سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

باب: --

صفحو :1

خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

سنگرام

پيش لفظ

پنهنجي پياري، دل گهرئي دوست کي ڪنهن ماڻهوءَ چيو ته ”يار، آءٌ تو کي پنهنجو ڀاءُ ٿو سمجهان!“ دوست چيس، ”پاڻ سُٺا دوست آهيون، پوءِ هيءَ تبديل ڇو؟“ هُن وراڻيس، ”دوستُ هڪُ نه ته ٻيو ملي ويندو آهي پر ڀاءُ جي نه هوندي ڀاءُ مشڪل ٿو ملي!“ دوست چيس، ”ائين ته ڀاءُ جو ملڻ مشڪل ئي نه پر ممڪن به ڪونهي! ٻيو ته ڀائرن ۾ وڏ ننڍائي به ٿئي ٿي! دوستيءَ ۾ ائين نه هوندو آهي. مان ڀانيان ٿو ته دوستيءَ کي تو سمجهيو نه آهي. منهنجي هڪڙي استاد لفظ ’دوست‘ کي ڀڃي، اُن جي معنيٰ مون کي سمجهائي هئي ته دو+ستَ – سَتيه – سَچَ، معنيٰ ٻن سچن جو ميلُ. ٻن سچائين جو سنگ يا ساٿُ.“

سو، جيڪي دوستيءَ جي اِن مفهوم ۽ اُن جي گهرائيءَ کان واقف هوندا آهن ۽ اُن جو قدر ۽ اهميت ڄاڻن ٿا، سي سِرَ جي سَٽ ڏيئي به پنهنجي ”سچ جي ساٿ“ کي قائم رکن ٿا. وقت گذرڻ سان اُن ۾ پُختائي ايندي آهي ۽ آزمائش جي گهڙين ۾ اُن ۾ نِکارُ ايندو آهي، جيئن سونُ باهه ۾ تپي ڪُندن بنجندو آهي.

ماڻهوءَ مُڪتي پريت ۾، اَجو کِي آهي،

سامي! هن سنسار کي جي ڪو ساڃاهي،

مُور نه هُو چاهي، ڀيدُ پوي ڪو پريت تي. (سامي)

خطن جي هيءُ مجموعو سائين غلام علي چَني ۽ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي اهڙيءَ ئي هڪ مِثالي دوستيءَ جو دل نواز داستانُ آهي.

مُخلص دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خطَ سچ پچ ته دوستيءَ جا اهڙائي من کي ڇُهندڙ دستاويز هوندا آهن، اُنهن ۾ سندن دور جا انيڪ اُڌما ۽ احساس، ويچار ۽ آدرش درج ٿيل هوندا آهن، جي پڙهندڙ ۽ پڙهندڙن جي ٻُڏندڙ هانوَ لاءِ نرم ’ٿڌڙن‘ ۽ ساهه سُڌير ’ڇنڊن‘ جو ڪم ڏيندا اهن، اهڙا خطَ دلي تعلق قائم رکڻ جا بهترين نقش ۽ نمونا ٿين ٿا. انهن ۾ هڪ انوکي ۽ نرالي سُرهاڻ هوندي آهي، جيڪا هر وقت لازوال محبت جي خوشبو چؤڏِس پکيڙيندي رهندي آهي.

تحرير جي ايجاد، جڏهن به اُها ٿي ۽ جتي به اُها ٿي، سچ پچ ته انساني ذهن جو هڪ بي مثال ڪرشمو هئي. ڇو ته ڪيل گُفتگو، ٻُڌل ڳالهيون ۽ قصا وغيره ڪجهه ياد رهن ٿا، ڪجهه وسريو وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري وقت گذرڻ سان پنهنجو اصل مفهوم ۽ تاثر وڃائي ويهن ٿا. پر تحرير هڪ اهڙو محفوظ خزانو آهي، جنهن کي انسانُ سالن ۽ صدين تائين سانڍي سگهيو ٿي. خط نويسي تحرير جي اُها دل جي اندرئين تَهه مان نڪرندڙ صنف آهي. جيڪا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري اڄ اِنشاپردازيءَ جي اُوچي مقام تي پهتي آهي ۽ اعليٰ ادب جو رُتبو ماڻيو اٿس.

خط لکڻ لاءِ فقط دل جو اُڌمو ئي ڪافي هوندو آهي، ڪنهن لياقت يا اعليٰ قابليت جو هئڻ هروڀرو ضروري نه آهي، من اندر ۾ هُرندڙ ڳالهه سادي نموني سان سهڻي کان سهڻي انداز ۾ به لکجي ويندي آهي. بس، دل جي سڪ، تانگهه ۽ طلب ئي هوندي آهي، جيڪا قلم کڻي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي. ان ڪيفيت ۾ لکيل خطَ لفظن جو روپ ڌاري ڄڻ ته ”اڌ ملاقات“ بڻجي ويندو آهي!

آڳاٽي زماني ۾ جيئن ته تعليم اڃا عام نه هئي تنهنڪري ماڻهن کي خط لکڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي ٿيندي هئي. پر جيئن چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي بلڪل اهڙيءَ طرح ئي خط لکاريُن جو هڪ طبقو تن ڏينهن ۾ پيدا ٿيو. اُهي خط لکڻ ۾ ڀڙ ۽ ماهر ماڻهو صبح کان شام تائين ڪنَ ۾ قلم هڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمندا وتندا هئا ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو خط لکرائڻو هجي ته کيس اُن جو ڪجهه نه ڪجهه معاوضو يا اجورو ڏيئي کانئس خط لکرائي. ان ريت خط نويسيءَ باقاعدي هڪ پيشي جي شڪل اختيار ڪئي. جيڪو به ماڻهو ان شعبي ۾ جيتري مهارت رکندڙ هو، تنهن اوتري ئي شهرت ۽ ناڻو ڪمايو ۽ سندس طلب اوتري ئي وڌيڪ ٿيڻ لڳي. ناليوارا لکاري ته بادشاهن جي درٻارن تائين به رسائي حاصل ڪري وٺندا هئا ۽ پنهنجي اِن ڏانءَ کي خوب ڪئش ڪرائيندا هئا.

خط نويسن يا انشا پردازن پنهنجي علم ۽ هنر جي ڌاڪي ڄمائڻ لاءِ وڏا وڏا ”لقب القاب ۽ خطاب“ گهڙي ورتا، ڊگهيون ڊگهيون عبارتون، ٺهڪندڙ استعارا، تمثيلون ۽ تشبيهون، من موهيندڙ انداز ۾ لکي، پڙهندڙ جي من کي موهت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. معاملو اُتي وڃي پهتو، جو تحرير جي سادگي، دل جي سچائي ۽ خلوص جي چاشني خطن مان بنهه موڪلائي ويئي. پر پوءِ جدت پسند ماڻهو ان مصنوعي لفاظيءَ مان بيزار ٿي پيا، ۽ نامور اردو ۽ فارسي شاعر، اسد الله خان غالب جهڙن سخن جي سرواڻن ته خط نويسيءَ ۾ انداز بيان ئي اور قسم جو اپنايو.

ڊاروٿي آسبرن پنهنجي هڪ خط ۾ ”آئيڊيل“ يا مثالي خط جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي: ”منهنجو خيال آهي ته هر قسم جا خط اجائي ڏيکاء ۽ فرضي نماءُ کان آجا هئڻ گهرجن، اُهي اجائي پٽاڙ بجاء عام گفتگوءَ واري انداز ۾ لکڻ گهرجن، نمائشي ۽ وڏن لقبن ۽ ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو وڃي.“

سائين محمد ابراهيم جويو پڻ ساڳين خيالن جو حامي ٿو ڏسجي. هن ڪتاب ۾ شامل خط نمبر 17 ۾ غلام علي چني کي لکي ٿو: ”..... خاص ڳالهه هيءَ معرباني ڪري دل سان هنڊائج ته خط ۾ مون کي ايترن گهڻن ۽ ڊگهن لقبن القابن سان مخاطب ڪرڻ نه مناسب آهي نه ضروري آهي، سنئون سڌو محترم .... يا عزيزم .... يا اهڙي قسم جو ٻيو ڪو اڃان ئي سڌو سادو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ڪم آڻڻ ڪافي سمجهڻ گهرجي. اڳئين زماني ۾ جڏهن انشآپردازيءَ ۽ مضمون نويسيءَ ۾ لفظن جي ٽڪساٺ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ مطلب ۽ معنيٰ جي مواد تي گهٽ، تڏهن اهڙن طول طويل ’مخاطبات‘ کي عبارت جي رنگين بيانيءَ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. هن زماني ۾ تحرير ۽ مضمون نويسيءَ جي اها هڪ وڌيڪ خوبي ليکي وڃي ٿي ته سادا لفظ هجن ۽ سڌيءَ سنئينءَ طرز ۾ ۽ مختصر کان مختصر انداز ۾ پنهنجي مطلب جو بيان ڪيل هجي.“

سچ پچ به ته، خطن رستي ماڻهو پنهنجا من جا اُڌما ۽ اُمنگ، فطري ۽ دلي ڪيفيتون، شخصي تعلق، زندگيءَ جا ڀانت ڀانت مسئلا، راز نياز، ڪاوڙ، محبت، بيچيني، سڪ ۽ سوز، مطلب ته هر قسم جا حال احوال سڌا پاڌا ۽ سادي سَوَليءَ، ٻوليءَ ۾ ڏيئي وٺي سگهي ٿو ۽پاڪ ۽ پويتر انساني جذبن جو اظهار ڪري سگهي ٿو.

ادبي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي اعليٰ ادب ۾ مارڪس سِسَرو (106-43BC)، مائيڪل ائنجلو (1564_1475ع)، روسو (1778-1712ع)، ورڊس ورٿ (1850- 1770ع)، ۽ پنهنجيءَ ويجهيءَ سرزمين مان مخدوم محمد معين ٺٽوي (متوفي 1161هه)، مرزا غالب (   )، جواهر لال نهرو، ابوالڪلام آزاد، سائين جي. ايم. سيد، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، شيخ اياز ۽ ٻين علم، ادب، سياست ۽ فن لطيف جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ موکيندڙ اڪابرن خط نويسيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب اِن صنف ۾ خوب نانءُ ڪيو ۽ شُهرت جي بلندين کي ڇهيو.

ائين، عالمي ادب ۾، ڊراما، ناولن ۽ ڪهاڻين جيتري بلڪ ڪجهه وڌيڪ ئي اهميت خطن، ڊائرين، نوٽبڪن ۽ سوانح عمرين کي حاصل آهي، ڇو ته باذوق پڙهندڙن کي افسانوي ڪاوشن جي پڙهڻ کان پوءِ وري به اُنهن جي سِرجيندڙ جي شخصيت جي سچي پچي روپ ۽ حقيقي بلندين معلوم ڪرڻ جو اشتياق ٿئي ٿو، جيڪو فقط ۽ فقط انهن سوانحي داخلائن، آپ بيتي ڪٿائن ۽ خطن ذريعي ئي معلوم ٿي سگهي ٿو.

سِسَرو جي لکيل ”دوستن ڏانهن خطن“ جي ٻن جلدن مان اُڻڄاتل قديم دور جي دنيا جا احوال ملن ٿا، جن کي پڙهي، ماڻهوءَ جون اکيون ۽ ذهن جون دريون کلي وڃن ٿيون: روسو جي شخصيت جو سچو پچو ۽ مڪمل روپ، سندس علمي ۽ رومانوي مضمونن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ، سندس خطن ۾ ملي ٿو: مائيڪل ائنجلو جي خطن جي مجموعي پڙهڻ سان قاريءَ آڏو سندس فن سان پرخلوص وابستگيءَ ۽ بي انتها قوت وارو ڪردار اُڀرڻ لڳي ٿو؛ انگريزيءَ جي خودمست شاعر، لارڊ بائرن جي رڪارڊ مان جيڪڏهن سندس خط ڪڍي ڇڏجن، ته سندس بلند پايه جذبات ۾ ٻڏل شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ باقي بچندو ئي ڇا؟ شيخ اياز جي ڪامل شخصيت جو سچو پچو روپ سندس شعر سان گڏوگڏ سندس خطن جي مجموعي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ ملي ٿو، جيڪي هُن سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيا؛ سندس اُنهن خطن ۾ڪويءَ جي اُڏام به ملي ٿي ته سندس آتما جو درشن به ٿئي ٿو، جن جي گهراين مان پوءِ انيڪ گيت نڪري، هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا ۽ وڏي ذوق ۽ شوق سان پڙهيا ويا.

ڪي ماڻهو خطن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خاص مقام ڏيندا آهن. اُهي خطن جي اهميت کان بخوبي واقف هوندا آهن ۽ خط لکڻ وقت اها ڳالهه ذهن ۾ رکي خط لکندا آهن ته اهي ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ هڪ ڏينهن ضرور ڇپجندا. انهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي هو ڪوشش ڪندا آهن ته سندن خطن ۾ ڪا اهڙي هڪ به ڳالهه نه هجي جيڪا اڳتي هلي سندن شخصيت جي ڪمزوري ثابت ٿئي. دنيا جي اڪثر ليکڪن اِن ڳالهه کي خيال ۾ رکندي خط لکيا آهن. چارلس ڊڪنس خطن جي اهميت کان واقف هو تنهنڪري پنهنجي مِٽن مائٽن ۽ يارن دوستن کي لکيل خطن ۾ ادب بابت ڊگها بحث ڪندو هو. جيتوڻيڪ کيس اِها به خبر هئي ته جن ماڻهن کي هو خط لکي ٿو تن کي ادب ۾ ڪائي دلچسپي نه آهي پر تنهن هوندي به هو محض ان ڪري اِهي بحث ڪندو هو ته جيئن اڳتي هلي اُهي ڇپجن.

شيخ اياز کي ته سائين محمد ابراهيم جويي خاص اتساهه ڏياري خط لکرايا ته جيئن اُهي ٽماهي ادبي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪري سگهجن. اهي خط سنڌي ادب ۾ انشا پردازيءَ جو هڪ بي مثل نمونو ثابت ٿيا ۽ بعد ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ جي نالي سان مجموعي جي صورت ۾ پڻ شايع ٿيا. انهن خطن جي اڀياس مان اِها ڳالهه بخوبي واضح ٿئي ٿي ته اياز انهن کي لکڻ وقت شعوري طرح ڪيترو نه ”سُچيت“ هو. کيس پڪ هئي ته اهي خط ڇپجندا ۽ ڇپجڻ لاءِ ئي هُن لکيا آهن. سندس اِن سُچيتائي ۽ ساوڌانيءَ ڪري ئي اهي خط خوبصورت، فنائتا معلومات افزا ٿي ويا آهن. اِهي خط نه صرف گُل آهن پر هڪ مالها ۾ پويل به آهن. ياد رهي ته اياز جي خطن جي اِن مجموعي ۾ شامل 22 خطن مان 21 خطَ اُنهن ئي ڏينهن ۾ ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي ۽ شهرت ماڻي چُڪا هئا.

اِن طرح، خط ڪيترن ئي قسم جا ٿين ٿا، جهڙوڪ  والدين جا اولاد ڏي لکيل خط، جيئن نهروءَ جا پنهنجيءَ ڌيءَ اندرا ڏي، ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جا بينظير ڏي لکيل خط؛ سياسي نوعيت جا خط، جيئن مهاتما گانڌيءَ جا خط، جناح- گانڌي خط و ڪتابت؛ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن جا لکيل خط؛ علمي ۽ ادبي نوعيت جا خط، جيئن سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن سير ۽ سفر بابت لکيل شيخ اياز جي خطن جو ڇپيل مجموعو، ۽ ٻيا سندن هڪٻئي ڏانهن لکيل ڪيئي اڻ ڇپيل اهڙا خط يا جيئن جيئن سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن جو مجموعو؛ عشق ۽ محبت بابت خط، جيئن ڪافڪا جا پنهنجي محبوبه ملينيا ڏي لکيل، ۽ آسڪروائلڊ جي خطن جو مجموعو ”گلاب جي پنکڙين جهڙا ڳاڙها چَپَ“؛ زالن ۽ مڙسن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط، جيئن واجد علي شاهه اختر ڏي بيگمات جا لکيل خط؛ هم شرب دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط، جيئن محمد امين کوسي جا سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خط ۽ غير رسمي، نجي خط؛ ڪاروباري خط، سرڪاري لکپڙهه؛ وغيره وغيره.

سنڌي ٻولي ۾ خطن جي صنف تي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪم ٿيو آهي. اُن جا گهڻائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. بهرحال، هن وقت تائين جيڪي مشهور خطن جا مجموعا اسان وٽ ڇپيا آهن. تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.

1_ ”رهاڻ“_ ميران محمد شاهه جي خطن جو مجموعو.

2_ ”ساهڙ جا سينگار“_ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي خطن جو مجموعو.

3_ ”خط ۽ مضمون“_ علي محمد راشديءَ جي خطن جو مجموعو.

4_ ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪ“_ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل مختلف دوستن جي خطن جو مجموعو.

5_ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“_ سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل شيخ اياز جي خطن جو مجموعو.

6_ ”واڄٽ ويراڳين جا“_ ڀاڱو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون، سائين جي. ايم. سيد ڏانهن محمد امين کوسي جي لکيل خطن جو مجموعو.

7_ ”ڪجهه خط“_ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن جي لکيل خطن جو مجموعو.

8_ ”سير ۽ سفر“_ غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن جو مجموعو.

9_ ” خط _ ٻن اديبن جا“_ عبدالقادر جوڻيجي ۽ سائين محمد ابراهيم جويي جي خطن جو مجموعو.

10_ مهاتما گانڌيءَ جا خط.

11_ جواهر لعل نهروءَ جا اندرا ڏانهن لکيل خط.

12_ ذوالفقار علي ڀٽي جا بينظير ڏانهن لکيل خط.

13_ ”اڌ ملاقات“_ طارق اشرف جي خطن جو مجموعو

14_ ”جي مُنهنجو جن سين“_ حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي صاحب جا ”سهيڙيل سنيها“.

سنڌي ادب ۾ خطن جي اشاعت جي حوالي سان سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جون سر انجام ڏنل خدمتون سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. هن صاحب ادب جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي نيون صنفون ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. ويجهي دور ۾ خط نويسيءَ جي صنف تي سنڌ ۾ جيترو به ڪم ٿيو آهي تنهن ۾ سندن ڪليدي ۽ بنيادي ڪردار آهي. هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ خطن جا جيڪي به مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، تن مان ڪيترن مجموعن کي سهيڙڻ، ترتيب ڏيڻ، ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ سندن ڪاوشن ۽ محنتن جو ڪافي عمل دخل رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ پاران ڇپايل خطن جي مجموعن جهڙوڪ (1) ”سير ۽ سفر“، (2) ”رهاڻ“، (3) ”خطَ“، (4) ”ساهڙ جا سينگار“، (5) ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪ“، (6) ”ڪُجهه خط“، (7) ”واڄٽ ويراڳين جا_ ٽن جلدن ۾“، (8) ”خط_ ٻن اديبن جا“، وغيره وغيره جي ڇپائيءَ جو سَهرو سائين جويي صاحب جن جي سِرَ تي آهي. ائين سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ هن صنف ۾ به سائين جويي صاحب جن پنهنجو پاڻ موکيو آهي. زير نظر مجموعي ”خط _ ٻن استادن جا“ کان علاوه ”خط دوستن جا“ جي عنوان سان ٻن جلدن ۾ مجموعا وٽن تياريءَ هيٺ آهن، جن ۾ سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز، جمال صديقي، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، ع_ ق شيخ، يار محمد ابن حيات پنهور ۽ ٻين ساٿين ۽ دوستن جا سائينءَ جن ڏي لکيل خط شامل آهن.

خطن جو هيءُ مجموعو سندن ۽ غلام علي چني صاحب جي هڪٻئي ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي. سندن رفاقت ۽ دوستي جيڪب آباد ۾ ٿي. جتي سائين جويي صاحب کي بدلي ڪري هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر طور رکيو ويو هو. اِهو سن 1968ع جو دور هو ۽ ون يونٽ خلاف هلچل سنڌ ۾ زورن تي هئي جنهن ۾ سنڌي اديبن ڀرپور حصو ورتو. علمي ۽ ادبي محاذ تان ون يونٽ خلاف هلايل اُنهيءَ هلچل ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جو ڪردار ڪنهن کان لڪل ڪونهي، ۽ اُن جي ئي پاداش ۾ کين سنڌ جي ٻئي ڇيڙي تي موڪليو ويو هو، جتان پوءِ ٿوري ئي وقفي کان پوءِ ”چوويهن ڪلاڪن ۾“، ”اڄ جو اڄ“ جي تنبيهه سان پاڪستان جي ٻئي ڇيڙي، پشاور ۽ ڪوهاٽ، اُماڻيو ويو هو. اُنهن ڏينهن ۾ مٿن آيل ڪَٺن گهڙين جو اندازو سندن هِن ۽ ٻيءَ تحرير مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. ”خط _ ٻن اديبن جا“ ۾ سائين عبدالقادر جوڻيجي ڏانهن پاڻ لکن ٿا: ”.... منهنجي بدلي، اوچتو ئي اوچتو، پشاور ڪئي اٿن ... هونئن به گهڻي ۾ گهڻو کڻي نوڪريءَ مان ڪڍندا_ ٻيو ڇا ڪندا، نوڪريءَ مان لاهڻ بعد ٻيوڪو قدم هو کڻن ته به کڻي سگهن ٿا. اُن لاءِ به پاڻ تيار آهيون ..... جلا وطني آهي، سا ڪنهن ريت گذارڻي آهي .... دل کي خوشي ۽ خاطري هن ڳالهه جي آهي ته ڪا ڳالهه آهي، جنهن لاءِ هيءُ ڪجهه سَهڻو ٿو پوي .... ۽ اِها تحقيق اهڙي آهي جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو....“

غلام علي چنو جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ نئون نئون فارسيءَ جو استاد مقررٿي آيو هو ۽ اُتي سندس ڏيٺ ويٺ سائين جويي صاحب سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستيءَ ۾ بدلجي ويئي. سندن دوستيءَ جو ناتو خطن رستي پختو ٿيو ۽ قائم رهيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي_ زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، پختيءَ دوستيءَ جو ناتو، خطن جو هيءُ مجموعو سندن انهيءَ دوستيءَ جي دين آهي. هن مجموعي ۾ ڪُل 112 خط شامل آهن جيڪي پاڻ سن 1968ع کان 1999ع تائين واري عرصي دوران هڪ ٻئي کي لکيائون. 31 سالن جي اِن طويل عرصي دوران الائي ته ڪيترو پاڻي پُل هيٺان گذري چُڪو هوندو، پر هِنن دل گهُرين دوستن جي رشڪ جوڳي دوستي وقت گذرڻ سان وڌيڪ پڪي ٿيندي آئي آهي ۽ اُن ۾ نکار ۽ پختگي آئي آهي.

هن مجموعي ۾ شامل خط نمبر 3 مان، جيڪو غلام علي چني سائين جويي صاحب کي جيڪب آباد مان لکيو هو، اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سندن دل هڪ ٻئي لاءِ ڪيئن نه ڌڙڪندي هئي. پنهنجي دلي اُڌمن جو بي ساختگيءَ سان اظهار ڪندي انهيءَخط ۾ غلام علي لکي ٿو، ”.... توهانجو خط پهتو، مٿان ئي توهان جا اکر ڏسي، از خود اندازو لڳايم ته خط توهان کان آيل آهي! وري جڏهن پنو ڪڍي پڙهڻ لڳم تڏهن خبر نه آهي ته ڇو منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي ۽ خوشيءَ سببان چپن تان مُرڪ بند نه پئي ٿي .... هڪ طرف دل خوش هئي ته ٻئي طرف کان خوشيءَ سببان اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها وهي رهيا هئا... خوشيءَ کان سواءِ، مان اُن وقت جو فخر محسوس ڪري رهيو هوس، اُن جي ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي ....“

ساڳيءَ طرح سائين جويو صاحب غلام عليءَ ڏانهن لکيل خط 27 ۾ پنهنجي نبار دل جي نبار ڳالهه ڪهڙي نه خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ لکي آهي! قربائتن دوستن لاءِ سندن دل جي اُڪير جو اندازو اِن خط مان لڳائي سگهجي ٿو_ ”... اوهان جا خط پڙهڻ سان جيڪا دل کي خوشي پئي محسوس ٿي اٿم اُها منهنجي دل ئي ڄاڻي ٿي. آءٌ هي به ڄاڻان ٿو ته ٻين کي به اهڙن قرب ڀرين خطن ۽ پيغامن ملڻ سان اوتري ئي خوشي محسوس ٿيندي هوندي. سوجيڪڏهن، ڪم از ڪم موٽ ۾، آءٌ ڪنهن دل گهرئي ڀاءُ يا دوست عزيز ڏانهن خط نٿو لکان، ته هن کي ڪيڏو نه اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو هوندو ۽ ڪيڏيءَ نه خوشيءَ کان محروم رهڻوپوندو هوندو! ڀيري ڀيري سان ڏاڍي پاڻ کي ملامت ڪندوآهيان، پر وري وري انهيءَ پنهنجي فرض کان غفلت جو گناهه ٿي وڃيم ٿو ۽ ائين سواءِ پنهنجي پاڻ کي لوئڻ ۽ ملامت ڪندي رهڻ جي ٻيو ڪوبه رستو ڪفاري ادا ڪرڻ جو مون وٽ باقي ڪونه ٿو رهي ...“

مخلص ۽ محبتي دوست هن دنيا ۾ هڪٻئي لاءِ قدرت جي عظيم نعمت هوندا آهن، ۽ اهڙي نعمت جيڪڏهن ڪنهن کي ملي ته ان صورت ۾ سندس دل جي ڪيفيت ڪهڙي نه نازڪ ۽ پياري لڳي ٿي! سائين جويو صاحب هڪ خط ۾ ان جواظهار اجهوهيئن ٿو ڪري: ”... اوهان جي محبتي توجهه تي آءٌ ناز ڪندوآهيان، جيڪو اوهان مون کي ڏيو ٿا، ڪڏهن به ائين نه سمجهندا ته آءٌ اِن ڳالهه جو امڪان به ڪو دل ۾ آڻي سگهان ٿو ته اوهين مون کي رنجائي سگهو ٿا يا رنجائڻ جو سوچي به سگهو ٿا. اوهان جهڙا سچا، مخلص، نياز ڀريا امنگ رکندڙ پيارا ماڻهو مس مس ته دنيا ۾ ڪنهن کي نصيب سان ملندا آهن .....“

خطن جي هن مجموعي ۾ شامل سڀئي خط جيتوڻيڪ ذاتي نوعيت جا آهن، جيڪي ڇاپي هيٺ آڻڻ لاءِ لکيل نه هئا، پر پوءِ به اُنهن ۾ عمومي زندگيءَ جي روزمره واقعن جو ذڪر، اُن وقت جي ماحول جي عڪاسي، سياسي،سماجي ۽ معاشي حالتن جون جهلڪون، دل کي ڇهي وڃڻ جهڙيون ملن ٿيون. خطن جو هيءُ مجموعو هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ اسان جي سماج جي مثبت ۽ منفي لاڙن ۽ رَوَين کي ڏسي سگهجي ٿو. هنن خطن ۾ سماجي براين، معاشي مسئلن، گهريلو پريشانين کان علاوه نوڪريءَ جا مسئلا، سرڪاري کاتن جون ڪارگذاريون، آفيسرن ۽ عملدارن جون پنهنجي ماتحت ملازمن سان رَوَشون، عقوبتون،مطلب ته ڪيترن ئي تاريڪ لقائن جي عڪاسي ملي ٿي. هنن خطن جا ڪردار اسان جي سماجَ جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن، جن سان هر ذِي شعو، ماڻهوءَ جو واسطو پوي ٿو.هنن خطن ۾ ذڪر ڪيل مسئلا ۽ واقعا اسان جي موجوده سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.

غلام علي چنو جيڪو هڪ استاد آهي، ۽ ڪامياب استاد آهي، سو هنن خطن ۾ هڪ بُردبار، باهمت، دورانديش ۽ مڻيادار مانجهي مُڙس نظر اچي ٿو.هو صاحب انتهائي ناموافق حالتن ۾ به همت، حوصلي، محنت، سچائيءَ، اورچائي ۽ وڏي ولولي ۽ اُمنگ سان اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ ۽ سماج ۾ هڪ مانائتو مقام ماڻڻ لاءِ جاکوڙي ٿو.هُو ڪٿي به پنهنجين ڪوششن مان نااميد نٿو ٿئي بلڪ پوري جوش ۽ جذبي سان پنهنجن نيڪ مقصدن جي حاصلات لاءِ اُدم ڪري ٿو.هُومختلف امتحان پاس ڪندو، اڳتي وڌندو، پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو ڪندو ٿو رهي. هُو اولاد جي بهتر مستقبل ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ اُپاءَ وٺي ٿو، اُنهن لاءِ فڪر مند ٿئي ٿو ۽ پاڻ تي عائد سڀني سماجي ذميدارين کي فرض شنائيءَ سان نڀائي ٿو. هُو وقت جي هر چئلينج کي قبولي ٿو ۽ فيصله ڪُن انداز ۾ اُنهن چئلينجن کي مُنهن ڏيندي، ناموافق حالتن جو رُخ ڦيري پنهنجي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ ۾ سوڀارو ٿئي ٿو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به موزون ۽ معقول حدف مقرر ڪري ٿو، لڳ ڀڳ سڀني کي حاصل ڪري ٿو وٺي. اهڙيءَ طرح هُو صاحب زندگيءَ ۾ هڪ باعمل ۽ ڪامياب انسان ثابت ٿئي ٿو ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪري ٿو. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي صحبت کي پنهنجي لاءِ وڏي نعمت سمجهي ٿو. سندن صحبت مان گهڻي کان گهڻو لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. محترم جويو صاحب سندس مَنَ اندرَ ۾ علم ۽ ادب جون ڏياٽيون روشن ڪري ٿو، جن جي روشنين کان فيضياب ٿي، هُو قلم کڻي، لکڻ جي همت ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت غلام علي چنو صاحبُ قلم بنجي ٿو. هُو صاحب هن وقت تائين اڌ ڊزن کان ڪتاب لکي چڪو آهي، جن مان ٽي عدد ڪتاب اَنگريزي گرامر جا آهن. سندن وڌيڪ اڌ ڊزن کن ڪتاب اڄ ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ٻه ترجمن جا ڪتاب ۽ هڪ سندس پنهنجي آتم ڪٿا شامل آهي. اِنهيءَ کان علاوه مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪيترائي مضمون ڇپيل آهن.ائين هنن خطن مان غلام علي چني جي شخصيت جي جيڪا سڃاڻپ ملي ٿي سا هڪ فرض شناس والد، محبتي ۽ عزت ڪندڙ خاوند، مخلص دوست، مسلسل جاکوڙيندڙ، جفاڪش، اورچ، باصلاحيت، حوصلي مند ۽ ڪامياب انسان جي سڃاڻپ آهي.

خطن جي هن مجموعي ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جا ڪُل 36 خط شامل آهن. اُنهن خطن ۾ سندن گهڻ پاسائين شخصيت جي جهلڪ ملي ٿي. هنن خطن ۾ هُو صاحب پنهنجي منفرد ۽ مخصوص انداز ۾ هڪ مهربان ۽ ٻُڌيوانَ ڏاهي وانگر پنهنجي هڪ زنده دل ۽ ڪشاده ذهن نوجوان ساٿيءَ کي ڏاهپ جا ۽ اُوچي آدرش جا ڏس ڏيندي نظر اچي ٿو. ڪٿي هُوکيس ڪامياب، خوشگوار ۽ سُکي ستابي زندگي گذارڻ جا گُر ڏسي ٿو ته ڪٿي وري ”زندگيءَ ۾ هڪٻئي لاءِ پيار ۽ نيڪ تمنا جي جذبي ۽ باهمي تعاون ”جهڙن اعليٰ منصبن کان روشناس ڪرائي ٿو، مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ گهيريل انسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هُو صاحب سندس اِن ڏِس ۾ رهنمائي به ڪري ٿو.هُو نوجوانن جي مستقبل لاءِ فڪر مند به ٿئي ٿو ته ڪٿي وري استادن کي سندن پنهنجو فرض منصبي ياد ڏياريندي، کين ”پڙهو ۽ پڙهايو، سکو ۽ سيکاريو“ جهڙا سڌا سادا ۽ سون جهڙا اصول ڏسي ٿو. هنن خطن ۾ هُو صاحب، علم ۽ ادب جي شوق ۽ ذوق کي همٿائي ٿو، ته ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي اديبن خلاف رجعت پسند حلقن طرفان هلايل مهم تي ڳڻتي ڪندي نظر اچي ٿو؛ پنهنجي پياري دوستَ شيخ اياز جي گرفتاريءَ واري خبر ٻُڌڻ تي پريشان ٿئي ٿو، ته ”روح رهاڻ“ رسالي کي درپيش مالي مشڪلاتن ۽ اُن جي مالي اعانت ڪرڻ لاءِ فڪرمند به رهي ٿو. هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي دوست وانگر غلام علي چني جي هر مشڪلات ۽ مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي، حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، ته ناراض دوستن کي پرچائيندي به نظر اچي ٿو. خطن جي مطالعي مان اهم ڳالهه اها معلوم ٿئي ٿي ته هڏ ماس جوٺهيل هيءُ صاف دل منشُ پنهنجي ڪنهن پريشانيءَ، ڳڻتيءَ، مُشڪل يا ڪنهن مسئلي جو ڪٿي به ذڪر نٿو ڪري! حالانڪ هُو به هڪ جيئرو جاڳندو انسان ۽ اسان جي هن ئي سماج جو هڪ فرد آهي، جيڪو مسئلن ۽ پريشانين کان آجو ته هرگز نه هوندو. ٻي ڳالهه ته اُنهن ڏينهن ۾ هُو صاحب ”بزم صوفياي سنڌ“، ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ سرانجام ڏنل علمي، ادبي خدمتن ۽ ون يونٽ مخالف ۽ سنڌ دوست سرگرمين سبب سرڪاري عتاب هيٺ هو۽ کين انهن سرگرمين کان باز رکڻ خاطر ئي سنڌ بدر ڪيو ويو هو. اُنهن ڏينهن جي حالتن جو ذڪر آءٌ مٿي پڻ ڪري آيو آهيان. انهن سڀني ڳالهين مان سائين جويي صاحب جن جي فولادي ارادي ۽ مستقل مزاج شخصيت جي عڪاسي ٿئي ٿي.

محترم محمد ابراهيم جويو هنن خطن وسيلي نه فقط غلام علي چني صاحب بلڪ علامتي نداز ۾ پوري سنڌي سماج سان مخاطب ڏسجي ٿو. سندن مدبرانه ڳالهيون، اعليٰ انساني آدرشَ سندن شخصيت جي وڏائيءَ، مڻيا ۽ ڏاهپ جا آئينه دار آهن. هُو صاحب هنن خطن معرفت غلام علي چني جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رهنمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليم ۽ تدريس، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۽ روزمره جي زندگيءَ جي معاملن ۾ نهايت ئي هڪ شفيق استاد ۽ قابل رهبر وانگر ائين رهبري ڪندي نظر اچي ٿو، جيئن ”ايميلي عرف تعليم“ ڪتاب جوخالق ”روسُو“ پنهنجي مثالي مُتعلم ”ايمليءَ“ جي تعليم ۽ تربيت ۽ سندس شخصيت جي تعمير لاءِ هر وقت فڪرمند رهندي ڏيکاريل آهي.

خطن جو هيءُ مجموعو پنهنجي انيڪ خوبين سبب سنڌي ادب ۽ خاص ڪري خط نويسيءَ جي صِنف ۾ هڪ گرانقدر اضافو ثابت ٿيندو. اِها سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جي وڏائي ۽ ڪُشاده دلي ئي آهي جو پاڻ مهربانن مون جهڙي ناقص العلم ۽ ادبي لحاظ کان الهڙ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ جوشرف بخشيائون، جنهن کي آءٌ تحقيق پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهان ٿو.

 

حيدرآباد                                       - سنگرام

27 – ڊسمبر، 2001ع

 

(1)

جيڪب آباد

21- 4- 1968

بخدمت جناب پرنسپال صاحب

بعد السلام عليڪم جي هت سڀ خير آهي. خداوند قدوس جي مهربانيءَ سان ايڏانهن به خير هوندو.

احوال هن ريت آهي جو خط لکڻ کي دير ٿي آهي، ان ڪري جو توهان جي ائڊريس جي خبر ڪانه هئي. نه وري هِنن مان ڪنهن ٻڌايو ته توهان کان ڪو خط آيو آهي. گهڻيءَ پڇا کان پوءِ اڄ غلام رسول ٻڌايو. مون هت توهان جي دعا سان خوش آهيان.

مون توهان کي اسٽيشن تي وڃڻ وقت چيو هوته مهرباني ڪري مون ڏانهن هڪ ڪارڊ اڪيلو ضرور لکندا. شايد اهو مون غريب جو عرض توهان جي دل تان ميٽجي ويو آهي. پهريائين ته منهنجي دل چيوٿي ته ڏکن ۽ سورن جو داستان توهان ڏانهن لکان،ليڪن اهوڪنهن ٻئي وقت لکندس. منهنجو ڀائٽيو به هت آهي، جوبه خوش آهي. مهرباني ڪري خط لکندا.

فقط توهان جو شاگرد

غلام علي چنه

To Mr. Mohammed Ibrahim Joyo

Principal, Primary Teachers Training

College, Kohat, at Kohat.

 

(2)

ڪوهاٽ

2-5-1968ع

پيارا غلام علي، شال خوش هجين!

تنهنجو خط مليو، پڙهي حال احوال کان واقف ٿيس. تو برابر گاڏيءَ ڇُٽندي ويل مون کي چيو هو ته تو ڏانهن خط لکان، ۽ اها ڳالهه ڪي ٻه چار ڏينهن مون کي ياد به هئي. پر هفتوکن ڳوٺ ۽ حيدرآباد ۾ گذريو، ان کان پوءِ پرديس جو سفر ۽ رولڙو، سو ٿيندي ٿيندي جڏهن هتي ڪوهاٽ پهتس، تڏهن اهو تنهنجو چوڻ واقعي مون کان وسري ويو. مهرباني ڪري دل ۾ نه ڪج. تون ۽ تنهنجو ڀائٽيو اِتي خير جو وقت پيا گذاريو ۽ خوش آهيو، اِها خبر پڙهي ڏاڍي دل کي خوشي ٿي. ڇا نالو آهي اِنهيءَ لائق نينگر جو؟ مون کان اهو به وسري ويو آهي. منهنجا پيار ۽ دعائون کيس چئج. امتحان ۾ ته ضرور پاس ٿيو هوندو ۽ چڱيون مارڪون کنيون هوندائين، منهنجي پاران کيس چئج ته محنت ڪري پڙهي، سٺي نمبر سان پاس ٿئي ته آئيندو ٺهي سگهيس ۽ اڳتي خير خوبيءَ ۽ عزت آبروءَ جو وقت گذاري سگهي. پنهنجو به فائدو ٿئيس ۽ پنهنجي مائٽن ۽ پنهنجي ملڪ جو به شان وڌائي سگهي. تون پنهنجي حال احوال کان مهرباني ڪري وقت بوقت واقف ڪندو رهج. هتي پرديس ۾ ويٺوآهيان،جتي پنهنجي ٻوليءَ ٻڌڻ لاءِ دل اُڇلجي ٿي، سو اوهان مان ڪنهن جو قرب ڀريو خط ملي ٿو ته مون لاءِ ڄڻ عيد ٿي ٿئي. ممڪن آهي ته جواب ڏيڻ ۾ مون کان ڪجهه دير مدار ٿئي يا ڪڏهن ڪڏهن غفلت کان بنهه نه به ڏيئي سگهان. پر اسان جي انهيءَ پار جي يارن جو فرض آهي ته ڏهين پندرهين ڏينهن مڙيوئي ياد ڪندا رهن ۽ ٻه اکر خيريت جا وقت به وقت لکندا رهن.

تنهنجي فارسيءَ جي تعليم جو ڇا حال آهي؟ مونکي يقين آهي ته توکي فارسي ڪلاس ۾ پاڙهڻي پيئي هجي يا نه، پر تون بهرحال ان جو اڀياس جاري رکندو ايندين.اتي اسڪول ۾ مولوي محمد حسن صاحب فارسيءَ جو قابل شخص آهي. کيس منٿ ڪندو ايندين ته هو توکي درس ڏيندو رهندو ۽ هڪ سال کن جي اڀياس مان مون کي يقين آهي ته فارسيءَ ۾ تون ڀڙ ٿي ويندين. هونئن به پنهنجي تعليم کي ماڻهو هر حالت ۾ جاري رکندو اچي ته بهتر اٿس. اخبارون، رسالا، ڪتاب وغيره جيڪي ڇپجندا رهن ٿا. سي سڀ اهڙيءَ طرح اسان سڀني لاءِ پنهنجي تعليم کي جاري رکڻ واسطي آهن. خاص طرح استاد جيڪي آهن، تن لاءِ ته بيحد ضروري آهي ته پڙهندا رهن ۽ سکندا رهن، ”پڙهو ۽ پڙهايو، سکو ۽ سيکاريو“ – اهي ئي استاد جا نعرا ۽ اصول هئڻ گهرجن.

شعبان ۽ غلام رسول کي چئج ته سندن خط مون کي پهتل آهن. سندن قربَ، کين جواب اميد ته ترت موڪليندس، ٻين سڀني دوستن ۽ ساٿين کي گهڻا گهڻا سلام چئج. غوث بخش، رنگ علي شاهه، حاجي خير محمد، مشتاق، مولا بخش، گهنشامداس، مولوي محمد حسن،بشير احمد، رحيم بخش، محمد حسين شاهه، غلام علي بروهي، غلام رسول، پرتاب، ڀُٽي صاحب، بوزدار، محمد شعبان، ميان الهڏني ۽ پنهنجي محترم جناب هيڊ ماستر صاحب مسٽر سومريءَ کي عزت ۽ پيار ڀريا سلام ڏج. جڳوءَ کي سلام چئج- سندس گهر ۾ مائي ڀڳوانيءَ کي ڇا ڄائو! اميد ته هو پنهنجن ٻارڙن سان خوش هوندا. محمد عارف، مير محمد، بنگل ۽ منظور کي دعا سلام رسن، پاڻ ۾ وڙهن ته ڪونه ٿا! آءٌ هتي ٻيءَ هر طرح خوش آهيان. آب هو اڏاڍي سٺي آهي. ماڻهو ڏاڍا ڀلا آهن. وقت خير خوبيءَ سان پيو گذري- سنڌ کي ۽ سنڌ جي سڀني ساٿين کي دعائون پيا ٿا ڪريون، شال خوش هجن، ۽ آباد هجن.

زياده خير- والسلام

اوهان جو خيرانديش

محمد ابراهيم جويو

(3)

جيڪب آباد

4-5-1968

دائم اقبال

بخدمت جناب استاد صاحب

السلام عليڪم: عرض ته توهان جوخط پهتو، توهان جا اکر ڏسي از خود اندازو لڳايو ته خط توهان کان آيل آهي. وري جڏهن پنو ڪڍي پڙهڻ لڳم تڏهن خبر نه آهي ته ڇو منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي ۽ خوشيءَ سببان چپن تان مرڪ بند نه پئي ٿي. خط وڏي آواز سان ٻين استادن جي سامهون پڙهي رهيو هوس، هڪ طرف کان دل خوش هئي ته ٻئي طرف کان خوشيءَ سببان اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ وهي رهيا هئا. ليڪن جيئن جو ٻين جي سامهون پڙهي رهيو هوس تنهنڪري اکين کي گهڻو ڇنڀي ڳوڙهن کي جذب ڪري ٿي ويس. خوشيءَ کان سواءِ، جو مون ان وقت فخر محسوس ڪري رهيو هوس، ان جي ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. شايد ان ڪري جواهڙي هستيءَ کان مون غريب ڏانهن اڪيلو خط لکيو ويو آهي، جنهن جو مون سان پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ پيار آهي. بهرحال خط پڙهڻ وقت جا خوشي ۽ خودي اچي وئي ان جي ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

سائين مون کي معاف ڪندا جو مون هن خط کان اڳ توهان ڏانهن ڪارڊ لکيو هو، جو توهان جي شان وٽان ڪين هو، ليڪن ان ڏينهن مون سان به مجبوري هئي. اميد ته آئنده ائين ڪين ٿيندو.

دل چئي ٿي ته توهان ڏانهن ڏکن ۽ سورن جو احوال لکان، ليڪن اها ڳالهه غلط سمجهي لکي نه ٿو سگهان. اها ڳالهه سچي آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجوڏک ۽ غم ٻين کي ٻڌائي پنهنجي دلتان بار گهٽ ڪجي ٿو، پر منهنجي سمجهه ۾ته پنهنجوڏک ۽ غم ٻين کي ٻڌائي، آئيندو وڌيڪ ڏک پرائي ٿو.ليڪن مون جو توهان کي سچو استاد ۽ رهبر سمجهي رهيو آهيان، تڏهن توهان کي پنهنجي حالتن کان واقف ڪرڻ به ضروري آهي. ڀلا جنهن وٽان ڪنهن مرض جي دوا ٿي سگهي ان کان ڇو نه دوا ڪرائجي. پنهنجي جان بچائڻ به ته فرض آهي. تنهنڪري هر وقت مون توهان کي پنهنجي حالتن کان واقف ڪندو رهندس. من توهان کان ڪو اهڙو رستو ملي سگهي، جو پنهنجي زندگي بنائي سگهان ۽ ڏکن کي منهن ڏئي ٽاري سگهان.

مان سمجهان ٿو ته ڏکن ۽ غمن کان ڪوبه ماڻهو بچيل ڪين آهي، ليڪن مان ائين چوندس ته مون کان وڌيڪ ڏک ڪنهن کي ڪين هوندا. هڪ طرف کان خوش آهيان ته هن ننڍي وَهيءَ ۾ ئي ڏکن سان منهن ڏيڻوپيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح جڏهن منهنجي ڏکن ڪاٽڻ ۾ مهارت ٿي ويندي تڏهن ڀيريءَ ۾ سنهي سڪي ڏک جي ڪابه پرواهه ڪڍڻي نه پوندي. پر وري اهو ڏک به آهي ته ننڍي وَهي ته ڪنهن عيش ۾ گذري ها پوءِ ڀل ڏک هجن ها. پر اها ته سڀ قدرت جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن سڀ سکي هجن ها ته جيڪر جهان ئي ڪين هلي سگهي ها. انشاء الله هميشه دشوارين کي منهن ڏيندس ۽ ڪنهن ڏينهن ڪاميابي منهنجا پير چمندي. سچ ته هي جهان ئي اميد تي جيئي ٿو.

سائين مون ڪڏهن ڪڏهن خيال ڪري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪندو آهيان ۽ هڪ ڪلاڪ کن کان پوءِ وري دل کي آٿت ڏيندو آهيان. پر تڏهن به دل کي انهيءَ آٿت تي اعتبار نه ايندو آهي. ڀلا اعتبار به ڪيئن اچي. هڪ غريب ماستر مان وڃي ڪليڪٽر ٿيندس ڇا؟ يا وري ڪو پنهنجووڏو آفيسر آهي جو ٻئي هنڌ وڏو آفيسر ڪري رکندو. اجهو وري ماستر گهٽائين ٿا، خبر نه آهي ته الائي ڇا ٿئي. شايد انهيءَ جو نزلو مون تي ٽٽي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ مان ڇا ڪندس، نه ته مون راهڪي پوکي ڪرڻ جهڙو آهيان، نه وري ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهندس. خدا رحم ڪري، آمين. منهنجي سيڪنڊريءَ ۾ ڪل ست مهينا سروس آهي ۽ پرائمريءَ ۾ 3 سال آهي. وڏي ڳالهه ته پرائمريءَ ۾ به جايون ڪين آهن ۽ هن وقت تائين ٽريننگ لاءِ به منهنجو وارو ڪين آيو آهي. ڏسون وڌيڪ ڇا ٿو ٿئي.

مان هت بلڪل خوش آهيان. ڏاڍو سٺو وقت ٿو گذري. صبح جو اسڪول ويندو آهيان، شام جو راند تي ويندو آهيان، رات جو ڪجهه ايم. اي سنڌيءَ جي لاءِ تياري ڪندو آهيان، ته ڪجهه پنهنجي اسڪول جي ڪم لاءِ تياري ڪندو آهيان. ان کان پوءِ وري صبح جو اسڪول ويندو آهيان. بس، گهڻو گهمندو ڪين آهيان، ان ڪري گهڻو ڪري دوستن ۾ عزت ڪين آهي. ليڪن مون کي ڪا انهن جي غرض ڪين آهي. نيٺ اهو وقت ايندوجو اهي ئي خود مون سان ملندا. منهنجو ڀائٽيو ڪجهه خوش نه آهي، ان ڪري هن کي ڳوٺ موڪلي ڇڏيو اٿم. اميد ته هو جلدئي موٽي ايندو ۽ پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويندو. هن جو نالو غلام رسول آهي. شايد توهان کان وسري ويو آهي.

سائين منهنجي دل ته ائين ٿي چئي ته توهان کي هر ڏينهن جو احوال لکان ۽ انشاء الله هاڻي ائين ڪندس.

سائين مون پنهنجن ڪلاسن وارو فارسي ڪتابن ۽ گرامر ۾ ته ڀڙ ٿي ويو آهيان، ليڪن جيئن جو اسان جي لائبرريءَ ۾ اهڙا فارسيءَ جا ڪتاب ڪين آهن، ان ڪري پنهنجن پئسن سان وٺڻ تي به دل ٿو هڻان. يا پهريائين فارسيءَ کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙا ڪتاب گهرجن، يا ڪهڙا ڪتاب پڙهجن ته واقفيت وڌي، اها به ڪنهن وٽان خبر ڪين ٿي پئجي سگهي. توهان مهرباني ڪري ٻڌايو ته ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن ته جيئن فارسيءَ تي مهارت ٿئي.

ليڪن وري اڄ ڪلهه منهنجو مٿو خراب ٿيو ته ڪجهه ڪجهه عربي به پڙهڻ شروع ڪريان، ڇاڪاڻ ته هت به هڪ کان ٻه استاد عربي پڙهيل آهن، ٻيو نه ته ڪجهه گرامر کان واقف ٿي وڃان.

سائين مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پرائمري ٽريننگ ۾ هيس تڏهن اسان جي سابق ڊاريڪٽر مسٽر سيد غلام مصطفيٰ به پنهنجي تقرير ۾ اهي لفظ چيا هيا ته استادن کي گهرجي ته هو سدائين ”سکو سيکاريو ۽ پڙهو پڙهايو“ واري اصول تي هلن.

سائين موجوده هيڊ ماستر مون مان بلڪل خوش آهي ۽ هو به هر وقت توهان وانگر سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو آهي ۽ همدردي ڪندو آهي ۽ مون مان بلڪل راضي آهي. هن کي جڏهن مون توهان جو خط ڏنو ۽ پڙهي جڏهن پنهنجي لکيل سلامن تي پهتو تڏهن کلي ڏنائين ۽ هن مون کي چيو ته منهنجا به سلام لکندا. توهان مهرباني ڪري اسان جي هيڊ ماستر صاحب جا سلام مطالع ڪندا. جڳوءَ کي ڌيءَ ڄائي آهي. هو پاڻ ۾ زال مڙس اولاد سميت خوش آهن.

اهڙي يادگيريءَ کان ڪين وساريندا. خط جو جواب وري عنايت ڪندا- سلام سڀني دوستن جا مطالع ڪندا.

فقط توهان جو شاگرد

غلام علي چنه

گورنمينٽ هاءِ اسڪول، جيڪب آباد.

 

(4)

ڪوهاٽ

20-5-1968

پيارا غلام علي

تنهنجو خط چوٿين تاريخ جو لکيل مليم. پڙهي تنهنجي حال احوال کان واقف ٿيس. اميد ته توڏانهن هر طرح جي خيريت هوندي. زندگيءَ ۾ آزمائش جون گهڙيون هميشه ۽ هر وقت انسان جي اڳيان اينديون رهنديون آهن. همت، صبر ۽ سمجهه سان انهن کي منهن ڏبو رهبو ته ڪاميابي هر منزل تي يقيني آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جي به ماڻهوءَ کي سڌ نه رهندي آهي- ايتري قدر زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هو بنهه محو ۽ مشغول ٿي ويندو آهي. ڪم ۾ رُڌو رهڻ به ڪم مان لطف ڏيندو آهي، ۽ اهو لطف خود به ڪافي انعام آهي، جو هڪ پورهيت کي پورهئي مان ملي سگهي ٿو. انگريزيءَ ۾ هڪ پهاڪو آهي، جيڪو شايد اڳ به مون توکي ٻڌايو هو: The reward is in the race we run and and not in the prize we get. سو، تون مهرباني ڪري پنهنجيءَ ڌُن ۾ پنهنجي ڪم کي لڳو رهه. تنهنجي من جون مرادون پنهنجي پنهنجي وقت تي اميد آهي ته پوريون ٿينديون رهنديون. اها منهنجي تو کي دعا به آهي ۽ نصيحت پڻ.

تو لکيو آهي ته منهنجي خط ملڻ تي توکي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. تو کي ائين سمجهڻ گهرجي ته تنهنجي خط ملڻ تي مون کي به بيحد خوشي ٿئيٿي،۽ ٿيڻ به ڇو نه گهرجي! زندگيءَ ۾ هڪٻئي لاءِ پيار ۽ نيڪ تمنا جو جذبو ۽ باهمي تعاون- اِهي انتهائي عظيم نعمتون آهن،جيڪي اسان انسانن کي بحيثيت انسان جي مهيا ٿيل آهن. پر افسوس، جو ڪي ماڻهو اِنهن املهه نعمتن مان فائدو ڪونه ٿا وٺن. جيڪي انهن نعمتن کي سڃاڻن ٿا ۽ انهن مان ڪم وٺن ٿا، تحقيق اُهي خوش نصيب انسان آهن. هيءَ ڳالهه به ظاهر آهي ته خوشي ورهائڻ سان وڌندي آهي ۽ ڏک ورهائڻ سان کُٽندو ۽ گهٽ ٿيندو آهي. سو ڏک سک ۾ ٻين کي ڀائيوار ڪرڻ ۽ ٻين سان ڀائيوار ٿيڻ مان مجموعي طور انساني زندگيءَ مان ڏکُ دور ٿئي ٿو ۽ ان ۾ سُک ۽ خوشيءَ جو انداز وڌي ٿو، يعني انهيءَ طريقي سان انساني رهت وسيلي زندگي جيئن پوءِ تيئن سُٺي ۽ سُکي ٿيندي رهي ٿي.

تو لکيو آهي ته ”ڏکن ۽ غمن کان ڪوبه بچيل ڪين آهي، ليڪن مان سمجهان ٿو ته مون کان وڌيڪ ڏک ڪنهن کي ڪين هوندا.“ ممڪن آهي ته اِئين هجي، پر ائين محسوس ڪرڻ ۽ سمجهڻ سان ماڻهوءَ جو ڏک گهٽبو نه، پر وڌندو، ۽ اُن مان ڪنهن کي به ڪوبه فائدو ڪونهي. هڪ سنڌي شاعر چيو آهي ته:

”ڏک به ڏٺو ٿم ڪين، سُکُ به سڃاڻان ڪين ڪي-“

جڏهن ماڻهوءَ کي ڪو ڏک ڏسڻو پوي، تڏهن کيس ائين سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته ”اڃا ڏک ڪو ٻيو، هيءُ اُهو ڏک ڪونهي. مون اڃا اُهو ڏک جيڪو واقعي ڏک آهي، سو ته ڏٺوئي ڪونهي!“ ساڳئي وقت کيس پاڻ کان وڌيڪ دُکي ماڻهن کي ڏسڻ گهرجي ۽ عبرت وٺڻ گهرجي.هر غريب کان غريب ماڻهوءَ، هر دُکيءَ کان دُکي ماڻهوءَ کي به زندگيءَ جون ڪي سهولتون ۽ سک ميسر هوندا آهن- کيس کپي ته پنهنجن اُنهن سهولتن ۽ سُکن کي سڃاڻي ۽ اُنهن جو قدر ڪري. ۽ اِئين به ماڻهوءَ کي سوچڻ ۽ چاهڻ گهرجي ته شال آءٌ ٻين کي دلاسو ڏيندو رهان بجاءِ اِن جي، جوٻيا مون کي دلاسو ڏين-

Let me console rather than be consoled.

اِها ذهني ڪيفيت ڌاربي، ته ماڻهوءَ ۾ پهاڙ جهڙي قوت پيدا ٿي ويندي ۽ زندگيءَ ۾ اُهو ماڻهو محڪم ارادي ۽ اڏول قدم سان اڳتي وڌندو ئي رهندو- ۽ ڪوبه سخت کان سخت طوفان ان کي پنهنجي راهه کان هٽائي، توائي ڪونه ڪري سگهندو.

تنهنجي سروس جو مسئلو اميد ته ڪونه بگڙندو. پر صورتحال جيئن پيدا ٿئي تيئن اُن کي مُڙسيءَ سان منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪج. جيئن هوندو تيئن ٿيندو. اميد ته ڳالهه رهجي ايندي. آءٌ هتي پرديس ۾ آهيان. مون ۾ ڪو ڪم ڪار هجئي ته بي حجاب لکي موڪلج.

غلام رسول کي پيار ڏج. ٻين سڀني ساٿين ۽ سنگتين کي سلام چئج.

تنهنجو خيرانديش

محمد ابراهيم جويو

 

(5)

جيڪب آباد

23-5-1968

دائم اقبال

بخدمت جناب رهبر ۽ رهنما

السلام عليڪم: توهان جوخط پهتو. اهڙيون نصيحت آموز سمجهاڻيون پڙهي دل کي جا تراوت ۽ آٿت آئي ان جي حال ٻڌائڻ جي قلم کي طاقت ڪين آهي. جيڪڏهن اهڙين نصيحت ڀريل خطن لکڻ سان پيا نوازيندا ته مون کي اميد آهي ته مان پوري جوش و خروش سان ڪوشش ۽ ڪاوش ڪندو رهندس. اُنهن ڪوششن ۽ محنتن جي هئڻ ڪري ڪنهن ڏينهن ڪاميابي قدم چمندي. سچ آهي ته هي جهان اميدن جي سهاري هلي ٿو، شايد قدرتي ڪنهن پيتيءَ مان ڏک، غم ۽ عذاب جون بلائون نڪري ويون آهن ۽ اميدئي ان پيتيءَ اندر رهجي وئي آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ جي هر ڪنهن کي تمنا آهي، ۽ اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڏک ۽ تڪليفون سهندو رهي ٿو.

مون کي توهان جي خط ملڻ تي واقعي خوشي ٿئي ٿي. نه صرف اِن لاءِ ته منهنجي ڏيٺ توهان جهڙيءَ عظيم هستيءَ سان آهي، ليڪن مون کي هن دنيا ۾ هڪ رهبر مليو آهي، جو رهبري ٿو ڪري، ۽ رهنما مليو آهي جو هميشه راهه ڏيکاريندو رهي ٿو ته هن دنيا ۾ هلڻ جو رستو هيءُ آهي ۽ اِنهيءَ تي خوشي حاصل ٿئي ٿي ۽ فخر محسوس ڪندو آهيان ته اِن سهاري هن دنيا ۾ نالو ڪڍي سگهندس، ۽ آخرت جي سکن ۾ به حصيدار ٿيندس. اِن سان گڏ ايتري خوشي اِن لاءِ به حاصل ٿئي ٿي جو توهان جو خط سچين سمجهاڻين، چڱين ڳالهين ۽ سٺين نصيحتن سان ڀرپور هوندو آهي، جنهن کي پڙهي دل کي قرار ۽ خوشي حاصل ٿئي ٿي ۽ اڳتي هلڻ لاءِ رستو هٿ اچي ٿو.اِن جي برعڪس توهان کي خوشي اِن لاءِ حاصل ٿيندي هوندي، جو توهان نيڪ آهيو تنهنڪري توهان کي ٻين کي نيڪ صلاح ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي.

سروس جي لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سيپٽمبر کان لاهين ٿا، ليڪن مون آڪٽوبر جي ڀرتي آهيان. وڌيڪ ڏسون ڇا ٿو ٿئي.

توهان پنهنجا احوال لکو ته توهان اِتي ڪيئن ٿا هلو. بدليءَ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو يا نه. اسان غريبن جون دعائون آهن ته شل جتي به رهو خوش و خرم هجو. اسان جو موجوده هيڊ ماستر بلڪل خوش آهي، سندن سلام مطلع ڪندا. هو مون مان بلڪل خوش آهي.باقي تندمزاج سو آهي. هو منهنجي سنڌي ماستريءَ جي زماني ۾ ڊي-آءِ- ايس ٿي رهيو آهي ۽ پرائمري ماستري به هِن ئي ڏِني هئي.

ٻيو ڪو خاص احوال ڪين آهي، هت سڀ سنگتي خوش آهن ۽ سڀني جا سلام مطالع ڪند.ا

ڪم ڪار جڏهن ڪو اهڙوٿيو، تڏهن ضرور عرض ڪبو، مهرباني ڪري خط جو احوال ڏيندا.

فقط

غلام علي چنه

 

(6)

چڪ

22-7-1968

دائم اقبال

بخدمت جناب محمد ابراهيم صاحب

السلام عليڪم: هن کان اڳ مون توهان ڏانهن جيڪب آباد کان خط لکيو هو، ليڪن توهان جو جواب هن وقت تائين ڪين پهتو، ان کان پوءِ موڪلون ٿيون، جنهن ڪري ڳوٺ ويم ۽ هِتي ڪي ڏينهن طبيعت ناساز هئڻ سبب خط لکڻ ۾ دير پئجي ويئي. اِن لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان.

اڄڪلهه موڪلن جي ڪري فرصت آهي ۽ واندڪائيءَ جي وقت ۾ ويهي ڪجهه نه ڪجهه پڙهندو آهيان، ليڪن مطالعي ڪرڻ ۾ بغير ڪنهن لغت جي ڪافي دقت پيش اچيم ٿي. ان لاءِ اهو پڪوپهه ڪيو اٿم ته عربي، فارسي، سنڌي، اردو۽ انگريزيءَ جون لغتون ضرور وٺندس. جيستائين لغت نه آهي اوستائين نون لفظن کي سمجهي نٿو سگهجي.  خاص طرح سنڌي لغت جي اشد ضرورت آهي، جيڪا به ڪٿان هٿ اچي نٿي سگهي. منهنجو توهان کي عرض آهي ته مهرباني ڪري توهان اهڙي سٺي لغت، جا ڪنهن سٺي مصنف جي لکيل هجي ۽ سٺو ڇاپو هجي، اُن باري ۾ مون ڏانهن لکندا ته ان جي قيمت ڪيتري ٿيندي، جو پوءِ مون اُتي مني آرڊر ڪريان يا اُتان وي- پيءَ رستي مون کي هتي ملي.

اِن کان پوءِ ٻِئي جنهن ڪتاب جي سخت ضرورت آهي، اُها آهي شاهه عبداللطيف جي رسالي جي، جو مون کي ڪافي چاهنا رهي آهي ته رسالو پڙهان ۽ خوب پڙهان. مون مرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل رسالو ورتو آهي، ليڪن ان ۾ ڪا شرح نه اهي، تنهنڪري پوريءَ طرح نه سمجهڻ ڪري منهنجي طبيعت جو ميل اُن ڏانهن گهٽ رهي ٿو. باقي رسالو ته هونئن اکين تي آهي. اِهو ان ڪري به آهي، جو مون اِن کان وڌيڪ عاليشان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل رسالو، شرح سان گڏ لغت به جنهن ۾ شامل آهي، سوڏٺو هو. دراصل اُهو مون توهان وٽ ڏٺو هو. دل ته اُن وقت ئي گهريو پئي ته وڃي وٺان، پر اُن وقت ڪو گڏ ٿيل پيسو مون وٽ ڪين هو. ليڪن هِن وقت منهنجي دل گهري ٿي ته جيڪر اهڙو رسالو هجي، جو سدائين مون سان ساڻ هجي ۽ اُن جو مطالعو ڪندو رهان. پروفيسر آڏواڻي صاحب اُن تي پنهنجي محنت جو ثبوت واهه جو پيش ڪيو آهي. رسالي ۾ شاهه صاحب جي سنڌي اسان لاءِ نور مثل آهي، ۽ آڏواڻي صاحب اسان لاءِ سمجهڻ ۾ اُها ڪافي آسان ڪري ڏني آهي- زيرين زبرن سان، معنيٰ سان ۽ شرح سان. هاڻ عرض آهي ته منهنجي رهبري ڪريو ته پئسا ڪٿي موڪليان، جو اُهي رسالو مون کي ملي سگهي. مطلب ته رسالو مون کي ضرور گهرجي، ان جو بار هاڻي توهان تي آهي.

مان خدا جو شڪر گذار آهيان، جوتوهان صاحبن جي دعا سان منهنجي روزگار جو خدا خير ڪيو ۽ رڊڪشن کان بچي ويس. هاڻ سي- ٽيءَ تي وڃڻ جو خيال آهي. اُن لاءِ ڪافي ڪوشش ڪندس. سي- ٽي ڪرڻ کان پوءِ بي- اي جي اسڪيل وٺي ڏيڻ جو بار توهان جي ڪلهن تي آهي، جو مون غريب جي ڪوشش ڪندا.

ٻيوخير آهي، وقت خير جو پيو گذري.

فقط توهان جو نورچشم

غلام علي چنه

وايه گوسڙ جي، پوسٽ چڪ.

ضلعو سکر.

 

(7)

سکر

4-10-1968ع

دائم اقبال

بخدمت جناب استاد صاحب

السلام عليڪم: عرض ته توهان ڏانهن هڪ خط لکيو هيم، جنهن ۾ لکيو هيم ته مون کي اڃا سي- ٽي ٽريننگ تي ڪين کنيو ويو آهي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون ڏانهن اهڙو ليٽر پهتو، جنهن ۾ مون کي سي- ٽي ٽريننگ تي سکر ڏانهن موڪليوويو. مون هن مهيني جي 24 کان جيڪب آباد کان هتي آيو آهيان. سي- ٽي ٽريننگ ڪا ڏکي ڪين آهي. سي- ٽي ٽريننگ ۾ به ساڳيو ڪورس اهي، جهڙو جي- وي جي ٽريننگ تي آهي، جا منهنجي پاس به ڪيل آهي. انشاء الله پاس ٿيندس.

(2) مون خبر ٻڌي هئي ته جنهن جِي جي- وي ٽريننگ پاس ڪيل آهي ان کي اختيار آهي ته هو چاهي ته بي- ٽي ڪري سگهي ٿو. مان پڻ ان لاءِ تيار هوس، پر سوچيم ته پگهار به نه ملي، تنهن کان سواءِ گهر جو کايان، تنهنڪري اهڙو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيم. بهرحال موقعو ڏاڍو سٺو هو. ليڪن غريبيءَ کي لعنت آهي، ڇا ڪجي! جيڪڏهن مان پنهنجي خرچ تي بي- ٽي ڪيان ته ٻچا ڪٿان پلجن.

(3) هن وقت گهر جي ويجهوآهيان، خرچ به ايترو ڪين آهي.

(4) هن سال ايم- اي سنڌيءَ ۾ پهرئين سال لاءِ داخلا ورتي اٿم. اميد ته محنت ڪري پاس ڪندس، ان لاءِ دعا ڪريو ته محنت ڪريان ۽ محنت جو ڦل حاصل ڪريان.

ٻيو سڀ خير آهي، توهان جي دعا آهي. ٻار ٻچا خوش آهن، توهان کي پيا دعائون ڪن.

وڌيڪ خاص احوال ڪين آهي، رڳو توهان جي دعائن جي ضرورت آهي.

توهان جو پيارو

غلام علي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org