سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 9

 

(5)

ڪراچي

20 _ مارچ، 1941ع

        گهڻو وقت ٿيو آهي ته احوال ڪو نه موڪليو اٿوَ _ شايد ٻارن جي بيچاڪائيءَ ڪري. اميد ته هاڻ گهر ۾ چڱڀلائي هوندي.

        مهرباني ڪري پنهنجو پروگرام موڪليندا ته اوهين اسيمبليءَ ۾ ايندا يا نه. هي اجلاس مهيني جي آخر تائين هلڻ وارو آهي.

        اوهان 14 _ تاريخ جي ”الوحيد“ اخبار جو ايڊيٽوريل پڙهيو هوندو، جنهن ۾ منهنجي اسپيڪريءَ تي نڪته چيني ۽ منهنجي سياسي زندگيءَ جي خلاف غلط پروپيگنڊا ڪئي ويئي آهي. مسلم ليگ جي جوابدار ماڻهوءَ جي حيثيت ۾، اوهان کي عرض ڪندس ته اسپيڪر جي پوزيشن واري ماڻهوءَ تي حملي ڪرڻ کان اڳ جماعت جي منظوري وٺڻ گهرجي ها. جيتريقدر مون کي معلوم ٿيو آهي، مسلم ليگ اڃا تائين اسيمبليءَ جي ايندڙ اليڪشن بابت ڪو فيصلو ڪو نه ڪيو آهي. انهيءَ باري ۾ صوبي جي جماعت کي مرڪزي مسلم ليگ ۽ ان جي پريزيڊنٽ جي مشوري سان قدم کڻڻو پوندو. جيڪڏهن مرڪزي مسلم ليگ ۽ ان جو پريزيڊنٽ فيصلو ڪن ته هو اسپيڪرن جي سامهون سندن اميدوار بيهاريندا، ته مون کي اعتراض نه آهي. منهنجي شڪايت صرف هيءَ آهي ته صوبائي جماعت يا مرڪزي جماعت جي فيصلن کان سواءِ ”الوحيد“، جا مسلم ليگ جي اخبار سڏجي ٿي، سا منهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪري، اها ڳالهه ڪيتريقدر مناسب آهي. مهرباني ڪري اهو سوال اوهين جناح صاحب ڏانهن فيصلي لاءِ موڪليندا، ۽ شيخ عبدالمجيد کي چئو ته هو ”الوحيد“ اخبار کي اهڙيءَ حرڪت کان باز آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري، جيستائين هڪ جماعت طرفان ڪو فيصلو ٿئي.

 

(6)

حيدرآباد

28 _ مئي، 1941ع

        اڄ خط ذريعي معلوم ٿيو ته اوهين سن ۾ آهيو. اوهان جي ملاقات جو گهڻو شوق آهي، پر بقادار شاهه جي پريزيڊنٽيءَ جي هل هلان ۾ مشغول آهيان. جسم ۽ روح، ٻيئي ان ڪم ۾ غرق آهن. نه جيئرو آهيان، نه مئل. خبر نه آهي، ڇا آهيان. بيماريءَ جي حالت به ساڳي آهي. ميرن جي پئسي خرچڻ تنگ ڪيو آهي. سنڌ جي پبلڪ لائيف، شاهوڪارن ڪَرپٽ ڪري ڇڏي آهي. اخبارون ۽ انجمنون به انهيءَ سيلاب ۾ وهيو وڃن. هو مسلم ليگي به سڏائين ٿا، ۽ مسلم ليگ کان نفرت جو اظهار به ڪن ٿا، ته به هنن کان ڪو باز پرس ڪرڻ وارو نه آهي نه مسلم پريس هنن جي خلاف اکر ڪڍي ٿي:

هر بلا ڪه از آسمان آيد،

مي پرسد ڪه خانه ”انوري“ ڪجا است!

اسان کي آباديءَ جي شدت ڪري ڪو واءُ نڪري وڃي ته اسان غريبن کي، پبلڪ جي صحت بگيڙڻ جي تهمت رکي، سخت ۾ سخت سزا جو لائق ٺهرايو وڃي. لوڪلبورڊ چونڊ ۾ مير غلام علي خان جا ڪرپشن آندي آهي، سا هن کي پبلڪ لائيف ۾ رهڻ جو لائق نٿي ڪري، ته به هو ممتاز مسلم ليگر آهي! ڪٿي آهي حاجي عبدالله هارون؟ ڪٿي آهي شيخ صاحب؟ ڪٿي آهي کهڙو صاحب؟ ڪٿي آهي راشدي صاحب؟ هن کان ڪا به باز پرس ٿيندي يا نه؟ ڇا، مسلم ليگ جا ڪرتا ڌرتا پئسي وارن جي خلاف ڪجهه ڪرڻ کان ڊڄن ٿا؟ ان لاءِ 30 _ مئي شام جو منهنجي بنگلي تي ميٽنگ سڏائي اٿم.

 

(7)

پونا

20 _ جون، 1941ع

        منهنجي پوني مان خط ملڻ تي شايد توکي تعجب ٿئي. آءٌ 22_ تاريخ سنڌ ڇڏي، 13 کان 14 _ تاريخ، بمبئيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ آيل هوس. 17 _ تاريخ پوني ۾ ”نيچر ڪِيوئر“ ڊاڪٽر سان مشوري ڪرڻ لاءِ هتي پهتو آهيان. بدهضميءَ تمام گهڻو ستايو آهي. مسٽر ڪيولرام پنجابيءَ وٽ رهان ٿو. جيتوڻيڪ بارش اڃا گهڻي ڪا نه پيئي آهي، پر آبهوا ٺيڪ آهي. اميد ته 23 _ تاريخ پونو ڇڏي، 25 _ تاريخ ڪراچيءَ پهچي، اسيمبلي اجلاس جي صدارت ڪندس.

        بمبئي هاڻ اڳي وانگر ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڪمزور بدن ۽ پريشان دل، هاڻ بمبئيءَ جي خوش ڪُن سوسائٽيءَ کان علحده رهڻ جو باعث آهن. هيءَ دنيا ڌارين پيئي ڏسڻ ۾ اچي؛ منهنجيءَ ڪشش جو ڪارڻ هليو ويو آهي. ٻيو سڀ جيتوڻيڪ گهڻو ئي ڪشش ڪندڙ آهي، ليڪن حالتون بدلجي چڪيون آهن. موجوده دل ۽ بدن جي ناسازيءَ جي حالت ۾، خانم جو وجود وڏي مدد هجي ها _ پر اهو پکي پرواز ڪري ويو. اهي آشيانا ۽ درخت هاڻ خالي آهن. خيال ڇڪيو، نيو، ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ ڇڏين، جيتوڻيڪ شهر جي گوڙ گهمسان ۾ رهان ٿو. ان جو ڪو علاج نه آهي، سواءِ صبر ۽ خدا جي رضا منديءَ تي راضي رهڻ جي. بمبئي شهر ۾ فرقيوار فسادن ڪري خونريزي ٿيل آهي. رڳو سنڌ جو ڏوهه نه آهي. حڪومت گورنر جي هٿ ۾ هئڻ ڪري، ڪامورن جو راڄ آهي، ته به قاعدي قانون ۽ امن امان جي گهٽتائي آهي. اها ڳالهه عجيب پيئي ڏسڻ ۾ اچي ته صديءَ جي چوٿين حصي کان جمهوري ادارن جي رائج ٿيڻ جي باوجود، حالتون وريو بدامني طرف گهلجيو وڃن! عام راءِ جو اثر ڪامورن مٿان اڳي ئي ٿورو پوي ٿو، باقي به جمهوري ادارن جي بند ٿيڻ ڪري، مورڳو الغرض ٿي ويا آهن. زمانو شايد انهن فرقيوار فسادن جي زخمن کي ڇٽائڻ ۾ مدد ڪري. ان وچ ۾ صبر سان مستقبل جو انتظار ڪرڻو پوندو.

 

(8)

حيدرآباد

13 _ آگسٽ، 1941ع

        افسوس جو مختلف ڪمن ڪري تنهنجي ملاقات ڪري ڪو نه سگهيس. اميد ته تون جلد بمبئيءَ هلندين. اتي گڏجي رهنداسون، ۽ ملاقاتون ٿينديون. آءٌ 15 _ تاريخ بمبئيءَ لاءِ روانو ٿي رهيو آهيان. رستي ۾ مائونٽ اَبُو لهندس. جتي سيد احمد سان ملندس، جو اصرار ڪري رهيو آهي ته کيس ملان. بمبئيءَ 19 _ تاريخ پهچندس. نهايت سٺو ٿيندو، جيڪڏهن تون به ابوءَ جي اسٽيشن وٽان 18 _ تاريخ لنگهين ته ٻيئي بمبئيءَ ۾ گڏجي هلون. آءٌ بمبئيءَ 12 _ تاريخ تائين هوندس. 23 _ تاريخ پوني ويندس، جتي نيچر ڪيوئر ڪِلنڪ ۾ ٻن مهينن لاءِ رهندس. منهنجي صحت ڪِري پيئي آهي، آرام ۽ علاج جي ضرورت اٿم.

 

(9)

نيچر ڪيوئي ڪلنڪ، پونا

2 _ سپٽمبر، 1941ع

        اوهان جو 14 _ آگسٽ تي لکيل خط پهتو، جنهن ۾ لکيو هووَ ته 23 _ آگسٽ تي اوهين بمبئيءَ ايندا. انهيءَ دلاسي تي قانع رهيس ته آخر بمبئيءَ ۾ وري به هلڻ ٿيندو دورِ گردون جي بدلجڻ ڪري، حالتون جدا آهن. اڳيون مزو نه ايندو. مون کي اپولو هوٽل ۾ فلوري کي اوهان سان قلابازي ڪرڻ جو منظر اکين اڳيان بيٺو آهي، جنهن ۾ هن اوهان کي دامِ تزوپر ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪيئي حيلا هلايا هئا، ۽ اوهان باوجود جسماني جوش جي، ضبطِ دل ڪري؛ انهيءَ کان جدا پاڻ ڇڏائي ويا هئا.

        اوهان جي بمبئيءَ اچڻ جي اميد تي، مارواڙ _ گجرات  ريلوائين جي بارش ڪري ڀڄڻ جي باوجود، آءٌ روانو ٿي ويس. لاهور، دهلي ۽ آگري کان ڦرندو، 1900 ميلن جو سفر ڪري، بمبئيءَ پهتس. لاهور تائين حاجي مولا بخش سومرو گڏ هو. ان کانپوءِ، ملٽري سولجرن ۽ آفيسرن سان گڏ، اچي بمبئيءَ پهتس. بارش جي موسم ڪري سبزه زارن ۽ مرغزارن جو لطف اُٺائيندو رهيس. هوٽل مئجسٽڪ ۾ رهڻ لڳس. حاجي عبدالله هارون اچي وحشتناڪ خبر ٻڌائي ته اوهان جي ڳوٺ ۾ ڪالرا پوڻ سبب، اوهان مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ اچڻ کي ملتوي ڪري ڇڏيو. الله جل جلالہُ اوهان ۽ اوهان جي اهل و عيال کي امن ۽ حفظ ۾ رکندو. آمين! خيريت جي خبر جلد ڏيندا ته خاطر تسليٰ ٿئي.

        آءٌ 24 _ تاريخ شام جو پوني پهتس. ”نيچر ڪيوئر“ ۾ داخل ٿيو آهيان. ڊاڪٽر صاحب گذشته جون کان واقف هو. في الحال علاج کاڌي جي تبديليءَ مالش ۽ باٿ سان ٿئي ٿو. باٿ جا به ڪيئي نمونا آهن: شاور باٿ، هاٽ باٿ، فوم باٿ، اسٽيم باٿ، وغيره. انيما روز ڪن ٿا، في الحال صوف ۽ موسمين تي گذارو ڪريان ٿو. هفتي بعد کير يا ڏڌ کائڻو پوندو. اٽڪل ٻه مهينا اهو علاج هلندو. ان کانپوءِ ٿورو ٿورو هلڪو کاڌو کائبو وڃبو، جيستائين هاضمي جي قوت وري اچي وڃي. في الحال ضعيف ٿبو، پوءِ وري نئون رت ٿيندو ته وڌبو وڃبو. هتي ٽي مهينا رهندس.

        مسٽر جناح جِي جَئه ٿِي! سر سڪندر حيات ۽ سعد الله خان، نيشنل ڊفينس ڪائونسل تان استعيفا ڏني. اوهان جو رايو شايد ٻيءَ طرح هو، پر جناح پنهنجي ڳالهه مٿي ڪئي. هاڻ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. اميد ته مسلمانن جو اتحاد نه ٽُٽندو. مولوي فضل الحق بوقلمي ڏيکارڻ ۾ ڪمال ڪيو آهي؛ ڏسجي ته ڇا ٿو ڪري. ايران جو مسئلو پيچيدو هو، پر شڪر آهي جو حل ٿي ويو. جرمنيءَ جو مسئلو پيچيدو هو، پر شڪر آهي جو حل ٿي ويو. جرمنيءَ جو رخ هاڻ ترڪيءَ خلاف ڏسجي ٿو؛ شايد ترڪيءَ تي حملو ڪري. ان جو اثر هندستان جي مسلمانن تي پوندو. ڏسجي، حالتون ڪٿي ٿيون بيهن.

        ٻڌو اٿم ته پروفيسر گهنشام ۽ وليڇا اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان استعيفائون ڏنيون آهن، ڇاڪاڻ ته خانبهادر الهه بخش ڊفينس ڪائونسل جي ميمبري قبول ڪئي آهي، ۽ جنگ ۾ مدد ڪندو رهي ٿو. ان جو اثر سنڌ جي سياست تي ڇا پوندو، سو لکندا.

        سنڌ ۾ مسلم ليگ کي في الحال اوهان واري غير جانبدارانه پاليسيءَ تي هلڻ گهرجي. پر شيخ صاحب ۽ کهڙو وزارت جا خواب پيا لهن. مسلم ليگ کي انهيءَ ڪري وڏو ڌڪ لڳندو. اسان جي يارن ۾ صبر ۽ برداشت جو مادو ذرا گهٽ آهي، پر دور انديشي لازمي آهي. خير، سندن مرضي. اوهين هن وقت ڪهڙيءَ مشغوليءَ ۾ آهيو، ان کان واقف ڪندا.

        مون کي روحاني سوالن تي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي، پر ان سان گڏ اقبال جي اسلامي تشريح مان به واقف ٿيڻ گهران ٿو. جيڪڏهن ڪي ڪتاب انهن مسئلن تي روشني وجهڻ لاءِ موڪلي سگهو ته چڱو، نه ته نالا لکي موڪليندا ته هتي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان.

        هڪ نوجوان رفيق، مسٽر پرڪاش ۽ هڪ نوجوان خاتون، مسز مستري پاليٽڪس، جي ڪتابن جا شوقين آهن، انهن لاءِ ڪتابن جا نالا موڪليندا. مسز مستري هڪ پارسي خاتون آهي. دنيا جو چڱو تجربو اٿس. علمي لياقت به چڱي خاصي آهيس. پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ تي فخر ڪو نه ٿو ڏسجيس. خوش خُلق ۽ ملنسار انسان آهي. ان جي صحبت ۾ وقت سٺو پيو گذري. ڇا ڪريان، جنسِ لطيف جي قرب کانسواءِ زندگي بيسود ٿيو وڃي! ضبط جو مادو معدوم آهي، البت هتي اسين ٻيئي بيمارين جي قطار ۾ داخل آهيون! خانم جو فوٽو اڳيان رکيو آهي: ان جي ياد ۾ دل کي ڪڏهن مايوسي، ڪڏهن اطمينان اچي ٿو. مڙيئي زندگيءَ جا ڏينهن ڪاٽڻا آهن.

 

(10)

نيچر ڪيوئر ڪلنڪ، پونا

10 سيپٽمبر، 1941ع

        اوهان جو 5 سيپٽمبر تي لکيل خط پهتو. گهڻي وقت کان پوءِ احوال مليو، ان ڪري نهايت خوشي ٿي. ڪالرا جو انتظار هو، خدا ڪيو آهي ته اڃا تائين ان طرف خير آهي. وڌيڪ به مٿس ننگ آهي.

        افسوس آهي ته اوهان جي طبيعت بيخوش رهي ٿي. اهو سڀ گهڻيءَ دماغ سوزيءَ ۽ جاکوڙ ڪري ٿئي ٿو. ڍڳي کي طاقت کان وڌيڪ هر ڪَهرائبو ته آخر ٿڪجي پوندو، تنهنڪري آرام به ڏجيس، تات به ڪجيس، ته پوءِ ڪم ڏيندو رهندو. اوهان، مون ۽ ٻين دماغي ڪم ڪندڙن جو اڪثر اهو حشر ٿئي ٿو. اسان کي پنهنجي بودباش ۽ زندگيءَ جو طريقو مغربي ماڻهن وانگر ٺاهڻ گهرجي، جنهن ۾ محنت سان گڏ آرام جون گهڙيون به هئڻ گهرجن. شڪر آهي جو اوهان حيدرآباد يا ڪراچيءَ جهڙن وڏن شهرن ۾ مقيم نه آهيو، جتي ڪا به گهڙي اوهان کي پنهنجي نه آهي _ رات ڏينهن، گاهه بيگاهه ماڻهن جي سڏوسڏ آهي. اسان جا ماڻهو جيستائين سندن خدمتگارن جي صحبت ۽ زندگيءَ جو خيال نه رکندا، تيستائين انهن کان اعليٰ دماغي ڪم جي اميد رکڻ فضول آهي، بهرحال، جنهن صورت ۾ قدرت اوهان جو قيام ٻهراڙيءَ ۾ ڪيو آهي، هڪ پُر فضا منظر جي قرب ۾ آهيو، تنهن صورت ۾ اوهان جي طبيعت کي گوئي نه ڪرڻ گهرجي. اميد ته کير _ مکڻ کائي، وري طبيعت ڏاڪي تي اچي وينديوَ. انشاءَ الله!

        اوهان جي تجويز ڪيل ڪتابن مان، سيد اقبال علي شاهه ۽ ليڊبيٽر جا ڪتاب وٺي پڙهندس.  طبيعت جي ناسازيءَ، دماغي ڪمزوري به آندي آهي؛ تنهنڪري گهڻو پڙهي به نٿو سگهان، جيتوڻيڪ پڙهڻ جو شوق گهڻو اٿم.

        منهنجي دوست، مسز مستري، کي جنرل پاليٽڪس جي معلومات جو گهڻو شوق آهي. پروفيشنل پاليٽيشن ڪو نه ٿيڻو اٿس. گانڌي، نهرو، هٽلر، مسولني، ڪمال وغيره جي حياتين تي ڪتاب پڙهي چڪي آهي. ”انسائيڊ ايشيا“ ۽ ”انسائيڊ يورپ“، جان گنٿر جا ڪتاب پڙهيا اٿس. ڪراڪا جا ڪتاب به پڙهيا اٿس. تازو ايڊورڊ ٿامس جو ”هائو ٽو وِن انڊيا“ پڙهي پورو ڪيو اٿس. مون به پڙهيو آهي، پرو ڪانگريس خيال مندرج اٿس. آءٌ هينئر جوزف ڪالنس جو، ”ڊاڪٽر زندگيءَ ۾ موت کي ڪيئن ڏسي ٿو“ پڙهان پيو.

        اوهان وارو پاڪستان تي لکيل ڪتاب پورو ڪيو اٿم، هن وقت هوءَ بمبئيءَ ويل آهي. ان کانسواءِ ساري ڪِلنڪ آُٻاڻڪي پيئي لڳي! البت ڊاڪٽر صاحب جي همشيره مسز اَنيتا، پنهنجي سلوڻائيءَ، حليمائيءَ ۽ خوش پيشانيءَ سان ملول دلين کي مرڻ کان بچايو بيٺي آهي. سندس نيم خوابي اکين، لکن جي لوڏ مان، محبت جو دونهون دکيو پوي. سندس منظورِ نظر هتي مهمان طور آيل آهي. دستوري شاديءَ جو ٻنڌڻ هن جي احساس جي لهر کي لوڏي نه پي سگهيو آهي. اسان جهڙن ڪُهنن آئينه بينن جي نظر ۾ ته ڳالهه چوٽ چڙهيل ڏسجي پيئي. مون ڏانهن به ڪڏهين شفقت جون اکيون کڻي نهاريندي آهي. بمبئيءَ ۾ سندس دولتخاني تي مدعو ڪيو اٿس. مهمان آهي: اڄ اها به رخصت ٿيندي، پوءِ اسين هن دشت پر خار ۾ آبله پائيءَ کان بچندا رهنداسون! قسمت جو لکيو آهي، من ڪو نعيم البدن به اچي وڃي! هزار بار حسينن جي ڄار ۾ ‎ڄنگهون اٽڪائڻ کان دل کي روڪجي ٿو، پر نٿي روڪجي! هاڻ ته اچي زمين تي ڍري آهي، ته به پنهنجي خباثت جبلي ڇنڊي نه سگهي آهي. دعا ڪجو ته انهن انوکين منزلن کي باسلامت عبور ڪندو رهان!

        منهنجي طبيعت اڃا ساڳي آهي. الله تي توڪل آهي. آرينج جُوس پيو هلي؛ اڃا کير به نه ڏنو اٿن.

        بمبئيءَ جي گورنر صاحب جي اڄ لنچ جي دعوت آهي. وڃڻ جي موڪل آهي. ملاقات ڪبي، کاڌو ڪو نه کائبو.

        مسٽر ۽ مسز چيناڻي، مسٽر پنجابيءَ جون ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون. انهن سنڌين جي صحبت ۾ دل ڪجهه وندريو وڃي.

        مولوي فضل الحق مسلم ليگ تان استعيفا ڏني آهي. بنگال جي سياست جو رنگ هاڻ سنڌ جهڙو ٿيندو. ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو؛ ڪانگريس جو هاڻ موقعو آهي. هڪ مسلم صوبي ۾ شرارت ڪندا، افسوس!

        جواب جي جلد عنايت ڪندا.

 

(11)

نيچر ڪيوئر ڪلنڪ، پونا

12 _ نومبر، 1941ع

        ڪجهه ڏينهن ٿيا ته تنهنجو نينتال مان خط مليو. مون کي خواب خيال به نه هو ته تون ايترو پري پنڌ جي هِل اسٽيشن تي ويندين، سو به نومبر جي مهيني ۾. اتي هاڻ سردي پيئي محسوس ٿيندي هوندي. آءٌ سمجهان ٿو ته تون هاڻ موٽي ڳوٺ پهتو هوندين. آءٌ ساڳيءَ طرح بيچاڪ آهيان، پر ڪجهه تازگي محسوس ڪريان پيو. ٽن مهينن جو ڪورس هن ڪُهنيءَ بيماريءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. بهرحال، جلد سنڌ ۾ موٽندس. 19 _ تاريخ هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ پهچي، حيدرآباد وڃي، وري واپس ٿيندس. تنهنجي بنگلي ۾ رهندس. مهرباني ڪري ٻئي ڪنهن کي بنگلو رهڻ لاءِ نه ڏجو، مون کي مڪمل آرام کپي.

        مرحوم خانم جي تصوير ڪالهه رات وري منهنجي دماغ ۾ تازي ٿي _ جنهن ساڳيءَ تاريخ، 12 _ نومبر، 1940ع تي، گذريل سال، 10 بجي ، ٿاڻي بولا خان ۾، سندس بمبئيءَ مان وفاتيءَ جي تار پڙهي زارون زار رُنو هوم. مرحومه مون کي چوي ٿي ته اڄ ڇو نٿو روئين؟ پر روئي نٿو سگهان! دل ۾ اهو جوش ۽ جذبو نه رهيو آهي. دنيا جي ڪاروبار ۽ معاملن دل تي ڪٽ جا پڙدا چاڙهي ڇڏيا هئا؛ پر سندس اڳيان رکيل فوٽي وري دل تي رقت آندي:

        ”روئي روئان ڪيترو، آءٌ روئي نه ڄاڻان،

مٿي سِر هڻان، هنجن هاڻا هٿڙا.“ (شاهه)

        پوءِ دعا گهري مرحومه کي بخشيم. حقيقت اها آهي ته مرحومه جو خيال اڪثر منهنجي دل تي تري ايندو آهي، ۽ ڪڏهين به دل تان نه وسريو آهي. وٽس پهچي نٿو سگهان. ليڪن سندس يادگيريون دل تي تازيون ٿينديون رهن ٿيون. خدا اسان تي رحمت ڪري!

 

(12)

ڪراچي، حيدر منزل

27 _ نومبر، 1941ع

        آءٌ هتي هوائي جهاز رستي پهتو هوس، جتان حيدرآباد وڃي، وري سنڌ يونيورسٽي ڪميٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ هتي پهتو آهيان. تنهنجي بنگلي ۾ رهان ٿو، آرام اٿم، وري 30 _ تاريخ حيدرآباد وڃي، 4 _ ڊسمبر موٽي، يونيورسٽي ڪميٽيءَ جي رپورٽ تي آخري نظر ڪري مٿي موڪلينداسون. وري ڳوٺ ويندس، جتان 14 _ تاريخ ڪراچيءَ اچي، 15 کان 23 _ تاريخ تائين اسيمبليءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندس. منهنجي صحت ساڳي آهي، جهڙي ڏٺي هيئي. تنهنجي تندرستيءَ جو ڪهڙو حال آهي؟ اميد ته هن وقت صحت ٺيڪ هوندئي. ڪراچيءَ اجلاس ۾ اچڻ لاءِ ڪهڙو ارادو اٿئي؟ تو سان ملڻ جو گهڻو شوق اٿم، جلد خبرچار موڪليندا.

 

 

سال 1924ع

 

(1)

حيدرآباد

19 _ جنوري، 1942ع

        آءٌ ۽ خانصاحب محمد صديق ميمڻ اڄ رات جيڪب آباد هارس _ شو جي موقعي ته وڃون ٿا، حيدرآباد ”مسلم گرلس هاءِ اسڪول“ لاءِ چندي ڪٺي ڪرڻ، لاءِ. سردار عبدالرحيم کوسي ۽ ٻين دوستن جي چوڻ تي وڃي رهيا آهيون. اهي اسان کي وائسراءِ جي دربار جي موقعي تي مليا هئا. موٽندي، 23 _ تاريخ لاڙڪاڻي لهنداسون. آءٌ حيدرآباد ايندي، توکي ملڻ گهران ٿو. 24 _ تاريخ سن پهچندس، ۽ ٻئي ڏينهن حيدرآباد موٽندس. اميد ته تون ڳوٺ هوندين. اسٽيشن تي پنهنجو نوڪر وٺڻ لاءِ موڪليندين ته چڱو. جيڪڏهين لاڙڪاڻي ۾ وقت لڳي ويو ته پوءِ سن 25 _ تاريخ پهچندس. وڌيڪ احوال روبرو ڪبا.

 

(2)

حيدرآباد

3 _ مئي، 1942ع

Text Box: 112

 

        مون کي معلوم ٿيوآهي ته تون اتر سرحد صوبي جو ڊگهو سفر ڪري، ڪشمير ڏسي، خير سان ڳوٺ موٽيو آهين. اتي خان عبدالغفار ۽ ڊاڪٽر خانصاحب سان مليو آهين. هيءَ  خبر اخبارن ۾ شايع ٿي هئي. انهن ڪانگريسي ليڊرن سان ڇا لاءِ ملئين، گفتگو ڪهڙي ٿي، نتيجو ڪهڙو نڪتو، ان جي خبر نه آهي. تو ضرور انهن جي صحبت مان فائدو حاصل ڪيو هوندو.

 

        مهرباني ڪري، مسلم ليگ جي پروگرام کان واقف ڪندا.

        توکي سر حاجي عبدالله هارون جي اوچتيءَ وفات جي خبر پهتي هوندي. گذريل آرتوار تي گذر ڪيائين. قوم لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. ڪراچيءَ عذر خواهي لاءِ ڪڏهين ويندين؟

        يوسف هارون جو نالو اسيمبليءَ جي ووٽرن جي لسٽ تي نه آهي. مولا بخش سومرو بيهڻ گهري ٿو، ان معاملي ۾ ڇا ڪرڻ گهرين ٿو؟

 

 

----------

 

سال 1943ع

 

(1)

حيدرآباد

14 _ جنوري، 1943ع

        تنهنجو محبت ڀريو خط 8 _ جنوريءَ تي پهتو. تنهنجي نياپي آڻيندڙ جي حتي الامڪان مدد ڪندس. يوسف هارون جي اليڪشن جي سلسلي ۾ مون کي اميد هئي ته تون حيدرآباد ايندين، ڇاڪاڻ ته مون ورڪرن جي ميٽنگ سڏائي هئي۔

        تنهنجي اميدوار جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ ڪري، توسان ملاقات ٿي نه سگهي. مولا بخش کي سندس ڪاميابيءَ جي پڪ نه هئي، ان ڪري دوستن جي زور ڀرڻ تي هٿ کڻي ڇڏيائين. مسلم ليگ اميدوار جي ڪاميابيءَ لاءِ توکي مبارڪ ڏيان ٿو. اهو نتيجو تنهنجي همت ڪري نڪتو آهي.

        مونکي جناح صاحب لاءِ عزت آهي، پر سڪندرحيات سان محبت هيم. جيتوڻيڪ مون ساڻس گهاٽائي پيدا نه ڪئي هئي، پر ساڻس وقت بوقت ملاقات ۾ خوشي حاصل ٿيندي هئي. پر خدا جي گهُر اها هئي، مسلمانن جو هڪ نهايت ڪارآمد ڪارڪن وفات ڪري ويو.

Text Box: 113

 

        تو مون کان پڇيو آهي ته آءٌ ڪڏهين ٿو چين جو سفير ٿيان. پريس ۾ خبر ڇپي، ۽ ماڻهن جي چوپچو ملڪ ۾ ڳالهه پکيڙي  ڇڏي. اها ڳالهه اتي رهجي ويئي، ان کان وڌيڪ مون کي ڪا به خبر نه آهي. ممڪن آهي، ڪٿي ڳالهيون پيون بنبيون هونديون، پر اڃا تائين ڪو خاص نتيجو ڪو نه نڪتو آهي. جيئن خدا کي منظور هوندو، ائين ٿيندو.

 

        وچ مشرق ۾ منهنجي وڃڻ بابت تو پڇيو آهي. سرڪار جو چوڻ آهي ته جنگ جي دوران ۾ اوڏانهن وڃڻ خطري کان خالي نه آهي، ان ڪري اوڏانهن وڃڻ جو حال امڪان نه آهي.

        آءٌ 18 _ تاريخ ڪراچيءَ وڃان ٿو، جتي نئين قسم جي جنگي هٿيارن ۽ فوج جو معائنو ڪندس. ڪمانڊنگ آفيسر ڪيترن ئي جڳهين تي مون سان ساڻ هوندو. مون کي سنڌين جي فوج ۾ ڀرتيءَ جو ڏاڍو شوق آهي. افسوس ته اسان رڳو ڪلارڪ ۽ اسڪول ماستر پئي پيدا ڪيا آهن. اسين دُوربين نه آهيون. تون خيال ڪري ڏس ته ڪلارڪن جي قوم به ڪڏهين حڪومت ڪئي آهي؟ حڪومتون ۽ ڪلچر هميشه جنگي ڪاميابين جي پويان پئي هليا آهن. علم ۽ تهذيب جنگي فتحيابين بعد قومن کي حاصل ٿيا آهن. جهاد جو نظريو منهنجي نقطه نگاهه کي ثابت ڪري ٿو. موجوده دور ۾ جنگ هَرَ جي چُونين، ڪهاڙين ۽ تلوارن سان ٿي ڪا نه سگهندي؛ پنهنجن نوجوانن کي جديد جنگي طريقن موجب تربيت ڏيارڻ گهرجي، جنهنڪري اسين ڌارين يا گهرو دشمنن جي مقابلي جا لائق بنجي سگهون. تون ان معاملي ۾ ڇا ڪرڻ گهرين ٿو؟ تنهنجن بلوچن ۽ سنڌين کي ان ڳالهه ۾ ڪهڙو پارٽ ادا ڪرڻو آهي؟ ڪمزور مدراسي ۽ هڏن جي مُٺ بينگالي، جنگي تربيت حاصل ڪري، مستقبل لاءِ تيار ٿي رهيا آهن، پر قديم روايتي سنڌي پهلوان وڃن ٿا روز بروز بزدل بنبا ۽ پنهنجن وڏن جو روايتون وساريندا! ڇا انهن کي سدائين زميندار جو غلام ۽ واڻئي جو زير دست ٿي رهڻو آهي؟ هنن جي پِيرن ۾ اعتقاد ۽ مَکي ڍنڍ ۾ رهي ڌاڙا هڻڻ کين ڪتب ڪين ايندا. انهن کي باقاعدي تربيت ڏياري، جنگي طاقت ۾ بدلائڻ ضروري آهي. آءٌ توکي واعظ ڪرڻ ڪو نه ويٺو آهيان، پر صرف تنهنجو توجهه هن دور جي اهم ضروريات طرف ڇڪائي رهيو آهيان. هي دور نئين ۽ پراڻي دورن جي وچ ۾ عارضي دور آهي.

        آءٌ 19 _ تاريخ جنوريءَ تي دهليءَ وڃي رهيو آهيان، جتي نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي اٿم. دهليءَ ۾ 21 کان 26 _ تاريخ تائين رهندس، پوءِ لاهور ۽ ملتان مان ٿيندو، 20 _ تاريخ موٽي ايندس. مهرباني ڪري پنهنجي احوال ۽ راءِ کان واقف ڪندا.

 

(2)

فليٽي هوٽل لاهور

28 _ جنوري، 1943ع

Text Box: 114

 

        آءُ دهليءَ کان موٽيو آهيان، جتي نيشنل ڊفينس ڪائونسل ۽ سول ڊفينس ڪائونسل جي ميٽنگن ۾ شرڪت لاءِ ويو هوس. اتي آءٌ مخدوم غلام ميران شاهه جي بنگلي ۾ رهندو هوس. سندس فرزند، حسن محمود، مون سان گڏ هو. مسٽر ۽ مسز پارپيا سان ملندو رهيس. پارپيا تازو دهليءَ ڪامرس کاتي ۾ بدلي ٿيو آهي. مون سندس ليڊي مسعود ۽ سندس ننهن سلطانه سان واقفيت ڪرائي آهي، ۽ کين پڪاڊليءَ ۾ ڊنر پارٽي ڏنيم. پوءِ کين امپيريل جمخاني ۾ وٺي ويس، جتي دوستن سان ملياسون ۽ ڊانس ٿيو. اتي گهڻيئي حسين عورتون آيل هيون، مست پارپيا حسن، متانت ۽ رڳب ۾ سڀني کان سرس هئي. هاڻ وڃي سوسائٽيءَ ۾ پسند پوندي. حسن جو هتي زور ۽ ان جي نمائش آهي. مون کي اتي رهڻ جي وقت ۾ مسٽر گرڌاريمل ۽ سندس انگريز زال سان به واقفيت ٿي ويئي، جي نهايت مهربان هئا. منهنجي هوٽل مرينا ۾ نهايت شاندار دعوت ڪيائون. برساتن ڪري البت ٿڌ هئي. آءٌ سر سلطان احمد سان به مليس، جو يوسف هارون جي ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو. اتي سراين. آر .  سرڪار سان به ملاقات ٿي. اتي پنهنجي پراڻي بمبئيءَ جي دوست، ڊاڪٽر امبيڊڪر سان به ملڻ ٿيو، جنهن منهنجي اعزاز ۾ چانهه جي دعوت ڪئي. مهاراجا ڪپور ٿالا ۽ نواب بهاولپور نهايت مهربان هئا. مون کي سندن رياستن ۾ اچڻ جي دعوت ڏنائون. جي قسمت گهريو ته ڪڏهين وڃي ملاقات ڪري اچبي. ڪمانڊر ان چيف نهايت سٺو ماڻهو آهي. جنگ بابت هر سوال کي نهايت پوريءَ طرح سمجهاڻيءَ سان جواب ڏنائين ٿي. آءٌ ميجر جنرل موليڪمورٿ، چيف آف اسٽاف، سان به مليو آهيان، جنهن کي سنڌين ۽ بلوچن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ زور ڀريم. ان تي غور ٿي رهيو آهي. وڌيڪ ڪراچيءَ ۾ معائنو ڪبو. 30 _ تاريخ حيدرآباد پهچندس.

 

 

(3)

ڪراچي

7 _ فيبروري، 1943ع

راهه مين وه ملي ڪهان، بزم مين وه بلائي ڪيون!

        انور تنهنجو خط ڏنو. رضا کي چيم، ان کيس ڪنگس ڪميشن ۾ کڻڻ کان عذر واريو. بهرحال، کيس وائسراءِ جي ڪميشن ۾ کڻائڻ جي ڪوشش ڪندس. سڀان بمبئيءَ وڃان ٿو، 15 _ تاريخ موٽندس. ڏاڍي خواهش هيم ته توکي ملان. آءٌ ان خيال جو هوس ته 15 _ تاريخ تائين ڪراچي هوندين، جتي ملنداسون، پر هتي اچڻ بعد معلوم ٿيو ته تون ڳوٺ هليو ويو آهين. ڪي خيال منهنجي دل ۾ چڪر ڏيئي رهيا آهن: خيال هوم ته اهي تون سان اوري، رهبريءَ ۽ صلاح سان ڪي فيصلا ڪندس. خير، حياتي آهي ته اسيمبليءَ جي موقعي تي ملي احوال ڪندس.

چهه خوش است پيش زلفت سر شڪوه باز ڪردن،

گِلهه هايء روزِ هجران بشب دراز ڪردن.

        اميد ته توکي منهنجو ٽائيپ ٿيل خط ناتال ۾ ماڻهوءَ هٿان پهتو هوندو. مون لاهور مان به خط لکيو هو. منهنجي خواهش آهي ته سلسلو خطن جو قائم رهي، ۽ ڪو به خط گم نه ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته خبر اٿم ته تون اهي محفوظ ڪندو آهين. اهي خط منهنجي زندگيءَ جي تاريخ جون ڪَڙيون آهن.

 

(4)

ونڊسر پئليس، نئين دهلي

13 _ اپريل، 1943ع

        آءٌ دهليءَ ۾ تاريخ 10 _ صبح جو پهتو آهيان. نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي ميٽنگ پوري ڪرڻ بعد ڪلڪتي روانو ٿيندس، جتي ساٿين سان گڏ ملٽري ڪئمپون ڏسنداسون. افسوس آهي جو پروگرام اهڙيءَ طرح رکيو ويو آهي جو مسلم ليگ ميٽنگون ڏسي، يا توسان ۽ ٻين دوستن سان ملي ڪو نه سگهندس. بهرحال، ڪوشش ڪندس ته ڪلڪتي مان جلد نڪري، 26 _ تاريخ هتي دهليءَ ۾ پهچان. گريٽ ايسٽرن هوٽل ڪلڪتي ۾ مون کي تار ڪج. جيڪڏهين ٿورو دير سان اچان ته مهرباني ڪري ترسي پئج.

        اهو افواهه اٿي رهيو آهي ته شايد سر عزيز الحق وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل تي کڄي، ۽ لنڊن ۾ هاءِ ڪمشنر جي جاءِ خالي ٿئي. جيتوڻيڪ موقعو موزون نه آهي، پر ممڪن آهي ته تون يوسف هارون ۽ ٻين جي مدد سان منهنجي ان جاءِ لاءِ سفارش ڪرائي سگهين. مون پاڻ لاءِ ازخود گهڻي ڪوشش ڪئي آهي، پر پنهنجي لاءِ ڪوشش ايتري موثر ڪا نه آهي، جيترو دوستن معرفت ڪوشش مفيد ثابت ٿئي ٿي. سنڌ جوعيوضي جيڪڏهين کڄي پوي ته ڏاڍو چڱو. سر غلام حسين جي مدد به تون ان ڪم لاءِ وٺي سگهين ٿو. اميد ته تون هر ڪا ڪوشش ڪندين. وڌيڪ خدا تي ڇڏيان ٿو.

 

(5)

ديرادون

17 _ مئي، 1943ع

        منهنجو 15 ڏينهن وارو مسوريءَ جو قيام اچي پورو ٿيو آهي. تنهنجي وڃڻ کانپوءِ مون ڊانس جا سبق وٺڻ شروع ڪيا. سيکاريندڙ، مس شيري باسفورڊ سان پير کڻندو، سکندو رهيس. ازان سواءِ، اسڪيٽنگ به سکيو آهيان. هاڻ اهي مزا ڦٽا ڪرڻا ٿا پون.

        نواب صاحب پالنپور ۽ بيگم صاحبه سان چڱو خوشيءَ جو وقت گذريو، ٻئي نهايت شريف ۽ مهربان آهن. مون ڪڏهن به شاهي گهراڻي جي ماڻهن کي اهڙو خوش خُلق ۽ مِلنسار ۽ مهذب نه ڏٺو آهي. آءٌ کين، پالنپور ۾، آگسٽ ۾، سندن دعوت تي وڃي ملندس.

        الهه بخش مرحوم وفات ڪري ويو _ خدا کيس جنت نصيب ڪري! مون کي پڪ آهي ته انهيءَ خبر تو تي گهڻو اثر ڪيو هوندو. جنهن نموني کيس شڪارپور ۾، 14 _ مئي 1943ع تي قتل ڪيو ويو آهي، سا ڳالهه نهايت وحشت خيز آهي. جيڪڏهن شخصي يا سياسي انتقام وٺڻ جو طريقو اهو آهي ته ڪو به ماڻهو اسان جي صوبي ۾ سلامت رهي نه سگهندو. اهي طريقا، سياسي مخالفن کي ختم ڪرڻ جا، سختيءَ سان بند ڪرڻ گهرجن. بهرحال، هڪ نهايت ڪارائتو ماڻهو اسان کان جدا ڪيو ويو آهي. اسان مان ڪن کي هن جي سياسي نظرين سان کڻي اختلاف هجن، پر سياسي رايا حالتن موجب پيا بدلجن، ۽ ممڪن آهي ته هي به بدلجي، ڪار آمد ٿي سگهي ها. خانبهادر کهڙو هاڻ پاڻ کي محفوظ سمجهندو هوندو. هاڻ کان وٺي هو شايد ڊڪٽيٽري نمونو اختيار ڪري. سر غلام حسين جهونو آزمودگار ماڻهو آهي، پر هاڻ شايد کهڙو هن تي قابض ٿي وڃي. خير، وقت زخم ڇٽايو ڇڏي. وڌيڪ احوال روبرو ڪبا.

 

(6)

بمبئي

10 _ جولاءِ، 1943ع

        توکي خبر آهي ته آءٌ 29 _ تاريخ سنڌ مان نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو هوس. منهنجو پٽ قبول محمد شاهه ۽ فيروز نانا مون سان گڏ هئا. دهليءَ جي ميٽنگ ۾ گهڻو کڙ _ تيل نه هو، پر دهليءَ جي سوسائٽيءَ جي واقفيت ۾ اضافو ضرور ٿيو. مون سر سلطان احمد، سر عزيز الحق، ڊاڪٽر کاري ۽ ڊاڪٽر امبيڊڪر سان ملاقاتون ڪيون آهن. ازان سواءِ، سر فيروز خان نون جي مشهور معروف نميس سان تعارف جو شرف به سر سرينتانه جي پارٽيءَ ۾ حاصل ٿيو. هزهائينس مهاراجا پٽيالا ۽ رامپور به حاضر هئا. شام نهايت مزي سان گذاري ويئي. ٻئي ڏينهن بيگم شاهنواز مون کي لنچ ڏني، جتي ڪيترن مردن ۽ عورتن کي گهرايو هئائين. گهڻو مزو ڪو نه هو، پر وقت گذاريو ويو. بيگم صاحبه باوجود عمر ۾ وڏي هئڻ جي، ٻين جي وچ ۾ تارن ۾ چنڊ هئي. هن جي شاديءَ جا افواهه هلي رهيا هئا. بيگم سلطانه سان به ملاقات جو وقت مليو، جنهن وقت هوءَ اجمير وڃي رهي هئي. مسز بتي لعل اڄڪلهه نظر نه آئي. اها ئي آهي، جا دهليءَ ۾ منهنجي قيام کي وڌيڪ زيب آور بنائيندي هئي. مسٽر لعل غمگين ڏسڻ ۾ پئي آيو. ٻنهي زال _ مڙسن جي وچ ۾ غلط فهمي پيدا ٿيل هئي. آخر مون وچ ۾ پئي ٻنهي جو رضانامو ڪرايو. هاڻ اميد ته پاڻ ۾ غلط فهمي نه ٿيندن. پوءِ، مقيم شاهه بخاريءَ جي اصرار تي، آءٌ 7 _ تاريخ بمبئيءَ ۾ آيس، مقيم شاهه کي سندس زال ڪُئنيءَ سان خوش ڏٺم. مون کي ٻنهي کي گڏ ڏسي خوشي ٿي. منهنجو دوست عثمان کين بمبئيءَ جي اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ متعارف ڪرائي رهيو هو. پر مون کي تعجب لڳي ٿو ته باوجود ان سڀ جي، بخاريءَ کي خوش نه ڏٺم. هي هڪ شيءِ تي راضي رهڻ وارو نه آهي. ڪئني، جنهن لاءِ هو رات ڏينهن حيران هو، جڏهين ساڻس ڪٺي ٿي، ته اها سڌ لهي ويس. هتي بمبئيءَ ۾ وري نين عورتن جي ڳولا ۾ آهي. انهن کي به هي ڇڏي ڏيندو. هڪ جاءِ تي ٽڪاءُ ڪو نه اٿس. هن زور ڪري مون کي بمبئيءَ ۾ گهرايو. اچڻ بعد مون کان گوشو اختيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته آءٌ کيس مشورو ڏيان ٿو ته زال سان وفادار رهه ۽ وڌيڪ نه رل. تنهنجي پيشنگوئي سچي ثابت ٿي. بخاريءَ جي اهڙين ڳالهين مان ماڻهو بيزار ٿيو پوي.

 

(7)

حيدرآباد

26 _ جولاءِ، 1943ع

        توکي فيروز نانا کان منهنجو پيغام پهتو هوندو ته 30 _ تاريخ لاهور ميل ۾ ڪراچيءَ ايندس. اسٽيشن تان سڌو تو وٽ اچي، ماني کائي، پوءِ گفتگو ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته تون ٻئي ڏينهن ڳوٺ وڃي رهيو آهين.

 

(8)

فيروز شاهه روڊن نئين دهلي

4 _ سيپٽمبر، 1943ع

Text Box: 117

 

        سنڌ کي 5 _ آگسٽ تي ڇڏي، 17 _ تاريخ، بمبئيءَ پهتس. يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪيم. ڊاڪٽر حميد وٽ لٿل هوس. بمبئيءَ ۾ رهائش جي وقت ڪا خاص ڳالهه لکڻ جي واقع ڪانه ٿي.

 

        21 _تاريخ مسٽر پارپيا ۽ مسز پارپيا، مسٽر ڪپور ۽ مسز ڪپور، مسٽر سنگھ ۽ مسز سنگھ سان، سندس سيلون ۾، پونا روانو ٿيس. ٽيئي جوڙا گڏ هئا. هڪٻئي ۾ خوش هئا: آءٌ اڪيلو فرد هئس، جو موجوده جديد سوسائٽيءَ جي خوشقسمتيءَ ۽ خوشيءَ تي غور ۽ فڪر ۾ مستغرق هئس. هي ٽيئي مرد مهذب ۽ تعليم يافته هئا. سندس رفيقِ حيات به خوبصورتيءَ سان گڏ تهذيب، همخياليءَ ۽ وفاداريءَ ۾سندس زندگيءَ جي خوشيءَ کي دوبالو ڪريو بيٺيون هيون. هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته قدرت ڪيتري هنن ٽنهي جوڙن تي مهربان هئي.

        پوني پهچڻ تي آءٌ هنن کان جدا ٿي وڃي، مسٽر ڪيولرام پنجابيءَ وٽ رهيس. پوءِ مٿي ذڪر ڪيل گروپ سان پوني ۾ ريسز تي ويس. ٻئي ڏينهن مقيم شاهه بخاريءَ سان مليس، جو رٽز هوٽل ۾ رهيل هو. توکي اسان جي مجنون بخاريءَ جو احوال ٻڌڻ ۾ شايد دلچسپي پيدا ٿئي. هو چوڌاري مکيه ائڪٽرن سان رنگ رلين ۾ مشغول هو. هن سان سندس ٻيئي پوپٽ به ساڻ هئا، پر هي مٿي واڳ تي هو. هي ساڳيءَ طرح آسمان جي هوا ۾، عجيب خيالن ۾ غرق ڏسڻ ۾ آيو ٿي، سندس توفيق ۽ وسعت کان ٻاهر هئا. باوجود ساڻس خيالن جي اختلاف جي، مون کي سندس لاءِ ڪشش رهي. ممڪن آهي، ڪنهن ڳالهه ۾ همجنسيت هجي. مون سندس صحبت مان ڪافي لطف حاصل ڪيو. پوءِ پنهنجي اڳوڻن ساٿين سان گڏجي، بمبئيءَ روانو ٿيس. انهن ۾ هڪ جوڙيءَ جو اضافو هو: مسٽر ۽ مسز مساني.

        24 _ تاريخ شام جو بمبئيءَ آيس. ساڳيءَ شام جو گاڏيءَ ۾ چڙهي، پالنپور ۾، نواب صاحب جي ڏنل دعوت تي پهتس. هن جو ڀائٽيو ۽ چيف منسٽر مون کي اسٽيشن تان وٺڻ آيا، ۽ محلات ۾ وٺي ويا. توکي منهنجي اڳئين خط مان معلوم آهي ته نواب صاحب ۽ بيگم مون کي پالنپور ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريو هو. پر بدقسمتيءَ سان هن موقعي تي بيگم صاحبه دماغي تڪليف ڪري بستري داخل هئي، جا حالت بخار ڪري پيدا ٿي هيس. نواب صاحب بهترين خاوند هئڻ ڪري، سندس بيگم صاحبه کي نهايت پيار ڪندڙ آهي، تنهنڪري هن جي دل سندس بيگم صاحبه جي بيچاڪائيءَ ڪري جميعت ۾ نه هئي. سارو وقت انهيءَ انتظار ۾ هو ته ڪهڙيءَ طرح سندس رفيقه حيات کي صحتياب ڪرائي. آءٌ پنهنجي طرف گهٽ متوجهه هئڻ سبب خفا نه ٿيس، بلڪه هن جو وڌيڪ مداح ٿيس. هو وفاداريءَ ۽ انساني همدرديءَ جو پتلو آهي. خدا ڪري، بيگم صاحبه جلد تندرست ٿي، نواب صاحب جي خوشيءَ جو باعث بڻجي.

Text Box: 118

 

        27 _ تاريخ، نواب صاحب کان موڪلائي، اجمير شريف پهتس. خواجه صاحب جي درگاهه ۾ ڪيترا دفعا نواب صاحب ۽ پنهنجي لاءِ دعائون گهريم. مون ۽ نواب کي ساڳي تڪليف هئي: هو سندس پياريءَ بيگم ۽ رفيق حيات جي بيماريءَ ڪري بيچاڪ هو، ته آءٌ اهڙيءَ رفيق حيات جي عدم موجودگيءَ کان بيجان هوس. آءٌ سمجهان ٿو ته قدرت ٻنهي تي ناراض آهي، سواءِ انهيءَ دليل جي ته دنيائي زندگي رنج ۽ غم سان ڳنڍي پيئي آهي. مون کي جگر مراد آباديءَ جون هيٺيون مصرعون، محمد حسين قوال کان درگاهه ۾ ٻڌي، نهايت دل سان لڳيون:

 

ڪيف زندگي هي جئي جا رهاهون مين،

شيشه هي خالي اور پئي جا رها هون مين.

يون زندگي گذار رهاهون تيري بغير،

جيسي ڪو ئي گناه ڪئي جا رهاهون مين.

مجبورئ ڪمالِ محبت تو ديکهيئي،

جينا نهين قبول، جئي جا رها هون مين.

گلشن پرست هو، مجهي گل هي نهين عزيز،

ڪانٽون سي ڀي نباهه ڪئي جا رهاهون مين.

        اجمير ڇڏي، 29 _ تاريخ شام جو جيپور پهتس، ۽ سر مرزا اسماعيل، چيف منسٽر، وٽ رهيس. اڳيان محل ۽ خوبصورت منظر ڏسڻ کانسواءِ، جيپور ۾ مرزا محمد اسماعيل جي نئين تعميراتي پروگرام جي ڏسڻ جو موقعو به مليم. هن جي صحبت هر ڳالهه ۾ مون کي نئين معلومات ميسر ڪئي.

        آءٌ دهليءَ ۾ 31 _ تاريخ پهتس. منهنجي عجب جي حد ئي نه رهي، جڏهن اتي بخاريءَ ۽ مير الهه بچائي جهڏي گدام واري کي ڪَٺو ڏٺم. انهن سان وري مجلسون ڪيو وييون. ساڻن دهليءَ ۾ ٽي راتيون ۽ ڏينهن چڪر لڳايا ويا. انهن نوجوانن جي صحبت ۾ اهي ڳالهيون ڏٺيون ويئون، جي روبرو خدمت ۾ پيش ڪبيون. صرف ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته منهنجي ستل جذبات کي هنن جي صحبت وري جاڳائي وڌو.

        منهنجو سياسي ڪاروبار، نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي ميٽنگ پوري ٿيڻ تي، وائسراءِ جي دعوت بعد پورو ٿيندو. هيءُ وائسراءِ پنهنجي عهدي جون واڳون ٻئي مهيني جي آخر ۾ ڇڏي رهيو آهي.

        وڌيڪ ذڪر ڪرڻ جي ڳالهه، بيگم شاهنواز جي چاءِ جي دعوت هئي. هن جي مجلس کي آءٌ خوش بختي سمجهندو آهيان.

        دهلي آءٌ سڀاڻي ڇڏڻ وارو آهيان. وري سنڌ ۾ ساڳي رگمرول ۾ اچي پئبو. اميد ته سيپٽمبر ۾ گڏباسون. ڊپ رڳو اهو اٿم ته مٿان رمضان جو مهينو اچي ٿو، ۽ ان ۾ هميشه وانگر عبادت ۾ گذارڻ ڪري، ٻاهر نڪري نه سگهين. بهرحال، پنهنجي پروگرام کان واقف ڪندا.

 

(9)

حيدرآباد

10 _ آڪٽوبر، 1943ع

        خط پهتو. ڊاڪٽر صاحب کي مليس. هن مشورو ڏنو ته تنهنجو موڪليل ماڻهو ڪجهه وقت ترسي ته پوءِ کيس سکر ۾ نوڪريءَ ۾ رکندو. آءٌ 22 _ آڪٽوبر تي توسان ملڻ جي ڪوشش ڪندس. 24 _ آڪٽوبر 1943ع تي ڄاموٽ سان سندس ڀاءُ جي مڱڻي تي ويندس.

 

(10)

ڪريسينٽ هائوس، بئنگلور

Text Box: 119

 

13 _ نومبر، 1943ع

 

        پهرين توکي مبارڪ ڏيان ٿو، شڪارپور ۾ مسلم ليگ جي ڪاميابيءَ تي. مون کي خبر آهي ته تو ان ۾ ڪيتري محنت ورتي ۽ مهينن جا مهينا وڃي اتي ڪم ۾ گذاريو. مسلم ليگ ڪئمپ ۾ اختلاف هئڻ ۽ مڪاني طرح شدت سان مخالفت جي باوجود، تو ڪاميابي حاصل ڪئي. تو نازڪ صحت جي باوجود، صرف پارٽيءَ جي وقار خاطر، ايتري جاکوڙ برداشت ڪئي. جنهن ڏينهن کان تو ورڪ شروع ڪيو، آخر وقت تائين مون کي انتظار رهندو آيو. نه رڳو مسلم ليگ سان همدرديءَ خاطر، پر مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ تنهنجي شخصي عزت ۽ وقار به خطري ۾ هو. اڄ مون ”هندو“ (مدراس)  ۾ خبر پڙهي. اميد ته آءٌ به جلد سنڌ موٽندس.

        مون کي سارو آڪٽوبر موڪن جي تڪليف ڪري رت ايندو رهيو، پر ان جي باوجود 29 _ تاريخ دهليءَ لاءِ روانو ٿي ويس. ديرادون ۾ موڪن جي علاج لاءِ راجا چڪرورتيءَ کان دوا وٺڻ ويس. نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ نئين وائسراءِ، لارڊ ويول، سان ملاقات ڪرڻ بعد، اسان چئن جو گروهه سڪندر آباد ۽ حيدرآباد ۾ آيو، جتي اسين نظام دکن جا مهمان هئاسون. 7 کان 9 _ تاريخ تائين حيدرآباد هئاسون. سندن مهمان نوازيءَ کانسواءِ، اسين خوش قسمت ٿياسون جو برار جي شهزادي ۽ شهزاديءَ دُر شهوار ترڪيءَ جي اڳوڻي خليفي جي ڌيءَ سان ملڻ جو موقعو مليو. ظاهري حسن ۽ شاهاڻي شوڪت جي علاوه، بيگم صاحبه کي ماڻهن جي پوري شناس هئي. هو عالمه ۽ فيلسوف ڏسڻ ۾ آئي. علمي نقطه نگاهه کان، هن ۽ مرحومه طريقي خانم ۾ ڪيتري مشابهت هئي: پهرين ذڪر ڪيل ملاقات کان مٿي آهي، ۽ ٻي انهيءَ ملڪ ڏانهن ويئي آهي، جتان ڪو ڪونه موٽيو آهي. خير، شاهي جوڙي کي الوداع چئي، اسين بئنگلور پهتاسون، جتي ميسور حڪومت جا مهمان آهيون. هتي جي آبهوا نهايت خوشگوار آهي. هتي بحري لشڪر ڏسي، 18 _ تاريخ مدراس پهچنداسون. 24 _ تاريخ واپس دهليءَ اچي، 26 _ تاريخ سنڌ پهچڻ جي ڪوشش ڪندس. اميد ته خوش هوندين.

 

(11)

ڪراچي

23 _ ڊسمبر 1943ع

        خط پهتو ته آل انڊيا يا مسلم ليگ جي ڪارروائي لکڻ لاءِ اسٽينو گرافر ڪليانپوريءَ کي موڪليان. ان لاءِ سرڪار کان منظوري وٺندا، ۽ کيس چڱو معاوضو ڏياريندا.

 

سال 1944ع

 

(1)

ڪراچي

29 _ فيبروري، 1944ع

        مسٽر ڪيولرام پنجابي دهليءَ کان آيو آهي. ان کي پهرين مارچ تي ڪراچي ڪلب ۾ لنچ ڏني اٿم. اوهين مهرباني ڪري ان ۾ شريڪ ٿيندا.

 

(2)

حيدرآباد

31 _ مارچ، 1944ع

        اميد ته هينئر ڪراچيءَ آيل هوندين. آءٌ 13 اپريل دهليءَ وڃڻ گهران ٿو. مهرباني ڪري پنهنجي پروگرام کان واقف ڪج. جيڪڏهين ڳوٺ موٽڻ وقت حيدرآباد مان مون کي ملندو وڃين ته نهايت چڱو ٿيندو.

        ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وزيرن جي پورٽفولين ۾ تبديلي ٿيڻ واري آهي. مون سر غلام حسين، کهڙي، پير، گزدر، ڊاڪٽر هيمنداس ۽ گوڪلداس سان گفتگو ڪئي آهي، جن کي ٻه _ ٽي تجويزون ڏنيون اٿم.

        ]نوٽ: پوءِ انهن جو لب لباب ڏئي ٿو، ۽ چوي ٿو ته ان معاملي ۾ دلچسپي وٺي، سندس تجويزن مان ڪنهن کي منظور ڪرايان.[

 

(3)

ونڊسر پئليس، دهلي

21 _ اپريل، 1944ع

        هڪ خط اڳي موڪليو اٿم. آءٌ هندستان کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان. اڳي توکي ٻڌائي نه سگهيس جو معاملو مخفي هو. وچ مشرق ۾ جنگي حالتون ڏسڻ لاءِ اسان کي موڪلي رهيا آهن. هي گشت وڏي معلومات ميسر ڪندو. اسين مسلم ملڪ گهمڻ وارا آهيون. خدا خير ڪندو ته جلد موٽي اينداسون. اتان توکي خطن ذريعي احوال موڪليندو رهندس. مئي جي ٽئي هفتي ۾ واپس اينداسون.

 

(4)

ڪئريٽيا، قبرص

8 _ مئي، 1944ع

        جنگ جي زماني ۾ ملڪ ڇڏي هتي اچي پهتا آهيون. هي ٻيٽ ڀونچ سمنڊ جي وچ ۾، ايشيا جي زمين کان 120 ميل اندر سمنڊ ۾ آهي. ترڪيءَ جي سرزمين کان 30 ميل پري آهي. هن خط ۾ پنهنجي سفر جو احوال موڪليان ٿو.

        هڪ پارٽي، نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي پنجن ميمبرن جي، 21 _ اپريل تي، دهليءَ ڏانهن هڪ وڏي هوائي جهاز ۾ رواني ٿي؛ ان ۾ آءٌ به هڪ آهيان. آغا عبدالستار جان مون کي هوائي اڏي تي اماڻڻ آيو هو. ڪجهه وقت جوڌپور ترسي، ڪراچي آياسون. اتان ماريپور ايئروڊرم تان، بلوچستان ۽ ايران جي مٿان اُڏامندا، شام جو بصري پهتاسون، جتي اسان کي بهترين هوٽل ۾ رهايو ويو، جا فرات ۽ دجله جي ملڻ واريءَ جاءِ تي ٺهيل آهي ۽ هوائي اڏي جي ڀر ۾ آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو وري جهاز ۾ چڙهي هبانيا ۾ پهتاسون، جتي راشد عليءَ سان جنگ ٿي هئي. پوءِ شام جو، صحرا پار ڪري، فلسطين جي شهر لئڊا ۾ لٿاسون. ان کان پوءِ، سنا جو صحرا ۽ سئيز ڪئنال ٽپي، ڪيرو ۾، هيليو پوليس هوائي اڏي تي لٿاسون. اسان کي ليفٽيننٽ ڪرنل مجيد مَلڪ وٺڻ آيو، جتي پاسپورٽ ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيکاري، اسين ڪيرو جي فيشنبل محلي ۾ وياسون، ۽ هوٽل ڪانٽيننٽل ۾ رهياسون.

        توکي ٻڌي تعجب ٿيندو ته هن فرعونن جي قديم ملڪ ۾ ڪيتري تبديلي آئي آهي. فرينچ ۽ عربي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، تنهنڪري ذرا تڪليف محسوس ٿيسون. زبان کان اکين کي وڌيڪ ڪم آندوسون. هتي فئشن جي حد لڳي پيئي آهي. وڏو شاهي رستو، درختن ۽ پارڪن سان شهر جي زينت کي دوبالا ڪريو بيٺو آهي. منجهس وڏيون عمارتون، بهترين شاپون ۽ خوش منظر عياشيءَ جا مرڪز عام آهن. ان ۾ قديم ۽ جديد، ٻنهي قسمن جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پئرامڊ، نيل ندي، هزارين ورهين جي ياد تازي ڪرائين ٿا. ٻئي طرف جديد عمارتون ۽ ماڻهن جي بود باش، نئينءَ دنيا جي رونق ڏيکارين ٿا. پراڻو قلعو، محمد علي پاشا جي مسجد، جامع اظهر يونيورسٽي، ٻيون مسجدون ۽ منارا، ۽ مسلماني حڪومتن جي عظمت جو يادگيرو ڏيارين ٿا.

        ڪيترن مکيه ماڻهن سان ملڻ ۽ تبادله خيالات ڪرڻ جو موقعو مليو. هيءَ ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ آئي ته مصري ماڻهو مهاتما  گانڌيءَ ۽ ڪانگريس کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا، بنسبت جناح صاحب ۽ مسلم ليگ جي. هنن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڇو اسين هندن سان ملي، متحده محاذ بنائي، آزاديءَ لاءِ جدوجهد نٿا ڪريون. پاڪستان جي ڳالهه کين سمجهه ۾ نٿي ويهي. اها حالت اسان جي مسلم ملڪن ۾ پروپئگنڊا نه هئڻ ڪري پيدا ٿي آهي. ترقيءَ جي باوجود، قدامت پسند مسلم عورتن جي منهن تي اڃا ڪارو برقعو ڏسڻ ۾ آيو ٿي. وڏا ماڻهو پردو ڪو نه ٿا ڪن. اهي ڪيرو شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پڙهيل ماڻهو 14 سيڪڙو آهن. فلاحين (هارين) جي حالت ساڳي، پنهنجي ملڪ جهڙي آهي. هو مٽيءَ جي جهوپڙين ۾ رهن ٿا، جي نهايت سوڙهيون ۽ غليظ آهن. لائق آباد زمين سموري آباديءَ هيٺ آيل آهي. فلاحين جي حالت صرف انقلاب ئي درست ڪري سگهندو. کاڌي خوراڪ جي ڪمي نه آهي، پر کاڌي جي شين جون قيمتون هندستان کان گران آهن. جن نزديڪ هئڻ ڪري، سياسي هلچل ۾ جمود آيل آهي. جنگ کان پوءِ شايد حالتون بدلجن.

        اسين قاهره ۾ ست ڏينهن هئاسون. اسماعليه به ڏٺوسون، جو بتر ڍنڍ تي بندر آهي ۽ سئيز ڪئنال جي ڀر ۾ آهي. قاهره کان موٽرن ۾ سوار ٿي، سينا جو صحرا لنگهي، طورسينا جبل ڏٺوسون. پوءِ بيريشيا جو کوهه ڏ‎‎ٺو ويو، جتي حضرت يوسف کي سندس ڀائرن ڦٽو ڪيو هو.

        جملي 360 ميل مسافري ڪرڻ کانپوءِ، جيروسلم پهتاسون، جو يهودين، ڪرستانن ۽ مسلمانن جو مقدس شهر آهي. اسان ڪيترين تاريخي جڳهين جو معائنو ڪيو: جهڙوڪ حضرت سليمان جو قلعو، مسجد اقصيٰ، مسجد عمر، حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ جي جاءِ، بيت الحمال، ۽ ڪجهه ميل پري، سندس صليب تي چڙهڻ جي جاءِ به ڏٺيسون. جيروسلم جدا جدا ٽڪرين تي اڏيل آهي، جنهن جي وچ ۾ ننڍا ڳوٺ ميويدار وڻن سان ڇانيا پيا هئا. اسين دائود هوٽل ۾ رهياسون، جا نهايت شاندار نظاري تي، جبل غوسين جي سامهون ٺهيل آهي. اتي حضرت عيسيٰ وڃي واعظ ڪندو هو. يهودين جو اثر رسوخ گهڻو ڏسڻ ۾ آيو. يهودين ۽ عربن جي وچ ۾ اڪثر فساد ٿيندا رهن ٿا. عرب يهودين جي پئسي ۽ اثر جو مقابلو ڪري رهيا آهن. انگريز ظاهري طرح عربن سان همدردي ڏيکاري رهيا هئا.

        ٻن ڏينهن بعد، جيروسلم ڇڏي، 120 ميل نهايت زرخيز زمين، ڪڻڪ جي فصل سان ڇانيل مان لنگهي، سنگتڙن جا باغ ڏسندا، جافا ڏسي، يهودين جي مکيه شهر تل اويسيا ۾ آياسون، جو جديد طرز تي اڏيل هو. اتان رات جو اچي حيفا ۾ ونڊسر هوٽل ۾ رهياسون، جا ٿرمل جي ٽڪريءَ تي اڏيل هئي. هي سمنڊ جي ڪناري تي، فلسطين جو بندر آهي. اتان نڪري، مشهور سمنڊ گليلي تي وياسون. پوءِ جورڊان ندي ڏسي، نظرت شهر ڏٺو ويو، جتي حضرت عيسيٰ 30 سال رهيو هو. اهو ملڪ نهايت خوبصورت هو. چوڌاري گهمي ڏٺوسون. سرسبز ۽ ميويدار وڻن سان ڀريل هو. چوڌاري گل ميدانن ۾ پکڙيا پيا هئا. اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جيروسلم وانگر هئي۔

        هيفا ڇڏڻ کانپوءِ، سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي، اڪرا جي مشهور شهر کان گذري، شام مان لنگهي، لبنان جي مکيه شهر بيروت ۾ پهتاسون. هي ملڪ فرينچن جي هٿ هيٺ گذريل 22 سالن کان رهيو آهي. اهو شهر ٽڪريءَ تي، ڀونچ سمنڊ جي ڪناري تي، وڏو بندرگاهه آهي. منجهس عمدا رستا ۽ سٺا مڪان آهن. ملڪ ۾ عيسائي ۽ مسلمان تقريباً هڪجيترا آهن، پر ٻئي گهرن ٿا ته فرينچن کان آزاد ٿين.

        اتان اسين دمشق ۾ وياسين، جو شام جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اتي اسان اميه مسجد ۽ ڍڪ بازار ڏٺي. فرفير ۽ همبرا نديون شهر جي وچان وهندڙ هيون. سامهون هرمان جبل جون چوٽيون برف سان ڍڪيل ڏسڻ ۾ پئي آيون. وادئ بئلبڪ نهايت خوبصورت هئي. زالن کي برقعا پيل هئا. اهي خوبصورت ڏسڻ ۾ آيون ٿي.

        ساڳئي ڏينهن موٽي بيروت آياسون. اتان ٻئي ڏينهن قبرص ٻيٽ تي پهتا آهيون. هتي ڊوم هوٽل ۾ رهون ٿا. هتي جو احوال پوءِ لکندس. هتي ٽي ڏينهن رهيا آهيون. هتان بغداد وڃي، عراق ۽ ايران گهمي، ملڪ موٽنداسون.

 

(5)

رٽز هوٽل، تهران

25 _ مئي، 1943ع

        هن کان اڳ ٻه خط لکيا اٿم، جي اميد ته پهتا هوندا. بغداد ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي درگاهه جي زيارت ڪيم. پوءِ بغداد کان پنج ميل پري، ڪاظمين وڃي زيارتون ڪيم، جو فرات درياءَ جي ٻئي طرف آهي. ان کانپوءِ ڪربلا معليٰ ويس، جتي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ حضرت عباس علمدار عليه السلام جون بارگاهون ڏٺم، ۽ زيارت ڪيم. شهر ٽنڊي آدم يا ميرپورخاص جي نموني جهڙو آهي. مون سمجهيو هو ته صحرا هوندو، پر سواءِ مغرب ۾ ڪربلا واري صحرا جي، جتي امام حسين ۽ يزيد جي لشڪر ۾ جنگ ٿي هئي، ٻين سڀني طرفن ۾ سبزي ۽ آبادي هئي. ڪربلا جي زيارت ڪرڻ کانپوءِ، 70 ميلن پنڌ تي، شاهه نجف وياسون. اتي حضرت علي عليه السلام جي زيارت کانسواءِ، حضرت آدم، حضرت نوح، حضرت صالح ۽ حضرت يحييٰ عليه السلام جا مقبرا به ڏٺا ويا، ۽ زيارت ڪئي ويئي. حضرت علي عليه السلام جو قبو نهايت شاندار ۽ سوني گنبذ ۽ نيلن سان ٺهيل هو. اسين ڪوفي وڃي ڪو نه سگهياسون، جو نجف کان 4 ميل پري، فرات جي ڪناري تي اڏيل آهي. ان کانپوءِ بصري ۾ وياسون، جو بغداد کان 350 ميل پري آهي. ايئرڪنڊيشنڊ گاڏيءَ ۾ وڃڻ ٿيو. اتي هڪ ڏينهن رهي، پوءِ آبدان، اهواز، حزم شاهه کي ڏسي، وري موٽي بصري آياسون، جتان هوائي جهاز ۾ چڙهي، 23 _ تاريخ تهران پهتاسون. بصري کان تهران 550 ميل آهي. اهو سفر اڍائي ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو. اتي جبل البرز جي هيٺان، هڪ برف جي پاڻي وهائيندڙ نديءَ جي مٿان، 8000 هزارن فوٽن جي بلنديءَ تي ٺهيل هوٽل رٽز ۾ رهيا آهيون. هيءَ جڳهه ”دربند“ سڏجي ٿي، ۽ تهران کان اڍائي ميل پنڌ تي آهي. هوٽل جديد قسم جي ٺهيل آهي. نظاروعمدو اٿس. هيٺان سارو ملڪ سبزيءَ سان ڀريو پيو آهي. چنار جا درخت ۽ جبل جون برف سان ڀريل چوٽيون منظر کي دوبالا ڪري رهيون آهن. آبهوا نهايت صحت بخش آهي. تهران جو شهر سمنڊ کان 5500 فوٽن جي بلنديءَ تي، جديد طرز تي، ڪيرو، فلسطين ۽ ٻين وچ مشرق جي شهرن وانگر ٺهيل آهي. ڪيرو ۾ 10 _ 15 ماڙين جون جايون هيون، جي هتي نه آهن. پر جايون هتي به جديد نموني ٺهيل آهن. رستا ڪشادا آهن. جن تي چنار جي درختن جون قطارون بيٺل آهن. وڏي رستي جو نالو ”خيابانِ شاهه رضا“ آهي. هتي تهران جي مکيه ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون آهن. قاچار گهراڻي جو ٺهرايل ”گلستان محل“ ۽ پارليامينٽ جي بلڊنگ ڏٺيسون. انشاءَ الله 27 _ تاريخ موٽي ڪراچيءَ پهچنداسون.

 

(6)

ڪراچي

6 _ جون، 1944ع

        وچ مشرق مان ڪيترا خط لکيا هئم، جي اميد ته پهتا هوندا. هڪ خط تهران ۾ لکيو هوم، پر ڪراچيءَ مان پوسٽ ڪيو هوم؛ اميد ته اهو به پهتو هوندو. هتي 31 _ تاريخ پهتس ۽ لهي، يڪدم حيدرآباد ويس، جتان موٽي اڄ صبح جو ڪراچيءَ پهتو آهيان. اوهان جي حڪم موجب بنگلي ۾ رهڻ لاءِ آيس، پر ڪو پنجابي اچي فيمليءَ سان ان ۾ ويٺو هو، ان ڪري مسٽر انصاريءَ وٽ اچي رهيو آهيان. سڀاڻي حيدرآباد وڃان ٿو، جتي ٻه هفتا کن رهندس. ملڻ جي تمام اڪير اٿم. حيدرآباد اچڻ وارو آهين يا نه؟

        مون تنهنجي بنگلي ۾ رهيل ماڻهوءَ کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو آهي: جي خوشيءَ سان نه نڪتو ته پوليس گهرائي ٻاهر ڪڍندو سانس!

 

(7)

ڪراچي

9 سيپٽمبر، 1944ع

        هڪ خط بمبئيءَ مان موڪليو هوم، جو اميد ته پهتو هوندو. بمبئيءَ مان دهليءَ ويس، جتان 3 _ تاريخ واپس آيل آهيان. مون سمجهيو ته تون ڪراچيءَ هوندين ته روح رهاڻ ٿيندي، پر تون رمضان شريف ڪري ڳوٺ عبادت ۾ مشغول آهين. اميد ته اتي اڪيلائيءَ ۾ صوبي جي مستقبل لاءِ غور ۽ ويچار ڪري، ڪو مفيد پروگرام بنائيندين.

        مون کي معلوم ٿيو آهي ته تون جلد ڪميٽي آف ايڪشن جي ميٽنگ لاءِ دهليءَ وڃڻ وارو آهين. ان کان اڳ توسان ملڻ گهران ٿو، تنهنڪري پروگرام موڪلينم ته وقت وٺي توکي اچي ملان.

        سڀاڻي حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، جتي 2 _ آڪٽوبر تائين رهندس _ نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي ميٽنگ لاءِ 9، 10 ۽ 11 _ آڪٽوبر تي دهليءَ وڃڻو اٿم.

        مون کي وچ ۾ دل جي تڪليف ٿي پيئي هئي. بمبئيءَ جي ڊاڪٽر جو علاج ڪري رهيو آهيان.

 

(8)

حيدرآباد

3 _ آڪٽوبر، 1944ع

        اميد ته 5 _ تاريخ ڪراچيءَ پهچندس، ۽ تو وٽ رهندس. خدا ڪري ته مهمانن جي گهڻائي نه هجي ته اڪيلائيءَ ۾ گفتگو ٿي سگهي. اتان دهليءَ ويندس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org