح منهنجو والد صاحب به 1952ع ۾ منهنجي ننڍي هوندي گذاري ويو. جڏهن مان ٻيون درجو پڙهندو هوس. 2- توهين به ننڍي لاڪون هوشيار هوندا هيؤ ۽ اسڪالر شپ حاصل ڪَيوَ اهڙيءَ طرح مان به ڪلاس ۾ ٻيون ٽيون نمبر هوندو هوس ۽ چار روپيا مهينو اسڪالر ملنديَوَ، هيم!

جڏهن مان چوٿين درجي ۾ هوس ته اسان وٽ ڊپٽي صاحب چوئٿ رام وزٽ تي آيو، اسان جي ڪلاس مان ٿي وري پنجين درجي ڏانهن ويو. اتي وڃي هن زباني حساب ڏنو جيڪو شاگردن نه ڀڃي سگهيو. پوءِ وري چوٿين درجي مان ڇوڪرو گهرايائين ته استاد ڪرم عليءَ مون کي موڪليو. مان ويس ته سرڳواسي چوئٿ رام مون کي حساب ڏنو ۽ مان منٿ ۾ ڀڃي ٻڌايومانس. پوءِ هن مون کي شابس ڏني ۽ پنجين درجي جي شاگردن کي چيو ته ”هاڻي هن ڇوڪري کي پنجين ۾ وهاريون ۽ توهان کي چوٿين ۾ موڪليون؟“ تنهن تي سڀني جا منهن هيٺ ٿي ويا ۽ لڄي ٿيڻ لڳا. تنهن کان پوءِ اچي، تعلقي ماستر سان ملي، ويٺي ويٺي مون کي پاسي سان ڀاڪر ۾ جهلي، چيائين ته ”تنهنجي مهينو اسڪالر منظور ٿو ڪريان!“ مون سندس مهرباني مڃي هئي، ۽ هليوويو هوس.

هاڻي توهين چوندؤ ته ڀلا پوءِ ڇو مان جڏو ٿيس؟ ته ان جو جواب هي آهي ته پوءِ جيئن مان وڏو ٿيندو ويس ته چاچي چيو ته ساڻس ڳئن سان وڃان ۽ مامن چيو ته ساڻن زمين تي وڃان.اهڙيءَ طرح آءٌ ٻنهي کي راضي رکڻ لاءِ ڪڏهن چاچي سان ڳئون چارڻ ويندو هوس ته ڪڏهن وري مامن سان زمين تي کيتيءَ جي ڪم ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مئٽرڪ تائين ڪم ائين هلندو رهيو. پر مون پنهنجن دوستن کي ڪونه وساريو هو۽ استادن کي به ڀلائي ڪونه ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪڏهن اسڪول به ويندو هوس. استادن کي خبر هئي ته مان مجبور هئس. اسان جو هيڊ ماستر مرحوم الله بخش کوکر مون کي مدد ڪندو هو ۽ زڪوات طور 10/= ڏيندو هو. منهنجي مئٽرڪ جو فارم به هڪ چوڌريءَ کان 60/= وٺي ڀريو هئائين. منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالستار خان مغل جي مشين تي بيٺل هو، ۽ کيس 60/= ماهانو پگهار ملندو هو. هيڏو سارو عيال، ست اٺ ڀاتي گهر ۾، سٺ روپين مان پورت ڪانه هوندي هئي، تنهنڪري ٻيا ڪم ڪرڻا پوندا هئا. ڪڏهن ڇولا وڪڻندو هوس، ڪڏهن کارڪون تنهنڪري ٻيا ڪم ڪرڻا پوندا هئا. ڪڏهن ڇولا وڪڻندو هوس، ڪڏهن کارڪون وڪڻندو هوس، پر حساس طبيعت هئڻ ڪري انهن مان گهڻو اپراسو يا فائدو ڪونه پوندو هيم، جو گراهڪن کي خوش رکڻ خاطر کين گهڻو ڏيندوهوس، ڪڏهن گهرن ۾ يا گدامن ۾ وڃي جهلي ڇڪيندو هوس. خير!

ٽين هڪجهڙائي هيءَ ته توهين پهرين مهاڀاريءَ لڙائيءَ وقت تولد ٿيؤ ۽ مان ٻيءَ مهاڀاريءَ دوران 1944ع ۾ - 1942ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي ۽ قحط هو!

فقط توهان جو مخلص

غلام علي چنه

*

 

(108)

چڪ

26-10-1999ع

سائين منهنجا!

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته 22 – 10 – 99 تي اسان جي ڳوٺ چڪ ۾ شهري اتحاد طرفان نئين چونڊيل باڊيءَ جي حلف برداريءَ جي موقعي تي، ”جان محمد منگي اَوارڊ“ (جيڪو هڪ غريب حجام هو، ۽ جنهن پنهنجي اولاد کي پورهيو ڪري، پڙهائي، اعليٰ عهدن تي پهچايو) ورهايا ويا. مون کي هڪ مثالي استاد جي حيثيت سان اوارڊ عطا ڪيو ويو.

سائين منهنجا! منهنجي هن خط لکڻ ۽ ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ۽ مطلب اهو آهي ته مان پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن احبابن، توهان جهڙن استادن ۽ رهبرن ۽ پنهنجن ٻارن توڙي شاگردن کي لڄايو نه آهي، بلڪ کين پاڻ تي فخر ڪرڻ جو سبب بڻايو آهي. ان ۾ مان پنهنجي پڏ ۽ پذيرائي نٿو ڪريان پر ٻڌائڻ گهران ٿو ۽ پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ گهران ٿو ته روز بروز آءٌ اڳتي ۽ بهتر کان بهتر طرف وڌي رهيو آهيان.

آئنده لاءِ به دعا ڪند ارهندا ته جيئن هر قدم تي ڪامياب ۽ ڪامران رهان.

ٻيوعرض ته علامه دائودپوٽي جو لکيل عربيءَ وارو گرامر ”مرشد المبتدي“ ٽن جلدن ۾ آهي. ٻه جلد مون وٽ آهن، ٽئين جلد جي ضرورت اٿم.جيڪڏهن ملي وڃي ته مهرباني ڪري ڪنهن به طرح روانو ڪندا. جيڪڏهن پراڻي ڪاپي هجي ته فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڏيندا، پوءِ پيا حساب ڪتاب ڪنداسين. پوسٽ ذريعي موڪليندا ته به ٺيڪ، جي نه ته ڪنهن ماڻهوءَ وسيلي ئي موڪليندا. شايد غلام محمد غازي توهان وٽ ويجهائيءَ ۾ اچي ته ان کي ڏيندا. ٻيو به ڪو ڪتاب مرحمت ڪريو ته مهرباني.

فقط توهان جو مخلص

غلام علي چنا

 

*

(109)

چڪ

22-4-2001ع

”مڙئي مونڏانهن هوتن ڏانهن نه هڪڙي.“

خوش هجو شال.

سائين منهنجا!

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته ادل سومري جي ذريعي توهان جو موڪليل ڪتاب ”اڳتي قدم“ اڄ غلام محمد غازيءَ جي هٿان موصول ٿيو، جڏهن وٽس ملڻ ويو هوس. ڪتاب کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. پر جڏهن خيرپور مان اماڻيل محسوس ڪيم تڏهن ڄڻ دل بي مزي ٿي وئي ۽ سوچيم ته ڄڻ ڪنهن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو هجي! هن کان اڳ گذريل سال به توهان ڪتاب ”ڳالهيون ڪتابن جون“ هادي بخش ڀٽ جي هٿان موڪليو هو. ان ۾ ”سکر“ لکيل هو. تَن مان مون کي لڳو ته توهين سکر يا خيرپور آيا پر مون سان نه مليا! نه وري اچڻ جو ڪو اطلاع ڪيُوَ! ڪنهن چواڻيءَ:

”ڪا مون ۾ گهٽ نه ته سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻا“. هونئن ته سائين جن مون تي سدائين مهربان هوندا آهن، پر هتي اسان جي طرف اچو ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ ٻڌايو ته اچي قدم بوسيءَ لاءِ حاضر ٿي، دعا پنون ۽ ديدار فرحت آٿار به ٿئي! ڪي روبرو ڳالهيون به ٿين ۽ ڪي غلط فهميون هجن ته اهي به دور ٿي وڃن. هونئن ته توهان سان اخبارن ذريعي پيون ملاقاتون ٿين پر روبرو ملاقات وڏي ڳالهه آهي.

سائين منهنجا! اميد ته مون وارو ڪتاب ”فتحمنديءَ جي واٽ“ وڻيو هوندُو. ڪتاب ۾ ڪي خاميون نه، بلڪ گهڻيون خاميون رهجي ويون آهن. ڇاڪاڻ ته اسان الڙهه هئاسون. اِهو به ايڪيهين صديءَ ۾ ”منهنجو اڳتي قدم“ جي برابر آهي. اميد ته ايندڙ ڪتاب چڱيءَ حالت ۾ هوندا. هاڻي تجربو ٿيو آهي. وزن جي خبر، نيم حڪيم جيان، پئجي وئي آهي. هيڪر غلطيون ٿيون آهن. اميد ته ٻيهر غلطيون نه ٿينديون. ايندڙ ڪتابن جا نالا آهن:

1- تقريرون، 2- ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ

دعا ڪريو ته ٻئي ڪتاب خير خوبيءَ سان هن سال ئي نڪرن. ان سلسلي ۾ ادل وارن کان مشورو وٺبو، مهرباني.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

سائين منهنجا، هڪ سوال! ته اڄڪلهه خط جو جواب ڏيڻ بند ڪيو اٿوَ. سو ڇو؟ مهرباني ڪري ٻه اکر ضرور لکو! آٿت لاءِ. (غ.ع.چ)

 

*

 

(110)

چڪ

8-5-2001ع

خوش هجو شال.

سائين منهنجا!

السلام عليڪم کان پوءِ عرض ته توهان جو موڪليل ڪتاب ”اڳتي قدم“ وقتاً فوقتاً پڙهي اڄ اٺين بجي رات جو پورو ڪيم. ايترو دير ان ڪري پورو ڪيم جو وچ ۾ شهر ويو هوس ۽ اتان ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري“ 200 روپين ۾ خريد ڪري آيو هوس. ان کي به پڙهڻو پويم پيو. اُن ۾ به توهان جو ذڪر آهي. ان کان علاوه عبرت مئگزن به آئي هئي، تنهن کي به نظر مان ڪڍڻو پيو پويم. تنهن کان سواءِ ناز سنائيءَ جو ”ڪينجهر“ به اچي ڪڙڪيو هو. ان جو به پئي مطالعو ڪيم. ان ڪري ڪتاب ”اڳتي قدم“ کي پڙهي پوري ڪرڻ ۾ البته ليٽ ٿي وئي هئي. مان مرزا قليچ بيگ نه آهيان جو ٽي ٽي ڪتاب هڪ ئي وقت لکي سگهان، پر ٽي ٽي ڪتاب هڪ ئي وقت پڙهي سگهان ٿو.ان ۾ وري پنهنجو مزوآهي. خير! ڪتاب ”اڳتي قدم“ ڏاڍو وڻيو. مضمون، ڪهاڻيون ۽ نظم ڏاڍا سٺا آهن. سڀ کان وڌيڪ مون کي ”سوچو ۽ بغاوت ڪريو“ وارا نڪتا ڏاڍا پسند آيا.

ٽئگور جو شعر:

نه مسجد نه مندر ۾ آهي خدا، هلي آءُ ڏسدين ته ڇا هي خدا،

ٻنيءَ تي پيو ڳاهه ڳاهي خدا، تتي ڏينهن رستا به ٺاهي خدا،

غريبن بڻايون جتي جهوپڙيون، اتي ئي خدا جون تجليون مڙيون.

پڙهي، مون کي پنهنجو شعر ياد آيو، جنهن ۾ ”خواب ۾ ڏسان ٿو ته مان اسٽان واريءَ محمدي مسجد وٽان ٿو مٽيان. منهنجي ديد مسجد جي در مان ٽپي مسجد جي محراب ۾ ويٺل اڇي چادر ڍڪيل ملا تي ٿي پوي، ۽ وري نظر مسجد جي آڳُڙَ ۾ رکيل ڪؤنئرن تي ٿي پوي. مون کي ٻنهي ۾ يعني ملا ۽ ڪؤنري ۾ ڪو فرق نٿو نظر اچي. مون کي ٻنهي جي حياتي غير متحرڪ پئي لڳي، ۽ مسجد ۾ اُها بي مقصد پيل نظر پئي اچي، مون ۾ هڪ احساس جاڳي ٿو ۽ ملا کي مخاطب ٿي چوان ٿو:

منهنجي سنگت جو وٺ مزو،

حال تو سان دل جو ڪبو،

ملا ٿي تون،ڪينَ ڪُزو! (ڪُزو = ڪؤنرو)

يعني ”مسجد کان ٻاهر نڪري اي ملا! حقوق العباد ۾ مصروف ٿي وڃ ۽ غير متحرڪ نه بڻج. اِنهيءَ ڪوزي (ڪؤنري) جيان، جيڪو مسجد ۾ پيل آهي، مسجد ۾ ويهي زندگي نه گذار. اٿي مسجد کان ٻاهر نڪر ۽ عوام جي خدمت ڪر!“

سائين منهنجا! مان پنهنجي ڪتاب:

”فتحمنديءَ جي واه ۽ واٽ“ جيڪو توهان ڏانهن اماڻي چڪوآهيان، ان کان پوءِ ٻه ڪتاب ”ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ“ ۽ ”تقريرون“ ڪمپوز ڪرائي ڇڏيا آهن. انهن جي ڇپائڻ جو خيال آهي. ان سلسلي ۾ توهان جي مدد جو طالبو آهيان. مهرباني ڪري ڪنهن اداري سان مُنهن رکرائي ڏيو ته ڏاڍي ڀَلائي ٿئي!

حڪم ٿئي ته اهي ٻئي ڪتاب کڻي اچي توهان کي ڏيکاريان يا فوٽو اسٽيٽ ڪرائي موڪليان. توهين انهن جو مطالعو ڪريو. پوءِ ”نيو فيلڊس“ وارن يا ”ڪينجهر“ وارن سان ڳالهايون. وڌيڪ جيڪا توهان صلاح ڏيوم.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

41- صحافي ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ

1-6-2001ع

پيارا ڀاءُ غلام علي. خوش هجو شال.

اوهان جو اٺين مئي 2001ع تي لکيل خط منهنجي آڏو رکيو آهي. گهري ٿو ته ان جو جواب اوهان ڏانهن موڪلجي.

1947ع ۾ نڪتل ماهنامي ”اڳتي قدم“ جي ٽن اشاعتن کي هڪ ئي هنڌ ڪتاب جي صورت ۾ ان ڪري هاڻي پيش ڪيو اٿئون،ته ڏسجي ته اسان جا پنهنجي ٽٽل قسمت جي اُن سال نوان اڀريل خيال ڪهڙا هئا، ۽ اڄ اڌ صديءَ کان به وڌيڪ سالن کانپوءِ، جڏهن تڏهوڪا باقي ڪي ڀڳيءَ ڀير تي ويٺل عبرت جا نشانَ اڃا جيئن ٿا پيا، اُهي ان سڄي دور جو ڪجهه پوتاميل پاڻ ڪن ۽ اسان جي اڄ جي نوجوانن جي نون خيالن کي به ان طرف ڏسڻ ۽ مُڙڻ جو ڪو موقعو ملي. اُنهن ڏينهن جي ”اڳتي قدم“ کي اوهان پڙهيو ۽ پنهنجي اڄ جي ”مسجد جي ملن“ کي ”ڪوزي“ سان ڀيٽيوآهي. سو اهو حال تقريباً پاڻ سڀني جو آهي.ڪي ”مسجد جا ڪوزا“ آهيون، ۽ ڪي اُتان جا ”ٿُڪا“ بنيا اُتي ئي ڪنهن ڪنڊ پاسي يا ٻاهر آس پاس ڪٿي اُنهيءَ ڪنهن ڪيفيت ۾ پيا ڌڪجون ۽ ٿڏجون. ٻاهرين دنيا ڪم از ڪم اسان کي اڄ اِنهيءَ ئي لائق ٿي سمجهي ۽ ڏسي.

اوهان پنهنجي لکيل ۽ ڪمپوز ٿيل ڪتابن ”فتحمندي جي واهه ۽ واٽ“، ”ڇڏ جهوري، ڏي جهاٽ“ ۽ ”تقريرون“ جي ڇپائيءَ ۽ اشاعت جي اوسيئڙي ۾ آهيو. سچ پڇو ته پنهنجي ڪسمپرسيءَ مان نڪرڻ جي اڄ به اهائي هڪ ”واهه ۽ واٽ“ اسان جي آڏو آهي. ان سلسلي ۾ مونکي انگريزيءَ ۾ هڪ فقرو دل تي تري آيو آهي- فقرو آهي، صلاح آهي يا سڏ آهي- پر هيءُ آهي ته !"If you don’t, no one else will"، مون سڄيءَ پنهنجيءَ عمر جي هيڻائيءَ کي اها واٽ پئي ڏيکاري آهي: ”پنهنجو اڀرو اٺ ساجهر پاڻ پلاڻ“ جي ڪيچ رسڻو اٿئي،مومل ماڻڻي اٿئي، رانجهن سان تٿ پارڻي اٿئي! سوال آهي پنهنجي منزل جي سڃاڻپ جي يقين جو، ۽ اوڏانهن ويندڙ واٽ جو. اياز جي نظم جو هڪ شعر آهي:

”ماڳ ڏاڍو آ پري، جي دڳ مليو، پيو ڇا کپي، منهنجي سَکي!“

سڄو سندس نظم آهي:

چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،

ڄن تون هُئيئن.

يا سڳنڌن ڀريل ڪنهن واءَ جي جهوٽي جيان،

ڄڻ تون هئينءَ

کيرٿر تان گڊُڪو نئن گاج تي جئن جُهڪي،

تيئن مان هيس

رڻ ۾ڪوئي هرڻ پاڻي ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،

تئن مان هيس

تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي،

منهنجي سکي!

ماڳ ڏاڍو آ پري، جي دڳ مليو، ٻيو ڇا کپي.

اوهين تسلي ڪندا ته آءٌ هتي ڪنهن هڪ يا ٻن پبلشرن سان به ڳالهائيندس، پر اهي ”ڪوزا“ آهن، لوٽا آهن پيسن جي ڀرڻ جا – ڪنهن چڱيءَ ڳالهه کي نه هو سڃاڻن نه اُن جا ڳولائو اهن.مون پنهنجا سڀ ڪتاب، سواءِ هڪ ”وحشي جيوت جا نشان“ جي، پنهنجن پئسن سان ڇپايا. اياز پهريان ڏهه شعري شهڪار پنهنجن پيسن سان ڇپايا. اوهين پنهنجن انهن ڪتابن جي شايع ڪرڻ لاءِ اِتي مڪاني طور سنگت، لئبرري يا ڪن ساٿين سان صلاح ڪندا ته شايد وڌيڪ لاڀدائڪ صورت ڪا نڪري اچي. ترت صلاح واقعي اِها آهي.

پنهنجا خط هاڻي آءٌ ڪمپوز ڪرائڻ لاءِ پريس موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويٺو آهيان. جملي 110 خط ٿين ٿا. منهنجا 36 اوهان جا 74. منهنجا ڪي خط وڌيڪ اوهان وٽ رهجي ويل هجن ته اُهي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي موڪليندا ته شامل ٿي سگهن ٿا، دعا ڪندا ته اِهو ڪم راس ٿي پوي ته بهتر ٿئي.

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org