سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 7 

سال 1937ع

 

(1)

ڪراچي

5_ جون، 1937ع

        مون کي اوهان جي والده جي وفاتيءَ جو ٻڌي گهڻو ارمان ٿيو آهي. خدا کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي! تون سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ تان استعيفا نه ڏين ها. سڀئي دوست ناراض آهن. صديقيءَ ۽ جمشيد جي وچ ۾ غلط فهمي وڌي ويئي آهي.


(2)

حيدرآباد

22_ نومبر، 1937ع

        12_ نومبر تي اليڪشن پٽيشن جو مدو پورو ٿيو، پر ججن کي اهڙو ساڙ لڳو آهي جو اڃا نقصان پهچائڻ جا ڪي وجهه  پيا ڳولين. سر غلام حسين جا باز آهن. ان کي ڏٺم، ان چيو ته ماٺ ڪري ويٺو هج، آءٌ پاڻيهي ان ڪم جي پورائي ڪندس. زباني گهڻو دلاسو ڏنو اٿس. خدا ڪري، اندر صاف هجيس. اڄ وري ڪراچيءَ وڃان ٿو. هندن کي اوهان جي بِل تي سخت ڪاوڙ آهي. نهچلداس جو اشتهار پڙهج.

 

(3)

حيدرآباد

6 _ ڊسمبر، 1937ع

        عيد مبارڪ!

        2 _ ڊسمبر 1937ع تي ٽربيونل فيصلو ڏنو. مرحوم نور محمد جي اليڪشن درخواست رد ڪيائون. ميان عبدالرحمان بارسٽر ڪٿي ڳالهه ڪئي ته ميان نور محمد سان ظلم ٿيل هو، تنهنڪري 61 رول موجب سرڪار پاڻ درخواست هلائي. هاڻ اها رپورٽ سر غلام حسين معرفت گورنر وٽ ويندي. ڏسجي، ڇا ٿو نتيجو نڪري. دعا ڪجو! جيئن خدا هيترا مرحلا چاڙهيا آهن، سو آئيندي به پناهه ڏيندو.

        اوهان جون تجويزون ورڪنگ ڪميٽيءَ اڳيان پيش ڪيون وينديون. سر غلام حسين کهڙي کي چيو ته ڪميٽيءَ اڳيان رکي. اميد ته اوهان 9 _ تاريخ ضرور ڪراچيءَ ايندا.

 

(4)

حيدرآباد

16 _ ڊسمبر، 1937ع

        اڄ مسٽر هيلي، آئي . جي . پوليس سان مليس. مرزا غلام حسين سب انسپيڪٽر لاءِ کيس سفارش ڪيم. هو مٿس سخت ڪاوڙيل هو. وڌيڪ چيائين ته توسان پاڻيهي احوال ڪندو. گولپ ڪليڪٽر منهنجي خلاف ٿي بيٺو آهي. چوي ٿو ته سر غلام حسين سان سيدن جي ٺاهه ڪري ميران محمد شاهه کي هٿ نٿو لايان، نه ته الاجي ڇا ڪري ڇڏيان. ان ڪري، حال سر غلام حسين خلاف ڪو تڪڙو قدم نه کڻج، منهنجي فيصلي تائين احتياط کان ڪم وٺندا.

 

سال 1938ع

 

(1)

ڪراچي

10 _ جنوري، 1938ع

        تو سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ بابت احوال ٻڌو هوندو. گزدر کي بئنڪ جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي. هندن بئنڪ مان احتجاج طور پئسا ڪڍائڻ شروع ڪيا آهن. ملاڪاتيار ڪانفرنس لاءِ خوب تياريون ٿي رهيون آهن. مسٽر گزدر صدارت ڪرڻ قبولي آهي، بشرطيڪ تون ان ۾ شريڪ ٿيندين، تنهنڪري، مهرباني ڪري، 15 _ تاريخ حيدرآباد ايندا ته گڏجي ملاڪاتيار هلون.

 

(2)

ڪراچي

7 _ فيبروري، 1938ع

        بمبئيءَ ويو هوس. 5 ڏينهن اقامت گزين هوس. مسٽر جنها ]جناح[ سان ٻه دفعا ملاقات جو موقعو مليو، جنهن مسلمانن جي اتفاق تي گهڻو زور ڏنو. خصوصاً هينئر دنيا جي بين الاقوامي فضا ڪري، مسٽر جنها ]جناح[ جي استقامت جو ئي نتيجو آهي، جو ڪانگريس اڄڪلهه مسلمانن سان اتحاد لاءِ خواهان آهي، مسقبل کي فراموش ڪرڻ نه  گهرجي، عظيم لڙائيءَ جو امڪان آهي. برٽش سرڪار سخت ڪشمڪش ۾ متبلا ٿيندي. هندستان زياده حقن لاءِ تقاضا ڪندو، جيستائين ٻن مکيه قومن جو ڪنهن پڪي عهدنامي جي بنياد تي اتفاق نه هوندو، ان وقت تائين مسلم قوم جي زنده ۽ با عزت رهڻ جو احتمال ڪو نه آهي. اهو آهي مسٽر جنها ]جناح[ جي گفتگو جو لب لباب. آءٌ بلڪل سندس پيرُو ٿي ويو آهيان. ان تي عمل در آمد به ڪيو اٿم، جو هڪدم ڪراچيءَ پهچڻ سان پراونشل مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو، شيخ عبدالمجيد جي مدد سان، بنياد وڌو ويو آهي، جا ايسٽر ڌاري گهرائي ويندي. آءٌ وري 12 _ تاريخ بمبئيءَ وڃان ٿو. مسٽر جنها ]جناح[ هوندو اوهان کي به پرپٺ ليگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو اٿم.

        اڄ سر غلام حسين سان سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ تي بحث ڪيم.  تقاوي لونِ بابت اسان جي سفارش کان ڪجهه ٻيءَ طرح ڪرڻ گهري ٿو، پر اوهان جي مشوري تائين ترسايو اٿمانس.

        کهڙي کي لکو ته 19 _ تاريخ ورڪنگ ڪميٽي گهرائي. آءٌ 18 _ تاريخ بمبئيءَ کان واپس اچي ويندس.

        رولس ڪميٽي 21 _ تاريخ گهرايان ٿو. اميد ته اوهين 19 _ تاريخ کان وٺي ڪراچي رهڻ جو فيصلو ڪندا. آءٌ سڀاڻي 8 _ تاريخ حيدرآباد پهچندس. 12 _ تاريخ بمبئيءَ يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ روانو ٿيندس. بمبئيءَ جا احوال گهڻا آهن.

 

(3)

حيدرآباد

8 _ جون، 1938ع

        اوهان جي طبيعت جي بيچاڪائيءَ جو احوال معلوم ڪري، مون کي نهايت انتظار ٿي پيو. ان ساريءَ سنڌ ۾ هيجان پيدا ڪيو آهي. بيشڪ، مردن جي هر ڳالهه اهميت رکي ٿي، مون کي 29 _ تاريخ سن اچڻ جو ارادو هو. پر خانبهادر الهه بخش جي ڊرائيور کان معلوم ٿيو ته اوهين ڪراچيءَ وڃو ٿا. ٻيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ هندن  ۽ مسلمانن جو تڪرار ٿي پيو آهي، جنهن ڪري صلح لاءِ اوڏانهين وڃان ٿو. اوهان جي پروگرام پهچڻ بعد سن اچڻ جو خيال ڪندس.

        ڊاڪٽر دائود پوٽي لاءِ اوهان خانبهادر الهه بخش کان واعدو ورتو آهي. شل پاري! قاضي ته هاڻي سڀني سيدن کي گاريون پيو ڏئي.

 

(4)

حيدرآباد

20 _ جون ، 1938ع

(انگريزيءَ مان ترجمو)

        منهنجي بمبئيءَ مان 13 _ تاريخ اچڻ تي اوهان جو پيار ڀريو خط پهتو، جنهن مان اوهان کي منهنجي بمبئيءَ جي حالات ۽ واقعات معلوم ڪرڻ جو گهڻو اشتياق ڏٺم. منهنجي سڪوت کي اوهين الغرضائي سمجهڻ لڳا آهيو، ليڪن ائين صحيح نه آهي. منهنجي خيال ۾ هو ته هاڻ اوهين سياسي مشغولين ۽ وزارتن جي ڀڃ _ گهڙ ۾ اهڙو مشغول پئي رهيا آهيو جو زندگيءَ جي ادبي ۽ تهذيبي ڳالهين ۾ وقت صرف ڪرڻ يا احوال ٻڌڻ لاءِ نه وقت رهيو هوندوَ، نه اڳين ساڳي دلچسپي هونديوَ. هاڻ جڏهين اوهان جي خطن مان معلوم ٿيو ته ايتريءَ مشغوليءَ جي باوجود اوهان جي انهن ڪمن ۾ دلچسپي گهٽ نه ٿي آهي، ۽ مون کان ٻاهر جي واقع نگاريءَ ۽ زنده دليءَ جي احوال معلوم ڪرڻ جو شوق ڏيکاريو اٿوَ، ان ڪري تازو بمبئيءَ جي سفر جو احوال پنهنجي هميشه جي انداز ۾، هن دفعي انگريزيءَ ۾ لکي موڪليان ٿو.

        هتان بمبئيءَ ويندي، گاڏيءَ ۾، پنهنجي اڳوڻي چيف منسٽر سَر غلام حسين جي ملاقات جو گهڻو لطف حاصل ٿيو. بمبئيءَ ۾ پهچڻ تي سر غلام حسين سر قاسم ميٺا وٽ وڃي رهيو، ۽ مون ۽ گبول اپولي هوٽل ۾ اچي روم ورتا، جنهن کي نئين سر درست ڪيو اٿن. مسٽر ڀروچا، اڳي وانگر، هوٽل جي رهاڪن جي هر ڪنهن ضرورت مهيا ڪرڻ لاءِ ساڳيءَ طرح چست نظر آيو. اتي هوٽل ۾ هڪ مسز فليس رهندي آهي، جنهن اندروني دنيا جي رهبريءَ ۾ گهڻي مدد ڪئي ٿي. ليڪن عثمان مِٺا سارن ٻين پروگرامن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو، شام جو هو موٽر وٺي آيو، هن تاج محل هوٽل ۾ اڳي ئي غير معمولي انتظام ڪيو هو، تنهن ڪري پوئتي گبول صاحب کي مسز فليس جي ڪيل انتظام جي لطف وٺڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي وڃڻو پيم. تاج محل ۾ عثمان، سردار ڳڙهه، ڪاٺياواڙ جي نواب سان ملايو، جتي راڳ _ ناچ، خردونوش جو سڀ سامان موجود هو. اتي هڪ آمريڪن ڪئبري _ڊانسر ڇوڪريءَ پنهنجن ڪرتبن سان حاضرين کي نهايت محفوظ ڪيو. اتان ٿي، گرين هوٽل ۾ وياسون، جتي راڳ، ناچ، کاڌي کائڻ، صبح جا ٻه لڳائي ڇڏيا.

        ٻئي ڏينهن صبح جو، هيڏانهن هوڏانهن گهمي، ڪم ڪاريون لاهي، واندا ٿياسون. شام ٿيندي ئي، بمبئيءَ جي فلم ائڪٽرن ڏانهن وياسون. تون انهيءَ دنيا جي ڪشش ۽ خوبصورتيءَ بنسبت خيال ڊوڙائي سگهين ٿو ته اتي ڪهڙو موج ۽ بهار جو عالم هوندو! ڪارنيلين ريسٽورنٽ انهن جي گڏ ٿيڻ جو مڪان هو. مس سلطان جهان، ساگر فلم ڪمپنيءَ جي نهايت حسين ائڪٽريس، اتي حاضر هئي، سندس عقابي اکين چؤطرف ناظرين جي شڪار لاءِ پئي وجهه وڌا، جتي سندس ڪيئي مداح شڪار ٿيڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. سندس مرجان جهڙن چپن، موتي مثل ڏندن جي مشڪڻ سان، حاضر مجلس تي عجيب اثر ٿي پيدا ڪيو. سندس مرمري بدن، نازڪ ۽ لچڪيدار ڪمر تي اها بيهڪ رکيو بيٺو هو، جنهن مصر جي راڻي قلو پطره يا فرانس جي مئڊم ڊميلو جي حسن کي شهه ٿي ڏني. هن جي زبان مان بلبل شيراز وانگر عجيب آواز ٿي نڪتو، گفگتو اڙدو ۾ ٿي ڪيائين. هن منهنجي عرض کي اونائي، غيرفاني محبت ۽ دائمي دوستيءَ جو دلاسو ڏنو، جنهن مان مون کي اعتبار آيو ته هوءَ ضرور منهنجي جذبات جو قدر ڪندي. هن جي گلابي ڳلن جي رنگ، موسم _ بهار جي آمد طرف اشارو پئي ڪيو. اها رات خير سان ختم ٿيڻ کي ويجهي هئي، ته اهڙيءَ جنس جي ٻئي فرد کان، ٻيءَ رات، تاج محل هوٽل ۾، ملاقات جو واعدو مليو، جنهن جدائيءَ جي هولناڪ فراق کي اميد جي آسري تي گهٽ ڪري ڏيکاريو. اهڙيءَ طرح، رات خير سان گذري ويئي.

        بارش جي گهڻائيءَ سردي پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڏينهن جو گهڻو حصو، ٻين کان ستين بجي تائين، سينيٽ جي ميٽنگ ۾ گذاريو ويو. شام جو عثمان آيو، ۽ ان سان موٽر ۾ گهمڻ لاءِ روانا ٿياسون. پويان ڏٺم ته گبول صاحب حسرت جي نگاهن سان اسان جي نظر کان غائب ٿيڻ کي ڏسي رهيو هو.

        نيٺ، موٽر هڪ جاءِ تي وڃي بيٺي، بٽڻ دٻائڻ سان اندران ٻه ڪهڪاف جون پريون نڪري آيون، جي ريشمي وڳن ۽ عمدن زيورن سان ملبوس هيون. ٻيئي اچي موٽر ۾ پويان مون سان گڏ ويٺيون. مون کي ٻنهي جي وچ ۾ ويهڻ جو شرف حاصل ٿيو. هڪ فاني جسم کي غيرفاني حسن جي آغوش ۾ جاءِ ملڻ، وڏي خوش نصيبي سمجهڻ گهرجي. ٻن پازيٽون (Positives) هڪ نيگيٽو (Negative) کي جڏهين ڪرنٽ ڏيڻ شروع ڪيو، ته ٽيئي ملي هڪ ٿي ويا. آخر موٽر تاج محل هوٽل جي دروازي تي بيٺي، ان مان لهي، لفٽ ۾ چڙهي، هال ۾ پهتاسون. اسان سان گڏ نواب سچين جي ويڳي همشيره هئي. هال اڳي ئي مختلف شاهي گهراڻي جي ماڻهن سان ڀريل هو، جي بمبئيءَ ۾ شهزادن جي ڪانفرنس لاءِ آيل هئا. ڪيترن شهزادن اسان کي گهوري پئي نهاريو _ پر ان ڪري نقصان ڪو نه ٿي پهتو. بدن جي طعام کان، نظر ۽ روح جو طعام ڪثرت سان هو. هال جي فلور تي شاهزادن ۽ شهزادين جي رقصم اهو لطف پيدا ڪيو هو جو ناظرين جا ڏند چپن سان ملي ٿي ويا. اسان قصن ۾ پڙهيون هيونسين، پر اڄ اهو اڻڏٺو عالم اکين اڳيان ڦِرڻ لڳو، اوچتو، نواب سچين جي اچڻ ذرا اسان جي عيش ۾ رخنو وجهي ڇڏيو، جو سندس ڀيڻ کيس ڏسي سهمائجي ويئي، ليڪن خوش قسمتيءَ سان هو جلد ئي هڪ حسين عورت جي دام ۾ اچي ويو، ۽ هال ۾ هڪ چڪر ڏيڻ کانپوءِ ڪنهن نا معلوم جڳهه ڏي هليا ويا. اتي جنهن موج ۽ لطف جو عالم هو، ان جو اظهار هتي حيدرآباد ۾ ڪرڻ منهنجي تصور ۽ قلم جي طاقت کان مٿي آهي. هتي بمبئيءَ کان سوين ميل پري، بدليل ماحول ۾ ويٺو آهيان. آءٌ سمجهان ٿو ته تنهنجو اعليٰ دماغي تصور، انهيءَ پردي کي چاڪ ڪري، ان اڻڏٺل نظاري کي ڏسڻ لاءِ تنهنجي گهڻي مدد ڪري سگهندو.

        ٻئي ڏينهن، مسز سبحانيءَ سان لنچ کائڻ جو شرف نصيب ٿيو. مون کي ان غير معمولي شخصيت واريءَ عورت سان ان موقعي تي تبادله خيالات جو موقعو مليو، جا سگهوئي ڀاڳ ڀري ٿيڻ واري آهي.

        بدقسمتيءَ سان، ڊاڪٽر حميد جي ولايت وڃڻ ڪري، سندس مجلسن جي مزي حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويس.

        ليڊي ڪريم ڀائيءَ جي والد جي اوچتي انتقال ٿيڻ ڪري، سر ڪريم ڀائي ۽ ليڊي ڪريم ڀائيءَ جي مهمانوازيءَ کان به مشرف ٿي ڪو نه سگهيس. ٻيءَ گرل فرينڊ جي بئنڊ ماستر سان شادي ٿيڻ ڪري، ملڻ جو موقعو ملي نه سگهيو.

        آخري ملاقات، گبول  صاحب سان گڏ، کٽائو مينشن ۾، ڊاڪٽر مس ويراڪراسي ڊيفرينزپازي سان ٿي. ساڻس ٿوري واقفيت اڳي ٿيل هئي. هن دفعي ”اسپيڪر سنڌ اسيمبلي“ جي نالي مٿس وڌيڪ اثر ويهاريو. ڪارڊ ملڻ تي، يڪدم اسان کي هڪ سينگاريل هال ۾ وڃي ويهاريو ويو. جلد ئي ڊاڪٽر صاحبه جلوه افروز ٿي. سندس مشڪي کيڪارڻ، بجليءَ جو ڪم ڏيئي، ساري هال کي روشن ڪري ڇڏيو. پهرين مون کي اسپيڪر ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. سندس نازڪ هٿ جي گرمي ساري بدن ۾ سرايت ڪري ويئي. ان کانپوءِ گفتگو شروع ٿي، جنهن ۾ هن خوبصورت، نيڪ سيرت ۽ عالم عورت، سندس بين الاقوامي معلومات سان اسان جي علم ۾ اضافو ڪيو، جيڪو رواجي ماڻهن جي دائره معلومات کان مٿي هو. هيءَ عالمه، سنڌو درياءَ جي ڪناري تي، ڪوٽڙي پل بنائڻ واري انجنيئر جي گهر ۾ ڄائي هئي. پوءِ هن انگلينڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ علم حاصل ڪري، اچي بمبئيءَ جي سوسائٽيءَ کي سينگاريو هو. ٻه ڪلاڪ سندس مجلس جو مزو وٺي، کيس سندس زاد بوم، سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت ڏيئي، موٽي جاءِ تي آياسون.

        مون کي جناح صاحب سان ملاقات جو موقعو مليو، جو اڄڪلهه ”مسلم ليگ“ جو روح روان ۽ مکيه اڳواڻ آهي. هن جي غير معمولي شخصيت ۽ مدلل گفتگو هر ڪنهن ملاقاتيءَ تي اثر ڪرڻ کان رهي نٿي سگهي. سندس مڪمل ماسٽري تڏهين تسليم ڪبي، جڏهين توکي قائل ۽ مطيع ڪري.

        اهڙيءَ طرح، ڇهن ڏينهن جي سفر بعد، جو خواب مثل گذري ويو، آءٌ موٽي سنڌ ڏانهن روانو ٿيس. پر رستي ۾ هندالولي خواجه معين الدين اجميريءَ جي زيارت ڪرڻ ضروري ڄاتم. زيارت ڪري، دعا گهري، پوءِ شاهجان جي ٺهرايل ”دولت باغ“ کي، ساگر ڍنڍ جي ڪناري کي به ڏٺم. رستي ۾، گاڏيءَ ۾، هڪ فقير ۽ هڪ شاهزادي سان ملاقات جو موقعو مليو، جنهن جو ذڪر به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.

        پهريون اڳي ريلوي ۾ آفيسر هو، جنهن فقيري اختيار ڪئي هئي. ان کان هن جسم جي فاني ۽ روح ۽ بقا بابت ڪي نصيحت جا گفتا ٻڌا ويا. شاهزادو ڀرتپور جو راجا هو، جنهن وري جسم کي صاف سٿرو ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ تاڪيد ڪري، ان جا طريقا ٻڌايا. انهيءَ هڪٻئي جي ضد، گنڀير گفتگو سان خيالن کي منجهائي، بي ڪيف بنائي ڇڏيو هو. ليڪن خدا ڀلو ڪري هڪ پارسي ڇوڪريءَ جو، جا اجمير کان والد سان گڏ بيوار وڃي رهي هئي. تنهن سندس نمڪين ۽ روح افزا گفتگوءَ سان دل جي مرجهايل گل کي تازو ڪري ڇڏيو:

حديثِ مطرب ومي گو و رازِ ڪمتر جو،

ڪه ڪس نه ڪشود نه بحڪمت اين معما را.

        مارواڙ کان حيدرآباد تائين سفر ۾ گاڏن جي لوڏن، ڌوڙ جي بادلن، جهنگل جي مڇرن، اسان جي ٻاهران حاصل ڪيل آرام ۾ گهڻو رخنو وجهي ڇڏيو. نيٺ موٽي، ماڳن تي اچي، پنهنجي يڪرنگي ۽ بيڍنگي روزاني ڪاروبار ۾ مشغول ٿي، سنڌ جي روزمره زندگيءَ ۾ غرقاب ٿي ويس. مون کي خوف آهي ته خط تمام ڊگهو ٿي ويو آهي، پر اميد اٿم ته اهو منهنجي رواياتي واقع نگاريءَ ۽ زنده دليءَ جي احوالن جي اوهان وٽ محفوظ ٿيل دفتر ۾ اضافو ڪندو.

        سنڌ مدرسي جي پرنسپال جي مقرريءَ بابت مون کي ڪا به خبر نه آهي. 16 _ تاريخ واري مدرسي بورڊ جي سب ڪميٽي رڳو وائيس پرنسپال جي مقرريءَ تي غور ڪرڻ لاءِ ڪٺي ٿيڻ واري هئي. جڏهين به اهو سوال کڄندو، ته توسان صلاح ڪري قدم کنيو ويندو.

        آءٌ سڀان ڪراچيءَ ويندس. جتان 22_ تاريخ موٽي حيدرآباد ايندس. اتي ضلعي لوڪلبورڊ حيدرآباد طرفان مون کي 28_ تاريخ ائڊريس ملڻ واري آهي.

        اميد ته خوش خورم هوندين.

(5)

سيل هوٽل، روم نمبر 51، شملا

28 _ آگسٽ، 1938ع

        توکي معلوم هوندو ته 13_ آگسٽ تي آءٌ بمبئي يونيورسٽي سينيٽ جي ميٽنگ لاءِ ويل هوس. اتي چار ڏينهن رهي، پوني وڃي، اتي بمبئي اسيمبليءَ جو اجلاس ڏسي، ڀوپال، آگري ۽ دهليءَ کان ٿيندو، 22_ تاريخ هتي سملي ۾ پهتو آهيان. هتي سيل هوٽل ۾ رهان ٿو. جا وڏي ۾ وڏي ۽ فيشنبل هوٽل آهي. ڪيترا ڏينهن مرڪزي اسيمبليءَ جي اجلاس جو معائنو پئي ڪيو اٿم. اجلاس جي ڪارروائي، ڪارگذاريءَ جا رول ۽ بهترين سياسي ليڊرن جي تقريرن ٻڌڻ جو موقعو مليو اٿم. سيل هوٽل جي رهائش، مکيه سياستدانن جي آمدرفت ۽ ملاقات جي ميسر ڪرڻ ۾ گهڻي سهولت ڏني. آءٌ آفيسرن سان به پئي مليو آهيان. مون هندستان جي وائسراءِ سان به ملاقات ڪئي آهي. موجوده ”گريٽ مغل“ جو ٺاٺ به ڏٺو اٿم.

        هتي هڪ شخصي ڳالهه جي ذڪر ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان. هتي ننڍي کان وڏي ماڻهوءَ جي واتان تنهنجو نالو ٻڌي، نهايت خوشي ٿيم. هر هڪ ماڻهوءَ سنڌ جي سياست ۾ تنهنجي اثر، آئڊئلزم، ۽ عهدن جي لالچ کان مٿي جي ڳالهين کي نهايت تحسين جي نگاه سان ڏٺو ٿي. چون پيا ته شايد هيءُ ماڻهو سنڌ جي قسمت کي نئون روپ ڏيارڻ وارو آهي. ڪيترا دعائون ڪري رهيا هئا ته شل تون انهن اعليٰ مقصدن ۾ ڪامياب ٿين، خود وائسراءِ سلامت به اهڙو ذڪر ڪيو.

        جناح صاحب، جنهن کان تازو ڊنر تان موڪلائي پنهنجي روم ۾ پهتو آهيان، نهايت آرزومند ۽ منتظر ڏٺم ته هو ڪهڙيءَ طرح توکي پنهنجي دوستيءَ ۾ ڇڪي وٺي. هن کي هيءَ ڳالهه ٻڌي خوشي ٿي ته تون منهنجو پيارو ڀاءُ ۽ عزيز دوست آهين. هن جي خواهش هئي ته آءٌ توکي تحريص ڏيئي، سنڌ ۾ مسلم ليگ جي ڪشتيءَ جي ناکئي ٿيڻ لاءِ آماده ڪريان. مون کيس صاف ٻڌايو ته ”هن کي سندس مستحڪم ارادن ۽ راين تان بدلائڻ لاءِ آءٌ موزون ماڻهو ڪو نه آهيان، بلڪ ٻيو به ڪو ڇڊو ماڻهو سجهيم ٿو، جو اهڙو اثر رکندو هجي؛ دليل، خوشامد، تحريص، کيس بدلائي نه سگهندا. ليڪن مون کي اهڙا آثار نظر اچي رهيا آهن ته چند ڪوتاهه نظر ڪانگريسين جون غلطيون کيس مجبور ڪري، شايد هنن کان پري ڪن. ان وقت کيس مسلم ليگ طرف ڇڪڻ جي ڪوشش شايد بارآور ٿئي. هن وقت هن جي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ خلافِ مصلحت ۽ دانشمندي ٿيندي“.

        هتي مون کي ديوان لالچند نولراءِ، سنڌ جي ايم. ايل. اي. ۽ اسيمبلي کاتي وارن طرفان اسيمبليءَ جي ڪاروباري معلومات حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ملي آهي.

        منهنجي هتي واري قيام جو سوشل حصو ڊگهي ڪهاڻي رکي ٿو. هتي صرف چند سٽون، پنهنجيءَ روايت کي قائم رکڻ لاءِ، پيش خدمت ڪريان ٿو.

        اڄڪلهه تون سياسي مهاڄار جي جهنجٽ ۾ اهڙو ڦاٿو پيو آهين جو خبر نه آهي ته توکي زندگيءَ جي انهيءَ پهلوءَ سان دلچسپي هوندي يا نه. ازان سواءِ، تون پنهنجي رات _ ڏينهن وارن سياسي مشغولين ۾ شايد منهنجو خط  به رکي نه سگهين، ۽ اهو ڪنهن نا اهل، غير موزون ماڻهوءَ جي هٿ چڙهي وڃي، ۽ اهو ان مان غلط معنيٰ ڪڍي. آءٌ اهو طرف صرف اهلِ دل ۽ محرمِ راز وٽ پيش ڪري سگهان ٿو، نه مرده دل ماڻهن وٽ. بهرحال، جي تون اصرار ڪندين ۽ تو زندگيءَ جي اُن پهلوءَ کان دلچسپي نه گهٽائي آهي، ته جهڙيءَ طرح اڳي ڪيترا دفع ڪيو اٿم، موٽي ملڪ اچڻ بعد سمورو احوال لکي، تنهنجي معلومات ۽ رڪارڊ تي رهڻ لاءِ پيش ڪندس.

        سملي جي آبهوا اڄڪلهه نهايت خوشگوار آهي. وقتي بارش جا ڇٽڪارا، صبح جو سرلي مان سج جون واڌايون، بدن ۾ تازگي پيدا ڪريو ڇڏين. هتي هر ڪو هاليڊي موڊ ۾ پيو ڏسڻ ۾ اچي. ڪيتريون دليون انهيءَ ماحول ۾ رومانس جا جذبات ظاهر ڪيو وجهن. ننڍا وڏا، شام جو مال روڊ تي گهمندا نظر اچن ٿا. هر خوبصورت شيءِ کي داد ڏيڻ وارا به، مون وانگر، ڪيئي موجود آهن. هتي ملڪ جي هر حصي جا ماڻهو نظر اچن ٿا، ليڪن پنجاب جو حسن سڀ کي مات ڪيو بيٺو آهي. مغربي تهذيب هندستانين جي مٿئين طبقي جي  رڳن ۾ سرايت ڪندڙ ڏسڻ ۾ پيئي اچي. جيڪڏهين مشرقي ۽ مغربي تهذيب جي ملاوت، ڪنهن مقصد جي حد نظر، رٿا مطابق ڪئي وڃي ته اهو مرج البحرين، ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ گهڻو مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهين انهن اثرن کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو ويو ته کريل کير وانگر ڏڍر ٿي، سوسائٽيءَ جي اها حالت بنائيندا، جهڙي ڪانگُ ڪَنگَ جي هلڻي سکڻ جي عيوض پنهنجي به وساري ويٺو، ۽ نه هيڏانهن جو ٿيو نه هوڏانهن جو.

        راڳ ۽ ناچ سملي جي مٿئين طبقي جي ماڻهن جا خاص مشغلا ٿي پيا آهن. ٻئي جنسون، هندستان جي هيٺانهن ڀاڱن جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ، آرام وٺڻ واسطي، هتي اچي رهيون آهن. هتي اچڻ بعد، هوا جي اثر ڪري تازا ٿيو، عشق بازيءَ جي ڪشش ۾ ڇڪجيو وڃن. هتي انساني فطرت، نفسيات ۽ دلي رجحانن جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اهلِ نظر واسطي ڪافي مواد موجود آهي.

        آءٌ هيءُ خوبصورت شهر پهرينءَ سيپٽمبر تي ڇڏي واپس موٽندس. رستي تي، 5 _ تاريخ، سکر ۾، ديوان ڀوڄسنگ جي پُتلي جي نصب ٿيڻ جو افتتاح ڪري، 6 _ تاريخ حيدرآباد پهچندس. مون کي اميد آهي ته تون ان وچ ۾ حالتن کي سازگار بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندين.

        سر عبدالله هارون ۽ يوسف گهڻو مهربان هئا. هاڻي ان طرف آيل آهن.

 

(6)

حيدرآباد

5_ آڪٽوبر، 1938ع

        پير بقادار شاهه، آءٌ، بابو ۽ پير الهيار شاهه مسلم ليگ اجلاس ڏسڻ لاءِ ڪراچيءَ اچڻ گهرون ٿا. بنگلي ۾ ٻيا گهڻا ماڻهو نه رهائيندا. حسن بخش شاهه يا مقبول شاهه جهڙا ماڻهو هوندا ته پرواهه ڪا نه آهي، پر اوهان وٽ گرو گنجو اچيو ڪٺو ٿئي، اهو لحاظ رکندا.

 

 

 

(7)

حيدرآباد

1_ نومبر، 1938ع

        تنهنجو 30_ تاريخ وارو موڪليل خط پهتو. مون کي پڙهي ارمان ٿيو ته حسن بخش شاهه واڻئي وانگر سوديبازيءَ تي لهي آيو آهي، ڪراچيءَ ۾ ٿيل صلح جي رخ تي نه آهي. هن جي ڊگهين تقاضائن کي قبول ڪرڻ، مشڪل مسئلو آهي. مون کي افسوس آهي ته منهنجي عرض جو شاهه صاحب تي ڪو به اثر ڪو نه پيو. نه وري تون ئي هن کي سمجهائي سگهيو آهين. رسول بخش ڪجهه به نه آهي، اهو ڦڏو صرف حسن بخش شاهه وجهي رهيو آهي. مهرباني ڪري وري کيس سمجهائي راه راست تي آڻڻ جي ڪوشش ڪج، سڀ ڪنهن کي اهو ويساهه ويهي ويو آهي ته منهنجو چيو تون وحيءَ جي طور قبول ڪرين ٿو؛ ڇاڪاڻ ته پاڻ ٻيئي گڏ اٿون ويهون ٿا.

        پر اها ڳالهه سياسي ڳالهين ۾ حقيقت نه آهي. بهرحال، ماڻهن ۾ ويٺل اعتماد ۽ خيال ڏينهڪ نڪري ڪو نه سگهندا. مهرباني ڪري، وري ڪوشش ڪر، پر جي هو باز اچڻ کان ٻاهر هجي، ته صاف جواب موڪل ته سندس آسري تي ويهي نه رهان.

(8)

حيدرآباد

18_ ڊسمبر، 1938ع

        مون کي ظاهر ڪندي خوشي ٿئي ٿي ته والد حج تي 6_ جنوري تي ڪراچيءَ کان وڃڻ گهري ٿو. تنهنجي بنگلي کي ڪتب آڻينداسون، ان ڪري مهرباني ڪري اهڙو بندوبست ڪج، جيئن ان وقت بي انتها مهمانن کان فراغت هجيس. ڪنجيون به موڪليندا.

 

سال 1939ع

 

(1)

حيدرآباد

20_ اپريل، 1939ع

        خط پهتو، احوال معلوم ٿيو. مون اوهان کي تار ڪئي هئي ته هتي اچو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪي وهي واپري پيو، ان بابت صلاح مصلحت ڪجي. خانبهادر الهه بخش ٻاهر ويل آهي. ڪالهه ساڻس فون تي شڪارپور ڳالهايم. کيس سمجهايم ته جي. ايم . سيد تي ڪيس جي منظوري ڏيڻ ٺيڪ ڪم نه هو؛ اهي رستا کين فائدي بدران نقصان پهچائيندا. جنهن تي پاڻ چيائين ته ڪيس بابت کيس خبر نه هئي؛ ڪراچي وڃڻ بعد جاچ ڪندو. هو سر غلام حسين کي ائين ڪرڻ نه ڏيندو. وڌيڪ ڳالهيون ڪاغذ ۾ لکي نٿو سگهان. اڄ اوهان جو خط آيو ته ڪيس داخل ڪو نه ڪيو ويو آهي. بقادار شاهه هتي آهي، چوي ٿو ته هتي اچو ته صلاح ڪجي: اوهان کي کڻي ڪيس جي پرواهه نه هجي، پر اسان، اوهان جي عزيزن ۽ دوستن کي گهڻو انتظار آهي. هاڻ جي اچو ته سڀني تي احسان ڪندا، نه ته به اختيار وارا آهيو. پير الهيار شاهه ۽ صاحبزادو عبدالستار جان به ملڻ لاءِ منتظر آهن.

 

(2)

(خانگي ۽ شخصي)

ڪف پريڊ، ڪولابا، بمبئي

21_ جون، 1939ع

        ادا سائين، تسليم. پراڻي دستور موجب، اڄ به قلم کڻي هن دفعي جي ڇوٽي سفر جو ذڪر توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو. هن دفعي توهان جي گهڻي يادگيري آئي، جنهن جو سبب هيٺ ڏيندس.

        13_ جون تي، سر غلام حسين سان گاڏيءَ ۾ سوار ٿي، بمبئيءَ لاءِ روانوٿيس. فرسٽ ڪلاس ۾ رڳا ٻه ڄڻا هئاسون، تنهنڪري پيرو کان ٽمبڪٽو تائين ذڪر اذڪار ڪندا هلياسون، جنهن ۾ گاهي گاهي تنهنجو ذڪر خير به ٿيندو هليو. ڪهڙي نموني جو، تنهن جي تفصيل لکڻ کان، اوهان جي تصور تي ڇڏيان ٿو؛ پاڻيهي سمجهي ويندا. جڏهن بمبئيءَ پهتاسون ته ”سر“ لاءِ ”سر“ [Sir] بيٺل نظر آيو، ۽ ”ڪامنر“ (Commoner) لاءِ. ”ڪامنر“: يعني هن لاءِ سر قاسم مِٺا، ۽ مون لاءِ عثمان مِٺا ۽ ڊاڪٽر حميد جو سالو زورڪ.

Text Box: 09

 

        عثمان جي اصرار تي، آءٌ هوٽل مئجسٽڪ ۾ وڃي جاءِ گزين ٿيس. پهرين رات ته آرام ۾ ڪٽي. ٻي رات هوٽل ۾ ڊانس جو انتظام ٿيل هو، 7 بجي شام کان 10 بجي رات تائين. ڊاڪٽر حميد، عبدالرحمان ولد سر محمد يوسف ۽ مسٽر زورڪ اتي منهنجا مهمان ٿي آيا. شهر جي ڪوني ڪوني مان حسين، مهه جبين، سندس حسنِ خداداد جي نمائش ۽ تماشاين جي دل جي تپش لاءِ جوق درجوق اچي ويل هيون. حسن جي بهار کي زور وٺائڻ لاءِ، ساز ۽ سينگار ۾ ڪين گهٽايو هئائون. اهڙي ماحول ۾ عشق جي بازار گرم هئي، ۽ پريم جا پئگ وارو وار هلي رهيا هئا. سڀڪو پنهنجي منظورِ نظر جي ڪمر ۾ ڪمند وجهي، هوٽل جي دالان تي، محبت واري خُمر جي خمار ۾ اچي، سماع جي سرور ۾ رچي، دنيا و مافيها کي وساري، الفت جو اکر اچاري، حالتِ استغراق کي پهتل هو. اسان چئن يارن جي حالت نرالي هئي، جو حسرت جي نگاهه سان انهن خوش نصيب جوڙن کي تڪي رهيا هئاسون.

 

        اتفاقاً، قسمت ياوري ڪرڻ شروع ڪئي، جنهنڪري فرانسيسي حورن جي هڪ جوڙي پنهنجي قدوم ميمنت لزوم سان رقصگاهه کي رشڪِ جنان بنائي ڇڏيو. اهي ٻئي زورڪ جون پراڻيون واقفڪار هيون، تنهنڪري نه رڳو تعارف جو شرف حاصل ٿيو، مگر اسان کي سندن همڪنار ۽ همنوا ٿيڻ جو موقعو به ملي ويو. زهي نصيب! تمام دنيا جو، شرق کان غرب تائين ذڪر ٿيندو رهيو. دورانِ گفتگو ۾ منهنجي گاهي گاهي تعريف ٿيندي رهي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو سندن دولتخاني تي اچڻ لاءِ دعوت ملي ويئي، چه خوش نصيبي! انڌو گهري هڪ اک، ملنس ٻه!

        بهرحال، انهيءَ موجب، ٻئي ڏينهن شام جو سرڪار جي درٻار ۾، ڊنر_سوٽ کي زيب تن ڪري، وڃي وارد ٿياسون. مغرب جي دستور موجب، مڪان نهايت آراسته ۽ پيراسته هو. صفائي ۽ سنجيدگي ته ڪو يورپ جي عورتن کان سکي. سامان ٿورو، ٺاهه گهڻو، اتي پنهنجي گهرن گندگي ۽ وارفتگي اکين اڳيان اچي سامهون بيٺي. خيال آيو ته ڪاش اسان جي عالمِ نسوان جي نقطه نظر ۽ بودوباش جي معيار ۾ به ڪو انقلاب اچي! خير، ڊنر _ ٽيبل تي چارئي دوبدو ٿي ويٺاسون_ مسٽر زورڪ ”مدموذيل لينا“ سان، ۽ مابدولت ”مد موذيل مارٿا“ سان. ستل احساسن کي اُڀارڻ، غمن کي غلط ڪرڻ، خوشيءَ ۽ خورميءَ جي برقي لهر بدن ۾ پيدا ڪرڻ تي مغربي جنسِ لطيف کان ڪو سکي. ٿوري ئي وقت ۾ هنن جي شيرين ڪلاميءَ، جا ٻاتيءَ انگريزيءَ ۾ هلي رهي هئي. اسان کي فرش کان عرش تي پهچائي ڇڏيو. نهايت خوش پيشاني ۽ فراخدليءَ سان فرائضِ مهمانداري ادا ڪيائون. اسين، جي بکايل بگهڙن وانگر هنن جي اڏاوت، نفاست ۽ نزاڪت کي گهور سان تڪي رهيا هئاسون، تن کي تاڙي ويئون. اسان به پنهنجي آشفتگيءَ جو بيحجابانه اظهار ڪيو. توهان کي معلوم آهي ته مغربي بيگمن ۽ مهوشن کي پنهنجي حسنِ خداداد جي تعريف بلڪل پسندي ايندي آهي، ۽ پنهنجي محبت جي محويت ۽ مستانگيءَ جو اظهار به خوشگوار لڳندو اٿن، تنهنڪري بنا تردد اسان به وامق _ عذرا ۽ ليليٰ _ مجنون جو کيل شروع ڪيو، جنهنڪري صحبت ۾ چهرائي ۽ گفتگو ۾ سلوڻائي داخل ٿيڻ لڳي. دل جا دوُد ڪڍي، ٻي بجي صبح جو، خير سان واپس پنهنجي مڪان تي پهچي، چارپاين تي اچي ليٽاسون. ان کان پوءِ به ڪوشش ڪئيسون، پر هنن جي عدم فرصتيءَ ۽ منهنجي وقت کي تنگيءَ موقعو نه ڏنو جو وري به حظِ صحبت اُٺايو وڃي.

        تاريخ 18_ جون 1939ع، آچر ڏينهن، مسٽر عبدالرحمان پنهنجي پُر فضا ۽ دلربا مڪان تي، جو پير عليءَ جي ٻيٽاريءَ جي سامهون، سمنڊ جي ڪناري تي واقعي آهي، شام جو مدعو ڪيو، مسز حميد، مسز قزلباش ۽ هڪ جرمن ليڊي ”آنٽي“ به آيل هيون. بنگلي جي ايوان ۾، سمنڊ جي ڪناري تي هڪ وڏو تلاءُ (Swiming pool) ٺهيل آهي. جان جي ڪناري تي هڪ وڏو ورانڊو اَڏيل آهي. جنهن ۾ نيٽ جي ڪرسين ۽ ڪوچن جون قطارون باترتيب پيل آهن. جوانن کي ترڻ جو شوق جاڳيو، ۽ ليڊين کي مردن جي برهنگيءَ جي تماشي ڏسڻ جو اشتياق دامنگير ٿيو. مون کي به جنسِ لطيف جي اصرار تي پنهنجي لاغر جسم جي نمائش ڪرڻي پيئي. ترڻ ۾ البت تحسين ۽ تبريڪ حاصل ٿيم. رات جو ميٽرو سئنيما ۾ وياسون، جا هندستان ۾ هڪ محل جي مثال آهي.

        19 _ تاريخ شام جو، مسٽر عبدالرحمان نوازش فرمائي وري به ڊنر جي دعوت ڏني. شام جو هو آيو، ۽ پنهنجيءَ موٽر ۾ کڻي، وارڊن روڊ طرف وٺي ويو. آهستي آهستي هڪ معمولي مڪان جي چوٽيءَ تي چڙهي وياسون. اليڪٽرڪ گهنٽيءَ جي آواز تي درڪشائي ٿي، ۽ دروازي کلڻ سان هڪ ماهه وش، حورسرشت، پري پيڪر جو لقاءُ بجليءَ جي چمڪ جيئن اکين کي ڌنڌلائڻ لڳو:

”سر وقط، شمشاد قامت، نيڻ نرگيس نوڪدار،

سڀ کان سهڻو، سرس صاحب، سونهن ڀريو سرور ڏٺم.

جو مصداق نظر آيو. سفيد رنگ تي سياهه لباس، ڪڪرن جي ڪارونڀار ۾ چنڊ جي نظاري جو سمان اکين اڳيان پيش ڪيو. هن جا ڪاريهر ڪاڪل، ڪمندن جيئن ورورن ۾ وجهي، پيچ در پيچ ڪلهن تي ڪريل نظر آيا. اِيوننگ پاجامو ۽ تنگ سلڪي فراڪ سندس بناوت کي فطرت کان زياده حسن ۽ نزاڪت بخشي رهيا هئا.

        نهايت خوش پيشانيءَ جي تبسم خيز لهجي ۾ اسان جي مرحبا ٿي. مڪان ڇوٽو سو نظر آيو، مگر ان جي صفائي، آراستگي ۽ پيراستگي، باوجود سادگيءَ ۽ قناعت شعاريءَ جي، جاءِ جي رونق کي دوبالا ڪري رهي هئي. منهنجو تعارف مسٽر عبدالرحمان نهايت مبالغي آميز الفاظن ۾ ڪرايو. آءٌ خود، انهن لفظن کان شرمندگي محسوس ڪري رهيو هوس، جو منهنجي لياقت ۽ حيثيت جي مون کي پوري خبر آهي، ۽ ٻي شايد توهان کي. بهرحال، احوال پرسيءَ بعد مون ان ماهه وش کان سندس تعريف جي التجا ڪئي، جا مختصر طور هنن لفظن ۾ ادا ٿي:

”هڪ آواره سر، پريشان دل، سراسيمه، وارفته عورت، جنهن جي رڳن ۾ والد جي طرفان ٽيونس (آفريڪا) جي عرب شيخ جو خون، ۽ والده جي طرفان هڪ فرانسيسي جاگيردار جي ڌيءَ جو خون اختلاط ٿيل آهي. پئرس يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ، ۽ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس جي ڊپلوما  حاصل ڪيل آهيان. هندستان جي سرزمين جي سير جو شوق اَٺن ورهين جي عمر کان اسڪول ۾ پڙهندي دامنگير ٿيم، جنهن لنڊن وڃي انگريزي سکڻ تي مجبور ڪيم. فلاسافيءَ ۽ ايٿڪس (اخلاقيات) سان خاص دلچسپي اٿم. البت سر زمين هند ۾ ڪن وڏن آسرن ۽ اميدن جي ترهي تي تري اچي نڪتيس. پر ساحلِ مراد تي پهچڻ کان اڳ، ناخدا جي بيوفائيءَ ۽ ڪج ادائيءَ جو شڪار ٿي، قعرِ غم وا الم ۾ متبلا ٿي ويئي آهيان. دورانِ حياتيءَ ۾ ٻه دفعا پنهنجي دل کي فطرت جي تقاضا موجب دامِ محبت ۾ اڙايم_ هڪ دفعي هنگرين سان، ۽ ٻيو دفعو هندستانيءَ سان. بدقسمتيءَ سان ٻئي دام تزوير نڪتا، ۽ نه دلپذير، جيئن منهنجون اميدون هيون. هندستاني منظورِ نظر دلاسو ڏيئي، هندستان گهرائي، پاڻ پنهنجو دامن پيءُ جي مجبوريءَ تي ٻيءَ سان اٽڪائي، مون کي فرقتِ جاوداني ۽ داغِ حسرت ڏيئي، پنهنجن بنگلن ۾ عيش عشرت ۾ مستغرفق آهي، ۽ آءٌ هتي ياس او الم ۾ حياتيءَ جون گهڙيون ڳڻتيءَ ۽ ڳاري ۾ گهاري رهي آهيان. منهنجي بيوسيءَ ۾ ڪسمپرسيءَ جي حالت کي ڏسي، هڪ 60 _ سالن جي عمر رسيده بئرسٽر مسٽر مرزا، مون کي پنهنجي سايئه عاطفت ۾ رکيو آهي. گاهي گاهي مسٽر عبدالرحمان جهڙو رقيق دل مهربان، شفقت رسان انسان ملي وڃي ٿو، ته ان سان روح رهاڻ ڪري، دل جي المن کي ٿڌو ڪريان ٿي، ورنه پنهنجن ڪتابن سان ورونهن ۽ وندر ۾ وقت گذاريان ٿي.“

        انهيءَ بيان ٻڌڻ بعد منهنجو سڄو جسم ڪانڊارجڻ لڳو. انسانذات جي سخت دليءَ، قهر ۽ رمز تي تصوير اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. هن ماهه وش جي چشم آلودگي ڏسي، رحم جي رڳن کي وڌيڪ جنبش اچڻ لڳي. بهرحال، دل جوئيءَ واسطي مون جوتشيءَ جو مِنهن ڪري دلاسو ڏنس ته تون ضرور ڪنهن وقت ڪنهن راجا يا وڏي ماڻهوءَ جي محلن ۾ موجون ڪندينءَ:

دورِ گردون گردو روزي بر مرادِ ما نگشت،

دائما يڪسان نباشد ڪارِ دوران، غم مخور.

افسوس جو پارسيءَ ۾ درڪ نه اٿس. جيتوڻيڪ عربيءَ ۾ ماهر آهي. پئرس جي پرورده ۽ مغرب جي پيدائش هئڻ ڪري، وقت شناسي ته ڪو هنن کان سکي. پنهنجا غم ۽ غصا في الحال فراموش ڪري، سنهن چپن تي لالائيءَ سان گڏ مرڪ آڻي، اسان جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويئي _ ڄڻ ته خوشيءَ جي سيج کان هن هڪ قدم ٻاهر نه رکيو هو. يڪدم ڊنر جو انتظام ٿي ويو. طعام جي تناول ڪرڻ کان فارغ ٿي، وري به ڊرائنگ_روم ۾ فرش تي گاديون وڇائي، ٽيئي دوش بدوش ٿي، حياتيءَ جي دقيق نُڪتن ۽ خلقتِ انسان جي عميق مسئلن تي گفتگو ڪرڻ لڳاسون. سندس خيال ۾، دل جي خوشي ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ جو اصول (Ideal) هن حياتيءَ جو لَب لباب آهي؛ ۽ انهيءَ اصول کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر باقي نه ڇڏجي. چاهي انسان جي جسم خاڪيءَ کي قربان ڇو نه ڪرڻو پوي. هن جي نظر ۾ سڀ بندشون انهيءَ اصول يا آئڊئل جي حاصل ڪرڻ جي آڏو، مصنوعي ۽ انسان جون بنايل آهن؛ تنهنڪري آئڊئلسٽ (Idealist) کي انهن جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي. جماعت جي دستورن ۽ رواجن کي مسمار ڪري به، منزلِ مقصود تائين پهچڻ گهرجي، نه ته زندگيءَ جو جوهر ۽ حياتيءَ جو مقصد هڪ کيل ۽ تماشو ٿي پوندو، ۽ پوءِ جانور ۽ انسان جي وچ ۾ اشرف المخلوقات جي مسئلي تي بحث ڪرڻ فضول ٿي پوندو. انهيءَ تي مون هن کان هڪ سوال پڇيو ته ”انتهائي ۽ دائمي خوشي ۽ اطمينانِ قلب ڪيئن حاصل ٿي سگهن ٿا، ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ بعد انسان ڇا ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ڪهڙو فائدو رسي ٿو؟“ جواب ۾ چيائين ته ”دائمي خوشي هڪ اڻڏٺل، وهم ۽ گمان کان مٿي، حقيقتِ اشياء ۽ رازهاي حيات جو معلوم ڪرڻ آهي، جنهن جي جستجو ۽ ڳولا ۾ هزارن ورهين کان درويش، فيلسوف ۽ اهلِ دل ماڻهو پئي رهيا آهن. ڪي انهيءَ راهه ۾ هلندي گذر ڪري ويا، ڪن کي انهيءَ آئڊئل جي جهلڪ محو حيرت بنائي ڇڏيو. مغرب کي ڍونڍي، مشرق طرف مون کي اهو اشتياق ڇڪي آيو آهي. آءٌ صرف هيترو چئي سگهان ٿي ته ان سٽاڻي سفر ۾ هڪ همخيال، هم نفس، باڪمال، با وفا، بيغرض ۽ سچي دوست جو ساٿ هجڻ، تسڪين جو سبب ۽ سهارو ٿئي ٿو. پوءِ، ”دو دول يڪ شوند، بشڪنند ڪوه را“ وانگر، انسان جي دسترس لامحدود ٿي پوندي. هن کي پارس هٿ اچي ويندو، جنهن جي لڳائڻ سان خاڪ به ڪيميا ٿي سون ٿي پوندي. کين اطمينانِ قلب حال ٿيڻ بعد، نه رڳو پاڻ مستفيد ٿيندا، پر آسپاس کي به رڱي سگهندا. انسان جيستائين آئڊئل کي هٿ نه ڪيو آهي، ان وقت تائين آئڊئلسٽ پيو سڏبو. يا، ٻين لفظن ۾، جيستائين ڪيميا جي ڳولا پيو ڪندو، ان وقت تائين ڪيمياگر پيو سڏبو. پر انهن ٻنهي حالتن ۾، نه کين ذاتي فائدو پهچندو ۽ نه ڪنهن بني بشر کي.“

        ٻيو نُڪتو جو بيان ڪيائين، سو اهو ته اڪثري ماڻهو جسم ۽ ان سان تعلق رکندڙ شين کي وڌيڪ پيارو رکندا آهن، ۽ انهن جي خوشيءَ کي حقيقي خوشي سمجهندا آهن. دنياوي جاهه ۽ جلال، مال ۽ منال جو تعلق جسم سان آهي. آئڊئل جو تعلق روح سان آهي، تنهن ڪري آئڊئلسٽ، فطرت جي پابندي ڪندي، دائمي خوشيءَ جو متلاشي آهي؛ ۽ مٽيريلسٽ (Materialist) جسم جي رضامنديءَ خاطر، عارضي خوشيءَ تي راضي ٿي وڃي.“

Text Box: 87

 

        ان تي مسٽر عبدالرحمان مذاق طور چيس ته ”جي جسم کي تو وٽ فوقيت نه آهي، ته توکي تنهنجي جسم جي ڪنهن به عضوي جي حفاظت جي پرواهه نه هوندي.“ چيائين ”برابر، مون کي ڪا به عضون جي پرواهه نه آهي، جي گوشت ۽ پوست سان تعلق رکن ٿا، پر جيستائين انهن جو روح جي پاڪيزگيءَ سان تعلق آهي، تيستائين انهن جي حفاظت مون لاءِ لازمي ٿئي ٿي. مثلاً، بوسي يا معصوم طريقي جي همڪنارگي مٿئين قانون کان مستثنيٰ ٿي سگهي ٿي؛ ليڪن جسمي خواهشن کي ايتريقدر وڌڻ نه ڏبو جو بنيادي شيءِ يعني روحاني خوشيءَ جي جستجو وسري وڃي.“

 

        بهرحال، انهيءَ نوع ۽ انهيءَ طرز جي گفتگو ڪرڻ ۾، اهڙي بلند حوصلگيءَ ۽ فلسفه حيات جي باريڪ  نُڪتن جي اپٽار بعد، بي اختيار اوهان جو نالو پيش ڪيم ته ”منهنجو هڪ عزيز انهيءَ راهه جي رهنمائيءَ بابت ڪجهه خبر ڏيئي سگهندو، باقي اسان انسانن جي اتي پڄت نه آهي.“ پاڻ اوهان سان تبادله خيالات جو اشتياق ڏيکاريائين. خير، نياپو اسان پهچايو، آئيندي مالڪ پاڻ آهيو.

        ٻي بجي رات تائين گفتگو ڪرڻ بعد، جڏهين مسٽر عبدالرحمان تي غنودگي ڇائنجي ويئي، جو اهڙا دقيق مسئلا شايد هن جي دلچسپيءَ جو باعث ڪو نه هئا، اڌ رات مهل گهر پهتاسين.

        ٻئي ۽ ٽئي ڏينهن ڪا خاص قابل ذڪر ڳالهه ڪا نه ٿي. پر آخرين شام جو، 21_جون، 6 بجي مهل کيس ٽيليفون ڪيم، ۽ يڪدم ملاقات جي اشتياق جو اظهار ڪيائين، جنهنڪري ٻيا ڪم فراموش ڪري، بروقت سندس دولتخاني تي پهتس. سندس حسنِ ماهتاب اڳينءَ رات کان وڌيڪ جلوه افروز ڏسڻ ۾ آيو. زلفن جي پيچن ۾ زياده پيچيدگي ۽ سراسيمگي ڏسڻ ۾ آئي، پر ماهوش جي منهن ۾ سرهائيءَ ۽ سرخيءَ جي رونق بکڻ لڳي. چانهه جو انتظام ٿيل هو، جا گڏجي نوش جان ڪئيسون. وري سلسله گفتگو شروع ڪيوسون. اهو ٻه ڪلاڪ کن هليو، جنهن ۾ پنهنجي پيدائش ۽ خاندان، تعليم ۽ تربيت، سفر ۽ حضر، عشق ۽ عاشقي، پريشانيءَ ۽ حيرانيءَ جو ذڪر ڪيائين. ڪنهن فلسفيانه نُڪتي جي اُپٽار جو موقعو هٿ نه آيو، جو ڊاڪٽر حميد صاحب هڪ وڏيءَ ڊنر جو انتظام ڪيو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين، جاميه مليه دهليءَ وارو، ۽ سيد عبدالله بريلوي به حاضر هئا.

        ساڍي اٺين بجي ڊنر_ٽيبل تي، ۽ ساڍي نوين بجي اسٽيشن تي رسيس. گاڏيءَ ۾ سر غلام حسين سان گڏ سوار ٿي، 23_ تاريخ، طوفان ۽ گمسان اُٺائي، حيدرآباد پهتس. خط شروع بمبئيءَ ۾ ڪيو هوم ۽ پورو حيدرآباد ۾ ڪيو اٿم.

        رستي ۾ ”خانم طريقيءَ“ جي صورت، گفتگو ۽ خيالات مون سان حامي هئا، جن سان روح ريجهائي، هتي سنڌ جي صحرا ۾ پهتو آهيان، ۽ ماڻهن سان روز شب بيسود ۽ واهيات ڪمن ۾ مصروف ٿي، روح جي رهاڻين کي مدفون ڪري ڇڏيو اٿم _ جيستائين 14 _ جولاءِ سملي وڃان، يا 20 _ آگسٽ وري بمبئيءَ وڃي سلسلي جنباني ڪريان.

        خانم صاحبه کي هتان خط لکيو اٿم. ان جو نقل شامل ڪريان ٿو. ڀل اوهين مطالع ڪريو، جو جواب ايندو، اهو به موڪليندس ته طرفين جي خيالات جي آگاهي رهي _ متان ڪڏهين جج ٿي، اوهان کي فيصلو به ڪرڻو پوي.

        نوازش روءِ، هيءُ خط مخفي رکجو، متان سڀڪنهن کي ڏيکاريو. اهلِ دل دنيا ۾ ٿورا آهن. بدگمان ۽ حاسدن جو شمار ئي ڪو نه آهي.

        پنهنجي پروگرام کان واقف ڪندا. آءٌ 29_جون کان 1 _ جولاءِ تائين ڪراچيءَ هوندس، ۽ 2 _جولاءِ تي موٽي حيدرآباد ايندس.

 

(3)

(خانم طريقيءَ ڏانهن موڪليل خط جو نقل)

حيدرآباد

25 _ جون، 1939ع

پياري طريقي خانم!

        توکان موڪلائي، تنهنجي نهايت عجب زندگيءَ جو حال ٻڌي، مون کي رات جو ننڊ ڪا نه آئي. تنهنجيءَ موجوده حالت، تنهنجي ذهني زرخيزيءَ، طريقئه زندگي ۽ اخلاقي بلنديءَ تي گاڏيءَ ۾ بستري تي ليٽي غور ڪندو رهيس. تو مون کي گفتگوءَ ۾ ٻڌايو هو ته تون ڪا غيرمعمولي لياقتن جي عورت ڪا نه آهين، پر پنهنجي تجربي جي بنا تي آءٌ ان راءِ تي پهتو آهيان ته تو جهڙي عورت مون ڪا ڪا نه ڏٺي آهي. تنهنجي گذريل دفعي جي گفتگو ۽ اڄ شام واريءَ ملاقات منهنجي دل تي گهڻو اثر ڪيو آهي. زندگيءَ لاءِ، تنهنجي ذڪر ڪيل منزلِ مقصود نهايت اعليٰ هئي، پر منهنجي نظر ۾ موجوده دنيا جي مادي ماحول اندر عمل ۾ اچڻ جهڙي نظر نٿي اچي. باوجود ان جي، تنهنجو آئڊئلزم جن اعليٰ بنيادن تي بيٺل هو، سو توکي غير معمولي ۽ يگانه روزگار بنائي ٿو ڇڏي. مون کي يقين آهي ته هن فلڪ ناهنجار جيڪڏهين تنهنجو حمايتي ٿي توکي ڪنهن اهڙي ئي غير معمولي، آئڊئل ماڻهوءَ جو ساٿ ڏياريو ته تون سوسائٽيءَ جي اقتصادي، اخلاقي ۽ ڪلچرل ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ وڏي خدمت ڪري سگهندينءَ. آءٌ چئي نٿو سگهان ته اهو ڪهڙو خوش قسمت انسان هوندو جو تنهنجي معياري ترازو ۾ تُري نڪرندو، پر جيڪو به ان ڪسوٽيءَ تي پاس ٿيندو، سو به نهايت اعليٰ انسان هوندو. اوهان جي شموليت، خلقِ خدا جي ڀلي جو باعث بڻبي. مون کي وڌيڪ هن ڳالهه معلوم ڪرڻ جو شوق آهي ته بمبئيءَ جي مادي ۽ چون_چون مربي واري ماحول کان تون ڪيتريقدر مطئمن آهين. هن طرف جا ماڻهو سادا ۽ سٻاجهڙا آهن. ملڪ به فطري سادگيءَ کي ويجهو آهي. جيڪڏهين تنهنجي سيمابي طبيعت توکي هندستان جي ٻين حصن جي ڏسڻ جو شوق پيدا ڪرائي ۽ هن طرف به اچڻ جو ارادو ڪرين، ته مون کي اڳواٽ اطلاع ڪج. پر جيڪڏهين باوجود بمبئيءَ جي شهري ۽ مادي ماحول جي، جنهن جو تو مون سان اظهار ڪيو هو، اتان ٻاهر نڪري نٿي سگهين، ته پوءِ جتي هجين اُتي شل خوش هجين!

        رات گهڻي گذري چڪي آهي، آرام ڪريان ٿو. جواب موڪليندينءَ ته مهرباني ڄاڻندس.

 

(4)

حيدرآباد

3 _ جولاءِ، 1939ع

        هڪ خط بمبئيءَ جي احوال بابت رجسٽر ڪري موڪليو اٿم، جواب ڪو نه موڪليو اٿوَ؛ مهرباني ڪري اطلاع موڪليندا ته پهتو يا نه. وڌيڪ احوال روبرو ڪبا.

 

(5)

سملا

21_ جولاءِ، 1939ع

        اوهان سان واعدو ڪيو هوم ته سملي پهچڻ بعد سفر جو احوال لکندس. اڄ پويون ڏينهن آهي، تنهنڪري انجام موجب سفر جي سرگذشت بابت هيءُ خط موڪليان ٿو.

        14 _ تاريخ لاهور ميل ۾ روانا ٿياسين. منهنجي ڊپٽي  اسپيڪر صاحبه، مس ڄيٺي سپاهيملاڻي به ساڻ هئي. پنجاب جي رستي، واريءَ مٽيءَ ۽ گرميءَ مان گذري، 6 بجي شام جو لاهور جي اسٽيشن تي وارد ٿياسون. سر حاجي عبدالله هارون ۽ راشدي صاحب به اسان سان همسفر ٿيا. سي به لاهور لٿا. مس سپاهيملاڻيءَ لاءِ سندس ڪي عزيز ۽ عزيزياڻيون اسٽيشن تي آيل هئا. ”ٽربيون“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به اسٽيشن تي موجود هو، جنهن صاحب اسان جو گروپ فوٽو، منهنجو ۽ ڊپٽي اسپيڪر صاحبه جو گڏ فوٽو ڪڍيو، جو ٻن ڏينهن بعد ”ٽربيون“ ۽ ”هندستان ٽائيمس“ ۾ ڇاپيو ويو، جنهنڪري ڪيترن ئي دوستن کي اسان جي سملي ڏانهن وڃڻ جو پتو پئجي ويو. منهنجي وٺڻ لاءِ لاهور اسٽيشن تي چوڌري محمد سليم صاحب موجود هو. جو گهر وٺي ويو. ٽي ڪلاڪ فرجو مليو، جنهن ۾ جهانگير جو مقبرو ۽ نور جهان جي مزار ڏسي، پوءِ اورنگزيب جي ٺهرايل شاهي مسجد جو معائنو ڪري، جاءِ تي آياسون، جتان ماني کائي، ساڍي نوين بجي رات جو، سملي ميل ۾ سوار ٿي، ڪالڪا پهتاسون، جتان ننڍڙي پٽڙي واري گاڏيءَ ۾ چڙهي، ساڍي ٻارهين بجي منجهند جو سملي پهتاسون.

        آءٌ گورنمينٽ آف انڊيا جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ ”لانگ ووڊ“ هوٽل ۾ اچي رهيس، ۽ مس سپاهيملاڻي ”ينگ وومينس ڪرسچن ايسوسيئيشن“ ۾ وڃي رهي.

        ٻئي ڏينهن آنربل سر ظفر الله خان منهنجي دعوت ڪئي، جتي مسلمانن جي موجوده پست حالت ۽ مستقبل جي ملڪي نظام جي مسئلن تي گفتگو ٿي. رات جو آنربل خانبهادر عزيز الحق اسپيڪر بنگال اسيمبلي، خواجه تميز الدين وزير زراعت بنگال، ۽ حميد الحق ڊپٽي پريزيڊنٽ بنگال ڪائونسل، جو ملنسار نوجوان آهي، انهن سان ملاقات ٿي ۽ حال احوال ڪيا ويا.

Text Box: 90

 

        18_ تاريخ، 11 بجي مهل، هزايڪسيلنسي لارڊ لِنلٿگو، وائسراءِ هندستان سان سندس محلسراءِ ۾ ملاقات ٿي. وائسراءِ، جنهن کي عام طور ”گريٽ مغل“ چوندا آهن، سو هڪ تمام محفوظ ڪوٺيءَ ۾ محل جي ٻئي طبقي تي ويٺل هو، پهريائين دروازي تي چوبدارن ۽ هڪ اي . ڊي . سيءَ استقبال ڪيو. تنهن بعد اسسٽنٽ ملٽري سيڪريٽريءَ جي آفيس ۾ ويهاريو ويو، جتي وائسراءِ جي هائوس _ هولڊ آفيسرن سان تعارف ڪرايو ويو. هڪ ليڊي صاحبه سان به ملاقات ٿي. ان بعد ورانڊي مان ڦيرائي، مختلف ڪوٺين مان گهمائي، ٻئي طبقي تي، وري ٻئي ڊرائنگ _ روم ۾ ترسايو ويو.  ورانڊي ۽ رومن ۾ وڏيءَ ٻُر سان عمدا عمدا غاليچا پيل هئا. هر هڪ روم جو رنگ، فرنيچر ۽ سجاوٽ مختلف: ڪن ۾ پراڻن مفتوح بادشاهن جا هٿيار ڀتين تي ٽنگيل هئا. آخر گهنٽي وڳي. هڪ دروازي مان اندر داخل ٿياسون ته ڏهن _ ٻارهن فوٽن تي وري ٻيو ڳجهو دروازو نظر آيو، ان تي اي. ڊي . سيءَ. هٿ هنيو، ۽ اندران ” ڪم اِن“ (Come in) _ (اندر اچ) جو آواز آيو. اندر داخل ٿيڻ سان منهنجو نالو پڪاريو ويو. وائسراءِ صاحب، مهرباني ڪري، اڳي ئي، ڪرسي ڇڏي، دروازي جي قريب مون کي ملڻ آيو. ملاقات ۾ ڏهن منٽن کان وڌيڪ دير ٿي هئي، تنهنڪري اظهار افسوس ڪيائين. آخر ملاقات ۾ گفتگو ٿي. سنڌ کان وٺي بين الاقوامي معاملن تي ذڪر ٿيندو رهيو. تفصيل روبرو ٻڌائيندس. بهرحال، وائسراءِ صاحب نهايت خليق، ڪهنو تجربيڪار، گفتگو جو سنجيدو ۽ قابل نظر آيو. هڪ قوي هيڪل هستي آهي. جن تي ڪاوڙبو هوندو. اهي کيس بلاي بي درمان سمجهندا هوندا ته عجب ڪونهي _ خصوصن راجائون ۽ نواب، جن سان هن جي فيڊريشن تي گفتگو ٿي رهي آهي. خير، اڌ ڪلاڪ ملاقات بعد موٽي آيس.

 

        اڍائي بجي وري ڪانفرنس شروع ٿي. ان ۾ پنجاب کانسواءِ ٻيا سڀ نمائندا آيل هئا. سر عبدالرحيم، پريزيڊنٽ هند اسيمبلي، ڪانفرنس جو صدر هو. پوڙهو آهي، پر تمام آزمودگار ۽ قابل هستي آهي. قابل قدر هستيون، مردن مان  خانبهادر عزيز الحق (بنگال اسيمبليءَ جو اسپيڪر)، مسز سمڀامورتي (مدراس)، مسٽر سيتارام (يو _ پي) ۽ مسٽر نقي امام (ڊپٽي پريزيڊنٽ) آهن، جن ڪارروائيءَ ۾ گهڻو حصو ورتو. مون به چڱو بهرو ورتو. زالن ۾ مسز اعجاز الرسول، ڊپٽي پريزيڊنٽ، يو . پي. ڪائونسل، خاص قابل ذڪر ۽ قابل تعريف آهي. هر نقطه نظر  سان _ قابليت، ذهانت، فصاحت، نزاڪت، سجاوٽ، مطلب ته هر صفت سان موصوف هئي. قدرتاً، سندس ڀاءُ نواب خورشيد علي خان جو اڳي ئي مون سان دوستيءَ جو رستو هو، جا ڳالهه پوءِ معلوم ٿيم ۽ کيس به معلوم ٿي، جنهنڪري آشنائيءَ جو رستو ٿي ويو ۽ لکنو اچڻ جي دعوت ملي. ٻي قابل ذڪر مسز رحمان، اوڙيسا جي ڊپٽي پريزيڊنٽ هئي، جا پڻ نهايت قابل عورت نظر آئي، البت ٿوري عمر ۾ چڙهيل آهي، پر مسجد ڊهڻ بعد به محراب بيٺل آهي. ٽي مسز ڪالي، ۽ چوٿين اسان جي ڊپٽي اسپيڪر صاحبه جن کي هڪ لسٽ ۾ داخل ڪبو. مسز لڪشمي ٻائي مدراس ته انڌوڪار هئي، جيتوڻيڪ قابل ڏسجي ٿي، بهرحال، ڪانفرنس ۾ مختلف موضوعن تي بحث ٿيندو رهيو، خصوصاً ميمبرن جي حقن جي بل تي، جو بنگال اسيمبليءَ ۾ پيش ٿي چڪو آهي.

        19_ تاريخ سر عبدالرحيم سڀني کي پارٽي ڏني، جتي مختلف مرد ۽ عورتون آيل هيون. قابلِ ذڪر سر عبدالرحيم جي ڏهٽي ۽ هڪ يورپين ليڊي، ۽ ٻيون ڪيتريون عورتون هيون، جن سان دور کان سلام ٿيو، پر گفتگو ڪا نه ٿي. اتي سر جگديش پرشاد، ميمبر وائسراءِ جي ڪائونسل، ۽ سر سڪندر حيات سان به ملاقات جو وجهه مليو. مسٽر اعجاز الرسول سان به سندس بيگم صاحبه ملاقات ڪرائي. ان بعد، ساڍي ستين بجي فارغ ٿي، مال روڊ تي سير ڪيم.

        20 _ تاريخ ڪانفرنس ختم ٿي. سڀني ڊيليگيٽن فوٽو ڪڍايو. شام جو مسٽر ممتاز حسن، جو اسان وٽ آڊٽ ڊپارٽمينٽ ۾ هو، تنهن منهنجي پارٽي ڪئي. گهڻا پنجاب جا سربرآوردا ماڻهو گهرايا هئائين، جن ۾ سندس والد صاحب ۽ مسٽر حسني، سيڪريٽري ”پنجاب يونينسٽ پارٽي“ قابل ذڪر آهن. هي پڪا مسلمان ۽ مسلمانن جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان نظر آيا، تعليمِ نسوان جا دلدادا هئا. رات گهمڻ ۾ گذري.

        اڄ سر ظفر الله خان سان آخرين ملاقات، ۽ سر سڪندر حيات خان سان ڇوٽي ملاقات سملي ۾ ٿيندي. ٻنپهرن جو مسٽر عبدالمجيد، ڊپٽي سيڪريٽري، ليگل ڊپارٽيمينٽ، جي دعوت ڪن اسپيڪرن کي آهي ۽ شام جو مسٽر لکاني، فائر برگيڊ آفيسر، منهنجي پارٽي ڪئي آهي.

        برسات ۽ ڪوهيڙو سخت پوي پيو. اڄ 6 بجي، موٽر _ ريل ۾ سوار ٿي، ڪالڪا پهچندس سڀاڻي لاهور ويندس. سر عبدالله هارون ۽ راشدي صاحب ڪالهه لاهور ويا آهن، جتي وڃي ساڻن ملندس. آءٌ شايد ڪشمير جي سير تي وڃان ته عجب ڪو نه آهي. سملو تمام ٿڌو آهي، جنهن ڪري دل وڌيڪ رهڻ نٿي چاهي. وڌيڪ احوال ڪشمير ۽ لاهور جو، ٻئي ڪاغذ ۾ لکندس.

 

(6)

سرينگر، ڪشمير

6 _ آگسٽ، 1939ع

        هڪ خط سملي مان لکيو هوم، اميد ته پهتو هوندو، ان کانپوءِ لاهور آيس، جتي محمد صديق ميمڻ کي گهرايو هوم ته ”انجمن حمايت اسلام“، لاهور، جي انتظام جو معائنو ڪيو وڃي، جو اسان کي به ”مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ جي زير سهاري هڪ گرلس اسڪول حيدرآباد ۾ جاري ڪرڻ جو ارادو آهي. لاهور ۾ تمام گهڻن دلچسپ ماڻهن سان ملاقات ٿي. خصوصاً مسٽر علي محمد جعفري، رٽائرڊ پرنسپال اسلاميه ڪاليج، حڪيم احمد شجاع صاحب، ڊپٽي سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي، ۽ نواب شاهنواز خان ممدوت سان به ملاقات ٿي، جتي علامه راشدي (علي محمد) به ڦڻ ڪڍيو ويٺو هو. مٿيان ماڻهو نهايت دلچسپ هئا. هنن جي مذهبي توڻي سياسي معلومات بلڪل وسيع هئي. مسلمانن جي ترقيءَ لاءِ هر هڪ پنجاب جو باشندو تڙپندو ڏٺم. پنجاب جي منسٽريءَ گهڻو ڪجهه مسلمانن جي ترقيءَ لاءِ ڪيو آهي. سر سڪندر حيات سان سملي ۾ مليس. ان جا خيالات به بلڪل ساڳئي نموني جا هئا. راشدي صاحب واعدو ڪيو هو ته ڪشمير گڏجي هلنداسون، تنهنڪري دل ته ٿي هڪ دفعو وري بهشت برين جو سير ڪجي، پر هو صاحب لاهور اچي ڦري ويو، سو اسين ٻه ڄڻا راهي ٿياسون. لاهور ۾ راشدي صاحب جي اثر جو غوغا ٻڌل هو، پر ثابت ٻيءَ طرح ٿيو. البت شبِ تاريڪ ۾ هڪ دفعي روشنيءَ جو ترورو ڏيکاريائين. محمد زمان شاهه جي شاديءَ تي آيل ماڻهو لاهور ۾ نه هئا، نه ته حظِ صحبت ۽ لطفِ انسباط اُٺائجي ها.

        خير، 24_ تاريخ مسٽر ميمڻ ۽ آءٌ ڪشمير روانا ٿياسون. ڄمون رستي، رات بٽوٽ ۾ رهي پياسون. جو هڪ پر فضا ۽ دلڪشا منظر جو مڪان آهي. رستي تي پنهال جي وادي ۽ پير پنجال جي 9 هزار فوٽ اُتانهين، قابلِ ديد جايون هيون ڄڻ آسمان جي ستارن سان ڳالهيون ٿي ڪيوسون. بهرحال، 3 بجي ڌاري ويريناگ پهتاسون، جو اوهان جو ڏٺل هوندو، جتان جهلم (نديءَ) جي شروعات هڪ چشمي مان ٿئي ٿي. ان چشمي جي چوڌاري جهانگير جو ڦٽل محل بيٺل هو. 5 بجي سرينگر پهتاسون. نواب ممدوت جي هائوس _ بوٽ ۾ اچي رهياسون. سندس فرزند اسان جو حتي المقدور خير مقدم ڪيو، ۽ ماني کارائي.

        ٽيو ڏينهن هو سير تي ويو، ۽ اسان 26_ تاريخ پهلگام وياسون، جا هڪ جان بخش وادي آهي. 27 _ تاريخ موٽي سرينگر ۾ آياسون.

        هتي خط بند ڪريان ٿو. سامان موٽر ۾ رکيو آهي، واپس ڳوٺ ڏانهن، راولپنڊيءَ ذريعي روانا ٿيون ٿا. وڌيڪ احوال بعد ۾ لکندس. 4 _ آگسٽ تي حيدرآباد پهچنداسون.

 

(7)

حيدرآباد

16 _ آڪٽوبر، 1939ع

        سنڌ مدرسه بورڊ جي چونڊ نئين سر ٿئي ٿي. آءٌ اسيمبلي ميمبرن طرفان اميدوار بيهان ٿو، ووٽ ڏيندا.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org