صفحو :3 

باب: --

ڪتاب: رهاڻ

سيڪشن؛ ادب

 

فصل ٻيو

سال 1924ع

 

(1)

حيدرآباد سنڌ

29 – سيپٽمبر، 1924

        ڏوراپو ڏيو ٿا، پر مهر ڪري خسخاني تي لنگهي نه آيا آهيو. ڏاڏاهه جي سيدن ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ سندرو ٻڌو آهي. مون کان، لکي، تاريخ پڇي اٿن. سنڌ تعليمي ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ صلاح مصلحت واسطي، 5 – آڪٽوبر 1924ع تي، جان محمد ڀرڳڙيءَ جي جڳهه تي ميٽنگ سڏايل آهي، ان تي ايندا. مون وٽ اچي رهندا. منهنجي جاءِ سنتداس وڪيل جي ڀر ۾ آهي.

]نوٽ: 5 – تاريخ ميٽنگ گڏ ٿي، ان ۾ ميران محمد شاهه کي استقباليه ڪميٽيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.[

 

(2)

حيدرآباد سنڌ (سنتداس وڪيل جي آفيس مان)

18 – آڪٽوبر، 1924ع

        نوازشنامو، عنبر شمامو، منجهه وقت سعيد موصول ٿيو. ان جي مضمون جي مطالعي کان دل کي روحاني فرحت ۽ قلب کي لذت حاصل ٿي. اميد ته ڪنهن مهل گڏجي، اهلِ تصوف جي مجلس جو مزو وٺنداسون. مهرباني ڪري صدق دل کي تيسين تائين مضبوط نه ڪجو، جيستائين آءٌ به انهيءَ چشمئه فيض مان ڍڪ نه ڀريان.

        2 – ڊگڙيءَ ۾ مٽياري سادات جي ڪانفرنس، ۽ 2 – نومبر 1924ع تي منعقد ٿي رهي آهي، مهرباني ڪري اوهين مون وٽ ايندا ته گڏجي هتان هلنداسون. منهنجو پروگرام هيٺيون آهي:

        24 – آڪٽوبر، جمعي ڏينهن، ٽنڊي محمد خان ۾ ڪيس اٿم.

        25 – آڪٽوبر، ڇنڇر ڏينهن، ماتليءَ ۾ ڪيس اٿم.

        26، 27، 28 ۽ 29 – آڪٽوبر، ڳوٺ رهندس.

        29 – شام جو حيدرآباد پهچندس. 31 – تاريخ گڏجي ڊگڙيءَ هلبو.

]نوٽ: خط جو پهريون ٽڪرو منهنجي 6- آڪٽوبر 1924ع تي، درازن ۾، سخي قبول محمد جي ملاقات ۽ سچل فقير جي زيارت جي جواب ۾ هو.[

 

(3)

حيدرآباد سنڌ

15 – نومبر، 1924ع

        خط اوهان جو پڙهي نهايت مسرور خاطر ٿيس. خاص ڪري انهن الفاظن کان، جيڪي خط جي پڇاڙيءَ ۾ درج ڪيل هئا.

        شال ذوالمنن اسان جي همجنسيءَ ۽ همخياليءَ جي سلسلي کي مداومت بخشي، جيئن اسان ٻنهي جون دليون ساڳئي چشمئه فيض مان سيراب ٿينديون رهن. همخيال دوستيءَ بابت اڳيئي احوال ڪري چڪو آهيان. همخياليءَ ۽ محرم رازيءَ دم ڀرڻ جي مون ۾ طاقت نه آهي. اوهين قوي دل ۽ صاحب حوصله آهيو، مون جهڙي ضعيف الحال کي مهرباني ڪري پنهنجو همخيال ڪرڻ گهرو ٿا.

 

(4)

حيدرآباد، سنڌ

7 ڊسمبر، 1924ع

پيارا ادا سائين،

        هينئر رات جا قريب 11 بجا ٿيا آهن. اکين ۾ ننڊ جي لهر جنبش ۾ آهي، ڪروٽ تي ڪروٽ چڙهندي ٿي وڃي. انهيءَ حالتِ جسمانيءَ ۾ هڪ روحاني حرڪت نمايان ٿئي ٿي، جا مٿينءَ حالت کي چشم زدن ۾ پامال ڪري، ساري جان و تن تي مسلط ٿي ويئي آهي. چئي سگهندئو ته اها زبردست حرڪت ڪهڙيءَ روحاني مقناطيس جي ڪشش جو شڪار ٿي آهي؟ جي اوهان جو دماغ اهڙيءَ درد سريءَ کان انڪار ڪري، ته پوءِ بنا تامل اوهان کي ٻڌايان ٿو ته اهو مقناطيس اوهان جو نفس نفيس آهي.

        اڄ سارو ڏينهن درد سريءَ ۽ فڪرات ۾ گذريو. انهيءَ حالت جا هڪ کان گهڻا وجهه آهن، تنهنڪري انهن جو بيان هن بيگاهه وقت ۾ قرطاس جي تنگ ميدان تي ڪرڻ کان قاصر آهيان. انهيءَ فڪرات جي بحر بي ساحل ۾ غوطه زني ڪندي، اوهان جي موڪليل خط جي يادگيري آئي. يقينن، اهو ٻڏيءَ کي تار ۾ ترهو ٿي پيو.

        تعليمي ڪانفرنس جي موقعي تي اوهان جي رهڻ جي جاءِ لاءِ انتظام ڪيو اٿم.

        سڀاڻي ڪوئيٽا ميل ۾، گورنر بمبئيءَ کي لاڙ ڊويزن جي زميندارن پاران ايڊريس ڏيڻ لاءِ، ڪراچيءَ  وڃي رهيو آهيان.

 

(5)

حيدرآباد سنڌ

21 – ڊسمبر، 1924ع

        اوهان کي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏنل وعدي مطابق، آءٌ تاريخ 23 – سن ۾ ايندس. پوءِ پروگرام هيٺينءَ طرح رٿبو:

24 – ڊسمبر سن ۾ رهبو.

25 – ”شڪار تلورن جو ڪبو.

26 – ”ڪاڇين کان هالا هلبو.

27 – ”ڀٽشاهه هلبو.

28 – تاريخ موٽي حيدرآباد اچڻو اٿم، جو 29 – تاريخ چاچي محمد شاهه جو ٻارهو آهي.

]نوٽ: هي گشت سندس سياست ۾ داخلا لاءِ تعارف طور رٿيل هو. انهيءَ موجب، پهرين ڪاڇين ۾ رئيس فقير بخش خان وٽ وياسون. اتان ڀاڻوٺ جي سيدن ۾ وياسون، جتان هالن پراڻن مان ٿي، مخدومن وٽ هالن ۾ وياسون، اتان ڀٽشاهه تي وڃڻ ٿيو.[

سال 1925ع

(1)

الهندو ڪَچو، حيدرآباد

8 – جنوري، 1925ع

        مون کي افسوس آهي ته ڀٽشاهه تان اوهان کي موڪلائڻ بعد احوال موڪلي نه سگهيو آهيان. ڳوٺ اچي والد سان ڪائونسل ۾ بيهڻ جو ذڪر ڪيم، گشت جو احوال ٻڌايم، هو شامل راءِ ٿيو. باقي محمد ڪامل شاهه جي چوڻ لاءِ ڪو عمدو موقعو ڏسي، گڏجي وٽس هلنداسون. پوءِ جيڪا صلاح بيٺي، ان موجب ڪبو. مون کي والد هدايت ڪئي آهي ته اٻهرائي نه ڪريان. موقعي تي سڀڪو ڪم ڪبو. اوهان ان وچ ۾ مون لاءِ ماڻهن کان وعدا وٺندا رهو. منهنجي حوصلي افزائي ۽ ترقيءَ جا سرچشما اوهين آهيو، ان ۾ خوشامد نه آهي.

 

(2)

الهندو ڪَچو، حيدرآباد

19 – جنوري، 1925ع

        اوهان جو ڪاغذ پهتو. شيخ ٽيهر، ساهرن ۾ وڃڻ ڪري جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي. ڪراچي ضلعي جي زميندار ۽ آبادگار ايسوسيئيشن ٺاهڻ جي مبارڪ هجيوَ. اميد ته رُولن جي ڪاپي ٽنڊي ڊويزن زميندار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽريءَ کان جلد وٺي موڪليندس.

        ورڪنگ ڪميٽي انجمن سادات مٽياريءَ جي ڪڏهن ٿيندي ته رول ٺاهي، انجمن رجسٽرڊ ڪرائڻ جو انتظام ڪجي؟

 

(3)

حيدرآباد

8 – جون، 1925ع

        اوهان جو خط پهتو. ان جي مطالعي سان جا خوشي دل کي حاصل ٿي آهي، ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. وڌيڪ خوشي ان ڪري ٿي آهي جو اوهين هن ناچيز کي سٺيءَ نظر سان ڏسو ٿا. پڪ اٿم ته اوهان کي منهنجي نُقصن جو پتو نه آهي، يا اوهين انهن  تي پرده پوشي ڪري نظر استحسان سان ڏسڻ گهرو ٿا. ٻاهر سير لاءِ حال ڪو نه ٿو وڃان.

        اوهان مون کي بمبئي ڪائونسل لاءِ اميدوار بيهارڻ جو خيال ڪيو آهي، ان لاءِ آءٌ پاڻ کي ڪم – حيثيت ٿو تصور ڪريان. هي خاص اوهان جي شفقت ۽ عنايت آهي، جا اوهان کي منهنجي عزت افزائيءَ لاءِ آماده ڪري رهي آهي.

        منهنجي دل جي تقوبت واسطي اوهان جي وڌيڪ مشوري ۽ ترغيب جي ضرورت آهي. ملاقات جو وجهه ملي ته عزم بالجزم ڪيو وڃي. پير غلام حيدر شاهه بلڙيءَ واري سان جلد ملڻ جو خيال اٿم. پير صاحب مون سان به اهڙي گفتگو ڪئي هئي.

        ”انجمن سادات مٽياري“ کي پڪي پايي تي بيهارڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ گهرجيوَ. سيڪريٽريءَ جو خط پهتو هوندوَ.

Text Box:  

 

سال 1926ع

 

 

(1)

الهندو ڪَچو، حيدرآباد

19 – مارچ، 1926ع

        دادا سائين، خط پهتو. مطالعي کان دل کي سرور حاصل ٿيو. اوهان جهڙن دوستن جي دلداري غم نه ڪٽيندي ته ٻي ڪهڙي دوا درمان ٿيندي؟ پر قاضي اسدالله مرحوم جي صدمي جي جگر خراش آتش سرد ٿيڻ مشڪل پيئي نظر اچي. الله مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي، ۽ اوهان جهڙن عالي خيالن کي اسان جو رهبر بنائي، ڇو ته مرحوم کان پوءِ ڌڻ بي ڌنار ٿي پيا آهيون. مون کي اميد آهي ته نيٺ اوهين اها جاءِ ڀريندا. آءٌ اوهان ۾ اهي آثار موجود ڏسان ٿو.

        مير غلام محمد خان ٽالپر جي خيالن بابت (الوحيد“ جا 16، 17 ۽ 18 – مارچ 1926ع جا پرچا پڙهي ڏسندا. ان مان ان بزرگ جي نيڪ ارادن جو پتو پوندوَ.

 

(2)

سنتداس ڪمپني، حيدرآباد

7 – مئي 1926ع

        اوهان سان سب ججيءَ جي جاءِ وٺڻ لاءِ حال ڪيو هوم، ان لاءِ 4 - مئي ڪراچيءَ وڃڻو پيم. محمد ڪامل شاهه ڏاڍي مدد ڪئي. جڊيشل ڪمشنر انٽرويو لاءِ 18 – تاريخ ڌاري گهرائيندو. اوهان جي بمبئي ڪائونسل لاءِ اميدوار بيهڻ جو احوال اخبار ۾ پڙهيم. اهو احوال ڪوڙو يا سچو، مهرباني ڪري ڪمر همت جي ٻڌي بيهجو، ڪامياب الله ڪندو.

 

(3)

ڪراچي

21 – مئي، 1926ع

        سب ججيءَ جي انٽرويو لاءِ ڪراچي آيس. سومر ڏينهن ڪپڙا لٽا خوب پائي، جڊيشل ڪمشنر سان سب ججيءَ لاءِ ملاقات ڪئي ويئي. سڀ اميدوار حاضر هئا. ملاقات جو نتيجو بروقت معلوم ٿيو: ميان رحيم بخش شيخ ۽ محمد بخش ميمڻ ۽ ٻن هندن جي سفارش ٿي آهي. اسان کي نوڪريءَ جي ٽوڪريءَ کان خدا بچائي ورتو! قوم جي خدمت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. مون اوهان جهڙن دوستن جو چيو ڪري، نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، ڪاميابي قادر جي اختيار هئي.

        پير بلڙيءَ وارو بمبئيءَ کان پهچي ويو آهي. صلاح آهي ته گڏجي ٽکڙ ۽ سعيد پور، فاتح خوانيءَ لاءِ هلجي. ان موقعي تي ڪائونسل بابت ڪجهه پتو پئجي ويندو.

 

(4)

حيدرآباد

30 – مئي، 1926ع

        هڪ خط اڳي موڪليو اٿم، جواب ڪو نه مليو. سب ججي نه ملي. دل ڪا نه هيم، پر روزگار جي تنگيءَ ان لاءِ مجبور ڪيو هو. الله تعاليٰ ڪن کي پکن سان پيدا ڪيو آهي، ڪي بي پَر پيدا ڪيا اٿس. مون لاءِ اوهان جهڙيءَ هستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو دوست ۽ مددگار ڪو نه آهي. هاڻ هڪ دفعو وري اوهان سان صلاح گهران ٿو ته آئيندي لاءِ منهنجو پروگرام ڪهڙو هئڻ گهرجي.

        سعيد پور ۽ ٽکڙ، فاتح خوانيءَ لاءِ ڪڏهن اچڻ جو ارادو رکو ٿا؟

 

(5)

حيدرآباد سنڌ

2 – سيپٽمبر، 1926ع

        چيئرمين ضلعي لوڪلبورڊ اسڪولبورڊ جي چونڊ جو وقت نزديڪ اچي ويو آهي. اوهان 5 – سيپٽمبر آچر ڏينهن هتي پهچندا. اسڪولبورڊ جي چونڊ سومر ڏينهن 6 - سيپٽمبر 1926 تي، 8 بجي صبح جو ٿيڻي آهي. سستي ڇڏي، مهرباني ڪري ضرور ايندا.

 

(6)

حيدرآباد

18 – سيمپٽمبر، 1926ع

        ادا سائين، اڄ رات مون وٽ پير صاحب جهوڪ وارا ۽ عموي صاحب ميان محمد ڪامل شاهه آيا. مون کي چيائون ته غلام مرتضيٰ شاهه کي بمبئي ڪائونسل جي اميدواريءَ تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪراچيءَ هل. آءٌ بيمار آهيان، جيئن ڏسي آيا آهيو، نه ته روبرو اچان ها. هن عرضيءَ وسيلي عرض ٿو ڪريان ته پاڻ ۾ مخالفت چڱي نه آهي. اوهين دورانديش آهيو. اوهان کي اخوت جو خيال صد بار زيادهه آهي. قربانيءَ جو مادو به وڌيڪ اٿوَ. اوهين هن دفعي پير صاحب کي بنا تڪليف جي چونڊرايو ته دل راضي ٿئيس. اوهين آئيندي لاءِ شاهدن جي روبرو وعدو وٺندا ته هو پاڻ نه بيهي، اوهان کي مدد ڪري. مٽارڪي لوئي نه لڄائبي. مون کان به هٿ کڻايائون، اوهين به هٿ کڻو.

 

(7)

الهندو ڪَچو، حيدرآباد

11 – نومبر، 1926ع

من از آن حسنِ روز افزون ڪه يوسف داشت دانستم،

ڪه عشق از پردهء عصمت برون آرد زليخا را.

        مٺا ادا سائين، بعد سلام نيڪ انجام غرض ته خط پهتو، احوال معلوم ٿيو. قريب ٻارهن مهينن جي جنگ جدال، محنت ۽ تقسيمِ مال بعد، هن ضلعي اندر سر غلام حسين ۽ ميان نور محمد وڪيل گويء ميدان کڻي، اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويا. اسان جي ڳڻتين ۽ ڳارن جو به خاتمو ٿيو.

        ڪجهه دل خوش ٿي ته قوم ۾ ڪجهه بيداري ٿي آهي، جو نور محمد جهڙي دوالي بند کي چونڊيو اٿن. ان مان اميد پيئي ٿئي ته پئسي ۽ پوزيشن کان وڌيڪ، قومي خدمت جو احساس ٿيڻ لڳو آهي. الله سائينءَ کي روزي نماز جي ٿوري پرواهه آهي! سندس مخلوق جي خدمت پنهنجي ذاتيات تي مقدم سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجيئون، اهو ئي توشو حياتيءَ جي نيڪ ڳالهين مان ڇڏي وڃڻو آهي. سعديءَ چيو آهي ته،

زنده است نامِ فرخ نوشيروان بعدل،

گرچه بسي گذشت ڪه نوشير وان نماند.

        الحمدالله، منهنجي اميدواريءَ جي گفتگو به هينئر ئي هلي رهي آهي، يعني ماڻهو پيا چون ته سر غلام حسين جي ايگزيڪيوٽو ميمبر ٿي وڃڻ بعد ان جاءِ ڀرڻ جو لائق هي آهي.

        شال اسان جي قوم کي خدا اهو خيال دل ۾ وجهي ته سندن خادمن کي چونڊين، جيڪڏهن آءٌ پاڻ ڪنهن وقت به خود مطلبيءَ کي قومي خدمت تي ترجيح ڏيان ته مون کي به سرتابي ڪري. البت، الله جي مهربانيءَ سان ڪائونسل جي لياقت لاءِ علم ۽ خدمتِ خلق جو جذبو مون کي حاصل آهي، پر هن مسڪين وٽ پئسو نه آهي. پر مثال اکين اڳيان موجود آهي ته ڪيئن عرب جا صحابي بي سروسامانيءَ جي باوجود صداقت ۽ شجاعت سان ملڪن تي قابض ٿي ويا.

        دعا ڪجو، خلقِ خدا جي خدمت جي خدا توفيق عطا فرمائي. مون  خدمت جو ٻج پنهنجي دل ۾ پوکي ڇڏيو آهي، شل خدا ان کي بارآور ڪري!

 

(8)

حيدرآباد

8 – نومبر، 1926ع

        گذريل خط بعد حالتن جدا رخ ورتو آهي. عموي صاحب محمد ڪامل شاهه جي ڪم لاءِ ٿرپارڪر ويس. افسوس اهو آهي ته ”جنين ڪاڻ مياس سي ڪانڌي ٿيم ڪينڪي!“ مون ۽ محمد ڪامل شاهه اوهان کان پير غلام حيدر شاهه جي سامهون بمبئي ڪائونسل جي اميدواريءَ تان هٿ کڻائي، کيس بنا مقابلي چونڊرايو. هن وعدو ڏيئي، پوءِ ان کان ڦري، سڄيءَ سنڌ ۾ وڃي محمد ڪامل شاهه جي مخالفت ڪري، ميرزا فرخ بيگ کي مدد ڪئي آهي. هي اٿوَ ماڻهن جو حال! جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي: پير صاحب کي پرکي ڇڏيوسون.

        صلاح آهي ته خان محمد نظاماڻيءَ کي پاڻ وٽ رکي، وڌيڪ انگريزي تعليم حاصل ڪريو.

Text Box: 23

 

 

 


 

سال 1927ع

 

(1)

حيدرآباد

29 – جنوري، 1927ع

        بمبئي زميندارن جي وفد سان گڏجي ويو هوس، جتان خير سان واپس آيو آهيان. اميد ته اوهين خوش هوندا.

 

(2)

ڊل نهر، سرينگر، ڪشمير

26 – مئي، 1927ع

        پيارا ادا سائين، اسلام عليڪم، آخر پهچي وياسون. 21 – تاريخ حيدرآباد مان روانو ٿي، لاهور پهتس. اتي ڪجهه وقت سير ڪري، 23 – تاريخ راولپنڊيءَ پهتس. ساڳئي ڏينهن شام جو، موٽر رستي، راهِ ملڪِ سنبل وسوسن اختيار ڪيم، رستي جي آسپاس زمين جي گلزاريءَ ۽ زرنگاريءَ، گلن ۽ ٻوٽن جي خوشگواريءَ جو ذڪر ڪرڻ هن ڪاغذ جي تنگ ميدان تي فضول ٿيندو. البت اوهين پنهنجي خداداد تخيل کي ڊوڙائي، اهڙي پُر فضا ملڪ جو فوٽو ڪڍي سگهو ٿا. خير، قصو ڪوتاهه، وات ۾ مڪان طريٽ وٽ منزل انداز ٿيس.

        رات ترسي، صبح جو ڪوهه مريءَ جي دلڪش نظاري کي ڏسندو، شام جو 6 بجي، 194 ميل ڪري، سرينگر پهتس. برادرم قبول محمد هڪ هفتو مون کان اڳ ئي هن ملڪ ۾ آيل هو، تنهن ٻيڙي ڀاڙي ڇڏي هئي. ان ۾ اچي مقيم ٿيس. هيءَ ٻيڙي شهر توڻي ٻئي ڪشمير جي ملڪ جو سير ڪرائيندي. هي هڪ پاڻيءَ تي هلندڙ گهر آهي، جنهن ۾ انسان جي هر قسم جي آسائش جو سامان مهيا آهي. اسان جي ٻيڙيءَ کي پنج ڪمرا، ٻه ڪاڪوس، هڪ اسٽور روم ۽ هڪ مٿي ڇٽي، شام جي آرام گاهه لاءِ آهي. فرنيچر يورپين فئشن تي پيل اٿس. چينيءَ جا برتن، ڪانٽا، ڇريون، سڀ موجود اٿس. مطلب ته يورپين بنگلن جهڙو سامان منجهس موجود آهي. هن کي ”هائوس – بوٽ“ سڏين ٿا. هزارها اهڙا هائوس – بوٽ موجود آهن. يورپين سير لاءِ گهڻا آيل آهن. سرينگر شهر جي ڀر ۾ ڊل جي ڍنڍ آهي، جا ٻارهن ميلن جي گِردي ۾ آهي. چوڌاري جبل اٿس. ان جي ڪناري سان سرسبز چنار ۽ ٻين قسمن جا وڻ  قطارن ۾ بيٺل آهن. ان ۾ پاڻيءَ تي ترندڙ ٻنيون به بيٺل آهن. اسين هن وقت اهڙي هوشربا منظر جي وچ  ۾ آهيون! اڄ نائين بجي انشاءَ الله ڍنڍ جي ڪناري وارن بهشت نشان، رشڪِ جنان باغن جي سير لاءِ وينداسون. منهنجي طبيعت پوريءَ طرح ٺيڪ نه ٿي آهي.

        الله اميد ته اوهان کي فرزند عطا ڪندو، اطلاع موڪليندا. خط هن ايڊريس تي موڪليندا:

        معرفت صديق جو احمد جو، فرسٽ برج، سرينگر.

]ان خط جي ڀر ۾ برادرم قبول محمد شاهه لڳي ٿو ته ميران محمد شاهه ساڻس وعدو ڪيو هو ته اوهان کي وٺيو ايندو هاڻ چوي ٿو ته ڏاڍو جوان ٿي نه آيو، ائين نه ڪرڻ گهرجي.[

 

 

(3)

ڊل مڪان گاندربل، سرينگر، ڪشمير

14 – جون، 1927ع

        پيارن کان پيارا، دل جا زيور، خوش خلق ڀاءُ، سلامت باش. بندگي عرض ته :

گرچه دوريم، از بساطِ قرب همت دور نيست،

بندهء شاها شمائيم و ثنا خوانِ شما.

دورم بصورت از درِ دولت سرائي دوست،

ليڪن بجان و دل ز مقيمانِ حضرتم.

هن وقت ڪشتيءَ ۾ سوار، آبِ روان جي ڪنار ڪنار پيو وڃان. وقت صبح ساڍا ست بجا آهي. ڪناري جا سبز درخت، صانعِ ڪردگار جي ثنا خوانيءَ ۾، نسيم سحريءَ جي جهونڪن تي صدائي سبحان الله چئي رهيا آهن. پاڻيءَ جي شفاف سطح ۾ آسمان جي گوناگون رنگن جو پرتو، شڪلِ نوعروسه وانگر، عجب حسن ماب نظر اچي رهيو آهي. اُتانهن پهاڙن جون چوٽيون، برف جي سفيد چادر ڍڪي، جهادِ اڪبر واسطي اشاري لاءِ محتاج بيٺيون آهن. بلبلِ بهار، گل جي ناز بي نياز ۽ حسن جي انداز کان بيتاب ٿي، نغمه سنجيءَ ۾ قادرض مطلق کان وصلِ گل جي دعا گهري رهي آهي. اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ هن ناقص جي نظر، زمين آسمان لتاڙي، جبل ڏونگر ڏوري، اوهان جي آستان تائين پهچي رهي آهي. آخر بلبل کي گل کانسواءِ ڪهڙو آرام ايندو. پرواني کي شمع کانسواءِ ڪهڙو عيش نصيب ٿيندو. تاري کي آبر کانسواءِ ڇا مرام پاؤ پوندو. اوهان جي دوري هنن جملي لذات کي مختصر ۽ معدوم ڪري ڇڏي:

بي آب به ماهيان چه گذشت؟

بي سبزه به آهوانِ صحرا چه گذشت؟

بگذشت و بگذرد بهرڪس، ليڪن!

من دانم دل، ڪه بي تو برما چه گذشت؟

        رات هڪ ڪتاب جو مطالعو ڪري ختم ڪيم، جنهن ۾ هڪ سچي عشق جي تصوير کينچيل هئي. ان ۾ معشوق جي وفاداري عاشق جي عشق کان سبقت کڻي ويئي، ۽ آخر پنهنجي جان عاشق جي مهجوريءَ ۾ ڏيئي، عشق جو مثال قائم ڪيائين.

عاشقان را درد و غم بسيارمي بايد ڪشيد،

داغِ يار و غصهء اغيار مي بايد ڪشيد.

هر ڪه عاشق شد اگرچه نازنين عالم است،

نازڪي ڪي راست آيد، بارمي بايد ڪشيد.

        اسان جا همسفر، باوجود پنهنجي مايئه علم ۽ سرمايئه ڪثير جي، يدِ قدرت – صنعت کي بنظر استحقار ڏسن ٿا، يا ته فقط هڪ معمولي جهنگل سمجهي، بعضي بيزار ٿين ٿا.

        آه، بي درد و بي چشامنه اهڙيءَ عدم همرازيءَ ۽ دلتنگيءَ جي دوران، هي نامو، نسيمِ سحريءَ هٿان ارسالِ خدمت ڪريان ٿو، جو اميد ته درِ دولت تي رَسي، استان بوس ٿيندو.

اي باد، اگر به گلشنِ احباب بگذري،

زنهار عرض ده بر جانان پيام ما.

 

اي نسيمِ سحري، بندگيء من برسان،

ڪه فراموش مڪن وقتِ دعاي سحرم.

خرم آن روزڪه زين مرحله بد بندم رخت،

در سرِ ڪوي تو پرسند رفيقان خبرم.

راهِ خلوت گه خاصم بنما تا پس ازين،

ميخورم با تو و ديگر غمِ دنيا نخورم.

        چوڌاري گل و گلزار، آب روان، ۽ سبزه زار جي بهار آهي. مگر جيستائين يار غمگسار نه آهي، همدم همراز نه آهي، نُڪته شناس نه آهي، با مذاق نه آهي، تيستائين قدرت جي رعنائيءَ ۽ نيچر جي دلربائيءَ جو لطف دل تي اُٺائي نٿو سگهجي.

بي تو، سروِ روان، باگل و گلشن چه ڪنم،

زلفِ سنبڀل چه ڪنم، عارض وسن چه ڪنم!

        جيئن جيئن ڪشتي اڳتي نهر کي لتاڙيندي هلي، تيئن تيئن نظارو دل کي مست ۽ مخمور ڪندو وڃي. ڇو نه اهڙي منظر دلڪشا ۽ منزل دلربا تي بلبل بيتاب، عاشق پُر آب ۽ شاعر سخب ساز ٿئي!

دران چمن ڪه نسيمي وزد زطرهء دوست،

چــه جاي دم زدنِ نافهاي تاتاريست.

        هن ملڪ جي حسن عالمتاب منهنجي دل کي هيڪاري بيتاب بنائي ڇڏيو آهي.

نه ديدار دل تي ميسر، نه وصل جو واءُ برسر،

چشم گريان، دل بريان، حيران ويران پيو وتان.

فغان ڪه اين لوليانِ شوخ شيرين ڪار شهر آشوب،

چنان بردند صبر از دل ڪه ترڪان خوانِ يغما را.

        همراز هجي، جنهن سان درد دل اورجي؛ دمساز هجي، جنهن سان روح رجهي:

آنڪس است اهلِ بشارت ڪه اشارت داند،

چشم گريان، دل بريان، حيران ويران پيو وتان.

فغان ڪه اين لوليانِ شوخ، شيرين ڪار شهر آشوب،

چنان بردند صبر ازل دل ڪه ترڪان خوانِ يغما را.

        همراز هجي، جنهن سان درد دل اورجي، دمساز هجي، جنهن سان روح ريجهي:

آنڪس است اهلِ بشارت ڪه اشارت داند،

نڪتهاي هست بسي محرم اسرار ڪجاست.

باده و مطرب و گل، جمله مهيا ست ولي،

عيش بي دوست مهيا نه شود، يا ڪجاست.

آخرين نصيحت ”حافظ“ جي عمل در آمد ٿي، مجبورن صبر ڪرڻو پوي ٿو:

”حافظ“، از بادِ خزان درچمنِ دهر مرنج،

فڪر معقول بفرما، گل بي خار ڪجاست.

        احوال دل جو هن ڪاغذ جي تنگ ميدان تي ڪرڻ سراسر احمقي آهي. همسفر طعنا پيا هڻن ته ڪاغذ ۾ ڇو مستغرق ٿيو آهين، تمسخر ۽ فضول بڪواس ۾ ڇو شامل نٿو ٿين، تنهنڪري اوهان جي صورت دل ۾ ڌري، قل کي روڪيان ٿو، ورنه:

قلم از قصه عشق ار بنويسد همه عمر،

عمر آخر شود و قصه به پايان نه رسد.

        الله اوهان کي عمر دراز بخشي، همدم همراز بخشي، خوشي ابتهاج بخشي! من مون دل پُر درد تي به نظر شفقت ڪري، پيرا ڀري هتان ٿي وڃو:

دلم ڪه گوهرِ اسرارِ حسن و عشق درون است،

توان بدست تو دادن گردس نڪو داري.

ترا بهر گذري هست بيقرار دگر،

مرا بجز تو ڪسي نيست غمگسار دگر.

                خبر نه آهي، ڇا جو ڇا لکي ويو آهيان. شايد اوهان جي طبع ۽ دل، مفهوم تي گران گذري؛ پر آءٌ جوشِ محبت ۾ لکي ويٺو آهيان.

زتاب آتش دوري شدم عرق عرق چون گل

بيار اي باد شبگيري نسيم زان عرق چينم،

حديث آرزو مندي ڪه در اين نامه ثبت افتاد،

هما نا ڪه غلط باشد ڪه حافظ داد تلقينم.

        اسين به جلد وطن ڏي واڳون وارڻ وارا آهيون. هن خلد برين کي سگهو خير باد چونداسون، ۽ اچي اوهان جي درِ دولت جا آستان بوس ٿينداسون. ٻيا درد جا داستان، غمِ هجر جا بيان، ذڪر سنبل ۽ ريحان، گلِ گلستان، حسنِ پرستان ۽ آبِ روان جا، روبرو عرض ڪبا.

قصهء عشق شده از شبِ ديجور دراز.

شايد 25 – تاريخ ڌاري حيدرآباد پهچي وڃون. هتان گهڻو ڪري 19 – تاريخ روانا ٿينداسون. ڪوهه مريءَ جو ديدار ڪري، پوءِ موٽنداسون. حال ته اسڪولبورڊ، انجمنون، ڪورٽون، سڀ فراموش آهن. جڏهن هن فردوس مان نڪري انهيءَ عالمِ خروش ۾ اينداسون، تڏهن جا ڪم تڏهن. اڃا ته ”حافظ“ جي تلقين تي عمل در آمد آهيون:

دمِ فرصت غنيمت دان و دادِ خوشدلي بستان،

بسي گردش ڪند گردون، بسي ليل و نهار آرد.

بنده مير ”مهجور“.

        قلم تازو: ڪاغذ موضوع گاندربل جي پوسٽ ۾ وجهان ٿو. هن ڳوٺڙي ۾ هرطرف سٺي پاڻيءَ جا چشما آهن. مڇيءَ جو شڪار آهي. هر طرف چنار ۽ سفيدي جي وڻن جي قطار آهي. درياءَ ڇڄي، ٻن – ٽن شاخن ۾ ٿي ويو آهي. جبلن جي دامن ۾ باغ ۽ سبزيون هزارها نمونن جون آهن، جي ڏسي دل کي فرحت اچي ٿي. آبهوا بلڪل خوشگوار اٿس. اسين ٻه ڏينهن هتي رهي، سرينگر موٽنداسون.

 

سال 1928ع

 

(1)

حيدرآباد سنڌ

22 – جنوري، 1928ع

        خط پهتو، ڪراچيءَ سب ججيءَ جي انٽرويو لاءِ ويل هوس، جتان نقشِ طالع معڪوس نظر آيو. حياتيءَ جي دور، دورِ گردون جي نقشِ قدم تي هلڻ جو هميشه لاءِ فيصلو ٿي ويو.

        آءٌ ڪو ناقابل نه هوس، مگر منهنجي طالع ۾ قوم جي خدمت جو طوق دايهءِ ازل وجهي ڇڏيو هو، جنهن کان ڪنڌ ڪير ڪڍائي سگهي. شايد قسمت ۾ آرام ۽ آسائش جي حياتي روز ازل کان لکيل نه هئي. زماني جي بحر اشتغال ۾ غوطه زني ڪرڻي اٿم، جيئن ڇهه سال اڳي پنهنجي هڪ غزل ۾ چيو هوم:

اصل کان ”مير“ مگر خلقيا آهن خالق،

غمن جي غله ڪشي لاءِ دل ۽ دوش سندم.

        هاڻ اوهان ڏسي ورتو ته منهنجو ڪو به قصو نه آهي: آءٌ آرام جي زندگيءَ ۽ ادبي خدمت لاءِ نوڪريءَ پٺيان هوس، مگر قدرت کي اهو منظور نه هو. هاڻ منهنجي حياتيءَ جي ڪشتي اوهان جي ناخدائيءَ جي خواستگار ۽ طلبگار آهي. جي رهنمائي ڪندا ته ساحلِ مراد کي پهچي ويندي، ورنه حياتي بحرِ زخار ۾ ڪنهن نه ڪنهن ٽڪريءَ تي ٽڪرائجي، راهِ عدم ڏي رواني ٿي ويندي.

        چڱو ٿيو جو مون تان سن ڪانفرنس جي پريزيڊنٽيءَ جو بار لاٿوَ. بزرگن جي وچ ۾ صدر ٺهان ڪو نه ها. چوندا ته ”ناني رڌڻ واري، ڏهٽا کائڻ وارا.“ منهنجي خيال ۾، ان لاءِ ميرزا قليچ بيگ موزون ٿيندو. طبيعت جي علالت ڪري 28 – تاريخ شام جو ايندس.

 

(2)

حيدرآباد

25 – جنوري، 1928ع

خط سن جي ميلي تي اچڻ لاءِ پهتو:

جهان بڪام دل اڪنون شود ڪه دور زمان،

مرا به بندگي خواجه زمان انداخت.

        ڪيسن لاءِ بدين ۽ نندي شهر وڃڻو اٿم. ٿڪجي پوندس، ته به اچي حاضر ٿيندس.

از سر ڪوي تو رفتن نتوانم گاهي،

ورنه اندر دل بيدل سفري نيست ڪه نيست.

        ميرزا قليچ بيگ صاحب وٽ ويس، چيائين ته بمبئيءَ وڃي ٿو، ان ڪري مجلس ۾ اچي ڪو نه سگهندو.

 

(3)

ديهه مهراڻ

7 – فيبروري، 1928ع

Text Box: 28

 

حافظ مريدِ جامِ جم ست، اي صبا برو،

 

وز بنده بندگي برسان شيخِ جام را.

        پيارا مٺا سائين، قربان شوم، اڄ ڪٿي آهيان؟ روحاني طرح تحت الثريٰ ۽ جسماني طرح گنجي ٽڪر جي هڪ هيٺاهينءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي، جنهن جي گردونواح جي سينري اهڙي دلڪش ۽ هوشربا آهي، جنهن جو بيان ناقص قلم ڪرڻ کان قاصر آهي. دل بي اختيار جهولي ٿي.

بده ساقي، ميء باقي ڪه در جنت نخواهي يافت،

ڪنارِ آبِ رڪنا باد گلگشتِ مصليٰ را.

        درياءِ سنڌ پنهنجا ٻه بازو پکيڙي، هڪ ٻيٽ کي هتي بغلگير ڪيو آهي. ٽڪريءَ جي آبادي آهي، جنهن جي فرشِ زمر دين پزمزده دل کي شگفته بنائي ڇڏيو آهي. ڪڻڪ جي سبزيءَ ۾ وري ڄانڀي جي گلن، مترن جي گل ۽ مکڙيءَ، موريءَ جي ٻُري، اهڙيءَ ميناڪاريءَ جو ڪم ڏنو آهي جو صانعِ ڪردگار جي ثناخواني ورد زبان آهي. اڀرندي کان گنجي جبل جي قطار آهي، جو پنهنجو لطف پاڻ ٿو رکي. سج جي طلوع وقت ان جو زرين رخ سڄي جبل جي سطح کي منور ڪريو ڇڏي. مطلب ته جنهن طرف نظر ڦيربي، ان طرف حسن پنهنجو ڪمال ڏيکاري رهيو آهي. فطرت جي ناظر ۽ صانع جي ثناخوان لاءِ ڪافي ذخيرو موجود آهي.

بهار آمد ڪه از گلبن همي بانگِ هزار آيد،

بهر ساعت خروشِ مرغ از هر مرغزار آيد.

تو گوئي ارغنون بستند بر هر شاخ و هر برگي،

ز بس بانگ تدرو صلصل و دراج وسار آيد.

بهرجا جشني و خوشي بهر گامي قدح نوشي،

نماند غالبن هوشي چون فصل نو بهار آيد.

اهڙي مڪان تي اوهان جي يادگيري لازمي آهي:

باده ومَي مطرب و گل جمله مهياست ولي،

عيش بي دوست ميسر نشود يار ڪجا ست.

        ويچاريءَ مرحومه زيب النساءِ به، شالامار باغ لاهور ۾، نهر جي ڪناري تي ويهي، بي اختيار، في البديهه هي شعر پڙهيو:

چهار چيز از دل غم برند، ڪُدام چهار؟

شراب و سبزه آبي روان و روي نگار.

                هنن چئن سين مان شراب جي عيوض مون وٽ اُٺ جو کير موجود آهي، جو ٻرهل جي ڪري حڪيمن ان جي پيئڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي. سبزي هر طرف آهي، سنڌو ندي ڀر ۾ آهي، باقي روي نگار هن جاءِ تي ملڻ محال آهي!

        اوهان کي اچڻ لاءِ عرض ڪيو هوم، پر اوهان ڪمن جي ڪثرت ڪري اچڻ کان انڪار ڪيو. آءٌ به صرف هڪ هفتي لاءِ آيل آهيان. وڌيڪ عرصو رهان ها ته منٿ ڪري وٺي اچان ها.

        سر غلام حسين اپريل ڌاري ايگزيڪيوٽو ميمبر ٿي وڃي ٿو. ان جاءِ لاءِ ميرزا سڪندر بيگ سخت ڪوشش وٺي رهيو آهي. ظاهرن مون کي چوايائين ته هو باءِ – اليڪشن لاءِ ڪو نه بيهندو: ان جو مطلب ته آءٌ غافل هجان. ظاهر ۾ رڳا شيعا هن جي طرف آهن، جن مان سڀ ڪنهن کي هو ٻَڌندو وڃي ٿو. اسان کي هوشيار ٿيڻ گهرجي. مٽياري سيد، هالا جي مخدوم، ڀٽائي ۽ نصرپور جا پير، پير غلام حيدر شاهه کي هٿ ڪرڻو آهي. ڀٽائي، شيعا هئڻ ڪري، لاڙو مرزا ڏانهن ڪندا. مخدوم ميان غلام محمد صاحب کي ميرزا ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪري. مخدوم ميان غلام حيدر نه ٺهندس. رئيس فقير بخش خان کي وٺي، مخدوم صاحب کي اڳ ۾ ملي، وعدو وٺڻ گهرجي. آءٌ 18 – تاريخ شام جو، ڇنڇر ڏينهن، هالا پهچندس. 19 – تاريخ هالا جي اسڪول ۾ جلسو آهي، اوهين مهرباني ڪري رئيس صاحب کي وٺي اتي ايندا. هي وقت مدد جو آهي.

 

(4)

حيدرآباد

7 – مارچ، 1927ع

        خط پهتو. زماني جي احوال بنسبت عرض ته ميان غلام صاحب جو نياپو پهتو آهي ته مخدوم صاحب وڏو 15 – مارچ هالن ۾ واپس ايندو، کيس جلدي ملو. اوهين رئيس فقير بخش خان کي وٺي، هالن ۾ 18، 19 – تاريخن تي ايندا، پر جي رمضان جي ڪري تڪليف ٿئي ته پوءِ عيد کان پوءِ هلجي. اتان ڀٽاين تائين هلبو.

        پير احسان الله شاهه جهنڊي واري کي به چوڻ گهرجي. آءٌ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ لاءِ به اميدوار بيٺو آهيان. قاضي عبدالقيوم ۽ ميان امين الدين به اميدوار آهن. ان تڪ مان چار ميمبر چونڊجڻا آهن. انهيءَ وارد ۾ سيد مٺن شاهه ۽ شير علي شاهه، ٽنڊي غلام حسين وارو، مکيه باشندا آهن. مٺن شاهه، قاضي صاحب جو خليفو آهي، جتي به قاضي هوندو، مجبوري ڏيکاريندو.

 

(5)

حيدرآباد

20 – مارچ، 1928ع

        منهنجي حالتِ زار ڪراچي ڏسو. هڏن جو پڃرو ٿي ويو آهيان. آسمان جي رخ تي ابر سياه ٿي ڏسان. ظلمتڪدي ۾ گامزن آهيان. اوهان جي خضر رسائيءَ جي ضرورت آهي. هڪ طرف ميونسپالٽي، ٻئي طرف ڪائونسل آهي. اچو، اچي منهنجي مدد ڪريو. مخالف ڌر جي ڪوشش ڏسان ٿو ته دل ڪنبيو وڃي.

 

(6)

حيدرآباد

20 – اپريل، 1928ع

        آءٌ اربع ڏينهن صبح جو لاهور ميل ۾ ڪراچيءَ پهچندس، حاجي علي اصغر شاهه حج تي وڃي ٿو، ان کي اماڻڻ اچان ٿو.

 

(7)

حيدرآباد

2 – مئي، 1928ع

        مخدوم ميان غلام حيدر جي شادي 5 – مئي تي آهي، مون کي 12 – مئي تي گهرايو اٿس. جدا جدا وقتن تي ماڻهو گهرايل آهن.

 

(8)

حيدرآباد

28 – مئي، 1928ع

        ڪائونسل جو ڪم قريب آهي. 20 – جون تي جاءِ خالي ٿيندي. 20 – جولاءِ چونڊ ٿيندي. اوهين اڃا ماٺ ۾ آهيو! اچو ته ڪم جي ورڇ ڪجي.

        شيخ صاحب جي آفيس 2- جون کلي ويندي. مرزا جو ڪم به زور آهي. عيد ذوالحج کان پوءِ هتي ايندا. چاچي ولي محمد شاهه ڪائونسل ۾ مدد جو انجام ڪيو هو. ڀاڻوٺي سيدن، زير پير وارن سيدن ۽ ٻين کي چوڻو اٿوَ.

 

(9)

حيدرآباد

20 – جون، 1928ع

        اڄ صبح جو، خدا جي مهربانيءَ سان ميونسپالٽيءَ جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيس. پهريون نمبر آيس. قاضي ميان عبدالقيوم جو فخر ٽٽي پيو. هن ڪنهن مشق جي سامهون آءٌ ضعيف البدن ۽ ڪمزور ڇا هوس، پر خدا جي مهرباني ٿي.

 

(10)

حيدرآباد

28 – جون، 1928ع

        بمبئي ڪائونسل جي اليڪشن جي تاريخ مقرر ٿي ويئي آهي. نامينيشن فارم 2 – جولاءِ تي ڀريو،  اسڪروٽني 5 – جولاءِ تي، چونڊ 17 – جولاءِ تي ٿيندي. هاڻ غفلت ڪرڻ پاڻيهي شڪست کي دعوت ڏيڻي آهي. اوهين پنهنجن ڪمن ۾ مشغول آهيو. هاڻي تاريخ ٻڌڻ بعد اميد ته جلد ايندا ته مٽيارين مان ٿي پوءِ هالن ۾ گڏجي هلون. چاچا ولي محمد شاهه کي ڏسجو. پير فتح محمد شاهه آراضيءَ جا مريد، ٽنڊي ولي محمد ۾ آهن. لڪيءَ جي سيدن جا مريد، حيدرآباد آهن.

 

(11)

ايجنٽ نامو

        سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد محمد شاهه کي بمبئي ڪائونسل جو ضمني چونڊ لاءِ، هالا ميونسپل آفيس جي پولنگ لاءِ، ايجنٽ مقرر ڪريان ٿو.

        چونڊ 17 – جولاءِ 1928ع تي ٿيندي _ ميران محمد شاهه

 

(12)

حيدرآباد

21- جولاءِ، 1928ع

تار

        مبارڪون! مون کي 2424 ووٽ، شيخ صاحب کي 1693 ووٽ، ۽ مرزا کي 1519 ووٽ مليا.

                ]بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ۾ ڪاميابي بابت.[

 

 

Text Box: 31

 

(13)

 

ڪائونسل – هال، پونا

30 – جولاءِ، 1928ع

        خيريت سان پوني پهتس. سر غلام حسين جي موٽر بيٺي هئي، ان ۾ سوار ٿي وٽس ويس. سندس بنگلي ۾ مهمان آهيان. محمد ڪمال شاهه به اتي آهي. آبهوا خوشگوار آهي. آءٌ طبيعت ۾ خوش نه آهيان، ڏاٺ ۾ سور اٿم. قبضيت به اٿم. الله جو فضل ٿيندو.

        هينئر ڪائونسل ۾ ويٺو آهيان. وطندار ايڪٽ ۾ درستيءَ بابت بحث هلندڙ آهي. ان جو تعلق دکن جي جاگيردارن سان آهي. هائوس جو توجهه ڪو نه آهي، ان ڪري قلم کڻي اوهان ڏانهن خط لکيو اٿم. پهرين تاريخ ”سائمن ڪميشن“ جي بائيڪاٽ جو ٺهراءُ پيش ٿيندو، جنهن لاءِ ٻنهي ڌرين، يعني پبلڪ ۽ سرڪار طرفان ڪنويسنگ (Canvassing) هلي رهي آهي. منهنجو پهريون ڏينهن آهي. پيو حالتون جاچيان. مسلمانن جي، ڪائونسل ۾ ڪا به وقعت نه آهي. هڪ پارٽي ڀُٽي صاحب جي، ٻي مسٽر نور محمد جي، ٽي پريزڊنسيءَ جي مسلمانن جي : آءٌ ان ڳالهه ۾ مشغول آهيان ته مسلمان اتفاق ڪن، ۽ جيڪو قدم کڻن سو گڏجي کڻن، نه ته قوم جو خدا حافظ آهي. ڪائونسل ۾ عزت بجاءِ ذلت ٿئي ٿي. اڄ هڪ ميٽنگ شام جو 6 بجي سڏايل آهي، خدا ڪري ڪو نتيجو نڪري. وڌيڪ احوال پوءِ عرض رکندس. ڪائونسل جو اجلاس 6 -  7 ڌاري پورو ٿيندو. 12 – تاريخ موٽي حيدرآباد ايندس. خبر ڏيندا ته آئيندي اوهان ڪراچي ضلعي مان ڪائونسل لاءِ بيهندا يا نه؟ صرف احوال معلوم ڪرڻ گهران ٿو.

 

(14)

ڪائونسل – هال، پونا

4 – آگسٽ، 1928

        هڪ خط اڳي موڪليو اٿم، جواب ڪو نه پهتو آهي. هتي جو احوال هي آهي ته ”سائمن ڪميشن“ سان تعاون ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ٿي ويو. مسلمانن يڪمشت ٿي، ڪميشن سان تعاون ڪرڻ جي فائدي ۾ ووٽ ڪيو.

        هڪ ڪميٽي، ڪائونسل پنهنجي پاران چونڊي، سائمن ڪميشن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلي آهي، جنهن جا ست ميمبر آهن، انهن ۾ بندو به هڪ آهي. وڏو ڪم آهي، ۽ وڏي جوابداري آهي، سَر ڀُٽو سنڌ مان ٻيو ميمبر آهي. مسلمانن جي حقن جي پوري نمائندگي ڪرڻي آهي. سنڌ ۾ اچڻ بعد، اخبارن ذريعي، مسلمانن کان رايا گهرائيندس.

        آءٌ هتي لينڊ روينيو ڪوڊ جي درستيءَ جي بل لاءِ ترسيل آهيان. اهو زميندارن جي خلاف آهي. اڱاري ڏينهن حيدرآباد روانو ٿيندس. لوڪلبورڊ جو نامينيشن پيپر مختيار ڪار روڪيو آهي، ان لاءِ اپيل ڪندس.

 

(15)

حيدرآباد

12 – آگسٽ، 1928ع

        ٽيو ڏينهن هتي پهتو آهيان. پاڻ کي هڪٻئي سان ملڻ گهرجي. اوهان سان سنڌ جي مستقبل بابت ذڪر ڪرڻو اٿم. سنڌ جو جدا ٿيڻ، اسان جي لاءِ موت ۽ حياتيءَ جو سوال آهي. ان سوال تي غور ڪري، احوال موڪليندا.

        شيخ صاحب وارا اليڪشن جي ڪري ناراض آهن، انهن کي پرچائڻو آهي، ان ۾ اوهين مدد ڪندا.

 

(16)

حيدرآباد الهندو ڪَچو

28 نومبر، 1928ع

        اميد ته اوهان ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد، ان ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي هوندي. اميد ته ماڻهن جي اميدن موجب صحيح نڪرندا. ڪڏهين بنگلو مسواڙ تي وٺندا، ۽ ڪڏهين موٽر وٺندا؟

        آءٌ بمبئي 2 – تاريخ ڊسمبر ويندس، 19 – تاريخ موٽندس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org