سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

باب: --

صفحو :4  

 

(46)

مارچ 1982ع

سلمہ تعاليٰ

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو

السلام عليڪم کان پوءِ عرض ته مدت مديد ۽ عرصه بعيد کان پوءِ قلم ۽ ڪاغذ کڻي، ڪجهه سٽون رقم ڪري رهيو آهيان، تاخير لاءِ معافي طلب آهيان. حقيقت ۾ تاخير جا به ڪي سبب آهن، جيئن هر ڪنهن ڳالهه جا ڪي سبب ٿين ٿا.

هن کان اڳ هڪ خط ائين واٽ ويندي انگريزيءَ ۾ لکيو هوم، جنهن ۾ صرف اهو بيان ڪيو هوم ته مون کي پنهنجي ڳوٺ ”چڪ“ کان بدلي ڪري رستم هاءِ اسڪول ۾ رکيو ويو آهي. اهو ٿيو هيئن،جو هتان جو هڪ استاد جنهن جو نالو غلام علي شاهه هو ان کي H.S.T اسڪيل مليو هو ۽ هو بدين ڏانهن هليو ويو هو.اثر رسول وارو ماڻهو آهي، ڪنهن طرح سان پنهنجي بدلي ٻن مهينن جي اندر اندر ڪرائي، پنهنجي ضلعي شڪارپور ۾ اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر سندس مقصد جيئن ته بلڪل ڳوٺ وٺڻ جو هو، تنهنڪري هن وڌيڪ اثر هلائي، ڪنهن طرح هتان جي هيڊماستر شاهن بلوچ (جيڪو اڳ ڪنڌراهاءِ اسڪول ۾ هو، پوءِ ڀٽي صاحب جي زماني ۾ ٻين آفيسرن سان گڏ لهي ويو هو، جنهن کان پوءِ موجوده حڪومت هن کي کنيو ۽ ساڳئي عهدي تي فائز ڪيو- سندس پٽ جيل ۾ پيل آهي، جنهن پنهنجي مامي جو خون ڪري وڌو هو). تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري ورتو ۽ کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڪجهه مدد به ڪيائين. سو هيڊ ماستر صاحب ٻين اثر رسوخ وارن استادن کي هٿ نه لائي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ڪي سومرن جا ماڻهو هئا ۽ ڪي ننڍڙي خان مهر وارن جا، باقي مون پارا بي پاڙيا، اُهي هُن لاءِ آسان لڳا ۽ هُن وجهه وٺي، ان وقت جي D.E.O تاج محمد ميمڻ، کي چيو ته ”مسٽرغلام علي چني کي مون وٽان ڪڍو، جو هو مون سان ڪوآپريشن نه ٿو ڪري.“ D.E.O صاحب هن جي چڪر ۾ اچي ويو. ۽ ٻئي ڏينهن هيڊماستر صاحب ماٺ ميٺ ۾ پاڻ وڃي بدليءَ جو آرڊر ڪڍرائي کڻي آيو. مون کي خبر وڃي تڏهن پئي جڏهن موڪل مهل بي دخليءَ جو ليٽر مون کي ڏئي پاڻ نڪتو هليوويو. ۽ آءٌ وڃي ٻئي ڏينهن رستم هاءِ اسڪول ۾ دخلڪار ٿيس. پوءِ آءٌ به D.E.O مسٽر تاج محمد سان مليس، ساڻس حقيقت بيان ڪيم. کيس به ڪجهه دال ۾ ڪارو نظر آيو، ۽ ائين چيائين، ۽ واعدو ڪيائين ته ”مارچ مهيني ۾ آءٌ تو کي واپس موٽائيندس.“ ان کان ترت ئي پوءِ هو صاحب پاڻ بيمار ٿي پيو ۽ وڏيءَ موڪل تي هليو ويو. اُنهيءَ دوران غلام علي شاهه نئين D.E.O مسٽر عبدالغفور چنه کان، ڪلارڪن جي فُل سهڪار سان پاڻ آڻائي. چڪ هاءِ اسڪول ۾ رکايو، ۽ آءٌ آهيان، جو اڃا رستم هاءِ اسڪول ڏانهن پيو جتيون گسايان. بدليءَ جون درخواستون ڪيون اٿم پر اڃا ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪلارڪ مون مان راضي نه آهن. اُن کان سواءِ هاءِ اسڪول چڪ جو هيڊماستر به مون کي وٺڻ نٿو چاهي. مون کي وڌ ۾ وڌ سولو اسڪول ڀاگڙجي آهي، جتان روزانواچي وڃي سگهان ٿو، ان لاءِ به پهريائين ڪجهه ڪڙڪيدار ڪاغذن جي سفارش جي ضرورت آهي، جنهن کان پوءِ به روزانو پنج روپيا ڀاڙو ڀرڻو پوندو، تڏهن وڃي ڪو شام ڌاري گهر ڀيڙو ٿيندس.هن وقت رستم شهر جي هڪ استا مسٽر شاهنواز مهر جي اوطاق ۾ رهندو آهيان. ماني ٽڪيءَ جو بندوبست اُتي آهي.

منهنجي طبيعت اڃا درست نه آهي، وچ ۾ مدي جي بخار ۾ مبتلا هوس. هيءُ هفتو به موڪل تي رهيس، ڇنڇر تي اسڪول ويندس.هيڻائي تمام گهڻي آهي، ڦڪين مان في الحال ڪو ديرپا فرق ڪونه آهي، دعا ڪندا ته صحتياب ٿيان. في الحالڪو ڪم ڪونه ٿو ٿئي، سچ چيو اٿن ته ”جيءُ خوش ته جهان خوش.“ تنهن هوندي به همت هاري ڪانه اٿم. قدرت ۾ پورو يقين آهي ته هڪ ڏينهن تندرست ٿي پنهنجا مقصد پورا ڪندس. منهنجو خيال هي آهي ته شڪارپور ضلعي کان بدلي ڪرائي سکر ضلعي ڏانهن وڃان، اتي ڪم جون سهولتون مون کي وڌيڪ حاصل ٿينديون ۽ سکر ۾ رهي خوش گذاري سگهندس.

هڪ خاص عرض خدمت ۾ رکان ٿو ته گهاري کان هڪ گهري دوست کان خط آيو اٿم، هو مهاجر آهي،پنج ئي آڱريون برابر نه آهن، هن جي طبيعت ۾ گهڻي سٻاجهائپ آهي. سندس ڀيڻ مئٽرڪ ٻه سال اڳ پاس ڪري چڪي آهي. سندن خيال آهي ته اتي ڪنهن هنڌ، يعنيٰ گهاري ۾ يا ان جي آس پاس، ماستريءَ جي نوڪري مليس ته ڏاڍو سٺوٿيندو. ماستريءَ جي نوڪريءَ لاءِ اُتان جي D.E.O عزيزه سومرو آهي. اُها صل حيدرآباد، لطيف آباد نمبر 2، جي ويٺل آهي، جيڪڏهن توهان جي رسائي ان تائين هلي سگهي ته مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته درخواست ۽ سرٽيفڪيٽ کيس ڏجن.

جنهن بنسبت مون اوهان کي التجا ڪئي آهي، تن جون مون مسڪين تي ڪافي مهربانيون رهيون آهن.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(47)

گهارو

27-6-1982ع

سدا سلامت

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو.

السلام عليڪم: عرض ته ان ڏينهن توهان کان موڪلائي ٽنڊي ڄام آيس، رات جو ڪراچيءَ بس ذريعي ويس، ۽ اتي ٻه ڏينهن رهي گهاري آيس، اڳواٽ عرض ڪيل ماڻهوءَ جي نوڪريءَ لاءِ درخواست ۽ سرٽيفڪيٽ پيش خدمت آهن. اميد ته دل و جان سان ڪوشش ڪندا، ان ۾ منهنجي عزت جو سوال آهي، ڇاڪاڻ ته آءٌ انهن کي خاطري ڏيئي آيوآهيان.

منهنجي خيال ۾ هڪ ماڻهوءَ تي ٻئي ماڻهوءَ جوپهريون ٿيل احسان وڌيڪ وزندار ٿئي ٿو. هِن ماڻهوءَ جون پهريائين مون تي ڪيتريون ئي مهربانيون ۽ احسان ڪيل آهن. اُنهن جي موٽ ۾ هيءُ ڪم، جيڪو هِن دور ۾ هُنن لاءِ وڏي ڳالهه آهي پر درحقيقت هڪ معمولي ڪم آهي، سو جيڪڏهن مون مسڪين جي هٿان ٿيو، ته آئيندي لاءِ سندن دل وڌندي ۽ مون وانگر اسان جي هر ماڻهوءَ جي مدد ڪندا رهندا.

اميد ته منهنجو هيءُ نماڻو عرض قبول ڪندا ۽ مون کي سندن اڳيان لڄي ۽ هلڪو نه ڪندا، بلڪ هيءَ سندن حاجت روائي ڪندي، مون کي سندن مشڪور ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪندا، سندن اُنهن احسانن لاءِ جيڪي هنن پهريائين مون تي ڪيا.

عزيزه سومرو صاحبه يا مسز شاهه صاحبه، ٻنهي مان هڪ صاحبه، جي هٿان هن ڪم جي سڦلائي ٿيڻي آهي.

اڄ گهگهر شهر ڏانهن ويندس، جتي ٻه ڏينهن کن رهندس، ان کانپوءِ ڳوٺ ويندس ۽ توهان وٽان ٿيندو ويندس.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(48)

چڪ

1-7-1982ع

خوش باش.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو

السلام عليڪم: سائين منهنجا، توهان کان موڪلائي ڪراچيءَ ويس. گهاري کان ٿيندو ڳوٺ پهتس. گهاري منجهان پنهنجي هڪ دوست جي ڪم بابت توهان ڏانهن درخواست ۽ سرٽيفڪيٽ اماڻيا هئم. اميد ته توهان کي مليا هوندا.

توهان جي حڪم موجب هتي نذير احمد مغل صاحب سان مليس. جنهن سکر جي ڊپٽي ڊي اي او مسٽر سانگيءَ ڏانهن چٺي ڏني. وري سکر وڃي ان کي نذير صاحب جي چٺي ڏنيم، جنهن چيو ته اِهو ڪم سواءِ مٽا سٽا تبادلي جي ٿي ڪونه سگهندو. اهڙو ڪو ماڻهو شڪارپور جو هجي، جيڪو پنهنجي ضلعي شڪارپور ڏانهن وڃڻ چاهي، ته پوءِ توهين سکر ۾ اچي سگهو ٿا. في الحال ڪابه اهڙي جاءِ خالي ڪونه آهي. مطلب ته سکر وارن لکي ڪونه ڏنو ته ڪا اُتي H.S.T. جي جاءِ خالي آهي، نه ته آءٌ اُتي وڃي سگهان ٿو، خير! في الحال آءٌ رستم ۾ ئي رهڻ تي راضي آهيان، ڪوشش ڪندو رهندس جڏهن ڪم ٿيو.

توهان جا ڏنل ڪتاب ٻئي پڙهيا اٿم. تنهن بابت پوءِ لکندس.

زياه آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(49)

چڪ

26-6-1983ع

سائين!

السلام عليڪم: عرض ته هن کان اڳ هڪ خط لکيو هوم. اميد ته توهان کي مليو هوندو.

سائين! مورخه 12-6-1983ع تي پوسٽنگ آرڊر وٺي عبدو مڊل اسڪول ۾ اسسٽنٽ ورڪ شاپ انچارج جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيم ۽ اهڙي دخلڪاريءَ جي رپورٽ اُتان جي هيڊ ماستر کي ڏنيم. ان کان پوءِ موڪل واري مسئلي کي هٿ ۾ کنيم. ٺيڪ تيرسنءَ جون تي آفيس ويس. ڊي.اي. او عبدالغفور چنه سان مليس. چيائين، ”تنهنجا ڪاغذ ڪونه پهتا هوندا.“ چيومانس ”اُهي ڪڏهن جو پهچي ويا آهن.“ چيائين، ”وڃي نياز سان ڳالهاءِ.“ پوءِ مان اٿيس ۽ اچي نياز ابڙي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سان مليم. در کان اندر گهڙندي، مسڪرائيندي، سلام ڪيو مانس. جهيڻي آواز سان ”وعليڪم السلام“ ۾ جواب ڏنائين. هٿ ملايومانس، ڍلي هٿ سان چار آڱريون وڌايائين! مون سندس منهن کي پئي ڏٺو، پر سندس نظر آڏو پيل ڪاغذن ۾ هئي. پڇيومانس، ”سائين! منهنجي موڪل جو ڇا ٿيو؟“ چيائين، ”خبر نه آهي.“ وري پڇيومانس، ”ڀلا منهنجا ڪاغذ پهتا آهن!“ وراڻيائين، ”پهتا هوندا.“ سندس لفظن کي ورجائڻ لڳس. سندن اڍنگي جواب تي دل ۾ آيو ته چوانس ته اهو ڪهڙو جواب آهي! پر وات تي آڻي، چپ ڪري ويس، ۽ مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ ڪري، ’قهر درويش بر جان درويش‘ جي مصداق کڻي ٻَڙهه ڪيم. منهنجي دل ۾ ڪاوڙ جا جذبا ان ڪري اڀريا، جو هر اسان جو تعلقدار ڪلارڪ هو. هن کي سموري خبر هئڻ کپندي هئي، ٻي ڳالهه ته مون کي پڪ هئي ته منهنجا ڪاغذ وٽس پهتا آهن. خير، سُن کائي ويٺس ۽ وري ٽيون سوال ڪرڻ جي بجاءِ کيس عرض ڪيم ته ”ڀلائي ڪري ڏسي پڪ ڪري ڏيو ته آيا آهن ڪِي نه.“ چيائين، ”امان الله، ڪلارڪ موڪل تي آهي، سڀاڻِ اچجان. تنهنجا ڪاغذ هُن ڪٻٽ ۾ هوندا، چاٻي اُن وٽ آهي.“ آءٌ سندس مهرباني مڃي، وري به هٿ ملائي، واپس ڳوٺ آيس.

14-6-1983ع تي شڪارپور آفيس ويس. امان الله به آيل هو. هي بنيادي طور ماستر آهي. پر ٻوڙي هئڻ سبب آفيس ۾ ڪلارڪيءَ جو ڪمڪندو آهي. سندس مقرري رستم هاءِ اسڪول ۾ آهي. هو مون سان گڏ 1967ع ۾ جي. وي ٽريننگ ۾ گڏ پڙهيو هو ۽ مون سان فري هو. نياز اڃا ڪونه پهتو هو. مون کانئس پنهنجي ڪاغذن بابت پڇا ڪئي.هن چيو ته ”تنهنجا ڪاغذ ڪافي وقت اڳ پهتا آهن. پر نياز نٿو ٺاهي. مون کيس ٻه ٽي ڀيرا چيو آهي.“ پوءِ مون کي ڪاغذ ڏيکاريائين. مون ڏٺو ته منهنجا ڪاغذ 13-5-1983ع تي پهتا هئا. يعني وٽن پهتي پورو هڪ مهينو ٿي چڪو هو. پر نياز ائين ئي رکي ڇڏيا هئا. نيٺ نياز آيو. مون کي امان الله سان گڏ ويهندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺائين. هوآيو ۽ اچي پنهنجي ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي ويٺو. مان به وڃي ساڻس مليم ۽ چيم، ”سائين! امان الله آيو آهي. منهنجو ايترو چوڻ ۽ سندس مڇرجڻ. چي، ”توهان امان الله سان ڇو ٿا ايترو فري ٿيو. ۽ ڇو ٿا ايتري لفٽ ڏيوس. هو چريو آهي بيوقوف آهي. هو، آفيس جون خفيه ڳالهيون به آئوٽ ڪندو آهي.“ مان کانئس اِن ٻڌڻ تي الائي ڇو چپ ٿي ويس ۽ ڪجهه به واتان ڪڇي نه سگهيس ۽ ماٺڙي ڪري سندس اڳيان هڪ خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ڪلاڪ کن گذريو. امان الله اشارو ڪري پڇيو ته ”ڇا ٿو چوي؟“ مون کيس اشاري ۾ منهنجن ڪاغذن کڻي اچڻ لاءِ چيو. هو منهنجا ڪاغذ کڻي آيو ۽ اچي نياز کي ڏنائين. ٻين پندرهن مٽن کان پوءِ منهنجي پي. سي. پڙهڻ شروع ڪيائين، هڪ ڪلاڪ تائين پڙهندو رهيو. تنهن کان پوءِ چيائين، ”ادا اڄ ڪم گهڻو آهي، سڀاڻ اچجانءِ.“ مان وري به دل تي پٿر رکي ڳوٺ موٽي آيس.

15-6-1983ع تي وري شڪارپور ويس. سڀئي ڪلارڪ ويٺل هئا. نياز به هو. نياز سان وڃي مليم. سندس ملڻَ ۽ مصافحي جو انداز ساڳيو پهرئين ڀيري جهڙو هو. مون سندس مُوڊ جو اندازو لڳايو. پوءِ ماٺ ڪري سندس ڀر ۾ پيل خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. هو پهريائين هيٺ منهن ڪري لکڻ ۾ مصروف هو. پوءِ ٻين ماڻهن سان ڳالهائڻ ويٺو. اٽڪل ڪلاڪ کن کانپوءِ مون کيس چيو ته مهرباني ڪري منهنجا ڪاغذ کڻو! هن ائين ڪيو پوءِ وري هڪ هڪ ورق اٿلايائين، ان کان پوءِ چيائين، ”تنهنجي موڪل، فارم تي 28-4-1983ع کان 30-6-1983ع تائين لکيل آهي. جڏهن تون اسان وٽ 13-6-1983ع تي پهچي ويو آهين. تنهنڪري واپس وڃي هيڊ ماستر کان تاريخون ٺهرائي اچ!“ مون چيو ته ”توهين سڄي موڪل 30-6-1983ع تائين منظور ڪرايو. پوءِ باقي ڏينهن جي موڪل رد ڪرائڻ لاءِ آءٌ درخواست ڪندس.“ پر هن ڪونه مڃيو ۽ کانئس ڪاغذ وٺي ٻاهر پئي نڪتس ته چيائين ته ”ٺهيل تاريخن تي هيڊ ماستر صاحب جي به صحيح هجي. متان تون پاڻ ٺاهي اچي ڏين ۽ چوين ته هيڊ ماستر کان ٺهرائي آيس.“

مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ دل ئي دل ۾ گهٽ وڌ پئي ڳالهايومانس. ڀلا ڳالهايانس به ڇو نه. اڳ جڏهن موڪل فارم ڀري اچي ڏنا هئامانس، ته پاڻ موڪل جي تاريخ کي ٺاهي گهٽايو هئائين ۽ ”ڏهن مهينا موڪل“ جي بجاءِ ”چار مهينا“ لکيا هئائين، سو ان ڪري جو منهنجي لاءِ سندس آفيس جو قانون هوته ”موڪل چئن چئن مهينن جي صورت ۾ منظور ٿيندي.“ پر هاڻ رڳو تاريخن کي بدلائڻ يعني 30 کان 13 ڪرڻ لاءِ مون کي هيڊ ماستر ڏانهن واپس پئي موڪليو ويو! سندس اصل مقصد رڳو مون کي تڪليف ڏيڻ هو. خير! مان ڪاغذ کڻي ٻاهر نڪتس. پٽيوالي کان پنهنجي هيڊ ماستر، قاضي واجد جو گهر معلوم ڪيم. ڏينهن گرم هو. منجهند جو هڪ پئي لڳو. دل ۾ خيال ڪيم ته ڪنهن ٽانگي تي وڃان پر کيسي اجازت نه ڏني. ڇاڪاڻ ته جيب ۾ ڪل ٽي رپيا موٽ جو ڀاڙوپيل هو. اُن نِٽَهَڻ اُس ۾ پيادل هليس هيڊ ماستر صاحب جي گهر، جيڪو شڪارپور جي ٻئي مٿي تي هو، ۽ وڃي نيٺ پهتس. پگهر ۾ شلُ ٿي ويوهوس. ساهه ساهه ۾ نه پئي ماپيو. هيڊماستر صاحب کي سڏ ڪيم. هوآيو. قدرت سان هيڊ ماستر کي به مهمان کي ويهارڻ لاءِ اوطاق ڪانه هئي، جتي وڃي ساهه پٽجي، ۽ آرام سان ساڻس ڳالهه ڪجي. پوءِ کليل گهٽيءَ ۾ سج جي گرم اُس هيٺ مون کيس عرض ڪيو، ۽ هن تاريخن جي برابري ڪئي۽ صحيح ڪئي. مان سندس ٿورا مڃيا، ۽ پوءِ کانئس موڪلائي آفيس آيس- ساڳيءَ طرح ٽنگون ٺوڪيندو، بڪيون هڻندو. تکو تکو اچي آفيس پهتس، ته ڪٿي ڪلارڪ هليا نه وڃن، ۽ ٿيوبه ائين ئي. آفيس بند ٿي وئي۽ هر ڪو هليو ويو. مان به اچي ڳوٺ نڪتس.

16-6-1983ع تي يعني ٻئي ڏينهن موڪل جا فارم کڻي وڃي نياز کي ڏنم. ڏسي چيائين، ”هيڊ ماستر جي صحيح ڪانهي.“ چيومانس ”آهي.“ پوءِ هٿ جي آڱر سان کيس اشارو ڏيندي چيم ته ”هيءَ ڇو ٽي صحيح ڪئي اٿس، جا رڳو ’ڊبليو- جِيءَ‘ ۾ هئي. هُن اُهي مون وارا ڪاغذ وري رکي ڇڏيا. اٽڪل ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ کيس ايلازُ ڪيم ته ”منهنجا ڪاغذ کڻو!“ هن کنيا ۽ کڻي ٻئي ڪلارڪ، گلزار شيخ، کي ڊرافٽ ٺاهڻ لاءِ چيائين. گلزار منهنجا ڪاغذ ڏٺا. پي. سي (P.C) جو هڪ هڪ ڪاغذ ڪري پڙهيو. مون کي اهو ڏسي ڪاوڙ به پئي لڳي ۽ کليم به پئي، ڇاڪاڻ ته هن کي لکڻ هڪ ڳالهه هئي پڙهي وري ٻي رهيو هو. نيٺ مون کيس سمجهايو ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي. پوءِ هو ڪجهه لکڻ ويٺو. اٽڪل ڪلاڪ کن لکڻ تي لڳايائين. هو لکي به رهيو هو ۽ خرچي به گهري رهيو هو. مون کيس چيو ته ”خرچي پنهنجي وڏي ڀاءُ کان وڃي وٺجان، جيڪو منهنجو دوست آهي!“ آخر هن کان ڪجهه ٺهي نه سگهيو ۽ نياز کان مدد وٺڻي پيس. ايتري کان پوءِ ته نياز مون کي ويجهو اچڻ به ڪونه پيو ڏئي. خير! جيستائين هو ڊرافٽ ٺاهي ٺاهي، تيستائين صاحب موصوف D.E.O صاحب به آفيس ڇڏي وڃي جاءِ تي آرامي ٿيو، ۽ نياز مون تي اکيون ڪُڙيون ڪري، چيو ته ”وري سڀان اچجانءِ.“

17-6-1983ع تي وري شڪارپور آفيس ويس. سڀئي ڪلارڪ حاضر هئا. پر صاحب پاڻ ڪونه هو. سويري ڪنهن گشت تي ويل هو. مان نياز جي ڀرسان هڪ ڪرسيءَ تي وڃي ويهي رهيس. اٽڪل ڏهين کن صاحب آيو. مون صاحب کي تڏهن ڏٺو جڏهن گلي صاف ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. صاحب کي ايندو ڏسي مان تڪڙو اچي نياز کي چيو،”سائين، صاحب آيو اَٿَوَ. ڪاغذ موڪليوس.“ منهنجي ايتري چوڻ تي نياز اچي ڪاوڙيو۽ چيائين، ”صاحب اڃا هاڻي آيو آهي، ايتري ۾ ڪاغذ موڪليانس! اڃا هن آفيس ۾ مس پير پاتوآهي، ۽ ڪاغذ موڪليانس!“ هن بڇرو منهن ڪري ۽ منهن ۾ سونڊ وجهي چيو. مان هَڪو ٻَڪو ٿي ويس ۽ ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيس. پوءِ ڪلاڪ کن چپ ويٺو رهيس.ان کان پوءِ يارهين بجي کيس چيم، ”سائين ساڍي يارهين بجي گاڏي ويندي رستم! مهرباني ڪري صاحب کان صحيح ڪرائي ڏيو. نه ته گاڏي نڪري ويندي ته رستم وڃڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. سندس روح ۾ رحم آيو۽ نرميءَ سان چيائين ”ادا، ڊي. اي. او تنهنجو مائٽ آهي تون پاڻ ڪاغذ کڻي وڃي صحيح ڪرائينس.“ مان کانئس ڪاغذ وٺي D.E.O ڏانهن وڃي رهيو هوس ته ڊي. اي. او پنهنجي آفيس کان نڪتو ۽ جاءِ تي ويو. مان سندس ڪڍ جاءِ تي ويس پر پٽيوالي ساڻس ملڻ ڪونه ڏنو ۽ واپس آيس. نياز وري ٻئي ڏينهن تي اچڻ لاءِ چيو. مان به ڳوٺ هليو آيس.

ٻئي ڏينهن آفيس آيس، نياز سان مليم. کانئس ڪاغذ وٺي صاحب کان صحيح ڪرائڻ لاءِ ويس. پٽيوالي کي ڪاغذ کڻي وڃڻ لاءِ چيم پر هن چيو ته ”تون پاڻ ئي کڻي وڃينس“ مان صاحب ڏانهن ڪاغذ کڻي ويس. سندس آفيس جي در تي بيهي، انگريزيءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ورتيم. هو ٻئي ماڻهوءَ سان ڳالهائي رهيوهو. هن مون کي ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي. مان اندر ويس. سندس اڳيان ميز تي ڪاغذ رکي، هڪ منٽ ترسي، واپس هليوآيس. ڇاڪاڻ ته هن مون کي ويهڻ جي صلاح نه ڪئي. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ مون واري موڪل جي منظوريءَ جو ڊرافٽ صحيح ٿي آيو، ٻاهر نڪتو، ۽ آڻي مون نياز کي ڏنو. نياز ٻئي ڪلارڪ کي ٽائيپ ڪرڻ لاءِ ڏنو. مان ٻاهر وڃي بيٺس. ٽائيپ واري اڌ ڪلاڪ کن ڪاغذ پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. مون کيس منٿ ڪئي. تڏهن ٽائيپ ڪرڻ شروع ڪيائين. جيستائين ڊرافٽ ٽائيپ ٿئي تيستائين صاحب جاءِ تي هليو ويو ۽ نياز وري ٻئي ڏينهن اچڻ لاءِ چيو. مان به کانئس موڪلائي ڳوٺ اچي پهتس.

ٻئي ڏينهن 18-6-1983ع تي آفيس آيس. موڪل منظور ٿيڻ جو آرڊر صاحب کان صحيح ٿي مليو۽ اٽڪل 30-10 بجي اچي رستم واريءَ گاڏيءَ تي ويٺس ۽ اٽڪل 30-12 بجي کن رستم پهتس. جنهن ماستر کي ڪاغذ ڏيڻا هئا. سو ڪونه مليو. آخر هڪ ٻئي دوست جي اوطاق تي وڃي ڏينهن ٺاريم. پوءِ شام جو اٽڪل چئين بجي هن سان مليم؛ جيڪو ماستر ڪلارڪيءَ جا فرائض اسان جي اسڪول ۾ سرانجام ڏيندو آهي. هن اهو آرڊر پڙهيو ۽ چيو ته ”هِن آرڊر تي اسين پگهار ڪونه ڀرينداسين، ڇاڪاڻ ته هن ۾ جيڪا موڪل due آهي. اُها ”پگهار سان“ لکيل نه آهي، مون به پڙهيو ته Leave due from 29-4-83 to 13-6-83 "On full pay" وارا اکر لکيل ڪونه هئا. تنهنڪري وري واپس شڪارپور آيس. ڏٺم ته آفيس بند ٿي وئي هئي. آخر شام جو ڇهين بجي D.E.O وٽ ويس ۽ ساڻس ملڻ جو ارادو ڪيم. پر افسوس، سندس پٽيوالي جان محمد (جيڪو روزا به رکندو آهي.نماز به پڙهندو آهي. منهن تي محراب به اٿس ۽ ڏاڙهي مبارڪ به اٿس) ڪوڙ ڳالهائي چيو ته صاحب ڪونه آهي. ٻاهر نڪري ويو آهي. ”مون جڏهن کانئس پڇيو ته ”ڪاڏي نڪري ويوآهي؟“ ته پاڻ ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ رهٽ ڏئي چيائين ته ”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪاڏي ويو آهي. مون کي ٻڌائي ويو آهي ڇا؟“ ان جي ابتڙ، مون ته ڏٺو ته صاحب اندر هو!

19-6-1983ع تي مون وري نياز سان ڳالهايو ۽ کيس چيو ته ”اسان جو هيڊ ماستر اهو آرڊر قبول ڪونه ٿو ڪري. اهوغلط آهي ان تي هو منهنجو پگهار ڪونه کڻندو. هن آرڊر ۾ هي هي غلطيون آهن. اهي درست ڪريو.“ پوءِ هن ويهي ٻيهر لکيو۽ اڳيون آرڊر غلط ڪڍي، ان کان پوءِ نئون آرڊر صاحب کان صحيح ڪرائڻ لاءِ پٽيوالي کي موڪليائين. آرڊر صحيح ٿي آيو ۽ نئين نمبر سان آئوٽ ورڊ ٿيو.

ان کان پوءِ مون اهو آرڊر وڃي رستم واري ڪلارڪ کي ڏنو. هو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ”هن آرڊر تي تنهنجو پگهار کڄندو.“

مون کي منهنجي موڪل منظور ڪرائڻ تي ايتريون تڪليفون نياز ڇو ڏنيون ان جا هيٺيان ٻه سبب آهن.

(1) نياز کي خوش ڪرڻ لاءِ ”ڏني کي ڇٽي جو پٽ“ ڪونه بڻايم.

(2) نياز چڪ واري هيڊ ماستر شاهد بلوچ جو شاگرد آهي. تنهنڪري هن جي طرفان نياز کي منهنجي پارت ٿيل آهي ته هر ممڪن ڪوشش سان مون کي تڪليف ڏني وڃي. پر لاچار جو آچار ”جي تون پهڻ پٻ جو ته لڱ به منهنجا لوهه!“ اِها ڳالهه اِتي، باقي، سائين آئنده،

زياده خير والسلام

خادم:

غلام علي چنه

قلم تازو: ته مان هر ڳالهه لاءِ سڌو وڃي D.E.O سان ملان ها. پر مون سمجهيو پئي ته هو ڪلارڪن جي آسري تي ٿو هلي. پنهنجي طرفان ڪوبه فيصلو ڪري، ڪو نوٽ وغيره ڪونه هڻي. نه وري کيس برابر يا غلط ڪم جي سُڌ ٿي پوي، نه ته ڪا اصول جي ڄاڻ اٿس. بس جيئن نياز چئي يا لکي ڏئي، تيئن صحيح گهتي ڇڏي!

*

 

(50)

شڪارپور

5-7-1983ع

سائين!

السلام عليڪم: اُن ڏينهن L.P.C رستم هاءِ اسڪول کان وٺي وڃي S.D.E.O شڪارپور جي آفيس ۾ڏنم، ڇاڪاڻ ته اسان جي مڊل اسڪول عبدوءَ جو ترت عملدار اُهو آهي، جنهن جي آفيس مان اسان جي پگهار وغيره جا بل ٺهندا آهن. L.P.C وڃي آفيس جي هيڊ ڪلارڪ لطف عليءَ کي ڏنم. هُن L.P.C ورتو ۽ پوءِ مخاطب ٿي چيائين، ”توهان جو L.P.C اکين تي، پر توهان جي پوسٽنگ عبدو مڊل اسڪول ۾ غلط ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته H.S.T. استاد A.W.I جي جاءِ تي ڪم ڪري نه ٿو سگهي، جو A.W.I جي جاءِ اٺين گريڊ جي آهي ۽ H.S.T. چوڏيهن گريڊ جِي، توهان کي A.W.I جي جاءِ تي نه، پر W.I جي جاءِ تي رکيو ويو هوندو، پر افسوس جو اُها پوسٽ عبدو مڊل اسڪول ۾ منظور ٿيل نه آهي. مطلب ته توهان جي هيءَ پوسٽنگ غلط ٿيل آهي. اهڙو ليٽر اسان D.E.O. جي آفيس کي پڻ لکيو آهي.“ تنهن تي مون چيو، ”سائين، مهرباني ڪري ڏيکاريو ته اهو ليٽر ڪهڙو آهي.“ هن اهو ليٽر مون کي پڙهايو، جنهن ۾ ساڳي ڳالهه لکيل هئي. هن وڌيڪ چيو ته اُن سلسلي ۾ مون کي نياز ابڙي D.E.O. جي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سان ڳالهائڻ گهرجي. پوءِ آءٌ سڌو D.E.O. جي آفيس آيِس ۽ نياز سان ڳالهه ڪيم. هن چيو ته ”جاءِ منظور ٿيل آهي، تون عبدو مڊل اسڪول ۾ W.I جي جاءِ تي ڪم ڪري سگهين ٿو. A.W.I اسان کان لکجي ويو آهي.“ فهمائش ڪندي چيائين ته ”پنهنجي آرڊر مان A جو اکر ڪٽي ڇڏ ۽ پنهنجي هيڊ ماستر کي به ائين وڃي چئو ته آرڊر ۾ A.W.I نه پر W.I آهي.“ پوءِ مون کيس چيو ته ”ڀلا S.D.E.O. وارن کي ڇا چئجي؟“ چيائين ته ”آءٌ کين ليٽر جو جواب ڏيان ٿو.“ اُن سلسلي ۾ ساڻس 30-2 بجي تائين مان ويٺو رهيس، انت آفيس بند ٿي وئي ۽ چيائين ”اڄ ڪم گهڻو آهي. S.D.E.O. وارن کي ليٽر جو جواب ڏئي ڪونه سگهياسين. سڀاڻ ڏينداسون. تون دلجاءِ ڪر. عبدؤ ۾ اِها جاءِ منظور ٿيل آهي.“ مون کيس چيو ته ”سڀاڻ آءٌ اچان يا توهان کين ليٽر جوجواب پاڻ لکي ڇڏيندا.“ چيائين ته ”تون پاڻ اچجانءِ ته ڳالهه ياد ايندي.“ پوءِ مون کانئس موڪلايو، ۽ ڳوٺ آيس. ٻئي ڏينهن وري آفيس ويس ۽ وڃي نياز سان مليس. نياز کٻو هٿ ملايو. آءٌ سندس ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويٺس. چيو مانس،”ڀلا S.D.E.O. وارن کي ليٽر جوجواب ڪڏهن ٿا لکو؟“ چيائين، ”في الحال ته بِلن (Bills) ۾ ڦاٿو پيو آهيان، هنن مان جان ڇڏايان ته لکان ٿو.“ مان في الحال ماٺ ڪري ويهي رهيس. ڪنهن مهل خيال آيو ته مان ڪيترو نه بيوقوف آهيان جو هر ڳالهه خاطر سڌو اچي ڪلارڪ سان ٿو ملان. مون کي D.E.O. سان خود ملڻ گهرجي. کيس سموري ڳالهه کان واقف ڪرڻ گهرجي. منهنجو ڪهڙو ڪم ته اچي ڪلارڪ سان ٿو ملان! ان ڳالهه جو جوابدار ته اُهوآهي ته هو مون کي ڪٿي به مقرر ڪري ۽ ڪلارڪ کي چوي ته D.E.O. وارن کي هي يا هيءُ جواب لک! مان ڪيڏو نه احمق آهيان، جو D.E.O. صاحب سان ملڻ جي بجاءِ ڪلارڪ سان ٿو اچي ملان ۽ کيس اچي سائين سائين ٿو ڪريان! سچ پچ ته مون کي شرم اچڻ گهرجي! آءٌ 14 گريڊ جو ملازم، هڪ اٺين گريڊ واري ڪلارڪ سان سائين سائين ڪري، عاجزيءَ سان اچي ٿو ڳالهايان!

مان اها ڳالهه ڳڻي، D.E.O سان وڃي ملڻ لاءِ تيار ٿيس، پر اُن وقت ئي ذهن ۾ ٻيو خيال اُڀريو ته ڇا اڳلي ماڻهوءَ ۾ ايتري اهليت آهي، جو منهنجوحال ٻڌندو ۽ پنهنجو فيصلو ڪري ڪلارڪ کي چوندو! هو ته رڳو سائيننگ مَشِين آهي.هو ته ڪاغذ تي صحيح ڪرڻ لاءِ به ڪلارڪ کان پڇندو آهي ته ڪٿي صحيح ڪريان! سڄوڪم ته ڪلارڪ ڪندا آهن. هن کي رڳو پنهنجي صحيح وجهڻي پوندي آهي. جيڪڏهن آءٌ ساڻس وڃي ملندس به، ته وڌ ۾ وڌ چوندو ته ”وڃي ڪلارڪن سان ڳالهاءِ!“ وري به ساڳيو ڪلارڪن جي اڳيان پيش پوڻو پوندو.: تنهنڪري ڪهڙو وڃي D.E.O. سان ملان! پر وري به دل چيو ته هيڪر وڃي ملانس. ڏسان ته ڇا ٿو چوي. انهيءَ ڳالهه کان کيس ضرور واقف ڪرڻ کپي. اِهو فيصلو ڪري ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ ٻاهر نڪري D.E.O. جي ڪمري ڏانهن وڌيس ته پٽيوالي چيو ته ”صاحب ڪونهي، صاحب پنهنجي جاءِ تي ويٺوآهي، صبح کان ڪونه آيو آهي. ڪاغذ به اتي صحيح ٿو ڪري.“ پوءِ مون اوڏانهن، ساڻس جاءِ تي وڃي ملڻ جو ارادو ڪيو، پر افسوس جو هو عين انهيءَ مهل ٻيو پٽيوالو ساڻ ڪري ڳوٺ وڃي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته اُهو ڏينهن خميس جو هو. دل ۾ آيو ته ساڻس رستي ۾ ڳالهه ڪريان. پر وري چيم ته ڪٿي ڪاوڙجي نه پوي! پوءِ مان به ڳوٺ هليو آيس. ڇاڪاڻ ته جڏهن صاحب ئي هليو ويو ته پوءِ ڪاغذ تي صحيح ڪير ڪندو؟!

ڳوٺ ايندي رستي ۾ خيال آيو ته منهنجو هر هر آفيس وڃڻ غلط آهي. اهو آفيس وارن جو ڪم آهي ته هو مون کي ڪٿي به مقرر ڪن! آءٌ روزانو پئسا اڌارا وٺي، ڀاڙا ڀري، جيڪو آفيس وڃان ٿو، سا سراسر منهنجي ناداني آهي. اهو انهن جو فرض آهي، اختيار آهي، ۽ مون کي ڪنهن نه ڪنهن اسڪول ۾ مقرر ڪندا.

اتفاق سان اهو ڏينهن ڏاڍو گرم ٿيوهو. ان ڏينهن گرميءَ جو درجو چوٽ تي هو. گرمي مون کان برداشت نه ٿي سگهي ۽ آءٌ بيمار ٿي پيس. ڏينهن لڳي ويو. ٻه چار ڏينهن طبيعت ٺيڪ نه رهي. ڳوٺ ۾ ئي رهيس ڪيڏانهن نڪري نه سگهيس.

ڪالهه رستم اچڻ ٿيو. هڪ پراڻو شاگرد جيڪو اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ”چڪ“ مان مئٽرڪ پاس ڪري ويو هو ۽ پاور ۾ سندس نوڪري هئي، لائن مئن هو، تنهن جي فوتي ٿي، پاور ۾ اچي ويو. ان جي عذر خواهيءَ لاءِ هلي ويس. اُتي اسانجي اسڪول رستم جو ڪلارڪ به ويٺو هو، تنهن ٻڌايو ته منهنجو R.R. (تفريحي الائونس) منظور نه ڪيوويوآهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي اڃا ڪٿي به پوسٽنگ نه ٿي آهي. تنهنڪري اڃا مان موڪل تي آهيان. اِها ڳالهه ٻڌي، منهنجا طاق لڳي ويا. ڪاوڙ ۾ دل جي رفتار تيز ٿي وئي، ۽ وات مان بُرا ڀلا لفظ پئي نڪتا. مان سمجهي ويس ته اِها سڄي شرارت نياز جي آهي. آخر مون نياز جو ڇا بگاڙيو آهي، جو هو مون سان اهڙو سلوڪ ٿو ڪري. خدا جي مار پويس! پوءِ مان پنهنجي منهن ٿي ان جا سبب ڳولڻ لڳس. مون کي هيٺيان سبب معلوم ٿيا:

(1) 73-1972ع جو زمانو هو، جڏهن لکي مڊل اسڪول ۾ هوس، تڏهن مون کي لکيءَ مان بدلي ڪري پَني تعلقي جي مڊل اسڪول دادلوءَ ۾ A.W.I. جي جاءِ تي رکيو ويو هو. ٻه مهينا اتي رهيس. هڪ ڏينهن سکر D.E.O. جي آفيس آيس. ان وقت D.E.O. مسٽر مشتاق احمد کوکر هو. آءٌ ساڻس وڃي مليس ۽ پنهنجي بدليءَ جو ٻڌايومانس ته ”مون کي خواهه مخواهه لکيءَ مان ڪڍي دادلوءَ مڊل اسڪول ۾ رکيو ويو آهي. جيڪو پني تعلقي ۾ آهي ۽ منهنجي ڳوٺ کان تمام پري آهي.“ تڏهن مون کان بدليءَ کان بدليءَ جو سبب پڇيائين، مون کيس چيو ته ”مون کي ڪوبه پتونه آهي ته منهنجي بدلي ڇو ڪئي وئي آهي.پوءِ ڪلارڪ کي گهرايائين ان وقت اسٽئبلشمينٽ ڪلارڪ نياز هو، جيڪو هينئر D.E.O. شڪارپور وٽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آهي. کيس چيائين ته ”هن کي بدلي ڇو ڪيو ويو آهي، لکيءَ مان دادلوءَ؟“ چيائين ته ”سائين، مان ڏسان.“ ڪجهه دير کان پوءِ وري آيو ۽ اچي صاحب کي چيائين، ”سائين ڀل ۾ سندس بدلي ٿي آهي. ٻئي جي جاءِ تي هن جو نالو لکجي ويو آهي.“ صاحب کيس چيو ته ”هاڻي جو هاڻي هِن جو آرڊر لکيءَ ڪڍي اچ.“ مان اُتي ئي ويٺو رهيس. هن آرڊر کڻي آڻي صاحب کي ڏنو. صاحب مون کي صحيح ڪري ڏنو. سڄي هن معالي ۾ ڪلارڪ نياز جي ڏاڍي بيعزتي ڪيائين. نياز شايد مون کان اهو بدلو ٿو وٺي.

(2) جڏهن مان پنهنجي ڳوٺ چڪ هاءِ اسڪول ۾ هوس ته منهنجي جاءِ تي غلام علي شاهه کي رکيو ويو هو. کانئس 200 رپيا نياز ورتا هئا. مون کي رستم رکيو ويو هو، ۽ هن کي چڪ ۾. تڏهن مون خانگي طرح D.E.O. کي خط ذريعي ٻڌايو هو ته مون مسڪين کي ڪهڙيءَ طرح توهان جي آفيس سڳوريءَ بدلي ڪري رستم رکيو آهي ۽ غلام علي شاهه کي چڪ ۾! اهو خط D.E.O. عبدالغفور چنه نياز کي پڙهايو هو۽ نياز مون کي خود ٻڌايو هو.

(3) ته هو چڪ واري هيڊ ماستر شاهد بلوچ جو شاگرد آهي. شاهد ۽ منهنجو پاڻ ۾ ٺاهه نهآهي، نياز کي خبر آهي. شاهد بلوچ سندس استاد آهي، ان جو بدلوپيو وٺي.

(4) ته مون ڪڏهن به کيس وڍي ڪانه آڇي آهي. ڪنهن به ڪم ڪرائيندي سندس کيسو گرم ڪونه ڪيو آهي. ان ڪري سندس دل ۾ باهه جا ڀڀڙ ٿا ٻرن ۽ مون کي هر ممڪن نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.

اِهي ئي سبب آهن، جو هو مون سان ڪونه ٿو ٺهي. چوندا آهن ته تنگ آيد به جنگ آيد. مان اڄ ساڻس ڪجهه کَٽي ڳالهائڻ لاءِ D.E.O. صاحب کي سڌيون سڻائڻ لاءِ هتي آيو هوس. پر افسوس جو هو ٻئي ڪراچيءَ ميٽنگ ۾ ويل آهن.

هتي شام تائين هڪ دوست وٽ رهيل آهيان، ڏينهن ٺاري ڳوٺ هليو ويندس. ذهن تي بوجهه ۽ دل تي پريشاني ڇانيل آهي.اهو منهنجي لکڻيءَ مان پڌرو ٿيندو! خيال منتشر آهن، سوچيان ٿو ته آخر انهن ظالمن سان ڪيئن منهن ڏجي. غريب ماڻهو، نه پٺ نه پئسو. آخر ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن، سائين، آفيس ۾ وات ڦاڙي ڳالهائيندس، ته آئينده لاءِ اڃا ويل وهائيندا. اڃا به وڌيڪ سور سهڻا پوندا ۽ نوڪري پڻ خطري ۾ ٿيندي. مسڪين ماڻهو هميشه احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا هوندوآهي ۽ احساس ڪمتريءَ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ کي خدشا زياده نظر ايندا آهن. آءٌ ڏسان ٿو ته رڳو اڄ جو خيال ڪندس ۽ مستقبل لاءِ نه سوچيندس ته پنهنجي جان تڪليف ۾ وجهندس. مون کي جاني تڪليف جو خيال ڪونه آهي. پر مالي تڪليف جووڌيڪ فڪر آهي. اڃا مان مالي لحاظ کان خود ڪفيل ڪونه ٿي سگهيوآهيان. مون ۾ ايترو ست ڪونه آهي، جو مان ڪنهن حق حاصل ڪندي ڪنهن سان ڏند ڏيان ۽ هڪ مهيني جي پگهار بند ٿئي ته پرواهه نه ڪريان ۽ جيستائين ان جو فيصلو ٿئي تيستائين ويهي کائيندس. اهڙي تبديلي مان پاڻ ۾ تڏهن آڻي سگهان ٿو جڏهن مان مالي طرح ڀڙ ٿي ويندس. توهان کي اِنهن ڳالهين ٻڌائڻ جو مقصد پنهنجي دل تان غبار هلڪو ڪرڻ آهي ۽ نيڪ مشورو طلب ڪرڻ آهي.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(51)

چڪ

13-9-1983ع

جڏهن پوي ياد محبت سپرينَ جي،

فريادون فرياد، ناگهه وڃن نڱيو. ”شاهه“

السلام عليڪم: احوال عرض آهي ته خط لکڻ ۾ تمام گهڻي دير ٿي آهي، تنهن لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان.

توهان جي طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي، مون کي گهڻو خيال هو، مان هڪ ٻه ڀيرا ايڏانهن اچڻ لاءِ به تيار ٿيس. پر اهڙو پروگرام ٺهي ڪونه سگهيو، بس اڄ سڀان ڪندي، وقت گذرندو رهيو. توهان آپريشن جي ڳالهه ڪئي هئي. منهنجي راءِ آهي ته اِها ڪنهن ماهر ۽ سٺي ڊاڪٽر سان صلاح ڪري ڪرائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته توهان ڪمزور آهيو. بهتر ٿئي، جو ٻاهرئين ملڪ وڃي آپريشن ڪرائجي، اُتان جا ڊاڪٽر بنسبت پاڪستان جي ڊاڪٽرن جي انساني زندگيءَ جو وڌيڪ قدر ڪندڙ آهن. وڌيڪ مرضيءَ جا مختيار آهيو.

سائين! توهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته مان توهان جي دعائن سان پنهنجي ايم-ايڊ (M.Ed) جي امتحان ۾ اي گريڊ ۾ پاس ٿيو آهيان. درحقيقت اهڙين مبارڪن جا مستحق توهان آهيو. اڳتي لاءِ دعا ڪندا رهندا. ٻي هيءَ ڳالهه به ٻڌي توهان کي خوشي ٿيندي ته اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ قائم ڪئي آهي. اُن کان علاوه چڱي ڀلي لائبرري پڻ ٺاهي اٿئون، جنهن ۾ پنج اٺ هزار ڪتاب رکيل آهن. اسين سنڌي ادبي سنگت جي طرفان گڏجاڻيون ڪندا آهيون، جنهن ۾ مختلف دوست شعر ۽ ڪهاڻيون وغيره پڙهندا آهن. مون به آزاد نظمن ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اِن کان علاوه هتي ليڪچر سسٽم پڻ شروع ڪئي اٿئون؛ جنهن جي انتظام وغيره لاءِ مونکي چونڊيو ويو آهي. گذريل 83-9-2 تي مون شعر تي ابتدائي ليڪچر ڏنو، جنهن ۾ ڪافي ادب دوستن شرڪت ڪئي.

اهڙي قسم جو ليڪچر وري 83-9-7 تي مون کي ”علم عروض“ تي ڏيڻو پوندو. دعا ڪندا ته انهن ليڪچرن کي خير خوبيءَ سان نباهيان ۽ هلايان. اُن ۾ منهنجو اڀياس پڻ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مان اها تمنا دل ۾ سانڍيو ويٺو آهيان ته آءٌ سنڌيءَ ۾ ليڪچرار ٿيندس. تنهن لاءِ اڳواٽ اهڙي اڀياس ڪرڻ جي شروعات ڪئي اٿم. هن وقت منهنجي عمر چاليهن ۾ هلي رهي آهي. هِن سال جيڪڏهن ڪجهه ٿي سگهيو ته واه نه ته ٿيو خير! ڇاڪاڻ ته ڪميشن جي امتحان ۾ ويهڻ جي لاءِ وڌ ۾وڌ عمر جي حد چاليهه سال هوندي آهي، تنهنڪري اِن سلسلي ۾ آءٌ توهان کي به عرض ڪندس ته مون لاءِ هٿ پير هڻندا ۽ رستو هموار ڪري ڏيندا، ته جيئن مان پنهنجي منزل مقصود تي پهچي سگهان.

مان پنهنجون درخواستون توهان ڏانهن اماڻي ڪونه سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته هتان ئي فارورڊ ڪرائي ڪونه سگهيو آهيان. اميد ته عيد کان پوءِ جڏهن حيدرآباد ايم- ايڊ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ ايندس، تڏهن درخواستون به ساڻ کڻي ايندس. تيستائين جيڪڏهن آپا شمس عباسيءَ سان ملاقات ٿئي، ته ڳالهه ڪن ته آڻي ڇڏجوس.

مان اميد ته عيد کانپوءِ توهان جي درشن مبارڪ لاءِ ايندس، اُن کان اڳ جيڪڏهن توهان قرب ڀريا ٻه اکر پنهنجي هٿن سان لکي سگهو، ته مهرباني- انتظار لهي پوندو.

زياده آداب

فقط توهان جو خادم

غلام علي چنه

*

 

(52)

چڪ

15-10-1983ع

اکڙيون اڃايل سڄڻ تنهنجي سونهن جون

سدا سڪايل، رهيون بوند برهه لَئي.

سائين! خوش هجو شال.

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته هن کان اڳ به توهان ڏانهن هڪ عدد خط لکيو اٿم، اميد ته توهان کي موصول ٿيو هوندو. مون توهان ڏانهن لکيو هو ته عيد کان پوءِ اوهان ڏانهن ايندس. ليڪن جيئن چوندا آهن ته ”هڪ بندي جي من ۾ ٻي جا ڪري خدا!“ سو ايڏانهن اچي ڪونه سگهيس. پهريائين اليڪشن جي ڊيوٽي لڳي، پوءِ وري عاشورا آيا. هاڻي اميد ته ستت اچي سرٽيفڪيٽ به وٺي ويندس، ۽ توهان جو درشن به ڪري ويندس.

شڪارپور ضلعي کان سکر ضلعي لاءِ بدليءَ جي درخواست هتان جي ڊي-اي-او صاحب کان فاورڊ ڪرائي حيدرآباد ڊئريڪٽر ڏانهن موڪلي اٿم، باقي پاڻ کي بيورو ۾ چونڊرائڻ لاءِ درخواست روبرو کڻي ايندس.

خير جو وقت پيو گذري. پنهنجي احوال کان واقف رکندا، حجت، غلطي ۽ گستاخي ڪاٿي هجي، ته معاف ڪندا، عبدالمجيد چنه جا سلام مطالع ڪندا.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(53)

41- اي صحافي ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ.

29-1-1984ع

پيارا ڀاءُ غلام علي، شال خوش هجو.

آءٌ سمجهان ٿو ته اوهين نيٺ ناراض ٿي پيا آهيو. نه ته هت حيدرآباد ۾ اچو، ٻه ٽي ڏينهن رهو، ۽ مون سان نه ملو، سا ته ٿيڻي ڳالهه نه آهي! اوهان جي ناراضگي صحيح به آهي، جو اوهان ڏانهن مون ڪوبه جوابي خط نه موڪليو، جيتوڻيڪ اوهان جا اڌ ڊزن کن خط بلڪ وڌيڪ، مون کي مليا. بهرحال، اوهان کي منهنجي انِ نڀاڳ جي ته اڳ ئي ڪَل آهي، پوءِ ڪاوڙ ڇا جي! ڏک ۽ افسوس البت ڪري سگهو ٿا.

اميد ته اوهين هر طرح خوش باش هوندا.

اوهان جي دل ۾ ڪنهن ٽريننگ اداري ۾ استاد ٿيڻ جي امنگ جو ڇا ٿيو؟ مائي شمس عباسيءَ جي بيورو آف ڪريڪيوليم تان رٽايرمينٽ ٿي چڪي آهي، ۽ اُن جي جاءِ تي ميان مشتاق کوکر آيل ٻڌجي ٿو. اوهان جو جيڪڏهن اڃا به اُهو ساڳيو شوق قائم هجي، ته ان صاحب سان اِن باري ۾ آءٌ ڳالهائي سگهان ٿو، اوهان جا هڪ ٻه ڪاغذ مارڪن وغيره جا ته مون وٽ پيل به آهن، جي کوکر صاحب سان ڳالهائجي ته ڇا واسطي؟ اِن بابت ڪي تفصيل لکي موڪليندا، ته منهنجي لاءِ اُهي رهبريءَ جو ڪم ڏين.

منهنجي طبيعت اڃا پوري ٺيڪ ڪانه ٿي آهي، ڏينهن ٻن ۾ ڪراچيءَ ڪنهن هڪ اڌ ڊاڪٽر سان مشوري لاءِ وڃي رهيو آهيان. مثاني ۾ اڃا تڪليف محسوس ٿئي ٿي. شايد فيبروريءَ جي آخر يا مارچ جي شروع ۾ ٻيهر آپريشن به ڪرائڻي پوي.

پنهنجي پڙهڻ لکڻ جي ڪم ۾ مصروف رهان ٿو ۽ ٻي ڪا اڪيلائيءَ يا نگهباڻيءَ جي ضرورت جي ڳڻتي اڃا ته ڪانه اٿم. جي اُها ڪڏهن ٿي، ته هاڻي اوهين خط لکو ٿا. ۽ آءٌ جواب نٿو موڪليان، پر پوءِ آءٌ خط لکندس ۽ شايد اوهان جي جوابن جو اوترو ئي يا اُن کان به گهڻو انتظار ڪندس جيترو اوهين هاڻي منهنجي جوابن جو ڪريو ٿا!

شال سدا خوش هجو، سلامت هجو، آباد هجو.

زياده خير- والسلام

ٻارڙن کي گهڻا گهڻا پيار چوندا.

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(54)

چڪ

23-1-1985ع

سائين!

السلام عليڪم: مدتِ مديد کان پوءِ لکڻ جي معافي طلبيءَ کان پوءِ عرض ته اونهاري ۾ حيدرآباد آيو هوس، ٻه راتيون ميٺارام هاسٽل ۾ رهيو هوس، توهان ڏانهن توهان جي ملاقات لاءِ پڻ آيو هوس، پر افسوس جو درشن نصيب نه ٿيو. توهين ڪراچيءَ ويل هئا.

توهان جي دعائن سان آءٌ خوش چڱو ڀلو آهيان ۽ ٻار ٻچا پڻ خوش و خرم آهن. منهنجو وڏو پٽ غلام مرتضيٰ هاڻي مئٽرڪ ۾ آهي ۽ سندس داخلا سکر جي ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ آهي. سندس شعبو آٽو (Auto) ٽيڪنالاجي آهي، جنهن ۾ کين مشينريءَ جو ڪم سيکاريندا آهن. اُن کان علاوه هو شام جو اليڪٽرڪ جو ڪم به سکي ٿو، جنهن مان کيس 100 روپيا ماهوار پڻ ملندا آهن. هو سراسري ڪم چڱو ٿو ڪري. البته راندين جوگهڻوشوق اٿس. منهنجي چوڻ تي گهٽ ڌيان ٿو ڏئي. ناراض ٿو ٿئي. دل چوي ٿي ته کيس گهڻو نه چوان، پر چوڻ به مناسب سمجهان ٿو. گهر ۾ کيٽو به ڪري ٿو. ڪڏهن ننڍن ڀائرن ۽ ڀيڻن سان جهيڙو ٿو ڪري. ڪڏهن ماءُ سان مُونو مچائي ٿو بيهي. منهنجي چوڻ تي ته گهڻو تپي ٿو وڃي ۽ ماني کائڻ ڇڏي ٿو ڏئي. دنيا جي ماحول ۾ گهڻو ڦاٿل ٿوڏسجي. ٽي وي گهر ۾ ته ڪانهي پر وڏي ڀاءُ وٽ آهي، ۽ ڳوٺ جي هوٽلن تي آهي. اُتي وڃي ويهي ٿو رهي. شل نه ڪو چڱو پروگرام ڏسي، يا ڪرڪيٽ ڪنهن اسڪرين تي ڏسڻ ۾ اچيس! سچ پچ ته ٽي وين ۽ وي سي آرين اسان جي نئين نسل کي کارڻ جو سامان مهيا ڪيوآهي. آءٌ اِن فڪر ۾ گهڻو ٿو گذاريان. نياڻين کان وڌيڪ ڇوڪرن جو خيال رکڻو ٿو پوي. اڄڪلهه جي زماني ۾.

وچين پٽ غلام مجتبيٰ کي پڙهڻ جوگهڻوشوق آهي. وڏي نياڻي صفيه به پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي ٿي. باقي ٻار ننڍا آهن. هاڻي آءٌ وڌيڪ اولاد هئڻ جي خلاف آهيان. هونئن به جنسياتي خيال مون مان موڪلائي ويا آهن. البته هَوَس آهي (گستاخي معاف)

آءٌ هاڻي پڙهڻ (يعني ڪنهن ڪورس ڪرڻ)  کان واندو آهيان، ان ۾ مزو نٿو اچي. دل چوي ٿي ته هن سال Law ۾ داخلا وٺان ۽ مصروف رهان. آءٌ اڃا مڊل اسڪول عبدوءَ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان. ڪجهه مهينا اڳ سکر ضلعي ڏانهن بدليءَ جو آرڊر آيو هو. پر سکر واري D.E.O. سکر شهر نه ڏنو ۽ سکر کان گهڻو پري ميرپورماٿيلي رکيو هو. تنهنڪري سکر ضلعي وڃڻ کان نابري وريم ۽ ڳوٺ جي ڀرسان رهي ڪم ڪرڻ وڌيڪ چڱو سمجهيم. بجاءِ ان جي، جو پرديس ۾ وڃي پئسا به کپايان ۽ گهر کان دور به رهان. سو هن پهاڪي تي عمل ڪيم ته

Go east go west

Home is the best

چاليهن ڪوهين به گهر ٿو سُجهي. مون اوهان ڏانهن اچڻ جي به دير ضرور ڪئي آهي، پر توهان کي وساريو نه اٿم:

لاهيان جي نه جتان، الا اُنِ م وسران،

مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جن سان.

(شاهه)

سچ پچ ته آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اوهان جا پراڻا خط ڪڍي پڙهندو آهيان، جن ۾ ڪافي نصيحتون ۽ دعائون منهنجي لاءِ هونديون آهن ۽ اُهي منهنجي لاءِ هڪ ڪتاب جي حيثيت رکن ٿا. مان انهن توهان جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

توهان جا خط مون ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪندا آهن.

وڌيڪ به دعا ڪندا رهندا ۽ هدايتن کان نوازيندا.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(55)

چڪ

17-9-1985ع

سدا سلامت.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو.

السلام عليڪم: گذارش عرض ته ان ڏينهن توهان کان موڪلائي خير سان اچي ڳوٺ پهتس. خير جو وقت پيو گذري.

ڪالهه شڪارپور ڊي-اِي-او جي آفيس ويو هوس. ڊي اِي او سان ملاقات ٿي ڪانه سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪافي ماڻهو وٽس ويٺاهئا. البته هيڊ ڪلارڪ سان مليس. جنهن کان پنهنجي بدليءَ جي آرڊر بابت پڇيم، چيائين ته ”ٻڌو اٿئون ته آرڊر ٿيا آهن. باقي اِها خبر نه آهي ته ڪڏهن ٿيا آهن ۽ هتي ڪڏهن ٿا پهچن!“ مطلب ته هتي اڃا ڪونه پهتا آهن.

توهين ايڏانهن ويٺا آهيو، توهان کي اختياريءَ وارا ويجها به آهن، مهرباني ڪري معلوم ڪري ڏسندا، ۽ جيڪڏهن واقعي بدليون ٿيون آهن ۽ منهنجي به ان ۾ آهي ته مهرباني ڪري ڊپٽي ڊئريڪٽر کان فون ڪرائيندا ته جيئن D.E.O. سکر مون کي سکر ۾ ئي رکي، ۽ ٻاهر وڃڻو نه پوي، جيئن توهان به خود چيو هو. زياده مرضيءَ جا مالڪ آهيو.

سائين مون توهان کي ٻڌايو هوته وزيراعظم جي پريس سيڪريٽريءَ، مسٽر علي محمد چنه ڏانهن پنهنجا سرٽيفڪيٽ ۽ درخواست ڏياري موڪلي اٿم، سو هُن مهرباني ڪري تعليم جي سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏياري موڪلي آهي. ۽ ان ۾ هدايت ڪئي اٿن ته اُن تي غور ڪري کين ۽ مون کي پڻ اطلاع ڪيووڃي. اهڙي نقل ڪاپي مون ڏانهن به موڪلي اٿن. توهان جو ڇا خيال آهي، ڪم ٿيندو؟ يا ڪا صلاح ڏيو ته ڇا ڪجي- تعليم سيڪريٽري نظر محمد شيخ پني عاقل ضلعي سکر جو آهي. توهان سان ڪا عليڪ سليڪ هجيس، ته توهان پنهنجي منهن به مهرباني ڪري کيس چوندا. في الحال ائڊهاڪ بيس تي ئي رکن، پوءِ ڪميشن جي امتحان ۾ ويهندس.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(56)

41-A, Sahafi Colony,

Hyderabad, Sindh

November 30, 1985

My dear Ghulam Ali,

I was heartily glad to know that you have been posted, at Government High School, Sukkur. Your Head Master, Shaikh Wazir Ali, is my esteemed friend. I am sure he will be kind and helpful to you in your efforts to prove a good and useful teacher. Kindly convey my salaams to him.

I am sorry I have delayed a lot in making you a reply. But I am sure you will be good enough not to mind, and keep on writing to me regularly. You know how earnestly I am interested in you advancement both as a student and as a teacher.

You asked my advice in one of your earlier letters as to an effective and practical method to improve your efficiency in English language. I would like you to re-do you study and exercises of "English Grammar and Composition" by wren and Martin, from start to the end slowly, steadily and carefully. It will do you immense good. Then, you may do well to read the Daily "Dawn" for an hour or so. Every day listening to Radio BBC every night from 11.00 p.m. to 11.30 p.m. will also improve your tone, delivery and pronunciation of English language. It seems to me you have improved quite a lot in your spelling ability, and I believe you will do well to keep it up.

With all good wishes.

Yours Sincerely

Mohammad Ibrahim Joyo

*

 

(57)

My Dear Ghulam Ali,

I wish you and your children a very happy new year.

I was much pleased to know from you that you have already started acting on my advice regarding your efforts at attaining a marked literacy in English language. You have already given evidence of improvement in your composition in the better worded and fairly correctly written letter dated 25-12-1985. In addition to what hints I gave you in my last letter for improving your English, you would indeed do well if you develop habit of consulting some good dictionary of current English, preferably the Concise Oxford. That will benefit you in many more ways than merely in the way of your spellings.

I was also glad to read that you keep on reading Sindhi books and periodicals.

As for the miscellany "Arsee", you should try to get hold of its first two numbers as well which too carry my articles. As for the English translation of the sentence you have picked up in my 'self-interview' published in Number 3 of the periodicals here it goes:

"It is evident that one is ofted bored and remains dissatisfied with the present, and even if satisfied with it one would always wish to be yet better satisfied."

A couple of months back, Azmat Adabi Academy, Hyderabad" has brought out my latest book محڪريءَ جا مضمونَ, which I would like you to get hold of and read. It is a highly readable book, particularly because it is a translation into Sindhi, from Dr Mehkari's English essays which he often contributed to the English Press in Pakistan. Should you even have before you the original English version of a few of those essays, you can learn a lot in the field of translation art from English to Sindhi and vice-versa.

With best wishes,

I am yours sincerely,

Mohammad Ibrahim Joyo.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org