سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

باب: --

صفحو : 5 

 

(58)

چڪ

6-5-1986ع

 

سدا سلامت.

محترم و مڪرم سائين محمد ابراهيم جويو،

السلام عليڪم: سائين! ٿوري دير اڳ بي. بي. سي ٻڌي ختم ڪيم ته منهنجي ڀائٽي مس اختيار چنه آئي ۽ ڪا ڳالهه ٻڌايائين. ڏاڍو ڏک ٿيو. هن وقت جڏهن هي نيازنامو توهان جي خدمت ۾ ويٺو لکان تڏهن به هٿ لرزي ۽ ڏڪي رهيوآهي. دل ڌڙڪي رهي آهي ۽ ذهن تي ڏاڍو بار محسوس ٿو ڪريان. لکڻ لاءِ دل ۽ دماغ آماده نه آهن. پر لاچار لکي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته ضرور لکڻو پويم ٿو.ائين ڇو آهي؟ ان سوال جو جواب اڳتي توهان کي احوال پڙهڻ مان معلوم ٿيندو. ڳالهه هيءَ آهي، جو منهنجي ڀائٽي مذڪوره نالي، عبدو شهر ۾ گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس آهي، جنهن کي انهيءَ جاءِ تي تقريباً چار سال ٿيا آهن.خيريت جو وقت پئي گذرندو آيو آهي. هاڻي اتي ڪي اهڙا واهيات ماڻهو پيدا ٿيا آهن، جيڪي اتان جي ماسترياڻين کي تنگ ڪندا رهن ٿا. انهن مان هڪ پرائمري استاد آهي، جيڪو وڏو رهزن ماڻهو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ طاقت ۾ به آهي. انهن سان ڪوبه ماڻهو ڪڇي ڪونه سگهندو آهي. اهو پرائمري استاد اڪثر ڪري اسان جي ڇوڪريءَ ڏانهن خط لکندو رهندو آهي. مون اهي خط کڻي ڊي. اي. او گرلس،صغرا شيخ، کي پڻ ڏيکاريا ۽ کيس اتان بدلي لاءِ عرض ڪيم پر هن ڪونه مڃيو. پوءِ مان D.E.O. بوائز مسٽر غلام نبي ميمڻ، توهان جي پراڻي واقف ڪار، ڏانهن ويس. هن خط پڙهيو، پر ان ماستر تي هن ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه وڌو ۽ نه وري منهنجي ان سلسلي ۾ بدليءَ لاءِ مدد ڪيائين. اسان جي ڇوڪر ٻه ٽي ڀيرا پنهنجي D.E.O. گرلس سان ملي آهي ۽ کيس عرض گذاريو اٿس پر هوءَ هر دفعي ٽال مٽول ڪندي ٿي رهي. سچ پچ ته انهيءَ استاد ايترو تنگ ڪيو اٿس جو ڇوڪري استعيفا ڏيڻ تي آماده آهي. پر مون کيس روڪي رکيو آهي ته ائين نه ڪري، نيٺ بدلي ٿيندي.هن وقت به جڏهن آئي ۽ مون کي پنهنجي احوال کان واقف ڪيائين ۽ خط به ڏيکاريائين تڏهن به سخت روئي رهي هئي. واقعي نياڻين لاءِ مصيبت آهي، جيڪڏهن اڻ پڙهيل رهن تڏهن به ظلم. جيڪڏهن پڙهي نوڪري وٺن تڏهن به هِنن لاءِ ظلم آهي.

مون کي ٻيو ڪو چارو ڪونه ٿو سجهي سواءِ ان جي، جو توهان کي عرض ڪريان ته مهرباني ڪري هن ڇوڪريءَ جي عزت ۽ عصمت بچايو ۽ سندس بدليءَ لاءِ ممتاز مرزا، جيڪا ڊپٽي ڊئريڪٽر صاحبه آهي، تنهن کي سفارش ڪريوته مهرباني.

سوال هن ڇوڪريءَ جي جاءِ تي ٻيءَ ماسترياڻيءَ جي موڪلڻ جو آهي ته ان لاءِ حل اِهو آهي ته اسان جي ڳوٺ چڪ ۾ مهر آهن جن جا مٽ مائٽ عبدوءَ ۾ آهن. چڪ مان هڪ مهر ذات جي استادياڻيءَ کي عبدوءَ موڪلجي ۽ اتان مس اختيار چنه کي چڪ پرائمري گرلس اسڪول ڏانهن موڪلي ڏجي. جيڪڏهن اهو ڪم ڪندؤ ته آءٌ زندگيءَ ڀر اوهان جو ٿورائتو رهندس. ڇاڪاڻ ته ڇوڪريءَ جي عزت جو سوال آهي. مان اوهان کي اهو به ٻڌايان ته مون کي ڏاڍو جوش بيٺو آهي ته وڃي D.E.O. گرلس کي سڌي سڻايان. پر هوءَ آهي زال ضائفان سڀاڻ پئون اٽڪي ته چڱو نتيجو ڪونه نڪرندو، مرد هجي ها ته مهاڏو ڏجيس ها.

وڌيڪ احوال مان ڪونه ٿو لکان. مهرباني ڪري اهو ڪم ضرور ڪندا ۽ ممتاز مرزا صاحبه کان D.E.O. گرلس ضلعي شڪارپور کي چورائيندا ته مس اختيار چنه بنت غلام حيدر چنه هه-م پرائمري گرلس اسڪول عبدوءَ جي بدلي گرلس اسڪول چڪ ۾ ڪئي وڃي، ۽ ان جي جاءِ تي چڪ مان هڪ استادياڻي مهر ذات واريءَ کي بدلي ڪري اتي رکيو وڃي.

خطن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون توهان ڏانهن اماڻي رهيو آهيان. ڪي خط ڇوڪريءَ کان گم ٿي ويا آهن. ڪي خط ڪاوڙ ۾ اچي ڦاڙي پڻ ڇڏيا اٿس.

باقي سڀ خيريت آهي. آءٌ ۽ منهنجا ٻار ٻچا سڀ خوش آهن، توهان جي دعائن سان. توهين پنهنجي احوال کان واقف رکندا.

زياده آداب

ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا.

فقط

توهان جو نيازمند

غلام علي چنه

*

 

(59)

12-5-1986ع

پيارا غلام علي، شال خوش هجو.

اوهان جو پنجين تاريخ جو لکيل خط مليو. پڙهي حال احوال کان واقف ٿيس.

اوهان جي خط ملڻ کان ٻه چار ڏينهن ئي اڳ مائي ممتاز مرزا صاحبه جي بدلي ٿي ويئي ۽ سندس جاءِ تي مائي ممتاز قريشي آئي آهي. اُها مائي به ڏاڍي سمجهدار ۽ همدرد آهي. کيس سڄيءَ صورتحال کان واقف ڪيم. سندس صلاح هئي ته ڀيڻ اختيار خاتون پنهنجي D.E.O. (گرلس) کي لکيل درخواست عبدو گرلس اسڪول مان بدليءَ لاءِ ڏئي، ۽ ان جي ڪاپي ڊپٽي ڊئريڪٽريس اسڪول ايڊيوڪيشن گرلس ڏانهن اطلاع طور عرض گذاريءَ خاطر ڏياري موڪلي (مطلب ته اُها ڪاپي اوهان مون ڏانهن موڪليندا. اها آءٌ روبرو هتي ڊپٽي ڊئريڪٽريس کي ڏيندس). درخواست ۾ لکبو ته ”مون کي عبدو گرلس اسڪول ۾ چار سال ٿي چڪا آهن. هاڻي آءٌ گهرو حالات سبب وڌيڪ پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر نوڪري ڪري نٿي سگها، ان کان سواءِ مون کي هتي ڳوٺ جو ماحول به هاڻي بدليل ۽ ڏکيو لڳي ٿو ۽ آءٌ وڌيڪ هتي اطمينان سان نوڪري نٿي ڪري سگهان. اِن ڪري منهنجوعرض آهي ته منهنجي عبدو گرلس اسڪول مان ترت بدلي ڪري مون کي منهنجي ڳوٺ چڪ جي گرلس اسڪول ۾ رکيووڃي. عبدو ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ مهر ذات جا ماڻهو رهن ٿا ۽ اسان جي چڪ گرلس اسڪول ۾ مهر ذات جون ماسترياڻيون (يا ماسترياڻي، ڪم ڪري رهيون آهن يا رهي آهي) جن مان هڪ (يا ڪنهن خاص) کي بدلي ڪري عبدو گرلس اسڪول ۾ رکي سگهجي ٿو. وغير وغيره“ (پر درخواست ۾ وڌيڪ ڪنهن تي الزام وغيره جي ڳالهه نه ڪجي ته بهتر ٿيندو.)

اهڙيءَ درخواست جي نقل جي هتي پهچڻ تي ڊي. اي. او گرلس شڪارپور کي هتان فون ڪرائي سگهبو ۽ اميد ته مائي اختيار خاتونءَجي بدلي جا آرڊر فوري نه ته به وئڪيشن جي عرصي ۾ نڪري ويندا. آءٌ ڀانيان ٿو ته انهيءَ طرح مقصد به پورو ٿيندو ۽ اجائي ڳالهه ڊگهي به نه ٿيندي.

اميد ته اوهين پنهنجن ٻارڙن سان خوش و خرم هوندا.

وڌيڪ خير والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(60)

سکر

28-5-1986ع

سائين محمد ابراهيم جويو صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته درخواست موڪلجي ٿي. اميد ته ڪم پوري ڪرڻ ۾ حتي المقدور ڪوشش وٺندا.

ٻيو ڪو خاص احوال ڪونه آهي. آءٌ پنهنجي اسڪول ۾ سٺو وقت گذاري رهيو آهيان ۽ ٻار ٻچا سڀ خوش آهن. دعائن ۾ شامل رکندا. پنهنجي حال احوال کان پڻ واقف ڪندا ته شڪريو.

ٻيو ڪو نئون ڪتاب ميدان تي آيو هجي ته لکندا ته احسان.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(61)

چڪ

16-7-1986ع

سدائين خوش باش.

محترم و مڪرم جناب محمد ابراهيم جويو،

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته ٽيون ڏينهن مورخه 14-7-1986ع تي مون خط لکيو هو. اميد ته توهان کي مليو هوندو. اڄ وري هي خط توهان جي خدمت ۾ ارسال ڪري رهيو آهيان. جو ڪجهه ضروري احوال ڪرڻو هوم.

سائين منهنجا! ڪالهه ادي اختيار خاتونءَ کي D.E.O. گرلس شڪارپور جي طرفان پٽيوالو موڪلي آفيس گهرايو ويو. آفيس وئي D.E.O. صاحبه سان وڃي ملي. D.E.O. صاحبه ساڻس تمام بي رخيءَ سان پيش آئي، کيس ڌمڪايو ۽ چيو ته ”تون دل ۾ خوش ٿي آهين ته مان تنهنجي بدلي ڪنديس! تو کي ان اسڪول ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ اتان ئي رٽاير ڪرڻو پوندو نه ته نوڪري ڇڏي وڃ! ياد رک مان تنهنجي بدلي ڪڏهن به نه ڪنديس. تو مٿي درخواست ڇو موڪلي آهي؟ تون سمجهين ٿي ته مان مٿين آفيسرن جي رعب ۾ اچي تنهنجي بدلي ڪنديس. ها، تون ٻي درخواست لکي ڏي، جنهن ۾ ان ماستر جو نالو به لکي ڏي جيڪو خط وغيره توڏي موڪلي ٿو. مان ان کي اتان بدلي ڪرائي ڇڏينديس. هاڻي وڃ ۽ وڃي ات ڪم ڪر. وئڪيشن ۾ به گهر ۾ نه ويهه. اوڏانهن اسڪول وڃ، ۽ هي ڪپڙو وٺ، مون کي ڀري آڻي آٺن ڏينهن جي اندر ڏي. مان اچي ڪنهن ڏينهن ڏسنديس ته اسڪول وڃين ٿي يا نه.“

ڊي.اِي. او صاحبه جا اهي لفظ ٻڌي اختيار خاتون مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ڪري بس تي سوار ٿي اچي گهر پهتي. مون ڏانهن ٻار موڪلي مون کي مذڪوره احوال ٻڌايائين. منهنجي دل ۾ گهڻائي خيال آيا ۽ ويا. پر افسوس جو مان ڪري ڪجهه به نٿو سگهان.ادي اختيار خاتونءَ کي به پورو آرام نه آهي.جيئن جيئن اسڪول کلڻ جا ڏينهن ويجهو ايندا ٿا وڃن، تيئن تيئن کيس ڳڻتي ۽ ڳارائو وٺندو ٿو وڃي. سچ پچ ته هوءَ تپجي پئي آهي. نوڪريءَ کان به جلد ئي جيڪر استعيفا ڏئي، پر ڇا ڪري گهر جا حالات به پورا پنا اٿس.

ياد رهي ته ڊي. اِي. او صاحبه ٻين جون بدليون ڪيون آهن. هڪ ڇوڪريءَ جي بدلي باگڙجيءَ مان چڪ ٿي آهي. هڪ ڇوڪريءَ جي چڪ مان شڪارپور ٿي آهي، ۽ ٻين ڇوڪرين جون به. پر اسان جي بدلي نٿي ڪري، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇو؟

ڊي. اِي. او صاحبه اديءَ اختيار خاتون کان ٻي درخواست لکرائي ورتي آهي. ان ۾ هن انهيءَ استاد جو به نالو ڏنو آهي، جنهن خط لکيا آهن. جيڪڏهن ڊي. اِي. او صاحبه ان ماستر کي بدلي ڪرايو ته دشمنيءَ جو انديشو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ويتر وڌيڪ کونس ڪن. ڇاڪاڻ ته هو بي سمجهه ۽ اڻانگا ماڻهو آهن. اسين غريب مسڪين سڌا سادا ماڻهو آهيون.

وڌيڪ جيئن توهين مشورو ڏيندؤ ائين ڪنداسون. اسين توهان جي مشوري جو انتظار ڪنداسون.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(62)

چڪ

7-8-1986ع

سدا سلامت،

محترم و مڪرم جناب محمد ابراهيم جويو،

السلام عليڪم: عرض ته هن کان اڳ ٻه خط لکيا اٿم. اميد ته توهان کي رسيا هوندا. هڪ ۾ خوشيءَ جي خبر لکي هيم ته ڪراچيءَ کان سکر تائين هوائي جهاز رستي آيس ۽ پراڻي خواهش پوري ٿي. ٻئي ۾ ادي اختيار خاتونءَ کي D.E.O. صاحبه جي ڌمڪائڻ واري ڏک جي خبر. هن دفعي وري به اهڙي ئي خبرکان توهان کي واقف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.

جيئن ته D.E.O. صاحبه اديءَ اختيار خاتونءَ کان ان ماستر جونالو درخواست ۾ لکرايو هو. تيئن اها خبر انهيءَ ماستر کي ڪنهن طرح پئجي وئي. هنن جو آفيس ڏانهن اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو آهي ۽ ڪلارڪ ڪڙا انهن سان ٺهيل آهن. بهرحال انهيءَ جو نتيجو اِهو نڪتو جو اسڪول جا دروزا ڀڳا ۽ ڪمري ۾ گهڙي لوهي سيف ۾ پيل جنريٽنگ سامان ۽ رڪارڊ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سيف کانئن ڪانه کلي سگهي، تنهنڪري ناڪام ٿي هليا ويا. ٻئي ڏينهن اها خبر چوڪيدار اچي ڪئي ته چوري ٿي آهي. اختيار خاتون پنهنجي ڀاءُ غلام رسول (جيڪو مون سان جيڪب آباد هوندو هو۽ هاڻي نئويءَ ۾ آڊيٽر آهي) ڏانهن ويل هئي. ٽن ڏينهن کان پوءِ اختيار خاتون آئي ۽ آفيس وئي. کيس شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو ۽ کيس وري به ڌمڪايو ويو ته کيس اهڙي جاءِ تي بدلي ڪيو ويندو جتي کيس رهڻو پوندو ۽ ڳوٺ واپس اچڻ جو سوال پيدا نه ٿيندو. پوءِ هوءَ آفيس جي ليٽر جو جواب ڏئي هلي آئي. وڌيڪ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. وئڪيشن ڪجهه ڏينهن وڌي آهي. چون ٿا ته اسڪول 20 آگسٽ تي کلندا.

ٻي ڳالهه ته چند ڏينهن کان منهنجي مٿي ۾ اچي اٺ ويٺو آهي ته ايم.فِل ڪريان. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه عنوان ڏيڻا پون ٿا. انهن منجهان هڪ عنوان منظور ڪري ڏيندا. منهنجي خيال ۾ هيٺيان عنوان آهن- وڌيڪ توهين رهنمائي ڪندا ۽ عنوان ٻڌائيندا ته شڪريو. اها به خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪهڙن عنوانن تي اڳ لکجي چڪو آهي. مون خيال ڪيو آهي ته ڊاڪٽر در محمد صاحب ڏانهن لکان ته هو اهڙن تحقيق ٿيل عنوانن جي ببليوگرافي موڪلي. شايد انهن اهڙي ببليوگرافي تيار ڪئي هجي! منهنجي خيال ۾ عنوان هي آهن:

(1) ابو شوڪت حمزو: هي تحريڪ پاڪستان جو سرڪردو ٿي گذريو آهي. هن خلافت تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتو هو ۽ هاري ڪاميٽيءَ جو عهديدار به هو. ڪامريڊ جتوئي وارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪيو هئائين. شاعر پڻ هو.

(2) فيض درياءُ شاهه باشاهه هنبائي: هيءُ صاحب ڪرامت اولياءُ هو۽وڏو شاعر هو. سندس ميلو اڄ به لڳندوآهي ۽ سڄيءَ سنڌ جي خلق ايندي آهي. هيءُ پاڻ به هنباهه جو آهي.

(3) پير انور شاهه بادشاهه: ميرپور ماٿيلي جي ڀرسان جهان شاهه جي ڳوٺ جو آهي ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. صاحب ڪرامت هو۽ مريد اٿس. هتي به ميلو لڳندو آهي ۽ ڪٿان ڪٿان جي خلق اچي ڪٺي ٿيندي آهي. راڳ ويراڳ پڻ ٿيندا آهن. سندس مريدن وٽ هن جي ڪلام جو مجموعو به آهي.

اڃا به توهين جيڪو عنوان ڏيندو ته ان تي غور ڪري اُهو کڻبو. واندي ويهڻ ۾ مزو ڪونه ٿو اچي، خالي پڙهڻ به بي مقصد آهي. تنهنڪري چوان ٿو ته ڪتابن جو مطالعو ڪنهن تحقيق طورٿئي ۽ بامقصد هجي، اُنهيءَ مطالعي ۾ مزو به ايندو آهي ۽ ڪي ڳالهيون ذهن ۾ ويهن به ٿيون. باقي مطالعو وقت پاس ڪرڻ آهي. تنهنڪري خيال آهي ته هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ٿين. ايم- فِل به ڪريان ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪندي ڄاڻ به وڌايان. چون ٿا ته پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ 1000 روپيا ڏين ٿا، در ماهه، تنهنڪري اها لالچ به کنيو بيٺي آهي.

اميد ته توهين منهنجي ان ڏس ۾ ڀرپور مدد ڪندا، اڳ وانگر.

قلم تازو: انگريزي گرامر جا چند اسڪولي ڪتاب لکيا اٿم. اُنهن مان هي ڪتاب جيڪو پهريون ڇپرايو اٿم سو موڪليان ٿو.

آخر ۾ عرض ته توهان مون کي هڪ ڪتاب ”انسان بڙا کيسي بنا“ پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، اُهو اڃا به مون وٽ آهي. اُن جو ترجمو جيڪڏهن ”انساني اوسر“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ڇپرائجي ته عنوان ڪيتري قدر مناسب رهندو، ۽ ڪتاب به پڪ آهي ته عام پسند ثابت ٿيندو! وڌيڪ جيڪا اوهان جي صلاح!

زياده خير والسلام

فقط

غلام علي چنه

*

 

(63)

گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد

13-1-1987

سائين!

نئين سال جي مبارڪن کان پوءِ عرض ته ڪافي عرصي کان وٺي پنهنجي اڌ ملاقات (خط لکڻ) کان محروم رکيواٿو. خبر نه آهي ته ڪهڙي ڏوهه ڏمريا آهيو، جنهن جي سزا هن ريت ڏيڻ منظور فرمائي اَٿَوَ. بيشڪ ڏوهيءَ کي سندس ڪيل ڏوهه جي سزا ملڻ گهرجي، پر ڏوهيءَ کي سندس ڏوهه محسوس ڪرائي کيس سزا ڏجي ته خوشيءَ سان ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿيندو ۽ دل ۾ ايترو رنجوز به نه ٿيندو. بشرطيڪ هن واقعي اهو ڏوهه ڪيو هجي.

شايد توهان جي دل ۾ منهنجي طرفان ڪا غلط فهمي ويهجي وئي آهي جنهن نفرت کي جنم ڏنو آهي ۽ منهنجي لاءِ ديا جا دروازا بند ٿي ويا آهن، جو هاڻي ٻن اکرن جي نوازش به نٿي ٿئي. ان کي مان پنهنجي ڦٽل قسمت چوان، پنهنجي بخت جي شومي يا پنهنجي افعالن جي شامت سمجهان.

توهين ته دل جا درياءَ، فياض ۽ سخي ماڻهو آهيو. مون نه جهڙي ماڻهوءَ جي ڪنهن تڇ جهڙيءَ ڳالهه کي (آهي ته ڪانه پر جي ڪا آهي ته) ذهن ۾ رکي حقارت ۽ نفرت سان ڏسڻ ۽ سالن پٺيان خط جو جواب نه ڏيڻ توهان کي نٿو سونهين.

مان سمجهان ٿو ته مان ڪو اديب ۽ عالم، شاعر يا فلاسافر نه آهيان، جو مون سان توهان جو سنگ ۽ صحبت گهاٽي هجي. ۽ منهنجي بي مقصد خطن جو به جواب ڏيڻ لازمي هجي. پر آخر هڪ انسان ته آهيان. سيني ۾ دل ته انساني رکان ٿو. ۽ پاڻ ۾ اصلاح آڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي تمنا ۽ چاهت واري خوبي ته اٿم. جيڪا خوبي انسان ۾ هئڻ گهرجي ۽ جنهن خوبيءَ هن دنيا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ان خوبيءَ تحت ئي آءٌ پاڻ کي توهان جهڙي اعليٰ قسم جي انسان سان منسلڪ رهڻ گهران ٿو ته جيئن آءٌ اوهان جي سنگت ۽ صحبت ۾ رهي. اوهان جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ پاڻ ۾ اصلاح آڻي، اڳتي کان اڳتي وڌي، پنهنجي اصلوڪي انساني مقام، اشرف المخلوقات واري پد، تي پهچي سگهان، پوءِ جيڪڏهن توهين مون سان اِهو سلوڪ روا رکڻ بجاءِ ٽوڙيو ٿا ته معنيٰ مون کي لت هڻي اسفل سافلين جي تري ۾ اڇلائڻ گهرو ٿا، جيڪو عمل توهان جهڙي درويش منش، پيغمبر صفت، رهبر ۽ رهنما قسم جي ماڻهوءَ کي زيب نٿو ڏئي.

توهان جي صحبت سڳوري ۽ اڌ ملاقات (خط) منهنجي ايمان کي تازگي بخشي ٿي، مون ۾ اتساهه پيدا ٿئي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ نئون جوش ۽ ولولو اڀري ٿو. اُن جو نفسياتي طرح مون تي گهرو۽ گهاٽو اثر ٿئي ٿو. هڪ ته ظاهري طرح دنيا جي برک عالم ۽ اديب سان پاڻ کي لاڳاپيل ۽ منسلڪ ٿيل سمجهي منهنجي دل وڌي ٿي ۽ مون ۾ خوداعتمادي پيدا ٿئي ٿي ۽ ٻيو ته اندروني طرح به مون کي قلبي ۽ ذهني آرام ۽ سڪون ميسر ۽ مهيا ٿئي ٿو.

اميد ته توهان مون کي پنهنجي دل جي ڦرهيءَ تان حرف غلط جيان ميٽي ۽ ميساري نه ڇڏيندؤ ۽ ”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“ چئي، ٻه اکر دلجاءِ جا ضرور رقم ڪرڻ گوارا ڪندؤ.

خط لکڻ ۾ ڪا سهو ٿي وئي هجي ته عفو واري نظر سان درگذر ڪرڻ فرمائيندا، مان پنهنجو ڀلو ان ۾ ٿو سمجهان ته مون کي پنهنجي غلطين کان آگاهه ڪيو وڃي، ۽ آءٌ پنهنجي هر دوست خواه بزرگ حضرات کي اهائي التجا ڪندو آهيان ته مون کي پنهنجي غلطين کان خبردار ڪن، آءٌ اوهان سان مون کي درست ڪرڻ جون گهڻيون اميدون وابسته ڪريان ٿو.

مان اڃا گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۾ آهيان ۽ سٺو وقت گذري رهيو آهي. دعا ڪندا ته جيڪو وقت گذري سو سٺو ۽ باعزت گذري.

ڏسان ٿو ته مٿي آءٌ ”سکر“ جي بجاءِ ”جيڪب آباد“ لکي ويٺو آهيان. ان جو سبب اهو آهي ته اڄ هڪ پراڻو استاد جيڪو جيڪب آباد ۾ پاڻ سان هيو، جنهن جو نالو مسٽر امام بخش بوزدار هو سو مليو۽ حال احوال پراڻا ڪياسون، تنهنڪري دل تي تري آيو۽ جيڪب آباد لکجي ويو. هن توهان جي لاءِ سلام پڻ چيا آهن.

ڀلا اڄڪلهه توهان جا ڪهڙا ڪتاب ميدان تي آيا آهن؟ يا اچڻ وارا آهن؟ پنهنجي حال احوال کان واقف رکندا.

زياده خير والسلام.

فقط توهان جو پنهنجو

غلام علي چنو

دلجي ڳالهه:

دل چاهيندي آهي ته سروس جا سال پورا ڪري، رٽايرمينٽ وٺي، ڪنهن اهڙي عالم ۽ اديب جي چرنن ۾ ويهي سندس خدمت چاڪري ڪندي ڪجهه پرائيندو رهان، جنهن قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق نه هجي جنهن جي تقرير ۽ تحرير ۾ ڪو تضاد نه هجي، اهو منهنجي نظر ۾ محمد ابراهيم جويو ئي ٿي سگهي ٿو.

*

 

(64)

41- اي، صحافي ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ.

26-1-1987ع

پيارا ڀائر غلام علي، شال خوش هجو.

واقعي اوهان جا ڪافي گهڻا خط مليا اٿم، ۽ اوهان ڏانهن لکيت ۾ انهن جو جواب مون نه پئي موڪليو آهي. اوهين مون کي هردم ياد آهيو ۽ سدائين اوهان جو آءٌ دعاگو پئي رهيو آهيان. مون کي هونئن ايترو ڪجهه لکڻو ٿوپوي، جو سچ پڇو ته لکڻ کان من اُچائجي ٿو پوي- مطلب ته خط ڪتابت جي نموني ۾ لکڻ کان. انهيءَ ڪري خاص دوستن ۽ قربائتن ماڻهن سان مڙيوئي مون کان اهڙي زوراوري سرزد ٿي ئي ويندي آهي، جو انهن ڏانهن خطن لکڻ ۾ سستي ۽ تاخير ۽ وقتي بلڪل ئي غفلت ٿي ويندي اٿم. اوهان کي ته منهنجي اِنهيءَ ضعف جي ڄاڻ به آهي. اوهين بهرحال تمام گهڻي اوسيئڙي ۾ رهيا. ۽ اوهان جي دل کي ايترو سارو ڏک ٿيو آهي، اِن لاءِ مهرباني ڪري مون کي معاف ڪندا.

اوهان پنهنجي ڀائٽيءَ ڀيڻ اختيار خاتونءَ جي بدليءَ لاءِ جيڪي به خط موڪليا هئا، انهن جي پنهنجي وس آهر مون ڏاڍي پوئواري ڪئي هئي. ٻه ڀيرا ڊپٽي ڊئريڪٽرس کان شڪارپور جي ڊي-اي-او گرلس کي فون به ڪرايا هئم، ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي مرتبا ڊئريڪٽوريٽ ۾ هونئن به ويو هوس. مون سمجهيو ته اوهان کي اُن جو علم ڊي-اي-او گرلس شڪارپور کان، اڻ سڌيءَ طرح ئي سهي، ٿيندو پئي رهيو. پوءِ به ڊپٽي ڊئريڪٽريس، مسز قريشيءَ، جڏهن مون کي خاطري ڏني هئي ته ترت ئي مائي اختيار خاتونءَ جي بدليءَ جو هوءَ ڪنهن نه ڪنهن طرح بندوبست ڪري ڇڏيندي، تڏهن آءٌ آسرو ڪري چپ ٿي ويهي رهيو هوس. ويتر جو اُن سلسلي ۾ اوهان وٽان ٻي ڪابه خبر چار ڪانه پهتيم، سو سمجهيم ته اهو ڪم خير سان سرانجاميءَ تي پهچي چڪو هوندو.

اوهان جي مون لاءِ ايڏي دلي سڪ جيڪا مون کي ملي آهي ۽ جنهن جو مون کي يقين آهي، اُن يقين هوندي آءٌ اوهان تي ڇو ناراض ٿيو هوندس يا ڇو ڪڏهن ٿيندس. اوهان جي محبتي توجهه تي آءٌ ناز ڪندو آهيان، جيڪو اوهان مون کي ڏيو ٿا. ڪڏهن به ائين نه سمجهندا ته آءٌ اِن ڳالهه جوامڪان ڪوبه دل ۾ آڻي سگهان ٿو ته اوهين مون کي رنجائي سگهو ٿا يا رنجائڻ جو سوچي به سگهو ٿا. اوهان جهڙا سچا، مخلص، نيازڀريا امنگ رکندڙ پيارا ماڻهو مس مس ته دنيا ۾ ڪنهن کي نصيب سان ملندا آهن. اِن طرح مون اوهان ڏانهن جيئن انگريزيءَ ۾ چئبو آهي Take for granted وارو رَوَيو اختيار ڪيو هوندو. پر دل تان آءٌ اوهان کي لاهي ڇڏڻ جو ڪڏهن تصور به نٿو ڪري سگهان. ٻئي خط ۾ اِهي ڏک ڪڍڻ جون ڳالهيون ڇڏي، پنهنجي خير جي حال احوال کان ۽ پنهنجي دلچسپين ۽مصروفيتن جي خبر چار کان واقف ڪندا، ته اوهان جي قربداريءَ جو اُن کي آءٌ هڪ وڌيڪ قدم سمجهندس.

هڪڙو تازو ڪتاب ڊاڪٽر محڪريءَ جو انگريزيءَ ۾ لکيل Sorrows of Sindh نالي سان ڇاپرايو اٿم. ان تي 16 صفحن کن جو مهاڳ به لکيو اٿم. هفتي کن ۾ اُهو شايع ٿي ويندو. ان جي ڪاپي اوهان ڏانهن هٿون هٿ موڪليندس. ٻيو ڪتاب محترم سائين جي. ايم. سيد ڏانهن ميان محمد امين کوسي مرحوم جي لکيل خطن جو مجموعو ”واڄٽ ويراڳين جا“ به ٻئي مهيني جي آخر تائين شايع ٿي ويندو. اُهو به اوهان ڏانهن موڪليندس. اوهان کي ياد هوندو ته جڏهن پاڻ جيڪب آباد ۾ گڏ هوندا هئاسين تڏهن تقريباً هر آچر تي ميان محمد امين کوسو يا پاڻ مون سان جيڪب آباد ملڻ ايندو هو يا مون ڏانهن پنهنجي جيپ ڏياري موڪليندو هو، ۽ آءٌ سندن ڳوٺ، اُنڙ واهه وڃي ساڻن رهاڻ ڪري ايندو هوس.

عزيزم امام بخش بوزدار جي حال احوال کان اوهان جي خط ۾ واقف ٿيس، مهرباني. وري مليوَ ته کين منهنجا دلي سلام ڏيندا.

وڌيڪ خير والسلام

اوهان جو دعاگو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(65)

گورنمينٽ هاءِ اسڪول 1

سکر

13-4-1987ع

سدائين خوش باش.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته توهان جو خط پهتو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. اميد ته اهڙي يادگيريءَ کان نه وساريندا.

سائين منهنجا جواب ڏيڻ ۾ سستي ڪئي اٿم ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.

9 اپريل تي تاج جويي سان پنهنجي ڳوٺ چڪ ۾شام ملهائيسون، ڏاڍو سٺو فنڪشن ٿيو. ڪافي دوستن مقالا پڙهيا. مون به سندس ڪوتا تي ڪجهه ڳالهايو. هن کان اڳ ۾ ”اياز گل“ سان شام ملهائي وئي هئي. اسان جي ڳوٺ چڪ ۾ هاڻي ادبي چرچو ڳچ آهي. ڪافي دوست سنڌي ادبي سنگت سان واسطو رکندڙ آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه ادبي سنگتون آهن: هڪ”چاس“ يعني ”چڪ سنڌي ادبي سنگت“، ٻي ”ساس“ يعني ”سنڌي ادبي سنگت“ جنهن جو جنرل سيڪريٽري تاج جويو آهي.

مون ڪجهه لکڻ شروع ڪيو آهي- جيڪي ڪجهه اچي ٿو. ان جي آڌر تي دعا ڪريو ته گهڻو ڪجهه اچي ته گهڻو ڪجهه لکان. توهان پنهنجي ڪتابن موڪلڻ لاءِ چيو هو، پر اڃا ڪونه پهتا آهن.

سائين! منهنجي ڀائٽيءَ جي بدلي اڃا ڪانه ٿي آهي، هِن سان گڏ وري درخواست موڪلجي ٿي. مهرباني ٿي سگهيو ته ڪوشش ڪجو، ٻيو ته سکر بورڊ جو ڪنٽرولر الهداد بوزدار آهي، کيس چوندا ته مون کي به اسيسمينٽ لاءِ پيپر ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ ته هتي مڙئي ڪم اِن طرح ٿو هلي- مهرباني.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(66)

چڪ

18-7-1988ع

سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا،

ڍَوَ ڍولا ناهي ساڃهه سونهن جي. (اياز)

خوش باش

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو.

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته هت سڀ خير آهي اميد ته ڌڻي تعاليٰ ايڏانهن به خير گذاريو هوندو.

احوال هن ريت آهي ته وئڪيشن ۾ جاءِ جي ٺهرائڻ ۾ مصروف رهيس. پوءِ خيال ڪيم ته توهان ڏانهن گهمڻ اچان پر ملڪي حالتن خراب هئڻ سبب اچي ڪونه سگهيس. ڪالهه تازو پڻ ٿيل حادثو ٽي-ويءَ تي ٻڌم ته هيڪاري ايڏانهن اچڻ کان دل نابري واري بيٺي.

توهان جي دعائن سان وقت چڱو ٿو گذري.

منهنجي وڏي پٽ غلام مرتضيٰ فرسٽ يِيئر جو امتحان ڏنو آهي ۽ پي-ٽي-سيءَ ۾ پڻ ويٺو آهي. في الحال پرائمري استاد ٿيڻ لاءِ درخواست ڏني اٿس. چون ٿا ته ستت انٽرويو ٿيندن. انٽرويو وٺڻ واري ٽيم جو چيئرمن نذير احمد مغل هوندو، جيڪو شڪارپور ڊسٽرڪٽ جو ڊي-اي- او پڻ آهي. اِن لاءِ عرض آهي ته مهرباني فرمائي نذير صاحب لاءِ ڪا چٺي موڪليندا ته مهرباني. هن جي دل ۾ توهان صاحبن لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ محبت آهي.

منهنجو پٽ غلام مرتضيٰ هاڻي جوان ٿيوآهي، سندس مڱ به جوان ٿي آهي. سندس سهرن جو چوڻ آهي ته اسين پنهنجي مٿي تان بار لاهيون، سو جيڪڏهن منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ کي نوڪري ملي پوندي ته ٻنهي ڌرين جو ڪو ڀلوٿي پوندو. منهنجي گهر واريءَ جو به اهو خيال آهي ته هوءَ به هاڻي سک وٺڻ ٿي چاهي.

مهرباني ڪري منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ کي نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا ۽ نذير صاحب ڏانهن ڪا چٺي يا خط لکي موڪليندا ته توهان جو شڪر گذار رهندس ۽ ڪيل مهربانين ۾ پڻ اضافو ٿيندو.

جيڪڏهن توهين مبالغو نه سمجهو ته مان ائين چوان ته توهان جي مددن، آٿتن ۽ همت افزاين ئي مون کي هن منزل تي پهچايو آهي ۽ منهنجي زندگي ٺاهي آهي. هن سال Law ڪرڻ جو خيال آهي، اميد ته سٺي نموني پاس ڪندس. وڌيڪ رڳو توهان جون دعائون شامل حال هجن.

هيل تائين جيڪي ڪجهه ڪيو اٿم ان ۾ توهان جو سهارو رهيو آهي.

اميد ٿو ڪريان اڃا به مون سان سهڪار ڪندا رهندؤ.

جيڪڏهن توهان کان ٿي سگهي ٿو ته نذير احمد مغل ڊي-اي-او شڪارپور سان فون تي پڻ ڳالهايو ته وڏي مهرباني. ان سان گڏ خط به موڪليندا ته جيئن آءٌ کيس خود پهچايان. اميد ته ائين ڪرڻ سان مون مسڪين جو ڪم ٿي ويندو ۽ ٻيڙا ٻني لڳي ويندا.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(67)

حيدرآباد

23-8-1988ع

پيارا ڀاءُ غلام علي، شال خوش هجو.

اوهان جو خط گذريل مهيني جي 18 تاريخ جو لکيل مليم. فوراً جواب ڏيڻ جو ارادو هوم، پر ائين ئي اُهو وهاڻي هيٺان رکيو هو، ۽ دل تان ڳالهه ئي لهي ويم، پوڙهپڻ جي ويسر اِنهيءَ کي چئبو آهي. اڄ ڪنهن ٻئي ڪاغذجي ڳولا ڦولا ۾ هيءُ اوهان جو خط به هٿ آيم، ۽ اُنهيءَ گهڙيءَ هي ٻه اکر اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان.

شامل خط ميان نذير احمد مغل صاحب کي روبرو ڏيندا ۽ پنهنجي احوال کان کين واقف ڪندا، اميد اٿم ته هو اوهان کي نراس نه ڪندا.

اميد ته اوهين پنهنجن ٻچڙن ۽ ساريءَ ٻيءَ ساٿ سنگت سان هر طرح خيريت سان هوندا.

زياده خير، والسلام

اوهان جو خيرانديش

محمد ابراهيم جويو

*

 

(68)

خوش باش.

محترم و مڪرم سائين محمد ابراهيم جويو.

السلام عليڪم: گذارش ته توهان جي ڪيل حڪم موجب توهان جا مون مسڪين ڏانهن موڪليل خط فوٽو اسٽيٽ ڪرائي توهان جي خدمت ۾ عرض رکجن ٿا. البته ڪجهه دير ٿي آهي، تنهن لاءِ معافيءَ جو طبگار آهيان.

ڪنهن چواڻيءَ، روبرو ڪيل گفتگو ڪجهه ياد رهي، ڪجهه وسريو وڃي، پر خط هڪ محفوظ خزانو آهي، جو ورهن تائين سانڍي، وري وري، محفوظ ٿي سگهجي ٿو. اِن جي مد نظر مون ارادو ڪيو هو ته ڪڏهن نه ڪڏهن توهان جي خطن کي ”پريم پتر“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪندس. جن خطن مون ۾ هميشه اتساهه،همت ۽ جُرائت پيدا ڪئي آهي. زماني جي مصيبت سان مقابلي لاءِ تيار پئي ڪيو آهي، پاڻ تي ڀروسي ۽ خود اعتمادي ۽ خودداريءَ جو درس پيئ ڏنو آهي. منهنجي آٿت ۽ ڏڍ جي حيثيت سان پئي رهيا آهن ۽ منهنجي پذيرائيءَ جو سبب پئي بڻيا آهن. جن مون کي هميشه درست پئي ڪيو آهي ۽ علمي ادبي اوڻاين ۽ غلطين کان خبردار پئي رکيو آهي، جن خطن مون کي هميشه علم ادب جي کيتر ڏانهن پئي گهليو ۽ ڌڪيو آهي.

مون هڪ مضمون به لکيو هو جيڪو توهان جي خدمت ۾ پڻ عرض رکان ٿو. ان کي پڻ ان ڪتاب ۾ ڏيڻ جو خيال هو. جنهن جو عنوان هو ”منهنجو محسن منهنجو مشفق م.ا.ج“. ان لکندي جيڪڏهن ڪا غلطي ڪئي هجيم ته معاف ڪندا. شڪريو.

منهنجو ارادو آهي ته توهان جي تحريرن ۽ تقريرن مان ڪي ڪم جا نڪتا چونڊي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻجن ۽ جنهن جو نالو رکجي ”نيارا نڪتا“. جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته مهرباني.

نذير احمد مغل صاحب ڏانهن ويو هوس، جنهن خاطر خواه جواب نه ڏنو، وڌيڪ جڏهن انٽرويو ٿيندا ته توهان کي ٻڌائيندس.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

منهنجي محسن، منهنجو مشفق

محمد ابراهيم جويو

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

”شاهه“

م.ا.ج (محمد ابراهيم جويو) اهڙوئي هڪ انسان آهي، جنهن مان هميشه ”بهار جي بوءِ“ پئي ايندي آهي. هو هڪ اهڙي باغ جو گل آهي جيڪو سدائين ٽڙيل رهي ٿو ۽ هميشه سندس ويجهو وڃي واس وٺندڙن کي پنهنجي خوشبوءِ سان واسيندو رهي ٿو. سائين محمد ابراهيم جويي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ جيڪب آباد شهر ۾ ٿي. جڏهن مون کي C.T. ٽيچر جي حيثيت سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو هو، ۽ پاڻ اتي هيڊ ماستريءَ جا فرائض سرانجام ڏئي رهيا هئا.

اسان ٻئي اسڪول ۾ رهندا هئاسون. سائين محمد ابراهيم جويو اسڪول جي مٿئين طبقي ۾ هڪ ڪلاس خالي ڪرايو هو، جتي سندن هنڌ کٽولو ۽ ڪي ڪتاب وغيره پيل هوندا هئا ۽ اسڪول ڊيوٽي کان پوءِ اتي آرامي ٿيندا هئا. مان اسڪول جي هيٺئين طبقي ۾ لائبرريءَ واري ڪمري ۾ رهندو هوس، جتي رات جي پهر وڏيءَ ميز تي بسترو وڇائي سمهندو هوس ۽ ڏينهن جو بسترو ويڙهي سيڙهي، ڪتابن واري ڪٻٽن جي پٺيان ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيندو هوس.

اسان ٻنهي جو کاڌو گڏ تيار ٿيندو هو، جيڪو اسڪول جو ئي پٽيوالو منظور نالي تيار ڪندو هو، سائينءَ جي سبزيءَ سان سڪ سَرسُ هوندي هئي. تنهنڪري مون کي به اڪثر سبزي ئي ورتائڻي پوندي هئي. ڪڏهن ڪريلا ڪڏهن ڀينڊيون ته ڪڏهن توريون تيار ٿينديون هيون. ڪڏهن گوبي، گوگڙو ته ڪڏهن رڳو موريون منهن پونديون هيون. هڪ ڏينهن پٽيوالي سان انهن سبزين کي سانده کائڻ کان بيزاريءَ جو مظاهرو ڪندي گوشت مڇيءَ جي چاڙهڻ لاءِ ڳالهه ڪيم ته سڌو وڃي سائينءَ کي سڻايائين، سائينءَ في الحال دل ۾ رکي، موڪل مهل جيئن ئي مون تي نظر پين ته سڏي فرمايائون ”مان گوشت وغيره کائي ڪونه ٿو سگهان، پر جي تنهنجي دل چوي ته ڀل گوشت گهرائي تيار ڪراءِ، تنهنجي ڪري مان به کڻي ڏکيو سکيو کائيندس. هونئن به تون الڳ پنهنجي لاءِ گوشت چاڙهائين ته ڀلي اهو به تنهنجي مرضيءَ تي آهي.“ ان ڏينهن پاڻ ئي پٽيوالي کي ٻئي ڏينهن لاءِ گوشت آڻڻ جو حڪم ڏنائون ۽ منهنجي دل رکڻ خاطر گوشت ڏکيو يا سکيو واپرايائون. رات جي وقت سائين جن اڪثر لاهوري گجر پچرائي کائيندا هئا ۽ مٿان سير کير پي ڇڏيندا هئا اهو سڀ ان ڪري هو، جو کين ڏند ڪين هئا.

پاڻ جيڪو وقت جيڪب آباد ۾ رهيا، سڀني سان سهڻي سلوڪ ۽ بهترين برتاءُ سان پيش ايندا هئا. سندن نظر ۾ سڀئي استاد هڪجهڙا هوندا هئا. ڪنهن جي خوش آمد پسند ڪونه ڪندا هئا. چاپلوس ۽ پائبوس ماڻهن کان نفرت هوندي هين ۽ هوندي اٿن. ڪنهن ۾ به ڪا خامي يا گهٽ وڌائي ڏسندا هئا ته کيس اڪيلائيءَ ۾ نصيحت واري نموني، عاليشان انداز ۽ نرم لهجي ۾ سمجهائيندا هئا. سندن حق ۽ سچ چوڻ يا سندن ٿورڙي گهڻي ناراضگي ڪنهن کي به بري محسوس نه ٿيندي هئي، هر هڪ ائين سمجهندو هو ته ان ۾ ضرور مون لاءِ ڀلو هوندو. هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي کيس پنهنجو همدرد ۽ هڏ ڏوکي سمجهندو هو. پنهنجي سڄي اسٽاف سان، ڀنگيءَ کان وٺي اسڪول جي فرسٽ اسسٽنٽ (ايف. اي) تائين، گهرجي وڏي جهڙي هلت هلندا هئا. پاڻ جوانن کان جوان هئا، اڄ به ائين ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. پوڙهي هئڻ جي باوجود به هلڻ چلڻ گهمڻ ڦرڻ ۾ سڀ کان تڪڙا ۽ تيز.

سائينءَ جن سان جيڪو به اعليٰ توڙي ادنيٰ آدمي ملاقات ڪرڻ ايندو هو ته ان سان وڏي جوش خروش ۽ پنهنجائپ وچان مرڪي ملندا ۽ اٿي مصافحو ڪندا، ڪرسيءَ تي ويهڻ جي آڇ ڪندا ۽ ٿڌي ڪوسي لاءِ پڇندا، پوءِ خوش خيرو عافيت ڪندا ۽ حال احوال وٺندا. ڪچهريءَ کان پوءِ آخر ۾ آفيس کان ڏهه قدم اڳڀرو وڃي الوداع ڪري ايندا. اڄ به سندن ساڳيو رويو جاري ساري آهي. سندن ايام ڪاريءَ ۾ جيڪب آباد هاءِ اسڪول جا استاد توڙي شاگرد سڀئي خوشيءَ خوشيءَ سان پنهنجو فرض سرانجام ڏيندا هئا.سندن دؤر ۾ هر قسم جون رانديون، انڊور توڙي آئوٽ ڊور (ٽيبل ٽينس، شرطرنج ۽ لُڊي کان وٺي فوٽ بال، ڪرڪيٽ، والي بال، هاڪي ۽ بئڊمنٽن وغيره) ٿينديون هيون. تقريباً هر استاد ۽ شاگرد انهن ۾ بهرو وٺندو هو. پاڻ ورزش خاطر بئڊمنٽن راند کيڏندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيڪب آباد گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو رونقدار نظارو صبح کان سانجهيءَ تائين ڏسڻ وٽان هوندو هو.

مٿين راندين کان علاوه ٻيون ڏيهي رانديون پڻ ڪرائيندا هئا. اسان جي اسڪول ۾ ڪٻٽي راند پڻ ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڪڏهن شاگردن جو مقابلو پاڻ ۾، ڪڏهن استادن جو پاڻ ۾ ۽ ڪڏهن وري استادن ۽ شاگردن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي پڻ لڳندي هئي.

سندن ئي ڏينهن ۾ اسڪول جي طرفان هڪ مخزن جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن مضمون، مقالا، ڪهاڻيون ۽ شعر و شاعري پيش ڪئي.اهڙيءَ طرح ٻنهي ڌرين ۾ ادبيت جو سَلو ڦٽو ۽ اڳتي هلي ادب جا ٻوٽا ۽ وڻ بڻيا.

جيڪب آباد گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ مون کي ڇهين جماعت کان اٺين جماعت تائين فارسي پاڙهڻي پوندي هئي. مون کي فارسي گهٽ ايندي هئي، بلڪ ائين چوان ته ايندي ئي ڪانه هئي ان ڪري پاڻ سائين محمد ابراهيم جويو رات جو مون کي سبق سيکاريندا هئا ۽ تياري ڪرائيندا هئا. ڏينهن جو مان ڪلاس ۾ وڃي پڙهائيندو هوس. اهڙيءَ طرح مون ۾ فارسي سکڻ جو شوق پيدا ٿيو. گرامر جا ڪتاب ورتم. لغات خريد ڪيم، پوءِ باقاعدي پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ”حزب الابرار“ ۾ استاد مير محمد وٽ ڪريما کان گلستان، بوستان تائين پڙهيم ۽ پنهنجي منهن مطالعو پڻ جاري رکيم. سال ڏيڍ کان پوءِ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن کي سرحد صوبي ڏانهن بدلي ڪيو ويو. جتي پاڻ پي-ٽي- سي ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جا پرنسپال مقرر ٿيا، ۽ مون کي سي-ٽي جي ڪورس تي سکر اماڻيو ويو.

”اگر دور هستم دلم دور نيست.“ اسين ٻئي هڪٻئي کان پري ۽ دوريءَ تي هوندي به هڪ ٻئي کان وساري ۽ فراموش ڪري نه سگهياسين. اسان جا پاڻ ۾ مراسلات هلندا رهيا ۽ خطن جي ذريعي اڌ ملاقاتون ٿينديون رهيون. خطن منجڻ سان گڏ مون ڏانهن سي-ٽيءَ جا نوٽس پڻ ارسال ڪيائون هر وقت پريم پترن جي ذريعي هدايتون ۽ نصيحتون ڪندا رهيا ۽ اڳتي کان اڳتي وڃڻ لاءِ اڪسائيندا رهيا. مان ڪجهه به نه آهيان پر جيڪي ڪجهه آهيان ۽ جيڪي ڪجهه اچيم ٿو سو سائينءَ جن جي سايي جو نتيجو آهي.

سال 1971ع ۾ سائين جن خيرپور ڊويزن جا انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿي آيا، مان پنهنجي ڳوٺ چڪ کان 60، 70 ميلن جي دوريءَ تي دو داڻڪي مڊل اسڪول ۾ ڪم ڪندو هوس. هڪ ته اهو اسڪول منهنجي ڳوٺ کان تمام گهڻو پري هو، ٻيو سواريءَ جي ڏاڍي تنگي هئي. مون کي اڪثر بجري يا پٿر ڍوئيندڙ ٽرڪن ذريعي روهڙيءَ کان اروڙ وچان دوداڻڪي اسڪول اچڻو وڃڻو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٽرڪن نه هئڻ سبب پيادل ئي اچڻو وڃڻو پوندو هو، تنهنڪري ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن پنهنجي بدلي ڪرائڻ خاطر سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن وٽ خيرپور آفيس ويس. پٽيوالو سلطان احمد در تي بيٺو هو. هن کي جويي صاحب جن سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيم ۽ چٽ پڻ لکي ڏنيم. پٽيوالي في الوقت مون کي سائينءَ سان ملاقات ڪرائڻ کان نهڪر ڪئي، ڇاڪاڻ ته ٻه ماڻهو اڳ ۾ ئي وٽن ويٺا هئا. جيستائين اهي نڪرن،پٽيوالو ڪنهن ڪم سان هيڏي هوڏي ٿيو ته وجهه وٺي آفيس ۾ اندر گهڙي ويس. السلام عليڪم چيم، وعليڪم السلام ڪيائون. اٿي بيهي هٿ ملايائون. مان ڏانهن ٿورو اڳتي وڌيم ته ڇڪي پاڻ ڏي ڪيائون. بغل ۾ ڪري ڀاڪر پاتائون، پوءِ منهن ۾ چتائي نهاريائون ۽ منهنجي سنهڙي ٻانهن تي هٿ ڦيرائي پڇيائون، ”ڇو پٽ! غلام علي، ڳري ويو آهين؟ ابا ڇو؟“ سندن اهڙي پاٻوهه سان پڇڻ تي منهنجي دل ڀرجي آئي ۽ جهيڻي آواز ۾ چيم، ”سائين، پرديس ۾ ڳرنداسين نه ته ٻيو ڇا ڪنداسين.“ پڇيائين، ”ڇو، پرديس ۾ ماني ڪانه ملندي آهي ڇا؟“ وراڻيم، ”پنهنجي ماني پاڻ رڌڻ پچائڻ جي خفي کان ويلن جا ويلا ماني کائڻ ڇڏي ڏيڻي ٿي پوي نه.“ پوءِ پاڻ به ويٺا ۽ مون کي به سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهڻ جي آڇ ڪيائون. خير خيريت ڪيائون، ٻچڙن جي چڱ ڀلائيءَ لاءِ پڇيائون ۽ هڪدم ساڳئي پٽيوالي سلطان کي سڏي حڪم ڪيائون ته وڃي منهنجي لاءِ چانهه ۽ بسڪيٽ وٺي اچي. هو منهنجي پٺيان به اندر آيو هو، جڏهن مون کي بنا اجازت جي اندر ويندي ڏٺو هئائين! چانهه بسڪيٽ آيا، کاڌم، پوءِ وڌيڪ حال احوال ورتائون. مون کين احوال ڪندي بدليءَ لاءِ عرض ڪيو. پاڻ واعدو ڪيائون. هفتي کن کانپوءِ منهنجي بدلي ٿي، جتي مون پاڻ گهر ڪئي هئي اتي ئي رکيائون.

وقت گذرندو رهيو هڪ ڀيري مون کين خط لکيو ته هتي يعني اسان جي ڳوٺ چڪ ۾ خاص ڪري منهنجي گهر ۾ جنهن جو منهن اتر طرف آهي، اونهاري ۾ ڏينهن گرمي ۽ ڪاڙهو ۽ رات جو مڇرن جو مارو ڪيترو آهي ۽ ڪيئن اسان ڏکڻ جي ٿڌڙي هير جهٽڻ کان قاصر ۽ محروم آهيون، جنهنڪري پڙهڻ لکڻ جي شوق پوري ڪرڻ ۾ دقت ۽ دشواري پيش اچي ٿي. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن ان خط کان متاثر ٿي چورائي موڪليو ته اچي پکو کڻي وڃ. پوءِ مان ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد ويس ۽ وٽانئن پکو کڻي آيس، ان لاءِ خود مون کي ڪار تي ويهاري پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ لارين جي اسٽاپ تائين ڇڏڻ آيا ۽ لاريءَ ۾ چاڙهي ويهاري،پکو رکرائي، ڪرائي، هليا ويا. ڪار شيخ اياز صاحب کان گهرائي ورتي هئائون، جو کين ڪنهن پاسي وڃڻو هو.

1979ع جي پوين مهينن ۾ مون کي سرڪار طرفان B.Ed پاس ڪرڻ کان پوءِ، پورن نون سالن جي ڊگهي انتظار بعد، H.S.T. اسڪيل اوارڊ ڪيو ويو. مان سگهو ئي وڃي ٺٽي ضلعي جي آخري ڇيڙي ڪراچيءَ جي اتر طرف گهارو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ دخلڪار ٿيس. هڪ سال خير جو اتي گذاريم، وڌيڪ خود بخود بدلي ٿي پنهنجي ضلع ۾ واپس وڃڻ جي اميد نه ڏسي،سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن ڏانهن هڪ نياز نامو روانو ڪيم، جنهن ۾ کين گذارش ڪيم ته ”مون کي گهارو شهر ۾ گهاريندي هڪ سال ٿي ويو آهي. مون کي گهاري ۾ گهڻي تڪليف آهي 520/= رپين پگهار مان ٽهائي ڳوٺ وارن کي موڪليان ٿو، باقي هتي خرچ ٿي وڃن ٿا، ڳوٺ وارن جو گذاروبه مشڪل سان ٿي رهيو آهي، گهر ۾ اڪيلو مرد به مان ئي آهيان، جيڪو به هتي پرديس ۾ ويٺو آهيان، هتي منهنجي طبيعت مرطوب هوا سبب صحيح ڪانه ٿي رهي، مهرباني ڪري منهنجي بدليءَ جو ڪو بندوبست ڪندا ته توهان جي نوازش ٿيندي.“ منهنجي خط پهچڻ شرط پاڻ وڃي ان وقت جي ڊئريڪٽر صاحب سان مليا. ڊئريڪٽر صاحب جي ساڻن چند ڏينهن اندر بدلي ڪري ڇڏڻ جو وچن ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن مون ڏانهن پڻ اهڙو اطلاع خط ذريعي موڪليو ۽ دلجاءِ ڏني ته ”چند ڏينهن اندر تنهنجي بدلي ٿي ويندي تون مطمئن رهه!“ واقعي ٿيو به ائين. هڪ هفتي اندر منهنجي بدلي ٿي ۽ آرڊر منهنجي اسڪول گهارو ۾ پهتو ۽ ستت ئي بي دخل ٿي اچي سکر پهتس. جنهن کان سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن کي پڻ مطلع ڪيم. منهنجي اطلاع پهچڻ سان ئي سائينءَ جن D.E.O. سکر کي فون ذريعي فرمايوته ”مسٽر غلام عليءَ جواصل ڳوٺ چڪ آهي، تنهنڪري کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ رکيو وڃي، مهرباني ٿيندي.“ ٻئي ڏينهن مان D.E.O. سکر کان آرڊر وٺي اچي ڳوٺ، چڪ هاءِ اسڪول ۾ دخلڪار ٿيس. مون تي سندن ڪيترا نه ٿورا ۽ احسان آهن، مون تي ڪيترا نه مشفق ۽ مهربان آهن،مون کي سندن احسانن مڃڻ لاءِ الفاظ ئي ڪونهن. ماڻهن هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي وڃڻ لاءِ سَوَن جا سَوَ ڀريا، منهنجي بدلي مفت ۾ ٿي، هڪ ڪوڏي به خرچ نه آئي ۽ بدلي به پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي.

سال 1982ع ۾ ايم. ايڊ جي لاءِ حيدرآباد چونڊجي ويس، پهرئين ڏينهن ئي سامان سڙو وڃي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن وٽ رکيم. پوءِ اولڊ ڪئمپس يونيورسٽيءَ وڃي داخلا وٺي ميٺارام هاسٽل ۾ ڪمرو هٿ ڪري موٽي سائينءَ وٽ آيس. منجهند جي ماني گڏجي کاڌيسين. اٽڪل چئين بجي کانئن موڪلايم ته چيائون ته ”ترس ته گڏجي ٿا هلون.“ سائين جن جلدي جلدي تيار ٿيا ۽ هلڻ لاءِ چيائون. مون پنهنجي بستري بند ۽ ٿيلهي ۾ هٿ وجهي ٻئي کنيا ته پاڻ سٽ ڏئي ٿيلهو منهنجي هٿ مان کسيائون ۽ پنهنجي سڄي هٿ ۾ پڪڙي کڻي هلڻ لڳا. مون کين گهڻوئي روڪيو ته هو ائين نه ڪن، مان پاڻ ئي ٻئي شيون کڻي هلندس جيئن هيستائين کڻي آيو آهيان، پر پاڻ ڪونه مڙيا ۽ چيائون ته ”مان اڃا ڏاڍو آهيان، تنهنجو هي ٿيلهو کڻي سگهان ٿو،“ ائين چئي پاڻ کڙو تڙو ٿي سينو تاڻي وڏيون ٻرانگهون وجهندا مون کان اڳ اڳ ۾ هلندا رهيا. آءٌ سندن پٺيان بستري بند ڪلهي تي رکي هلندو رهيس. بس تي چڙهياسون ته ڀاڙي ڏيڻ ۾ به اڳرائي ڪيائون، اچي گاڏي کاتي ۾ لٿاسون. وري ساڳيءَ ريت ٿيلهو سائينءَ جن کنيو ۽ بستري بند مون ڪلهي تي، اچي ميٺارام هاسٽل سهڙياسون. ڪمري ۾ سامان رکيوسين، پوءِ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن مون کان موڪلائي هليا ويا. منهنجي دل تي سندن ٿيلهي کڻي اچڻ جو احساس هو، سوچيم هيڏا وڏا ماڻهو، هيڏا سارا اديب ۽ مفڪر هيڏي ساري عزت ۽ شهرت جا مالڪ، ملڪان ملڪ مشهور ۽ معروف ماڻهو مون جهڙي خسيس ۽ ناچيز بندي جو ٿيلهو کڻي هاسٽل تائين ڇڏي اچڻ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي! اها سندن اعليٰ درجي جي انسانيت ۽ حد درجي جي حسن اخلاقي ئي چئجي.

هن وقت به جيڪڏهن آءٌ وٽن ويندو آهيان، ته ڏاڍوپيار ۽ پاٻوهه، قرب ۽ محبت، دلي گهرائپ ۽ پنهنجائپ سان بغلگير ٿي ملندا آهن، موڪلائڻ مهل ٻه وکون اڳڀرو اڪاريندا آهن. مون مسڪين تي ڪيڏا وڏا مشفق آهن. سچ پچ ته آءٌ سندن ايڏي شفقت جو احسان چڪائي نٿو سگهان. صرف هن دعا کان سواءِ ته شال سندن عمر دراز ٿئي، صحت ۽ تندرستيءَ سان جيئن ۽ مون جهڙن مسڪينن جي ڪم ايندا رهن.

ايم ايڊ دوران مون کي ريسرچ جي هڪ ڪتاب جي ضرورت پئي. اهو ڪتاب سڄيءَ يونيورسٽيءَ جي سڄيءَ لائبرريءَ ۾ رڳو هڪ هو. جيڪوبه اتان جي هڪ استاد وٽ هو. ٻه چار شاگرد کانئس مطالعي لاءِ وٺڻ ويا پر ڪونه ڏيندو هونِ. مون اها ڳالهه سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن سان ڪئي ته ٻئي ڏينهن پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ اچي ان استاد کان اهو ڪتاب وٺي، فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، اچي مون کي ڏنائون، جيڪو اڃا تائين مون وٽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪتاب ڏسندوآهيان ته سائين محمد ابراهيم جويي جون ڪيل مهربانيون دل تي تري اينديون آهن ۽ ٿڌو ساهه کڻي کين عمر درازيءَ جون دعائون ڏيندو آهيان، سندن ڪيل احسانن ۽ شفقتن جو بيان ڪهڙو ڪري ڪهڙو ڪريان.

هڪ ڀيري سندن جاءِ تي 41/A صحافي ڪالوني ويس، شام جو وقت هو، پاڻ ڪونه مليا. معلوم ٿيو ته ڪراچيءَ ويل آهن. مان موٽي سڌو ميٺارام هاسٽل آيس. هاسٽل ۾ رات جي ماني پئي کاڌيسون، ته سائين جن اچي نڪتا. منهنجي پڇا ڪيائون، مان ويٺو هوس، هڪدم ڊوڙي اچي ساڻن مليم ۽ چيم، ”سائين هن وقت هيڏانهن ڪيئن نڪري پيا آهيو؟“ وراڻيائين،”ڪراچيءَ کان آيس، ٽيبل تي تنهنجي چٺي پيل ڏٺيم، پڙهيم، چيم متان ڪو ڪم ڪار هجيس سو هڪدم هليو آيس هيڏانهن، ڪو ڪم ڪار آهي ڇا؟“ چيم، ”نه سائين ڪوبه ڪم ڪونه آهي، توهان جي مهرباني، آءٌ صرف ان لاءِ آيس جو توهان ميار ڏيندا آهيو ته نٿو اچين، ان ڪري شاهديءَ طور چٺي ڇڏي آيو هوس، ٻيو مڙئي خير آهي.“ چيائين، ”چڱو، مون چيو متان ڪو ڪم هجيس، سو هاڻي ئي وڃان ته چڱو.“ ائين چئي، هو مون کان موڪلائي واپس هليا ويا.

هڪ دفعي سندن جاءِ تي ساڻن ڪچهري ڪري رهيو هوس. سندن گهر ۾ ڪنهن هندو دوست جي طرفان ڏياريءَ جي مٺائي آيل هئي. مٺائيءَ ۾ ترن جي لائي، ڏونگهيءَ ۽ مڱيرن جي لائي، نمڪ پاره ۽ ڪي ڪچا پاپر پڻ هئا. اِها مٺائي پنهنجيءَ ننڍڙي پوٽيءَ، بيبيءَ، کي سڏي، گهرائي ورتائون. مٺائي کاڌيسون، ڪجهه بچي پئي، چيائون، ”هي باقي مٺائي کڻي وڃي پنهنجي روم ميٽن کي به کاراءِ، هي پاپڙ (جيڪي اٽڪل پندرهن کن ٿين ها) به کڻي وڃ. اهي پاپڙ توهان کي سٺو ڪم ڏئي ويندا.“ مان اها مٺائي ۽ پاپڙ کڻي هاسٽل آيس. واقعي پاپڙ سٺو ڪم ڏئي ويا، اسان جو هڪ دوست بيمار ٿي پيو، ڊاڪٽر کيس ماني کائڻ کان روڪيو، پر پاپڙن کائڻ جي اجازت ڏنائينس، اهڙيءَ طرح سائين محمد ابراهيم جويي جو چوڻ سچو ٿيو ۽ پاپڙ سٺو ڪم ڏئي ويا.

پاڻ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن ٻه چار ڀيرا مون وٽ ميٺارام هاسٽل آيا، منهنجي خير عافيت پڇڻ ۽ خبر چار لهڻ خاطر، پر ڪڏهن به چانهه ڍڪ نه پيتائون، مان جڏهن به وٽن ويس ته گهڻو ڪري چانهه پياريندا هئا ۽ ڪونه ڪو ڪتاب تحفي طور ڏئي ڇڏيندا هئا. اڄ تائين مون سان سندن اها راهه جاري آهي.

سائينءَ جن جيڪي ڪتاب لکيا آهن، تن مان طبع زاد گهٽ پر ترجما جيڪي تخليق کان وڌيڪ ڏکيا آهن، گهڻا ڪيا آهن. سندن ٻنهي قسمن جي ڪتابن مان ئي اسان کي ڪنهن مٿاهينءَ طاقت جي ڏر ۽ ڊپ، خوف ۽ خطري کان آجورهي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ جو سبق ملي ٿو، سونهن ۽ سچ کي زنده رکي انسان ذات کي عروج تي پهچائڻ جو درس ملي ٿو ۽ هڪ ٻئي سان محبت ۽ ڀائيچاري سان پيش اچي هن جهان کي جنت بنائڻ جو ڏس ملي ٿو. ڪوشش ۽ جدوجهد سان منزل مقصود تائين پهچڻ جي سکيا ملي ٿي.

مون گهڻن ئي ننڍن وڏن سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي پڙهيو آهي،پر جڏهن ساڻن ملاقاتون ڪيون اٿم ته هو مون کي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن کان مُڙيل ۽ مختلف نظر آيا آهن ۽ خود پنهنجوپاڻ کان به پاسيرا پئي لڳا اٿم. جيڪي اديب پنهنجي قول ۽ فعل ۾ پڪا ۽ پنهنجو پاڻ سان خواه ٻين سان سچا ڏٺا اٿم سي آهن: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالحميد سنڌي ۽ سائين محمد ابراهيم جويو. هڪ مون کي ڪاليج جي چوديواريءَ اندر سکيا ڏني ۽ منهنجي ذهن کي تيار ڪيو۽ ادب سيکاريو ته ٻئي دنيا جي درسگاهه ۾، ڪاليج جي چوديواريءَ کان ٻاهر، ادب جي تعليم ڏني ۽ عملي قدم کڻڻ سيکاريو. مون ناچيز بندي تي ٻنهي صاحبن جي نظر ڪرم رهي آهي. مون ڪين جهڙي شخص سان ٻنهي شخصن ڀال ڀلايا آهن. پر ٻئي هڪ ٻئي کان ٻه رتيون سرس. آءٌ کين دعائن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڏئي به ڇا ٿو سگهان. مان هن چوڻ ۾ڪابه هٽڪ ۽ هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن جي حوصله افزا هدايتن منهنجي دل تي پيل ڳري بوج کي پاش پاش ڪري ڇڏيو آهي. سندن پيءُ جهڙي پيار ۽ پاٻوهه منهنجي ڪومائل دل کي شگفته ڪري ڇڏيو آهي. سندن همدرديءَ جي نظرن ۽ مددگاريءَ جي نگاهن مون کي اميد ۽ عزم سان همڪنار ڪري ڇڏيو آهي. سندن محبت ڀريل خطن ۽ تسلي بخش الفاظن منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪيو آهي.

وڏي ڳالهه ته انسان جو انسان جي حيثيت ۾، پنهنجي زندگيءَ جو ڇا مقصد هجڻ کپي، اُن جي ڄاڻ، اُن جي فرض ۽ ذميدارين جو احساس ۽ انهن جي ادائگيءَ جو امنگ ۽ اتساهه، ارادو ۽ حوصلو جيترو ڪجهه مون کي حاصل ٿيو، اُهو ساڻس محمد ابراهيم جويي جي ئي سنگ ۽ صحبت مان مون کي نصيب ٿيو، اُن لاءِ آءٌ سندن احسانمند آهيان ۽ کين پنهنجو محسن ۽ مشفق سمجهان ٿو.

(غ.ع.چ)

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org