سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 8

 

فصل چوٿون

سال 1940ع

 

(1)

بهالپور بنگلو، سڪندرا روڊ، نئين دهلي

21_ اپريل، 1940ع

        آءٌ تاريخ 13 _ جلنڌر پهتس. اسٽيشن تي وڏي مرحبا ڪئي ويئي.ڪيترا معزز ۽ نوجوان مسلمان ملڻ آيا هئا، آءٌ شيخ غلام حسين، خانبهادر نور نبي خان جي ڀاءَ وٽ مهمان ٿي رهيس، جو ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ آهي. ”مدرسته البنات“ جي شاگردن ۽ انجمن (حمايت الاسلام) جي ميمبرن طرفان منهنجي چڱي خاطر تواضع ٿي. منهنجي لاءِ اهو پهريون دفعو هو جو مسلمان ڇوڪرين کي عربي تعليم، بدني ورزشن ۽ هنرن جي دلچسپي وٺندو ڏٺم. مدرسي جو نمونو جديد هو، ليڪن عربي تعليم تي گهڻو زور ٿي ڏنو ويو. هن اسڪول جون تعليم يافته ڇوڪريون نئين نموني جون هونديون. اهو پنهنجي قسم جو ساري هندستان ۾ هڪ ئي ادارو هو، جتي ملڪ ۾ هر گوشي مان تعليم لاءِ ڇوڪريون اچن ٿيون. تنهنجي ڏسڻ لائق آهي.

        15 _ تاريخ شام جو موٽي لاهور آيس، ۽ سر شهاب الدين، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جو مهمان ٿي رهيس. راشدي صاحب به مهرباني ڪري دعوت تي گهرايو. هو سندس خانگي ۽ سياسي ڳالهين ۾ سارو وقت مشغول رهيو ٿي. هي توکان ذرا ناراض هو ته ڇو وزارت ورتي اٿئي؟ باوجود ان جي، ملڪي حالتن کي محسوس ڪندي چيائين ٿي ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نه هو. ميان عبدالحي، پنجاب جو وزير تعليم به دعوت تي گهرايو، جتي پنجاب جا مکيه ماڻهو مليا، ۽ پنجاب اسيمبليءَ جو به مشاهدو ڪيم.

        8 _ تاريخ دهليءَ پهتو آهيان. بهالپور جي نواب جي بنگلي ۾ رهان ٿو، خانبهادر نبي بخش، محمد حسين جي دعوت تي. هن جو پٽ احمد حسين، جو تازو آڪسفورڊ مان موٽيو آهي، ۽ سندس ٻيا دوست گڏ آهن. سندن صحبت ۾ خوش آهيان. نابينا حڪيم جو علاج پيو ڪريان.

        هند سرڪار جو دفتر سملي ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. هتي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي رهيا آهن، تنهنڪري دهليءَ جو اهڙو لطف نه آهي. آبهوا اڃا ٺيڪ آهي. آءٌ مهيني جي آخر تائين رهڻ گهران ٿو. جي وڌيڪ گرمي ٿي ته مسوريءَ ۾ ويندس. يونيورسٽي ڪميٽيءَ بابت ڇا ڪيئي؟ آءٌ دهلي يونيورسٽيءَ جو ڪاروبار ڏسي رهيو آهيان، عليڳڙهه ڏٺو اٿم. ان بابت وڌيڪ احوال روبرو ڏيئي سگهندس. مهرباني ڪري خبر ڏيندا ته ڪڏهن سملي ايندا؟

 

(2)

بهالپور _ هائوس، نئين دهلي

27 _ اپريل، 1940ع

        هڪ خط اڳي موڪليو اٿم. ڪالهه قاضي عابد جي تار پهتي ته سندس چيف آفيسريءَ ۾ پڪي ٿيڻ جو سوال نازڪ  صورت اختيار ڪري رهيو آهي، يڪدم اچي کيس مدد ڪريان. مون کي خبر نٿي پوي، تون ڇو هي خسيس ڪم  نٿو ڪري سگهين. ان ساريءَ ڳالهه ۾ مير غلام عليءَ جو هٿ آهي. مير غلام علي (قاضي اڪبر) کي اڳي ئي چئلينج ڏنو هو. مير بنده علي خان، عابد جي خلاف نوٽ لکيو، پر خانبهادر الهه بخش ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن تون مير بنده عليءَ کي درست ڪري نٿو سگهين، ته بهتر آهي ته اهڙيءَ وزيريءَ کي ڦٽو ڪري ڇڏ! اهڙيءَ صافگوئيءَ کي معاف ڪج_ پر آءٌ مورڳو هاڻ تو مان به نااميد ٿيڻ لڳو آهيان. يا ته تون پنهنجو اثر پوريءَ طرح نٿو هلائين، ٻنهي ڳالهين مان ڪهڙي ڳالهه سچي آهي. هن ننڍڙيءَ ڳالهه لاءِ منهنجو دوستن اڳيان ڪنڌ هيٺ نه ڪرائج. هتي ان ڳالهه منهنجي دلي سڪون کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ تو مون کي يقين ڏياريو آهي ته ان بابت مون کي ڪا به ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي. هاڻ مهرباني ڪري ڪم پورو ڪري اطلاع ڏيندا، نه ته پنهنجو آرام ڦٽائي، لاچار مون کي موٽڻو پوندو.

        خانبهادر الهه بخش ڪالهه هتي آيو. کيس وڏي مرحبا ملي. هي ڪانگريس جي همدردي حاصل ڪري ويندو.

 

(3)

حيدرآباد

17 _ مئي، 1940ع

        مون کي معلوم ٿيو آهي ته قاضي عابد جي پڪي ڪرڻ جي سوال تي مير بنده علي خان اختلافي نوٽ لکي، ڪاغذ گورنر کي موڪليا آهن. مهرباني ڪري حقيقتون معلوم ڪري، مون کي حيدرآباد ۾ فون تي خبر موڪل. سڀاڻي 9 بجي رات جو فون ڪندس، بنگلي تي هُجج. مهرباني ڪري اسان جي اهم سوالن ۾ ڪا به ڪمزوري نه ڏيکارج. تون مسٽر نهچلداس ۽ راءِ صاحب گوڪلداس سان به ڳالهائج. مير اسان  کي هتي هر ڳالهه ۾ تنگ ڪري رهيا آهن. عابد جو سوال فيصله ڪُن آهي، جيڪڏهين هو ان ۾ اسان کي شڪست ٿا ڏين ته اسين هميشه لاءِ ختم ٿي وينداسون. اهو سوال انصاف تي مبني آهي، ان ڪري توکي ان ۾ دلچسپي وٺڻ گهرجي.

 

(4)

حيدرآباد

12 _ جون، 1940ع

        مسٽر غلام حسين سومري جي پگهار جو فيصلو ڪو نه ٿيو آهي. ٽيو مهينو ٿيوآهي ته کيس پگهار ڪو نه مليو آهي. مهرباني ڪري، ترت فيصلو ڪرائيندا.

 

(5)

مائونٽ _ اَبُو

2 _ جون 1940ع

        بمبئيءَ ۾ سر شاهنواز ڀٽي وٽ چار ڏينهن رهيس. بمبئيءَ ۾ انڊين شوروم ڪمپني ڏسڻ ويس، جا جديد طرز تي ٺهيل هئي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسٽر مغل کي 17 سالن جو آمريڪا ۾ تجربو آهي. ٻيا صوبا ۽ رياستون به شوروم کي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. مهرباني ڪري ان شوروم (Show room) ۾ سنڌ جي هنرن لاءِ به ڪجهه حصو رزرو ڪرائيندا. آءٌ اڄ هتي پهتو آهيان. نواب ٽونڪ جي بنگلي ۾ رهيو آهيان.

 

(6)

مائونٽ _ اَبُو

27 _ جون 1940ع

        افسوس آهي ته تو منهنجي ٻن خطن جو جواب ڪو نه موڪليو آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته تنهنجي وزارت جو ڪثير مشغولي تنهنجي سڪوت جو باعث ٿي سگهي ٿي. مون کي ارمان ٿيندو، جيڪڏهين تون خطن جو جواب ترت نه موڪليندو ڪندين.

        سنڌ يونيورسٽي ڪميٽيءَ تي مون کي چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ شڪريو. مون ڊيپوٽي سيڪريٽريءَ کي لکيو آهي ته ڪميٽيءَ جي پهرين ميٽنگ 6 _ آگسٽ تي رکي. آءٌ مائونٽ _ اَبُو پهرين آگسٽ تي ڇڏي، 5 _ آگسٽ تي ڪراچيءَ پهچندس.

        مون کي وڌيڪ خوشي ٿي آهي ته تو ڊاڪٽر دائود پوٽي کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. هي مون کي ڀاءُ وانگر آهي. اسڪول جي ڏينهن کان وٺي دوست رهيا آهيون. تو کي شايد خبر نه هوندي ته مون کي پڙهائڻ ۾ هن گهڻي دلچسپي ورتي. تنهنڪري، هن کي پنهنجو ڪري سنڀالج. تون هندو دوستن کي ٺيڪ ڪري ڇڏ ته سندس برخلاف پروپگينڊا بند ڪن.

        هتي روزاني بارش پئجي رهي آهي. آبهوا نهايت خوشگوار آهي. آءٌ طبيعت ۾ دن بدن بهتر ٿي رهيو آهيان. روزانو ٽَڪرين تي چڙهان ٿو. منهنجو ساٿي، سيد احمد ولي محمد شفي، ٽونڪ جو وڪيل آهي. هو مون سان نهايت گهاٽو ٿي ويو آهي.

 

(7)

حيدرآباد

16 _ جولاءِ، 1940ع

        ]نوٽ: محمد صديق ميمڻ، پرنسپال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد، کي فرسٽ گريڊ ۾ پروموشن ڏيڻ لاءِ سفارش لاءِ لکيل خط، جو متن ڏنو نه ويو آهي.[

 

(8)

حيدرآباد سنڌ

23 _ جولاءِ، 1940ع

        ”سنڌ آبزرور“ ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس پهرين آگسٽ تي سڏايو وڃي ٿو. مون کي بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ وڃڻو آهي، ازان سواءِ جرمن ڊاڪٽر کان پاڻ تپاسارائڻو اٿم، ان ڪري 27 _ آگسٽ ڌاري اجلاس سڏائيندا. آءٌ 25 _ جولاءِ ڪراچيءَ ايندس. اسٽيشن تي موٽر موڪلج.

 

(6)

حيدرآباد

6 _ آگسٽ، 1940ع

        ]نوٽ: انڊين مارڪيٽ شوروم جي مدد لاءِ تاڪيد ڪري ٿو. يونيورسٽيءَ جي  ڀَتي ڀاڙي جي فيصلي لاءِ لکي ٿو. 9 _ تاريخ يونيورسٽي ڪميٽيءَ جي لاءِ ڪميٽيءَ جي ٻيءَ ميٽنگ تي اچڻ جو اطلاع ڏئي ٿو.[

        ”سنڌ لٽرري (ادبي) بورڊ“ جو اوهان مقرر ڪيو آهي، ۽ چيو اٿوَ ته ان جو به چيئرمين مون کي مقرر ڪيو اٿوَ _ اهو آرڊر اڃا ڪو نه پهتو آهي. مهرباني ڪري جلد آرڊر ڪڍائيندا ته سنڌي ادب کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم شروع ڪجي.

 

(10)

ٿاڻو بولاخان

28 _ سيپٽمبر، 1940ع

        توکي فون ڪري، ٿاڻي بولا خان پهتو آهيان. آءٌ 4 _ آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ايندس. تون ان وقت ٻاهر گشت ۾ هوندين. وڏيري محمد بخش شوري کي ڪليڪٽر ناحق جيل ۾ وڌو آهي، مهرباني ڪري ان کي آزاد ڪرائيندا. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پڪي ڪرڻ جو سوال مهرباني ڪري جلد فيصلو ڪرائج. ڄيٺمل پرسرام جي درخواست ادبي بورڊ ڏانهن موڪلج ته اتي فيصلو ڪنداسون.

 

(11)

ٿاڻو بولاخان

15 _ آڪٽوبر، 1940ع

        بابي جي خط مان معلوم ٿيو ته تون 13 _ تاريخ حيدرآباد مون لاءِ ملڻ آيو هئين، وري ڪئبينيٽ ميٽنگ لاءِ ڪراچيءَ ويو آهين. اميد ته ڪراچيءَ ۾ جلد موٽڻ لاءِ ڪا خاص ڳالهه نه هوندي. ٽنڊي محمد خان ۾ ڏنل انجام تي اميد ته قائم رهندين.

        آئيني جماعتن ۾ رهڻ بعد، خودسري اختيار ڪري، پنهنجي جذبي ۾ اچي، وزارت کان جماعت جي اجازت کان سواءِ استعيفا ڏيڻ ٺيڪ ڪم نه آهي. مهرباني ڪري خبر موڪلج ته آخري طرح ڇا ڪرڻ گهرين ٿو.

        منهنجي صحت ۾ اڃا اضافو نه ٿيو آهي. اڃا آرام ڪري رهيو آهيان. پر ميان باقر شاهه ۽ پير بخش شاهه سارو وقت ساڻ آهن. ڪتاب پڙهي، ريڊيو ٻڌي رهيو آهيان. خانم کان ٻيو خط پهتو اٿم ، پر اهو ڪم جي سلسلي ۾ آهي. آءٌ 21 _ تاريخ، ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ ايندس.

        محمد صديق ميمڻ جي فرسٽ گريڊ ۾ پروموشن جا ڪاغذ تو وٽ آيل آهن؛ ان جي پارت اٿئي. هي تعليم کاتي ۾ هن وقت بهترين ماڻهو آهي.

        ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته فنانس کاتي يونيورسٽي _ ڪميٽيءَ بابت ڪي رنڊڪون وڌيون آهن. ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري، پروفيسر واسواڻيءَ کي گهرائي، احوال پڇي، انهن رنڊڪن کي دور ڪندا.

 

(12)

ٿاڻو بولا خان

27 _ آڪٽوبر، 1940ع

        ڪالهه ڪراچيءَ مان موٽي آيس. ماسترن ۽ شاگردن کي اطلاع ڪيم ته تون 11،  12، 13 _نومبر تي ٿاڻي ايندين. توکي هتي رهڻ وقت سري، ڪلو کوهر، ڪرچاٽ، واهي عارب، ٿاڻو احمد خان ڏسڻا پوندا. انهن سڀني جاين تي اسڪول آهن. جيڪڏهن طريقي خانم کي هتي آڻڻ نه گهرين ۽ ان کي ڪراچيءَ ۾ ڇڏي اچين، ته اهڙو اطلاع ڪج. آءٌ وڌيڪ خوش ٿيندس، جيڪڏهن خانم هتي ايندي.

        مون کي معلوم ٿيو آهي ته نومبر جي آخر ڌاري اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي. اها ڳالهه ڪيتريقدر صحيح آهي؟

        سن عيد لاءِ ڪڏهن ويندين؟ آءٌ 31 _ تاريخ حيدرآباد وڃان ٿو، 6 _ نومبر واپس ايندس. مهرباني ڪري دائود پوٽي جي ڪاغذن جو جلد نيڪال ڪري ڇڏ. خط جو جواب هن ماڻهوءَ هٿ موڪلج.

 

(13)

ٿاڻو بولاخان

8 _ نومبر، 1940ع

        آءٌ منهنجي پٽ قبول محمد شاهه سان هتي پهچي ويو آهيان. اسان تنهنجي تفصيلوار گشت جي پروگرام جو انتظام ڪيو آهي، جنهن جي ڪاپي تنهنجي واقفيت لاءِ موڪليان ٿو. تو کي صبح جو 7 بجي سويل نڪرڻ گهرجي، جو 11 بجي هتي پهچي وڃين. وڌيڪ احوال پير محمد بخش شاهه کان معلوم ڪندا، جو روبرو اچي ٿو.

        بمبئيءَ بابت ڪهڙو احوال آهي؟ خانم اچي ٿي يا نه؟ جيڪڏهين خانم نٿي اچي ته پوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ساڻ آڻج. ماڻهو کيس ملڻ چاهين ٿا. آءٌ دائود پوٽي کي نٿو لکان، ڇاڪاڻ ته بمبئيءَ مان خانم جي خبر اچڻ تائين لکڻ بيسود آهي. حيدرآباد مان به ڪي دوست گهرائي سگهون ٿا، پر انهن سڀني جو مدار بمبئيءَ جي اطلاع تي آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جا ڪاغذ جلد نيڪال ڪج. پيرن جي ڪم جي پارت اٿئي. راءِ بهادر ڌرمداس کي سندس لاءِ چئج، جنهن کي مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي. پير ٿاڻيوارن جي ڪم ۾ سستي نه ڏيکارج، جو هو اسان جا پنهنجا آهن. خانداني طرح يا سياسي طرح، هو اسان کان جدا ٿي نٿا سگهن. مسٽر نهچلداس کان معلوم ڪج ته علي بخش جي جاگيرن جو ڪهڙو فيصلو ٿيو __ منع نامو نڪتو يا نه؟

 

(14)

ٿاڻو بولاخان

17 _ نومبر، 1940ع

        ڪالهوڪو لکيل خط لاريءَ واري هٿان پهتو، جنهن مان معلوم ٿيو ته

”اڄ نه اڳئين ڍار، ڪر هو جيئن ڪالهه هو!“

سڀاويڪ آهي؛ منهنجي دل جي حالت به اڳوڻي نه رهي آهي. البت دنيا جي زهريليءَ هوا ۾ رهي، سچائيءَ ۽ صفائيءَ جو دم کڻڻ محال آهي، ته به:

ويهي منجهين وڳ، ته به کٿوريءَ ڏار چَري،

جڳ سي جهڙو جڳ، هنئين سين هت چَري.

دل جي دل ۾ آهي. هن جي ياد دل جي لاءِ اڪثير جي مثال آهي، جيئن اوهان ان کي مدوجزر سان مثال ڏنو آهي __ يعني سورن جون سٽون به آهن، ۽ صبر جو سبق به آهي. تنهنڪري :

جيڪي ڏنائون، سو سِرُ ڏيئي سهه جندڙا!

مَ چؤ ڇِنائون، ايءُ پڻ ڳنڍيو سڄڻين!

سور جن کي سرجيو، سري تن صحت،

مٺي مصيبت، آهي عاشقن کي.

        خانم مرحومه، باوجود مسلم هئڻ جي، تثليث جي نظريي جو تجربو ڪري رهي هئي: جيئن هڪ دفعي گفتگوءَ ۾ چيو هئائين ته روحاني، ذهني ۽ جسماني لياقتن جي ترقي انسان کي مڪمل بنائڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. هي ارسطو جو نظريو هو، جنهن جي تجربي جو شوق هوس. شايد هن اوهان جي دوستيءَ کي پهرينءَ قطار ۾ شمار ٿي ڪيو، ۽ مون کي ذهني دوستن جي درجي تي رکيو هئائين، ۽ شانتيءَ کي ٽئي نمبر ۾ رکيو هئائين. اوهان جي دوستيءَ لاءِ شروعات ٿيڻ واري هئي، باقي ٻيون دوستيون ڪجهه گهاٽيون ٿيل هيون. اوهان واري تجربي جو نتيجو قابل ديد ۽ قابل قدر هو، پر خدا کي ائين منظور نه هو. ڇا ڪجي:

سڀ ئي سور طبيب، جنين سور سَڃ ڪئي،

جو لکيو هت لطيف چوي، سو ئي ڪن قريب،

جي نوازيا نصيب. دارون سي درست ڪيا.

                لاري صبح جو دروازي تي پيئي ڪري __ ”جرس فرياد مي دارد ڪه بر بنديد محملها!“ تنهنڪري هي خط تڪڙ ۾ لکي پورو ڪريان ٿو. پورو احوال پنهنجي زندگيءَ جي احوال ۾ داخل ڪندو وڃان ٿو. خانم مرحومه جا اوهان ڏانهن موڪليل خط موڪلي سگهو ته چڱو.

 

(15)

]مسٽر سنتداس منگهارام ڏانهن موڪليل خط جي ڪاپي _

انگريزيءَ تان آزاد ترجمو.[

حيدرآباد

25 _ ڊسمبر، 1940ع

        پيارا مسٽر سنتداس، اوهان جو خط، والد صاحب کان، ڪلاڪ کن اڳ مليو. ان ۾ رئيس ڀرڳڙي مرحوم جو نالو آيل هو. منهنجو والد ان جو خاص دوست هو. انهن سڀني ڳالهين کي مد نظر رکي، جواب موڪليان ٿو.

        اوهان کي خبر آهي ته اوهان سڀني سان گڏ، مون سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي. هاڻ جيڪي ان جي مختلف گروهن جي وچ ۾ اختلاف هلي رهيا آهن، ان جو مون کي ڪافي احساس آهي. اوهان ٻين سياستدانن بابت جيڪي چيو آهي، ان سان اتفاق ڪندي، صرف هيترو چوندس ته اوهان جو مون کي ۽ سر شاهنواز ڀٽي کي اهميت ۽ اعتبار وارو سمجهيو آهي، ان سان مون کي اتفاق نه آهي. هر ماڻهو حالات ۽ ماحول جي اثر کان ٻاهر نڪري نٿو سگهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اهي ڪهڙيون حالتون آهن، جي شخصيتن تي اثرانداز ٿين ٿيون.

        انهن مان پهريون اثر بين الاقوامي حالات جو رهي ٿو، ٻيو اثر هندستاني سياست جو آهي، ۽ ٽيو اثر آهي مڪاني سياستدانن جي وچ ۾ اقتدار لاءِ ڪشمڪش جو. عام ماڻهن جي جهالت به مکيه ڪارڻ آهي، جنهنڪري خود مطلب ماڻهو فرقيوار فساد ڪرائي سگهن ٿا.

        مٿي ذڪر ڪيل حقيقتون ڪيئن اسان جي سياست تي اثر انداز ٿين ٿيون، ان بابت مختصر طور هيٺ تشريح ڪريان ٿو:

 (1) بين الا قوامي حالتن، اقتصادي جدوجهد ۽ سياسي بحران پيدا ڪيو آهي. ساري دنيا اهڙين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي. هر هنڌ معاشري ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي. اسين ان کان مستثنيٰ ٿي نٿا سگهون. ٻين ملڪن وانگر، هتي به ڌارين جي سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ کان جدوجهد ٿي رهي آهي.

 (2) آل انڊيا سياسي اختلاف جيتوڻيڪ سڌيءَ طرح بين الاقوامي ڳالهين جي پيداوار نه آهي، تاهم ان ۾ اضافي آڻڻ ۾ انهن جو گهڻو واسطو آهي. آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد سان گڏ، ملڪ جي هر حصي کي اها خواهش رهي ٿي ته جدوجهد بعد حاصل ڪيل طاقت ۽ جائيداد کي اهڙيءَ طرح ورهاست ڪيو وڃي، جو هر هڪ کي مناسب حصو ان مان حاصل ٿئي. سنڌ هندستان جو هڪ ٽڪرو آهي، ۽ ان جا رهاڪو اهڙي خواهش رکن ٿا. جڏهن مستقبل ۾ حاصل ٿيندڙ طاقت لاءِ ساري هندستان ۾ اختلافي مسئلا ڇڙي پيا آهن، ته ان حالت ۾ سنڌ وارا به مجبوراً ان وهڪ ۾ وهيو وڃن. هنن جو علحدو ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي. تنهنڪري، جيستائين آل انڊيا سياسي جماعتون سندن باهمي اختلاف دور نه ڪري سگهيون آهن. ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته سنڌ به انهيءَ چڪر کان بچي نه سگهندي.

        اوهين ضرور سوال پڇندا ته انهيءَ اختلافن کان بچڻ لاءِ ڪهڙو علاج آهي؟ انهيءَ سان گڏ، اوهان اهو به ظاهر ڪيو آهي ته هندو _ مسلم اتحاد ڪرڻ ۾، مسلمانن کي راضي ڪري، قوم پرست بنائڻ لاءِ توهين سر به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. اهو جذبو تحسين لائق آهي، ليڪن وري سوال اٿندو ته هندو قوم ۾ مسٽر سنتداس جهڙا گهڻا ماڻهو لڀندا؟

        تازو هڪ آل انڊيا مسلم ليڊر سان جڏهين، مون مسلم ليگ جماعت جي پاليسيءَ جي صحيح ۽ عملي هئڻ بابت پئي گفتگو ڪئي، ۽ چيو ته فرقيوار اختلافن جي حالت ۾ ملڪ کي ڪهڙيءَ طرح آزادي ملي سگهندي، ته هن چيو ته هو ڪانگريس ۾ رهي، غير فرقيوار پاليسيءَ تي هلڻ جو تجربو ڪري چڪو آهي. اتي هر ڳالهه کي مغربي طرح جي جمهوري اصولن جي بنا تي، ڪثرت راءِ سان فيصل ڪرڻو جو رجحان زياده پئي ڏسڻ ۾ آيو. ليڪن هن ملڪ جون حالتون علحده هيون؛ هي ملڪ هڪ برصغير وانگر هو، جنهن ۾ ڪيپ ڪامورن کان وٺي ڪشمير تائين آبهوا، لباس، کاڌ خوراڪ، رسم رواج، عادات ۽ روايات موجب، جدا جدا قسم جا ماڻهو رهندا هئا. اتر هندستان جا مسلمان وچ ايشيا جي ماڻهن سان زياده مشابهت رکندڙ هئا، بنسبت مدراس جي رهاڪن جي. ازان سواءِ، هندن ۽ مسلمانن ۾ ايترو ويڇو پيل هو جو هو نه گڏ کائي پي سگهيا ٿي، نه هڪٻئي سان شاديون ڪري ٿي سگهيا. اهڙيءَ طرح، جيڪڏهين نظر ڪبي ته مغربي قسم جي جمهوريت لاءِ هتي ميدان اڃا تيار نه ٿيل هو. اها هڪ ٻاهرينءَ دنيا جي درخت مثل هئي، جو هن بدليل آبهوا ۾ صرف انگريزي حڪومت جي سهاري پرورش پائي رهيو هو، ۽ جنهن وقت به اهو هٿ نڪري ويو ته اهو سڪي ويندو. ڪنهن به مستقبل جي گڏيل مسئلي بابت، قومن جي باهمي رضامنديءَ سان، ڪنهن منصوبي قبول ڪرڻ جي ضرورت هئي. ان لاءِ مون گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر ان ۾ ناڪامياب ٿيو آهيان. هندن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهي ويئي آهي ته هندستاني هڪ قوم بڻجي ويا آهن؛ ليڪن منهنجو چوڻ آهي ته اڃا هو هڪ قوم نه بنيا آهن، جنهن جي بنائڻ لاءِ هندستاني سوسائٽيءَ جي مکيه عناصر جي باهمي رضا منديءَ جي ضرورت هئي، ۽ ڪثرت تعداد جو فيصلو.

        پوءِ هن ڪيترا اختلاف جا ڪارڻ ٻڌايا. جي هندو سنسڪرت زبان کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول هئا، ته مسلمان صدين جي باهمي ميلاپ بعد پيدا ٿيل اُڙدو زبان جي فائدي ۾ هئا. هندو ڳئون جي رکپالي مذهبي فرض ٿا سمجهن، ته مسلمان ان جي قربانيءَ کي مذهبي اصول ٿا سمجهن. عام ماڻهن جو ڪثرت تعداد اڃا تائين انهن اعتقادن ۾ ڦاٿو پيو آهي، جنهن کي اسين ڪڍي نه سگهيا آهيون.

        اهو ته سياسي پهلو اختلاف جو هو. هاڻ اچو ته اقتصادي نقطه نگاهه کان ان مسئلي تي غورڪريون. سنڌ ۾ هندو اڪثري واپاري وياج خور آهي، ته مسلمان ڪاشتگار ۽ قرضدار آهي. پهرئين جي قابليت، ٻئي کي ذري گهٽ غلام بنائي رکيو آهي. خود زمين تي به هاڻ هندو وڃن ٿا قبضو ڪندا. پنجاب ۾ غير آبادگار طبقي مٿان زمين خريد ڪرڻ تي بندش پيل آهي، پر هتي اهڙي قسم جي قانون رائج ڪرڻ جي خود ڪانگريس جهڙيءَ غير فرقيوار جماعت طرفان مخالفت ٿي رهي آهي.

        اهڙين حالتن کي نظر ۾ رکي، آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته انهن بنيادي اختلافن کي دور ڪرڻ لاءِ، جيستائين وڏين جماعتن ڪو فيصلو نه ڪيو آهي، صرف آءٌ ۽ توهين، باوجود نيڪ جذبات جي، ڪهڙيءَ طرح ڪو مڪاني حل ڳولي سگهون ٿا!

 

-----------

 

سال 1941ع

(1)

]مسٽر سنتداس ڏانهن موڪليل خط جي ڪاپي _ انگريزيءَ تان ترجمو.[

حيدرآباد سنڌ

7 _ جنوري، 1941ع

        پيارا مسٽر سنتداس، توهان جو 24 _ ڊسمبر 1940ع جو خط پهتو. آءٌ سن ويو هوس؛ درياءَ جي ٿڌيءَ هوا تي ويهي خط جو جواب موڪليان ٿو.

        اوهان مون کي سنڌين جي ماضيءَ قريب جي ياد تازه ڏياريندي، رئيس مرحوم ڀرڳڙيءَ ۽ منهنجي ناني قاضي اسدالله شاهه جي ياد تازه ڏياري آهي. مون تعليم رئيس صاحب جي مهربانيءَ سان حاصل ڪئي هئي، ۽ سياست ۾ قاضي صاحب جي هٿ هيٺ تربيت حاصل ڪئي هيم. مون کي پڙهي نهايت ارمان ٿيو ته اوهان کي سنڌ جي موجوده حالتن کي ڏسي صدمو آيل آهي. اها فطري ڳالهه آهي جو اوهان جهڙن انسان _ دوست ماڻهن کي اهڙين حالتن تي ارمان ٿئي، خصوصاً جڏهين اوهان بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ لاءِ اسان سان گڏ ڪوشش ڪئي هئي. اوهان مون کي هندو _ مسلم اتحاد جي ضرورت ۽ گڏجي قوم پرستيءَ جي راهه تي هلڻ جي اهميت طرف ڌيان ڇڪايو آهي. نه مون کي، ۽ نه ٻئي ڪنهن مسلمان کي اوهان جي صداقت ۾ شڪ ٿي سگهي ٿو. ڪاش، جيڪڏهين سنڌ ۾ اوهان جهڙا همدرد گهڻا هجن ها! جيڪڏهين اُهي هجن ها ته موجوده اختلافي معاملن جي حل ٿيڻ ۾، جي ذرا پيچيده ڏسڻ ۾ اچن ٿا، گهڻي تڪليف نه ٿئي ها. اوهان جي دلين ۾ ڪافي قوت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اوهين چئو ٿا ته موجوده سنڌي مسلمانن جي ليڊر شپ مان اوهان جو اعتبار ٽُــٽي ويو آهي، جنهن ۾ اوهان هر هڪ ليڊر تي تبصرو ڪيو آهي. مون بابت جيڪي اوهان لکيو آهي، اهو به صحيح آهي. مون اڳي به اوهان سان پنهنجي ڪيترين خامين جو اقرار ڪيو آهي. مون ۾ ان کان وڌيڪ خاميون آهن، جي اوهان جي ڌيان تي نه آيون آهن. انهن خامين ۽ ڪمزورين ڪري آءٌ سنڌي مسلمانن جي ليڊريءَ لاءِ موجوده حالتن هيٺ لائق نه ٿي سگهيو آهيان. اوهان مون کي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪري نهايت قابليت سان هلائڻ جو داد ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ شڪر گذار آهيان. منهنجي اسپيڪريءَ جي ڪاميابي، آئين سان پابنديءَ ۽ پارٽي _ پاليٽڪس کان ٻاهر رهڻ ڪري آهي. اها ڪاميابي جيڪڏهين مٿي ذڪر ڪيل حالتن کانسواءِ حاصل ٿئي ته پوءِ منهنجي لياقت سمجهجي ها. جيڪڏهن آئين جي سخت پابندي منهنجي حفاظت ۽ بچاءُ نه ڪن ها ته آءٌ به موجوده وهڪري ۾ وهي وڃان ها. حقيقت ۾ موجوده حالتن هيٺ رهي سنڌ، هندستان يا دنيا جي ماڻهن جو انهن اثرن کان آزاد رهڻ ذرا مشڪل پيو نظر اچي. روحانيت گهٽجي ويئي آهي؛ ماڻهو ماده پرستيءَ جي نظرين ۽ شخصي مفاد جي وهڪري کان ٻاهر نڪري نٿا سگهن. انسان جي شخصي ترقي، ان ڪري، گهڻو روڪجي پيئي آهي. مهاتما گانڌيءَ جهڙين اعليٰ شخصيتن جي هندستاني سياست ۾ روحاني اثر داخل ڪرڻ جي ڪوشش جي باوجود، اڪثريت چونڪ طبقاتي مفاد جي ڦندي ۾ ڦاٿي پيئي آهي، ملڪ جي سياست آزاد ٿي هلي نٿي سگهي. منهنجي نظر ۾ سنڌي سياست جي خرابيءَ جو باعث پڻ طبقاتي مفاد ٿيا آهن. نسلي، ثقافتي ۽ لساني ڳالهين کي پڻ انهيءَ طبقاتي اختلافن ڪري بهانو بنايو پيو وڃي. منهنجي نظر ۾، خود موجوده عالمگير جنگ ۽ مختلف ملڪن جا باهمي ٽڪرا انهيءَ طبقاتي ڪشمڪش جو نتيجو آهن. جيستائين انسانن ۾ موجوده مالي گهٽ _ وڌايون قائم رهنديون، ان وقت تائين غريب ۽ شاهوڪار جو تصادم هلندو رهندو، پوءِ ان کي ڪهڙا به رنگ ڏنا وڃن.

        سنڌ ۾ شاهوڪار طبقي ۽ غريب طبقي ۾ غير مساوات ايتريقدر حائل آهي، جو موجوده سماجي نظام کي درهم برهم ڪرڻ وقت اختلاف پيا پيدا ٿيندا. سنڌ  جا عوام اڪثري مسلمان ۽ غريب طبقي جا آهن. ٻئي طرف شاهوڪار ۽ قرض خواهه طبقو هندن جو آهي. پهريون طبقو گونگو ۽ خاموش آهي، ٻيو طبقو بيدار، منظم ۽ چالاڪ آهي. عام ماڻهو، پنهنجي خاموشيءَ ۽ ڪسمپرسيءَ جي باوجود، دل ۾ انهيءَ طبقي لاءِ غصو سانڍيو ويٺا آهن، جو ڪنهن به موقعي ملڻ تي هو مختلف طريقن ۽ بهانن تي ظاهر ڪن ٿا. جن مسلمان ليڊرن مسجد منزلگاهه تحريڪ هلائي، انهن جا اصلي مقصد ڪهڙا به هجن، پر عام دهقاني مسلمانن جو وياج خور ۽ شاهوڪار هندوءَ خلاف فساد ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ طبقاتي اختلاف هو. ساڳيءَ طرح جا جذبات مسلم زميندار طبقي جي خلاف اُڀري رهيا آهن. انهيءَ جا طرفدار پڻ آهستي آهستي ڪري زميندار خلاف نفرت ڦهلائي رهيا آهن، جا شايد ڪنهن وقت به وڌي وڃي.

        نوڪرين جي ورهاست جو سوال ٻيو اختلافي مسئلو آهي. مسلمان پڙهيل طبقي ۾ هي خيال ويهي ويو آهي ته کين باوجود تعليم حاصل ڪرڻ جي پورو حصو نٿو ڏنو وڃي. اهو به اقتصادي سوال آهي، تنهنڪري جيستائين نوڪرين ۾ به قانون يا باهمي سمجهوتي جي ذريعي اها شڪايت دور نه ڪئي ويئي آهي، اختلاف هليا هلندا. راءِ بهادر هوتچند چانڊومل، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾، انهن خامين جي کليءَ طرح اُپٽار ڪندي، هندن کي کليءَ طرح مشورو ڏنو آهي، وياج خوريءَ جو ڌنڌو ڇڏي ڏين. اختلافن گهٽائڻ لاءِ، وياج خورن طرفان آبادگارن جي زمين هضم ڪرڻ تي بندش وجهڻ ۽ نوڪرين مان هڪ طبقي جي هڪ _ هٽي دور ڪرڻ ضروري ڳالهه آهي.

        ٻيو، توهان پنهنجي خط ۾ هندن جي ڪلچر ۽ زبان تي مسلمانن طرفان دست اندازيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ چيو آهي ته انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته موجوده هندو _ مسلم تعلقات ۾ وڌيڪ ڪشيدگي پيدا ٿئي. آءٌ اوهان جي بيچاڪائيءَ واريءَ حالت ۾ انهيءَ سوال جي تاريخ ۾ وڃي ڊگهو قصو ڪرڻ نٿو چاهيان. آءٌ صرف ايترو ظاهر ڪندس ته انهيءَ سوال کي غير معمولي اهميت ڏيڻ لاءِ جي طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا، اهي مصلحت وارا نه آهن. ادبي ۽ علمي قسم جا سوال، عام هلچل جي ذريعي فيصل ڪرڻ جي عيوض، عالمن ڏانهن فيصل ڪرڻ لاءِ موڪلڻا هئا. مون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته اختلاف رکندڙ ڌرين کي اهو سوال باهمي گفتگو ذريعي فيصل ڪرائڻ تي راغب ڪريان، پر افسوس آهي ته هڪ ڌر ان ڳالهه کي ٿوڪاري ڦٽو ڪري ڇڏيو، ۽ عام هلچل شروع ڪري ڏني، جنهن مان، جيئن توهان ظاهر ڪيو آهي، اختلاف وڌڻ جو امڪان آهي.

        توهان ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ”ابيات سنڌي“ ۽ ان جي حاشيه بابت ذڪر ڪيو آهي. حقيقت ائين آهي ته اهو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب پير لنواري وارن جي چوڻ تي، جڏهين پاڻ بمبئيءَ ۾ پروفيسر هو، لکيو هو. اهو ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ پنهنجي نصاب ۾ داخل ڪيو هو. نصاب ۾ داخل ڪرڻ واري بورڊ تي اڪثريت هندو ميمبرن جي هئي.  جيڪڏهين انهن کي ڪتاب اعتراض جوڳو ڏسڻ ۾ اچي ها ته پوءِ ان کي يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ داخل نه ڪن ها. ازان سواءِ، شاگردن لاءِ اهو ضروري نه آهي ته تشريح پڙهن. انهيءَ ڪتاب جي شرح لکڻ کي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن جي عهدي جي لياقت سان ڳنڍڻ ٺيڪ ڪم نه آهي. اها ڳالهه به غلط آهي ته ڪو ماڻهو عربيءَ ۾ ماهر هئڻ ڪري انهيءَ عهدي جو لائق ٿي نٿو سگهي. هر ڪو مسلمان عربيءَ کي زنده ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جي فائدي ۾ آهي _ انهيءَ ڪري هندن جي ڪلچر کي ڪو به نقصان نٿو پهچي. آءٌ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته ڊاڪٽر دائود پوٽو موجوده جديد تعليم ۽ هندستاني _ يوروپين تهذيب جي ملاوت جي پيداوار آهي. هن جي سوشل زندگي ۽ آزاد خيالي ڪيترن قدامت پسند مسلمانن وٽ پسند نه آهي. افسوس آهي جو توهان هن کي پوريءَ طرح نٿا سڃاڻو، ان ڪري هڪ طرفو فيصلو ڏنو اٿو. اوهان جهڙي فراخدل ماڻهوءَ کي پهرين سوال کي سمجهي، پوءِ فيصلو ڏيڻ گهرجي ها. بهرحال، آءٌ سنڌي زبان ۾ گرامر جي اختلافي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حتي الامڪان ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

        توهان پنهنجي خط ۾ مسٽر جناح جي سنڌ ۾ آمد ۽ ان جي سنڌي سياست تي رد عمل جو ذڪر به ڪيو آهي. آءٌ محسوس ڪري رهيو آهيان ته اڄڪلهه جيڪي رد عمل هندستان جي ٻين صوبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، سي سنڌ کي اثر انداز ٿيڻ کان نه ڇڏيندا. هندستان ۾ آل انڊيا جماعتن جو اثر هر هنڌ پئجي رهيو آهي. اسيمبليءَ ۾ هڪ گروهه ڪنهن سياسي جماعت جو هوندو، ته لازمي طور ان جو مخالف گروهه ٻيءَ جماعت جو سهارو وٺندو. ڏسڻ ۾ اِئين پيو اچي ته آل انڊيا سياسي جماعتن جا نظريا ۽ اثر اسان جي صوبي تي وڃن پکڙندا. اسين، هندستان جي برصغير جا جزا هئڻ ڪري، انهن اثرن کان جدا ٿي نٿا سگهون. انهيءَ مسئلي جو دائمي حصول هندستان جي مکيه جماعتن، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، جي وچ ۾ سمجهوتي وسيلي حاصل ٿي سگهندو. اهو اسان جي طاقت کان ٻاهر آهي ته ٻنهي جماعتن کي نزديڪ آڻي سگهون، البت اسين صوبي اندر گڏجي ڪو سمجهوتو ڪري سگهون ٿا. صوبي جي بهتريءَ لاءِ مير بنده علي خان جو مسلم ليگ جي عهدنامي تي صحيح ڪرڻ جو مون کي ڪو به فڪر نه آهي. باوجود ان جي، سمجهوتو ممڪن ٿي سگهي ٿو. جنهن موجب، هڪ ميجارٽي ٺاهي، گڏيل پروگرام جي بنياد تي صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو. آئيني طور، اسپيڪر هجڻ جي حالت ۾، آءٌ ڪو گروهه ٺاهي اڳواڻي ڪري نٿو سگهان. بهرحال، جيڪڏهين حالتون اهڙيون بنجن ۽ اهڙو گروهه ٺهي پوي ته آءٌ صوبي جي بهتريءَ لاءِ ان ۾ مدد ڏيڻ واسطي ٻاهر نڪري سگهان ٿو. حال ته موجوده عهدي جي فرضن بجا آڻڻ ۾ مشغول آهيان، وقت تي تقاضا ٿي ته هن عهدي کي ڇڏي به سگهان ٿو.

        مون اوهان جي گهڻي درد سري ڪئي آهي، تنهنڪري وڌيڪ ڪو نه ٿو لکان. اميد ته هن وقت اوهان جي طبيعت سڌري هوندي. جنهن وقت گهرندا، اچي ملاقات ڪبي.

]نوٽ: ڏسڻ ۾ اچي ٿو 25 _ ڊسمبر وارو ۽ هي خط هڪ ئي خط جي جواب لاءِ تيار ڪيل آهن، جنهن صورت ۾ ٻنهي خطن جون ڪاپيون مون وٽ موجود هيون، ۽ ٻئي خط دلچسپ ۽ وقت جي سياسي مسئلن تي روشني وجهندڙ آهن، تنهنڪري هن ڪتاب ۾ ٻيئي خط داخل ڪريان ٿو.[

 

(2)

حيدرآباد

11_ جنوري، 1941ع

        ڪجهه وقت ٿيو آهي ته توهان کي ڪو خط نه لکيو اٿم. اميد ته اوهين سنڌ جي مستقبل بابت پنهنجي منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا هوندا.

        آءٌ هن سان گڏ منهنجي ٻئي، مسٽر سنتداس ڏانهن موڪليل خط جي ڪاپي ملاحظي لاءِ موڪليان ٿو، جنهن مان موجوده حالات تي منهنجي خيالات جو اوهان کي پتو پوندو. مون کي اميد آهي ته منهنجي اڳوڻي خط جي ڪاپي اوهان وٽ موجود هوندي.

        ايندڙ آدمشماريءَ لاءِ ڇا ٿا ڪريو؟ مسلمانن جي آدمشماريءَ تي کين مستقبل ۾ نشستون ملنديون. ڳوٺن ۾ ماڻهو اڪثر سستي ڪري پورو تعداد نه لکائيندا آهن. اميد ته اوهان مسلم ليگ طرفان عملدارن کي مدد ڏيئي، صحيح تعداد گڏ ڪرائڻ  ۾ ڪوششون وٺندا. مهرباني ڪري ان سوال تي پورو توجهه ڏيندا. مون هتي هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي، جا عملدارن سان گڏجي کين ان ڪم ۾ مدد ڪندي رهندي. آءٌ 13 _ تاريخ شاهه يقيق وڃان ٿو. 16 _ تاريخ واپس موٽي، 17 کان 21 _ تائين ڪراچيءَ رهي، 22_ تي بمبئيءَ ويندس. جتان دهلي ۽ ڪلڪتي ڏانهن 10 _ تاريخ تائين هوندس.

 

(3)

ڪلڪتو

5 _ فيبروري، 1941ع

        آءٌ هتي 4 _ تاريخ پهتو آهيان. 6 _ تاريخ سنڌ لاءِ روانو ٿيندس. پهرين بمبئيءَ ۾ سينيٽ جي ميٽنگ مان ٿي، پوءِ دهلي، لکنو، الهه آباد ۽ ڪانپور کان ٿيندو، هتي پهتو آهيان. بينگال اسيمبليءَ جو اجلاس ڏٺو اٿم. ڪلڪتو جديد طرز جو وڏو شهر آهي. ان ۾ گهڻي موج ۽ زرخيزي آهي. وقت ٿوري هئڻ ڪري، آءٌ گهڻو ڪجهه ڏسي نه سگهيو آهيان جو احوال موڪلي سگهان؛ صرف هتي حاضر هئڻ جو اطلاع اوهان جي رڪارڊ لاءِ موڪليان ٿو.

        هن طرف سنڌ بابت گهڻي غلط فهمي آهي. مون کي سنڌ ورڪين هڪ چانهه پارٽي ڏني هئي. ان تي سنڌين کي اتحاد ڪرڻ لاءِ مشورو ڏنم. آءٌ 10 _ تاريخ حيدرآباد پهچندس، جو ان تاريخ تي گورنر جي درٻار آهي. اميد ته هاڻ توهان تعميري ڪمن ڏانهن زياده ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو هوندو، جيئن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪجهه خدمت ڪري سگهجي.

        آءٌ 8 _ تاريخ، بمبئيءَ ۾، مرحومه خانم طريقيءَ جي مزار جي زيارت ڪندس. بمبئيءَ ۾ ميان زاهد علي شوڪت علي، جنهن سندس جنازي نماز پڙهي هئي، تنهن کي ساڻ ڪري، قبرستان ۾ ويندس. مرحومه بابت وڌيڪ جيڪو احوال ملي سگهيو، اهو به تو کي روبرو اچي ٻڌائيندس. مسلم ليگ آدمشماريءَ لاءِ ڇا ڪيو؟ جيڪڏهين انهيءَ معاملي ۾ سُستي ڏيکاري ويئي ته پوءِ سمجهو ته اها بيڪار جماعت آهي. آدمشماري حقن جو بنياد آهي، ان کان بيپرواهي حقن کان هٿ ڌوئڻ جي برابر آهي.

 

(4)

        شاهه لطيف جي سالگرهه جو جلسو، سر ليسلي ولسن هاسٽل ۾، 12 _ فيبروري 1941ع، ڪراچيءَ ۾ ٿيندو.

        1 _ آنربل شيخ عبدالمجيد، وزير تعليم، جلسي جو افتتاح ڪندو.

        2_ سيد ميران محمد شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي، ابتدائي تعليم تي ڳالهائيندو.

        3 _ راڳ، شاهه جي ڪلام تي شعر پڙهڻ، ۽ تقريرون ڪرڻ.

        صدارت علامه آءِ . آءِ . قاضي ڪندو.

        اهو جلسو سنڌ ادبي (صلاحڪار) بورڊ طرفان رٿيل آهي.

ميران محمد شاهه عثمان علي انصاري لعل چندامر ڏنو مل

چيئرمين         سيڪريٽري          جوائنٽ سيڪريٽري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org