فصل پنجون
سال 1951ع
(1)
ڊاڪٽر ڀچا جو نرسنگ هوم، بمبئي
19 _ جنوري، 1951ع
11_ جنوريءَ هتي پهتو آهيان. 19 _ تاريخ کان نرسنگ هوم
۾ داخل ٿيو آهيان. اليڪٽرڪ ذريعي موڪن جو علاج
ڪرائڻ جو خيال اٿم. ڊاڪٽر پرمار علاج ڪندو. اڄ ڪمر
ڪشيو آپريشن لاءِ تيار ويٺو آهيان، جو اڍائي بجي
ٿيندو. مسٽر گزدر به ڀلائي ڪري مون لاءِ هتي آيل
آهي، ڇو ته ڊاڪٽر سندس جهونو دوست آهي. ڊاڪٽر پئسي
جو پٽ آهي. 5 هزار رپيا رڳو آپريشن في وٺندو. پوءِ
روزاني وِزٽ جا 50 رپيا وٺندو. چوي ٿو ته ٽن هفتن
۾ نوبنو ٿي ويندين. سڀ ڪجهه الله جي هٿ ۾ آهي: واڳ
والي تنهنجي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي! جيڏو تون الله،
تيڏو اٿم آسرو! اميد ته فيبروريءَ ڌاري وطن جا وڻ
ڏسندس. وري خط شايد 10 _ 11 ڏينهن کانپوءِ لکي
سگهان. احوال خيريت جو موڪليندا رهندا ته مهرباني.
(2)
نرسنگ هوم، بمبئي
2_ فيبروري، 1951ع
خط پهتو، مهرباني. آپريشن 19 _ تاريخ ٿيو. خدا جي فضل
سان ڪامياب ٿيو. اڄ پندرهون ڏينهن آهي، بستري داخل
آهيان. پيشاب به سُتي ڪريان ٿو. اڄ هنڌ تي ويهڻ جي
اجازت ملي آهي. پر روز پاخاني بعد 4 _ 5 ڪلاڪ سور
ٿئي ٿو؛ شام جو فرحت ٿئي ٿي. 10 _ فيبروريءَ ڌاري
واپس اچڻ جو ارادو اٿم، پر سڀ ڪجهه الله جي وس ۽
صحت تي مدار رکي ٿو. اڃا ڦٽ ڇٽا نه آهن.
ٻڌو اٿم ته قاضي اڪبر ۽ اوهان جو صلح ٿيو آهي: اوهان
سڀني ڪيسن تان هٿ کنيو آهي، ۽ قاضيءَ تان بندش
لاهرائي اٿوَ. اها خبر ڪيتريقدر صحيح آهي، سو
احوال لکجو.
(3)
قلات
27_ مئي، 1951ع
هي خط توکي ان جاءِ تان لکي رهيو آهيان، جتي اسان جا
ماڻهو گهٽ ايندا آهن. بهرحال، بلوچستان جي وچ ۾
موجود آهيان. هن گشت جي دوران آءٌ ڪوئيٽا ويو هوس،
جتي اسان جي وزير اعليٰ بلوچستان ۽ قلات کي پاڻي
ڏيڻ بابت ميٽنگ گهرائي هئي. اتان موقعو وٺي، زيارت
ويس. شايد تون زيارت آيو هجين، مستونگ ۽ قلات نه
ڏٺا هجنئي. هي ملڪ آبهوا ۽ نظارن ڪري مون کي پسند
آيا آهن. باوجود ان جي جو چوڌاري جبل بي گياهه
آهي، قدرتي واهين مان پاڻيءَ تي باغن جي آبادي
آهي. سڀ کان وڌيڪ خوبصورت مڪان خان قلات جو محلات
آهي. هن جو باغ ۽ محلات سٺي نموني رکيل آهن. ڀر ۾
مسجد آهي. سوَن قسمن جي گلاب ۽ ٻين گلن جا گل ان
جي خوبصورتي وڌائين ٿا. ڪڻڪ جو فصل اڃا ڪَچو آهي.
پاڻي شفاف آهي. آبهوا راحت بخش آهي. خانصاحب جسيم
۽ عمدي اخلاق جو ماڻهو آهي. مهذب ۽ خوش مذاق آهي.
سٺن خيالن جو ماڻهو آهي. هن جي مجلس معلومات ۾
اضافو ڪندڙ آهي. شادي هڪ اٿس. ڪنهن وقت کيس ملج.
سڀاڻي هتان نڪري، مستونگ ۾ رات رهندس، جو بلوچستان
جو سر غزار سڏجي ٿو. قدرتي واهين تي آبادي ٿيندڙ
آهي. اتان ڪوئيٽا اچي، هوائي جهاز ۾ چڙهي، ڪراچيءَ
روانا ٿينداسون. کهڙو صاحب به فيمليءَ سان گڏ جهاز
۾ گڏ هوندو.
(4)
هوٽل ڊيمورن، روم
23_ جون، 1951ع
ڪراچيءَ مان 21_ تاريخ ساڍي اٺين بجي جهاز ۾ سوار ٿي. 6
بجي شام جو قاهره پهتاسون. سيٺ ستار، پاڪستان جو
سفير، پنهنجي معمولي لباس ۾ هوائي اڏي تي موجود
هو. هڪ ننڍي موٽر به هيس. 100 ميل پنڌ ڪري، هوٽل
ميٽرو پئليس اچي رهيس. هي هوٽل نئين قاهره ۾ آهي،
جنهن ۾ نيون ۽ پر رونق عمارتون، ۽ وڏيون سڙڪون،
وڻن ۽ سبزيءَ سان ڇانيل آهن. شام جو پئرامڊ ڏسڻ
وياسون، جتي فرعون جو مدفن هو. قلعو، محمد علي
مسجد ۽ جامع اظهر ڏٺم. امام حسين جي سر مبارڪ جي
مقبري جي زيارت ڪئي ويئي. بازاريون، يونيورسٽي،
هوٽل سراميس ۽ نيل درياءَ جو سير ڪري، وري اچي
پنهنجيءَ هوٽل ۾ آرام ڪيم.
صبح جو ساڍي پنجين بجي هوائي جهاز ۾ سوار ٿي، روم ڏي
رمياسين. جبل ويسوويس، نيپلس جي شهر لڳ آهي. ان
مان دونهان نڪرندا ڏٺاسون. 11 بجي روم پهتاسون.
ايئروڊروم تي هڪ پاڪستاني ڪلارڪ موجود هو، ۽ هڪ
اسٽاف ڪار هئي. نه منسٽر، نه سندس سيڪريٽري. هوٽل
ڪئبنرنيال ۾ ترسيس. شام جو سير تفريح لاءِ نڪتس.
هي شهر يورپ جي وڏن شهرن سان وسعت ۽ نزاڪت ۾ برابر
آهي. ان ۾ آثار قديمه جا نشان ۽ مڪان موجود آهن.
شهر سندس قدامت ۽ جدت جي اختلاط سبب دلچسپيءَ جو
مرڪز آهي. شهر مٿانهينءَ ۽ هيٺانهينءَ تي آهي.
وچان ٽائبر ندي وهي ٿي، جا پلين رستي شهر کي ڳنڍيو
ڇڏي. ماڻهو سياهه چشم ۽ سياهه زلف آهن، جنهن ڪري
اسان جي معيار واري حسن جي حلقي ۾ داخل ٿي سگهن
ٿا. معاشري زندگي يورپ جهڙي اٿس. سندن سڪو اسان جي
پائيءَ جيترو آهي؛ هر شي آهي. ڪالهه پوپ صاحب جي
حڪومت جي ايراضي گهمي ڏٺيسون، جنهن کي ”وئيٽڪن“
سڏين ٿا. ان جو عجائبخانو نهايت عمدو آهي. اڌ ميل
۾ هڪ طرف ورانڊو اٿس؛ هلي جو شهر ڏٺوسون. پهاڙ جي
ڀر ۾ آهي، جتي ٻه هزار ڦوهارا لڳل آهن، جي مغلن جي
ڪشمير وارن ڦوهارن کي به شهه ڏيو ڇڏين. پُر فضا
منظر آهي.
24_ تاريخ شام جو لنڊن ويندس.
(5)
لنڊن
5 _ جولاءِ، 1951ع
اميد ته روم مان موڪليل خط توکي پهتو هوندو. هاڻ لنڊن
جو احوال ٻڌايان ٿو. هتي 24 _ تاريخ پهچي، دوستن
سان گڏ، سينٽ جيمس هوٽل ۾ رهيو آهيان. هن وقت
تائين برٽش ميلو ۽ ٻيون دلچسپ جڳهيون ڏٺيون اٿم.
ونڊسر قلعو به ڏٺو اٿم. ايٽن اسڪول ۽ هئمپٽن ڪورٽ
به ڏٺم. ڪئمبرج يونيورسٽي ڏسي نه سگهيس. آڪسفورڊ
يونيورسٽي اڳي ڏٺل اٿم. لنڊن جي ٻهراڙي شهر کان
وڌيڪ خوبصورت آهي. اسان جي رهائش جي وقت آبهوا سٺي
رهي آهي. هزارها ماڻهو سج ۾ ٻاهر نڪريو ٽيمس
درياءَ ۾ پيا وهنجن. بهاريءَ جي موسم گذري وڃڻ جي
باوجود سبزو گهڻو آهي. چمن اڃا تائين رونق لايو
بيٺا آهن. پارليامينٽ ڏسڻ ويس؛ ڪجهه وقت ان جي
ڪارروائي به ڏٺم. آءٌ توکي يقين ٿو ڏياريان ته سنڌ
اسيمبلي، باوجود ڪن خامين جي، هن کان وڌيڪ پُر
وقار هئي. هائوس آف ڪامنس جمهوريت جي خامين کان
خالي نه هو. تقرير جي آزادي ڪنهن وقت حد لنگهي وڃي
ٿي. هائيڊ پارڪ جون تقريرون آزاد خياليءَ جي حد
ڏيکارين ٿيون. بهرحال، سڀ جي باوجود، تنظيم ملڪ جي
خاص خصوصيت آهي. هزارها موٽرون، هارن وڄائڻ
کانسواءِ، نهايت باضابطگيءَ سان پيون هلن. قيمتون
گران آهن، پر انگريز پيا گذر ڪن. هوٽل گهڻا، پر
کاڌو وافر نه آهي. گذريل رات پاڪستان جي مالي
وزير، برٽش ايڪس چيڪر جي چانسلر کي دعوت ڏني هئي،
ان ۾ شرڪت ڪيم. گهڻن وڏين انگريز شخصيتن سان ملڻ
جو موقعو مليو. هنن کي پاڪستان سان همدردي آهي، پر
سندن بين الاقوامي مجبوريون اسان جي ڪشمير واري
سوال تي کين مدد ڪرڻ کان روڪي رهيون آهن.
هتي شاهي ڊاڪٽر، سر جان ويئر، جي زير علاج آهيان. ڪجهه
افاقو ٿيو آهي. سڀاڻي لنڊن ڇڏي پئرس لاءِ روانو
ٿيندس، جتي ڪجهه وقت رهي، پوءِ الهندي جرمني
ويندس. اتان سئٽزر لينڊ، اٽلي ۽ مصر گهمي، 22 _
جولاءِ، ڌاري ڪراچيءَ موٽندس.
ٻيو خط زورق مان لکندس.
(6)
زورق، سئٽزرلينڊ
15 _ جولاءِ، 1951ع
هڪ خط روم مان ۽ هڪ خط لنڊن مان لکيو اٿم، اميد ته
پهتا هوندا.
هن وقت زورق ۾ آهيان. دريءَ جي سامهون ويٺو آهيان.
چانهه جو اسباب پر تڪلف نموني سان اڳيان موجود
آهي. هر طرح کان مختلف قومن جا ماڻهو، جدا جدا
زبانن وارا، گهمي ڦري رهيا آهن. ٻن ڏينهن جي بارش
بعد اڄ سج نڪتو آهي، جنهنڪري هاليڊي ٿي پيو آهي.
دريءَ جي سامهون هڪ وسيع سبز لان آهي، جنهن جي وچ
۾ ڦوهارن جي ڌارَ تالاب جي سطح کي سوراخ ڪري رهي
آهي. سروَ ۽ سنبل جا وڻ لان جي ڪنارن کي ڪناريءَ
جو زيب بخشي رهيا آهن. دور کان سبز پهاڙ نظر اچي
رهيا آهن، جن جي چوٽين تان گهڻي برف ته ڳري چڪي
آهي، پر اڃا به سفيد ڌارَ ميناڪاريءَ جو ڪم ڏيئي
رهي آهي. هلڪا هلڪا بادل، سياهه جبل ۽ سائيءَ ساوڪ
کي بغلگير ٿيندا، بوسيبازي ڪندا، هلندا رهن ٿا.
هيٺان زورق جي ڍنڍ آهي، جا اٽڪل 15 ميل ڊگهي
ٿيندي، ان جو نظارو به هن دريءَ مان ڪمال لطف ۽
گهڻيءَ مسرت جو باعث آهي. جهيل جي بلوري سطح تي،
مختلف لانچن کانسواءِ، جيڪي ڪشتيون سفيد، سرخ
بادبانن سان تري ۽ تني رهيون آهن، انهن جو نظارو
دلڪش ۽ دلفريب آهي. ڍنڍ جي ڪناري سان وڻن جو
قطارون آهن، ۽ هڪ لنبو سبز گاهه جو پٽو وچان وڃي
ٿو، ۽ ڪنارن کان تارن تي بيٺل گلاب جي جهالر اٿس.
گلاب به هن وقت پنهنجي جوانيءَ جي جوش ۾ ٿو ڏسجي.
خوشبوءِ ته خير اٿس، پر زندگيءَ ۾ بيمثال آهي.
سورج جي روشنيءَ ۾ صنف نازڪ، پنهنجا گرم گِڊلا
برطرف ڪري، رنگين ۽ سنهي سلڪي لباس ۾ ملبوس، ڪناري
ڪناري، خرامان خرامان نظر اچي ٿي. ڏسڻ ۾ ائين پيو
اچي ته هي انسان دنيا و مافيها کان بيخبر، پنهنجي
عيش عشرت ۾ مستغرق آهن. مگر جيڪڏهين ڪنهن سان
تعارف بعد گفتگو ڪجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هن
دنيا جي گونا گون اُمورن ۽ پيچيدگين جي زد کان ڪو
به بَري نه آهي. هر ڪنهن کي هن دار دلبريءَ ۾ به
درد جو ڪو نه ڪو قطرو دل ۾ آهي. جنگ جو خوف، مالي
حالت جي بي ثباتي، هر زندگيءَ جي ضروري شيءِ جي
قميت جي گراني وغيره، ان جا اسباب آهن. مگر باوجود
انهن اندروني انتظارن جي، بيروني فضا پُر سڪون نظر
اچي ٿي، جا حالت انگلينڊ، فرانس، توڙي جرمنيءَ جي
رهاڪن ۾ نظر نٿي آئي. جرمنيءَ ۾ مون ٽن ڏينهن ۾
تقريبن ڇهه سئو ميل موٽر ۾ سفر ڪري، ملڪ جي حالت
ڏٺي. شهرن جي حالت ذري گهٽ تباهيءَ کي پهتل هئي،
پر ٻهراڙين جي حالت بدرجي بهتر ۽ پر رونق ڏسڻ ۾
آئي. رائين نديءَ جي ڪناري، ڊنسبرگ کان فرئنڪفورٽ
تائين سفر ڪيم. ڪئين ڳوٺ ۽ شهر ٽن سون ميلن اندر
ڏٺم. ڪارخانا ۽ فيڪٽريون گهميس. ماڻهن ۾ وري جان
آيل ڏسجي ٿي. رات ڏينهن محنت ۾ مستغرق آهن ته وري
اڳوڻي اوج کي پهچن. ڏسجي ائين پيو ته هيءَ قوم
سندس تباهه ٿيل حالت کي جلد سڌاري، دنيا جي ٻين
قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي هلڻ جي لائق بنجي
ويندي. اسان سان به ڏاڍا قرب ڪيائون، جي روبرو
ٻڌائيندس. اڄ ميلان (اٽلي) ڏانهن ريل رستي وڃون
ٿا. سئٽزرلينڊ جو ٻيو پُر فضا شهر ليوزرن ڏسي چڪا
آهيون. وقت ڀرجي آيو آهي. آلپس جبلن کي عبور ڪري،
اڄ شام جو ميلان پهچنداسون. ٻن ڏينهن رهڻ بعد، روم
وينداسون. وري قاهره مان ٻيو دفعو ٿيندا، 22_
جولاءِ، 9 بجي رات جو ڪراچيءَ اينداسون.
___________
سال 1952ع
(1)
]پراگ _ الڪيون هوٽل ۾، لنڊن مان تار ٿو موڪلي ته 25 _ اپريل 1952ع تي پئرس
پهچندس. اُتي ملج.[
(2)
مئڊرڊ
8 _ جون، 1952ع
مون کي تنهنجو هئمبرگ مان 5 _ تاريخ جو لکيل خط پهتو.
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اڃا فيصلو نه ڪيو آهي ته
سئٽزرلينڊ وڃين يا اسپين اچين. تو سئٽزرلينڊ اڳي
ئي مختصر طور ڏٺو آهي؛ چار _ پنج ڏينهن سئٽزرلينڊ
لاءِ ڪجهه نه آهن. اهو ملڪ نهايت خوبصورت نظارن
سان ڀريو پيو آهي، انهن کي پوريءَ طرح ڏسڻ لاءِ
مهينو کن کپي. جيڪڏهين توکي وقت ٿورو آهي ته بهتر
آهي ته اسپين اچي ڏس، جو اڳي ڪو نه ڏٺو اٿئي. خدا
کي خبر، وري ڪڏهين ڏسين!
تو خط ۾ پنهنجي پئسي جي کپي وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
جيڪڏهين هن طرف ايندين ته آءٌ هتي جا خرچ برداشت
ڪرڻ لاءِ تيار آهيان؛ ان واسطي انتظار جو ضرور نه
آهي. تون مئڊرڊ ۾ منهنجو مهمان ٿي رهج. آءٌ ڪوشش
ڪندس ته توسان گڏجي اسپين جا ٻيا شهر به هلي
ڏيکاريانءِ، جي مون به نه ڏٺا آهن. آءٌ هتي
سفارتخاني کي درست ڪرڻ ۾ مشغول آهيان، پر ڪوشش
ڪري، وقت بچائي، اسپين جو مکيه حصو توکي
ڏيکاريندس. اميد ته مٿيون لکڻ تو کي اسپين ڏسڻ
لاءِ ڪافي حرص ڏياريندو. جيڪڏهن ائين اسپين نه ڏسڻ
گهرين، ته گهٽ ۾ گهٽ مون سان ملڻ ۽ منهن ڏيکارڻ
لاءِ اچ ته ملاقاتون ڪريون. اميد آهي ته رئيس صاحب
جڏهين بارسيلونا موٽندو ته مون کي ضرور ملندو. هن
کي يورپ، مون سان ملڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ گهرجي. کيس
اهو پيغام پهچائج. اميد آهي ته مون کي نا اميد نه
ڪندين، ۽ ضرور هيڏانهن ايندين.
(3)
سين سباشين، اسپين
4 _ آگسٽ، 1952ع
تنهنجو 27 _ جولاءِ جو لکيل خط پهتو. ڪيڏو نه ڳڻتيءَ
ڳارو ۽ رنج برداشت ڪيم، سو لکڻ اجايو آهي. ڀانيم
ته اوهين سنڌ ۾ موٽڻ بعد اتي ڪمن ۾ ايڏو مشغول ٿي
ويا جو وساري ڇڏيوَ:
نڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي آئيو!
شڪر جو ڪي نينهن جو نوڙيون ۽ قرب جون ڪَڙيون هن ڏيهه ۾ اٽڪائي
ويا، جنهن ايڪانت ۽ اڪيلائيءَ ۾ اوهان کي فرصت
ڏيئي، خط لکڻ لاءِ آماده ڪيو آهي.
اوهان منهنجي مهمان نوازيءَ ۽ ان سان گڏ منهنجي ماحول
جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ دوستن ۽ دشمنن کي ان کان واقف
ڪيو آهي. پنهنجي مهمان نوازيءَ جو ذڪر ڪرڻ ڄڻ ته
پاڻيهي پاڻ کي ساراهڻ آهي. باقي منهنجي ماحول جو
ذڪر ڪهڙي رنگ ڍنگ ۾ اوهان پيش ڪيو آهي، ۽ ان جو
قدري فڪر اٿم. شايد سنڌي سوسائٽيءَ جي تنگ ۽ تاريڪ
ماحول ۾ اهڙي ذڪر جو اثر مورڳو الٽو نڪري. ليڪن،
بهرحال، ”اسين اوراڙ ۽ پرين پراڙ، وچون دنگ درياءَ
جو“ جي مصداق، مون پنهنجي زندگيءَ جي واڳ واليءَ
جي وس ڇڏي آهي، اهو ان کي سنواريندو.
پڙهي خوشي ٿيم ته اوهان جو وقت اسپين ۾ سٺو گذريو.
اوهان جيڪي اشارا ۽ ڪنايا ڏنا آهن، انهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته ڪن چٽن ۽ چٽڪين جو اثر توهان جي چِتَ تي
چهٽي ويو آهي. جنهن اندر جي اڪير ۽ قلب جي اُڇل
سان اوهان منهنجي ڪن ساٿين جو نقشو ڪڍيو آهي، ان
مان پڌرو آهي ته اندلس جي ديس ڪا لون جي لغار
اوهان کي لڳي ويل آهي. اسان جو صوفي سرمست (مسٽر
بلوچ) ته اوهان جي واکاڻ کان زبان ئي نٿو بند ڪري.
آخوند پنهنجي شغلن ۾ مشغول آهي. ڪوپلنڊ کي اوهان
جي حسن نگاريءَ کان مئڊرڊ واپس پهچڻ تي آگاهه
ڪندس. ڏسان ته اوهان جي حسن پرستيءَ ۽ عشق طرازيءَ
جو ڪهڙو قدر ڪري ٿي! في الحال هتي وحيد ۽ اسابيل
ساڻ اٿم. اسابيل کي اوهان جي مضمون مان واقف ڪيم.
خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پيئي ماپي. افسوس آهي ته
مغربي مايه نازن کي مشرقي سُرمي سينگارجي ڪل
ڪانهي، ورنه اوهين خود سندن ڪارين ڪڪورين اکڙين ۾
ڪجل جي ڪاني ڏسي، هوند شاهه لطيف جي ”مومل“ سان
مشابهت ڏيوس:
گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ، قبرون، پَسو پرڏيهين جون! (شاهه)
وسيهڙ وارن، ڪنڍڙن ڪارن جو به هتي خير ڪو قدر آهي. وارَ
ڪياڙيءَ تائين ڪپائي، ڳڀرو جوان بنجڻ هنن کي وڌيڪ
پسند آهي. توهان خود ان کي اهڙو اشارو ڪيو هو، پر
بيسود ۽ بي اثر. افسوس جو ”گُجر“ به ساڳيو گس ورتو
آهي، مگر ساڳيءَ حد تائين نه. مون توهان جي مضمون
جي مطلب جي تشريح ڪئي. سُنَ ۾ پئجي چيائين ته ”جي
انهيءَ وٿ جو مشرق ۾ قدر ۽ قيمت آهي، ته اڄ کان
واعدو آهي ته ڪارا ڪاڪل ڪلهن کان ڪمر تائين ڏسجو!“
توهان کي وري ڏسڻ جو شايد موقعو نه ملي، مگر تصوير جي معرفت
پنهنجيءَ تلقين جي جادو اثر جي انداز کي معلوم ڪري
سگهندؤ. ڊسمبر تائين انتظار ڪرڻو پوندوَ، پوءِ
توهان ضرور ”حافظ“ جي هيءَ مصرع ورد ڪندا:
ڪي دهد دست اين غرض، يا رب ڪهه هم داستان شوند،
خاطرِ مجموعي ما، زلفِ پريسانِ شما.
مئڊرڊ جو ميدان ڇڏي، سرسبز واديون ۽ سر بلند جبل جهاڳي،
22 _ جولاءِ تي سين سباشين ۾ پهتو آهيان. فلڪ نما
۽ پُر فضا مڪان ۾ مڪين آهيان. پٺ کان ساوا ۽ سرسبز
پهاڙ، اڳيان بسڪي جي اُپٻيٽ جي نيلي پاڻيءَ جون
نهرون، ڪناري تي هزارها انسانن جي نيم برهنگيءَ جو
نظارو، ٻيڙين ۽ بتلين جي جهڳمڳ ۽ جهرمر، جوڙي
پٺيان جوڙي جو بغلگير ٿي صبح شام سمنڊ جي ڪناري تي
سير ۽ تفريح، ساز ۽ سرود، رقص ۽ رباب جي هر رات
هونگ ۽ هلاچو، قلب جي سڪون کي هيٺ مٿي ڪريو ڇڏين.
ڪنهن مهل اڇل اچي ٿي ته کڻي ”حافظ جي هدايت تي عمل
ڪريان. چوي ٿو ته
دمِ فرصت غنيمت دان و دادِ خوشدلي بستان،
بسي گردش ڪند گردون، بسي ليل و نهار آرد.
ليڪن جڏهين هن دنيا جي ناپائداريءَ، انسانن جي تلون مزاجيءَ،
حسينن جي بيرخيءَ ۽ جوانن جي جلد بازيءَ جو جائزو
وٺجي ٿو ته شاهه لطيف اچيو سامهون بيهي ۽ چوي:
پسي ڳاڙها گل، متان ڪا چانگي کي چاري!
ولڙيون وِهه وهاٽيون، مٿن موريا ڦل_
متان ڪا چانگي کي چاري!
منهنجي تجربي مون کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو آهي. لطيف جي لات ۾
وڏي ڏات آهي. گوشي نشينيءَ ۾ گذارڻ هن زندگيءَ جي
اوڙاهه ۾ اٽڪڻ کان گهڻو بهتر ڪم آهي. اوهان جي جا
هدايت آهي؟ _ ”حافظ“ جو چيو وٺجي، يا ”لطيف“ جي
نصيحت تي هلجي؟
پير محفوظ صاحب ۽ امداد علي شاهه تشريف فرما ٿيا آهن.
انهن جي خدمت جو ارادو آهي. کين فرانس جي فردوس
سان به روشناس ڪرايو ويندو؛ ڇو ته فرانس جي حد
هتان فقط 15 ميل آهي. مائونٽ ايگلڊو ۽ مائونٽ
الايا جو به کين سير ڪرائبو. ڀلي قدرت جا نظارا ۽
عبرت خيز منظر ڏسي محفوظ ٿين. هتي چار ڏينهن
هوندا. اندلس ته نه ڏٺائون، نه ته اندلس جي چمن جي
چٽساليءَ جو قدر پوين ها. تڪڙا آهن، ڀلي انگلينڊ
جي جنت نشان مڪانن ۽ محفلن جي لذت وٺن.
سين سباشين، اسپين جي هِل اسٽيشن
(Hill Station)
۽ سَمر رزارٽ
(Summer Resort) آهي. بسڪي جي اُپٻيٽ جي ڪناري تي واقع آهي. پٺ کان جبلن جون
قطارون اٿس، جن جي ساوڪ ۽ سبزي، ميوا ۽ گل سڄيءَ
فضا کي بهشت برين بنايو ڇڏين. پائين جا ٻيلا،
سفيدي جون صفون، فر جا جهڳٽا ۽ زمردين فرش، اکين
کي تازگي ۽ دل کي فرحت بخشيو ڇڏين. ازان سواءِ
ڪيترن ميلن تائين فيڪٽريون پکڙيون پيون آهن، جن ۾
لوهه، پتل، ٽامي وغيره ڌاتوءَ مان هر شي ٺهي ٿي _
جهڙوڪ مشنري، هٿيار، ڪپڙي جون مشينون، مشين گنون،
بم، ڪپڙو، صابڻ، ڪاغذ، وغيره. منهنجو مڪان شهر
واري اُپسمنڊ جي وچ ۾ ۽ ڪناري تي واقع آهي. سامهون
هڪ وسيع بِيچ
(Beach) اٿس، جنهن ۾ سڄو ڏينهن زالون، مرد ۽ ٻار ترندا ۽ تڙڳندا نظر
اچن ٿا. اڄ جنرل فرئنڪو به هتي آيل آهي. هاڻ ٻيڙين
جي ريس
(Race)
جو تماشو ڏسبو. گهڻو ڪري ماڻهو هتي عيش ۽ آرام
لاءِ ايندا آهن. شيون سو مهانگيون آهن، پر عشرت جو
سڀ سامان موجود ۽ ميسر آهي. رڳو خريدار ۾ دم هجي،
بس.
اوهين پنهنجي خيريت ۽ ملڪ جي حال احوال کان واقف ڪندا
رهندا. هن خط کي سنڀالي رکجو. تڪڙ مان لکيو اٿم،
اکر خراب ۽ پنو خراب اٿس.
رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽان،
جن کي سڪ سرير ۾، گهٽ منجهاران گهاءَ،
لڪائي لوڪان، پاڻهي ٻڌن پٽيون.
22 _ سيپٽمبر تائين هتي رهندس، پوءِ مئڊرڊ ويندس. پير
محفوظ ٻن ڏينهن بعد ويندو. ڪالهه مائونٽ ايگلڊو
ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويو.
]نوٽ: پير محفوظ واپس اچي سندس مهماننوازيءَ ۽ خاطر تواضع جو اهو بدلو ڏنو،
جو وزيراعظم خواجه ناظم الدين تي، پاڪستان جا سفير
ڪهڙا مزا وٺن ٿا، تنهن جو ذڪر ڪري، خراب اثر
ويهاريائين. هن خط ۾ سندس دلي تذبذب جو پتو پوي
ٿو: ايپيڪيورن نظريه حيات ۽ اسٽوئسزم نظريه حيات،
ٻيئي سامهون اٿس_ ڪنهن تي عمل ڪري؟[
(4)
]ڪارڊ[
بيوني، فرانس
5 _ سيپٽمبر، 1952ع
اڄ هتان فرانس جي خوبصورت مڪان تان خط لکي رهيو آهيان.
مون خط لکيا آهن، پر جواب ڪو نه پهتو آهي. ٻه _ ٽي
خوبصورت جڳهيون گهمي، وري سين سباشين موٽي ويندس.
”ايسابيل“ مون سان گڏ آهي. توکي سلام موڪلي ٿي.
(5)
]اصل انگريزيءَ ۾[
سين سباشين
22_ سيپٽمبر، 1952ع
ارمان آهي ته منهنجي اڳئين سنڌيءَ ۾ لکيل خط جو جواب نه
ڏنو اٿيئي، جو خط مون تنهنجي خط جي جواب ۾ موڪليو
هو. شايد پهتو ته اٿئي. مون عيد ڪارڊ بزارتا
(فرانس) مان موڪليو هو، جو هتان هڪ ڪلاڪ پنڌ تي
آهي.
تون هتي رهڻ جي زماني جي مشغولين جو احوال معلوم ڪرڻ
چاهيندو هوندين. سين سباشين، اسپين سرڪار جو،
اونهاري جي گاديءَ جو هنڌ آهي، جتي سرڪار
سفارتخانن سميت جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ويندي
آهي. اهو شهر صوبي جو هيڊ ڪوارٽر آهي، جنهن صوبي
جو نالو بسڪ آهي. هيءَ جاءِ جبلن ۽ ساوڪ جي ڪري
خوبصورتيءَ ۾ مشهور آهي. هتي طرح طرح جا صوف ۽ ٻي
ميوات ٿئي ٿي. شهر بي آف بسڪي
(Bay Of Biskey)
جي ڪناري تي اڏيل آهي، جتي عمدو بِيچ
(Beach)
سورج جي روشنيءَ سان وهنجندڙن جي آرام لاءِ موجود
آهي. ريگيتا نالي ٻيڙين جون هتي ريسون ٿين ٿيون،
جن ۾ ماڻهو گهڻي دلچسپي وٺن ٿا. فرانس هتان 20
منٽن جي پنڌ تي آهي، جنهن جي ڪيترين ئي خوبصورت ۽
دلچسپ جڳهين کي هتي رهائش جي وقت ۾ ڏٺو اٿم _
جهڙوڪ سينٽ جين ڊيلوز، بزرتا، بايان، اوريٽز،
وغيره. اهي ڳوٺ سڀ بي آف بسڪي تي، فرانس ۾ اڏيل
آهن.
جتي ماڻهو تفريح لاءِ ويندا آهن، بزرتا انهن مان سڀ کان
وڌيڪ دلچسپ ۽ پر منظر آهي. تازو اتي هوٽل ڊي .
پئليس ۾ (جو نيوپولين سندس اونهاري جي رهائش لاءِ
محل اڏيو هو)، ڊيوڪ ۽ ڊچيس آف ونڊسر جي اعزاز ۾،
فينسي ڊريس ڊانس جو انتظام ٿيل هو. آءٌ به ان
موقعي تي اتي هوس. ڊيوڪ ۽ ڊچيس، رهندڙ به اتي ئي
هئا. اها عاليشان عمارت خوبصورت ۽ جٽادار فرنيچر
سان سجايل هئي. ناچ جي رات ان کي خوب سينگاريو ويو
هو. دنيا جا شاهوڪار ان ڊانس ۾ عجيب غريب لباسن ۾
حصو وٺي رهيا هئا. انهيءَ مان يورپ جي خوشحاليءَ
جو اندازو ٿي سگهيو ٿي.
فرانس کان علاوه، بي آف بسڪي جي اسپين وارين ڪيترين
اهميت وارين ۽ دلچسپ جاين تي به ويو آهيان _ جيئن
ته اؤريز، زروز، همايا، ديوا، ايبار. سڀني جاين تي
عيش آرام لاءِ هاليڊي تفريح گاهون ٺهيل آهن. ايبار
فئڪٽرين سان ڀريو پيو آهي، جتي ڪپڙي سبڻ جون
مشينون، بائسڪلون، هٿيار، عمارتي سامان وغيره ٺهن
ٿا. مطلب ته سارو بسڪ جو صوبو اسپين جي فئڪٽرين جو
مرڪز آهي. مون کي هر هنڌ گهمايو ويو ۽ مهمان نوازي
ڪئي ويئي. ٻه هفتا اڳ هڪ شهر، پمپلونا جبل تي،
نديءَ جي مٿان اڏيل، ڏسڻ جو موقعو مليم، جنهن جي
چوڌاري سبز وادي پکڙي پيئي آهي. اهو اسپين جي
نوارا صوبي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته
عيساين جي مشهور جيزسٽ فرقي جو مرڪزي ادارو ڏسڻ
ويس. لويالا ۾ هنن جي مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ
جي طريقي تي هڪ وڏي يونيورسٽي ٺهيل آهي، جا اسلامي
ملڪن ۾ ڪرشچنٽي ڦهلائڻ لاءِ مرڪز طور ڪم اچي ٿي.
سين سباشين ۾ پاڪستان جي پنجين يوم آزاديءَ جي موقعي تي
هڪ وڏي دعوت ڏنيم، جتي وزير، آفيسر، سفير ۽ شهر جي
مکيه ماڻهن کي گهرايو ويو هو. اهو فنڪشن نهايت
ڪامياب ٿيو، سڀ ڪنهن کي خبر پيئي ته پاڪستان به هڪ
اهم ملڪ آهي. ان موقعي تي نڪتل فوٽو ملاحظي لاءِ
موڪليان ٿو. مون هتي به ”اسپين ۽ پاڪستان ڪلچرل
ايسوسيئيشن“ جي شاخ کولي آهي. منهنجي ڪلچرل اٽيچي،
عزيز بلوچ، پاڪستان جو راڳ عمدي انداز ۾ حاضرين کي
ٻڌائي گهڻو خوش ڪيو. انهيءَ ڪيترن مشرق ۾ دلچسپي
وٺندڙن کي پاڪستان جي معلومات لاءِ دلچسپي وٺڻ تي
راغب ڪيو.
هتي هڪ فلاسافر، ڊان ميراوريٽز جو ذڪر ڪرڻ
به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. هن کي مشرق جي
روحاني معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خاص دلچسپي هئي. ٻي
هڪ ليڊي به ساڳئي خيال جي ڏٺم، جنهن جو نالو
سيفريتا مونيڪال آهي، جا چليءَ جي سفير پنهنجي گود
جي ڌيءَ ڪئي آهي. باوجود جوان هئڻ جي، مِسٽيزم،
تصوف ۽ رهبانيت جي گهڻي ڄاڻ هيس. هوءَ هن فاني
دنيا کان عالم جاودانيءَ جي علم حاصل ڪرڻ طرف گهڻو
مائل هئي.
منهنجو خط ڊگهو ٿي ويو آهي، تنهنڪري ان کي ختم ٿو
ڪريان. سين سباشين ۾ قيام جو ٽائيم جلد پورو
ٿيندو. ڪيترا سرڪاري دفتر مئڊرڊ وڃي رهيا آهن. آءٌ
26_ تاريخ هتان نڪري، بلبو ڏسي، 27 _ تاريخ مئڊرڊ
پهچندس. خط لکين ته اتي لکج. پنهنجي يورپ جي سياحت
جي احوال مان واقف ڪج. وحيد ۽ اسابيل جا سلام
پهچن.
(6)
اندلس، سيويا
15 _ آڪٽوبر، 1952ع
هن پراڻي پَٽ کي خيرباد چئي، ڪاديز رستي، جبرالٽر وڃان
ٿو. اوهان سان گڏ جيڪي پراڻا ٿاڻا ۽ ٿاڪ ڏٺاسين،
اتان آديسي اٿي ويا ٿا ڏسجن. نه اهي مڃر نه
مڱريون، نه اهي سڳر نه سهيليون، نه اها رونق نه
رنگ، نه اهو ڊول نه ڍنگ ڏسڻ ۾ آيو. پڇا ڪرڻ بعد
معلوم ٿيو ته اهي پکي پرواز ڪري، خزان جي خوف کان،
اتر طرف وڃي رهاڪو ٿيل هئا. انهن پرديسي پکين جي
آمد بهار جي رُت ۽ اونهاري سان جڙيل آهي. اپريل ۾
بهار جي فيسٽا ٿيندي آهي، ان ۾ اهي سڀ رنگ رچندا
آهن. حياتي هوندي، ۽ جي ڀاڳ ڀڙايو ته اپريل ۾ هي
ماڳ نظر مان ڪڍبا.
هتي رات هڪ ڪانفرنس ڪري، ”اسپين _ پاڪستان ايسوسيئيشن“
برپا ڪئي ويئي. اخبارن ۽ ريڊيي ذريعي پاڪستان جي
خوب پروپئگنڊا ڪئي ويئي. ڪانفرنس نهايت ڪامياب ٿي
]عزيز[
بلوچ صاحب اندلسين کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. وحيد ۽
آخوند مون سان گڏ آهن.
جبرالٽر ۾ تارڪ جا ٿاڻا وڃي ڏسنداسون. وري ملاگا مان
ٿيندا، ڪارڊوا ۾ منهن وجھنداسون. اوهين خبر نه آهي
ته ڇو خطن جو جواب نٿا موڪليو. ڪهڙي ڌنڌي ۾ مشغول
آهيو؟ طبيعت ٺيڪ نه اٿم، ته به گشت ڪريان پيو.
الله ساٿ ڏيندو.
(7)
مئڊرڊ
24 _ آڪٽوبر، 1952ع
اوهان جا قرب ڀريا ڪاغذ 30 سيپٽمبر ۽ 8 _ آڪٽوبر جا
لکيل پڙهي، تعجب ۾ پئجي ويس ته هڪ سيد سڳورو، نه
اسڪول ويو نه ڪاليج ڏٺائين، ۽ نه يونيورسٽيءَ جي
ماحول مان واقف، جنهن جو خاندان ۽ ڪٽنب اڄ به
پراڻي رسومات جي زنجير ۾ جڪڙيل آهي، سو نه فقط
يورپ جو سير ڪري ٿو، پر دنيا جي مختلف اقوام جي
سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي زندگيءَ جو معائني لاءِ
منتخب ڪيو وڃي ٿو!
اپريل، مئي، جون ۽ جولاءِ ته رشيا جي مغربي يورپ جي
معائني ۽ مطالعي ۾ گذاريائين، مگر حيرت جي حد نه
رهي ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر وطن ۾ رهي، وري مشرق جي
ڏورانهين، عجب العجائب ملڪ ۾ وڃي پهتو آهي. اوهان
جي ٻارن ٻچن کان اوهان پڇيو آهي ته سندن دل ۾ ان
لاءِ ڇا گذرندو هوندو. بهرحال، اميد اٿم ته اوهين
جلد واپس وطن وري ٻچن سان وڃي ملندا.
اوهين مهرباني ڪري جذبات کان ڪم نه وٺندا، بلڪ پنهنجي
عقل سليم کي رهبر ڪندا: پرايون ماڙيون ڏسي پنهنجين
ڀونگين ڊاهڻ جو ڪم نه ڪندا! بيشڪ پنهنجن تجربن کي
عملي جامي پهرائڻ جي ڪوشش ڪريو، مگر اهڙي طريقي
سان، جيئن وقت، مقام ۽ حالات جي تقاضا هئڻ گهرجي.
قومون هڪ لمحي ۾ نه ٺهنديون آهن _ جيئن ڪو زيور
کاڻ مان نڪتل سون مان يڪدم نه ٺهندو آهي، پر ان کي
ڪيترن ئي مدارج مان لنگهي، پوءِ زيور جي شڪل وٺڻي
پوي ٿي. اوهين به انهن تجويزن کي ذهن ۾ رکي،
پنهنجي طرزِ عمل جو پروگرام بنائيندا ته بهتر
ٿيندو. گهرٻار جو اوهان تي اولين حق آهي، ان کي
فراموش نه ڪندا.
آءٌ هڪ خط جبرالٽر مان لکي چڪو آهيان. جبرالٽر، ملاگا ۽
ڪارڊوا جو سير ڪيو اٿم. ڀائي پرتاب ۽ دولت جي
ڀائرن گهڻي خاطرداري ڪئي. ڪجهه بيچاڪ آهيان، الله
شفا ڏيندو. وڌيڪ احوال پوءِ موڪليندس. سينسر جي ڊپ
کان هي خط عبدالهاديءَ جي معرفت موڪليان ٿو.
(8)
پاڪستان ائمبسي، مئڊرڊ
18 _ نومبر، 1952ع
اوهان جا چين مان لکيل ٻه خط پهتا هئا، جن جو جواب
بروقت ڏنو هوم، جو مليو هوندو. اميد ته هن وقت
تائين اوهين وطن پهچي چڪا هوندا. وري سياسي ڪمن ۾
مشغول ٿي ويا هوندا. مستقبل کي استوار ڪرڻ ۾ ڪو
سوچي سمجهي قدم کڻندا. اٻهرائيءَ کان ڪم نه وٺندا.
دين محمد
]گورنر[ جي روزاني ٿيڻ بعد، سنڌ جي سياست يا نظام حڪومت ۾ ڪهڙو ڦيرو
آيو آهي، ان کان واقف ڪندا. آءٌ 8 _ ڊسمبر تي لنڊن
ويندس. جتان هڪ هفتي جي قيام بعد، 6_ تاريخ
ڪراچيءَ روانو ٿيندس. هڪ ڏينهن قاهره رهي، 18 _
تاريخ ڪراچيءَ پهچندس. اميد ته اوهان سان ملاقات
جو موقعو ملندو.
جبرالٽر، ملاگا ۽ ڪارڊوا جي گشت تان موٽڻ بعد زڪام ۽
کنگهه جي تڪليف ٿي هيم، هاڻ بهتر آهيان. هتي هاڻي
سرديءَ منهن ڪڍيو آهي. سج ڪنهن مهل ظاهر تي ڪنهن
مهل گم آهي. هن وقت فليٽ مسواڙ تي وٺي ان ۾ رهان
ٿو. پنهنجي گهر جي ماني مس مس نصيب ٿي آهي. اسابيل
گهر جي انتظام جي حوالي آهي، جيستائين فيملي مئڊرڊ
پهچي. جاءِ ملڻ بعد، خيال آهي ته ٻارن کي وٺي
هيڏانهن اچان. گهرجو انتظام انهن کانسواءِ ٺيڪ نه
ٿيندو. مهينو ٿيو آهي ته موڪل لاءِ لکيو اٿم، پر
اڃا جواب ڪو نه آيو آهي.
(9)
مئڊرڊ
22_ نومبر، 1952ع
هڪ خط اوهان جي خطن کان اڳ لکيو اٿم، جنهن
۾ اوهان جي خاموشيءَ تي افسوس ظاهر ڪيو اٿم. پر ٻن
ڏينهن کان اوهان جا ٻه خط مليا؛ خوشيءَ ۾ نه پئي
ماپيس. آخوند، بلوچ، وحيد ۽ اسابيل سان انهن خطن
جو لب لباب بيان ڪيم.
الله جي قدرت جي انتظام تي حيرت ۽ عبرت سان غور ڪيم ته
ڇا سَن، ڇا ٽکڙ! سن جو هڪ باشندو مغرب کان مشرق
تائين سير سياحت پيو ڪري، ۽ قومن جي مختلف روايات،
تاريخ، تمدن ۽ ترقيءَ جي اڀياس ۾ مشغول آهي: ٻئي
پاسي، ٽکڙ جو هڪ ڳوٺاڻو، اسلامي دنيا جي عظيم
المرتبت قلمرو جي نمائندگي ڪري رهيو آهي! هي سڀ
الله جل جلالہ جي بي انت قدرت جا کيل آهن. هي
تجربا جي ٻن ساڳئي خاندان جي فردن کي حاصل ٿيا
آهن، سنڌ اسيمبليءَ جي صدارت يا صوبي جي وزارت جا
واڳ انهن تجربن اڳيان هيچ آهن. اوهان خود پنهنجي
دوران سفر ۾ محسوس ڪيو هوندو ته اسين پنهنجي ديس ۾
فقط اکين ٻڌل اُٺ وانگر گهاڻي جي اردگرد ڦري رهيا
هئاسون. بني نوع انسان جديد سائنس جي طريقن تي
هلي، زندگيءَ جي معيار کي جيترو بلند ڪيو آهي، ان
جي تڏهين خبر پوي ٿي، جڏهين گهر جي لوڙهي کان ٻاهر
نڪري، سمنڊ جهاڳي، ترقي پذير ملڪ ۽ ماحول ۾ اچي
واقعات جو مطالعو ڪجي ٿو. البت، ڏسڻ جون اکيون هئڻ
گهرجن. جيڪڏهين فقط عيش عشرت، محبت ۽ مودت، رقص ۽
راڳ جو متمن ٿجي، ته به دنيا جي هر گوشي ۾ جسماني
تفريحات اڪيچارموجود ملندا. پر جي زندگيءَ جي عميق
بحر ذخار ۾ غوطيزني ڪبي، ته ڪائنات ۽ ان جي
انتظامات جي پيچيدگين ۾ دل ۽ دماغ کي توازن ۾ رکي
ڪم وٺڻو پوندو. اوهان کي سيويا جو تجربو آهي: اهڙي
هنڌ جو انسان نفساني خواهشن جو شڪار ٿيڻ گهرندو ته
ان جي لهرن ۾ لڙهي ويندو. بهرحال، دنيا ۾ توازن
رکڻ عقلمنديءَ جو ڪم آهي.
اوهان سنڌ جي سياست جو مختصر نقشو چٽي، منهنجي معلومات
۾ اضافو ڪيو آهي. سنڌ جو گورنر ميان دين محمد
روانو ٿي ويو. ميان امين الدين ڇا ٿو ڪري، اهو ڏسي
وٺبو. يوسف هارون سنڌ لاءِ ڪهڙو پروگرام رٿيو آهي،
ان لاءِ ڪا به پيشنگوئي ڪري نٿي سگهجي. اوهين
جذبات کان ڪم نه وٺو، پر دماغ ۽ تجربي کان ڪم وٺي،
پنهنجو نصب العين مقرر ڪريو. پاڪستان جو وجود ۽
استحڪام سڀ کان اول هئڻ گهرجي. صوبن جي حقوق جي
ورهاست پوءِ ڪبي _ پهرين گهر کي مضبوط ڪجي، پوءِ
انهيءَ ۾ پيل املاڪ ۽ سامان جي ورهاست جو فڪر ڪجي.
گهر ئي گهِر گهِنو ٿي ويو، ته ان ۾ پيل اسباب جي
ورهاڱي جو سوال بي معنيٰ چئبو.
اوهان ڪوپلن جي نقل حرڪت جي پڇا ڪئي آهي. ان جو دماغ
انگريزي روايات موجب لبِ بام تي وڃي پهتو هو. اسان
جي سٺي برتاءَ کي هن آبائي حق سمجهي، ڪم کان بي
اعتنائي ۽ فرض فراموشيءَ جو رويو اختيار ڪيو. اسان
انهيءَ ناز برداريءَ جي بوجي کي برداشت نه ڪري،
کيس رخصت ڏني. ان ڪري هوءَ ويئي، ۽ ان جي جاءِ تي
اسابيل ڪم ڪري رهي آهي. وڏي خاندان سان تعلق هئڻ
ڪري، هن ۾ سنجيدگي، بردباري ۽ فضيلت آهي. فرض
شناسيءَ جو پورو احساس اٿس. پنهنجي ڊيوٽيءَ جو ڪم
پوريءَ خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڪري ٿي.
17 _ ڊسمبر ڌاري انشاءَ الله آءٌ ڪراچيءَ ايندس.
جيتوڻيڪ اڃا موڪل منظور نه ٿي آهي، پر ٽڪيٽ وغيره
سڀ خريد ڪري ڇڏيا اٿم. اميد ته ڪراچيءَ ملنداسون _
________ |