سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 6 

سال 1935ع

 

(1)

حيدرآباد

20 _ مارچ 1935ع

                هتي حيدرآباد پهتو آهيان. اوهان کي خط نه لکيو اٿم، ان لاءِ شرمسار آهيان، پر منهنجي حقيقت ٻڌندا ته معافي ڏيندا. نهايت درد ڀريو داستان آهي. اميدون موڙي جيئن سر تي کڻي ويس، تيئن واپس آندي ويئي. ڪو خريدار ڪو نه آهي. جنسِ بي خريدار، شل تہ خاڪ رهي. احوال گهڻا آهن، جي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان. اميد ته جلد پيش نظر ڪندس. اوهين ڪراچي ڪڏهين ايندا؟

        سر شاهنواز خان اوهان جو موڪليل پروگرام قبول نه ڪيو آهي، جو چيائين ته سندس پروگرام ڪليڪٽرن جي حوالي  آهي. اسين به کيس دعوت ڪنداسون، ته انهن کان اجازت وٺڻي پوندي. آءٌ ته 15 _ اپريل تي کيس دعوت ڏيان ٿو.

        ٽهلراماڻيءَ جي نوڪريءَ جو احوال موڪليندا.

 

(2)

حيدرآباد

23_ اپريل، 1935ع

        هڪ خط اڳي لکيو اٿم. قرارو شاهه مهينن کان تنهنجو بنگلو والاريو ويٺو آهي، خالي ڪرڻ جو ارادو ڪو نه ٿو ڏسجيس. ٻين تنهنجن دوستن کي حق ان ۾ رهڻ جو نه آهي، صرف قراري شاهه کي آهي! آءٌ فيمليءَ سان اچڻ گهران ٿو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو سڄو مئي جو مهينو به اتي رهڻ گهري ٿو. پير ميان الهيار شاهه آيو، ان کي موٽائي ڇڏيائون. تون مالڪ وڃيو هوٽل ۾ رهين، آخر بنگلو ڇالاءِ ٺهرايو اٿيئي؟

 

(3)

حيدرآباد

17_ جون، 1935ع

        خط پهتو. آءٌ ”پيپلس پارٽي“ ٺاهڻ جي لاءِ ڪا راءِ مقرر ڪري نه سگهيو آهيان. آءٌ سمجهان ٿو ته مختلف شخصي مفاد جي ماڻهن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ مان ڪو خاص فائدو حاصل ڪو نه ٿيندو. راشديءَ سان صلاح ڪئي اٿم. بهرحال، آءٌ 29 _ تاريخ ڪراچيءَ ايندس.

(5)

ڪائونسل _ هال، پونا

9 _ جولاءِ، 1935ع

        ڄام جان محمد سان گڏ، سَر ڀُٽي وٽ رهيل آهيان. هتي بارش پيئي پوي، ڏاڍي فرحت آهي. تون پڙهي خوش ٿيندين ته هن دفعي مون گهڻو وقت ڪائونسل جي ڪم ۾ صرف ڪيو آهي. سوسائٽيءَ جي ڪشش کي اڃا تائين رد ڪري، سارو وقت ڪم ۾ رڌل آهيان. آبادگارن جي قرضن بابت سوال پڇيا اٿم.

 

(6)

پونا

16_ جولاءِ، 1935ع

        جمعو، ڇنڇر، آچر، 12، 13، 14 _ جولاءِ، موڪل هئي، تنهن ڪري ڄام جان محمد خان سان گڏ حيدرآباد دکن ويس. گزدر جا دوست، خورشيد ميرزا، سميع الله شاهه، راحت ۽ ڪرنل علاوالدين مليا، جن چڱي خدمت ڪئي. ملڪ سرسبز ۽ شاداب هو. مسلمان رعبدار هئا. هڪ به قابلِ نظر جنسِ لطيف جو فرد نظر نه آيو: ”پردي ڪي ايسي تيسي!“ ملفوبا، بي نشان، لنگڙا انب گهڻائي کاڌاسون. پر چار منار جي باشند گان پُر بهار سان دوچار ٿيڻ جو موقعو دستياب نه ٿيو، افسوس!

 

(7)

حيدرآباد

15 _ آگسٽ، 1935ع

        خط مصالحدار، مورخ 13 _ پهتو. اسان جي سست رڳن ۾ خون دورو ڪرڻ لڳو. عدم فرصتي ۽ ڳڻتيون ان جو باعث آهن. بهرحال، اوهان جي حڪم موجب پيروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ۽ جيڪا اوهان خبر گهري آهي، اها موڪليندس. في الحال 18 _ آگسٽ 1935ع تي بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ تي وڃان ٿو. 25 _ تاريخ موٽي ايندس. وڌيڪ حقيقت 31 _ تاريخ ڪراچيءَ پيش ڪندس.

        في الحال هي فيصلو ڪرڻو آهي ته آءٌ ڪٿان بيهان، مخدوم ۽ بقادار شاهه کي ويهارڻ جو فيصلو ڪريو، يا ڪا تجويز ڳولي ڪڍو ته خرچ جي تڪليف کان ڇٽان ۽ ٻنهي کي فرصت ملي ته ميمبرن جي چونڊائڻ، پارٽي آرگنائيز ڪرڻ ۾ وقت صرف ڪريون، خانصاحب حاجي محمد پاٽوليءَ هائوڪار ڪئي آهي ته ڀلي آءٌ سندس حد مان بيهان، پر پاٽولين جي ڳالهه تي ڀروسو ڪو نه آهي. سر غلام حسين بيهاريندن، ته آءٌ ڇا ڪري سگهندس. جڏهين اسان جو عزيز بقادار شاهه نٿو سمجهي سگهي ته پوءِ ٻين تي ڪهڙو اعتبار ڪبو؟ سڀ ڳالهيون ويچار هيٺ آڻي، فيصلو ڪري، صلاح ڏيو. في الحال سر شاهنواز کي هڪ سخت شخصي خط لکو ته ايندڙ عارضي سنڌ حڪومت ۾ مون کي وزارت ۾ ٽي جاءِ وٺائي ڏئي، يا سنڌ ڪائونسل جي پريزيڊنٽي وٺائي ڏئي. مون کيس پوني ۾ چيو هو، چيائين ته ٽِي جاءِ وزارت جي ڪا نه ڀربي. پريزيڊنٽيءَ لاءِ الهه بخش لڳو پيو اٿس، پر دلاسو مون کي به ڏنو اٿس.

        ”سنڌ آزاد“ ورڪنگ ڪميٽيءَ بابت اوهان جي اعتراض جو نوٽيس پهتو. نقل کهڙي ۽ سر غلام حسين کي موڪليو اٿم ته اوهان جي ڇا راءِ آهي. سر شاهنواز خان کي سمورو احوال موڪليو اٿم. ان جي راءِ لاءِ به ترسيل آهيان. ڪارروائي هن ريت هلي:

        8 ميمبر حاضر هئا. اڳيون ميٽنگون 12 جي ڪورم سان هلنديون هيون. هن پوئينءَ ڪانفرنس ۾ ڪورم جو فيصلو ڪو نه چيو هو. تنهن ڪري ورڪنگ ڪميٽيءَ جي 8 ميمبرن 11 _ آگسٽ 1935ع تي فيصلو ڪيو ته ڪورم 8 جو هئڻ گهرجي، جو فيصلو در حقيقت ڪائونسل کي ڪرڻو هو. عام اصول ڪميٽين لاءِ ٽئي حصي جو آهي، پر عام طرح چوٿين حصي کان گهٽ ڪڏهين ڪورم ڪو نه ٿيو آهي. تنهن ڪري چيئرمين بيقاعدي ميٽنگ هلائي.

هڪ سوال ايجنڊا تي سنگل ورسزپليولر“ (Single V. Plular. تڪ جو هو.

ٻيو جاگيردارن کي جدا سيٽ، لئنڊ اونرس جي ٻن جاين مان ڏيڻ جو سوال هو.

ٽيو هڪ هزار ڍل وارن زميندارن کي ووٽ جي حق ڏيڻ جو سوال هو.

چوٿون سوال اهو هو ته وزير سنڌ ڪائونسل ۾ مقرر نه ڪيا وڃن. جنهن تي مون ۽ غلام نبي شاهه مخالفت ڪئي، پر کهڙي ۽ شيخ صاحب جي زور تي ٺهراءُ پاس ٿي ويو.

پنجون سوال هي هو ته سنڌ سيڪريٽريٽ بابت مسٽر پٽيل جي ڪيل رپورٽ ظاهر ڪرڻ گهرجي. هاڻي جيئن چئو، ائين ڪريون.

]نوٽ: کهڙي صاحب منهنجي موڪليل خط جي جواب ۾ ميران محمد شاهه کي هيٺيون خط موڪليو، ۽ هن ان جي ڪاپي مون کي موڪلي.[

 

خانبهادر کهڙي جو خط ميران محمد شاهه ڏانهن

 

سينٽرل _ هوٽل، ڪراچي

17 _ آگسٽ، 1935ع

        تنهنجو جي . ايم . سيد جي موڪليل خط جو نقل پهتو، هن جا دليل اجايا آهن.

1_ اها غلط ڳالهه آهي ته تو ڪن مخصوص ميمبرن کي ميٽنگ جا نوٽيس موڪليا هئا، پر جي واقعي ائين آهي ته اهو تنهنجو ڏوهه آهي، حاضر ٿيل ميمبرن جو ان ۾ قصور نه چئبو.

2_ اها ڳالهه غلط آهي ته سنڌ جي عام راءِ سنگل سيٽ_ تڪ جي فائدي ۾ آهي. سنڌ جي سڀني اخبارن، خود مسٽر راشديءَ به سنگل سيٽ جي بر خلافي ڪئي آهي. صرف ”ڊيلي گزيٽ“، جا نيم سرڪاري اخبار آهي، جي . ايم . سيد جي راءِ سان شامل آهي. ازان سواءِ ورڪنگ ڪميٽيءَ متفق راءِ سنگت جي مخالف ٺهراءُ پاس ڪيو آهي.

3_ ان خط ۾ سيد ڪي شخصي حملا ڪيا آهن، انهن جو جواب ڏيڻ بيڪار آهي.

4_ ايجنڊا ۾ اهو سوال ڪو نه هو، سا ڳالهه هروڀرو ضروري نه هئي. اڳي ڪيترا سوال، ايجنڊا کان ٻاهر جا، فيصل پئي ٿيا آهن.

توکي جنرل سيڪريٽريءَ جي حالت ۾ ڪاغذ مٿي سرڪار کي موڪلڻ گهرجن، سيد کي اعتراض آهي ته وري ٻيءَ ميٽنگ اڳيان سوال آڻي سگهي ٿو. سر غلام حسين سان مون ڳالهه ڪئي آهي؛ هو به مون سان شامل راءِ آهي. جي . ايم . سيد غلطيءَ تي آهي، جيڪڏهين هو سمجهي ٿو ته عام راءِ سنگل سيٽ جي فائدي ۾ ٿيندي. تنهنڪري، ڪميٽيءَ جو ٺهراءُ تون مٿي ڏياري موڪل.

 

(8)

حيدرآباد، سنڌ

12_ نومبر، 1935ع

        اوهان جو خط، پير الهيار شاهه کي لکيل، هتي ورڪرن کي پڙهي ٻڌايو ويو، جتي پير عبدالستار صاحب ۽ پير مڪان شريف وارو به حاضر هئا. ڪالهه ڪراچيءَ ويس. سر شاهنواز ۽ حاجي عبدالله هارون سان ذڪر ڪيم، جن اوهان جي تحريڪ جي تائيد ڪئي. اوهين فيصلو ڪهڙو به ڏيو، ان تي عمل در آمد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر منهنجو طرف به ٻڌو.

        هتي ڪن جو چوڻ آهي ته ميرزا سڪندر بيگ کي هٿ کڻائجي، جو ميان نور محمد لاءِ سر غلام حسين جي ڪري عام رايو وڌندڙ آهي. ان لاءِ روبرو اچي فيصلو ڪرايو.

        مسٽر ڄيٺمل وارا 15، 16 نومبر 1935ع تي ٽنڊي ڄام ۾ هارين جي ميٽنگ ڪن ٿا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مسٽر نور محمد ان ۾ حصو وٺندو. خبر نه آهي ان جو منهنجيءَ پوزيشن تي ڪهڙو اثر پوي. متان هاري نور محمد جي ڏٽن تي هن جي همدرديءَ جو اظهار ڪن، تنهنڪري اوهين اچي کيس سمجهايو. هي ماڻهو خاص اوهان جي وٺڻ لاءِ اچي ٿو، صوفي جهوڪ وارا ۽ پير مڪان وارو به اوهان لاءِ ترسيا ويٺا آهن.

 

(9)

ڪائونسل _ هال، بمبئي

27 _ نومبر، 1935ع

        تون روانو ٿي موٽي سنڌ وئين ته پوءِ مون سر شاهنواز خان کي سندس بنگلي تي ڏٺو ۽ هن کان پڇيم ته ٽهلرامائيءَ بابت هن ڇو توسان بيرخي ڏيکاري. هن چيو ته هو بيمار هو، تنهن ڪري تو سان گهڻي گفتگو ڪري نه سگهيو. وڌيڪ سندس چوڻ هو ته جڏهن گورنر آرڊر ڪڍيا آهن، ته ان تي وري غور ٿي نٿو سگهي، جيستائين سنڌ مان آفيسرن طرفان وري ڪا لکپڙهه نه اچي. ٽهلرامائيءَ کي چئج ته اپيل آفيسرن جي سفارش سان موڪلي.

        آءٌ سنڌ ۾ 30 _ تاريخ موٽندس.

 

 

 

Text Box: 26

 

سال 1936ع

 

 

(1)

حيدرآباد

3_ جنوري، 1935

        اوهان جي حڪم موجب، پهرين جنوريءَ سڪرنڊ پهتس، گهڻن ڪمن کي ڇڏي اتي آيو هوس، پر اچڻ بعد معلوم ٿيو ته اوهين اڳي ئي ٿي ويا هئا. آءٌ مفت رلي آيس. سڪرنڊ مان وڃڻ وقت تار ڪريو ها ته نه اچ.

        اتان موٽي، هالن ۾، مخدوم وٽ آيس. مان غلام حيدر اسيمبليءَ ۾ بيهڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن ڪري لاچار حيدرآباد مان بيهڻ جو ارداو ڪيو اٿم. اتان وري منهنجو دوست غلام علي ميمڻ بيهي ٿو.

 

(2)

نوٽيس

        ورڪنگ ڪميٽي ”سنڌ  آزاد ڪانفرنس“، سر غلام حسين جي بنگلي تي، 2 فيبروري 1936ع تي ڪٺي ٿيندي. ان ۾ شرڪت ڪندا.

 

(3)

ڪائونسل _ هال، بمبئي

10 _ مارچ، 1936ع

درد دل ڪا ڪوئي پهلو جو نڪالون ته ڪهون،

اپني روٺي هوئي دلبر ڪو منالون تو ڪهون،

جو مري دل مين هي ڪهتي هوئه ڊر لگتا هي،

گُدگُدالو تو ڪهون، پائون دبالون تو ڪهون.

ادا سائين، تسليم.

مين هون بيتاب وه بدمست هي افسانه طراز،

دل ڪو ٿامون تو ڪهون، آنک سنڀالون تو ڪهون،

”داغ“، پابندِ قفس هون، نهي ڪڇه ڪر سڪتا،

دامِ صياد سي مين ڇوٽ ڪي جالون تو ڪهون.

        اوهان جو گرامي نامو، مورخ 28_ فيبروريءَ جو، 1_ مارچ جي دستياب ٿيو. پهرينءَ سٽ ۾ بمبئيءَ جي تاروپود جي اظهار جي تقاضا ڪيل هئي، جواب ۾ تاخير ٿيو، جو هڪ مواد موجود نه هو، ٻيو ته خود اوهان وٽ پنهنجي آوارگيءَ ۽ سراسيمگيءَ جي اُپٽار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي فيصلي ڪرڻ جي تردد ۾ مبتلا هوس. بهرحال، اڄ فيصلو ڪيم ته چونڪه هي وقت بمبئيءَ جي بهارين، ڪُوچه بازارين کي قريب الوداعي پيغام آهي، ته پوءِ تاريخِ سوانح کي ڇو نه رنگدار بنائجي ۽ پنهنجو نالو يوسف جي خريدارن ۾ داخل ڪرائجي. هاڻي ٻڌو.

        25 _ تاريخ فيبروري هتي وارد ٿيس، ۽ پنهنجي پراڻي قيامگاهه، ”اپولو هوٽل ۾ رهائش حاصل ڪيم. مسٽر عثمان مِٺا کي ٽيليفون ڪيم، جو آيو ۽ رات جو ڊنر ۽ اسپين جي ”نان اسٽاپ ريويو ڪمپنيءَ“ جي ديدار جي دعوت ڏنائين. ان کان اڳ هڪ خط مس اينڊ کي لکيل هو ته اوهان جي ديار پُر پيار ۾ وارد ٿي ويا آهيون، جلوه نمائيءَ جي نوازش ٿئي. خير، رات جو مسٽر عثمان سان همرڪاب ٿي، هڪ مڪان جنت نشان ۾ وارد ٿياسون.

        اهو مڪان مسٽر شمشاد حسن ايرانيءَ جو هو. هو صاحب مدت مديد کان بمبئيءَ ۾ ايراني خشڪ ميوي ۽ قالين فروشيءَ جو واپار ڪندڙ آهي. سڄو مڪان قالينن سان مرصع ۽ مسجع هو. سندس خاتون نهايت خوش خلق ۽ مهمان نواز هئي.

        ازان سواءِ مسزڪاز راني، وائيس چانسلر جي بيگم، به رونق افروز هئي. پر انهن جي علاوه هڪ ٻي شرميلي، چلچبيلي خانم به جلوه گر هئي. سندس نزاڪتِ بدن، سياهيء چشم ۽ سرخيء لب منهنجي من ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ڪئي. هن جي نگهه ناز جو شڪار ٿي، دل جي تڙپ ۽ فرطِ اشتياق کان پاڻ نه روڪي، گفتگو شروع ڪيم. پر چونڪه پري وِش، پارسيءَ کانسواءِ ٻيءَ زبان کان بي بهره هئي، تنهن صورت ۾ استادانِ فارس کي ياد ڪري، سلڪِ هرف زني شروع ڪيم. ڪمال حجاب و اضطراب بڳد، سوال و جواب جي لهر لڳي. عمر قليل ۾ پري رُويانِ پارس سان ڪيترائي دفعا اِختلاط و اِنسباط جو موقعو ميسر ٿيو آهي، مگر هن حُوروِش جي سخن سنجيءَ ۽ شِڪر خائيءَ جي لذت بدرجه ڪمال پهتل هئي. آءٌ گفتگو بعد پنهنجي ڪم مايگي محسوس ڪرڻ لڳس. عثمان جي موجودگيءَ ڪجهه مهلت جملن ٺاهڻ جي ڏني ٿي.

        بهرحال، طعام تناول ڪري، ڪئپٽال سئنيما ۾ اِسپئنشن ڊانس ڏسڻ لاءِ وياسون. اتي به عجيب ڪيفيت ڏسڻ ۾ آئي. پندرهن نوان گلوسوز، جگر دوز ڇوڪريون اسٽيج تي قلابازيون کائينديون ۽ ناچ _ راڳ جو مظاهرو ڪنديون ڏسڻ ۾ آيون. يورپ جي تهذيب جو زنده فوٽو پيش نظر هو. بعضي بعضي سندن بلوري بدن تي سواءِ هڪ تمام رقيق سفيد سلڪ جي پٽيءَ جي، الله الله خير صلا هو ۽ فقط ٻه کوپا قُبهء نُور تي موجود هئا. جوانن جي جذبات جي سخت آزمائش هئي. سڀڪو ضبطِ جوش کان سرخ تنگ ٿي رهيو هو. بعضي ته پنهنجي جلوه گريءَ ۽ دلاويزيءَ جي تماشائيءَ لاءِ اسٽيج کان هيٺ لهي، بوسه بازيءَ جي گستاخي ڪيائون ٿي. اسان جي قسمت ۾ ته جتي وڃ اُتي دال وارو ليکو هو. ويجهو اچڻ جو موقعو نه مليو. آءٌ ته هن پري رُوءَ جي دامِ گيسو ۾ مبتلا هوس. لڪائي لڪائي، اکين جي اشاري سان پنهنجي دل جي داستان ٻڌائڻ ۾ مستغرق هوس. پر افسوس جو کيل ختم ٿيڻ بعد وري هن جي ديدار فرحت آثار کان محروم رهيو آهيان. البت ڪجهه عثمان جي غفلت جو قصو آهي، ۽ ڪجهه عثمان جي ناعاقبت انديش گفگتو کان اشتباهه جي حالت جو سبب آهي، جو اڄ تائين فرطِ فراق کان دمبخود آهيان.

        تاريخ 26 _ فيبروريءَ جي صبح جو، رات جي واقعي ڪري، بدن بيمار ۽ دل حيران رهي. سڄو ڏينهن، جبل الوند جئن آڏو هو. خدا خدا ڪري 7 لڳا ته هوٽل ۾ مس اينڊ جو ديدار فرحت آثار ميسر ٿيو. عثمان جي موٽر موجود هئي. ان ۾ چڙهي، يڪدم ملبار هِل جي طرف سير ۽ تفريح لاءِ وياسون. گرمجوشيءَ ۽ مدهوشيءَ کان، رستي ۽ روز روشن بتين جو خوف به ڪو نه پئي ٿيو. خوب دل جا بخار ڪڍيا ويا. دل جي حالت ان وقت ڪهڙي هئي، ان جو بيان هڪ ڪاغذ جي تنگ ميدان تي ڪرڻ محال آهي.

بيخود رهي و صال مين، بيهوش هجر مين،

ڪيا جاني مجهه سي ڪب و ملا، ڪب جدا هوا!

ڪس ڪس طره سي اس ڪو جلاتي هين رات دن،

وه جانتي هين داغ هي هم پر مٽا هوا.

        ساڍي اٺين بجي، ڊنر جي وقت مون کي خدا حافظ چئي، وري به آتشِ فرقت ۾ داخل ڪري ويئي. وري 28 _ جي انجام تي جان جيارڻ لڳس.

        27_ تاريخ ڪائونسل ۾ گزدر صاحب ائڊجرن موشن (مهمليءَ جي رٿ) آندو ته سنڌ جي بجيت ڇو نه ڪائونسل ۾ رکي ويئي آهي، جنهن تي خوب زور شور سان تقريرون ڪيون ويون. پر گورنمينٽ جنبد ته نه جنبد. پريزيڊنٽ وڌيڪ هدايت ڪئي ته سنڌ جي ميمبرن کي پريزيڊنسيءَ جي بجيٽ تي تقريرون ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو. الله الله خير صلاح، ڇٽاسون گهڻي خساري کان. پنهنجي بدمستيءَ جي ڌُن ۾ رهياسون. مسز حميد جي ڊنر ميسر ٿي، سا کاڌيسون.

        28_ تاريخ پنهنجي محبوب متوالي جي راهه ڏسڻ لڳس. ”لب په هي دم اور آنک هي در پر لگي هوئي“ جو مصداق ٿيڻ لڳي. آخر 10 بجي رات جو رونق افروز ٿي، دل جون ڪسون لاٿم. اينڊ جي محبت ۽ مذاق، خوش خلقي ۽ خوش رُوئيم شوخي ۽ دل جوئي، انهيءَ حد ڪامل کي پهتل آهي جو پنهنجي تجربي مان چئي سگهان ٿو ته اهڙي ڪا بمبئيءَ جي يَلد ۾ مشڪل نظر ايندي! اوهين شايد ان کي مبالغو سمجهو، پر آءُ ان کي حقيقت ٿو سمجهان. ڪيترن ٻين دوستن جو رايو آهي ته ههڙي با سليقه ۽ با وفا عورت بمبئيءَ ۾ بلڪل ڪم نظر ايندي. خير، وري 3 _ تاريخ مارچ جي وعدي تي جيئڻ لڳس. تاريخ 29 _ خريديءَ ۾ مصروف رهيس.

        تاريخ پهرين مارچ ناوا ٻيٽ تي، جو 12 ميل سمنڊ جي اندر واقع آهي ۽ سر محمد يوسف جي ملڪيت آهي، سر آغا خان کي ڏنل پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪيم. ان ۾ قريب پنج سئو مهمان بمبئيءَ کان جهاز ۾ سوار ٿي هليا هئا. مسٽر عبدالرحمان خلف الرشيد سر محمد يوسف جي وسيلي آءٌ به ناوا ۾ پهتس. ناوا جي آبهوا ۽ سبز زاري قابل تعريف آهي، وڏو انتظام هو. بيگم آغا خان سان ملاقات جو شرف به حاصل ٿيو. ان کانسواءِ ڊاڪٽر حاجيءَ جي دختر پُرگوهر سان، جا بمبئيءَ جي دُر يِڪتا  (Champion Of Beauty Compitation) آهي، اسان کي دوچار ٿيڻ جو موقعو حاصل ٿيو. ان جي حسن بينظير ۽ جسم جميل جو ذڪر ڪن اڳين خطن ۾ ڪري چڪو آهيان، تنهن ڪري وڌيڪ قلم کي طاقت بيان ڪانهي. هن جا چشم پُرخون، لب پُر نمڪ بيمثال نظر ايندا. بدن جي بيهڪ ۽ گلن جي رونق ڪنهن اعليٰ دماغ نقاش جي تصوير ڪڍڻ لاءِ حد ڪمال ماڊل جو نموني ڏيئي سگهن ٿا. خود سر آغا خان ساڻس ٻه _ چار گفتن لاءِ موقعو وٺي رهيو هو.

من ز آن حسنِ روز افزون ڪه يوسف داشت دانستم،

ڪه عشق از پردهء عصمت برون آرد زليخا را.

        ٻين به ڪيترن دوستن ۽ دوستياڻن سان ملاقات جو موقعو هٿ آيو. ازان سواءِ سر محمد يوسف جيڪو مئرين ڪاليج (Marine College) بحري فن سيکارڻ لاءِ اتي هلائي رهيو آهي، ان جو معائنو ڪيو ويو ۽ مجبورن لفظ تحسين ۽ تبريڪ زبان جو ورد ٿيڻ لڳا. خدا کيس راهه خير ۾ اڃا به ترقي بخشي! شام جو 9 بجي واپس بمبئيءَ پهتاسون.

Text Box: 67

 

        تاريخ 3_ مارچ سر رفيع الدين  احمد، اڳوڻو وزير بمبئي سرڪار، جو هينئر بلڪل نابين آهي ۽ 73 ورهيه عمر اٿس، تنهن تاج محل هوٽل ۾ سر آغا خان کي ڊنر جي دعوت ڏني هئي، جتي آئيندي جي سياسي ڳالهين تي تقريرون ٿيون. تعليم نسوان، يڪجهتي، ۽ پوليٽيڪل پارٽين جي ٺاهڻ جي ترغيب ڏنائين.

 

        3 _ تاريخ وري به پنهنجي محبوب، من مرغوب، دل جي مطلوب سن ملاقات جو موقعو ميسر ٿيو. روم نمبر 98 ۾ دل جا بخار، غمن جا غبار، لوحِ دل تان ميساري ۽ ميٽائي ڇڏيائين. دنيا و ما فيها هيچ نظر اچڻ لڳيون، سندس بلبل ڪهڙي نواسنجيءَ ۽ ظرافت طبعيءَ کان منهنجي مرده دل ۾ نئين جان پوڻ لڳي. هن جو بلوري بدن، بُقعهء نُور صاف سينو ڏسي، جنت جي تصوير گهر ڪرڻ لڳي.

        لذتِ عشرت، ڪيفيتِ بهجت محسوس ٿيڻ لڳي، هن جي اڳيان اڄ به سڀ کي هيچ ٿو سمجهان، ٻين ۾ بي اتفاقيءَ جي سد سڪندري حائل آهي.، جنهن ڪري ڏسي ڏسي، اکيون عاجز ۽ بدن بيمار ٿيڻ لڳو هو. نيٺ عاشقن جي آهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ۽ محبوب ماه وش جي صحبت ۽ الفت غمن جي غبار کي غبار جيان منتشر ڪري ڇڏيو. بهرحال:

زندگي ڪا هي مزا ايسي ملاقاتون مين،

دل بهلتا هي ڪڀي تيري باتون مين.

        تاريخ 4 _ مارچ مسز شڪور، نوازش فرمائي، ڊنر جي دعوت سندس دولتخاني تي ڏني، صبح جو گورنر صاحب بمبئيءَ سان انٽرويو ٿيو. مسلمانن جي حقن بابت سيڪريٽريٽ جون ڳالهيون ڪيوسون، پر همدرديءَ جو قطرو به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. پنهنجي لاءِ گفتگو مناسب نه سمجهيم. مسٽر ٽيڪمداس واڌو مل به ڏسڻ آيو هو، ڇا وهيو واپريو، سا خبر نه آهي.

        مسز شڪور جي ٽيبل تي سندس ڀاڻيجي، مس صفيه بيگم رونق افروز هئي، جنهن سان اوهان جي ملاقات ٿي چڪي آهي. مسز قزلباش ۽ مسز حميد به جلوه گر هيون. پُر مذاق گفتگو هلي. خدا حافظ چئي روانو ٿيس.

        5_ تاريخ عيد الاضحيٰ جو روز هو. اسپينڊ ميدان تي، وزير جنگ شاهه محمد خان افغان سپهه سالار ڳي امامت هيٺ، عيد نماز ادا ڪئي ويئي. ان صاحب جي بصيرت افروز تقرير ٻڌي ويئي. ماني ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌيءَ وٽ باندار ۾ تناول ڪئي ويئي.

        شام جي ڊنر خانبهادر عظيم خان سڀني سنڌين کي ”تاج محل“ ]هوٽل[ ۾ ڪئي. فراغتِ طعام بعد ڊانس ۽ ڪئبري شو هو، جنهن ۾ نظام دکن جو شهزادو معظم شاهه، بمع پنهنجي بيگم نيلوفر، شريڪ هو. شهزادي نيلوفر جو حسن گلوسوز، تاج محل جي سڄي فضا کي برق تابان ڪري، هر هڪ جي سيني کي ساڙي رهيو هو. سندس چپن جي شيرينيءَ پري کان ئي تماشبينن جي تلخ ڪلاميءَ کي رفع دفع ڪيو ٿي. هوءَ باحيا ۽ پُر عصمت خاتون نظر آئي ٿي. شهزادو ٻين ڇوڪرين سان بغلگير ٿي نچي رهيو هو. مگر شهزادي صاحبه، خانداني متانت سان، بلڪ بي اعتنائيءَ سان، شوهر جي حرڪات کي ناپسنديدگيءَ جي نظر سان گُهور ڪري معائنو ڪري رهي هئي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته شهزادو عياش، بي قياس آهي، هن در يڪتا جو قدر شيشي کان زياده نٿو رکي. افسوس!

Text Box: 68

 

        7 _ تاريخ شام جو، اڍائي بجي، مسز قزلباش فون ڪيو ته ريس تي هل. موٽر وٺي، ڪائونسل _ هال وٽ اچي ٻيئي مڙس زال بيٺا. هيٺ اچي ڏسان ته هڪ دلبر، نُور انور، وڏي طمطراق ۽ خوش لباس سان، موٽر جي اڳيان متمڪن آهي. ڪاري عينڪ چڙهيل،  ۽ زمانه دراز گذرڻ سبب سڃاڻپ ۾ غلطي ٿي. تعارف بعد دل جا طاق کليا: ”ڪير؟ ”پسي“!“ ”مون کي اوهان سڃاتو؟“ جواب: ”ڇو نه؟“ . . . ”پوءِ ڇو مون سان ڪين ڳالهايوَ؟“ جواب: ”تو مون کي ڇو نه سڃاتو؟“. . . ”معافي طلب!“ جواب: ”خير، معاف. آئيندي لاءِ هدايت!“ سبحان الله، ڇا شوخ وِش جي شوخي! هڪ هڪ اکر تيروسنان طرح سيني ۾ سوراخ ڪرڻ لڳو. جوانيءَ جو امنگ، نزاڪت جو ڍنگ، روپ ۽ رنگ هڪ اصليت ڏيکارڻ لڳا. پسيءَ مان پَري وِش حُورِ ڪهڪاف نظر اچڻ لڳي. پراڻي ملاقات ۽ ڪُهاڻي ڪَهني ياد اچڻ لڳي. دل تي ضبط ڪري، مسز قزلباش سان گفگتو ڪندو. ريس_ ڪورس تي پهتس. خدا ڀلو نه ڪري مسز جلال شاهه جو، جنهن منهنجي اکين جي آب ۽ تلون مزاج کي هڪ ڪُهنيءَ ڳِجهه وانگر تاڙي ورتو ۽ پسيءَ کي بلڪل پنهنجي حوالي ڪيو. هتان هتان ڊوڙي، خلاصگائيءَ جو وجهه پئي ورتم، پر هن ڳِجهه کان ڪجهه نجات نه ملي. هڪ دفعي البت موقعو وٺي ڪجهه ظرافت آميز جملو چيم، پر چه سود. دل جي آس اندر ۾ اُڌما ڪرڻ لڳي. مسز جلال شاهه جو بي التفانه رخ ڏسيو، ڊڄيو ٿي ويس. البت ريس تي ٻين محبوبن جي ديدار فرحت آثار جو وجهه به مليو، ته نراسائيءَ کان خودڪشيءَ تي آماده ٿيان ها. ڏسو قسمت! مس هاٽي، جنهن جو بيان اڳي خطن ۾ ڪري چڪو آهيان، اها اتي جلوه افروز هئي. سندس سيني جي اُڀار، جوانيءَ جي بهار ۽ چشم پرخمار، ڪيئي بدن بيمار ۽ جسم بيجان ڪري ڇڏيا ٿي. پراڻي ملاقات ياد ڏياري، سلسلو گفتگو جو شروع ڪيم. خود سر شاهنواز ، جنهن اهو رنگ ڏٺو پئي، سو مون تي رشڪ ڪري رهيو هو. ان جي ماءُ به هڪ هاتار هئي، تنهن اچي گهيرو ڪيو ۽ لذت ملاقات منقطع ڪئي، افسوس، قسمت ۾ رڳو آڌيڙا لکيل آهن.

 

جفا ڪي ان بستون ني با وفا ڪي،

ديا دل، اب تو مرضي، هي خدا ڪي.

شبِ اندوهِ غم ڪا پوڇنا ڪيا،

بنا ڪي جو مري دم په بنا ڪي.

ڦر اس بت پر فدا مين حضرت ”داغ“.

قسم کائي ٿي ڪعبي مين خدا ڪي.

ريس تي ٻين به ڪيترن ماهه وشن سان چارچشمي ٿي، مگر چه سود، مون لاءِ هڪ پسي ڪافي هئي، پر ڇا ڪريان، قسمت! موٽڻ وقت خوش قسمتيءَ سان وچ ۾ ويهڻ جو وجهه مليو. جسم جسم سان مليو ٿي. آفرين هجي موٽر جي ڌڌڪن کي، جن ڪجهه دل جي آس پوري ٿي ڪئي. آهستي آهستي گفگتو جو سلسلو جاري رهيو، تان جو مسز حميد جي دولتخاني تي پهتاسون، جتي منهنجو ۽ ڄاموٽ محمد علي شاهه جي ڊنر جو انتظام هو. پسي، داغ حسرت ڏيئي، موڪلائي گهر ويئي، وري اڃا پتو نه آهي، گهر جو پتو به عنقا آهي. عثمان به وڳده وفائيءَ ۾ تغافل ڏيکاريو. قسمتي تي روئي، خاموشيءَ جي مهر دهان تي هنيو ويٺو آهيان. ڏسجي، طالع ۾ ڇا آهي.

        8 _ تاريخ، ڄاموٽ سان گڏجي، مسٽر يوسف افندي، مشهور سروج ڪمپنيءَ جي ائڪٽر جي گهر ملاقات لاءِ وياسون. تمام لذيذ، خوش خلق ۽ حسين جوان آهي. سندس بيگم هڪ اِسڪاچ يورپين عورت آهي، جا شريف طبع جي نظر اچي ٿي. سندس پڪچر ”اعلان جنگ“ ڏيکاريائين، جنهن ۾ خورشيد ۽ کيس پارٽي وٺندي، اسان سروج اِسٽوڊيو ۾ ڏٺو هو. مس زينا سان اڃا ملاقات نه ٿي آهي.

        9 _ تاريخ، اسماعليه ڪاليج انڌيريءَ ۾ سالياني جلسي جي دعوت هئي، ان مان ٿي آياسون. مسٽر گزدر ۽ تولاڻي موڪلائي ويا. جو هنن کي چڱا شڪار هٿ آيل آهن. سڄو ڏينهن _ رات آوارگيءَ ۾ آهن، پر ڦٻيل آهن، خاص ڪري گزدر. تفصيل سندس محبوبه جو روبرو ٻڌائيندس.

        اڄ، 10 _ مارچ، منهنجي محبوبه منهنجي دوستن سميت ڊانس جي دعوت ڪئي آهي، جتي خوب دل جون ڪسون ڪوري ڪڍبيون. ان جو احوال ايندڙ خط ۾ لکندس.

        هينئر رات جا ٻه وڳا آهن، تنهنڪري هن داستان خارستان کي قلمبند ڪري، اوهان جي حفاظت ۾ ڏيان ٿو.

        حقيقتن کي شاعرانه تخيل کان وڌيڪ اهميت نه ڏجو، متان حسرت حاصل ٿئي، ۽ حفاظت سان رکجو، متان ڪو پڙهِي ڪڙهِي وڃي.

 

(4)

ڪائونسل _هال، بمبئي

19 _ مارچ، 1936ع

        هڪ ڊگهو خط اڳي لکيو اٿم، پهتو هوندو. پوءِ جو حال ساڳيو آهي. البت هڪ چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته بمبئيءَ کان فرقت جو وقت قريب اچي رهيو آهي. سڀڪ و روز، فراق ۽ ڦوڙائي جي يادگيري ڏياري رهيو آهي.

        16 _ تاريخ سر علي محمد دهلويءَ، پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾، سنڌ جي ميمبرن کي الوداعي پارٽي ڏني. 17 _ تاريخ سر رابرٽ بيل، هوم ميمبر، ۽ خانبهادر ڪوپر، ديوان بهادر ڪامبيلي، هڪ عاليشان ڊنر تاج محل هوٽل ۾ ڏني، جنهن جي صدارت لارڊ برئبورن گورنر بمبئيءَ جي ڪئي. لارڊ برئبورن هڪ خوشمزاج جوان آهي. سندس الوداعي تقرير ظرافت ۽ خوش مذاقيءَ سان ڀرپور آهي. سر شاهنواز خان صلاحڪار، ۽ مسٽر ڪرپالاڻي چيف سيڪريٽري ٿي اچن ٿا. اها سرڪار طرفان الوداعي ڊنر هئي. سڀاڻي ڪائونسل طرفان الوداعي ٺهراءُ پاس ڪيو ويندو. بهرحال، جتان منهن ڪڍجي ٿو، اتان سڀڪو الوداع چوي ٿو:

”هو ٿا پلاڻين، منهنجو هينئڙو ٿو هيڻو ٿئي!“

اسين به ٽپڙ ٻڌڻ جو ارادو ڪيون پيا.

        ٽهلراماڻي هتي آيو هو، پر ان جا ڪاغذ هتي ڪين پهتا آهن. سندس ڪيس جو فيصلو هاڻ سنڌ سرڪار ڪندي.

        ڊاڪٽر حميد ڪراچيءَ ايندو. مون صلاح ڪئي اٿمانس ته پنهنجي بنگلي تي اچي رهي؛ انتظام ڪندا. فرنيچر بنگلي ۾ نه آهي، حال مسواڙ تي وٺندا.

 

(5)

بمبئي

23 _ مارچ، 1936ع

        هڪ خط اڳي لکيو اٿم، پهتو هوندو. آءٌ ۽ ڊاڪٽر حميد 28_ تاريخ ”ويٽا“ جهاز ۾ ڪراچيءَ پهچنداسون. سر شاهنواز خان به اسان سان گڏ هوندو.

 

(6)

]هيٺيون خط جي. ايم سيد طرفان ميران محمد شاهه کي لکيو ويو.[

 

سن

8_ اپريل، 1936ع

ورتو زين دست مرا بي سرو سامان داري،

من به آهِ سحرت زلف مشوش دارم.

برادرم عزيز، تسليم.

        اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو:

حديث دوست نگيوم مگر بحضرتِ دوست،

ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد.

سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن.  سبزي ۽ بادبهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چؤطرف کان ماڻهو ان کي مالِ غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان ماهه وش جي دامنِ عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين به ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائيداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا. ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جو لالچون آهن. لٿي پٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا.

        اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون. سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾  هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪوبه ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کانسواءِ ٻيو ڪو به چونڊجي وڃي، تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گَديءَ کي هٿ ڪندو. هن کانسواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هر ڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس: ٻئي طرف، سنڌ جي اميرالنسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي  واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي، ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري، حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي وڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلاڻيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪا نه ڇڏي آهي، مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو _ مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي، پنهنجو ڪليم پيش ڪيو. چي، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نوابشاهه ۾ به لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کانپوءِ هڪ سيد نوجوان، چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي.اي. ايل ايل. بي، اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ، لوور سنڌ جي نالي خدمتِ خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ، بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي، تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کانپوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪارگذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کانپوءِ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، اُٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مالِ غنيمت کي ورهائي کڻندؤ، اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو، هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جبل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا، ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. چي، اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خود مطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي، نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا. ان کانپوءِ، ٻه _ ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي، اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو.

        اهي حالتون ڏسي، مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشنن ۾ نا ڪامياب ٿي، کُٽي، وڃي گوشهء تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خود مطلبيءَ جو اُکاڙو بنائيندا. ڪي، باوجود خدمت ڪرڻ جي، عوام جي خوابِ غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي رد عمل ۾ مسلمانن جو هڪ ڪٽر فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کانپوءِ هٿ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمتِ خلق جي راهه کي ڇڏي، خود مطلبن ڪري ورهائبي، خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي، ۽ وري عبرت ۾  سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ متبلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي، آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان.

        اي ميران محمد شاهه، مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلقِ خدا جي خدمت ڪئي، جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفئه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ ان ڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي؛ جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين، ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايات کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪو نه اڏيا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين، ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“ _ اهو مثال مشهور آهي. خود مطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي، ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن.

        تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪرين سگهندين: پر توکي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ ملڪ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي _ وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءٌ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. تو کي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي، اهو رزاق آهي. حال تي موهجي، مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي، جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي، تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ، پر قربانيءَ جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهرجيئي، تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو _ بشيرطيڪ، بنا مطلب جي، گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ”ڪي پوزيشن“ (Key position)  جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندي، ان حالت ۾ وزير تو کان ڪنبندا. تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي ٿيندءِ، هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو، ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذارڻ جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندين:

تو باز ساعد شاهي مَ نِگرز استخوان،

هماي همت خود را به بلند ده پرواز.

        آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي، ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري. وما علينا الا البلاغ. ____ غلام مرتضيٰ

]نوٽ: هن خط جي ڪاپي ميان الهيار شاهه مٽيارين واري کي به موڪلي ويئي. ميران محمد شاهه ان جو جواب ڪو نه موڪليو.[

 

(7)

حيدرآباد

16_ جون، 1936ع

        پير ميان الهيار شاهه جو خط آيل آهي ته کيس مخدومن ماڻهو موڪليو آهي ته اليڪشن ۾ صلح ڪجي. ان لاءِ 19 _ تاريخ مٽيارين ۾ صلاح مصلحت لاءِ گهرايو اٿس. اوهين اتي ايندا. انهيءَ صلح ۾ مون کي فائدو ٿيندو.

 

(8)

حيدرآباد

24 _ جون، 1936ع

        نواز شنامو پهتو. نقل پارٽيءَ جي رولن جو پهتو. اميد ته پنج ميمبر ڪري موڪليندس. سڀاڻي يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ بمبئيءَ وڃان ٿو، 2_ جولاءِ موٽندس. جيڪڏهن 2_ تاريخ سينٽرل ڪو آپريٽو بئنڪ جي ميٽنگ رکايو ته بمبئيءَ مان سڌو ڪراچيءَ اچي اوهان سان ملان.

        پارٽيءَ اندر لوئر سنڌ وارن جي پوزيشن ۾ ڪنهن به قسم جي رد بدل ٿي، ته اسين جدا ٿي لوئر سنڌ پارٽي ٺاهينداسون. خانبهادر الهه بخش ليڊريءَ جي ڪا به حيثيت ڪنهن به صورت ۾ ڪا نه ٿو رکي. ڪم لٿي کانپوءِ ان يار کي ملڪ ۾ ڪو نه ڏسندا. اها ڳالهه تجربي تي مبني آهي، جنهن جو ڌيان ڪجو، اڇلائي پٺتي نه ڇڏجوس. اميد وار به الهه بخش يا حاتم علوي بيهاريو ته ڪامياب ٿيندو، نه ته ڪاميابي هڪ مشڪل ڳالهه آهي. هيءُ مون ماڻهن کان رايا وٺي، پوءِ احوال عرض ڪيو آهي.

 

(9)

 

نوٽيس

        ورڪنگ ڪميٽي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“، 4 _ آڪٽوبر 1936ع تي، ڪراچيءَ ۾، جي . ايم . سيد جي بنگلي تي ڪٺي ٿيندي، ان ۾ شرڪت ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org