سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

باب: --

صفحو :2 

 

(8)

ڪوهاٽ

16-10-1968ع

پيارا غلام علي، خوش هجين شال.

تنهنجو خط مليم. پڙهي دل خوش ٿي. ڏاڍي سٺي ڳالهه ٿي جو تون سي- ٽيءَ جي لاءِ چونڊجي ويو آهين. هاڻي محنت ۽ هوشياريءَ سان اهو سال پڙهي پورو ڪري، خير سان پنهنجي روزگار سان دائمي طور، لڳي سگهين ٿو. هيءُ سال سي- ٽي ڪورس پڙهڻ لاءِ جوتوکي مليو آهي، تنهن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي نعمت ڪري سمجهه. هيءُهڪ اهڙو مفيد موقعو آهي، جو وري وري ماڻهوءَ کي حياتيءَ ۾ ڪونه ملندو آهي. انهيءَ عرصي ۾ تو کي رڳو پڙهڻو ئي پڙهڻو آهي ۽ پنهنجي مطالعي سان پنهنجي واقفيت ۽ علميت وڌائڻي آهي. سو مهرباني ڪري اهو سال نهايت گهڻي ڪوشش ڪري، فائديمند طريقي سان گذارج. انهيءَ هڪ سال ۾ جيڪي ڪجهه تون پرائيندين، سو سڄي عمر توکي ڪم ايندو، ۽ سڄي عمر تون پنهنجي انهيءَ سال جي پڙهائيءَ کي ياد ڪندو رهندين. مون کي پڪ اهي ته تون انهيءَ ڳالهه جي اهميت سمجهي سگهين ٿو ۽ محسوس ڪري سگهين ٿو. وقت ۽ موقعي جو قدر ڪرڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ لازم آهي.

آءٌ هت بهرحال خوش آهيان، وقت خير جو گذري رهيو آهي. هن سال اسان وٽ هن ٽريننگ اسڪول ۾ فقط 60 (سٺ) شاگرد آهن. رڳو هڪ ڪلاس جي – ويءَ جوآهي. جي-ويءَ کي هاڻي پي. ٽي. سيءَ جي نالي سڏين ٿا، ۽ بجاءِ هڪ سال جي ٻن سالن جو هيءُ ڪورس آهي. آئنده سال هي 60 شاگرد ٻئي سال ۾ ٽپي ويندا ۽ ٻيا نوان 60 يا 70 شاگرد پهرئين سال ۾ چونڊجي ايندا، ۽ اهڙيءَ ريت هِن اسڪول ۾ جملي شاگرد 120 يا 130 رهندا.

هتي هاڻي سيارو شروع ٿي ويو آهي، مينهَن به ٻئي ڏينهن ٽئين ڏينهن پون ٿا، ۽ هر ڀيري سيءَ جا وڌيڪ ڪَڻا پاڻ سان آڻين ٿا، ۽ ڇڏي وڃن ٿا. مطلب ته سيءَ روز بروز وڌندڙ آهن، ۽ انهن جو ڇيهه وڃي ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۽ فيبروريءَ ۾ ٿيندو. اميد ته سياري کي منهن ڏيئي. اِهي ڏينهن گذاري وڃي پار پئبو.

سکر ۾ اياز سان ملج ۽ کيس چئج ته سندس شعر جو مسودو ۽ ڪتاب جي ڪَوَر جو بلاڪ آءٌ حيدرآباد پنهنجي گهر ڇڏي آيو هوس، ۽ اُهي منورَ ربانيءَ کي ڏنا هوندا، جي ربانيءَ کان وٺي پاڻ وٽ رکي. منهنجو ارادو هو ته ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروريءَ جا ٽي مهينا موڪل وٺي ايڏانهن اچان، پر هاڻ صورتحال اهڙي آهي، جو موڪل ملڻ جو امڪان ڪونهي. عيد جون موڪلون ڏهاڪو کن ڏينهن لاءِ ڊسمبر ۾ آهن. پر ايترا سيءَ اُنهن ڏينهن ۾ پوندا، جو انهن ۾ مون لاءِ ايڏو ڊگهو سفر ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. سو شايد ايڏانهن آءٌ وري اپريل مهيني جي پهرئين هفتي ڌاري مس اچي سگهندس. ٻي ڳالهه ته رشيد ڀٽيءَ ڪتاب شايع ڪيو آهي ”عاشق زهر پياڪ“- اُن جي هڪ ڪاپي مهرباني ڪري مون ڏانهن ڏياري موڪلينِ. تون کين ائين چئج. ٻيو ته حميد سنڌيءَ جي ”روح رهاڻ“ لاءِ ڪوشش ڪن ته جيئن مالي حالت اُن جي درست رهي. سيپٽمبر جي اشاعت ۾ هُن ايڊيٽوريل ۾ نهايت مايوسيءَ ۽ دلشڪستگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. اِن ڪري هُن جي همت افزائي ضروري آهي. اهي سڀ ڳالهيون تون کين ٻڌائج بلڪِ هيءُ خط اياز کي پڙهائج، ۽ منهنجا بيحد قرب ڀريا سلام کيس چئج.

تو اڳئين هڪ خط ۾ سنڌي لغت ۽ شاهه جي رسالي بابت مون کان پڇا ڪئي هئي، اُن باري ۾ مون سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال حيدرآباد کي لکيو آهي ته هو توکي سڄيءَ صورتحال کان واقف ڪندا. اُنهن جي ڏس تي تون لغت ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو رسالو حاصل ڪري سگهندين.

وڌيڪ خير آهي، اميد ته تون هر طرح خيريت سان هوندي. جيڪب آباد هاءِ اسڪول جي مخزن اميد ته تو پڙهي هوندي ۽ تو کي وڻي هوندي. سلام سکر جي سڄيءَ سنگت کي رسن.

تنهنجو دعاگو

محمد ابراهيم جويو

(9)

سکر

24-10-1968ع

دائم اقبال

بخدمت جناب استاد صاحب

السلام عليڪم: احوال هن ريت آهي ته توهان جو 16 تاريخ جو موڪليل نوازش نامون پهتو، جو مون کي هلندي پيرڊ ۾ هڪ دوست جي هٿان مليو پڙهي دل کي جا خوشي حاصل ٿي، سچ ته ان جو بيان نٿو ڪري سگهان.

1_ توهان لکيو هو ته مان شيخ اياز سان ملان ۽ توهان جو موڪليل خط کيس ڏيکاريان. تنهن حڪم موجب مون اڄ 5 بجي شام جو هن سان مليم ۽ خط کيس پڙهڻ لاءِ ڏنم. هن خط پڙهي چيو ته هو گهربل ڪتاب اوهان ڏانهن موڪليندو ۽ اوهان لاءِ پنهنجا سلام ڏنائين ۽ وڌيڪ ائين به چيائين ته جيڪڏهن توهان هيڏانهن سِگها نه ٿا اچي سگهو ته شايد ڪنهن وقت هو ايڏانهن اوهان ڏانهن اچي نڪرندو. باقي سندن طرفان سڀ خيريت آهي.

2_ توهان لکيو آهي ته اتي سيءُ روز بروز وڌندو رهي ٿو ۽ مينهن به هڪ نه ته ٻئي ڏينهن آهي ئي آهي، جنهنڪري ٿڌ وڌندي رهي ٿي ۽ اهي سيءُ ڪافي وقت هلندا. اهڙو احوال پڙهي دل کي ڪجهه درد محسوس ٿيڻ لڳو ته توهان اهڙن پارن ۾ ڪهڙيءَ طرح گهاريندؤ. ڇاڪاڻ ته توهان ٻڍا مڙس آهيو ۽ سيءَ کان ته ويتر ڪنبندا آهيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن جيڪب آباد هئاسون تڏهن به توهان پاڻ چوندا هئؤ ته توهان کي سيارو سيءَ جي لحاظ کان بلڪل پسند ڪين آهي، ۽ اُن وقت جيڪي توهان کي سيءَ جي ڪري تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون، اُن کان به مان چڱيءَ طرح واقف آهيان. تنهنڪري توهان جي اڳين حالت ڌيان ۾ رکي، خيال ٿو ڪريان ته توهان کي ايڏانهن ڪيڏي نه تڪليف سهڻي پوندي هوندي. تنهنڪري توهان جي پوڙهائپ تي نظر وجهڻ سان ٿورو دل ۾ درد ٿيڻ لڳي ٿو. خير، خدا ڪندو ته سٺو وقت گذري ويندو ۽ تندرستي ۽ توانائيءَ سان ڏينهن بسر ٿي ويندا.

3_ توهان لکيو آهي ته جي. ويءَ کي هاڻي پي-ٽي- سي سڏين ٿا.مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته اِن تي هاڻي اهونالو ڇو پيو ۽ اهو پي- ٽي- سي ڇا جو شارٽ فارم آهي.

4_ ڪجهه ڏينهن کان اسان جا ڊمانسٽري ليسن هلي رهيا آهن، جي مان روزانو اٽينڊ ڪرڻ ويندو آهيان، ۽ نومبر کان وري 20 پرئڪٽيڪل ليسن شروع ٿيندا. دعا ڪريو ته خير سان گذري وڃن.

5_ مون 1967ع ۾ جي- وي امتحان پاس ڪيو هو.مون کي هن وقت سي- ٽيءَ ۽ جي- ويءَ جي امتحان ۾، بغير هڪ انگريزيءَ جي، ڪوبه فرق ڏسڻ ۾ ڪين ٿو اچي. خدا ڪندو ته چڱي نموني پڙهي ۽ پِرائي امتحان پاس ڪندس.

6_ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد جي مخزن جو مطالعو ڪيم. مون کي مزاحيه ٻه مضمون- هڪ ”هاڻي ڇا ڪريان“ ۽ ٻيو ”قاسوءَ جي ڇڪڙو سائيڪل“ پسند ڪين آيا، باقي ٻيا سڀ مضمون سنڌيءَ واري حصي ۾ سٺا آهن، جيڪي جيڪب آباد شهر جي تاريخ کان واقف ڪن ٿا، ۽ جيڪب آباد شهر جي اديبن ۽ شاعرن جي ڄاڻ ڏين ٿا ۽ جنهن مان اها به خبر پوي ٿي ته جيڪب آباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو پايو يا بنياد ڪڏهن پيو ۽ ڪيئن پيو. ٿوري ۾ عرض ڪريان ته ٻيا سڀ مضمون پنهنجي حد تي وڌيڪ سٺا آهن.

اردوءَ واري حصي ۾ ”معاشري مين بينکاري کي اهميت“ پسند ڪين آيو، ٻيو ”اسلام کي نظر مين انسان کي معاشي مسئلي کا حل“ واري مضمون ۾ ڪافي الفاظ ڏکيا وڌا ويا آهن، جيڪي مان سمجهان ٿو ته ٻارن جي سطح کان مٿي آهن، ائين ڪرڻ نه گهرجي ها. باقي ٻيا مضمون جهڙوڪ ”هم بهي کچهه سوچين“ يا ”مين اپني ملک کي خدمت کيسي کرسکتان هون“ ۽ ٻيا وڌيڪ چڱا هئا.

انگريزيءَ واري حصي ۾ ٻيا مضمون چڱا هئا، ليڪن هڪ مضمون جو نالو Islamic Culture آهي، اهو مون کي بلڪل پسند ڪين آهي، ڇاڪاڻ ته اسڪول ليول کان مٿي آهي. اهو عنوان ايم-اي السلامي ڪلچر لاءِ آهي ۽ الفاظ ۽ اصطلاح به علمي استعمال ڪيا ويا آهن ۽ عام جي سمجهه کان مٿي آهن. ثابت ٿئي ٿو ته اِن دوست پنهنجي نمائش خاطر هوشياريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن جي لکت به ڇوڪرن جي ذهن کان مٿي آهي. حقيقت ۾ اهڙا مضمون آڻڻ نه گهربا هئا. اسڪول مخزن ۾ جيڪي مضمون ڏنا وڃن اهي ڇوڪرن جي سمجهه ۽ اڀياس جي آڌار تي هجن ۽ اهڙا هجن جيڪي مسئلا هنن کي پڙهڻ ۾ دقت نه وجهن. انهن کي آسان صورت ۾ ائين آڻجي، جو انهن کي پڙهي شاگرد سمجهي سگهن، ۽ پنهنجي سوچ کي وڌائي به سگهن، ۽ اهڙا مضمون لکجن جن جي پڙهڻ سان ٻارن کي هٿي اچي ۽ ائين نه ته مخزن کي ڇوڪرا ڏکيو سمجهي پڪوڙن وارن کي ڏئي اچن.

مون مسٽر غلام رسول کي هڪ ”ٽيبل ٽينس“ تي ۽ ٻيو ”امتحان جي تياري ڪيئن ڪجي“ بابت مضمون ڏنا هئا، جي چڱا هئا پر افسوس جو هن انهن ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڏنو ۽ بغير پڙهڻ جي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. مان سمجهان ٿو ته منهنجا مضمون ڇوڪرن کي ڪافي مدد ڏين ها پر اڄڪلهه وقت جي نزاڪت ڏاڍي خراب آهي. ڪو ڪنهن کي ڪين ٿو سهي.

6_ ها، مون کان هڪ ڳالهه جي ياد لهي وئي، جا مون توهان جي آڏو هاڻي پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

مون کي 1-10-65 تي جڏهن ٻيهر پرائمري ماستريءَ جو آرڊر مليو، اُن سروس دوران مون 1967ع ۾ جي- وي پاس ڪئي. امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ مون ٻه مهينا ويٽنگ لسٽ تي رهيم. ان کان پوءِ انٽر جي اسڪيل سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ اسسٽنٽ ماستر ٿيس. هن وقت وري سي-ٽيءَ تي آيو آهيان- تازو اسان جي ڪاليج ۾ هڪڙو ليٽر پهتو آهي ته جن جي سروس ٽي سال آهي ۽ جي-وي پاس آهن، اُهي پرائيويٽ طور بي- ٽيءَ جو امتحان ڏئي سگهن ٿا. اهو ٻڌي، مون تيار ٿيس، پر جڏهن سروس جي مُدت ڏانهن ڌيان ڏنم ته اُن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي نظر آئي، جنهنڪري بي-ٽيءَ جي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ مون کي ٻه مهينا ويٽنگ لسٽ تي رکيو ويو، تنهنڪري مون ڊي. آءِ. ايس سان مليم، جنهن چيو ته اِها ٻن مهينن جي ڪمي مون ”ڪنڊون“ يا درگذر ڪري ڪين سگهندس، پر ڊئريڪٽر ڪري سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ مون ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيڪر اها مشڪل لهي وڃي،ته ٻئي سال بي- ٽي پرائيويٽ طور ڏئي سگهان. وڌيڪ جيڪا توهان جي صلاح.

وڌيڪ خاص احوال ڪونه آهي، خط جي جواب جي عنايت ڪندا.

توهان جو شاگرد

غلام علي چنه

ايس-ايس- ٽي ڪاليج،سکر.

 

(10)

ڪوهاٽ

6-11-1968ع

پيارا غلام علي، شال خوش هجين.

تنهنجو 24 آڪٽوبر جو لکيل خط مليو، پڙهي حال احوال کان واقف ٿيس- مهرباني.

جي- ويءَ جي جڳهه تي پي. ٽي. سي ڪورس رکيو اٿن ۽ هڪ سال جي بدران ٻن سالن جو عرصو اُن لاءِ مقرر ٿيو آهي. پي- ٽي- سي اکر جي معنيٰ آهي ”پرائمري ٽيچرس سرٽيفڪيٽ“.

تنهنجي هِن خط ۾ (۽ پڻ اڳين خطن ۾) جڳهه جڳهه تي ضمير واحد متڪلم ”مون“ جو استعمال اهڙيءَ ريت ڪيل آهي، جو گرامر جي قاعدي مطابق اهو غلط آهي. مثلاً:

1_ مون شيخ اياز سان ملان ..........

2_ مون هن سان مليم .....................

3_ مون ڪتاب موڪليندس ...........

4_ مون ايڏانهن اچي نڪران ...........

5_ مون چڱيءَ طرح واقف آهيان ...........

6_ مون روزانو اٽينڊ ڪرڻ ويندو آهيان .........

7_ مون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ................

8_ مون ٻه مهينا ويٽنگ لسٽ تي رهيم .........

9_ مون اسسٽنٽ ماستر ٿيس ........................

10_ مون به تيار ٿيس ...................................

11_ مون سروس ڪنڊون ڪري ڪين سنگهدس........

12_ مون ڪوشش ڪري رهيو آهيان ..............

هن سلسلي ۾ هي ٻه چار ڳالهيون دل تي ياد رکج.  پهرين ڳالهه تي سنڌيءَ ۾ ضمير متڪلم واحد لاءِ ٽي لفظ ڪم اچن ٿا: (1) مون، (2) مان ۽ (3) آءٌ. ٻي ڳالهه ته جڏهن به اِن ضمير متڪلم واحد جي پٺيان حرف جر استعمال ٿيندو، تڏهن ضمير متڪلم واحد ”مون“ ڪم آڻبو. يعني مون کي، مون وٽ، مون ۾، مون کان وغيره. اتر سنڌ جي طرف ”مان“ ڪم آڻبو. يعني مون کي، مونوٽ، مون ۾، مون کان وغيره. اتر سنڌ جي طرف ”مان“ جي پٺيان به اِهي حرف جر ڪم اچن ٿا. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾؛ پر معياري ادبي ۽ علمي ٻوليءَ ۾ تحريري طور ”مان“ جي پٺيان حرف جر ڪم نه ايندو آهي.حرف اضافت جي حالت ۾ ”منهنجو“ (مون جو، منهنجو) صورت ڪم اچي ٿي. ٽين ڳالهه ته فاعل جي صورت ۾ ”مون“ فقط فعل متعديءَ جي صيغي ۾ ڪم اچي ٿو. سو به فقط زمان ماضي مطلق، زمان ماضي بعيد، زمان ماضي قريب، زمان ماضي متشڪيءَ جي حالت ۾- مثلاً مون ماريو، مون ماريو هو، مون ماريو آهي، مون ماريو هوندو. اتر سنڌ ۾، هنن صيغن ۾ ”مان“ ڳالهائڻ وقت ڪم آڻين ٿا، پر علمي ۽ ادبي معياري تحرير ۾ ”مان“ هتي به ڪم ڪونه ٿو اچي. هننِ ماضيءَ جي صيغن ۾ فعل لازميءَ جي حالت ۾ ”مون“ جي بجاءِ ”مان“ يا ”آءٌ“ ڪم اچي ٿو. فعل لازميءَ جي هر زمان جي صيغي ۾ فاعل طور ”مان“ يا ”آءٌ“ ڪم ايندو ۽ نه ”مون“.

اياز وٽان اڃا مون کي هتي ڪتاب ڪونه مليو آهي. مهرباني ڪري وري وٽس وڃي، هيءُ خط کيس ڏيکاري، تاڪيد سان کيس چئج ته ڪتاب موڪلي ڏئي، ۽ ٻيو ته هِن پاسي ڪهڙي مهيني ۾ اچڻ جو ارادو اٿس، سو کانئس پڇج. هيءُ نومبر جو مهينو گهمڻ گهتڻ لاءِ سٺو مهينو آهي. اِن کان پوءِ ڊسمبر، جنوري ۽ سڄو فيبروريءَ جو مهينو هتي تمام گهڻي ٿڌ پوي ٿي. جيڪڏهن هنن سِيئن ۾ نڪرڻ جو ارادو نه هجيس، ته پوءِ وري مارچ جو مهينو سٺو ٿيندس. هيئن پروگرام پنهنجو ٺاهي- مارچ جي 15 تاريخ ڌاري هيڏانهن اچي،ته مارچ جا اِهي پوين تاريخن وارا ڏهه پندرهن ڏينهن گڏجي، هيءُ پاسو خوب گهمي گهتي، اپريل جي پهرينءَ تاريخ اسان کي بهار جي موسم جا 12 کن ڏينهن موڪل ملندي، سو ان پهرينءَ اپريل تي گڏجي موٽي سنڌ هليا اچون. يعني 15 مارچ کان 31 مارچ تائين هِن پاسي جي سير ڪرڻ جو کيس پروگرام ٺاهڻ گهرجي. ”روح رهاڻ“ جي پيسن جي ادائگيءَ جي وري به يادگيريء هجيس- جو حميد سنڌي اِها همدردي ۽ خرچ ۾ ڪجهه ڀائيواري اسان کان لهڻي. ”اَڪ جو ڦلڙيون“ ڪتاب ڪڏهن ٿو نڪريء؟ نثر ۾ هڪڙو مضمون لکي رهيو هو- اُردو رسالن ۽ سنڌي رسالن، ۽ اردو اديبن ۽ سنڌي اديبن جي سلسلي ۾، اُهو الائي لکي پورو ڪيائين يا نه. ڪو سندس نئون شعر ٺهيو هجي ته کانئس لکائي مون ڏانهن تون ڏياري موڪلج- ڪيترو به هجيس اُهو سڀ، سندس شعر جي نئين ڪتاب جي ڇپائيءَ جو پروگرام الائي ڪيئن ٿيو! ادبي انجمن تي هتي ”نوائي وقت“ ۽ ”پاڪستان ٽائيمس“ اخبارن ۾ ته ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا اٿن. وضاحتي بيان ”نواي وقت“ “۾ ٻه چار ڏينهن ٿيا ته شايع ٿيو هو.”نواي وقت“ ۽ ”پاڪستان ٽائيمس“ ٻه اخبارون کيس ۽ ٻين دوستن کي باقاعدي پڙهڻ گهرجن. سکر ۾ نئپ جي عام جلسي جي ڪارروائي به ”نواي وقت“ ۾ پڙهي هيم- جنهن ۾ اجمل اسان جي سنڌي، سيد ۽ شيخ، کي سنڌ جي فخر جا نشان سڏيو هو. آءٌ هتي چڱو ڀلو آهيان ۽ خوش گذاريان ٿو. ڀُٽو صاحب هِن پاسي آيل هو. ڏاڍي مقبوليت ۽ پذيرائي سندس ٿِي. ڪوهاٽ ۾ به عام جلسو ڪيو هئائون.هتان جا ماڻهو چون ٿا ته ڪوهاٽ جي تاريخ ۾ ايڏو ماڻهن جو انبوهه ڪنهن سياسي جلسي ۾ ڪڏهن ڪٺو ڪونه ٿيو. هر هنڌ سندس گهڻِي قدر افزائي ٿِي. اياز جي ٻارڙن کي گهڻا گهڻا پيار ۽ سڀني دوستن کي گهڻا گهڻا سلام رسن. عبدالقادر (ڪِڪي) کي خاص پيار ۽ سلام رسن.

تو لکيو آهي ته هِتان جي سياري جي سخت ٿڌ ۾ آءٌ ڪيئن جاليندس، سو جيئن تيئن ڏينهن گذري ويندا. اِها سٺي ڳالهه آهي، جو هِتي منهنجي صحت چڱي ٿي رهي، زڪام وغيره جي شڪايت کان بچيل رهان ٿو. پيٽ جي شڪايت به ڪانه ٿي رهيم. سِيءُ کان بچڻ جا جيڪي اُپاءُ هتان جا ماڻهو ڪن ٿا، مثلاً گرم ڪپڙا ۽ ٻارڻ جو بندوبست- سي سڀ وٺي ڇڏيا اٿم ۽ هونئن به تڪليف اچي ٿي ته اُن کي منهن ڏيڻ جي همت به ماڻهوءَ ۾ پيدا ٿئي ٿي- ”تون جي پاهڻ پٻ جو نه لِڱ به منهنجا لوهُه.“ سو تون منهنجو ايڏو اُلڪو نه ڪج. اميد ته وقت گذري ويندو ۽ سٺو ۽ ڪامياب گذري ويندو، تنهنجي ايڏي اوني لاءِ مهرباني.

جيڪب آباد اسڪول مخزن لاءِ جيڪي تو لکيو آهي سو گهڻي قدر صحيح آهي. پر پهريون پرچو هو، آئنده اُن کي وڌيڪ سٺيءَ صورت ۾ ڪڍي سگهن ٿا. مون پڻ غلام رسول ڏانهن پنهنجا رايا مخزن جي اوڻاين بابت لکي موڪليا آهن. هِن ڀيري جيڪڏهن تنهنجو ڪو مضمون هُنن شايع نه ڪيو ته آئنده ڪندا، تو کي دل شڪسته ٿيڻ نه کپي. ڄاڻي ٻجهي تنهنجو مضمون هُنن رکي ڪونه ڇڏيو هوندو. پر وري به سنگت ۾ تون غلام رسول کي ڏوراپي طور پنهنجن خيالن کان واقف ڪري سگهين ٿو. ۽ اهڙيءَ ريت غلط فهمي دور ٿي ويندي.

منهنجي صلاح جي مڃين، ته تون بي. ٽي پرائيويٽ نه ڏج، پر ريگيولر اسٽوڊنٽ بنجي پاس ڪج. ڇو ته اُن ۾ ڪافي علمي فائدو ٿئي ٿو. پر وري به ڳالهه پنهنجي پنهنجي حالتن تي مدار رکي ٿي، سو جي تو کي سروس ڪئڊون (Condone) ڪري ڏين ۽ پرائيويٽ طور اهو امتحان ڏيڻ جو حقدار بنجي سگهين ته ڀلي اُن مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪج.

توسان گڏ جيڪو تنهنجو ڀائٽيو رهندو هو، سو هاڻي ڪٿي ٿو پڙهي؟ اميد ته خوش چڱو ڀلو هوندو، منهنجون دعائون ۽ پيار کيس ڏج.

اسان جي پياري دوست عبدالستار مغل سان گڏجڻ ٿيئي ته کيس قرب ڀريا سلام ڏج ۽ کيس ميار ڏج ته يار اسان ته تو وارو ملڪ ڇڏي وياسون ۽ تو جوڳين جو ميلو نه هڻايو سو نه هڻايو!

اميد ته تون محنت ۽ شوق سان پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مشغول هوندين ۽ توڏانهن ۽ تنهنجن ٻارڙن طرف هر طرح جي خيريت هوندي.

تنهنجو دعاگو

محمد ابراهيم جويو

 

(11)

سکر

18-11-1968ع

دائم اقبال

بخدمت جناب استاد صاحب.

السلام عليڪم: عرض ته توهان جو 6 تاريخ وارو لکيل خط پهتو. مان هڙتال هئڻ ڪري ڳوٺ ويل هوس. ڇاڪاڻ ته ڪاليج بند هئا. تنهنڪري مون کي توهان جو موڪليل نوازش نامو دير سان مليو. مهرباني فرمائي معاف ڪندا.

توهان جيڪو ”مون“ لفظ جو استعمال سمجهايو آهي. آءٌ اُن سان بلڪل متفق آهيان ۽ اِن کان علاوه شڪر گذار پڻ آهيان. ڇاڪاڻ ته توهان مون کي منهنجين اوڻاين ۽ گهٽتاين کان واقف ڪيو آهي. حقيقت ۾ اڄ منهنجي دل حد کان وڌيڪ خوش آهي، جو توهان منهنجو مغالتو دور ڪيو آهي. هن کان اڳ مان انهيءَڳالهه کان بي خبر هوس.

هڪ ته اِها ڳالهه، توهان جي چوڻ مطابق، گرامر جي قاعدي موجب غلط اهي. ٻيو ته ڪنهن به مضمون، درخواست ۽ خط ۾ هر هنڌ ساڳئي لفظ ڪتب آڻڻ جي ڪري اُن مضمون، درخواست يا خط جو مزو هليو ٿو وڃي. چڱو ائين آهي ته ٻيا ٻيا لفظ ڪم آڻڻ گهرجن.

توهان جا نقطه چيني ڪئي آهي، سا بلڪل صحيح آهي ۽ اڻ واقف ڳالهه کان خبردار ڪري ڇڏيو اَٿوَ. اميد ته اهڙي غلطي وري ڪانه ٿيندي.

وڌيڪ عرض ته مهرباني ڪري اهڙين اوڻاين ۽ ڪمزورين کان هر وقت واقف ڪندا رهندا، ته جيئن منهنجي خط لکڻ جو مقصد پورو ٿئي.

سچ پچ ته آءٌ هڪ اڻ گهڙئي ڪاٺ وانگر آهيان. اِهو توهان ڪاريگرن جو فرض آهي ته اڻ گهڙئي ڪاٺ کي گهڙي، رندا هڻي، ڇوڏا لاهي، هڪ ڪم واري ڪاٺي بنايو.

جيڪڏهن توهين به ائين نه ڪندؤ ته منهنجي واقفيت توهان سان هئڻ ڪري خود توهان جي گهٽتائي سمجهي ويندي. مهرباني.

آءٌ اڄ وري به اياز صاحب جي جاچ ڪئي، پر اڃا هن جو شايد ڪجهه ڪين ٿيو آهي، ۽ اڃا اُتي ئي آهن. وڌيڪ توهان کي معلومات هوندي، ۽ اخبارن ۾ به پڙهيو هوندَو.

توهان جي خوش هئڻ جي خبر ٻڌي، دل ڏاڍي خوش آهي. خدا ڪندو ته توهان هميشه لاءِ خوش هوندؤ ۽ سٺو ۽ ڪامياب وقت گذري ويندوَ. هونئن به ائين آهي ته ڏکن پاتي هرڪو ڏاڍو ٿيندو آهي.

مون پاڻ به پرائيويٽ بي. ٽي ڪانه ٿو ڏيان، ڇاڪاڻ ته توهان جي چوڻ مطابق ته ريگيولر اسٽوڊنٽ بڻجي پاس ڪرڻ ڪري ڪافي علمي فائدو ٿئي ٿو.

منهنجو ڀائٽيو به هن وقت مون سان ئي رهي ٿو ۽ سکر پراڻي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سندس داخلا آهي.

عبدالستار مغل جا سلام مطالع ڪندا.

اُن ڏينهن اوچتو رشيد ڀٽيءَ وٽان لنگهڻو پيو، اوچتو مون پنهنجي دوست دادا سنڌيءَ کي ڏٺو ۽ وڌي وڃي وٽن ويٺس. ڳالهه نڪرندي وَئي، توهان جو ذڪر نڪتو. آءٌ به اِهو وجهه وٺي توهان واري ڪتاب جي ڳالهه ساڻس ڪئي. هن اُهو ڪتاب اوهان ڏانهن موڪلڻ جو پاڻ ذمو کنيو. مون کي پڪ آهي ته ترت ئي اوهان کي اِهو ملي ويندو.

آءٌ پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مصورف رهان ٿو. استاديءَ جو پيشو به سکڻو پوي ٿو. اِها ڳالهه جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ منهنجي سمجهه ۾ ويهندي رهي ٿي. اڃا اسان وٽ ان حڪمت (درس تدريس جي حڪمت) بابت سنڌيءَ ۾ ڪتاب ايترا گهڻا به ناهن. ايترا اعليٰ ۽ عمدا به لکيل ڪونهن. افسوس آهي، جو انگريزيءَ جو مادو به اسان ۾ ايترو ڪونهي، جو انگريزيءَ ۾ هن استاديءَ جي پيشي جا جيڪي راز ۽ گُرَ انگريزي ۾ لکيل ڪتابن ۾ ڏسجن ٿا ۽ ٻڌجن ٿا. سي اُتان اسين پوريءَ طرح پڙهي ۽ سکي ڪونه ٿا سگهون.

آءٌ اوهان جو هر دم دعاگو آهيان ته شال اوهين خوش هجو، صحت اوهان جي بحال رهي، ۽ جيڪو زندگيءَ جو وڏو مقصد اوهين ماڻڻ گهرو ٿا، اُن ڏانهن اوهين وڌ ۾ وڌ اڳتي وڌندا رهو.

اوهان جو شاگرد

غلام علي چنه

ايس. ايس. ٽي. ڪاليج، سکر

 

(12)

ڪوهاٽ

7-12-1968ع

عزيزم غلام علي، خوش هجين شال.

تنهنجو 18-11-1968ع تي لکيل خط مليم. نهايت مهرباني. اميد ته آئنده پڻ ائين حال احوال کان واقف ڪرڻ جي مهرباني ڪندو رهندين.

رشيد ڀٽيءَ وارو ڪتاب مون ڏانهن منهنجي پٽ منور عليءَ حيدرآباد مان موڪليو. جيڪو مون کي مليو آهي. ڀٽي صاحب وٽان اُن جي ڪاپي آئي، ته به شڪريي سان وٺي رکندس، ۽ موقعي سان ڪنهن ٻئي اُن جي پياسيءَ کي ڏئي ڇڏبي.

انهيءَ پاسي جي حال احوال کان اخبار ”عبرت“ ۽ ٻين اخبارن وسيلي واقفيت ٿيندي ٿي رهي. اسان جو يار اياز ساهيوال جيل ۾ آهي. اخبارن ۽ ٻين سياسي اسيرن متعلق رِٽ پٽيشن جون ڳالهيون پيون ڇپجن ۽ پڙهجن. تون مهرباني ڪري مغل عبدالستار کان پڇي  احوال ڏج ته اياز بابت رٽ پٽيشن جو ڪوبندوبست ڪنهن طرفان ٿيل آهي يا نه، ۽ ٻيو ته اياز جي وڏي پٽ سان ملي سندن خيريت جو احوال پڻ موڪلج. مغل صاحب کي گهڻا گهڻا سلام چئج.

اسان جو اسڪول به 26 نومبر تي کليو هو. پر وري 28 تاريخ بند ڪرڻوپيو ۽ اڃا بند آهي. اسڪول جي ماسترن کي ۽ مون کي بهرحال حاضر رهڻو آهي، جو ملازمت جي تقاضا آهي.

آءٌ هتي هر طرح خيريت سان گذاريان ٿو ۽ صحت پڻ بحال رهي ٿي. ٻي ڪابه رهائش جي يا کاڌ خوراڪ جي تڪليف ڪانه اٿم. کاڌو آءٌ پنهنجو پاڻ هٿ سان تيار ڪري کائيندو آهيان. گهڻو ڪري ڊبل روٽي، اوٽس، بيضن، مکڻ، کير ۽ بوتل بند ۽ دٻن ۾ بند کاڌن تي گذاروڪرڻو پوي ٿو. اِهو کاڌو صحت لاءِ سٺو به آهي، صاف به آهي ۽ سوادي به ٿئي ٿو. سيءَ هاڻي زور آهن، پر اڃا جنوريءَ جي مهيني ۾ چون ٿا ته بنهه سخت ٿيندا. صبح جو ۽ شام جو ڪجهه ورزش ڪندو آهيان. وڌيڪ سڄو وقت پڙهڻ ۽ ريڊئي ٻڌڻ ۾ مصروف ٿئيم ٿو. ۽ ائين ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندا رهن ٿا، ۽ اميد ته آگسٽ 1970ع تائين، جڏهن رٽائر ڪرڻو اٿم، ائين وقت هن اڪيلائيءَ ۽ دوريءَ ۾ به ڪٽجي ويندو. وقت گذري ٿو، عمر گهٽجي ٿي، پر نگاهه وري به اڳتي ۽ اڃا اڳتي. انسان لڳايو ويٺو ٿو رهي. زندگيءَ جو سُود ڇا ۾ ۽ زيان ڇا ۾ آهي. اِهو هڪ عجيب ۽ مشڪل مسئلو آهي، ڪير ان کي سمجهي ۽ ڪير ان کي حل ڪري!

هاڻي، تنهنجي خط ۾ ٻوليءَ جون چڪون، صورتخطيءَ جون ٻه ۽ گرامر جون ٽي، ڏسڻ ۾ آيون اٿم. لفظ ”مغالطو“ ط سان ۽ نه ت سان، لفظ نڪتچيني ”ڪ“ سان ۽ نه ”ق“ سان لکڻ کپن. ”نقطو“ معنيٰ ٻُڙي ۽ ”نُڪتو“ معني ڪرڻ جهڙي يا اهم ۽ مکيه ڳالهه. گرامر جون ٽي چڪون اُهي ٽي لفظن ”مون“ ۽ ”آءٌ“ جي غلط استعمال جون آهن. هونئن سڄو خط سهڻو لکيو اٿيئي ۽ ان جي ٻولي توڙي ان جا خيال ۽ اُن ۾ پيش ڪيل نڪتا سڀ سٺا آهن.

آءٌ اڄ  وري ...... جاچ ڪئي- اتي ”آءٌ“ بدران ”مون“ ڪم ايندو.

مون پاڻ به ..... ڪين ٿو ڏيان- اِتي ”مون“ بدران ”آءٌ“ يا ”مان“ ڪم آڻبا.

آءٌ به وجهه وٺي .......... ڳالهه ساڻس ڪئي – اتي ”آءٌ“ بدران ”مون“ ڪم آڻبو.

تو جيڪي منهنجي لاءِ محبت ۽ عقيدتمنديءَ جا خيال ۽ جذبا ظاهر ڪيا آهن، اُنهن لاءِ آءٌ تنهنجو احسانمند پاڻ کي ٿو سمجهان، ۽ اُنهن جو مون کي بيحد قدر آهي. دراصل، آخري طور، ماڻهوءَ جي ذهني ۽ روحاني تربيت سندس پنهنجي ذوق ۽ محنت تي مدار رکي ٿي. مون کي يقين آهي ته جنهن امنگ ۽ سچيتائيءَ سان تون سکڻ ۽ سمجهڻ گهرين ٿو ۽ سِکي ۽ سمجهي، پُرجهڻ ۽ پِرائڻ گهرين ٿو، اُن مان اِهائي اميد رکي سگهجي ٿي ته تون پنهنجي انهيءَ نيڪ مقصد ۾ گهڻي ۾ گهڻيءَ حد تائين ڪامياب ٿيندين. منهنجون نيڪ تمنائون توسان آهن.

زياده خير، والسلام

تنهنجو خيرانديش محمد ابراهيم جويو

*

 

(13)

سکر

3-4-1969ع

جناب عالي القاب، خاص ۽ عام کي واٽ ڏيکاريندڙ، آداب سيکاريندڙ، عُلمائن جو ڌڻيل، فُضلائن جو مهندار، محققن جو پيشوا، مددقن جو سالار، زماني جو افتخار، وقت جو سينگار، مائٽن کان وڌيڪ مشفق ۽ مهربان، فيض بخش، فيض رسان، جناب حضرت استاد صاحب- شال هميشه اوهان جو پاڇو فائدي وٺندڙن تي ڊگهو ٿيندڙ هجي.

اخلاص وارن سلامن بعد عرض ته 20 مارچ وارو لکيل خط پهتو دل کي ڏاڍي خوشي ٿي.

توهان جيڪا منهنجي همت افزائي ڪئي آهي ۽ اڳتي لاءِ ادب ۾ پير پائڻ جو شوق ۽ ذوق ڏياريو اَٿوَ. سا توهان جي وڏي مهرباني ليکبي. هن کان اڳ مان ڪنهن احساس ڪمتريءَ ۾ هوس، ته شايد منهنجا خيال توهان کي چڱا نه لڳن، پرهاڻي مون کي پڪ ٿي، ته توڙي جو منهنجا رايا يا ارادا غلط به هوندا تڏهن به توهان انهن کي هڪ مشهور معروف هوشيار واڍي وانگر گهڙي ٺاهي سڌا ڪري بيهاريندؤ.

مان جيڪي مرحوم عبدالعزيز شاهه جا نموني طور توهان ڏانهن شعر (ڏوهيڙا) موڪليا تن ۾ توهان کي ڪابه ادبي ۽ فني خوبي ڪين نظر آئي. ائين صحيح آهي، پر مان اڃا به ڪوشش ڪريان ٿو ته جيئن سندن وڌيڪ ڏوهيڙا يا ڪافيون ملي پون ۽ ممڪن آهي انهن ۾ ڪا خوبي نظر اچي وڃي.

ون يونٽ جي باري ۾ جيڪو توهان تفصيل وار احوال لکيو آهي ان لاءِ مان شڪر گذار آهيان، پرجيڪڏهن خود ڪتاب پڙهجي ته وڌيڪ مزو حاصل ٿيندو.

اسان جا ڪاليج کليل آهن ۽ بهار جي موڪل بند آهي ۽ اسان جا ساليانا پرئڪٽيڪل ليسن شروع آهن.باقي امتحان جي ڪا خبر ڪين آهي.

مان هن وقت تائين توهان جي دوست اياز صاحب سان ڪين مليو آهيان. هڪ دفعي هن جي جاءِ تي ويس پر پاڻ ڪين مليو. اميد ته وري سندس جڳهه تي ويندس.

جيڪا ڳالهه منهنجي خيال ۾ ويٺي آهي. سا اِها آهي ته اسان ۽ توهان شعرن ۾ پڙهيو آهي ته جهڙيءَ طرح بلبل چمن کي ڏسيو خوش ٿئي ٿي ۽ سُرُ آلاپي ٿي تهڙيءَ طرح وري پتنگ يعني پروانو بتيءَ  (شمع) تي عاشق آهي، ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان جلائي ڇڏي ٿو. پر منهنجي خيال ۾ پتنگ شمع تي خوش نه ٿو ٿئي يعني ان کي ٻرندو ڏسي خوشيءَ ۾ نٿو اچي. هي جيڪڏهن خوش ٿئي ٿو ته پاڻُ ڇو ٿو جلائي ڇڏي! عاشق ته محبوب جي زندگيءَ تي جيئندا آهن، جيڪڏهن خوش ٿئي ٿو ته شمع کي وسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪري؟ هن کي بلبل وانگر بتيءَ جي مٿان ٺينگ ٽپا ڏيڻا آهن ۽ خوش ٿيڻو آهي.جيڪڏهن هن کي پيار آهي، ته پيار به اهڙو جو محبوب به ختم ته پاڻ به ختم! اهو پيار ڪهڙو چئبو؟ پيار ته ان کي ٿو چئجي ته محبوب کي ڪابه تڪليف نه اچي ۽ عاشق ئي تڪليفن کي منهن ڏئي ۽ معشوق جون تڪليفون دور ڪري. مطلب ته جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته پتنگ شمع تي عاشق نه آهي؛ خوش به ٿئي ٿو، ته به شمع جو دشمن آهي، ۽ اوندهه جو عاشق آهي. هو سدائين اوندهه سان پرتل آهي ۽ اُن سان وندر ۽ ورونهن ڪندو رهي ٿو، اوندهه جي محبت جا پيالا پيئندو رهي ٿو، ۽ جڏهن شمع ٻري ٿي ته هن جي محبت ۾ رخنو پوي ٿو، ۽ سندس وندر ۽ ورونهن ختم ٿئي ٿي. تڏهن هن کي ان محبت جي فراق ۽ جدائيءَ جو داغ دل ۾ ٿئي ٿو ۽ دشمن (شمع) کي منهن ڏيڻ ۽ مرڳو وسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن اُن کي وسائي ساڳيءَ طرح اونداهيءَ جي محبت جو مزو ماڻي،پوءِ ڇو نه اُن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي جان به ڏيڻي پوي.

مطلب ته پتنگ اونداهيءَ جو عاشق ۽ شمع جو دشمن آهي. اِن کي اونداهيءَ سان محبت آهي ۽ شمع سان دشمني. جڏهن سندس محبت ۾ رنڊڪ پوي ٿي تڏهن اُن رنڊڪ وجهندڙ دشمن سان مقابلو کائي ٿو ۽ هو ان مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ جان گنوائي وهي ٿو ۽ آخر دم تائين دشمن جو مقابلو ڪندو رهي ٿو.

وڌيڪ توهين روشني وجهندا.

توهان جوپيارو

غلام علي چنه

*

 

(14)

ڪوهاٽ

15-4-1969ع

پيارا غلام علي، شال خوش هجين.

تنهنجو خط مليو، پڙهي حال احوال معلوم ڪيم. بهار جي وئڪيشن تي اوچتو روڪ پئجي وڃڻ سبب هِتي ئي رهڻو پيو. هاڻي اميد ته اونهاري جي وئڪيشن ۾، جولاءِ جي پهرين تاريخن ۾، ايڏانهن اچڻ ٿيندو.

هن سال اسان جي اسڪول ۾ پي. ٽي. سي. وارن شاگردن جي پهرئين سال جو فقط مڪاني طور امتحان ٿيندو. دستوري امتحان ٻن سالن جي ڪورس جي خاتمي تي آئنده سال ٿيندن. اوهان جا امتحان ته هاڻي ترت ئي ٿيڻ وارا هوندا. اميد ته ڪافي محنت ۽ تياريءَ ۾ رڌل هوندين. انگريزيءَ ۾ تنهنجي امتحاني قائدي جا لکيل ڪجهه نوٽ آهن، جي توکي ڏينهن ٻن ۾ جدا موڪليندس.

تو جيڪا شمع ۽ پرواني واري ڳالهه ڇيڙي آهي، اُها ڏاڍي خيال سان پڙهيم. دراصل اهي حيوانات ۽ نباتات وغيره جي دنيا جا مناظر مختلف انسانن جي ذهن ۽ دل تي مختلف اثر ۽ خيال پيدا ڪري سگهن ٿا. شاعرن ۽ اديبن گل ۽ بلبل، شمع ۽ پرواني، ساقي ۽ ميخاني ۽ اهڙين ٻين فطرت جي مشاهدن کي پنهنجي پنهنجي خيال مطابق تشبيهن ۽ استعارن طور استعمال ڪيو آهي. پروانو شمع جي چوڦير ڦري ٿو، اِن ۾ پرواني جي ڪنهن خاص سمجهه يا شعور جو دخل ڪونه ٿو ڏسجي. اِها اُن جي ذهن جي اوٽ آهي، جنهن کي ”جبلت“ به چئجي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ ان کي Instinct ٿوسڏجي. ان کي اِهو هرگز خيال نه آهي ته ٻرندڙ لاٽ کي وسايان وغيره. ڪانه ڪا فطري ڇڪ يا لالچ ان کي ضرورت ٿئي ٿي، جنهنجي اثر هيٺ هو روشنيءَ ڏانهن وڌي اچي ٿو ۽ ان جي چوڌاري ڦري ٿو. هونئن پتنگ ۽ پوپٽ ٻيئي هڪڙيءَ ئي ذات جا جيت آهن، پر پوپٽ ڏينهن جو اڏامي ۽ پروانو رات جو اڏامي.پروانو ڳاڙهو رنگ پڻ ڏسي ڪونه سگهي. ڪنهن به بتيءَ جي چوڌاري ڳاڙهي رنگ جو پنو ڏيئي ڇڏيو ته پتنگ بتيءَ جي ويجهو ڪونه ايندو. ممڪن آهي ته بتيءَ جي روشنيءَ تي پتنگ پنهنجي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪنهن ٻئي پاڻان ننڍڙي جيت جو شڪار ڪندو هجي! بهرحال وڌيڪ اِن عجوبڙي جي مون کي ڪا خبر ڪانه آهي. ظاهري طور ته ائين ٿو ڏسجي ته هو شمع جي لاٽ تي ڇڪجي ان جي چوڌاري ڦيرا ٿو پائي ۽ ڦيرا پائيندي، ان سان وڃي ٽڪرجي ٿو ۽ ان ۾ جلي پنهنجي جان ٿوڏئي. شاعرن ۽ اديبن اِن سندس ڪم کي استعاري طور قربانيءَ جو هڪ مثال، محبت ۽ ڪشش جو هڪ مثال، پاڻ کي پنهنجي محبوب ۽ مطلوب تان گهوري ۽ فنا ڪري ڇڏڻ جو هڪ مثال، سمجهي، اُن قسم جي پنهنجي جذبن ۽ خيالن جي ترجمانيءَ طور پنهنجي شعر ۽ ٻيءَ ادبي تخليق ۾ استعمال ڪيو آهي پتنگ جو ظاهري عمل ان مطلب جي اظهار لاءِ وڌيڪ موزون ۽ مناسب ٿو معلوم ٿئي- بنسبت اُن مطلب جي جيڪو تو هڪ خاص خيال طور پنهنجي خط ۾ بيان ڪيو آهي.وڌيڪ ڪو خوردبينيءَ/دوربينيءَ وغيره سان اِن لقاءَ کي ڏسي ۽ جانچي- راتين جون راتيون- ته گهڻو ڪجهه چئي سگهي ٿو- جيئن سائنسدانن ماڪوڙيءَ، ڪورئيڙيءَ وغيره تي ڪتابن جا ڪتاب لکيا آهن!

هڪ خاص ڪم آهي جو مهرباني ڪري هن خط ڏسڻ شرط ڪج ۽ مون ڏانهن اُن بابت لکي موڪلج. اسان جي دوست اياز بابت اخبار ”عبرت“ ۾ ڪالهه پڙهيم ته مٿس اِتي سکر ۾ ڪيس ڪيا اٿن. وٽس وڃج ۽ کيس چئج ته ”پيارا ڀاءُ، هيءَ افسوس صد افسوس جي ڳالهه آهي، جو اسان سنڌي اديبن ۽ قلمڪارن کان تنهنجي ادبي فن ۽ تخليق جو پورو بچاءُ پڄي نه سگهيو آهي. نه ته جيڪي به الزام مخالفن تو تي هنيا يا هڻي رهيا آهن، انهن جوجواب خود تنهنجي شعر ۽ ادبي تصنيف ۾ روز روشن طرح ظاهر بيٺو آهي. تون نه مذهب جو مخالف آهين ۽ نه ملڪ جو، تون ته سڀ جو خير گهرندڙ آهين. سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن جي طلب ۽ ترجماني ۽ انهن سان انصاف ٿئي اُن لاءِ ايماندارانه ڪوشش ڪو ڏوهه نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري توکي دل نه هارڻ گهرجي. بلڪ همت ۽ حوصلي سان پنهنجو قانوني بچاءُ پيش ڪرڻ گهرجي. تون پاڻ ڏاهو آهين. قانون به ڄاڻين ٿو. آءٌ فقط هي ٻه اکر تو کي چوڻ گهران ٿو ته پنهنجي ئي اعليٰ مقصد جي پيش نظر ديانتدارانه مصلحت ڪڏهن به خراب نه سمجهي ويئي آهي. اُن قسم ۽ اُن حد واريءَ مصلحت کي ڪڏهن به شڪست يا گهٽتائي نه سمجهيو ويو آهي ۽ نه سمجهڻ گهرجي. يقين ڄاڻ ته آءٌ هتي ڏاڍو پريشان ٿو رهان. شال ايڏانهن سڀ خير هجي.“

اياز کي چئج ته ”پرازيڪيوشن جيڪو ڪيس بيهاريو آهي، اُن جي ڪاپي مون ڏانهن ڏياري موڪلي ته ڏاڍو سٺو“. تون ئي اُها کانئس وٺي مون ڏانهن موڪلي سگهين ٿو.

پيارا غلام علي، تنهنجي جواب جو مون کي نهايت انتظار رهندو. مهرباني ڪري ٻه اکر تسليءَ جا لکي موڪلج. هيءُ خط جنسي اياز کي ڏيکارج.

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(15)

ڪوهاٽ

17-4-1969ع

پيارا غلام علي،خوش هجين شال.

اڳئين خط ۾ توڏانهن لکيو هوم ته ڏينهن ٻن ۾ توڏانهن تعليمي ۽ تدريسي تربيت متعلق ڪجهه لکيل نوٽ موڪليندس. سو هي چئن صفحن تي سائڪلو اسٽائيل ٿيل نوٽ موڪلي رهيوآهيان. غور سان اُنهن کي پڙهندين، ته اُميد اُنهن کي ڪارآمد ۽ موزون سمجهندين. هي نوٽ خاص ڪري ڪلاس ۾ سبق پاڙهڻ جي اصولن ۽ هدايت کي اُجاگر ڪن ٿا. ۽ ٻيءَ طرح به تعليمي اصولن متعلق ڪافي معلومات ۽ رهبري ڏين ٿا.

اڳئين خط ۾ جيڪو توڏانهن ٻه ڏينهن کن ٿيندا، جولکيو هوم، ان ۾ جنهن ڪم بابت توڏانهن لکيو اٿم، اُهو ڪم مهرباني ڪري ترت پورو ڪري، مون کي اُن بابت مختصر طور جواب ڏياري موڪليندا. اُهو خط جنسي ئي تون اسان جي دوست کي ڏيکاري، کانئس لکيل يا زباني جواب وٺي مون ڏانهن ڏياري موڪلج.

مهرباني- زياده خير، والسلام.

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

 

*

(16)

سکر

24-4-1969ع

مَنهَندَن ۽ پوين جون فضيلتون ميڙي وٺندڙ، شاعرن ۽ اديبن جي علمن کي گڏ ڪندڙ، فَروعن ۽ اصولَن کي سينگاريندر، معقولن ۽ منقولن جو رستو ڏيکاريندر، سرجي بلاغت، سحبان جي فصاحت، موتين جي هار وانگر نظم کي زيب ڏيندڙ،قلم جي زبان سان بيان جو جادو بنائيندڙ، زبان جي قلم سان معنائن جا طلسم پَسائيندڙ، سخن سنج، سخندان جناب ميان محمد ابراهيم خان سلمہ المنان.

صافن، تحيتن،عنبر جي هٻڪارن ۽ سُٿرن سلامن، عطرن جي ڇَٽڪارن ۽ گڏجڻ جي شوقن بيشمارن ۽ اخلاص جي نيازن اَپارن بعد مقصد اصلي ۽ مطلب دلي هيءُ آهي ته توهان جا موڪليل نوٽ پهتا، توهان جي وڏي مهرباني. هن کان اڳ مان سمجهيو پئي ته شايد هر هڪ هيڊ جا الڳ نوٽ هوندا، پر ائين نه هو. خير! تڏهن به اُنهن ٻن پنن ۾ چڱو مواد سمايل آهي.

ٻيو ته مون توهان جي پهرئين خط جو جواب موڪليوآهي، شايد توهان کي مليو هوندو. ٻيو خاص احوال ڪين آهي، خط جو جواب ڏيڻ جي عنايت ڪندا.

غلام علي چنه

*

 

(17)

ڪوهاٽ

29-4-1969ع

پيارا غلام علي

السلام عليڪم: تنهنجو ڪارڊ ڪالهه مليم. اُن کان اڳيون تنهنجو موڪليل خط مون کي نه مليو آهي، جنهن لاءِ نهايت افسوس اٿم. خط تي ائڊريس مهرباني ڪري هميشه هيءَ وجهندو ڪر:

Muhammad Ibrahim Joyo

Principal

Government Teachers Training School (Men)

Cadet College Post Office, Kohat.

جيڪڏهن اُن خط ۾ ڪا خاص ڳالهه لکي هجيئي، ته مهرباني ڪري اُها وري لکي موڪلج. مون کي اُن جو انتظار رهندو.

اميد ته تون پنهنجي سموريءَ سنگت ساٿ سان خوش بهار هوندين. خاص ڳالهه هيءَ مهرباني ڪري دل سان هنڊائج ته خطَ ۾ مون کي ايترن گهڻن ۽ ڊگهن لقبن القابن سان مخاطب ڪرڻ نه مناسب آهي نه ضروري آهي. سنئون سڌو محترم ....... يا عزيزم ..... يا بزرگوارم .... يا اهڙي قسم جو ٻيو ڪو اڃان ئي سڌو سادو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ (ڪيترائيءَ اهڙا صاف ۽ سادا لفظ سنڌيءَ ۾ آهن) ڪم آڻڻ ڪافي سمجهڻ گهرجي. اڳئين زماني ۾ جڏهن انشاپردازيءَ ۽ مضمون نويسيءَ ۾ لفظن جي ٽڪساٽ تي گهڻو ڌيان ڏنوويندو هو ۽ مطلب ۽ معنيٰ جي مواد تي گهٽ، تڏهن اهڙن طول طويل مخاطبات کي، عبارت جي رنگين بيانيءَ لاءِ ڪم آندوويندو هو. هِن زماني ۾ تحرير ۽ مضمون نويسيءَ جي اِها هڪ وڌيڪ خوبي ليکي وڃي ٿي ته سادا لفظ هجن ۽ سڌيءَ سنئينءَ طرز ۾ ۽ مختصر کان مختصر انداز ۾ پنهنجي مطلب جو بيان ڪيل هجي. گهڻيءَ اخرج مخرج ۽ تڪلف واريءَ ٻوليءَ کان اڄ سڀ اديب ۽ ليکڪ پرهيز ڪن ٿا.

پنهنجي حال احوال کان مهرباني ڪري وقت بوقت واقف ڪندو رهج. سلام سڄيءَ سنگت کي رسن. اميد ته تون هر طرح خيريت سان هوندين.

زياده خير- والسلام

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

 

(18)

سکر

1-5-1969ع

سدا سلامت

بخدمت جناب استاد صاحب

السلام عليڪم: عرض ته توهان جو 29 تاريخ وارو لکيل خط اڄ پهتو. پڙهي دل خوش به ٿي ته ڏک به ٿيو. خط پڙهي دل خوش ڇو ٿي؟ ان جو سبب ته ظاهر آهي ته توهان جهڙن بزرگ هستين کان مون ناچيز انسان ڏانهن خط پهتو اهي. باقي افسوس ان ڪري ٿيو ته منهنجو لکيل خط توهان وٽ ڪارڊ کان اڳ ڪين پهتو آهي. حالانڪ مان ائڊريس به ساڳي لکي آهي جا عام طرح لکندو آهيان ۽ توهان وٽ خط پهچندا آهن. خير! گم ٿيل خط ۾ مان توهان جي لکيل خط (15 تاريخ واري) جي جواب ۾ ٻڌايو هو ته اياز صاحب سان تنهن ڏينهن ئي شام جو مليم. توهان جو لکيل خط به کيس ڏيکاريم. هن ان جي ڏسڻ شرط هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ته ”مون کي ته ڪنهن به قسم جو خيال ئي ڪين آهي ۽ منهنجي ته ان ڪجهه تي مڇ ئي ڪين ٿي ڦرڪي. اڳ کان به وڌيڪ ننڊ ٿي اچيم“. هن وڌيڪ چيو ته ”جهڙيءَ طرح مون کي ڪنهن به قسم جو اهڙن ڪيسن جي باري ۾ غم ۽ ڳڻتي نه آهي، اهڙيءَ طرح توهان کي به اِن جو خيال ئي نه ڪرڻ گهرجي“. هن پنهنجي ساراهه ڪندي چيو ته ”مون کي هت ڪوبه ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪين ٿو اچي جو مون کان کٽي؟“ جڏهن مون اياز صاحب کي پرازيڪيوشن جي ڪاپيءَ جي ڏيڻ لاءِ چيو، تڏهن هن ٿورو خيال ڪندي چيو ته ”اِن جي به موڪلڻ يا ڏيڻ جي ضرورت ڪين آهي.“ اهڙيءَ طرح ڳالهيون نڪتيون ۽ ڳچ وقت ويهي، اسين موڪلائي هلياسين.

جيڪا ڳالهه خط ۾ لکيل هئي سا آهي ته سنڌي لغت جي ٻين ڀاڱن تيار ڪرڻ ۾ ايتري سستي ڇو ڪئي وئي آهي، اُن جو سبب ڪهڙو آهي؟

اسان جا پرئڪٽيڪل ليسَنَ هن مهيني ۾ ٿي ويندا، ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته 31 مئي تي ڪاليج مان اسان کي رليو ڪيو ويندو.

ڪاليج جو ڪم اڄڪلهه مزي سان ڪين ٿو هلي، ڇاڪاڻ ته پويان ڏينهن آهن. ٻيو خير- خط جو جواب موڪليندا.

فقط

غلام علي چنه

 

(19)

ڪوهاٽ

22-5-1969ع

پيارا غلام علي

السلام عليڪم: گهڻن ڏينهن کان پوءِ توڏانهن هي خط لکي رهيو آهيان. دراصل تنهنجو خط پهرينءَ تاريخ جو لکيل مون کي 3 تاريخ تي پهتو هو. اُن جي جواب کي اڄ سڀان ڪندي ڪندي، هي ويهارو ڏينهن ائين ئي گذري ويا. اميد ته دل ۾ نه ڪندين.

تنهنجي خط ۾ پنهنجن دوستن احبابن بابت لکيل احوال پڙهي دل خوش ٿي. اهو معلوم ڪري ته ويتر اطمينان ٿيو ته هو بنهه بي پرواهه ۽ پوريءَ طرح خيريت سان آهن. شاعر ماڻهو ڏکوئبا به جلد آهن ۽ خوش به جهٽ ٿيندا اهن. ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪُر  ته ٺهيو پر بنهه هٿين خالي! هي جذباتي دنيا جا رهواسي ٿين ٿا، ۽ پڻ فڪر جي اڏند کٽوليءَ تي ويهڻ سان الائي ڪهڙين زمينن ۽ ڪهڙن آسمانن جو سير ڪندا رهندا آهن. مون کي معلوم ئي اهو ڪرڻو هو ته نراسائيءَ جي ڪيفيت ته مٿن طاري ڪانهي. سو تو وٽان جڏهن سندن خود محويت ۽ استغنا يا بي فڪريءَ جو احوال آيو، تڏهن دل ڏاڍي خوش ٿي. مهرباني، جو احوال لکيئي. وري به جي وٽن وڃڻ ٿيئي ته کين سلام ڏج ۽ پيار چئج، ۽ ڪو حال احوال ڏين ته مون ڏانهن لکي موڪلج.

اسان جي وئڪيشن جو اڃا ته پورو فيصلو ڪونه ٿيو آهي. هونئن پهرينءَ جولاءِ کان ملڻي هئي، ممڪن آهي ته هاڻي 15 جولاءِ کان ڏين.

سنڌي لغت بابت وري پڇيو اٿئي، اُن سلسلي ۾ موجوده صورتحال ته ادبي بورڊ جي آفيس مان معلوم ٿي سگهندي. باقي اُن جي اشاعت ۾ اڳيئي ايتري دير پئجي ويئي هئي. ان لاءِ ڊاڪٽر بلوچ، جنهن کي لغت جي ترتيب جو ڪم سونپيل هو ۽ آهي. ذميدار سمجهڻ گهرجي، جو لغت جو وڌيڪ جلدن جي ڪم جي تڪميل اڃا تائين ڪري نه سگهيو آهي.

اوهان جي امتحانن جو ڪهڙو پروگرام رٿيل آهي؟ اميد ته تون پوريءَ تياريءَ ۾ لڳل هوندين. دعا آهي ته شال تون نه رڳو پاس ٿي وڃين، پر پهرينءَ ڊويزن ۾ پاس ٿين.

هن پاسي جي آب و هوا اڃا وچٿري ۽ ڏاڍي وڻندڙ رهي ٿي ۽ اها صورتحال اميد ته هيءُ سڄو مهينو ۽ پڻ جون جي ڏهينءَ پندرهينءَ تاريخ تائين ائين رهندي. منهنجي صحت ٺيڪ رهي ٿي. اِها وڏي غنيمت سمجهان ٿو. اميد ته تون ۽ ٻيا سڀ دوست پڻ هر طرح خيريت ۽ عافيت سان هوندا.

زياده خير- والسلام

تنهنجو خيرانديش

محمد ابراهيم جويو

*

 

(20)

گهوٽڪي

15-6-1969ع

دائم اقبال

بخدمت جناب استاد صاحب

السلام عليڪم: عرض ته توهان جو خط پهتو، پڙهي خوشي ٿي. پر افسوس جو مون کي اڄ سڀان ڪندي خط لکڻ ۾ دير ٿي آهي. مهرباني ڪري معاف ڪندا.

ٻيو ته مون کي گهوٽڪي تعلقي جي هڪ ڳوٺَ عمر ڊَهي جي مڊل اڪسول ۾ رکيو ويو آهي. مون کي هت ڪافي تڪليف آهي. ماحول ٺيڪ نه اهي. ڳوٺ ننڍو آهي. رهڻ لاءِ جڳهه ڪين آهي. چوري چڪاري ڏاڍي آهي. مطلب ته هر برو فعل ٿئي ٿو. تنهنڪري منهنجي دل تمام هتان تنگ ٿي آهي. پر جيئن ته وئڪيشن مٿان اچڻ واري آهي، تنهنڪري مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ڪيوويٺو آهيان. ٻيو ته اهڙي پهچ ڪين آهي، جو ڪنهن سهولت واري اسڪول ۾ وڃان. وڌيڪ هيءُ ته هتي منهنجي پڙهائي بلڪل ڪين ٿِي ٿِي سگهي. مطلب ته مان هت ڏاڍو ڪڪ ٿيو آهيان. دعا ڪريو ته ڳوٺ جي ويجهڙائيءَ ڀرو وڃان.

غلام علي چنه

مڊل اسڪول، عمر ڊهو

*

(21)

House No. A-2880,

Tilak Incline, Hyderabad,

Sindh

Dated: 28th Sep. 1970

My dear Ghulam Ali,

I have been receiving your letters off and on. Thank you very much. I have not forgotten you. I know that you are doing well in life. Self-confidence, good-will for fellow-beings and sincere desire to play one's part in life well and fully, are the best qualities for the happiness, success and purposeful living in the world. I know you possess these qualities in good measure. Don't worry, therefore, and go a-head.

With all good wishes,

 

I am yours sincerely.

 

(Muhammad Ibrahim Joyo)

Mr. Ghulam Ali Channa,

Asstt. Master, Middle School,

Dodanko, Via Begmanji,

C/o Govt. High School, Kandhra,

Taluka Rohri, Distt. Sukkur, Sindh.

*

 

(22)

حيدرآباد، سنڌ

15-1-1978ع

پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجين شال.

- تون هتان مون سان ملي وئين، ان کان ترت ئي پوءِ تنهنجو هڪڙو چڱو موچارو ڊگهو خط مليم، جنهن کي پڙهي ڏاڍي دل کي خوشي ٿي. ”وحشي جيوت“ ڪتاب تي جيڪو تو جي ڪو تبصرو ڪيو آهي، اُهو ته جيئن جو تيئن هڪڙي رسالي ۾ ڇپڻ لاءِ ڏنو اٿم. رسالي جو نالو ”ساڻيهه“ آهي، ۽ فيبروريءَ جي پهرئين هفتي ۾ نڪري رهيو آهي. اهڙيءَ طرح تو کي ٻيا به مون وارا ڪتاب ”فڪر جي آزادي“، ”گليلو“، ”ڪئنڊيڊ“ ۽ هاڻي هڪڙو ڪتاب نڪتو آهي، جيڪو ”ناول“ آهي، بلڪ هڪ سچي آپ بيتي آهي. نالواٿس ”جنم قيدي“، جنهن جو مهاڳ مون لکيو آهي، قيمت ڏهه رپيا اٿس ۽ سردار پريس،گاڏي کاتي، حيدرآباد، مان ملي ٿو.اِهي سڀ ڪتاب ۽ ٻيا به اهڙا ڪمائتا سنڌي ڪتاب وقت بوقت پڙهندي رهڻ گهرجي ۽ انهن تي اهڙا مختصر پر ڪنهن ڳالهه ڳت وارا تبصرا لکندو رهڻ گهرجي. ٻيا به الڳ الڳ ڳالهين ۽ موضوعن تي مضمون توکي لکڻ کپن. ٿوري گهڻي ڏات، ۽ گهڻي، بلڪل گهڻي، محنت- ائين شوق به جيئرو رهندو ۽ لياقت به گهڻي وڌندي. وندر جي وندر، فائدي جو فائدو، ويٺي کان وڳندي ڀلي.

اُن پهرئين خط کان پوءِ وري تمام ننڍو، بنهه ٻن اکرن وارو، خط ڪالهه تنهنجو مليم. اِن مان تنهنجي ڪاوڙ ته ظاهر ڪانه ڏٺيم، پر ڏوراپي ۽ ميار جو انداز سو اُن ۾ پڌرو هو. چيم ته همراهه هڪڙي خط ۾ ئي ٿڪجي پيو ٿو ڏسجي، جو ٻيو خط رڳو ٻن اکرن وارو لکي ميار لاهڻ لاءِ کڻي ميار ڏني اٿس. سو ائين ته نه ڪرڻ کپي. توهين نوجوان آهيو. ڀَيش (بحث) وارا آهيو، پر اورچائي به اوهان ۾ گهڻي ٿي سگهي ٿي. جي چاهيو ته اوهين گهڻو ڪجهه ڪري سگهوٿا ۽ ڪجهه لکي به سگهو ٿا. مون وٽان جواب جي اون به هوند ڪرڻي ڪانه پويوَ.

بهرحال، تَنهنجي سڪ۽ محبت لاءِ تنهنجو آءٌ ٿورائتو آهيان. اميد ته تون ۽ تنهنجا ٻار ۽ اِتان جي تنهنجي سڄي ساٿ سنگت سڀ خوش چڱا ڀلا هوندا. منهنجي صحت ڪجهه قدر ڌڏي پيئي آهي. دوا درمل ڪرايان پِيو. چڱو فائدو آهي.

وڌيڪ سڀ خير

تنهنجو پنهنجو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(23)

چڪ

16-5-1978ع

سائين،

توهان کان موڪلائي ڊائريڪٽوريٽ جي آفيس آيس. مسٽر صديقي صاحب ان وقت پنهنجي آفيس ۾ ڪونه هو. شايد صاحب وڏي سان منجهند جي ماني نوش فرمائي رهيو هو. پوري چئين بجي پنهنجي آفيس ۾ آيو.مون سان گڏ ٻه چار ٻيا به هئا، جن کي صاحب سان ملڻو هو. جڏهن اهي ساڻس ملي ويا تڏهن آءٌ وڃي ساڻس مليم. اُن مهل به هو مصروف هو ۽ ڪاغذن تي صحيحون ڪرڻ ۾ رڌل هو. مون سلام ڪري، توهان جو نالو کڻي، کيس لفافو پيش ڪيو. هُن لفافي وٺڻ بجاءِ چيوته ”ڇا لکيو اٿس؟“ مون کيس وراڻيو ته ”مون خط پڙهيو نه آهي. توهين پاڻ پڙهي ڏسو!“ تنهن تي چيائين ته ”لکيو ته آخر تنهنجي لاءِ ئي هوندائين. تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا ڳالهه آهي؟“ هو صحيحون به ڪندو رهيو ۽ چوندو به ويو. ”منهنجي انٽرويو لاءِ لکيو هوندائين،“ مون چيو،”۽ سو ته مون ڏنو. باقي هي خط جيئن ته توهان تائين پهچائڻو هو سو توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيم.“ ”چڱو ته تون پنهنجو نالو ۽ انٽرويو نمبر هن جي پٺيان لکي مون کي ڏي“، هن چيو. پوءِ مون پنهنجونالو ۽ انٽرويو نمبر 97 لکيو ۽ کيس خط واپس ڏنم. هن خط کڻي پنهنجي سوٽ جي کيسي ۾ وڌو، ۽ آءٌ کانئس موڪلائي ٿيس راهي. اڃا آفيس جي ڏاڪڻ لهي مس پوري ڪيم ته ٻه دوست سکر ضلعي جا ملي ويا، جن کي به انٽرويو ڏيڻو هو، تن سان آفيس ۾ موٽي آيس. آفيس ۾ ئي ’پنج‘ ٿي ويا. پوءِ اُنهن دوستن سان گڏجي،لياقت ميڊيڪل ڪاليج آياسين. اُتي منهنجو هڪ عزيز ملي ويو جيڪو ٻئي سال ۾ پڙهندو آهي. رات هُن وٽ رهيس ۽ ٻئي ڏينهن وئگن تي سوار ٿي ڳوٺ آيس ۽ دوستن کي حال احوال ڏنوسين.

اڄ 30-11 وڳي ٽيچرس روم ۾ ويهي، هن نياز نامو توهان جي خدمت ۾ ارسال ڪري رهيو آهيان ۽ ان سان گڏ عرض به گذاري رهيو آهيان ته توهان نوازش فرمائي وري به صديقي صاحب سان ملندا، ۽ مون مسڪين جو ڪم ڪرائيندا، ته عين نوازش ٿيندي. توهان کي وڌيڪ چوڻ ۽ التجا ڪرڻ جي ضرورت نٿو سمجهان ڇاڪاڻ ته توهان اڳ ئي منهنجي حالت کان پوريءَ پر باخبر آهيو.

زياده آداب

مهرباني فرمائي، ايڏانهن جي احوال کان واقف رکندا.

فقط

غلام علي چنه

اسسٽنٽ ماستر، هاءِ اسڪول چڪ،

ضلعو سکر، ويا گوسڙجي.

*

 

(24)

حيدرآباد، سنڌ

10-6-1978ع

پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجين شال.

- اوهان جا ٻيئي لفافا مليل اٿم. اوهان جو مضمون شاهه بابت پڙهيم. اوهان جا ڳوٺاڻي ادب جي سلسلي جا، ماڻهوءَ جي عمر جي دورن بابت، گفتا به غور سان پڙهيا اٿم. اوهان جا نوٽَ ”ڪئنڊيڊ“ ڪتاب متعلق به ڏٺم. اوهان جي دل۾ مطالعي، فڪر ۽ تصنيف تاليف ڏانهن ذوق جو اهو انداز ڏسي وڌيڪ دل خوش ٿي اٿم.اوهين هيڏانهن ايندا ته وڌيڪ اوهان جي مطالعي ۽ تصنيفي مصروفيت جي باري ۾ صلاح مشورو ڪنداسين. ۽ جو ڪجهه ”ڪئنڊيڊ“ ۽ شاهه جي موضوعن تي لکيو اٿوَ. اُن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين.

اوهان کي ماکيءَ جو جيڪو شيشو تحفو ٿي مليو آهي، اُهو مهرباني ڪري اوهين پنهنجيڪم آڻي ڇڏيندا، اِن ۾ مون کي خوشي ٿيندي. مون کي وقت بوقت ماکي ملندي ئي رهي ٿي. وري به سياري ۾ ڏسنداسين. ضرورت محسوس ٿي، ته تو کي پاڻ ڪٿان هٿ ڪرڻ لاءِ چوندس. پر اِهوشيشو حالي اوهين مهرباني ڪري گهر ۾ ڪم ۾ آڻي ڇڏيندا. باقي مُڃن جو واڻ مون لاءِ ڀلي آڻيندا. جو ان جو سُٺو ڪارج منهنجي ذهن ۾ آهي. ايندا ته ٻڌائيندو سانوَ.

اوهان جي پروموشن لاءِ وري به مون صاحب جن سان ڳالهايو آهي. آسرو ڏنو اٿن.وڌيڪ سندن حالَ اوهان کي معلوم آهن. پڪو اعتبار ڪونه ٿو مٿن بيهي.

وڌيڪ خير- سلام سڀني دوستن کي ۽ پيار پنهنجن ٻارڙن کي چوندا.

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org