سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :9

ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ ۽ ماڻھن جي رھڻ واريون ٻيڙيون

 

                ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ لاءِ ننڍيون ٻيڙيون ھونديون آھن، جن کي ”ڊونڊيون“ چئبو آھي. ڊونڊيءَ جو نمونو ڪؤنتل جھڙو ھوندو آھي، جنھن کي ھلائڻ لاءِ ڳن يا چپو لڳندو آھي. اھا ٻيڙي ڳن سان ھلائبي آھي. مڇي مارڻ جو ڪم ”ڪؤنٽيا“ ۽ ”ھڙھيا“ بھ ڪندا آھن.

منڇر ۾ ملاح رھڻ لاءِ وڏيون ڊونڊيون ڪم آڻيندا آھن، جن کي ويڻو بھ ھوندو آھي تھ ڳن بھ ھوندو آھي. ننڍيءَ ٻيڙي يعني ڊونڊيءَ جي ساخت وڏي ٻيڙي وانگر آھي. جن ٻيڙين ۾ ملاح گھر ڪري ويھندا آھن، اھي ڪجھھ وڏيون ٻيڙيون ھونديون آھن. وڏي ٻيڙي وڌ ۾ وڌ ٻارھن خرار يعني ٣٥٠ مڻ کڻندي آھي. جنھن ٻيڙيءَ ۾ ملاحن جا گھر ھوندا آھن، ان ٻيڙيءَ کي لانگ بھ لڳل ھوندي آھي. منڇر ۾ ڪابھ لانگ ٻيڙي جدا نالي سان ڪانھ آھي، البت ٻيڙيءَ کي لانگ لڳل ھوندي آھي، جيڪو ٻيڙيءَ جو گويا ھڪ اوزار آھي. تاج صحرائيءَ لانگ ٻيڙي، ٻيڙيءَ جو قسم ڄاڻايو آھي، جيڪا ڳالھھ غلط آھي. سائين تاج صاحب اھا بھ وڏي غلطي ڪئي آھي جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي تھ ٻيڙيءَ جو اڳيون حصو آڳل پوئين حصي پاڇل کان مٿي ٿيندو آھي، ليڪن منڇر يا لب درياھيءَ تي اھڙي ٻيڙي، جنھن جي آڳل مٿي ھجي ۽ پاڇل ھيٺ، آھي ئي ڪانھ. ھڙھيا بھ سڌا ٿيندا آھن، پر، سندن اڳيون حصو مٿي نھ ٿيندو آھي.

منڇر جڏھن درياھھ جو پيٽ ھئي، تڏھن تھ وڏيون ٻيڙيون منجھھ، ڦٽڪا ۽ ساندارا ڦيرا ضرور ڏينديون ھونديون. پراڻ کان پوءِ ڍنڍ ٿيڻ کان پوءِ وڌ ۾ وڌ ڏھن ٻارھن خرارن واريون ٻيڙيون ملاحن جي رھڻ لاءِ موجود آھن. منڇر ۾ گھرن لاءِ ڪم ايندڙ ٻيڙيون بھ ھلنديون آھن، جن کي ڊونڊين جھڙو مستطيل سڙھھ ٿيندو آھي، درياھھ جي وڏين ٻيڙين جا سڙھھ نموني جا ھوندا آھن. اڳي غورابن کي بھ مستطيل نموني جا سڙھھ ھوندا ھئا. پوءِ ملاحن اڳتي ھلي رنگا ھڻي سڙھھ ٺاھيا، ڇوتھ پويون سڙھھ واءُ سٺو وٺندو آھي.

منڇر ۾ موجود گھرن وارين ٻيڙين کي لڪ مٿا چئن منين تي ڇانو لاءِ دالان ٿيندو آھي. انھن ۾ ڪاٺ جو ڦالڪو رکيل ھوندو آھي، پر ننڍين ڊونڊين يا ھڙھين کي منن ۾ چار ڦتيون وجھي مٿان ڪاٺ جا ڏڪ رکي، ڪانھن جا ٽئا وجھي ڇڏيندا آھن. ان عمل کي ”منجڻ“ چوندا آھن. منجڻ جي پاسن کي سرن يا ڪانھن جي اوٽ ڏيندا آھن، جنھن کي ”ڇپري“ چوندا آھن. ڊونڊين جي سڙھھ ۾ سونھن لاءِ ڏاس جا ڪارا سڳا ٽاڪيندا آھن.

ڪجھھ منڇر جو ذڪر ڪرڻ بھ ضروري آھي.

 

منڇر

منڇر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آھي، جيڪا مھين جي اؤج واري دؤر ۾، سنڌو درياھھ جو پيٽ ھئي. سندس وھڪرو مھين جي اوڀر کان لھريون ۽ لس ليٽ ڪندو، منھن ۽ ڦاٽن جا جلوا ڏيکاريندو، ڏوڪريءَ جي ڏکڻ کان ٿيندو، راڌڻ جي ’گھڙي‘ واري ڇڏيل ڍنڍ کي آجھار بنائي، ٻيلي جي پتڻ کان ٿيندو، سونمياڻيءَ جي سار لھندو، موجوده منڇر جي پيٽ تائين پھچندو ھو. ڪيترائي سال منڇر وارو درياھھ موجون ڪندو رھيو.

آرڪيالاجيءَ وارن جو چوڻ آھي تھ اوچتو ئي اوچتو منڇر واري درياھھ جي وچ ۾ ٻھ ٽڪر پيدا ٿي پيا، جنھن ڪري درياھھ جي پاڻيءَ کي روڪ ٿي ۽ مست سنڌو درياھھ اٿل کائي، سنڌ جا ڪيترائي سندر شھر ٻوڙي ڇڏيا. درياھھ پنھنجو رخ بدلايو ۽ پوءِ چڪڻ ڍنڍ وارو درياھھ ٿيو. چڪڻ لوھم جي دڙي کان اوڀر ۾ نئين رڪڻ جي اتر ۾ اڃا بھ ڍنڍ جي روپ ۾ موجود آھي. منڇر چند سال پراڻ جي حالت ۾ رھي، پر پوءِ اونھاري ۾ درياھي پاڻي، جيڪو برھرن ۾ پراڻو نياڻ ڏئي، منڇر کي ڀريندو ھو، سو ٿر جي ٻٽ ٿي ويو ۽ پوءِ منڇر ڍنڍ بڻجي وئي.

منڇر ڍنڍ تي اھو نالو ڪيئن پيو؟

منڇر ڍنڍ جو پھريون نالو مانسرور يا مانڇر آھي. سرن يا ڇر جي ماءُ مانسرور وانگر ھن ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ تي نالو پيو آھي. ٻي ڳالھھ تھ منڇر گاھھ جو قسم بھ آھي، جيڪو منڇر ڍنڍ ۾ جام ٿيندو آھي. منھنجو پنھنجو خيال آھي تھ منڇر تي ان گاھھ جي ڪري ھيءُ نالو پيو آھي. ڪن محققن وري ايران جي بادشاھھ منو چھر سان ھن ڍنڍ جي نسبت ڳنڍي آھي، جيڪا بلڪل غلط ڳالھھ آھي. ان ڪري منڇر مقامي سنڌي نالو آھي.


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org