سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

باب: --

صفحو : 7 

 

(85)

Government Comprehensive

High School, Sukkur

11-11-1990

Dear, Sir,

You will be glad to know that my son Ghulam Mustafa has been appointed as a Primary teacher at Govt: Primary School Abdul Rehman, Chachar, near our village Chak. He was given offer order on 5/11/1990, followed by his posting order on 8/11/1990. As the next day was Friday, he joined his duties on 10/11/1990 in the fore noon. He thanks you very much. I hope he will perform his duties with punctuality, honesty and earnestly. After all he is son of a good teacher and his father is student of your good self.

After my son now please do something for me. I am very eager to be a lecturer in Sindhi and serve at college level. If you take interest, I am confident you will succeed in seeing me a lecturer. No doubt, I am a bit over age for it, but I can have my age restriction relaxed. Either the Secretary Education or the Chief Minister can in their discretion do it. My I send you my documents and other particulars if you only feel you can. I think you remember Mushtaque Hakro who was a C.T. teacher at Jacobabad in 1967, when you were H.M. High School, Jacobabad. He was given the H.S.T. scale and later posted at Govt: High School, Shikarpur. Now, he is a lecturer in B.Ed. College Sukkur. Only very recently he has been given this post by the out-going Chief Minister Aftab Shaaban Mirani after relaxing his age by 17 years. Mine is exactly the similar case. I too can be a lecturer like him. I am M.A. in Sindhi. I did it in 1970 and secured second division.

I am a writer too. My short stories, poems and essays have been appearing in Sindhi monthly magazine like "Paigham", "Shariat", "Gul Phul", "Saneh" and also in news papers since 1974.

I have all the needed qualifications to be a lecturer, but what I do not have is a recommendation and approach of an M.N.A. for which I look up to you.

Sir dos this last favor to me. I will not ask for another in your life.

Yours Sincerely

Ghualm Ali Channa

*

 

(86)

سکر

9-12-1990ع

خوش هجو شال.

محترم و مڪرم سائين محمد ابراهيم جويو صاحب،

بعد السلام عليڪم جي لکجي ٿو ته هت سڀ خير آهي، اميد ته ايڏانهن به هر طرح خيريت هوندي.

احوال هن ريت آهي ته هن کان اڳ به هڪ نياز نامو لکيو هوم. اميد ته توهان کي مليو هوندو. جنهن ۾ لکيو هيم ته منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ کي پرائمري ماستري ملي وئي آهي. هن کي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ اسڪول ۾ رکيو اٿن. پهرين ڊسمبر تي کيس ويهن ڏينهن جي پگهار 751 روپيا ملي. هن 200 روپيا مون کي ڏنا. باقي 500 روپين جو ڪرڪيٽ سامان وٺي آيو ۽ 50 روپيا پاڻ وٽ رکيائين. کيس ڪرڪيٽ جو ڏاڍو شوق آهي. مون کيس ڪجهه به نه چيو. ڀلا ڪيئن چوان؟ مون کي جو ڪتابن جو شوق آهي. پوءِ کيس چوان ته ڪيئن! خير، سندس خيال آهي ته هو ڪنهن بئنڪ ۾ نوڪري وٺي ۽پوءِ ڪرڪيٽ جي راندين ۾ ٻين رانديگرن جيان کيڏي. اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو. هاڻي جيڪا سندس رضا.

اڳيون مهينو يعني نومبر جو سڄو مهينو هتان جي چنا برادريءَ کي ميڙڻ ۽ انهن جي ائسوسيئيشن ٺاهڻ ۾ صرف ٿيو اُها نيٺ ٺهي ۽ ان جو وڏو محمد هارون چنا آرٽسٽ کي بڻايوسون. هن ۾ چار پاڙا گڏيا: ڪنڀر، دامدار، موچي ۽ چنا. دراصل ڪنڀر، دامدار ۽ موچي به چنا آهن پر سندن اهي پيشا آهن. اسان وٽ ڪلهوڙا به آيا پر سندن پاڻ ۾ اتفاق نه ٿيو، جو اسان گڏجن، نه ته اهي به درحقيقت چنن جو پاڙو آهن. چون ٿا ته چنن جو شجرو وڃي ”راءِ گهراڻي“ سان ملي ٿو. پر ڪنهن به تاريخ ۾مون هن وقت تائين ائين ڪونه پڙهيو آهي. محمد بن قاسم جي اچڻ وقت رڳو اهو چنن جو احوال ملي ٿو ته محمد بن قاسم جڏهن سيوستان جي ڀرپاسي ٻڌيه ۾ ويو ته اتي ڪاڪو بن ڪوتل حاڪم هو.جيڪو چنوهو ۽ پنهنجي راڄ سوڌو مسلمان ٿيو. اهو احوال ”تحفة الڪرام“، ”فتح نامه سنڌ“ ۽ ”تاريخ معصومي“ ۾ ملي ٿو. باقي بس.

وري سومرن جي دور ۾ ذڪر اچي ٿو ”ڄام چنو“ جيڪو سخي مڙس هو ۽ وڏي راڄ ڀاڳ وارو هو. جنهن مان ڪلهوڙا ۽ دائودپوٽا بڻيا. ان کان اڳ وارين تاريخن ۾ چنن جو ڪو ذڪر ڪونه ٿواچي. رڳو ايترو آهي جو هڪ ڪتاب ”تهذيبون“ اردوءَ ۾لکيو ويو آهي ته گوتم ٻڌ بادشاهي ڇڏي وڃي رياضت اختيار ڪئي، تڏهن رستي تي پنهنجا شاهي ڪپڙا ۽ زيور پنهنجي هڪ صحبتيءَ ”چنا“ کي ڏئي واپس ڪيو.

ان کان سواءِ ان دور جو ٻيو ڪوبه احوال ڪونه ٿو ملي، توهين مهرباني ڪري ٻڌايو ته اهڙو يا ٻيو ڪو احوال ڪنهن تاريخ ۾ ملڻ جو امڪان به آهي يا نه؟ اهڙو ڪو ڪتاب اوهان کي معلوم ٿئي ته مهرباني ڪري ٻڌائيندا.

عرض ته جڏهن حيدرآباد ۾ ايم. ايڊ تي هوس ته مون توهان جي فرزند ڀائو منور علي کي هڪ ڪتابڙو ڏنو هو توهان جي مطالعي لاءِ، جنهن جو نالو هو ”هندستان جي سڀيتا“ اهو هڪ هندوءَ جولکيل هو. جيڪڏهن اهو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي موڪليو ۽ اصل پاڻ وٽ رکو ته مهرباني ٿيندي. اهو ڪم ضرور ڪندا.

توهان جو پيارو

غلام علي چنه

*

 

(87)

گورنمينٽ ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول،

بئراج ڪالوني، سکر

4-2-1992ع

خوش هجو شال.

محترم مڪرم محمد ابراهيم جويو صاحب،

السلام عليڪم: خيريت بخير، احوال عرض ته رحيم داد ”راهي“ ۽ مان سکر وياسون. اتي اڳ ۾ نجم عباسيءَ سان ملياسون، ڪلاڪ ڏيڍ هُن سان ڪچهري ڪري شهر ۾ وياسون. اتان ڪم ڪاريون لاهي ادل سومري جي ڳولا ۾ نڪتاسون، جو رحيم داد راهيءَ جو ڪم هوس. مهراڻ مرڪز مان گذرندي، ڪنول آڊيو سينٽر تي ابراهيم سارنگ چنو مليو، جنهن ٻڌايوته ادل آچر گهٽيءَ ۾ حميد ”پارس“ جي جاءِ تي ملندو، جو اتي اڄ انهن جي گڏجاڻي آهي. ان کان پوءِ سڌو اتي وياسون. سندن ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي هئي، جو فيصلا ڪرڻا هئن ته غلام رسول ڪلهوڙي جي ڪتاب ”زندگي هڪ مرڪ“ جي مهورت ڪڏهن ڪرائجي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ورسي ڪڏهن ملهائجي. گڏجاڻيءَ کانپوءِ سڀئي دوست مليا- ادل، اياز گل، ڪيلاش، پارس، حميد، ناشاد، عبدالغني مهر وغيره. سٺي نموني ڪچهري ٿي. اتي مون سائين غلام رسول ڪلهوڙي کان توهان جي لاءِ پڇا ڪئي. ٻڌايائين ته توهان جي طبيعت ٺيڪ ڪانه آهي. زڪام بخار وغيره جي ڳالهه ٿي ڪيائين. ڏاڍو صدمو پهتو ۽ دل ۾ هلچل مچي وئي.ان وقت ئي فيصلو ڪيم ته رات سائينءَ جن کي چڱڀلائيءَ بابت خط لکندس.هن وقت 30-3 ٿي رهيا آهن. هنڌ ۾ خط لکڻ جي ڳالهه ياد پئي۽ اٿي لکڻ ويٺو آهيان. اميد ته هاڻي توهان جي طبيعت معمول تي اچي وئي هوندي. اسان جي دعا آهي ته شال توهان وڏي حياتي ماڻيو ۽ زنده و سلامت هجو. آمين!

آءٌ روزانو اسڪول ويندو آهيان. هن وقت ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول، بئراج ڪالونيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. وقت خير جو پيو ٿو گذري. هن وقت منهنجو هيڊ ماستر غلام دستگير سمون آهي. سٺو ماڻهو آهي.

منهنجو وڏو پٽ غلام مرتضيٰ پرائمري ماستر آهي. منهنجي وڏيءَ نياڻيءَ صفيه مئٽرڪ پاس ڪئي آهي. هن وقت فرسٽ ايئر آرٽ جوفارم ڀرايو اٿس. مطالعي جي ڏاڍي شوقين آهي. کيس ڪو رسالو يا ڪتاب هٿ آيو ته معنيٰ سندس عيد ٿي وئي. پوءِ ٻيو ڪم ڇٽو. ڏاڍي سياڻي ۽ سمجهو ڇوڪري آهي. مون وارو وڏو پٽ ماستر البته منهنجي هٿ کان نڪري ويو آهي. کيس ڪرڪيٽ جو ڏاڍو شوق آهي. کيس قومي رانديگرن سان وڃي راند ڪرڻ جو ڏاڍوشوق آهي. هميشه ڪرڪيٽ جي وائي وات ۾ اٿس. ڪرڪيٽ به ملڪ جو ڪٻاڙو ڪري ڇڏيو آهي. اڪثر ٻارن ۽ جوانن جو من ٽيڙي ڇڏيو اٿس. علم جي طرف چاهه گهٽ، راند طرف تمام وڌيڪ اٿن. منهنجا ٻيا چار پٽ به پڙهن ٿا، دعا ڪريو ته پڙهي ڪامياب ٿين ۽ زندگي سکي گذارين.

اسان جي سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جو سيڪريٽري هاڻي رحيم داد ”راهي“ سومرو آهي. سنگت کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش وٺي پيو. هر جمعي تي باقاعدگيءَ سان گڏجاڻي ٿيندي رهندي آهي ۽ چند دوست پنهنجي ڦڪي مٺي ڪاوش کڻي ايندا آهن. في الحال رينگٽ شروع آهي. اڳتي ڏسجي ته ڇا حال ٿو بيهي.

آءٌ ڪڏهن ڪڏهن لکان، ڪڏهن ڪونه. ترجمو وغيره ڪڏهن ڪڏهن ڪندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن شعر به لکان. ڪڏهن مضمون وغيره به لکندو آهيان. پر هر ڪم ٻيهر فيئر ڪري لکڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. اهو ٻه ٽي ڀيرا لکڻ مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. ان ڪري سستي رهي ٿي. ان جو علاج ڏسيو ته شڪرانو ڪندس ۽ مڃيندس.

ٻيو خير-

فقط

غلام علي چنه

*

 

(88)

گورنمينٽ ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول،

بئراج ڪالوني، سکر

27-3-1991ع

گرچه دوريم از بساط قرب و همت دور نيست،

بندهء شاهِ شمائيم وثنا خوانِ شما.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(89)

سکر

11-8-1992ع

سدائين خوش هجو شال.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو صاحب،

السلام عليڪم: سائين منهنجا، تمام دير سان لکڻ جي لاءِ معافي طلب آهيان.

هن وقت رات جا پوڻا ڏهه ٿيا آهن. مان خبرون ٻڌي ڪتاب ”مٺ مٺ موتين جي“ پڙهي رهيو آهيان. هن مهل تائين جيڪي ڪجهه پڙهيو اٿم انهن مان توهان جي لکيل عيد مبارڪ ڏاڍي وڻي. توهان جي نالي وٺڻ سان توهان جي ڄمڻ جي تاريخ 21 آگسٽ دل تي تري ٿي ۽ آءٌ دل ئي دل ۾ توهان کي "Happy birthday to you" چئي رهيو آهيان ۽ سوچيان ٿو ته توهان جي هن سالگرهه جي موقعي تي توهان کي ڇا موڪليان. في الحال هن خط جي ذريعي توهان ڏانهن لک لک مبارڪون ئي موڪلي سگهان ٿو. اميد ته توهان دل جي گهراين سان قبول ڪندا- شڪريه.

”چند ڏينهن اڳ يعني وئڪيشن ۾ منهنجي گهر واري بيمار ٿي پئي هئي. کيس دل جي تڪليف هئي. پنج هزار لڳا. ٻن هفتن کان پوءِ ٺيڪ ٿي وئي. اڃا هتي آهي. دعا ڪريو ته جلد تندرست ٿئي.

ٻارڙا پڙهن ٿا، منهنجووڏو پٽ غلام مرتضيٰ نوڪري تي ويندو آهي.مان سکر ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول ۾ڪم ڪري رهيو آهيان. توهان جي دعائن سان وقت چڱو پيو گذري.

توهين پنهنجو حال احوال ڏيندا. ٻيو خير-

فقط

توهان جو دعاگو

غلام علي چنه

*

 

(90)

41- صحافي ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ

15-8-1992ع

پيارا ڀاءُ ميان غلام علي، خوش هجو شال.

اوهان جو گهڻيءَ گهڻي دير کان پوءِ مليل خط (يارهين آگسٽ جو لکيل) اڄ مليم، پڙهي گهڻي خوشي ٿيم. چڱو، جو ياد ڪيوَ. اڳتي به مهيني ماس يا ڪندا ته ٿورائتو ٿيندس.

اِها به خوشي ٿيم، جو اوهين ڪتابن سان نينُهن لايو ٿا اچو. ”مُٺ مُٺ موتين جي،“ ڪتابُ اوهان کي ضرور سکر مان يا ڪٿان وٺڻو پيو هوندو ياد ڪنهن دوست کان پڙهڻ لاءِ ورتو هوندُوَ. اِن ڪتاب جو ”پيش لفظ“ (مون وارو) ضرور پڙهندا ۽ پڙهي پنهنجي راءِ کان واقف ڪندا. اُن جي آخري صفحي 6 تي، پوئين پئرا جي پهرينءَ سٽ ۾ ۽ آخر ۾ آيل شاهه جي بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ ڇاپي جون چڪون آهن، جي هيٺينءَ طرح درست ڪري پڙهندا:

وقت وئي: بدران وقتَ وِئي، پڙهندا؛ ۽ ”تاڪين“ بدران ”تان ڪِين“ ڪري پڙهندا.

سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻي خيال ڪرڻ کان پوءِ به ڇپائيءَ جون چُڪون رهجي وڃن ٿيون، ۽ جن جي ڇپائيءَ تي جڏهن ته خيال ئي گهٽ ٿو ڪيو وڃي (۽ اڪثر اِها پوئين ويڌن ئي اسان جي سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ سان ٿئي ٿي) تڏهن ته الائي انهن جي ٻوليءَ ۽ مواد جي صحت جو ڪهڙوحشر ٿيندو ٿو پيو رهي!

منهنجي ڄم جي تاريخ جو اوهان کي يادگيرو آهي: جڏهن اُها ويجهي ايندي آهي، ته مون کي به اُن جو ٻه چار ڀيرا يادگيرو ايندو آهي. پر هونئن مون کي اُن جو گهڻو ڇا، ڪو ٿورڙو به خيال نه رهندو آهي. بهرحال اوهان کان مليل لک لک مبارڪون ئي مون لاءِ گنج آهن. هِن ڄم جي ڏينهن سان آءٌ خيرن سان عمر جي اَٺهترئين سال ۾ پير پائيندس. شل وقت خير جو گذري، پنهنجي پيرين سيرين هججي، جيڪي پرائو سمجهن تن جي محتاجي ڪڏهن ڪڍڻي نه پوي.

اوهان جي گهر واريءَ، جنهن کي تصور ۾ آءٌ هميشه پنهنجي وڏيءَ ڌيءُ سمان سمجهندو آهيان، جي بيماريءَ نُگريءَ جو ٻڌي ڏک ٿيو، پر وري به خير سان صحتياب ٿيون، اِها خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

پنهنجي وڏي پٽ ميان غلام مرتضيٰ کي نوڪريءَ جون وري به مبارڪون ڏيندا. جڏهن آءٌ خيرپور ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر هوس ته انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جو هڪڙو ڪتابڙو ڇپائي سڄيءَ ڊويزن جي استادن کي موڪليو هوم. نالو هوس انگريزيءَ ۾

A word of advice to the Teacher on his entry in the Department

۽ سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪجهه هوس- ”اُستاد کي صلاح“ (وغيره)

اوهان ته اُهو ڪتابچو شايد پڙهيو هو. جي نه ته لکندا ته انگريزيءَ ۽ سنڌي ٻنهي ۾ ڇپيل هڪ هڪ ڪاپي اُن جي اوهان جي ۽ ميان غلام مرتضيٰ جي پڙهڻ لاءِ ڏياري موڪليان.

ٻيو سڀ خير- والسلام

اوهان جو پنهنجو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(91)

سکر

23-8-1992ع

سدائين خوش هجو شال.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو صاحب.

السلام عليڪم: احوال عرض ته توهان جو نوازش نامو ڪالهه صبح جو عين انهيءَ وقت مليو، جڏهن مان ٽيچرس روم ۾ عينڪ ڪيس مان عينڪ ڪڍي ٽائيم ٽيبل ۾ پنهنجا پيرڊ پئي ڏٺا ۽ عينڪ ڪيس مان اخبار جي ڪٽنگ نڪتي.جيڪا ڪالهه ڪتابن درست ڪندي هڪ ڪتاب مان نڪتي هئي ۽ في الوقت اها عينڪ ڪيس ۾ وجهي ڇڏي هيم. اها ڪٽنگ اردوءَ ۾ هئي ۽ ان جو عنوان هو.

”قيام پاڪستان کي بعد نقل مڪاني ڪسي باضابطه پروگرام ڪي تحت نهين هوئي تهي: ابراهيم جويو-“

توهان جو خط پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، جو توهان موٽ سان نوازيو آهي. اميد ته آئينده به نه وساريندا. توهان جيڪو ڪتاب تعليم کاتي ۾ گهڙڻ وارن نون استادن لاءِ لکيو هو انهيءَ جون ٻئي ڪاپيون سنڌي ۽ انگريزي مهرباني ڪري موڪلي ڏيندا ته شڪريو. مون اهو ڪتاب هن وقت تائين ڪونه پڙهيو آهي. اهو ڪتاب منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ سان گڏ منهنجي نياڻي صفيه به پڙهندي، جو سندس پڻ خيال آهي ته هوءَ هن سال ماستريءَ جي نوڪري وٺي. هن گذريل سال مئٽرڪ ”سي“ گريڊ ۾ پاس ڪئي هئي، ۽ هن سال 1992ع ۾ يارهين جماعت جوامتحان پڻ ڏنو آهي. منهنجو ٻيو نمبر پٽ غلام مجتبيٰ هن سال اٺين جماعت ۾ آيو آهي. دعا ڪريو ته خير سان امتحان پاس ڪري ڪنهن منزل تي پهچي.

ٻيو خير فقط توهان جي دعائن جي ضرورت آهي.

فقط توهان جو شاگرد

غلام علي چنا

*

 

(92)

سکر

5-9-1992ع

خوش هجو شال.

محترم محمد ابراهيم جويو صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته توهان جو خط مليو ڇپيل مواد نه رڳو پاڻ پڙهيم پر ٻين استادن کي به پڙهايم ۽ ان جون ويهارو کن فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڪرائڻ لاءِ پڻ پٽيوالي کي چيم ته جيئن مختلف اسڪولن جي دوستن لاءِ پڻ موڪليان، حقيقت ۾ ته ان کي D.E.O. يا ڊائريڪٽر صاحب وري ڇپارائي هر هڪ اسڪول ڏانهن هر استاد لاءِ موڪلي ڏئي ته تمام سٺو ٿئي.

اڳي سائين غلام مصطفيٰ شاهه به استادن لاءِ ”استاد“ ڪتاب لکيو هو ۽ ٻيو شاگردن لاءِ ”شاگرد“. توهان کي به ”شاگردن کي صلاح“ به لکڻ کپندو هو. اڄڪلهه شاگردن جا حال به تمام خراب ٿي ويا آهن. هنن ڪاپيءَ تي ڀاڙيو آهي، پڙهڻ ڇڏي ڏنو اٿن. استادن جي عزت ۽ احترام به وٽائن موڪلائي ويو آهي. ڪنهن مضمون جي فيئر ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهن. تمام گهڻا سهل پسند ٿي پيا آهن.

ڪتاب ”مٺ مٺ موتين جي“ هڪ دوست پڙهڻ لاءِ زبردستيءَ وٺي ويو آهي. ڳچ ڏينهن کان نظر نه آيو آهي. ان کان وٺي، پيش لفظ پڙهي، توهان ڏانهن ان بابت ڪجهه لکي موڪليندس.

ٻيو خير!

معاف ڪندا لکڻ ۾ تڪڙ ڪئي اٿم جو هاڻي پيرڊ لڳو آهي ۽ وڃي پيرڊ وٺندس.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(93)

سکر

21-11-1992ع

خوش هجو شال.

السلام عليڪم: عرض ته هي نيازنامو مان دل جي شعبي ديوان مشتاق سول اسپتال سکر مان لکي رهيو آهيان. هتي منهنجي گهر واري داخل آهي، جنهن کي چار ڏينهن گذري ويا آهن، جنهن سان گڏ سندس نگهبانيءَ لاءِ رهي پيو آهيان. کيس وري دل جو عارضو ٿي پيو آهي. ٻه مهينا اڳ ۾ به کيس دل جو عارضو ٿيو هو. وري هينئر به ٿيو اٿس. هن چار ڏينهن اڳ کٽ کڻي مٿي پئي ڪئي، ته سندس دل جو عارضو ٿيڻ شروع ٿيو. پوءِ غشيءَ ۾ اچي وئي، کيس ڪار ۾ کڻي سکر اسپتال ۾ داخل ڪيم، ڏاڍو خرچ اچي ويو آهي. اڳ به پنج هزار لڳا هئا. منهنجي حالت تمام سقيم ٿي وئي آهي. دوستن صلاح ڏني آهي ته سرڪار کان لون 10،000 وٺان جيڪو 36 پگهارن جي صورت ۾ ملندو آهي. ان لاءِ سڀاڻي پروفارما وٺي ڀريندس. ۽ پوءِ پنهنجي اسڪول جي ڊائريڪٽر محترم الهداد ٻُهيي، توهان جي دوست، کان فارورڊ ڪرائيندس، باقي ايڏانهن جي پارت اٿو. مهرباني فرمائي سيڪريٽري فنانس کان ڪم ڪرائي ڏيندا، هي ڪم ضرور به ڪرڻو اٿوَ. مون مسڪين تي هڪ دفعو وري مهرباني ڪرڻ فرمائيندا. مون اڳ توهان کي ڪنهن اهڙي ڪم لاءِ ڪونه ستايو آهي، بس هيءُ منهنجو آخري عرض آهي. خدارا مدد ڪندا. مان توهان جو احسانمند آهيان. اڳ به توهان جا مون تي گهڻا ٿورا آهن. جيڪي لاهي نه ٿو سگهان. دعا ڪندا ته منهنجي گهر واري خير خوبيءَ سان صحتياب ٿئي. آمين.

مون اڳ توهان ڏانهن خط لکيو هو، ان جو جواب به ڪونه ڏنو هُيُوَ. شايد توهين ناراض آهيو. مهرباني ڪري مون تي ناراض نه ٿيندا. مان توهان کي پنهنجي وڏي جي برابر سمجهان ٿو.تنهنڪري برابر ڪنهن غلط عرض ڪرڻ ۾ به ڪين ٿو گهٻرايان، ڇاڪاڻ ته وڏا ننڍن جي هر غلط برابر حجت يا لغزش برداشت ڪري ويندا آهن ۽ رهنمائي ڪندا آهن. مون کان ڪابه خطا ٿي هجي ته مهرباني ڪري معاف ڪندا.

هن وقت مان گورنمينٽ ڪامپريهنسو هاءِ اسڪول ۾ڪم ڪري رهيو آهيان. هيءُ اسڪول ڊئريڪٽر صاحب جي ڪنٽرول ۾ آهي، هن وقت اسان جو ڊئريڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب آهي. اڳيون ڊئريڪٽر صاحب الهداد بوزدار هو، جيڪو هاڻي تعليمي بورڊجو چيئرمن آهي.

ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا، منهنجي مذڪوره عرض تي غور ڪري منهنجي همدرديءَ لاءِ هاڪار ڪندا ته شڪريو.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(94)

حيدرآباد، سنڌ

30-9-1992ع

پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجو شال.

السلام عليڪم: اوهان جا ٻيئي خط مليا. ٻئي خط سان اوهان جا هائوس بلڊنگ قرض جي سلسلي وار ڪاغذ به مليا. اوهان جي ڊئريڪٽر تعليم جي آفيس مان اوهان جي درخواست کي "Out of turn" سڏي. تقريباً قبولجڻ کان وانجهي ڇڏيو اٿن- اِهو منهنجو خيال آهي. بهرحال، اوهان جا ڪاغذ، پنهنجي ذاتي خط ذريعي اڄ ڪراچيءَ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ دوست، ڊاڪٽر صاحب خان چني، ڊيپوٽي سيڪريٽري، تعليم، حڪومت سنڌ ڏانهن موڪلي ڇڏيا اٿم. آءٌ هوند اُهي پاڻ به کڻي اوڏانهن وڃان ها، پر منهنجي اکين جي آپريشن جوپروگرام اهڙواچي بيٺو، جو ائين ڪري نه سگهيس. ڊاڪٽر 2 آڪٽوبر 1992ع تي شام جو چئين بجي آپريشن جوڏينهن ۽ ٽائيم رکي ڇڏيو هو؛ ۽ ڪالهه صبح کان وٺي اکين کي آپريشن لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ هن جي چوڻ تي چئين چئين ڪلاڪ کان پوءِ ٻُڙا دوا جا اکين ۾ پوندا رهن ٿا. آپريشن ايڏي وڏي ڪانهي، پر ڏهه پندرنهن ڏينهن ته آپريشن ٿي وڃڻ کان پوءِ ضروري آرام ڪرڻو آهي، آپريشن پرائيويٽ ڪلينڪ ۾ ڪرائي، پوءِ اُنهيءَ ئي ڏينهن گهر اچي آرامي ٿيڻوآهي.اِن سلسلي ۾ اوهين ڪنهن به قسم جو ڪو اونو نه ڪندا، مڙيو ئي خير ٿيندو. پوريءَ حد امڪان جي اندر، جيڪا انسان جي وس ۾ آهي، اُن جي اِها صورت آهي. ڊاڪٽر به اهڙي خاطري ڏني آهي. هيءَ ڳالهه اوهان کي انهيءَ ڪري ٻڌائي رهيوآهيان، ته اوهان کي به پوري تسلي هجي. اوهان جي ڪم جي سلسلي ۾ مون کي پڪ آهي ته جو ڪجهه پاڻ کان اِن باري ۾ ٿي سگهي ٿو، سو ڪيو اٿئون- باقي اڄ جي دور جي سڀني ڪيفيتن کان اوهين پاڻ واقف آهيو. مون کي يقين آهي ته ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ اوهان کي پنهنجي درخواست جو جواب، هائو جو يا نه جو، ملي ويندو.

اوهان جي گهر واريءَ جي بيماريءَ جو پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو، قدرت طرفان سڻائي هوندي ته اولو ڪونه ٿيندو. اِن بيماريءَ ۾ کاڌي پيتي جو، دوا درمل جو ۽ گهربل آرام جو پورو خيال، ۽ منع ڪيل جسماني مشقت يا ڪم کان پوري پرهيز ڪرڻ لازم آهي. مون کي پاڻ کي اِن بيماريءَ جي هڪ صورت سان، جنهن کي Angina pectoris سڏين ٿا، گذريل ويهارو سالن کان، منهن ڏيڻوپيو پوي. هاڻي ته گذريل ٻن سالن کن کان دوائون روزانو کائڻيون پون ٿيون- باقاعدي، سواءِ ڪنهن ويلي وجهڻ جي، سو، مهرباني ڪري، اوهين به پنهنجي گهر واريءَ کي تاڪيد ڪندا ته پنهنجي صحت جو پورو پورو خيال ڪري، ان ۾ اوهين ۽ سڄي گهر جا ڀاتي هن کي تمام گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا.

اوهان جي قرض واري مسئلي بابت خيال ٿواچيم ته اوهين فوراً جيڪڏهن پنهنجي پراويڊنٽ فنڊ مان اهڙي درخواست ڪريو، ته آءٌ سمجهان ٿو اُهو ترت منظور ٿي سگهي ٿو. وري به اِتي پنهنجي کاتي وارن سان صلاح مصلحت ڪندا، ته جيئن اوهان کي فوري پيسن جي گهرج جي پورائيءَ جي اهڙي ڪا وڌيڪ آسان صورت نڪري اچي.

ٻيو سڀ خير آهي. پنهنجي ٻارڙن کي پيا چوندا،۽ پنهنجي گهر واريءَ کي دعائون چوندا.

اوهان جو خيرانديش

محمد ابراهيم جويو

*

 

(95)

چڪ

19-1-1993ع

خوش هجو شال.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو.

السلام عليڪم: احوال عرض ته هن کان اڳ به توهان ڏانهن خط لکيو هيم، اميد اٿم ته توهان کي موصول ٿيو هوندو. هن خط ذريعي توهان کي مطلع ڪرڻ گهران ٿو ته ٽيون ڏينهن اٽڪل ٻه بجي ڌاران منهنجي شريڪ حيات هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. ڪالهه کيس 30-11 بجي سپرد خاڪ ڪيو ويو، خدا شل مٿس فضل جي عنايت فرمائي ۽ جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي.

چوندا آهن، ”ننڍي مري نه ماءُ ٻڍي مري نه زال.“ هوءَ مون کان ان وقت جدا ٿي آهي جڏهن مان وڃان ٿو ڏينهون ڏينهن پوڙهو ٿيندو. هوءَ منهنجي هٿن ۾ سينگارجي ۽ کڄي اڳئين جهان وئي، منهنجو خبر نه آهي ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ چالاڻو ٿيندو ۽ آخر دم وقت ڪو ساٿ ڏيڻ واروهوندو يا نه! ۽ عاقبت جي ته ڪنهن کي ڪابه خبر نٿي پوي. منهنجي زال ٻه نياڻيون ۽ پنج پٽ ڇڏي وئي آهي، خدا شل انهن کي ساڃهه ڏئي ۽ پاڻ پنهنجون جوابداريون نڀائين ۽ پنهنجن هٿن ۾ سُرهو ڪري اڳتي اُماڻين.

منهنجي زال جي مون سان ڏاڍي محبت هئي، منهنجو تمام گهڻو خيال رکندي هئي. ٻارن کي به منهنجي خيال رکڻ جو تاڪيد ڪندي هئي. هوءَ مرداني هئي، منهنجي گهر ۾ رهڻ ۽ نه رهڻ سان ڪوبه فرق ڪونه پوندو هو. مان آزاد خيال ماڻهو آزاد پنڇيءَ وانگر پيو گهمندو ڦرندو هوس. هوءَ منهنجي خيالن کان پوريءَ طرح واقف هئي. نه صرف ايترو پر منهنجي ڪتابن وغيره کي به چڱيءَ طرح سڃاڻندي هئي، کيس جيڪو ڪتاب کڻي اچڻ لاءِ چوندوهوس، هوءَ آڻي ڏيندي هئي. وقت بوقت زور مروڙا به ڏيندي هئي. لٽو ڪپڙو وقت اندر ڌوئي ڏيڻ ۽ منهنجي هر ڏک سک جو خيال رکندي هئي.هوءَ مون کان به وڌيڪ صحت مند هوندي هئي. مان چوندو هوس ته شايد منهنجو موت هن جي هٿن ۾ ٿئي پر ڳالهه ابتي نڪتي. گذريل ڇهن مهينن کان سندس صحت ڊهي پئي ۽ جلدي ئي پوڻي پوندي وئي. کيس ٽي دفعا دل جو شاڪ آيو ۽ آخر چوٿين دفعي سان خدا کي پياري ٿي وئي. هن جي موت جو نه مون کي خيال خواب هو نه وري کيس ئي ڪا اون هئي. پر هڪڙي بندي من ۾ ٻي جا ڪري خدا! هوءَ بيوقت اجل جو شڪار ٿي ۽ مان بيوس رهجي ويس. آخري ڏينهن تي مان ساڻس ڪچهري به ڪري نه سگهيس. ڪهڙي خبر ته ائين هڪٻئي کان جدا ٿينداسون.

صبح جو کيس مارننگ ڪِس به نه ڪري ويس، جو سندس والده ڀرسان بيٺي هئي ۽ مون مٿاڇرو پريان ئي کيس چيو ته ”ڀلا هاڻي مان اسڪول وڃان،“ چيائين، ”ڀلي تون وڃ! هاڻي مان ٺيڪ آهيان.“ اهي لفظ هن مسڪرائي چيا ۽ مان بي پرواهه ٿي، سندس مرڪ جي پرواهه نه ڪري، تڪڙو تڪڙو نڪري هليو آيس.

اسڪول آيس، بلڪل بي فڪرو پنهنجو ڪم ڪيم، ۽ موڪل کان پوءِ اسپتال ويس ته مون کان اڳ ۾ ئي منهنجو سؤٽ پير بخش بيٺو هو، جيڪو سندس ڀاءُ به ٿئي. تنهن روئندي چيو ”سؤٽ، ڀيڻ مري وئي!“ منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي، ۽ ٽنگون وسامڻ لڳيون. اتي ئي ڪري پوان ها. بس وري به دل جهلي اندر ويس ۽ ڪمري ۾ وڃي ڏٺم ته هوءَ ابدي ننڊ ۾ ستل هئي. منهنجون رڙيون ۽ ڍاڍيون ڪرڻ اجايو هو. محبت جو اظهار هروڀرواهونه آهي ته پٺيان ويهي روئجي رڙجي. هوءَ جڏهن زنده هئي مون سندس خدمت ڪئي ۽ کيس هر ممڪن خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس ڀرپور پيار ڪيم، جيڪي وس پهتو سو ڪيم، ۽ اڃا به ڪوشش ڪندس- هن کي هاڻي خوش ڪرڻ آهي، سندس اولاد جنهن سان سندس پيار هو۽ جنهن کي هوءَ اعليٰ درجي تي ڏسڻ چاهيندي هئي، انهن جي خدمت ڪريان ۽ انهن کي سکي رکان ۽ انهن کي سٺي تعليم ڏياريان. مان سندس عدم موجودگيءَ ۾ توهان جي آڏو واعدو ٿو ڪريان ته مان سندس روح جي خوشيءَ خاطر سندس اولاد کي هر ممڪن خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندس، دعا ڪريو ته مان ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيان.

هاڻي مون تي جوابداريون وڌي ويون آهن- گهر جون،گهر ۾ نياڻين جون ۽ پٽن جون. مان هاڻي پنهنجي اولاد جو ڇڙو پيءُ نه پر ماءُ به ٿيس. خدا مون کي توفيق ڏئي ته مان اُهي جوابداريون نڀايان. پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي خوش رکان ۽ زندگيءَ ۾ ڪامياب رهان. هاڻي منهنجي زندگيءَ جو ٽيون باب شروع ٿيو.

چڱو وري آئنده.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(96)

سکر

9-11-1994ع

پيئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

غلام علي چنه

ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول

شڪارپور روڊ سکر.

*

 

(97)

Govt: Camp: H.S.

Sukkur,

14-5-1996

Dear Sir,

Hope this will find you in a happy mood.

Excuse me for not writing to you since so long. Actually, I was very busy. I got my elder daughter married this month. I am very happy that my son- in-law is a very good boy. He is F.A. pass. He is working in a cloth shop at 1500/= rupees per month. I am trying to get him a better job. But for it he has to wait for his chance. Pray for his better future.

I spent about 60,000/- rupees on the marriage of my daughter. Now a-days I am in a very bad need of money. I am going to take further tuitions. I already make 1000/- rupees from them. Still I need more. I intend to work for the Board of Intermediate, Sukkur, too. Mr. Allahdad Bozdar is its Chairman. I request you to send me a chit for him or phone him for me to issue me more papers for checking and engage me for preparing certificates too.

I hope you will give me your helping hand in this connection and not feel much irked at my ceaseless requests.

I would wait for your chit for the Chairman about offering me assignments as he may deem fit.

I shall see you one of these days during our ensuing vacation.

Thanks,

Yours Sincerely,

Ghulam Ali Channa

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org