فصل پهريون
ميران محمد شاهه جي زندگيءَ جو مختصر احوال
خاندان جو احوال.
شاهه صاحب، مٽياري سيدن جي منعمائي پاڙي
جي ٽکڙ ۾ ويٺل ساداتن مان هو. سندن وڏي ڏاڏي سيد
عبدالحڪيم شاهه شهيد (جنهن جي ڀاءُ سيد شهمير شاهه
ٽکڙ جو ڳوٺ ٻڌو هو) کي ٻه فرزند ٿيا: سيد باد و
شاهه، ۽ سيد قاسم شاهه.
الف: سيد باد و شاهه جي فرزند سيد
عبدالحڪيم شاهه مان سيد اسدالله شاهه وڏو ڄائو،
جنهن کي وري سيد الهه بخش شاهه فرزند ٿيو. سيد
الهه بخش شاهه جا پنج فرزند ٿيا: 1) سيد حاجي
عبداالحڪيم شاهه، 2) سيد حاجي غلام شاهه، 3) سيد
حاجي قاضي اسد الله شاهه، 4) سيد حاجي محمد حافظ
شاهه، ۽ 5) سيد حاجي علي اصغر شاهه.
ب: سيد عبدالحڪيم شاهه شهيد جي ٻئي فرزند
سيد قاسم شاهه کي چار فرزند ٿيا: 1) سيد چڱل شاهه،
2) سيد محمد شاهه حڪيم، 3) سيد شرف علي شاهه، ۽ 4)
سيد حسين شاهه. انهن مان پهريون اولاد وفات ڪري
ويو، ۽ پوئين جو اولاد اڳتي هلي بند ٿيو.
نمبر3، سيد اشرف علي شاهه، جي اولاد مان
سيد عبدالهادي شاهه، لطف علي شاهه، ۽ حاجي غلام
احمد شاهه آهن.
نمبر2، سيد حڪيم محمد شاهه کي ڇهه فرزند
ٿيا:
1) سيد غلام نبي شاهه، 2) سيد چڱل شاهه، 3) سيد حافظ ميران محمد شاهه وڏو،
4) سيد حاجي محمد رحيم شاهه، 5) سيد فيض محمد
شاهه، ۽ 6) سيد حاجي غلام نبي شاهه حڪيم.
انهن مان نمبر 1، 2، 4 ۽ 5 اولاد ٿيا.
نمبر 6، جي اولاد مان سيد فيض احمد شاهه وارا ٿيا.
نمبر 3، سيد حاجي ميران محمد شاهه حڪيم، متوفي
1309هه مطابق 1845ع، کي چار فرزند ٿيا: (1) سيد
محمد شاهه مجذوب، (2) سيد زين العابدين شاهه عرف
چڱل شاهه، (3) حاجي عبدالقادر شاهه، ۽ (4) سيد
محمد شاهه دوم.
انهن مان نمبر 3، حاجي عبدالقادر شاهه جي
اولاد ۾ حاجي محمد رحيم شاهه ۽ ٻيا ٿيا.
نمبر 4، سيد محمد شاهه دوم مان سيد محمد
اڪرم شاهه ۽ سيد محمد اشرف شاهه ٿيا.
نمبر 2، سيد زين العابدين شاهه کي ٻه
فرزند ٿيا: (1) سيد ميران محمد شاهه، ۽ (2) سيد
قاسم شاهه. هتي آءٌ ميران محمد شاهه جي زندگيءَ جو
مختصر احوال پيش ڪريان ٿو.
شخصي زندگي.
سيد ميران محمد شاهه، 19 مارچ 1898ع تي، حيدرآباد
ضلعي جي ٽنڊي محمد خان تعلقي جي ٽکڙ ڳوٺ ۾ ڄائو
هو. ابتدائي تعليم حافظ محمد يوسف ۽ حافظ محمد
هارون وٽ حاصل ڪيائين. پوءِ پرائمري اسڪول مان چار
درجا پاس ڪري، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسته الاسلام ۾
پڙهي، 1921ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. بعد ۾ ڊي جي. سنڌ
ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان بي. اي. ۽ ايل. ايل. بي.
جا امتحان ڏيئي 1924ع ڌاري حيدرآباد ۾ وڪالت شروع
ڪيائين.
اول ۾ مسٽر سنتداس منگهارام وڪيل جي فرم ۾
داخل ٿي وڪالت ڪرڻ لڳو. وڪالت ۾ معمولي قابليت
ڏيکاريائين. سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ٻه – ٽي دفعا
ڪوشش ڪيائين، پر ڪا نه ملي سگهيس. وڪالت جي ڪري،
لڏي اچي حيدرآباد ويٺا، جتي اڃا تائين سندس خاندان
رهي ٿو. کيس مائٽاڻي زمين ۽ وڪالت مان پيدائش
ٿيندي هئي، ليڪن اها سندس والد جي ڪفايت شعاريءَ
جي باوجود پوري نه ٿيندي هئي. آخر وقت ۾ هو بيمار
ٿي، سياست کان ٻاهر زندگي گذاري رهيو هو. کيس هڪ
فرزند سيد قبول محمد شاهه ٿيو، جو جوانيءَ ۾ پيءُ
کي داغ فرقت ڏيئي وفات ڪري ويو. ٻيو ڪو نرينو
اولاد ڪو نه آهي. کيس ٻه نياڻيون آهن، جن مان هڪ
حاجي غلام شاهه جي گهر ۾، ۽ هڪ سندس ڀائٽي قمر
الزمان جي گهر ۾ آهي. سندس والد 5 – فيبروري 1950ع
۾ وفات ڪئي هئي.
سماجي ۽ سياسي زندگي.
هي ننڍي هوندي کان سندس عزيز ۽ بزرگ، حاجي اسدالله
شاهه مرحوم جي خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺڻ وقت، باوجود
پڙهڻ جي، سياسي ماحول ۾ پليو هو.
مارچ 1924ع تي، سن ۾، مٽياري سيدن جي
ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين، ان کانپوءِ سنڌ ايڊيوڪيشن
ڪانفرنس، منعقده حيدرآباد، جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي
ڪم ڪرڻ لڳو.
1925ع ۾، حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر
چونڊيو. انهيءَ سال ڊسٽرڪٽ لوڪلبورد، اسڪولبورڊ
حيدرآباد جو چيئرمين چونڊيو.
1928ع ۾، سرغلام حسين هدايت الله جي
ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر مقرر ٿيڻ بعد، سندس
خالي ٿيل جاءِ تي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ميرزا
سڪندر بيگ جي مقابلي ۾، بمبئي ڪائونسل تي ميمبر
چونڊيو.
1929ع ۾، حيدرآباد ضلعي لوڪلبورڊ جو
پريزيڊنٽ چونڊيو.
بمبئي ڪائونسل ۾ انهن ڏينهن ۾ جي سنڌ
طرفان هوشيار ۽ تعليم يافتا ميمبر چونڊيل هئا،
انهن مان هي هڪ هو.
صوبي بمبئي طرفان سائمن ڪميشن کي مدد ڏيڻ
لاءِ جا ڪميٽي مقرر ٿي هئي، ان تي به ميمبر ٿي ڪم
ڪيائين. ان ڪميٽيءَ اڳيان سنڌ جي جدائيءَ بابت
جڏهين سوال آيو ته سنڌ جي هڪ ميمبر سر شاهنواز خان
ڀُٽي جڏهين سرڪاري رپورٽ تي سنڌ کي جدا ڪرڻ جي
خلاف ووٽ ڏنو، ته هن ان ۾ اختلافي نوٽ لکي، سنڌ
جدا ڪرڻ تي زور ڏنو.
1936ع تائين پاڻ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر
هلندو آيو. ان کانپوءِ هڪ سال لاءِ سنڌ ڪائونسل جو
ميمبر ٿي رهيو. 1938ع ۾ جڏهين آزاد سنڌ اسيمبليءَ
جون چونڊون ٿيون، ته مسٽر نور محمد وڪيل ۽ مرزا
سڪندر بيگ جي مقابلي ۾، حيدرآباد شهر ۽ تعلقي مان
سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. ڪجهه وقت سر غلام
حسين جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو، ۽ پوءِ
سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ديوان ڀوڄسنگ جي انتقال
ڪرڻ تي، 1938ع ۾، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو،
جنهن عهدي تي هو 1946ع تائين قائم رهيو.
ان کان پوءِ سنڌ سرڪار ۾ وزارت جي عهدي
تي، مختلف چيف منسٽرن جي وزارتن ۾، 1952ع تائين
هلندو آيو.
1952ع ۾، پاڪستان طرفان کيس اسپين جو سفير
مقرر ڪيو ويو. جتان 1953ع ۾، سرڪار جي انهن عهدن
تي سرڪاري عملدار مقرر ڪرڻ جي پاليسيءَ ڪري پوئتي
هٽايو ويو.
ان کانپوءِ کيس ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ جو
چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي 1957ع تائين
فائز رهيو.
1940ع کان 1952ع تائين، سنڌي ادب جي ترقي
لاءِ تڏهوڪيءَ سنڌ سرڪار جي قائم ڪيل مرڪزي
صلاحڪار بورڊ جو چيئرمين رهيو، ۽ ان کانپوءِ ”سنڌي
ادبي بورڊ“ جو آخر تائين ميمبر هو. پوين ڏينهن ۾،
ڪجهه وقت بورڊ جو اعزازي سيڪريٽريءَ طور به ڪم
ڪيائين.
1932ع ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي موقعي
تي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو بنياد وڌائين. 1950ع ۾،
وزير ٿيڻ تي، شاهي رستي کان ڀٽ شاهه تائين پڪو
رستو ٺهرائي، ادبي ڪانفرنس کي نئون رنگ ڏنائين.
ڪيترو وقت ”شاهه لطيف ڪلچرل ڪميٽيءَ“ جو
چيئرمين ٿي رهيو.
”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو
سيڪريٽري ٿي به ڪم ڪيو هئائين.
جڏهن کان مسلم ليگ طاقت ۾ آئي، تڏهن کان
مسلم ليگ جو ميمبر رهندو آيو.
سندس سياسي زندگي سنڌ جي اڪثر تعليم يافته
ميمبرن وانگر هئي.
ادبي ۽ ثقافتي زندگي.
شاهه صاحب ننڍي هوندي کان شعر چوندو هو.
سندس تخلص ”مير“، ”ميران“ ۽ ”مهجور“ رهيا آهن.
ڪيترا شعر چيا اٿس. نثر جو به سٺو لکندڙ هو. سواءِ
چند مضمونن جي، نثر ۾ ڪو ڪتاب ڪو نه لکيو اٿس. شعر
۾ سندس ”ڪليات ميران“ شايع ٿي چڪو آهي.
1924ع کان وٺي، مون سان واقفيت ٿيڻ بعد،
مختلف جڳهين تان مون کي جي خط پئي لکيا اٿس، انهن
مان ڪي چونڊي هن ڪتاب ۾ ڏنا اٿم: انهن مان سندس
سوانح تي ڪي قدر روشني پوڻ سان گڏ، سندس قلم جي
روانيءَ ۽ رنگين مزاجيءَ جو به پتو پئجي سگهي ٿو.
تعليمي معاملن سان هن کي خاص دلچسپي هوندي
هئي: سندس مدرسه بورڊ، سنڌ ڪاليج، سنڌي ادبي بورڊ،
بمبئي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي مسلم ادبي
سوسائٽيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ مان سندس انهيءَ لاڙي جو
پتو پئجي سگهندو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٺاهڻ لاءِ جا
ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي، ان جو به چيئرمين ٿي ڪم
ڪيو هئائين.
سندس زندگيءَ جو نمايان ڪم شاهه لطيف جي
ميلي جي موقعي تي ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو بنياد
وجهڻ، ۽ موجوده ثقافتي مرڪز جي تجويز تيار ڪري،
ڪوشش وٺي، ان جي تعمير شروعات ڪرائڻ هو. سنڌي ادب
جي واڌاري لاءِ هن جون ڪوششون وسارڻ جهڙيون نه
آهن.
راڳ جو خاص شوقين ۽ ڄاڻو هو. شاهه لطيف
روميءَ جو شارح ۽ پوئلڳ پئي رهيو. حافظ شيرازيءَ
جي رندي مشرب جو مٿس خاص اثر هو.
ڪوآپريٽو تحريڪ ۾ پڻ خاص دلچسپي وٺندو رهيو. ورهين
جا ورهيه سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر
هو.
وڏو زنده دل، رنگين مزاج ۽ يارويس شخص هو. شخصي
دوستيءَ جو سچو ۽ محنتي انسان هو.
مون سان تعلقات.
شاهه صاحب جي مون سان پهرئين دفعي واقفيت،
مارچ 1924ع تي، سن ۾ سڏايل مٽياري سيدن جي ڪانفرنس
جي موقعي تي ٿي، جا وڃي گهريءَ دوستيءَ جي درجي تي
پهتي. سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪمن ۾ گڏ پئي رهياسون.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ اتحاد پارٽيءَ طرفان ميمبر چوندجڻ
بعد، جڏهن هن وڃي سر غلام حسين جي وزارت سان
شموليت ڪئي ته ان کانپوءِ اسان جا سياسي لاڙا جدا
پئي رهيا، ليڪن شخصي ۽ ادبي بنيادن تي کڙا ٿيل
دوستاڻا تعلقات ڪڏهن به نه ٽُٽا. ڪيترا دفعا آءُ
ساڻس سخت بيانيءَ ۽ سخت ڪوشيءَ سان پيش آيو هوندس،
پر پاڻ ڪڏهن به منهن نه مَٽيائين. سندس سياسي
خامين ۽ ڪوتاهين جو حساب مون کي وٺڻو نه آهي، انهن
عيبن کان آءٌ خالي نه آهيان. هتي صرف هي بيان ڪافي
ٿيندو ته باوجود طبيعتن جي جدا هئڻ جي، هڪ تار
ڳنڍيل هئي، جا اسان کي آخر تائين ڳنڍيو پئي آئي.
اها تار شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي محبت ۽ لاڳاپي جي
هئي:
”وڏي وس هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.“
آءٌ اڃا سندس لکيل خطن کي ڪتابي صورت
ڏيئي، کيس ملاحظي لاءِ موڪلڻ وارو هوس، ته اوچتو،
تاريخ 16 – نومبر 1963ع مطابق 28 – جمادي الثاني
1383هه، ڇنڇر ڏينهن، داغ مفارقت ڏيئي، انهيءَ طرف
روانو ٿي ويو، جتان ڪو به ڪو نه موٽيو آهي:
مٿي ٿر رَهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
ڪڏهين ڪو نه آئيو، تن پهنوارن پَهِي،
ويڙا سي وَهي، جَنَب گذاريم جن سين!
هاڻ هي ڪتاب، سندس عيوض، سندس بزرگ ۽ دوست
صاحبزادي عبدالستار جان سرهنديءَ ۽ عزيز اولاد سيد
اسدالله شاهه حسينيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو:
گر قبول افتد زهي عز و شرف .
حديثِ دوست نگيوم مگي بحضرتِ دوست،
ڪه آشنائي سخن آسنا نگهدارد،
راز يڪه بر خلق نهفتيم و نگُفتيم،
با دوست بگوئيم ڪه او محرم راز است.
|