(25)
15-6-1978ع
سائين!
توهان جو پريم پتر عين ان مهل موصول ٿيو، جڏهن آءٌ
”ڪُڪِڙَ جي قسمت جا مُنوءَ جو مقدر“ واري مضمون،
جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ لکيو هُيم، جي بيهڪ جي نشانين
کيٿوري گهڻي ترتيب ڏئي واندو ٿي ويٺس. پتر پڙهي
پورو ڪيم ۽ لڳس سوچ ۽ فڪر جي فوٽ پٽيءَ سان ڪٿ ڪرڻ
ته توهان کي منهنجي مطالعي، فڪر ۽ تصنيف و تاليف
جي ايتري ذوق ڏانهن ڏسندي، ڪيتري خوشي ٿي هوندي، ۽
اُن لاءِ مون سان ڪهڙي صلاح ڪئي ويندي. خير! ائين
سوچيندي، ويچاريندي، ننڊ جوگهيرٽ اچي ويم ۽ پوري
چئين بجي، معنيٰ بلڪل هاڻي،هي رقعو توهان جي خدمت
اقدس ۾ رقم ڪري رهيو آهيان. اميد ته موچاريءَ
مُوڊَ ۾ ملندُوَ.
ايڏانهن اچڻ جو ارادو هفتي ٻن لاءِ ملتوي ٿي ويو
آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڇوڪرا ”پهرئين سال“ جا
مليااٿم، جن کي شام جي پهر پڙهائڻو پوندو آهي.
جڏهن اچڻ جو ارادو ٿيم، ته توهان کي اڳواٽ مطلع
ڪندس.
زياده آداب
فقط غلام علي چنه
اسسٽنٽ ماستر، هاءِ اسڪول چڪ،
وايا گوسڙجي، ضلعو سکر
*
(26)
سکر
5-8-1978ع
سدا سلامت
محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو
محبت ڀرين سلامن کان پوءِ لجي ٿو ته اڄ وري ساڳيءَ
ريت سودي سلف وٺڻ لاءِ سکر اچڻو پيو. آگسٽ جي
پنجين آهي، ۽ گذريل مهيني جي به پنجين هئي، جنهن
تاريخ تي مون اوهان ڏانهن ناچيز نامو لکيو هو.
اِنهيءَ پوري مهيني جي مدي کانپوءِ وري هي خط
توهان جي خدمت ۾ عرض رکي رهيوآهيان. اميد ته سٺي
صحت ۽ موچاريءَ مُوڊ ۾ ملندُوَ.
سائين! توهان جا ڏنل ڪتاب پڙهيا اٿم. اهو ته اڳئين
خط ۾ به لکيو هُيُم. پر اُنهن جي لاءِ ڪجهه لکان،
اِن جي بجاءِ توهانکي روبرو اچي ڪجهه چوان ته
منهنجي سمجهه ۾وڌيڪ سٺو اُهو ٿيندو. ”فڪر جي
آزاديءَ“ کي پڙهڻ سان جيڪي ڳالهيون پسند آيون اٿم
۽ جيڪي دل سان ٺهڪي آيون. تن کي ته اَنڊر لائين
ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس. اِئين بلڪل صحيح آهي
ته ڪوبه انسان ڪنهن ٻئي انسان جي خيال ۽ ضمير تي
بندش وجهي نٿو سگهي. پر ڇا ڪجي، اهو جبر ئي آهي،
جو دنيا ۾ فساد ۽ دنگي جو سبب بڻيو آهي. انسان جي
انسانيت سچ ته تڏهن ئي ظاهر ٿيندي جڏهن کيس پنهنجي
مرضيءَ موجب سوچڻ جو موقعو ڏنو ويندو. مذهب جي آڙ
۾ ڪيترا ماڻهو ڀلائيءَ کان نڪري برائيءَ جي رستي
اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. ٻئي جي فڪر ۽ سوچ جي
پهچ تي ڪنٽرول ڪرڻ سان ڪيترا ئي جهڳڙا ٿين ٿا.
اڪثر هڪ عقيدي يا فڪر وارن ٻئي عقيدي ۽ فڪر وارن
کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهو اسان جي آڏو مثال
هلندو رهي ٿو. ڪاش! هو صحيح انساني همدرديءَ کي
پنهنجو عقيدو بنائين، ته کين به خوشي ۽ ٻين کي به
خوشي ميسر ٿئي. هڪ انسان سان انساني برتاءُ ڪندي
منهنجي دل کي ڪيڏي خوشي ٿيندي آهي! شل اُهو ڏينهن
اچي، جڏهن هر مڪتبَ فڪرَ وارو، انسانَ جي انسان
سان همدريءَ کي پنهنجو مذهب بنائي.
سائين! توهان جو ڏنل ”شاهه، سچل ۽ سامي“ به
پڙهيواٿم. توهان اِنهن عظيم انسانن کي جنهن فڪر
سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سچ پچ ته اُهڙا ئي هو
آهن. هو وقت جا فلاسافر هئا. هنن سنڌين ۾ قوميت
پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي. بيشڪ
توهان انهن جواونهو مطالعو ڪيو آهي. ويتر ڄام
چنوءَ جونالو پڙهي خوش ٿيس. ڇاڪاڻ ته هوهڪ عظيم
انسان هو. هن کي پنهنجي راڄ وارن سان بي حد همدردي
هئي. اهڙا انسان دنيا ۾ اڻلڀ آهن.اِهو ڪتاب لکي،
توهان اسان چنه ذات جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. اسين فخر
سان چئي سگهون ٿا ته اسان جا وڏا محبتي ۽ همدرد
هئا، انسانيت کي پسند ڪندڙ هئا ۽ عظيم انسان هئا.
ڪاش، اسين به اُنهن جيان انسانيت کي پسند ڪندڙ
ٿيون ۽ عظيم انسان بنجڻ لاءِ ڪوشان رهون. توهان
شاهه، سچل ۽ ساميءَ کي هڪ مسلڪ ۾ ملائي، عجيب
انڪشافَ ڪيا آهن. توهان انهن جي دور کي دهرائي،
حقيقت پيش ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪي خيال ته اهڙا به
آهن، جيڪي مان به دل ۾ آڻيندو هوس. سچ پچ ته جڏهن
مان پنهنجا سوچيل خيال ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهندو آهيان،
ته ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان. اُن وقت چوندو آهيان ته
”آءٌ به ڪجهه صحيح سوچي سگهان ٿو.“ پر پهريائين
اُهي خيال مون کي پڪ جهڙا نه لڳندا آهن، ڇاڪاڻ ته
آءءٌ ننڍي کان وٺي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا رهيو
آهيان.
منهنجي جذبي ۽ خيال کي مُهَڙَ کان وٺي مائٽن مروٽي
ڇڏيو آهي. تنهنڪري اهڙي ڳالهه نه ته لکي سگهندو
آهيان نه ڪنهن جي آڏو چئي سگهندو آهيان. ’مٺي به
ماٺ مُٺي به ماٺ‘. هاڻ جڏهن ته اهڙيءَ سمجهه وارا
نوجوان ٿورا يا گهڻا اِن منزل جي ڪڙيءَ تي ملن ٿا،
تڏهن اُنهن سان ٿورن لفظن ۾ دل جو غبارُ ڪڍي
سگهندو آهيان. دعا ڪريو ته زندگيءَ ۾ مون کي
منهنجي خيال وارا دوست ملندا رهن، ۽ اسان جو جذبو
۽ دماغي قوت زنده رهي. سائين! تعليم بابت ”ايملي“
به پڙهيواٿم. اُن ۾ به عاليشان اصول بيان ٿيل آهن،
جن تي عمل پيرا رهڻ سان عظيم شاگرد پيدا ٿيندا
رهندا، ليڪن اسان وٽ اهڙا موقعا به ته ميسر نه
آهن! اِن تي مون کي ڪي ڪاوڙيون ۽ ڪي رايا به آهن.
سائين! مينهن ۽ برساتين سبب جهوپڙي به ڊهي پَئي
آهي. ٺهرائڻ جي وسعت ڪين آهي. اوڌر وٺڻ جي ڪوشش
ڪيم، پر ان جي وٺڻ ۾ به گهڻي تڪليف آهي. تنهن ڪري
في الحال مَنَهُن ٺاهي ويٺو آهيان. آهستي آهستي
پيو ٺهرائبو. کاتي وارن ۾ ته ڪا اميد ڪانه آهي.
اُهي چون ٿا ته هٿئون ڪجهه ڏَئي وڃو! پروموشن جو
به اڃا ڪو پتو ڪونه اهي. مستقبل ۾ ڏسجي ته ڇا ٿو
ٿئي. چڱو موڪلاڻي. دعا ڪندا.
فقط
غلام علي چنه
*
(27)
حيدرآباد، سنڌ
28-8-1978ع
پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجو شال.
- اوهان جا ٽي خط مليا اٿم. اُنهن جي پڙهڻ سان
جيڪا دل کي خوشي پئي محسوس ٿي اٿم. اُها منهنجي دل
ئي ڄاڻي ٿي. آءٌ هي به ڄاڻان ٿو ته ٻين کي به اهڙن
قرب ڀرين خطن ۽ پيغامن ملڻ سان اوتري ئي خوشي
محسوس ٿيندي هوندي. سو جيڪڏهن ڪم از ڪم موٽ ۾ آءٌ
ڪنهن دل گهرئي ڀاءُ يا دوست عزيز ڏانهن خط نٿو
لکان يا بروقت نٿو لکان، ته هن کي ڪيڏو نه اوسيئڙو
ڪڍڻو پوندو هوندو ۽ ڪيڏيءَ نه خوشيءَ کان محروم
رهڻو پوندو هوندو! ڀيري ڀيري سان ڏاڍي پاڻ کي
ملامت ڪندو آهيان پر وري وري اُنهي پنهنجي فرض کان
غفلت جو گناههُ ٿي وڃيم ٿو ۽ ائين سدائين ٿيندو
رهيو آهي، ۽ ائين سواءِ پنهنجي پاڻ کي لوئڻ ۽
ملامت ڪندي رهڻ جي ٻيو ڪو رستو ڪفاري ادا ڪرڻ جو
مون وٽ باقي ڪونه ٿو رهي. پر اُن مان هڪ فائدو به
ٿئي ٿو، يعني هيءَ ته پنهنجا اُهي دوست ۽ قربدار
ڀائر ۽ عزيز هر وقت دل تي ياد رهن ٿا جن ڏانهن
ائين خطن جو قرض رهجي ٿو وڃي. ۽ ڇاڪاڻ ته هيءُ قرض
سدائين مون تي واجب رهي ٿو. اِنهيءَ ڪري اُنهن جي
يادگيري به دل ۾ سدائين قائم ۽ تازي رهي ٿي. ۽
ائين اُهي ۽ آءٌ سدائين گڏ رهون ٿا ۽ هڪ ٻئي کان
ڪڏهن ڌار نٿا ٿيون. بهرحال توڏانهن، جو آءٌ خط
ڪتابت جي سلسلي ۾ ايڏو غافل ۽ لاپرواهه ٿو رهان،
اُن لاءِ وري وري پڇتاءُ ظاهر ڪري، وري وري تو کان
معافي ٿو گهران. مهرباني ڪري منهنجي اِن ڪوتاهيءَ
کي درگذر ڪري ڇڏيندو ڪر.
پنهنجي سکر ۾ بدليءَ ۾ اُتي رهڻ وغيره جو فيصلو
جيڪو تو ڪيو اهي، سو مون کي تمام سٺو ۽ فائدي وارو
ٿو لڳي. اُن بابت مون کان ڇا ٿو ٿي سگهي، سو لکي
موڪل، ته اِئين ڪوشش ڪريان.
اڳئين ڀيري ڏيپلائي صاحب جي ”ساڻيهه ڊائيجسٽ“ ۾
منهنجي هڪ ڪتاب تي تنهنجو لکيل تبصرو شايع ٿيو هو،
۽ اُن رسالي جو اُهو پرچو توڏانهن موڪلارائي ڏنو
هوم، جو اميد ته تو کي مليو هوندو. هاڻي وري اُن
رسالي جي تازي پرچي ۾اهڙو ئي تنهنجو هڪڙو ٻئي ڪتاب
تي لکيل تبصرو شايع ڪيو اٿن.اڃا رسالي جو اهو پرچو
مارڪيٽ ۾ ڪونه آيو آهي، جيئن ئي پڌرو ڪيائون ته
اُن جي هڪ ڪاپي به توڏانهن موڪلارائڻ جو بندوبست
ڪندس.
”جنم قيدي“ ڪتاب جي هڪ ڪاپي توڏانهن ڏينهن ٻن ۾
موڪليندس. اُن سان گڏ سوسائٽيءَ جي تازي ڪتاب
”ڳالهيون من اندر جون“ جي به هڪ ڪاپي
موڪلارائيندس.
ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن جي آفيس ۾ ويجهو ٻيهر ڪونه
ويو آهيان. اميد ته اوهان کي پنهنجي پروموشن وغيره
بابت خبر چار، هائوڪاري يا ناڪاري، پنهنجي مُداوَ
تي ملي ويندي. اِن سلسلي ۾ ٻيو ڪري به ڇا ٿو
سگهجي.
وڌيڪ خير- والسلام
اميد ته اوهين پنهنجي سڄيءَ سنگت سان هر طرح خيريت
سان هوندا.
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(28)
حيدرآباد، سنڌ
14-10-1978ع
پيارا ڀاءُ غلام علي، شال خوش هجو.
- اوهان جا قربائتا خط وقت بوقت ملندا رهن ٿا.
ڏاڍي دل خوش ٿئي ٿي. تازو اوهان جوخط مليم، جنهن ۾
اوهان ”ساڻيهه ڊائجيسٽ“ جي ٻن پرچن جي پهچڻ جو
اطلاع ڏنو آهي. هنن پهريون پرچو اوهان ڏانهن اڳي
به موڪليو هو، جو افسوس اوهان کي ملي نه سگهيو.
سنڌي عوامي ڪتاب گهر وارن کان اوهان ڏانهن ”جنم
قيدي“ ۽ ”ڳالهيون من اندر جون“ ٻه ڪتاب به
موڪلارايا هئم. پر اُهي به اوهان کي نه پهچي سگهيا
آهن. اِن مان معلوم ٿئي ٿو ته اِتي اوهان وٽ ڪنهن
طرح اِهي ڪتاب وغيره ڪن ٻين هٿن ۾ اچي وڃن ٿا.
بهرحال، اسان وٽ ٽپال رستي ايندڙ ڪتابن۽ رسالن
وغيره جو ائين وچ ۾ چَهُو ٿي وڃڻ ڪجهه رواجي ڳالهه
بنجي ويئي آهي. اِن لاءِ آءٌ سمجهان ٿو ته اوهان
کي ٽپال جي ڪا ٻي ائڊريس ڏيڻي پوندي.
اميد ته اوهين ٻيءَ طرح بلڪل خوش چڱا ڀلا هوندا.
وڌيڪ خير- والسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(29)
41- اي، صحافي ڪالوني،
حيدرآباد، سنڌ
19-11-1979ع
محترم عزيز غلام علي، خوش هجو شال.
اوهان جو هن مهيني جي يارهين تاريخ جو لکيل خط ٻه
ڏينهن ٿيا ته مليو اٿم. اسان تلڪ چاڙهيءَ واري
جاءِ ڇڏي، سينٽرل جيل جي اولهه پاسي صحافي
ڪالونيءَ ۾ پنهنجو گهر ٺهرائي، اُن ۾ اچي رهيا
آهيون. اُن کي به سال کن ٿيو آهي. پاڻ ڪجهه وڌيڪ
عرصو. اوهان جو هيءُ خط ٽيون ڏينهن تلڪ چاڙهيءَ جي
ادبي بورڊ جي پريس ۾ ويس ته اُتي مليم.
اوهان جي مهربان ماءُ جي وفات جو پڙهي ڏاڍو ارمان
ٿيو. ماءُ جهڙِي وَٿُ ٻي ڪهڙي وَٿَ ٿي سگهي ٿي،
ماڻهوءَ لاءِ دنيا ۾؟ اوهان کي سندن وفات جيڪو
صدمو ڏنو هوندو، اُهو آءٌ به سمجهي ٿو سگهان. ڇو
ته مون به پنهنجي ماءُ جو ڪجهه پيار ڏٺو هو، ۽ مون
کان به منهنجي پياري ماءُ وڇڙيل آهي پر جيئن وقت
کي ڪوئي جهلي نٿو سگهي، تيئن موت به ڪنهن جي وس ۾
ڪونهي. هر ڪو هلڻ هارو، ڪو نه رهندو هتڙي! ۽ اِها
پنهنجا بيوسي ئي آهي جا ڪن اڻٽر حقيقتن کي تسليم
ڪرڻ تي ماڻهوءَ کي مجبور ڪري ٿي. شال اوهين پنهنجي
آل عيال سان سلامت هجو ۽ عافيت ۾ رهو. شال اوهين
پنهنجي زندگيءَ جي مقصد سان واڳيل رهو ۽ اُن جي
حاصلات لاءِ گهربل جدوجهد ۾ مصروف رهو.اوهان جي
مهربان ماءُ جا امنگ اِهي ئي هئا ۽ اُهي شال اوهان
جي من ۾ هميشه ترو تازه رهن ۽ پنهنجي عملي اظهار
ڏانهن مائل رهن. اِن صورت ۾ ئي اوهان جي ماءُ
مرهيات جي زندگي اوهان لاءِ سڦل ۽ امر رهڻي آهي ۽
رهندي.
اوهان جي ايم. ايڊ جي داخلا بابت انسٽيٽيوٽ آف
ايڊيوڪيشن جي ڊئريڪٽر، جناب ڊاڪٽر آرائينءَ، سان
ٽيليفون تي ڳالهايم. هن چيو ته ”سڄي چونڊ پوري ٿي
چڪي آهي، ۽ نالا چونڊيل شاگردن جا نوٽس بورڊ تي
هنيا ويا آهن. غلام علي چنه نالي سان ڪوبه اميدوار
انٽرويو تي به ڪونه آيل آهي. بهرحال جيڪڏهن اڃا به
سندن دلچسپي داخلا ۾آهي ته فوراً (ٻن ڏينهن اندر)
مون سان اچي ملي، ۽ مون کي پنهنجو ڪيس سمجهائي، ته
جيڪڏهن اسان جي پنهنجيءَ ڪنهن انتظامي ڪوتاهيءَ
سبب هو انٽرويو ۾ پهچي نه سگهيو آهي، ته مسئلي تي
ويچار ڪري سگهنداسين.“ سو جيڪڏهن اوهين اربع يا
خميس ڏينهن، سوير صبح جو هتي اچي سگهو، ته پاڻ
گڏجي ڊاڪٽر آرائينءَ سان ملي، ڳالهه سولي ڪرڻ جي
ڪوشش ڪنداسين. وقت سر، اڳي ئي، جيڪڏهن مون ڏانهن
ائين لکي موڪليو ها، ته هوند ائين اوهين داخلا کان
ڪونه رهجي وڃو ها. پر شايد مون، جواوهان ڏانهن ٻن
ٽن خطن جا جواب ڪونه موڪليا، سو اوهين به ڪاوڙجي
پيا يا ٿڪجي پيا، بهرحال صورت اِها آهي.
اوهان جي پروموشن جو ٻڌي ڏاڍي خوشيٿي، پرديس ۾
ڪجهه عرصو ڪمائي، موٽي پنهنجن پَٽن تي واپس وڃي
پهچندا. دوريءَ تي بدليءَ جو هِن حالت ۾ گهڻو خيال
نه ڪندا.
هيڏانهن اچو ته سڌو ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن جي آفيس
سان رستي جي ٻئي پاسي گورنمينٽ ڪاليج آف گرلس آهي،
اُن ڪاليج ۽ سينٽرل جيل جي ٻن ڀتين جي وچان جيڪو
رستو اتر طرف وڃي ٿو، سو وٺي، گرلس ڪاليج جي ڀت جت
پوري ٿئي. ان کان پواءِ صحافي ڪالوني
(Journalists' Colony) شروع ٿئي ٿي. اُن ساڳئي رستي تي سينٽرل جيل جي ملاقاتي گيٽ جي
سامهون منهنجو گهر آهي، جنهن جو مٿيون حصو اڃا ٺهي
پيو. اوهان کي ڳولڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي.
وڌيڪ خير- والسلام.
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(30)
41-اي، جرنلسٽ ڪالوني
حيدرآباد، سنڌ
4-1-1980ع
پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجو شال.
نئون سال مبارڪ هجيوَ!
اوهان جي پهرينءَ ڊسمبر 1979ع جي لکيل خط جي جواب
۾ عرض ته پهرين ته دير سان جواب ڏيڻ جي معافي ٿو
گهُران. اوهان کي ڏاڍو گهڻو انتظار ڪرڻوپيو. خط و
ڪتابت ۾ هيءَ بي خيالائي، پراڻي عادت آهي، ۽ اُها
ائين ئي پَئي دوستن وٽ ڏٺوڪري.
اوهان ڊيل ڪارنيگيءَ جي ڪتاب جي ترجمي بابت تفصيلي
احوال ڏنو آهي. اوهان جي وڏي مهرباني. انهيءَ ڪتاب
جوترجمو سنڌيءَ ۾ برابر هندستان ۾ ٿيل آهي، ۽ اُهو
اوهان وٽ موجود به آهي. برابر اُن جي سنڌي ڪافي
گهڻي هندِي گاڏڙ آهي. اِنهيءَ ڪري اوهين اِن جو
نئين سر سليس ۽ سهڻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندا ته
اِهو هڪ سٺو ۽ ڪارائتو ڪم ٿيندو. ترجمي لاءِ ڪنهن
کان به ڪا اجازت وٺڻي ڪانه آهي، ۽ اُن ۾ ڪنهن کي
به ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو. وڌيڪ مشڪل مسئلو ڪتاب جي
ڇپائڻ جو آهي. پر اُهو به شايد ڪجهه آسانيءَ سان
حل ٿي وڃي. ڇو ته اِنهيءَ ڪتاب جي ڇاپڻ لاءِ شايد
تجارتي ڪتب فروش به تيار ٿي ويندا. پر اِن لاءِ
اُنهن مان ٻن چئن کي ملڻو پوندو. بهرحال اِنهيءَ
فڪر (ڳڻتيءَ) ۾ اوهين حال في الحال نه پئو. ڪتاب
جي ترجمي جو ڪم خير سان دل لائي، پنهنجيءَ پوري
لياقت سان، مڪمل ڪيو. پوءِ اُن جي اشاعت جي ڳالهه
کي ڏٺو ويندو. اِها ڳالهه البته صاف ڪري ڇڏيان ته
اسان جي سوسائٽي اهو ڪتاب شايع ڪونه ڪندي. آءٌ
اوهان کي اِن جي اشاعت لاءِ ڪونه ڪو ڪتب فروش يا
پبلشر هٿ ڪري ڏيندس. بشرطيڪ ترجمو اُن معيار جو
هوندو (۽ مون کي پڪ آهي ته اوهين پنهنجي ڪم ۾ ضرور
ترجمي جو اوچو معيار قائم ڪري سگهندا).
ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ جي نالي بابت اوهان جي تجربن
جي ڳالهه پڙهي عجب نه ٿيم،پر اوهين اِنهن پنهنجن
دوستن کي چئي ٿي سگهيا ته هيءَ فڪر جي آزاديءَ جي
ڳالهه آهي ۽ فڪر کان آزاديءَ جي. بهرحال اهڙو
مغالطو ”فڪر جي آزديءَ“ جي اصطلاح مان برابر ٿي
سگهي ٿو- ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ”فڪر“ جون ٻه ٽي
معنائون آهن. هڪڙي اُن جي معنيٰ ”ڳڻتي ۽ ڳارو“ به
آهي. درحقيقت اُن معنيٰ ۾ به هن ڪتاب جي پڙهندڙن
جي ڳڻتي رفع ٿي سگهي ٿي. ڇو ته سندن ڳڻتين جو سبب
ئي اِهو آهي، جي هو آزاديءَ سان سوچي نٿا سگهن، ۽
سندن زندگيءَ ۾ سواءِ پنهنجي ذات جي، عام ڀلائيءَ
يا عام ڏک سک جو فڪر يا خيال ڪونهي. هِن ڪتاب جي
پڙهڻ سان هُنن کان پنهنجو ذاتي ڏک ۽ فڪر وسري
ويندو ۽ اُن جي جاءِ تي عام ڏک ۽ فڪر جو خيال سندن
دل ۾ اچي جاءِ وٺندو. انفرادي طور، ڳڻتيءَ ڳاري
کان ڇٽڻ جو اِن کان وڌ ڪامياب طريقو ٻيو آهي ئي
ڪونه- يعني پاڻ کان وڌيڪ ٻين جوخيال، ۽ زندگيءَ جي
ڪنهن اعليٰ مقصد سان وابستگيءَ ۽ اُن لاءِ پنهنجي
وس آهر عمل جي ڪوشش.
اميد ته اوهين هر طرح خيريت سان هوندا.
وڌيڪ خير- والسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(31)
9-7-1980ع
سائين، منصور پبليڪيشن جو پنجون ڪتاب ”سامائي تان
سک ويا“ جي سِري سان پڙهي پورو ڪيو اٿم. هيءُ ڪتاب
ڀيڻ نيلوفر مظفر ميمڻ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي،
جنهن ۾ تيرهن ڪهاڻيون ڏنل آهن.
ڪتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هر هڪ ڪهاڻي پنهنجيءَجاءِ
تي هڪ اعليٰ حيثيت ٿي رکي. هر هڪ ڪهاڻي ڏک۽ الم
سان ڀريل، مجبورين ۽ لاچارين سان پُر آهي. ڪا اهڙي
ڪهاڻي نه آهي، جنهن کي پڙهي پوري ڪرڻ کان اک آلي
نٿي ٿئي، ۽ نڪ مان پاڻي نٿو وهي، يا دل مان ٿڌي
آهه نٿي اڀري. سڀئي ڪهاڻيون معاشري تي بهترين هِٽِ
۽ تنقيد آهن. هر ڪهاڻيءَ جي هر ڪيفيت حقيقت مطابق
آهي. هر ڪهاڻي حقيقت جي ويجهو ئي نه بلڪ پاڻ هڪ
حقيقت آهي. اِهوئي سبب آهي، جو ڪتاب بي حد دلچسپ
آهي ۽ سڄو ڪتاب پڙهي پوري ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو
سگهجي.
هر ڪهاڻيءَ جو پلاٽ سادو ۽ پُرڪشش آهي. ڪهاڻيءَ جي
هر واقعي کي بهترين نموني ۾ ۽ عاليشان پيرائي ۾
بيان ڪيو ويو آهي. لا جواب منظر ڪشي آهي ۽ ڪهاڻيءَ
جي هر پهلوءَ جو غور ۽ ويچار سان جائزو ورتوويو
آهي. هر ڪهاڻي ضروري جزن ۽ عنصرن سان جَڙيل آهي.
اِن مان ڪجهه جملا ڪڍي ڇڏڻ ناممڪن ٿا لڳن، منجهن
ڪابه غير ضروري ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي.
هر ڪهاڻيءَ ۾ نت نون خيالن ۽ جذبن جو اظهار ٿيل
آهي. منجهن ورجاءُ اصل ڪونه ٿو نظر اچي. هر
ڪهاڻيءَ ۾ پر معنيٰ الفاظ ۽ مهلائتا لفظ استعمال
ٿيل آهن. ٿورن لفظن مان گهڻو مطلب حاصل ٿئي ٿو. هر
لفظ ڪردارن جي شخصيت آهر ۽ ماحول پٽاندر ڪتب آيل
آهي.
هر ڪهاڻيءَ جي ڪردارن کي حقيقي زندگيءَ جون
جيئريون جاڳنديون ۽ چٽيون تصويرون ڪري ظاهر ڪيو
ويو آهي.ڪردارن جون خصوصيتون ۽ عادتون، سندن گفتار
جي طريقي وسيلي اهڙي نموني ظاهر ڪيون ويون آهن، جو
ڪردارن جي شخصيت ذهن ۾ گهر ڪري وڃي ٿي ۽ وسري نه
ٿي سگهي.
هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جوتعداد مناسب آهي.ڪهاڻيءَ ۾
گهڻا ڪردار پيش ڪري، مونجهارو۽ ڪنهن قسم جي
پيچيدگي پيدا ڪين ڪئي وئي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن
جي ذهني، نفسياتي ۽ ٻين ڪيفيتن جو پورو پورو جائزو
ورتو ويو آهي.
هر ڪهاڻي، ۾ اهڙي فضا پيدا ڪئي وئي آهي، جو ڪهاڻي
پوري ڪرڻ کانپوءِ مُک ڪردارن سان همدردي ڪرڻ لاءِ
دل اڌما کائي ٿي يا اُنهن لاءِ ڌڪار ٿي پيد اٿئي.
ايترين خوبين هوندي به ٻه ڳالهيون جيڪي منهنجي ذهن
تي آيون آهن، سي منهنجي خيال موجب نه هجڻ گهرجن
ها.
هڪَ ته پهرينءَ ڪهاڻي، ”۽ چنڊ اجهامي ويو“، ۾
ڊاڪٽر صفدر جو نجمه ۽ سليم سان حد کان وڌيڪ بي
تڪلف ۽ فري ٿيڻ نه کپندو هو.هو ٻئي به ڊاڪٽر سان
ايترا بي تڪلف ۽ آزاد آهن، جو لڳي ٿو ته هو ڊاڪٽر
جا صفيه کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڇاڙتا ڇڏيل آهن.
صفحي 13 تي نجمه صفيه کي چوي ٿي ته ”تون صفدر جي
گهر وڃ!“ ۽ اڳتي صفحي 14 تي نجمه ڊاڪٽر کي ٿي چوي
ته ”تون پاڻ ڇو نٿو مڪسچر کڻي اچين!“ اِن مان
معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر ڪو ڪمپائونڊر آهي، نه
ڊاڪٽر، يا هو ڪو سندن پاڙي جو هڪ ٺڙڪو ڊاڪٽر آهي!
ٻيو ته صفحي 18 تي ٻئي فقري ۾ هڪ جملو آهي جنهن ۾
رضيه جو نالو اچي ٿو.حالانڪه رضيه جي نالي نجمه جي
گهر ۾ ڪوبه ڪردار ڪونهي. شايد رقيه جي بجاءِ رضيه
لکجي ويو آهي، پر افسوس جو ڪتاب ۾ ڀُل نامو به ڏنل
نه آهي!
بهرحال ڪتاب هڪ بهترين ڪاوش آهي، ۽ اميد ٿا ڪريون
ته ڀيڻ نيلوفر مستقبل قريب ۾ اعليٰ درجي جي
ڪهاڻيڪار ثابت ٿيندي.
غلام علي چنه
*
(32)
هاءِ اسڪول گهارو، ٺٽو.
15-3-1981ع
دائم اقبال
مڪرم و محترم محمد ابراهيم صاحب
بعد گهڻن سلامن جي عرض ته توهان جو ڪارڊ عين
انهيءَ مهل مليو، جڏهن آءٌ ڪلاس کان نڪري ٽيچرس
روم ۾ اڪيلو اهو سوچي ويٺو هوس ته توهان ڏانهن
ڀاءُ مظفر عليءَ جي ائڊريس تي خط لکان ۽ کانئس
پڇان ته توهين ڪٿي ٻاهر ته نه ويل آهيو، جو ٽن چئن
خطن مان هڪ خط جو جواب ڪونه مليو آهي. پر جڏهن
توهان جو ڪارڊ مليو ته سڀ خيال لهي ويا. توهان جي
مهرباني اميد ته آئنده به اهڙي يادگيريءَ کان نه
وساريندا.
توهين سکر ويل هئا، ان ڪري خط جو جواب ڄاڻي واڻي
دير سان ڏنواٿم. توهان لکيو آهي ته آءٌ پنهنجي
واري جو انتظار ڪريان، جڏهن واروآيو ته پنهنجي
ضلعي ڏانهن بدلي ڪيوويندس. آءٌ انتظار ۾آهيان، مون
کي به ڪن دوستن جي ذريعي پتوپيو آهي ته هو واري
سان بدليون پيا ڪن. اُنهن وٽ ويٽنگ لسٽ رکي آهي.
اُن تحت هر هڪ کي پنهنجي ضلعي ڏانهن اماڻي رهيا
آهن.هڪ دوست وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو نمبر 2 آهي. هڪ
ڄڻو مون کان اڳي آهي. اميد ته وئڪيشن تائين بدلي
ٿي ويندي. توهان لکيو آهي ته 15 کان پوءِ توهان
ڏانهن اچان. پر مان مجبور آهيان، جو هتي امتحان
شروع آهن. اِن ڪري ڪيڏانهن نڪري ڪونه ٿو سگهان.
هيڊ ماستر صاحب ڇڏي ڪونه سگهندو. اميد ته اپريل ۾
توهان وٽ حاضر ٿيندس ۽ اهو به مشورو وٺندس ته
وئڪيشن ۾ ڪو ڪم ڪريان ته جيئن معاشي لحاظ کان پاڻ
ڀرو ٿي وڃان. ڪو ڪم منهنجي ڪرڻ جهڙوهجي ته نظر ۾
رکند.ا
ڪتابن پڙهڻ جي اڪنڍ ڏاڍي اٿم، پر ساڳي لاچاري آهي،
دل ۾ ٿواچيم ته اچي توهان وٽان ڪي کڻي وڃان. ڀلا،
جي ٽڪليون موڪلي ڏيان! جيڪڏهن بوڪ پوسٽ ڪري موڪليو
ته واهه واهه!
منهنجون مصروفيات هيٺينءَ ريت آهن:
صبح جوسوير اٿي، ماني کائي، تياري ڪري اسڪول ويندو
آهيان. اڍائي بجي موڪل ملندي اهي، ٽين بجي گهر
پهچندو آهيان. ماني کائي، ساڍي ٽين بجي پاڙي وارن
ٻن ڇوڪرن کي پڙهائيندو آهيان. ساڍي چئين بجي واندو
ٿي، گهاري شهر ۾ هڪ ڇوڪر کي ٽيوشن ڏيڻ لاءِ ويندو
آهيان. ڇهين بجي اُتان فارغ ٿي، ٻئي هڪ گهر ۾ هڪ
ڇوڪر کي پاڙهڻ ويندو آهيان. پوءِ اٺين بجي واندو
ٿي، گهر پمپ هائوس ڪالونيءَ ۾ ايندو آهيان. نائين
بجي تائين ماني وغيره کائي، ٿورو سارو ڪنهن ڪتاب
کي ڏسي، سمهي پوندو آهيان.
اهڙيءَ طرح هر ڪو ڏينهنُ ٿو گذري. جمعي جي ڏينهن
موڪل ٿيندي آهي، ته ڪاٺين کي ويندو آهيان، جو هفتي
تائين هڪ ڀَرِي هلندي آهي. جمعي جي شام جو اڪثر
جُوٽ مل تي ويندو آهيان، جو اُتي هڪ اڌ دوست آهن.
اُهي فوٽ بال جا رانديگر آهن، انهن جي راند ڏسڻ
ويندو آهيان. گهاري شهر ۾ اهڙيون وندرائيندڙ شيون
يا گهمڻ جهڙيون جايون ڪونه آهن.
ٻيو ڪو خاص احوال ڪونه آهي، زياده آداب
فقط
غلام علي چنه
*
(33)
41- اي، صهافي ڪالوني،
حيدرآباد، سنڌ
15- 4- 1981ع
عزيزڀاءُ غلام علي،
بعد گهڻن سلامن جي احوال عرض ته اوهان جو ڪاغذ ٻه
ٽي ڏينهن ٿيا ته مليم، اوهان جي ڊئريڪٽر تعليم جي
آفيس مان معلوم ٿيو ته اوهان جي بدليءَ جا آرڊر
نڪري چڪا آهن ۽ اهي سکر ۽ ٺٽي جي ڊسٽرڪسٽ
ايڊيوڪيشن آفيسرن ڏانهن وڃي به چڪا آهن. ائين
برابر آهي ته جسيسين سکر جو ڊي-اي-او اوهان جي
پوسٽنگ جا آرڊر نه ڪڍندو ۽ اهي اوهان جي ٺٽي جي
ڊي-اي-او صاحب وٽ نه پهچندا، تيسين اوهان اتان
گهاري مان بيدخل يا فارغ نه ٿي سگهندا.
ان سلسلي ۾ مون ڪالهه اوهان جي سکر ضلعي جي
ڊي-اي-او، مسٽر الهداد بوزدار، سان ٽيليفون تي
ڳالهايو ۽ اوهان لاءِ منٿ به ڪئيمانس ته اوهان کي
سهولت واي ڪنهن هنڌ تي پوسٽ ڪري، ۽ اوهان جي
پوسٽنگ جا آرڊر ترت جاري ڪري، مون ٻڌايو مانِ ته
اوهين پهريائين چڪ جي اسڪول ۾ هئا، وغيره. ڊئريڪٽر
جا ڏانهُنِ ۾ اماڻيل اوهان جي ضلعي بدل جا آرڊر
اُتي سکر ۾ پهچي چڪا آهن. بوزدار صاحب مون سان
وعدو ڪيو ته هو اسان جي منٿ ٿي پوريءَ طرح غو
ڪندو. مڙيوئي ڳالهه آهستي آهستي ٺيڪ ٿي ويندي.
اوهين وڏي حوصلي ۽ همت جا صاحب آهيو، ڏک ۽ ڏولاوا
اچن ٿا ته انهن کي منهن به ڏيڻو پوي ٿو.
اوهان جي خير سلامتيءَ لاءِ آءٌ سدائين دعاگو
آهيان.
وڌيڪ خير- والسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(34)
حيدرآباد، سنڌ
13-5-1981ع
عزيز غلام علي، خوش هجو شال:
- اوهان جا ٻيئي لفافا مليا اٿم. اوهان جي سهولت
واريءَ جاءِ تي پوسٽنگ جو ٻڌي، خوشي ٿي. اوهان کي
اِتان ڇهينءَ جونِ کان اڳ بيدخل ڪندا، ته جيئن
وئڪيشن شروع ٿيڻ کان اڳ وڃي پنهنجي ضلعي ۾ دخلڪار
ٿيو. هي اوهان جي فائدي جون دستوري ڳالهيون آهن.
ڪي صاحب ڪهڙا، ڪي صاحب ڪهڙا، پر صبر ۽ حوصلي کان
جيئن اوهين ڪم وٺڻ تي هريل آهيو، تيئن هاڻي به
اِهي پندرنهن ويهه ڏينهن ڏکيا سکيا گذري ويندا.
هتي مون اوهان جي ڊپٽي ڊئريڪٽر سان ڳالهايو آهي.
هُن صاحب اڳي ئي اوهان جي صاحب سچل شاهه سان
ڳالهائي ڇڏيو هو ۽ هن کان اِهو مڃارايو هئائين ته
وئڪيشن کان اڳ هو اوهان سڀني کان اِتان بيدخل
ڪندا. وري به منهنجي آڏو هُن ٺٽي جي اوهان جي صاحب
جي آفيس کي ٽيليفون ڪيو، پر سچل شاهه اُن مهل ڪونه
هو،۽ ٻئي ڪنهن صاحب کي، عبدالواحد ميمڻ ڪو هو،
چيائين ته اوهان کي ٽينءَ يا چوٿينءَ جون جي اِتان
بيدخل ڪن. خاطري ڪندا- هاڻي اوهين پنهنجي ضلعي ۾
پهتا ويٺا آهيو.
وڌيڪ خير- والسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(35)
صحافي ڪالوني،
حيدرآباد، سنڌ
18-6-1981ع
پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجو شال.
- اوهان جو پهرئين ڪارڊ ۽ پوءِ لفافو مليا اٿم.
اوهان جي ائڊريس ڊئريڪٽوريٽ ۾ درست ڪرائي ڇڏيندس،
خاطري ڪندا. لفافي ۾ اوهان جيڪا سڄي آکاڻي لکي
موڪلي آهي، سا خود به ڏاڍي ڪارائتي آهي. انهيءَ
مون واري ڪتاب ۾ به ساڳئي نالي واري جيڪا لوڪ
ڪهاڻي (نئين سِر ٻُڌايل) اوهين پڙهندا، ۽ اُها به
لڳ ڀڳ ساڳي اهي. بهرحال، اُها، توڙي ڪتاب ۾ ڏنل
ٻيو سمورو مواد پڙهي، خيال سان ۽ چاهه سان، پوءِ
پنهنجي ردعمل طور دل ۾ آيل خيال ساري جا سارا لکي
موڪليندا.
اوهان لاءِ هڪڙو ٽيبل فئن مون هٿ ڪري ڇڏيو آهي. ڪو
هٿيڪو ماڻهو ايڏانهن اچڻ وارو هوندو، يعني سکر
تائين به، ته اُن جي هٿان اوهان ڏانهن ڏياري
موڪليندس ۽ پوءِ اوهان کي اطلاع ڪندس ته هن کان
اوهين اُتان، يعني سکر مان، وڃي کڻندا، پر اوهان
جو ڪو ماڻهو هيڏانهن اچڻو هجي ته اُن کي چوندا ته
هتان مون وٽان هٿوهٿ کڻي اوهان تائين پهچائي.
اميد ته اوهان ڏانهن هر طرح خيريت هوندي. پيار
پنهنجي ٻارڙن کي چوندا.
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(36)
چڪ
2-7-1981ع
دائم اقبال
محترم مڪرم جناب محمد ابراهيم جويو
السلام عليڪم:
گذارش عرض ته ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ جي ٽين قسط توهان
جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو، جيئن جيئن جيترو وقت ملي
ٿو. تيئن لکان ٿو. اسپيڊ گهٽ هئڻ جي معافي ٿو
وٺان. ڇاڪاڻ ته وقت سان گڏ گهر ۾ ويهي پڙهڻ جون
سهولتون به گهٽ آهن. تنهن ڪري رات جي وقت جيڪو
اڪيلو وقت ملي ٿو، تنهن ۾ ويهي لکان ٿو. هِن سان
گڏ پنهنجا ڪچا ڦِڪا خيال به اِرسال ڪيان ٿو.
هن کان اڳ به هڪڙو مذڪور ”ڪڪڙ جي قسمت“ ۽ ”مٺوءَ
جو مقدر“ ۽ ٻيو ”ڪرامات ڪلام ڀِٽائي“ موڪليو
هُيُم. اُن تي به پنهنجي خيال آرائي ڪانه ڪئي
هُيَو. مهرباني ڪري غلطين کان آگاهه ڪندا ۽ ڀلائي
ڪري لکندا ته اُنهن ۾ ڪهڙيون خاميون آهن. مون کي
توهان کان شڪايتون آهن ته توهين مون کي پنهنجي
غلطين کان واقف نٿا ڪريو. آءٌ اِن تي ڏاڍو خوش
ٿيندس جيڪڏهن توهين مون تي تنقيد ڪندا ۽ غلطين کان
واقف ڪري منهنجو سڌارو ڪندا.
مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته ڪيئن پاڻ ۾ ادبي خوبيون
پيدا ڪريان. آءٌ اوهان جي نقش قدم تي هلڻ گهران ٿو
۽ هڪ دفعو ادبي تاريخ ۾ پنهنجي نالي روشن ڪرڻ جي
خواهش رکان ٿو.
زياده آداب
فقط
غلام علي چنه
*
(37)
41- اي، صحافي ڪالوني،
حيدرآباد، سنڌ
13-7-1981ع
پيارا غلام علي، خوش هجو شال.
اوهان جا قرب ڀريا خط ملندا رهن ٿا. ڪتاب ”ماڻهوءَ
جو ڀاڳ“ بابت يا ڪنهن به ٻئي ڪتاب بابت، ايتري
تفصيل ۾وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، جو اوهين اُن جي هر
هڪ مضمون ۽ عنوان تي پنهنجو ايترو وقت صرف ڪريو.
پنهنجي مجموعي تاثر جو اظهار ڪرڻ اهڙين صورتن ۾
ڪافي ٿئي ٿو.
اوهان جو افسانو ”خواب“ پڙهيم. ڏاڍو متاثر ٿيس.
اوهان ۾ لکڻ جي ڏات آهي. مون کي پڪ آهي ته اِئين
مشق ڪندي رهڻ سان اوهين ادب جي ميدان ۾ ڪافي ڪجهه
پنهنجون رچنائون اسان کي ڏيئي سگهو ٿا. هيءُ
افسانو ڪنهن رسالي کي ڇپڻ لاءِ ڏيندس. ”گل ڦل“
لاءِ اوهان جيڪو ”ڊائلاگ“ موڪليوآهي، اُهو به
اُنهن کي ڏيندس. اوهان جو موڪليل مواد ”ڪڪڙ جي
قسمت“ ۽ ”مٺوءَ جو مقدر“ مون کي نه مليو آهي. ڪٿي
رستي تي شايد هيٺ مٿي ٿي ويل ٿو ڀائنجي. اِنهيءَ
ڪري جڏهن به ڪو اهڙو ادبي مواد موڪليو ته اُن جو
نقل پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا ڪريو.
وڌيڪ خير- والسلام
پيار پنهنجن ٻارڙن سڀني کي ۽ پنهنجن يارن دوستن کي
چوندا.
اوهان جو پنهنجو
محمد ابراهيم جويو
*
(38)
چڪ
15-7-1981ع
سدا سلامت
مڪرم و محترم محمد ابراهيم جويو
السلام عليڪم: عرض ته توهان جو موڪليل ڪارڊ اڄ
موصول ٿيو. پڙهي دل خوش ٿي. مون کي قوي اميد آهي
ته مون کي ادبي ميدان ۾ اڳڀري ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندا.
حال ۾ ٻيون به لکڻيون موڪليان ٿو. انهن تي پڻ غور
فرمائي رهبري ڪندا. هڪ آزاد نظم آهي، يا تاثر کڻي
چئجيس، جيڪو ”سهڻي“ رسالي جي ٽائيٽل تي ڏنل تصوير
جو آهي، جنهن ۾ هڪ وڻ، وڻ ويڙهيءَ ۾ ويڙهيل، هو-
اُن کان متاثر ٿي لکيم. نظم ڪيتري قدر صحيح آهي.
مون کي خبر نه آهي. اُن سان گڏ هڪ ٻي لکڻي ”دعا
خير جي“ جي عنوان سان لکي اٿم، اُها به پڙهندا.
”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ ڪتابُ هڪ دوست هڪ ڏينهن جي پڙهڻ
لاءِ کڻي ويو ته وري ڪونه آيو آهي. شايد ڪٿي ٻئي
پاسي ويل آهي. تنهنڪري وڌيڪ ان بابت لکي ڪونه
سگهيو آهيان.
زياده آداب
فقط
غلام علي چنه
عبدالحميد چنه، ڪلارڪ، بورڊ آفيس، سکر، سان ملي
ڪونه سگهيو آهيان. اميد ته جلدئي ساڻس ملاقات
ڪندس. معاف ڪندا.
(غ.ع.چ)
*
(39)
چڪ
22-8-1981ع
سدا سلامت
محترمي محمد ابراهيم جويو،
السلام عليڪم: احوال عرض ته اسڪول کلي چڪا آهن.
آءٌ پنهنجا فرائض پنهنجي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾
سرانجام ڏئي رهيو آهيان. دعا ڪندا ته خير جو وقت
گذرندو رهي.
”خواب يا خواهش“ کان پوءِ ”دعا خير جي“، ”ڪڪڙ جي
قسمت يا مٺوءَ جو مقدر“، ”عجيب اضطراب“، ”چڱا لڇڻ“
ان کان علاوه ٻه آزاد نظم ”ماءُ“ ۽ ”سنڌ“ لکي
موڪليا هُئم، اميد ته توهان کي موصول ٿيا هوندا.
اُنهن بابت پنهنجو رايو لکندا. مهرباني.
آءٌ گهاري هاءِ اسڪول ۾ هوس، تڏهن نائين ڏهين
جماعت جا امتحان ٿيا هئا، اسان جي اسڪول لاءِ
سينٽر هاءِ اسڪول ٺٽو هو.منهنجي ٺٽي سينٽر ۾ بطور
اَنوجيليٽَرَ ڊيوٽي لڳي هئي. ڪل نَوَ ڊيوٽيون ڪيون
هُيُم. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اُن جا پئسا
اڃا ڪونه مليا آهن، جيڪي ڪُل -/81 ٿيندا. مون هيڊ
ماستر هاءِ اسڪول ٺٽي کي به لکيو آهي، پر جواب نه
آيو. ڏينهن ٻه ٿيا ته بورڊ حيدرآباد، کي به لکيو
اٿم. اُنهن به جواب ڪونه ڏنو آهي. اِن لاءِ ڇا
ڪجي؟ صلاح ڏيندا!
هيٺين جملن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ لکندا ته شڪريو!
He wished to have achieved success.
He appeared to have been ill.
فقط
غلام علي چنه
*
(40)
چڪ
22-10-1981ع
جيڪُس نِٻَرُ نينهُن سندوم، جيئن مُون اُڀي، هُن
ٿيلئو.
لاهيان جي نه چِتاءِ، اَلا! اُنِ مَ وِسران!
مَڙِهئو مَنجهاراءِ، جيءُ مُهِجو جَن سين.
چتاءِ جي نه چُرَنِ، الا! اُنِ مَ وِسران،
مرن مَنُ اهي تَنِ، مَڙهئو مَنجهارا هِيين.
غلام علي چنه
*
(41)
حيدرآباد، سنڌ
24-10-1981ع
پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجو شال.
اوهان جا ڪيئي خط ۽ مضمون مليا آهن. رواجي طرح
ڪوبه خط ٽپال ۾ ضايع ڪونه ٿو ٿئي. هن زيانخور
زماني ۾ ٽپال
جي هيءَ تُز ڪارڪردگي سچ پچ ته آفرين جوڳي ۽ قدر
لائق آهي. جواب ڏيڻ ۾ مون
کان
سا دير ۽ لاپرواهي سرزد ٿي وڃي ٿي ۽ اُن منهنجي
ڪمزوريءَ کان ته اوهين واقف ئي آهيو. اِن لاءِ
ملامت به پاڻ کي گهڻي ڪجهه ڪندو رهندو آهيان. پر
عادت ماڻهو کان الائي ڪيترا زيان ۽ نقصان
ڪرائي
ٿي ڇڏي. اميد ته هميشه وانگر منهنجي اِن ضعف کي
نظرانداز ڪندو رهندين.
اوهان جا سڀ مضمون مون وٽ محفوظ آهن.
اِتي شڪارپور مان روزانه اخبار نڪري ٿي، جنهن جو
نالو آهي ”ناظم“، اُن ۾ ڏاڍا ڪارائتا علمي ۽ عام
معلومات ڀريل مضمون شايع ٿين ٿا. اوهين جيڪڏهن اُن
اخبار کي پنهنجا مضمون موڪليندا ته مون کي پڪ آهي
ته هو انهن کي شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري سگهن
ٿا. بلڪ هڪ ڀيرو پنڌ ڪري اوهين اخبار جي ايڊيٽر
صاحب سان ضرور وڃي ملندا ۽ ساڻن حالي احوالي
ٿيندا.
اوهان لکيو
آهي ته ”اوهان هڪ ٻه ڀيرا مون ڏانهن ڪارڊ لکيا آهن
(لفافا نه)
شايد
اِنهيءَ ڪري مون اوهان ڏانهن جواب موڪلڻ بند ڪيا
آهن. جو مون کي ڪارڊ شان کان گهٽ لڳا آهن!“ مون کي
عجب آهي، جو اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ پوءِ به اهڙو
انومان مون بابت ڪڍيو اٿوَ! انهيءَ ڪري آءٌ پاڻ ئي
هيءُ ڪارڊ اوهان کي لکي رهيو آهيان. اميد ته اِن
باري ۾ هاڻي ڪا غلط فهميءَ جي صورت باقي نه رهندي.
خط لکندا رهندا.
ٻيو سڀ خير
اوهان جوپنهنجو
محمد ابراهيم جويو
بنهه
هينئر اوهان جو تازو لفافو- خالي –
ٻه ڏينهن اڳ جو ٽپال ۾ وڌل، شاهه جي ٽن دلپذير
بيتن سان اچي مليو اٿم- تازياني طور! اهڙي به زود
رنجي ڇا لئه؟ (م.ا.ج)
*
(42)
Chak
20-11-1981
Dear Sir,
Hope this will find you in the best of your spirits.
I received your card a few days ago. I am sorry I could'nt write you
earlier. I was not feeling well due to an attack
of cold and severe headache. I was on medical
leave. I have been too weak. Doctor has
suggested me not to take rice and oily things
like roasted or fried ones. I suffered mentally
and could not endure loud human voices even. I
could not talk aloud myself too. Noises struck
my mind as blows of a hammer.
To some extent I now feel better. I am recovering day by day.
Pray for me that I gain health soon.
Respectfully Yours
Ghulam Ali Channa
*
(43)
حيدرآباد،
سنڌ
23-11-1981ع
پيارا ڀاءُ غلام علي، شال خوش هجو.
اوهان جو انگريزيءَ ۾ لکيل، 20 تاريخ جو، خط اڄ
مون کي مليو. انگريزي اوهان سٺي، صحيح ۽ صاف لکي
آهي ۽ ان کي ڏسي ڏاڍي دل خوش ٿي، ته اوهين پنهنجي
مطالعي ۽ علمي مايي کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندا ۽
سڌاريندا ٿا رهو.اوهان کي مبارڪ هجن اوهان جي محنت
۽ اوهان جو حوصلو ۽ همت، زندگيءَ ۾ انهن شين کان
پوءِ فقط نيڪ نيت ۽ پيار ڀري دل گهرجي. بس پوءِ
ڪاميابي پنهنجو صلاحيت آهر يقيني آهي.
يقين محکم، عمل پيهم، محبت فاتح عالم،
جهاد
زِندگاني مين يه هين مردون کي شمشيرين-
(اقبال)
اوهان جي ناچاقائيءَ جو پڙهي دل ڏاڍي پريشان ٿي.
آءٌ سمجهان ٿو ته گهڻي محنت ۽ گهڻي فڪر سببان
اوهان کي اِها تڪليف ٿي آهي.
اعتدال ۽ وچٿرائي هر ڳالهه ۽ هر ڪم ۾
ضروري
آهي.صحت، بهرحال، وڏي قيمتي چيز آهي. ان کي سنڀالڻ
۽ بحال رکڻ فرض آهي. زندگي مختصر ئي سهي پر آهي
ڏاڍي اعليٰ ۽ املهه، ۽ ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾
پنهنجي وس ۽ پهچ سارو ڪم به ڏاڍا گهڻا ۽ وڏا ڪرڻا
آهن، جن جي ڪڏهن ڪا کوٽ ئي
ڪانه
هوندي آهي. هميشه ۽ زندگيءَ جي هر منزل تي ۽ هر
روپ ۾ ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه باقي ڪرڻ لاءِ بچيو
پيو هوندو آهي. اُنهيءَ مقصد لاءِ پاڻ کي ”فِٽِ“
رکڻو آهي- جيتوڻيڪ اُنهن ڪمن مان ڪنهن ۾ به پنهنجي
ذات جو مفاد کڻي سڌيءَ روءِ ڳنڍيل نه به هجي.
اميد ته هاڻي اوهين وڌيڪ روبصحت هوندا، پنهنجي
خيريت جي حال
احوال
کان
ترت واقف ڪندا، پيار پنهنجن ٻارڙن کي چوندا.
زياده خير- والسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
*
(44)
Chak
25-11-1981
Dear Sir,
I found your kind letter of 23 November today at school.
Lot of thanks for your immediate reply. So many
thanks also for encouragement.
You will be glad to learn that I am gaining my health fast. Only my sleep
remains disturbed. I keep awake longer than my
sleeping hours at night. In this connection the
doctor has advised massage of the head with
almond oil. Let us hope I gain normal sleeping
hours soon.
Sir, you will be glad to know that I have succeeded getting my niece,
Mukhtiar Begum, a primary school teacher's job
at Chak, our village. She passed her H.S. part
II examination in D grade. I am coaching her, so
that she appears as a private candidate for her
B.A. and clears par I and II of it, when time
comes. Her aim is to become a lecturer in
English in a college.
Kindly pray for her success.
All the rest is O.K.
Respectfully yours
Ghulam Ali Channa
*
(45)
Rustam
2-3-1982
Sir,
Hope this will find you hale and hearty.
I have been transferred and posted at High School, Rustam. I am very
sorry to write to you after a great interval.
Hope you will excuse me for this lapse.
All the rest is O.K.
With regards,
Yours respectfully
Ghulam Ali Channa
* |