سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :2

درياھھ جي پاڻيءَ بابت لفظ

 

’سنڌ‘ ڌرتيءَ جو جنم ۽ ھستي ’سنڌو درياھھ‘ سان قائم دائم آھي. سنڌي ٻولي دنيا جي قديم زبانن مان ھڪ آھي. ان ۾ درياھھ جي پاڻيءَ بابت ۽ ان سان لاڳاپيل لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آھي. ھتي اھڙن لفظن جو پنھنجيءَ ڄاڻ آھر تفصيل درج ڪجي ٿو:

·        درياھھ جو پيٽ: اھا زمين، جنھن جي مٿان درياھھ وھندو ھجي.

·        درياھھ جي اٿل: آرھڙ جي مند ۾ جڏھن درياھھ موج ۾ ايندو آھي تھ ڪنارن کي ٻوڙي اٿلي پوندو آھي، جنھن کي اٿل يا پاڻيءَ جي ڇر چئبو آھي.

·        درياھھ جي پائڪ: درياھھ، ڪنارن کي پائيندو آھي ۽ درياھھ جي ان عمل کي ’پائڪ‘ يا ’پائيندڙ‘ چئبو آھي. درياھھ جو پاڻي ھيٺان ئي ھيٺان ڪنارن تي لڳندو آھي ۽ پوءِ مٿان مٽيءَ جا وڏا دوڳ ڪيرائيندو ويندو آھي، جن کي ’ڀيريون‘ چئبو آھي.

·        اوھيرا: درياھھ، ڊسڙ مٽيءَ کي ھيٺان کائيندي کائيندي گولائيءَ ۾ تڪڙيون تڪڙيون ڀيريون ڪيرائيندو آھي. درياھھ جي ان عمل کي ’اوھيرو‘ چئبو آھي. ملاح چوندا آھن: ”درياھھ اوھيرا ٿو ڏئي“.

·        آجھار: درياھھ جنھن طرف پائڪ وجھندو آھي، يا جنھن طرف رخ ڪندو آھي، انھيءَ ڀاڱي کي آجھار چوندا آھن. آجھار وٽ درياھھ تمام اونھون ھوندو آھي ۽ پائڪ بھ ھوندي آھي.

·        درياھھ جو ڇڇ ُ: درياھھ پاڻيءَ جو ’ڪوڀال‘ ٺاھي، رخ مٽيندو آھي تھ اتي درياھھ جو ’ڇڇ‘ ٺھي پوندو آھي. ڇڇ جي معنيٰ بيٺل پاڻي آھي.

·        درياھھ جو گھنڊو: ڪنھن جاءِ تي درياھھ جو پاڻي چڪر کائي اوڀارو وھندو آھي تھ ان کي ’گھنڊو‘ چئبو آھي. ڄرڪو ننڍين مڇين کي کائڻ لاءِ گھنڊي ۾ بيھندو آھي.

·        درياھھ جي سير: درياھھ جي وچ واري تيز وھڪري کي ’سير‘ چئبو آھي.

·        درياھھ جي چِڪڻ: درياھھ جڏھن پائڪ ڪندو آھي تھ ڊسڙ واري ڪناري کي جھٽ ۾ پائيندو ويندو آھي، پر ڪناري جي ڪا ڪا ڊسڙ ۽ وارياسي زمين تھ پائجي ويندي آھي، ليڪن ان جي ھيٺان جيڪا سخت تھھ واري زمين ھوندي آھي، ان کي پائي نھ سگھندو آھي. مٿين ٻھ چار فوٽ مٽي پائڪ ۾ پائجي ويندي آھي، پر ھيٺئين حصي کي درياھھ ڪڍي نھ سگھندو آھي. پاڻي ھميشھ سنوت ڳوليندو آھي، ان ڪري ان پڙيءَ تي زور لائيندو آھي، جنھن کي ’چڪڻ‘ چئبو آھي. چڪڻ تي درياھھ آواز ڪندو آھي، جنھن کي ’درياھھ جو رڙڻ‘ بھ چوندا آھن. چڪڻ واريءَ جاءِ تي ڪن بھ ٿيندا آھن. پاڻيءَ جو اوڀارو وٽ بھ ٿيندو آھي. اوڀارو ۽ لھوارو پاڻي ملي ’ٻڇول‘ ٺاھيندو آھي.

·        ڪن: چڪڻ جي ھيٺان مٿان ٽڪريل پاڻيءَ جي موٽ تي وٽ ۾ ڪن ٺھندو آھي. ڪن ٻيڙين کي اٿلائي وجھندو آھي. ڪن جي ڦيري ۾ وچ تي ڌرتي پئي ڏسبي آھي. درياھي ڪن، زمين جي واچوڙي وانگر ڦرندو آھي ۽ ڪنھن شيءِ کي جھلي اڇليندو آھي تھ ساھواري شيءِ بچي پوندي آھي.

·        ٻڇول: درياھھ ۾ اوڀارا لھوارا وھڪرا ٽڪرائبا آھن تھ ٻن قسمن جون ڇوليون پاڻ ۾ ٽڪربيون آھن، جن کي ’ٻڇول‘ چئبو آھي.

·        لھوارو ۽ اوڀارو وھڪرو: ندي يا درياھھ ھيٺ وھندو آھي تھ ان جي انھيءَ وھڪري کي ”لھوارو وھڪرو“ چئبو آھي ۽ جيڪو مٿي ابتو وھڪرو وھندو آھي تھ ان کي ”اوڀارو وھڪرو“ چئبو آھي.

·        لھرون: واءَ سبب درياھھ جي پاڻيءَ جي جيڪا چرپر ٿيندي آھي، ان کي ’ڇولي‘ يا ’لھر‘ چئبو آھي. لھر جو جمع لھرون ٿيندو.

·        بٺا: درياھھ جي پڇويڙن ۾ جيڪي پاڻيءَ جا ھيٺيان تھھ مٿي ڦاٽندا آھن، تن کي ’بوڙيا‘ يا ’بٺا‘ چئبو آھي.

·        لس: درياھھ جو بنا تحرڪ جي وھڻ ’لس‘ سڏبو آھي.

·        ليٽ: درياھھ جي ڪنھن ھڪ ڪناري ڏي وھڻ کي ’ليٽ‘ چئبو آھي، اھو وھڪرو درياھھ جي آر جي ڪري بھ ٿيندو آھي ۽ ھوا جي ڪري بھ پاڻيءَ جي ھڪ ڪناري ڏي ليٽ ٿيندي آھي.

·        ڌار: درياھھ ڪنھن پاسي لٽ (سلٽ) يا نئن وجھندو آھي، تھ اتي پاڻي تانگھو ٿيندو آھي ۽ وھڪ ۾ درياھھ سڌو سنواٽو ڏسبو آھي. ڄاڻو ملاح پري کان ئي ڌار کي محسوس ڪندا آھن. اڻڄاڻ ناکئا پنھنجي ٻيڙي وڃي ڌار تي ھڻندا آھن ۽ ٻيڙي ڌڪ کائيندي آھي. ڌار جو ڌڪ مشھور آھي.

·        پوڇڙ: درياھھ جي پوڇڙ درياھھ جو تيز وھڪرو ھوندو آھي. پڇڙيءَ تي درياھھ جو پاڻي تيز وھندو آھي. اھڙيءَ طرح ڌار جي آخري لاھيءَ کي بھ ’پوڇڙ‘ چئبو آھي.

·        واھڙي: ننڍو واھڙ، جيڪو پاڻيءَ چڙھڻ سان ڪناري مان وھي ھلندو آھي، ان کي ’واھڙي‘ چئبو آھي. واھڙيون، پاڻيءَ جي ڇڄڻ سان پوئتي درياھھ ۾ وھي پونديون آھن.

·        ڪھري: درياھھ جي پيٽ ۾ ڇڏيل چرو، جيڪو اونھو ھوندو آھي ۽ درياھھ جي چڙھڻ سان تيار ٿي وھندو آھي، ان کي ’ڪھري‘ چئبو آھي.

·        ڪري: درياھھ جي لھي وڃڻ کان پوءِ ڪٿي ڪٿي ڇڏيل واھيون اونھيون ھونديون آھن، جن جي اڳيان پٺيان ننڍو پاڻي ھوندو آھي، انھن کي ’ڪريون‘ چئبو آھي. غيرواقف ماڻھو ننڍو پاڻي سمجھي، اوچتو ’ڪريءَ‘ ۾ گھڙندو آھي تھ ٽٻي کائيندو آھي.

·        وھندڙيون: درياھھ مان نڪتل اڏن جھڙيون واھيون، ’وھندڙيون‘ سڏبيون آھن.

·        ڳاريون: ڪيتريون واھڙيون ويڪريون ھونديون آھن، پر ڪنھن جاءِ تي سوڙھيون ھونديون آھن. تھ اھڙيءَ جاءِ کي ’ڳاري‘ چئبو آھي. ملاح مڇي مارڻ وقت انھن ’ڳارين‘ جي ھنڌ تي رڇ لڳائيندا آھن ۽ چوندا آھن تھ ”ڳاريون ڪجن“.

·        ڪوڀال: درياھھ ڪنھن جاءِ تي پائڪ دوران ڪناري کي گولائيءَ ۾ کائي اندر لنگھي ويندو آھي، تھ ان کي ’ڪوڀال‘ چوندا آھن.

·        چرا: درياھھ جڏھن اٿل ڪندو آھي تھ ڪناري جي ڀرواري زمين، جنھن جي مٿان ڇر وھندي آھي، ’کڏون‘ يا ’چرا‘ ٺاھيندو آھي، جن کي ڪچي جا ماڻھو ’درياھھ جا چرا‘ چوندا آھن.

·        ڇر: درياھھ جو پاڻي ڪنارن کان اٿلي ڪچي ۾ داخل ٿيندو آھي تھ ان پاڻيءَ کي ’ڇر‘ چئبو آھي.

·        ڪنب: پائيندڙ ۾ آجھار يا اونھو پاڻي، ڪٿي پراڻ ڇڏيندو آھي، جنھن ۾ ڪي حصا ٿرجي يا لٽجي ويندا آھن، باقي آجھار جو اونھو تر وارو پاڻي وڃي بچندو آھي. اھو پاڻي جيڪڏھن گھڻي ايراضيءَ ۾ ھوندو آھي تھ ’ڍنڍ‘ سڏبو آھي ۽ جي ٿوريءَ ايراضيءَ ۾ ٻھ ٽي پرھھ ھوندو آھي تھ ان کي ’ڪنب‘ چئبو آھي.

·        دٻو: درياھھ جي ڇر جي ڇڏيل پاڻيءَ جي ننڍڙي حصي کي ’دٻو‘ چوندا آھن.

·        ڍورو: درياھھ جي اڌ ميل کان مٿي ٻن ٽن ميلن تائين پاڻيءَ سان ڀريل ڪنھن قدرتي واھھ جي ڇڏيل وھڪري کي ’ڍورو‘ سڏبو آھي.

·        سيمون يا سم: درياھھ جي جھلي بند يا واھن مان بند جي ٻئي پاسي زمين آلي ٿيندي رھندي آھي يا ڀر واري ھيٺاھين زمين ۾ سمي سمي پاڻي ڪٺو ٿيندو آھي، تھ ان کي ’سيمون‘ يا سم چوندا آھن.

·        روڻ: پاڻي آھستي آھستي کھيءَ جي نارن وانگر وھندو آھي تھ ان کي ’روڻ‘ چوندا آھن. روڻ بند نھ ٿيندي آھي تھ ’کنڊ‘ يا ’گھارو‘ پئجي ويندو آھي.

·        ڪسي يا ڪس (موڪ يا اڏ کان ويڪري): درياھھ جو وھڪرو ڪس ۽ ڪس کان سوڙھي وھڪري کي ’ڪسي‘ چئبو آھي، جيڪا ڪناري کان زمين ۾ وھندي رھندي آھي.

·        نياڻ: اڏ، ڪسيءَ يا واھڙ جي وھڪ، جتان پاڻي وھي وڃي، ان کي ’نياڻ‘ چوندا آھن. پاڻيءَ جي قدرتي وھڪ واري جاءِ يا ھٿ جي ٺھيل (کوٽيل) پاڻيءَ جي وھڪ جي جاءِ کي بھ ’نياڻ‘ چئبو آھي.

·        تار پاڻي: وڏو پاڻي، جنھن جي اونھائي پرھھ کان مٿي ھجي.

·        پرھھ: مرد ماڻھو ھٿ مٿي ڪري بيھي تھ پيرن کان ھٿ جي آڱرين جي چوٽيءَ تائينءَ واري ماپ کي پرھھ چئبو آھي. پاڻيءَ جي اونھائيءَ جي ماپ اڳي ملاح ھيئن ٻڌندا ھئا: پير ٻوڙ، پنيءَ جيترو، گوڏي جيترو، سٿر جيترو، چيلھھ جيترو، بُبي جيترو، ڳچيءَ جيترو، سر کان تار، ھڪ پرھھ، ٻھ پرھھ، ڪيترا بھ پرھھ.

ٻيڙين وارا وري چوندا آھن: پاڻي اڌ لڙھي، مني لڙھي، سوا لڙھي، ڏيڍ لڙھي، ٻھ لڙھيون آھي. ملاح پاڻيءَ جو انداز لڙھن جي ماپ سان ٻڌندا آھن. پرھھ جي حساب سان پاڻي ماپبو آھي، پر ملاح ۽ ٻيڙيائت، پاڻيءَ جي ماپ لڙھن جي حساب سان لھندا آھن.

پاڻي پنج پرھھ، آھي اونھي ڇڇ جو،

پري کان آيا ڪھي، پاڻي پيئڻ سرھھ،

ڀِڄائي ارھھ، روجھون نڪتيون سر مان.

ملاح، ڪڏھن ڪن ’ڪنبن‘ جي ماپ بھ لڙھن سان تڪي ٻڌائيندا آھن. اھي بنا لڙھيءَ يا ونجھھ وجھڻ جي يا لڙھي لڙھيءَ سان ٻڌي ماپ نھ ڪندا آھن، پر تجربي سان محسوس ڪري ٻڌائيندا آھن. اھو حساب اڳئين دؤر ۾ ملاح آسانيءَ سان لڳائي سگھندا ھئا. اندازا ٻھ لڙھيون يا وڌيڪ لڙھيون، محسوس ڪري چوندا ھئا تھ ھن ڪنب ۾ چار يا پنج لڙھيون پاڻي آھي.

·        لڙھي: ٻيڙيءَ کي ڪاھڻ لاءِ ونجھن جي ضرورت پوندي آھي. ونجھھ کي ’لڙھي‘ بھ چوندا آھن. لڙھي ’سنھي ونجھھ‘ کي چئبو آھي.

·        ونجھھ: بانس جو ڊگھو لڪڙو، جنھن سان ٻيڙن کي ھلائبو آھي، ان کي ’ونجھھ‘ چئبو آھي. ونجھھ جي ھيٺئين پاسي کي چھنب ٺاھيندا آھن، اھو لڪڙي جو ٿلھو پاسو ھوندو آھي، ۽ پڇڙ وارو پاسو، جوان پنھنجن ڪلھن ۾ ڏئي زور ڏيندا آھن. انھيءَ زور سان ھو ٻيڙيءَ کي ڌڪي يا ھلائي سگھندا آھن. ونجھھ جھلائڻ وارن کي سيني جي ڪلھي واري پاسي کان نشان ٿي پوندا آھن.

·        تانگھو پاڻي: ننڍو پاڻي، پرھھ کان گھٽ پاڻي، ڳچيءَ کان بھ گھٽ پاڻي يعني پير ٻوڙ کان وٺي ڳچيءَ ھيٺان ارھھ جيتري پاڻيءَ کي تانگھو سڏي سگھجي ٿو.

·        تار پاڻي: سر کان مٿانھين پاڻيءَ کي ’تار پاڻي‘ چئبو آھي.

·        تئونس (پاڻي): ننڍو ۽ تکو پاڻي.

·        درياھھ جو ڦاٽ کائڻ: پاڻي بٺن ۽ پچويڙن مان اوچتو ڦاٽ کائيندو آھي ۽ ھيٺيون پاڻي مٿي اچي ويندو آھي ۽ ائين ڏسڻ ۾ ايندو آھي ڄڻ درياھھ ھيٺان ڪا شيءِ اوڳاڇي ٿو.

·        درياھھ جو رنڀڻ: درياھھ جڏھن چِڪڻ کي پٽيندو آھي، تڏھن آواز ٿيندو آھي، جيڪو پري پري ٻڌبو آھي. ان آواز کي ملاح ۽ ڪچي جا ماڻھو ’رنڀڻ‘ چوندا آھن يعني ”درياھھ جو رنڀڻ“.

·        درياھھ جي موڙي: درياھھ جو آر جنھن طرف ٿيندو آھي، انھيءَ ڪناري جا ٻيٽ جلد پائيندو آھي. ملاح چوندا آھن ”اچي ٻيٽن ۾ موڙي وڌي اٿس“، يعني تڪڙي پائڪ ڪئي اٿس.

·        رڳ: درياھ جي ڇڏيل ٻيٽاريءَ کي رڳ چئبو آھي. درياھھ پائيندو آھي تھ چوندا آھن تھ: ”رڳ ۾ پائڪ وڌي اٿس“.

·        درياھھ جي اڇل: درياھھ جو جنھن طرف لاڙو ھوندو آھي، ان کي درياھھ جي ’اڇل‘ چوندا آھن. مثال طور: ھن پاسي يا ھن پاسي درياھھ جي اڇل آھي.

·        درياھھ جي جھول يا مٿار: اوڀر جو واءُ لڳندو آھي تھ پاڻيءَ جون ڇوليون درياھھ جي اولھھ طرف ڪناري سان لڳنديون آھن. ان پاسي کي ملاح ’جھولي‘ چوندا آھن ۽ جنھن طرف جو واءُ ھوندو تھ ان پاسي کي ’مٿار‘ چوندا آھن. تيز واءَ لڳڻ ڪري درياھھ ٻئي پاسي ليٽي پوندو آھي.

·        ڌار جو پوڇڙ/پڇڙي: ڌار چرا چرا ٿي ويندي آھي يا جتي ڌار ختم ٿيندي آھي تھ ان کي ’ڌار جو پوڇڙ‘ چوندا آھن.

·        درياھھ جون پٽيون: پائيندڙ ۾ درياھھ ٻيلا بھ پائي ويندو آھي ۽ ٻيلن جا وڻ ڪٿي جو ڪٿي وڃي ڦٽي ڪندو آھي. درياھھ جو نئن يا لٽ انھن وڻن کي ٿورو لٽي ڇڏيندو آھي، جنھن کي ملاح ’دڙو يا ڪاٺ‘ چوندا آھن. اھي درياھھ جي تري ۾ ھجن يا ڪناري جي ڀر ۾، پاڻي جڏھن انھن جي مٿان وھندو آھي تھ محسوس ٿيندو آھي تھ اتي ڪا شيءِ پيل آھي، جنھن جي پٽي پئي ڏسبي آھي. پٽيءَ کي ڏسي ان کان مھاڻا ٻيڙي پري ڪڍندا آھن، متان ٻيڙيءَ کي اھو ڪاٺ لڳي ۽ ٻيڙيءَ جي تر يا پاڻيءَ ۾ پيل ڪڇي کي ڪو ٽنگ ڪري وجھي، ٻيڙيءَ ۾ پاڻي ڪاھي پوي ۽ ٻيڙي ٻڏي پئي.

 

دڙن جا قسم

·        کينجھو: پٽيل لئي يا وڻن جون سنھيون ٽاريون لٽجي وينديون آھن، جن جون پٽيون وھڪري ۾ ڄاڻو ملاحن کي محسوس ٿينديون آھن تھ اڳيان دڙو آھي، پر ڪاٺ ناھي، کينجھو آھي: يعني اھڙو دڙو، جو ٻيڙيءَ سان ٽڪرائجڻ سان نقصان ڏئي سگھي ٿو.

·        لڙھندڙ دڙا: اھي ڪاٺ، جيڪي درياھھ ۾ لڙھندا آھن ۽ ظاھر ۾ سڪا ھوندا آھن، پر اھي ٻيڙيءَ کي نقصان پھچائي سگھندا آھن. ٻيٽن سان ڪي ’ٻانڊ‘ بھ لڙھي ايندا آھن. ٻانڊ، بي ستي ڪاٺ کي چئبو آھي، جيڪو نقصان نھ رسائيندو آھي.

·        ٻوڏاوان دڙا: ھي ترندڙ ڪاٺ ھوندا آھن، پر ڪي قدري آلي ھئڻ سبب پاڻي انھن جي مٿان ھوندو آھي. جيڪڏھن ٻيڙي انھن جي مٿان چڙھندي آھي يا ٻيڙيءَ جو ڪڇو اچي لڳندو اٿن تھ ٻيڙيءَ کي ڌڪ لڳڻ سان ٽنگ ٿي پوندو آھي ۽ ٻيڙيءَ ۾ پاڻي اندر گھڙي ايندو آھي. ان صورت ۾ خاص ڪري بار واري ٻيڙيءَ جو ٽنگ بند ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آھي.

·        سر يا ڪانھن: جڏھن درياھھ سرن ۽ ڪانھن کي پائيندو آھي تھ اھي پاڙان پٽجي سڄي جا سڄا درياھھ ۾ وڃي ڪرندا آھن. اھي بھ ڪٿي دڙو ٺاھيندا آھن، جيڪو کينجھوءَ جھڙو ھوندو آھي.

·        ڦرندڙ دڙا: سنڌو پورالي ندي آھي، جيڪا مڇربي آھي تھ ٻيلن جون چوڪڙيون پائي ڇڏيندي آھي. ٻيلي جو ڪاٺ يا سڄا سارا وڻ درياھھ جي تيز وھڪرن ۾ گندڙي جيان اٿلندا ايندا آھن. ڪنھن مھل انھن جو ٿڙ مٿي، تھ ڪنھن مھل ٽار مٿي ٿيندو رھندو آھي. اھڙا دڙا بھ ٻيڙين کي نقصان رسائيندا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org