سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :11

درياھي ملاحن وٽ وائن جا نالا

 

·        طوفان: تمام زور سان لڳندڙ واءُ، جيڪو وڻ پاڙؤن پٽي ڪيرائيندو آھي ۽ ڪنارن تي بيٺل ٻيڙيون بھ اٿلائي وجھندو آھي، ان کي ”طوفان“ چوندا آھن. ڄاڻو ملاح اڀ ۾ ڪڪر ڏسي چوندا آھن تھ طوفان اچي ويو، پوءِ جلدي ٻيڙيون ڪناري لڳائي، آڏ ھيٺ لاھي (جنھن کي آڏ گھيرڻ يعني ھيٺ لاھڻ چوندا آھن)، ناتاري پڳھھ مضبوط ڪندا آھن.

·        ڇوھو: ڇوھو واءُ معنيٰ تيز واءُ. ڇوھو، طوفان کان ھلڪو ٿيندو آھي. ڇوھي واءَ ۾ ٻيڙيون ھلنديون آھن، پر اھو خطري کان خالي نھ ھوندو آھي، ڇوتھ اھو واءُ تيز بھ ٿي سگھندو آھي.

جي ڇوھي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين باجھھ سين!

(شاھھ)

·        تکو واءُ: تکو واءُ، تيز واءُ کي چئبو آھي، جيڪو معمول کان وڌيڪ تکو ھوندو آھي. ان واءَ ۾ ٻيڙيون ھلنديون آھن. تکو واءُ وڏين ٻيڙين کي روڪي نھ سگھندو آھي، ڇاڪاڻ تھ وڏين ٻيڙين کي ھلائڻ لاءِ تکو واءُ کپندو آھي.

·        جھڪو واءُ: جھڪو يا ھلڪو واءُ، يعني ٿورو واءُ، جيڪو ٻيڙين جا سڙھھ نھ ڀري سگھي.

·        کرو واءُ: اھو واءُ، جيڪو سڙھھ کي دڦڙائي سگھي، ان کي ’کرو واءُ‘ چئبو آھي. ملاح چوندا آھن تھ ’واءُ ھاڻي کرو ٿي ويو آھي، ٻيڙي ڇوڙڻ گھرجي‘. وڏين ٻيڙين کي ھلائڻ لاءِ کري واءَ جي ضرورت پوندي آھي.

·        اتر واءُ: سرءَ جي موسم ختم ٿيڻ تي اتر لڳندا آھن. اتر واءَ لھوارين ٻيڙين لاءِ ڪارائتا رھندا آھن. اتر واءُ، سري کان لاڙ سگھو پھچائيندو آھي. سياري جي موسم ۾ اتر جي واءَ سبب سردي وڌي ويندي آھي ۽ ھيءَ واءُ ماڻھن جا ڏند ڏڪائيندو آھي.

·        ڏکڻ واءُ: ڏکڻ واءُ ٻيڙين لاءِ بھتر ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ھوندو آھي. ھيءُ واءُ ٻيڙيءَ ھلائڻ لاءِ لھواري يا اوڀاري ٻنھين پارين ڪمائتو رھندو آھي. ڏکڻ واءُ جھڙ بھ لاھيندو آھي. ڏکڻ جو کرو واءُ ٻيڙيائتن لاءِ فائديمند ھوندو آھي.

·        اوڀر واءُ: اوڀر واءُ، درياھھ جي ڪن ورن ۾ ٻيڙيءَ کي ھلڻ ۾ مدد ڪندو آھي. ھيءُ واءُ سڌي اتر کان ڏکڻ واري ور ۾ ٻيڙيءَ کي جھولي طرف زور لائيندو آھي. واءُ تيز ھوندو آھي تھ پوءِ ٻھ ٽي ملاح رس کي جھليو ايندا آھن تھ جيئن ٻيڙي جھوليءَ ۾ نھ وڃي پوي.

·        اولھھ واءُ: اولھھ واءُ برساتي مندن کان سواءِ گھٽ لڳندو آھي. اولھھ واءُ بھ ٻيڙيءَ کي اوڀاري ۽ لھواري ۾ مدد ڏيندو آھي. سامھون واءُ ٻيڙين کي تڪليف ڏيندو آھي.

·        پوربي واءُ: پوربي واءُ، اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ کان لڳندو آھي. پوربي واءَ ۾ ٻيڙي لھواري تکي ھلي سگھندي آھي. پوربي واءُ، پورب جي ڪڪرن مان لڳندو آھي. پوربي ڪڪرن کان ملاح ڪن ھڻندا آھن ۽ ٻيڙيون بيھاري ڇڏيندا آھن. پوربي ھوا ڪڏھن طوفان جي روپ ۾ بھ لھندي آھي ۽ ملاحن ۾ پريشاني پيدا ڪندي آھي.

·        اوڌڻ واءُ: اوڌڻ جا واءَ، آکاڙ ۽ سانوڻ مھيني ۾ زور سان لڳندا آھن. اوڌڻ پاڻ سان ڌوڙ آڻيندي آھي. اوڌڻ جو واءُ طوفان وانگر لڳندو آھي. اوڌڻ ۾ ٻيڙيون ڪنارن تي ٻڌي ڇڏيندا آھن. اوڌڻ جو واءُ رکي رکي زور لائيندو آھي ۽ خاص ڪري پڇاڙيءَ جو وڌيڪ زور لائيندو آھي.

·        ڪامھھ جو واءُ: ھيءُ واءُ اولھھ ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ کان لڳندو آھي، خاص ڪري رات جو لڳندو آھي ۽ اوڀارين ٻيڙين کي ھلڻ ۾ مدد ڪندو آھي. ديو مالائي ڪھاڻين ۾ ’ڪامھھ‘ کي ’ڪام ديوتا‘ جي داسي چيو ويندو آھي. ھي واءُ ڪنڊائتو واءُ سڏبو آھي.

·        اوٿر جو واءُ: ھاڙھھ جي مند ۾ اوٿر اٿندا آھن. اوٿر مٿي چڙھيل ھوندا آھن ۽ ھيٺ گھٽ زور لائيندا آھن. ملاح پري کان ڪڪر ڏسي چوندا آھن تھ اوٿر اٿيو آھي. انھن کي اھا بھ خبر پوندي آھي تھ اوٿر واءَ جو آھي يا مينھن جو. اوٿر ۾ خطرو سمجھي ٻيڙين جا سڙھھ ڇوڙي، آڏ وٽ گھيري ھيٺ ڪري ڇڏيندا آھن.

·        مينھن واءُ: واءَ ۽ مينھن جي گڏ پوڻ کي ’مينھن واءُ‘ چوندا آھن. گڏيل مينھن واءُ ملاحن کي منجھائيندو آھي. ۽ اھي مينھن واءَ رسڻ کان اڳ ۾ سڙھھ لاھي پکن ھيٺان رکندا آھن تھ جيئن سڙھھ پسي نھ پوي. اھو واءُ برساتي واءُ ھوندو آھي.

·        چؤماسي ھوائون يا واءَ: جڏھن ھندستان ۾ چؤماسي مينھن پوندا آھن، تڏھن سنڌ ۾ چؤماسي مينھن نھ جھڙا پوندا آھن، پر چؤماسي ھوائون سنڌ ۾ ضرور لڳنديون آھن. سنڌ ۾ اھي ھوائون ويساک کان بڊي تائين لڳنديون آھن ۽ طوفاني زور نھ لائينديون آھن، پر مٽبيون سٽبيون رھنديون آھن، جنھن ڪري ٻيڙين کي سفر ڪرڻ ۾ قدري ڏکيائي ٿيندي آھي.

·        واچوڙو: واچوڙا جيئن سڪيءَ تي گندڙن جيان ڦرندا آھن، تيئن درياھھ ۾ بھ ساڳيءَ طرح پاڻيءَ کي ڦيرائي مٿي چڙھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن اوچتو ٻيڙيءَ جي سڙھھ ۾ ڦاسي، ٻيڙي اٿلائي وجھندا آھن. ڪناري تي واچوڙو ڏسي ملاح ’دامڻ‘ کولي ڇڏيندا آھن تھ جيئن ٻيڙي واچوڙي جي سٽ کان بچي پوي. اڳي ماڻھو واچوڙن کي فقير يا جن سمجھندا ھئا ۽ واچوڙو اٿندو ھو تھ چوندا ھئا ’خير فقير خير.....‘ يا وري ڪي چوندا ھئا، ’ٻھ جويو آھيان‘، ڇوتھ ھنن کي خبر ھئي تھ جن ٻن زالن وارن کان بھ ڊڄندا ھئا.

·        ڌپو: ھلڪي يا ٿوري واءَ کي ڌپو چوندا آھن.

·        آلاتي واءُ: رات جو ھلڪو واءُ محسوس ڪري ملاح چوندا ھئا تھ آلاتي واءُ يعني مٿي واءُ آھي، ان جي خبر شيکلي جي مٿان لڳايل بانبٽي ڦرڻ سان پوندي آھي ۽ سمجھبو آھي تھ واءُ چريو آھي. اھڙيءَ حالت ۾ سڙھھ کولي ٻيڙي ڌڪيندا ھئا ۽ آلاتي واءَ جو فائدو وٺندا ھئا.

·        آلاتي ڌپو: مٿاھون ھلڪو واءُ. اھڙي واءُ لڳڻ تي ملاح چوندا آھن تھ آلاتي ڌپو لڳو آھي. آسرو ھوندو اٿن تھ اھو ڌپو چڱو واءُ ٿي گھلندو ۽ ڪمائتو ثابت ٿيندو. اسان سنڌيءَ ۾ ائين بھ چوندا آھيون تھ ’ڌپي ڌپي ساھھ پيو اٿس‘ يعني آھستي آھستي حالت سڌري اٿس.

·        واءَ جو جھوٽو: اھو واءُ، جيڪو تکو لڳي ۽ وري جلدي ختم ٿي وڃي تھ ان لاءِ ملاح چوندا آھن تھ ’واءَ جو ڏاڍو چڱو جھوٽو ھو‘، پر بند ٿي ويو. رکي رکي جيڪي جھوٽا ايندا آھن، اھي بھ ٻيڙيءَ کي ڪجھھ اڳتي رسائيندا آھن. ملاحن لاءِ واءَ جا جھوٽا ڪم وارا ھوندا آھن.

·        سانداڻو: سن کان ھيٺ شام جو تکو واءُ لھندو آھي، ان کي ملاح ’سانداڻو واءُ‘ چوندا آھن. انھيءَ شام مھل لھندڙ واءَ کي ان ڪري سانداڻو نالو ڏنو اٿن، جو ڏکڻ جو واءُ ٽپھريءَ کان زور لائيندو آھي. ٻيڙين جا رسا، تاليا، پوٺي واءَ لڳڻ تي آواز ڪندا آھن. وڏيون ۽ مضبوط ٻيڙيون سانداڻيءَ ۾ ڌڪائڻ لاءِ ملاح خوشي محسوس ڪندا آھن.

·        واءَ جو تکو کھو: کھو اصل کري واءَ جو تيز جھوٽو ھوندو آھي. ملاح چوندا آھن تھ ’اھڙا ٻھ ٽي تيز کھا اچن تھ بندر پھچي وڃون‘.

·        ساڄو کھو: ساڄو کھو ساڄي واءَ جو ھوندو آھي، ان جي لڳڻ سان ٻيڙيائت ٻيڙيءَ کي وڌائي سگھندا آھن. واءَ جي سجائي ھئڻ جي نشاني ساڄي واءَ جو اھڃاڻ آھي.

·        ناسي واءُ: ھي واءُ سياري جي مند ۾ آڌيءَ کان پوءِ لڳندو آھي. ھي تمام ٿڌو واءُ آھي ۽ اولھھ جي ڪنڊ کان لڳندو آھي. ناسي واءُ فصل کي ناس ڪندو آھي، پر ٻيڙيائت ناسي واءَ مان بھ فائدو وٺندا آھن. ناسي واءُ گھلڻ وقت سيءُ تھ ٿيندو ئي ٿيندو آھي، پر ٻيڙيون ڪڍڻيون ھونديون آھن، ڇاڪاڻ تھ اوڀارين ٻيڙين کي واءَ جي ضرورت پوندي آھي، ان ڪري ملاح ناسيءَ واريءَ ڪنڊ جي بھ سٽ پچائي، ھمت ڪري دل ٻڌي ٻيڙيون ڌڪائيندا آھن.

·        ساڄو واءُ: ملاح ساڄو واءُ، ان واءَ کي چوندا آھن، جنھن طرف ٻيڙي ھلندي. ٻيڙيءَ جي پويان لڳندڙ سڌي واءُ کي ساڄو واءَ چوندا آھن. ساڄي واءَ ۾ سڙھھ پورو ڀرجي ويندو آھي ۽ ٻيڙي ھلڻ ۾ نبيرو ڪندي آھي.

·        آڄو واءُ: آڄو واءُ ملاح پاسيري واءَ کي چوندا آھن. ھن واءَ ۾ ٻيڙيءَ جي ھڪ ڪڇي يا پاسي تي زور پوندو آھي. ھن حالت ۾ ملاح دامڻ ۾ سجھھ لڳائي، سڙھھ کي وڌيڪ تاڻي جھليندا آھن تھ جيئن ٻيڙي واءُ کڻي سگھي.

·        تاڏو واءُ: تاڏو واءُ ھڪ طرفي تڏ ڏئي بيھندو آھي ۽ ٻيڙيءَ کي ھلندي ھلندي رڪاوٽ ڪندو آھي. اھو واءُ ملاحن کي منجھائيندو آھي ۽ ھو ٻيڙيءَ کي اڳتي ھلائڻ لاءِ ونجھھ بھ کڻندا آھن ۽ تڪليف وڌيڪ ايندي اٿن.

·        ڏکڻ جا دس: واھوندن جي مند ۾ لڳاتار ڏکڻ جو واءُ لڳندو آھي، ان کي ’ڏکڻ جا دس‘ چوندا آھن. ڏکڻ جو واءُ ملاحن لاءِ سٺو واءُ يا سٺو سوڻ سمجھيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ تھ، سر ڏکڻ ۾ آگم نھ ٿيندو آھي ۽ وسڻ جھڙو جھڙ بھ ٽري ويندو آھي.

·        اتر جا دس: سرءُ ختم ٿيڻ تي لڳاتار اتر لڳندا آھن، جن کي ’اتر جا دس‘ چوندا آھن. اتر لڳڻ تي سامونڊي وڻجارا سنڌؤ جي بندرن تان ٻيڙا ڪاھي اونھي ڏي اوھري ويندا ھئا. سمنڊ کي ساڻيھھ سمجھڻ وارا، کاري جا کيڙائو جھلئي بھ نھ جھلبا ھئا ۽ ٻيھر ٻيڙا مکي روانا ٿي ويندا ھئا.

·        چؤ وائي: برساتي مند ۾ چؤوائي لڳندي آھي، يعني چار واءَ لڳندا آھن. چووائيءَ ۾ ھر طرف جو واءُ لڳندو آھي ۽ اوڀر ڦري ڏکڻ ٿيندو آھي. چؤوائيءَ ۾ ملاح يا تھ ٻيڙيون ٻڌي ڇڏيندا آھن يا رس ۽ ونجھن تي ھلائيندا آھن.

·        درياھي واءُ: ملاح درياھھ کي ڏسي چوندا درياھھ تي واءَ جا اھڃاڻ لٿا آھن، ڄاڻ درياھي واءُ لھڻ وارو آھي. ملاح درياھھ جي رنگ کي ڏسي سمجھي ويندا آھن تھ درياھھ تي واءُ لھڻ وارو آھي.

·        درياھي ڌپو: درياھھ تي (نوائي) واءُ صفا بند ٿي ويندو آھي، پوءِ ھلڪو واءُ لڳندو آھي تھ ملاح چوندا آھن تھ  ’درياھي ڌپو لڳو آھي، پگھرجي ويا ھئاسين‘. اھو ڌپو ٻيڙيءَ ڌڪائڻ جي قابل نھ ھوندو آھي.

·        ماٺو واءُ: گھٽ لڳندڙ واءَ کي ماٺو واءُ چوندا آھن، يعني ڍرو واءُ. ملاح، ماٺي واءَ ۾ ونجھھ کڻندا آھن، ٻيڙي وڌڻ کان بيھي ويندي آھي تھ ناکئو جوانن کي ھوشيار ڪندو آھي تھ ’جوانو! ٻيڙيءَ کي ونجھھ جي ٽيڪ ڏيو، ڇوتھ واءُ ماٺو ٿي ويو آھي.‘

·        آجھڙ: واءُ تڪڙو لڳي وري گھٽجي ويندو آھي تھ ملاح چوندا آھن تھ ’واءُ جو آجھڙ آيو ۽ وري بند ٿي ويو‘. تيز واءَ جو آجھڙ ايندو تھ چوندا تھ کرو آجھڙ ھو. جيڪڏھن ڍري واءَ جو آجھڙ ايندو تھ ملاح چوندا تھ ماٺو آجھڙ آھي. ڪڏھن ڪڏھن اھي آجھڙ سامھون لڳندا آھن تھ ونجھھ يا رس تي ھلندڙ ٻيڙيون بيھي وينديون آھن. پوءِ ھمراھن يا جوانن کي ھمت ڏيارڻ لاءِ ناکئو چوندو آھي: ”ماٺو آجھڙ آھي، زور لڳايو، ٻيڙي اڳتي ڪڍڻي اٿو!“

·        سامھون واءُ: واءُ ڪھڙو بھ ھجي، پر جنھن طرف ٻيڙي ھلي، ان جي سامھون ھجي، تھ ان واءَ کي سامھون واءُ چوندا آھن. سامھين واءَ ۾ ٻيڙي رس يا ونجھن تي نھايت تڪليف سان ھلندي آھي. واءُ جيڪڏھن تکو ٿي ويندو آھي تھ ٻيڙيون کڻي بيھاريندا آھن. ٻيڙي بيھڻ جي حالت ۾ بھ جوان ڪم ڪندا آھن. نئين ڪانھن جي ڪانھين لڻي، ان کي ڏنڱريءَ سان ڪٽي، ان مان سڙھھ ٻڌڻ لاءِ ساڪا وٽيندا آھن. ساڪن کي ڪچو وٽ ڏيندا آھن.

·        کوٽو واءُ: ملاح ان واءَ کي کوٽو واءُ چوندا آھن، جيڪو واءُ ٻيڙي ڌڪائڻ کان پوءِ اڌ درياھھ ۾ ختم ٿي وڃي ۽ ٻيڙي جھولي جي ڇِڪ ۾ پوئتي ھٽڻ شروع ڪري. سڄاڻ ملاح ان کوٽي واءَ کي اڳواٽ محسوس ڪري وٺندا ھئا. اڻڄاڻ ڌپي لڳڻ سان ٻيڙيون ڇوڙيندا ھئا تھ تڪليف ڏسڻي پوندي ھئن.

·        گھاٽو واءُ: ملاح گھڻي لڳندڙ واءَ کي ’گھاٽو واءُ‘ بھ چوندا آھن ۽ يقين ڏيکاريندا آھن تھ ھيءُ دوکو نھ ڏيندو. چوندا آھن گھاٽو ٿي لٿو آھي، پڇاڙيءَ تائين اھوئي بيٺو ھوندو.

·        ڪاڍارو واءُ: ڪڏھن ڪڏھن ملاح چوندا آھن تھ درياھھ تي ھيٺ واءُ لٿو آھي، معنيٰ واءُ پيو آھي، پر ھتان ڪاڍارو آھي، يعني اڃا پري آھي ۽ ڪجھھ دير کان پوءِ پھچندو. پراڻي دؤر ۾ خابرو راڪيٽ ڪونھ ھا، جي درياھھ يا سمنڊ وارن کي ٻڌائين ۽ بٽڻ لڳائڻ سان پرچي نڪري ۽ لکيل ھجي تھ ھتان کان ٦٠٠ ميل پري سمنڊ ۾ طوفان لڳي ٿو، يا ڪو جھاز اچي ٿو. پر ھي درياھھ جا پوڄاري ۽ سمنڊ سينچيندڙ درياھھ جي رنگ مان پنھنجي سچيتائيءَ ۽ فھم سان معلوم ڪري وٺندا ھئا تھ درياھھ رنگ بدلايو آھي ۽ درياھھ تي پري واءُ لھي چڪو آھي. ھيتري نھ ھيتري وقت پھچي ويندو، اڃا ڪاڍارو يعني پري آھي.

·        کنوڻ جو واءُ: ڪڏھن ڪڏھن سڄاڻ مھاڻا کنوڻ ڏسي ٻڌائيندا ھئا تھ اھا کنوڻ واءَ جي آھي، جلدي ھلندڙ ٻيڙيون بيھاري ڇڏيندا ھئا ۽ سمجھندا ھئا تھ ڄاڻ ڇوھو يا طوفان پھتو. ٻيڙيون اڃا مس پڳھھ، ۽ ناتاريون لاھي مضبوط ٻڌندا ھئا تھ طوفان پھچي ويندو ھو.

·        ڪوسو واءُ: ڪڏھن ڇر ۾ بيٺل ٻيڙيءَ کي آرھڙ جي موسم ۾ ڏکڻ جو واءُ ٿورو ڪوسو لڳندو ھو تھ ملاح چوندا ’لله آڻئي گھل، پوءِ ڪوسو ئي سھي، مڇر تھ تڙيندين... نيٺ ٺريندين!‘

·        ٿڌو واءُ: سياري ۾ اتر جو ٿڌو واءُ لڳندو آھي. ڪڏھن برساتي واءُ بھ ٿڌو لڳندو آھي.

·        ھير: ملاح ٿوري ھوا محسوس ڪري جوانن کي چوندو آھي تھ ’ھير تنواري ٿي، ٻيڙي ڇوڙيو درياھھ جي فلاڻي ور تائين ھير ٻيڙيءَ کي کڻي ھلندي. اٿو! ھمت ڪريو، ٻيڙيون ڇوڙيو. ساڄي ھير ۾ چڱي ڪجھھ منزل ڏوري وٺبي.‘

·        ڪن واءُ: ملاح ڪن واءُ انھيءَ واءَ کي چوندا آھن، جيڪو سڙھھ ۾ ڦرندو آھي.

·        جھولو: اونھاري ۾ مئي جون ۾ گرم واءَ لڳندا آھن، جن کي جھولو چوندا آھن.

·        لک: جھولي جھڙو ڪوسو واءُ، جيڪو جبلن کان ايندو آھي ۽ ڪک پن ساڙيندو آھي، ان کي لک سڏيندا آھن. لک، درياھھ تي سٽ گھٽِ ڏيندي آھي ۽ درياھي ٿڌا ڌپا، لک جي تيزي ماري ڇڏيندا آھن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org