سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :13

ڪچي ۾ درياھھ جي ڪنارن تي يا ٻيٽن تي ٿيندڙ گاھھ

 

ڪتر، ٻوڙي، ڪانھن، ڀتر، کيرل، للر، مريڙو، ساوڙي، ڇمڪو، ڇٻر، ٻڪن، چانھڪ، ڪچو سر، ڊڀ، کاراھو، ٻوڙي ڪتر، وغيره گاھھ درياھھ جي ڪنارن وارن ٻيٽن تي جام ٿيندو آھي. مالوند ماڻھو پاڻي لھڻ جي مند کان سڄي سياري جي مند ۾ ٻوڙي ھڻي، مٿي تي کڻي، مال کي کارائيندا آھن.

صدين کان انسان جو چؤپائي مال تي ڌيان رھيو آھي. ماڻھو وڏي چاھھ سان مال چاريندا آھن. ڪافي قبيلن جو گذران مال جي ٿڻن تي ٿئي ٿو، ميھار ماڻھو ھن ڀر رھندڙ درياھھ جي ٻئي پاسي کان ٻوڙي يا ڪتر ھڻي اچي مال کي کارائين، چي ”رزق تاتڻو آھي تھ جفاڪشي تھ ڪرڻي پوندي“، پنھنجي رزق (مال) کي خوش رکبو تھ پاڻ بھ خوش گذاربو“.

 

ڪچي جا نار:

صدين کان سنڌوءَ جي ڪنارن، ڍورن ۽ واھن تي نار چڙھندا رھيا آھن، چيٽ ۽ ڪتي نارن تي چرخي آبادي ٿيندي آئي آھي، نار جو پاڻي مٿاھين زمين تي پھچائبو آھي. نار جو سسٽم وڏي ھنرمنديءَ سان اوائل دور ۾ ٺاھيو ويو ھو. اسان وٽ آبادي ھيٺين طريقن سان ٿئي ٿي:

سيلابي، چرخي، چاھين، باراني ۽ موڪي.

انھن مان ڏکيو طريقو نار آھي. نار جي آبادي چوندا آھن تھ ”ست مڙسي“ آھي. نار تي آبادي ڪرڻ جو طريقو مھين جي دؤر جو آھي، ڪپھھ جو ذڪر قرآن ۾ بھ اچي ٿو. اھا ڳالھھ يقين سان چئي سگھجي ٿي تھ ڪپھھ نار کان سواءِ نھ ٿيندي ھوندي، ڇوتھ وونئڻ جي آبادي ڪتيءَ جي فصل جي آبادي آھي. ان مند ۾ درياھھ جي اٿل ٿيندي آھي. جنھن طرف درياھھ جي ليٽ (جنھن کي درياھھ جو ”آرو“ بھ چئبو آھي) ٿيندي، اھي ڪچي جا پاسا پاڻيءَ ھيٺ ھوندا، جيڪو پاسو درياھھ رخ مٽائي ويندو آھي تھ پوءِ ڪنھن پراڻ يا ڍوري تي نار چاڙھي ڪتيءَ جي فصل ۾ وونئڻ پوکيندا آھن. درياھھ جو سيڪ چيٽ جي فصل ۾ ڪم ڏئي سگھي ٿو، باقي ڪتيءَ تائين سيڪ زمين ۾ ڪٿي رھي نھ سگھيو ھوندو.

 

نار جي سازو سامان جا نالا:

نار، جنھن ڪنب، ڍوري، پراڻ، واھھ، ڦاٽ يا درياھھ جي ڪناري تي چاڙھبو آھي تھ ان جي ڪناري ڀرسان وڏي کڏ کڻندا آھن، جنھن کي ”پڙوڏو“ چوندا آھن. انھيءَ ٻڙوڏي جي مٿان ”ڍينگو“ رکندا آھن. ڍينگي جي مٿان ”مالھھ“ چاڙھيندا آھن. مالھھ ۾ ”لوٽا“ ٻڌبا آھن. ڍينگي کي ”ٻائڙ“ چوندا آھن.

·        چڪر: نار کي ٻھ چڪر ھوندا آھن. ھڪڙو وڏو چڪر ٻيو ننڍو چڪر. ھڪ چڪر کي سڌو ڪري ”ڀارونيءَ“ تي وھاربو آھي. وڏي چڪر جي وچ تي ڀارونيءَ ۾ سرائي پيل ھوندي آھي. اھا سرائي مٿي ڪانڃڻ ۾ بيھاربي آھي. ڪانجڻ يا ڪانڃڻ وري وانگر ٻن ٿوڻين تي بيھاريل ھوندي آھي. ان جي وچ ۾ سل ٿيندو آھي، جنھن ۾ سرائي ڦري سگھندي آھي. لٺ بھ ڀارونيءَ ۾ ڦرندي آھي. لٺ زمين تي رکيل ھوندي آھي، جتي ڦرندي، ڊينگو يا ٻائر کي ڦيرائيندي آھي. چڪرن جا ارا ھڪٻئي ۾ اٽڪندا ھلندا آھن. ڳاڌيءَ کي سرائيءَ ۾ بند ڪبو آھي. ڳاڌيءَ ۾ اٺ يا ٻھ ڏاند ٻڌبا آھن. ڳاڌي ڦرندي تھ چڪر ڦرندا، چڪر لٺ کي ڦيرائيندا، لٺ ڊينگي کي ڦيرائيندي. ڍينگي ۾ مالھھ ۽ مالھھ ۾ لوٽا ٻڌل ھوندا آھن. پاڻي نيساري ۾ پھچندو آھي. نيساري کي پاڙڇ چوندا آھن. پاڙڇ جو پاڻي نيسر ۾ وھندو آھي. نيسر اوڏانھن پاڻي موڪليندي آھي، جيڪو آواندن کان ٻنيءَ يا زمين ۾ ويندو آھي ۽ ريج ٿيندو آھي. سچل سائين پنھنجيءَ ڪافيءَ ۾ نار جو ذڪر آندو آھي:

دم دم جا ديدار، اپر اسان جي نار تي!

بگا ڏاند ٻڌون ٻيئي، ڳالھھ تنين جي ڪيان ڪيھي،

وھن ڌارو ڌار، ڳاڌيءَ جي ڳٽڪار تي.

-

نيسر پارڇ ۾ آيو پاڻي، سنگو ٿيندو سنڃ ۾ ساڻي،

پوک پچي ٿي تيار ڪم، سچل جا ڪلنار تي.

 

سنڌو درياھھ جون مڇيون:

سنڌو درياھھ ۾ صدين کان مخصوص قسم جون مڇيون پيدا ٿينديون ۽ وڌنديون ويجھنديون رھن ٿيون: چند مڇيون ڪنھن مند تي مٺي پاڻيءَ معنيٰ درياھھ ۾ اينديون آھن ۽ وري سمنڊ ۾ ھليون وينديون آھن. انھن ۾ پلو، مور مڇي ۽ گانگٽ مشھور آھن. سنڌو درياھھ جي ڇوڙ وٽ ”نائو“ ٿيندا آھن، جن ۾ ننڍي سامونڊي مڇي ايندي آھي، پر اھا گھڻو فاصلو اڳتي سنڌوءَ ۾ نھ ايندي آھي. سنڌوءَ جي خاص ۽ سنڌي ماڻھن جي دل پسند مڇي ”پلو“ آھي.

پلو ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ کان اڳ ۾ سکر واري ساڌٻيلي کان بھ اڳتي ٽپي ويندو ھو. پلا ھاڻي ڄام شوري پل تائين اچن ٿا. سال ١٩٥٦ع کان اڳ ۾ شاھبندر کان ساڌٻيلي تائين پلن لاءِ مڏيون ٺھيل ھونديون ھيون.

 

درياھھ شاھھ جو پلو:

محمد اسماعيل عرساڻي صاحب سچ لکيو ھو تھ، ”پلو ويچارو غريب غربي جو گذارو“. پلو فبروريءَ جي پھرين تاريخن ۾ سمنڊ کان نڪري سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندو ھو ۽ ١٠، ١٢ تاريخ فبروريءَ جي سکر تائين پھچي ويندو ھو. فبروريءَ ۾ نئين آيل پلي کي ”نولڙيءَ جو پلو“ چوندا آھن. پلا جڏھن درياھھ ۾ پھچن ئي پھچن، ان کان ڳ ئي ٺيڪيدار مڏيون درياھھ جي ڪنارن سان ٺھرائيندا ھئا ۽ انھن تي منشي مقرر ڪندا ھئا. پلن جي حساب رکڻ واري منشيءَ کي ”سوپڙيو“ چوندا آھن. پلي جو ڪاروبار سنڌ ۾ گھڻو ھلندو ھو. تڙ تڙ تي مڏي ھوندي ھئي. وڏن تڙن تي سو کان مٿي ”ٻيڙيون“ ۽ ”ڪؤنٽيا“ پلن مارڻ وارا ھوندا ھئا. ڪيترا ماٽي ۽ تنبڙيا بھ پلا ماري تڙ (تڏيءَ) تي کڻي ايندا ھئا. پلن مارڻ لاءِ جيڪو رڇ ڪم آڻيندا ھئا، ان کي ”سنبھي“ يا ”سنبوھي“ چوندا ھئا. سنبھيءَ جي ڪاٺيءَ کي ”سنڌ“ چوندا آھن. سنڌ، ديال يا ولي ڪاٺ جي گول گھڙيل ڪاٺي ھوندي آھي، جنھن کي رندو لڳل ھوندو آھي. سنڌ جي اڳئين ڀاڱي ۾ ٻڇانگ جيان ٻھ ڪاٺيون ملايل ھونديون آھن، جن ۾ رڇ ٻڌبو آھي. رڇ ٻڌل تيار ٿيل سنبھي، ڊونڊي ٻيڙيءَ جي مھڙي تي مھاڻو پاڻيءَ ۾ لاھي ٻڇانگيءَ کي درياھھ ۾ ٻوڙي ڇڏيندو آھي، ڪنھن مھل مٿئين ڪاٺيءَ سنڌ کي ھيٺ بھ ڪندو آھي، ھڪ پير جي ٽيڪ بھ ٻڇانگ ملائڻ واريءَ جاءِ تي ميربحر (جنھن کي ”مارت“ بھ چوندا آھن) ڏيندو آھي. پلو سير ڪري ھلندو آھي تھ پري کان مھاڻو ڏسي سنبھيءَ کي ھيٺ مٿي ڪندو آھي، ٻيڙي ڳن تي آھستي آھستي پئي ھلندي آھي. ڳن ڇوڪرا بھ ھلائيندا آھن ۽ ”مارتن“ جون مايون بھ ھلائينديون آھن. پلو سنبھيءَ ۾ لڳندو تھ ميربحر ڏور ڦٽي ڪري سنبُھي مٿي مھري تي لاڙي ڇڏيندو آھي. پلو ڊونڊيءَ جي لڪ ۾ اڇليندو، سنبھي مان ڪڍي ڇاٻاھيءَ واري اڏي جي ھيٺ واري پسونءَ جي پويان يعني ٻن پسن جي وچ ۾ جيڪا جاءِ ھلڪي ھوديءَ جان ٿيندي آھي، ان ۾ پلا اڇلائيندا ويندا آھن. پلن مارڻ لاءِ لاھاري ٻيڙي، ڳن تي ھلائبي آھي. ان عمل کي پلن لاءِ ”سير کڻڻ“ چوندا آھن.

·        ماٽي: ماٽي مٽ تي پلن مارڻ وارا ساڳي سنبھي ڪم آڻيندا آھن، مٽ کي ڪنا نھ ھوندا آھن. مٽ جي منھن تي پيٽ رکي سنبُھي درياھھ ۾ وجھندا آھن. پلو ماري پيٽ کڻي ماٽي يا مٽ ۾ وجھي ڇڏيندا آھن. اھي مٽ يا ماٽيون ٺڪر جون ھونديون آھن. ۽ ٽامي ۽ ڪٽِ واري دؤر ۾ اھي ماٽيون ٽامي جون ھونديون ھيون. ماٽي مٽ تي پلا مارڻ وارن کي چوندا آھن. اڄ بھ ”ماٽي“ ملاحن يا ميربحرن جو ھڪ پاڙو آھي. مٽ تي پيٽ رکي پلا ماريندڙ پيٽ ھيٺان سينھون ڏيندا ھئا، جيڪو ڪنارن سان موتين ۽ ستارن سان جڙيل ھوندو ھو.

·        تنبڙيا: ڪي مھاڻا ساڳيءَ سنبھيءَ سان تنبي تي پلا ماريندا ھئا. اھي تنبا ٽامي جا ڪدوءَ جي گول تنبي وانگر ٺھيل ھوندا ھئا. ان تي سٽ جا ”اٽھھ“ مڙھيل ھوندا ھئا. ماٽي ۽ تنبڙيا ڊونڊين وارن کان ”سنڌ“ ڪجھھ ھلڪي کڻندا ھئا. تنبڙ يا ڪدوءَ جا تنبا بھ ڪم آڻيندا ھئا. پر اڪثر ڪري ٽامي جا تنبا ھوندا ھئا، ڇوتھ ٺِڪر جي مٽ ۽ ڪدوءَ جي تنبي جي ٽٽڻ جا امڪان وڌيڪ آھن.

·        تڙ تي پلا آڻڻ: ”مارت“ صبح ۽ شام ٻھ ڀيرا مڏيءَ تي پلا ڏئي سوپڙئي کان لکرائي ويندا ھئا. پلن جي ڳڻپ ”ھارين پيري“ ٿيندي آھي. ھڪ ھاريءَ ۾ ٻھ پلا ٿيندا آھن: ھڪ آنيارو يا آڃارو پلو، ٻيو ”کيرو پلو“ آنياري پلي ۾ ٻھ آنيون ٿينديون آھن. کيري پلي ۾ کيري ۽ ڦوٽو ٿيندو آھي. ڦوٽو آنياري پلي ۾ بھ آنين سان گڏ ٿيندو آھي. پلي جي ڦوٽي ۾ پتو ٿيندو آھي، جيئن مڇي جي ٻوريءَ ۾ پتو ٿيندو آھي.

·        ”پتي جو لڳڻ: پتو وھي جيڪڏھن ماس ۾ ويندو آھي تھ اھو ٽڪرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آھي، ان کي چوندا آھن تھ ھي پلو يا مڇي پِتي لڳل آھي. اھڙيءَ مڇي يا پلي جو ٻوڙ ڪڙو ٿيندو آھي. پِتي ڦٿل مڇيءَ کي ”پتاريل مڇي“ چوندا آھن. سڄاڻ مارت پلي جي سير کي محسوس ڪري ٻيڙيءَ کي ڳن تي پلي جي سير جي سامھون ڪندا ھئا. پلي جو شڪار وڌيڪ ڪندا ھئا. ميربحر ”مارت“ شام ۽ صبح تي پلا مڏيءَ ۾ کڻي ايندا ھئا، جتي سوپڙيا پلا گند ڪرائيندا ھئا. وڏن تڙن تي گند ۾ ھزار تائين ھاريون ٿينديون ھيون. سوداگر ساٽي ڪونجڙيا، تڙ يعني مڏيءَ تي اچي ڪٺا ٿيندا ھئا. ساٽي پلا گڏھن ۽ گھوڙن تي کڻي شھرن ۽ واھڻن ۾ کپائڻ ويندا ھئا. ٻڌا واپاري، پلا ڳوڻين ۾ ڀري ريل گاڏيءَ ۾ ڏيساور کڻي ويندا ھئا. مڏين تان اٺن تي مال اسٽيشنن تائين ويندو ھو. ”ڪونجڙيا“ جيڪي کارين ۾ مال مٿي تي کڻي ڳوٺن ۾ کپائيندا ھئا، ساٽين سوداگرن کان مال بچي پوندو ھو تھ پوءِ پلا چيرائي انھن کي گھڻو لوڻ ڏئي تڏا وڇائي ان تي مال رکندا ھئا. جنھن کي ميربحر ”ٿڦڻ“ چوندا آھن. ٿڦڻ وارا پلا سڪي ويندا آھن ۽ لوڻ جي ڪري خراب نھ ٿيندا آھن. سوپڙئي جي خدمتگار کي ڪوٽار چوندا آھن. سوپڙيا روزنامچو، کاتو، کرڙو ۽ شاھو ڪتاب رکندا ھئا. ميربحر يا مارت رات جو بھ سيرون کڻي پلا ماريندا ھئا. ٿڦڻ وارا پلا جڏھن شھر يا ڳوٺن ۾ کڄي ويندا ھئا تھ انھن کي ”لوڻي پلا“ چوندا ھئا. لوڻي پلو رات جو پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکندا ھئا. ڀاڄيءَ رڌڻ مھل ان کي ڪوسي پاڻيءَ ۾ ڌوئي يا لسيءَ سان ڌوئي ڀاڄي چاڙھيندا آھن.

پلو، جڏھن مٺي پاڻيءَ ۾ گھڻو رھندو ھو تھ پوءِ گھڻو سوادي ٿيندو ھو. سنڌ جي مھمان نوازيءَ ۾ پلي جي ڊش سڀني طعامن کان اور ھئي. نولڙي پلا، ميربحر ڍوئڻا امير ماڻھن وٽ پيش ڪندا ھئا، جيڪڏھن ان وقت پلي جي قيمت سمجھو تھ ھڪ رپيو ھئي تھ ان ڍوئڻي پلي عيوض ٻارن جي بٽائين تي ان جي ڳوڻ ضرور ملندي ھئي، ڇوتھ غريب مھاڻو ٻچن کي پلو نھ کارائي بھ ڀوتارن کي ڍوئڻو ڏيندو ھو ۽ پنھنجي غربت جو بول ڀريندو ھو.

 

پلي چاڙھڻ جا نمونا:

پلو ڪيترن ئي نمونن تي تيار ڪبو ھو. پلي جو ٻوڙ، پلو سيل، پلي جو پلاءُ، فرائي پلو، بنا گيھھ پلو، سيل، تريل پلو، پلو ساڳ، گوار جي مٿان سئي رکڻ پلي جون ٽڪيون ۽ پلي جا اوڦٽارا، ٽانڊن تي پڪل پلو، واريءَ ۾ پڪل پلو. سيڙھيءَ ۾ پڪل يا رڌل پلو ۽ ڀڳل پلو.

رڌل پلي جي منڍيءَ کي ”ڪنھڙ“ چوندا آھن. پلي جي پڇڙي ڪٽي سڪائي ڀاڄين کي واس ڏيندا آھن. جيڪي گل يا جيڪا پوک ڦر نھ ڪندي آھي تھ پلي جي پڇڙي ٽانڊن تي رکي ان کي دونھين جو واس ڏيندا آھن تھ ڦر ٿيندو آھي. وڏن تڙن تي اٺ ڏھھ سوپڙيا ھوندا آھن.

سيٺ محمد ھاشم ١٩٤٧ع ۾ درياھھ جو مقاطعو کنيو ھو، جتوئي ڳوٺ جو ھو. سيوھڻ جي تڙ تي ان وقت ١٢ سوپڙيا رکيل ھئا. ان دؤر ۾ پلن جي مڏين تي ميڙا لڳل ھوندا ھئا. پلن جو حساب مارتن کي ٽي حصا ۽ مقاطيدار کي ٻھ حصا ملندا ھئا. ان کي پنج سمي بٽئي چئبو ھو. ڪن ڪن مارتن کي معافي مليل ھوندي ھئي. تن کي معافي دار چوندا ھئا. ڪن ملاحن کان چوٿون حصو وٺندا ھئا.

پلو مٺي پاڻيءَ ۾ سکر تائين ويندو ھو تھ ڏاڍو سگھو ٿيندو ھو. ھاڻي پلي جو نسل ُ ختم ٿيندو پيو وڃي. ھن ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ پلي جي نسل کي بچايو وڃي. پلو حقيقت ۾ سنڌو درياھھ جو سينگار ھو. پلو جڏھن سمونڊ ڏي موٽڻ شروع ڪندو ھو تھ ان کي ”لاڙو پلو“ چوندا ھئا. پلي جي جڏھن موٽڻ وقت آني وھندي ھئي تھ پوءِ اھي آنيءَ جا داڻا سنڌوءَ جي پاڻي سان ملي ننڍا پلا پيدا ڪندا ھئا، جي ڍنڍن ۾ رھندا ھئا ۽ ٻٽ ڍنڍن ۾ وڌي وڏا ٿيندا ھئا. لاڙو پلي جي آني کائڻ ۾ نقصان ڪندي ھئي.

·        گانگٽ: پلي کان پوءِ گانگٽ بھ سنڌو درياھھ مان ختم ٿيندو ٿو وڃي، بلڪ ڄڻ تھ ختم ٿي ويو آھي. گانگٽ سنڌو درياھھ ۾ ايترا ھئا، جو ڪو ٻار مانيءَ جو ٽڪر ڪنھن ڪاٺيءَ ۾ سڳي ۾ ٻڌي پاڻيءَ ۾ لاڙيندو ھو تھ گانگٽ مانيءَ تي پھچي ويندا ھئا. جھوليءَ ۾ بھ ٻارانھن کي ڦاسائيندا ھئا. اڄ درياھھ ۾ گانگٽ ڪونھ ٿو ڏسجي. ڪانگٽ جو نسل ختم ٿيڻ جو ڪارڻ ”ڄام شورو پل“ آھي. گانگٽ مڇي ناھي، پر گوشت آھي. گوشت ۾ ڪنڊو بھ ڪونھ اٿس. ھي نھايت لذيذ مڇي آھي. گانگٽ جي ننڍن ٻجن کي ”سانھان“ چوندا آھن. گانگٽ کي اڳيان چمٽا ٿين، جن سان ھو کاڄ کائيندو آھي. گانگٽ جي منڍيءَ ۾ ھڪ چنھنبدار ھڏو ٿيندو آھي. گانگٽ کي ترڻ ۽ سنڌوءَ جي تر ۾ ھلڻ لاءِ چار ٽنگون ٿين. گانگٽ جي پيٽ ھيٺان آني ھوندي آھي. ھن جي پيٽ ھيٺان کنڀرڙيون ٿين. گانگٽ کنڀرڙيءَ ۾ آني سانڍيندو آھي. درياھھ جو گانگٽ آني درياھھ ۾ ڦٽي ڪندو آھي، جنھن مان ننڍا گانگٽ پيدا ٿيندا آھن. گانگٽ جي پٺيءَ تي پڪا ۽ ھلڪي سائڙي رنگ جا گول ڇلر ٿين، جن جي لاھڻ سان گانگٽ جو سفيد گوشت ظاھر ٿيندو آھي. گانگٽ کي پيٽ ۾ ڪا خراب شيءِ ڪانھ ٿئي. گانگٽ جو پِتو يا غلاظت آھي تھ بھ ٿوري، صفا نھ ھئڻ جي برابر. گانگٽ جون ڄنگھون منڍيءَ ھيٺان ٿين. سمنڊ ويجھو مٺي پاڻي مان مرندڙ سانا گانگٽ جو نسل آھي. گانگٽ جو نسل، لب درياھيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين گھٽجي بلڪ ختم ٿي ويو آھي. ڪٿي ڪٿي ڪو ٿورو گانگٽ مري ٿو، نھ تھ ڄڻ نالو لھندو وڃيس. گانگٽ جي ڀاڄي عجيب آھي، بنا ڪنڊي، بنا ھڏيءَ جي گوشت نھايت لذيذ اٿس. گانگٽ جا تڪا، چاپون وڻندڙ ٿينديون آھن.

·        ڪرڙو يا ڏنڀرو: درياھھ جي مڇين ۾ ڪرڙي جو مقام پلي ۽ گانگٽ کان پوءِ ٽئين نمبر تي ڪن ٿا، پر ڪن ڳالھين ۾ ڪرڙو سامونڊي مڇين کان ڪرڙو آھي، ڇوتھ ڪرڙي جي واحد مڇي آھي جا حڪيم ۽ ڊاڪٽر ڪريءَ ۾ مريض کي کارائيندا آھن. ھونئن تھ يوناني حڪيم چوندا آھن تھ ”بابا ڏڌ مڇي کٽاڻ نھ کائجان، باقي سڀ ڪجھھ کائجان. مڇيءَ ۾ تازي مڇي ڪرڙي، ڏنڀري جي ملئي کائجان“. ان ڳالھھ ۾ ڪرڙو مٿيئن نمبر ۾ پھچي ٿو. ڪرڙي جي مڇي ڳردار مڇي آھي. ڪرڙي جي مادي وڏي پاڻيءَ ۾ لڳندي ۽ آنا ڪندي آھي. ڄاڻو ملاحن جو چوڻ آھي تھ ڪرڙو وڏو ٽپ ڏئي ٿو. مٺي پاڻيءَ جي سموري مڇيءَ کان ڪرڙو وڏو ٽپ ڏئي ٿو. مون کي مھرائن جي ڍنڍ جو مشاھدو آھي. ٥٨- ١٩٥٩ع جي ڳالھھ آھي، اسان مڇيءَ جو شڪار ڏسڻ ويا ھئاسين. رڇ ڇڪي جڏھن ڪناري کي ويجھو آيا تھ مڇين ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا. ڪافي مڇيون ٽپو ڏين تھ وڃيو ٽنگيل رڇ جي پٿرن ۾ ڪرن. ٦- ٧ ڪرڙا ٻن اڍائي ڪلن جھڙا ھئا، انھن ايترو ٽپو ڏنو، جو رڇ پويان اسان ٻيڙي جي منجڻ تي اڀا بيٺا ھئاسين تھ ڪرڙا اسان جي مٿي کان ڏيڍ ٻھ فوٽ مٿان ٽپي وڃي ڍنڍ ۾ پيا. ھڪ ڪرڙي ٽپ ڏنو منجڻ تي مھمان بيٺو ھو، ان جي نرڙ ۾ لڳي ٻيڙيءَ ۾ ڪريو پوءِ بھ ڍنڍ ۾ وڃي پيو. ماڻھو چوندا ھئا، پر يقين ان ڏينھن ٿيم تھ ڪرڙو برابر وڏو ٽپو ٿو ڏئي. ڪرڙو درياھھ ۾ ١٥- ١٦ ڪلن جو ٿئي ٿو. ڪرڙي لاءِ سڄاڻ ملاحن جو چوڻ آھي تھ ڪرڙو انھي اونھي ڪنب يا ڪوڀال ۾ رھندو آھي، جتي ڪنب جي تر تي اڀ ڏي اک کڻندو. جي سج جو تڙڪو لڳس تھ اتان ٻئي پاسي ويندو. مطلب جتي سج جي روشني اک تي نھ پھتس اتي رھندو. ملاح اھڙا ڪنب جھليندا آھن ۽ ڪرڙا ھٿ ڪندا آھن. ڪرڙي کي سانئرو ۽ ڪرڙيءَ کي سانئري بھ چوندا آھن.

·        موراکو:  ڪرڙي کان پوءِ کائڻ ۾ موراکو لذيذ آھي. موراکو بھ پنج ست ڪلا يا اڃا بھ وڌيڪ ٿيندو آھي. ماڻھن جو خيال آھي تھ موراکي جي مڇي بادي آھي. ھن دؤر ۾ ڪرڙي کان وڌيڪ مڇي موراکي جي بچي ٿي. درياھھ ۾ ڪرڙن کان موراکا وڌيڪ ڏسجن ٿا. موراکي جي مڇي بھ ڇيلري مڇي آھي ۽ ڦٽري مڇي ٿئي ٿي. موراکي جي مڇي بھ درياھھ جا ڪنب، ڍوررا ۽ ڪوڀال پسند ڪندي آھي. موراکي جي مادي وڏي پاڻيءَ ۾ لڳندي آھي. موراکي کي ”موري مڇي“ بھ چوندا آھن. اھو غلط آھي تھ موري وڏي ٿيندي آھي ۽ موراکو ننڍي مڇي آھي. مڇي ننڍيءَ مان وڏي ٿئي ٿي. ننڍيءَ موراکيءَ کي بھ موري مڇي چئبو. ننڍي وڏي لاءِ ائين چوڻ درست ٿيندو تھ وڏو موراکو آھي، ننڍو موراکو آھي، ڇوتھ ٻج مڇيءَ جو ڏسبو تھ بھ چئبو ھي ڪرڙي جو ٻج آھي، ھيءَ ننڍي ڪرڙي آھي، سينگاري ننڍيءَ کي بھ چئبو ۽ وڏيءَ کي بھ.

·        ٿيري: ٿيريءَ کي ٿيلھي ۽ لھر بھ چوندا آھن. ٿيري ويڪر ۾ ڪرڙي کان ڪراري آھي. وزن ۾ ٻج ھڪ وقت ۾ ڍنڍ يا کڏ ۾ وجھبو تھ ٻن مھينن ۾ ٿيري ڪرڙي کان گھڻو وزن ڪري ويندي. ٿيري جي گھڻو وقت درياھھ ۾ بچيل رھي تھ مني مڻ تائين وزن ڪري سگھي ٿي. ٿيري يا ٿيلھي بھ تار پاڻيءَ ۾ رھندي آھي، جيڪو پاڻي ٻھ پرھھ ھوندو آھي. يا ان کان بھ وڏو ٿيلھي ان ۾ رھندي آھي. ٿيلھيءَ جو وات وڏو ۽ منڍي ويڪري ٿيندي آھي. ٿيلھي يا ٿيري ڇيلري مڇن مان آھي. ٿيلھي بھ وڏي پاڻيءَ ۾ آنا ڪندي آھي. ٿيلھي ھٿراڌو کاڌن تي جلد وڏي ٿي ويندي آھي. پاليل مڇين ۾ ٿيري وڌيڪ وزن ڪري ٿي. ملاح ھرھڪ مڇيءَ جي سير مان محسوس ڪندا آھن تھ ھن مڇيءَ جي سير آھي. ٿيلھي کائڻ لاءِ چيربي آھي، وڏا ويڪرا ڪتر ڪبا آھن. سياري جي مند ۾ ٿيلھي ڏاڍي ٿلھي ٿيندي آھي.

·        ڏاھي مڇي: ھي مڇي بھ کائڻ ۾ سٺي آھي. ھن مڇيءَ ۾ ڪنڊا جام آھن. ھيءَ مڇي سيئڻ ۾ سوادي ٿيندي آھي. ھن مڇيءَ ۾ ماس دھرو ٿيندو آھي. ھيءَ مڇي ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪندي ڪانھي، ان ڪري ڏاھي مڇي چوندا اٿس. ڏاھي مڇي وڏي ۾ وڏي ٻن ڪلن تائين ٿيندي آھي. ھي بھ ڇيلري مڇي ٿيندي آھي. ڏاھي ان تي نالو ان ڪري پيو جو ڦٿڪو نھ ڪندي آھي، پٽ تي پئي ھوندي آھي.

·        ڪرو: ھيءَ مڇي جبل جي واھين ۽ نين ۾ ٿيندي آھي. وڏي ٽي چار ڪلا بھ ٿيندي آھي. ھن جو نسل ڪرڙي يا ڏنڀري سان ملي ٿو. ھي مڇي نئن گاج ۾ لھندي آھي تھ ان جي پاڻيءَ ۾ بھ مرندي آھي. ڪرو ڇيلريءَ مڇيءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪرو ٿوري انداز ۾ مرندو آھي. ڏيساور موڪلڻ جيترو نھ ٿيندو آھي. رڳو ڪاڇي جي ماڻھن جي پورت ھوندو آھي.

·        سڻي: ننڍي مڇي ٿيندي آھي. کائڻ جي ڪم ايندي آھي. ھي بھ ڇيلري مڇي آھي. درياھھ ۾ گھٽ ملندي، باقي ڍورن ۽ واھن جي چرن ۾ جام ٿي ملي. ننڍن دٻن ۾ بھ سڻي ملي ٿي.

·        سرھيو: ھيءَ بھ ڇيلري مڇي ۾ شمار ٿئي ٿي. سرھيو پاءَ ڏيڍ جيترو ٿيندو آھي. آنيءَ جي مند ۾ سرھو يا سرھيو قدبت کان وڏي آني ڪندو آھي. سرھيي جو ڇلر قدري ننڍو ٿيندو آھي. درياھھ ۾ پاڻيءَ جي چاڙھھ وقت سرھيو مڇي ڇر ۾ ويندي آھي. ڪچي جي گاھھ کائڻ کان پوءِ تازي ٿيندي آھي. سرھيي جي مڇيءَ ۾ ڪنڊا گھڻا ٿيندا آھن.

·        پوپري: پوپري ڇيلري مڇين ۾ شمار ٿئي ٿي، پوپري وڏي ۾ وڏي درياھھ جي پوپري ڪلي وزن کان گھٽ بيھندي آھي. پوپري بھ سھڻي ٿيندي آھي. ملاح ھن کي سھڻي سمجھندا آھن، ان ڪري نينگرين جو نالو پوپري بھ رکندا ھئا. ۽ پوپريءَ تي لوڪ گيت بھ لکندا ھئا.

منھن جي پوپري ڙي توکي ڪير ماريندو!

پوپري کائڻ ۾ سوادي ھوندي آھي. درياھھ جي پوپري مڇي اڇي چلڪندڙ ٿيندي آھي. ڪن پوپرين جي منڍي ڳاڙھسري ٿيندي آھي. پوپري ٻوڙ کان وڌيڪ ترڻ ۾ لذيذ ٿيندي آھي. پوپريءَ کي ”کنھڻي“ بھ چوندا آھن. پرا ھي نالا سنڌ جا ناھن. انھيءَ ۾ ڪھل يا ڪيل ذات جي جھپار ڏنل آھي.

·        شاڪر: شاڪر کي وچ سنڌ ۾ ھيٺ ڏنل نالن سان سڏيو ويندو آھي: مڪر، منڍو، چٽوڙ ۽ شاڪر. شاڪر وڏي ۾ وڏو سنڌو درياھھ ۽ ان جي واھن ۾ ١٤- ١٥ ڪلن جو ٿيندو آھي. شاڪر ڇيلري مڇيءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. ڇلر لاھي پوءِ مڇي رڌڻ لاءِ استعمال ڪبي آھي، ڇوتھ ھن جا ڇلر سخت آھن جي پيٽ ۾ ويا تھ ھضم نھ ٿيندا. ننڍا مڪر يا شاڪر ماڻھو کوھن ۾ پؤنرن کان وجھندا آھن. اھي کوھھ ۾ وڏا ٿي ويندا آھن. اسان جي استاد سائين محمد عارب جي کوھھ مان چار سير شاڪر ورتو ھئائون. شاڪر کي ھڪ وچ وارو ڪنڊو ٿيندو آھي. باقي ٻيو رڳو گوشت ٿيندو آھي. ١٩٤٢ع جي ٻوڏ ۾ پندرھن سيرن جھڙو شاڪر. جاکپاري ڍنڍ جي ڪناري تي ورتو ھئائون. شاڪر سنڌو درياھھ جي واھن ۾ ملن ٿا، شاڪر جي ٻچي کي ”ڍولڙو“ بھ چوندا آھن. عام طرح ننڍن شاڪرن کي مڪر ۽ منڍو چوندا آھن. شاڪر جي مڇي سڀر ۽ ڳردار ٿيندي آھي. عام ماڻھن ۾ اھو وھم آھي يا جائي آھي تھ شاڪر يا چٽوڙ کائڻ سان چٽيءَ جي بيماري ٿيندي آھي. شاڪر پاڻيءَ کان ٻاھر چند ڏينھن بھ جيئرو رھي سگھي ٿو.

·        پٽراس: پٽراس لاڙ جي مڇين مان آھي. ڇيلري مڇيءَ ۾ شمار ٿئي ٿي. سمنڊ مان ئي مڇي مٺي پاڻيءَ ۾ پھچندي آھي. ھيءَ مڇي کائڻ ۾ پلي جھڙي آھي.

·        پلي يا پلئي: ڇيلري مڇيءَ ۾ شمار ٿئي ٿي. ھيءَ ڊيگھھ ۾ ست انچ کن ٿيندي آھي. ھن کي پيٽ ۾ ٻوري ٿيندي آھي. حقيقت ۾ پليئڙي ننڍڙي پلي مثال آھي. ھن کي ڦوٽو بھ ٿيندو آھي. ھي مڇي لاڙ جي ڍنڍن ۾ جام آھي. مٺي پاڻيءَ جي مڇي آھي.

·        پليئڙو: ڇيلري مڇي ۽ ننڍڙي مڇي آھي. کائبي آھي. خاص ترڻ ۾ ايندي آھي.

·        ٽڪر: شاھھ بندر يعني لاڙ ڏي ھي مڇي ڏٺي وڃي ٿي. ڇيلري آھي. شڪل ۾ ڌيئي جيان آھي، پر ھن مڇيءَ کي ڪنڊو ٿئي ئي ڪونھ. گڊوءَ ۾ بھ ھي ٻج ملن ٿا.

·        دوٿر، ٽيڪڻ، گانئر: اھي سامونڊي مڇيون آھن. قريبا چوويھھ، پنجويھھ سال ٿيا آھن تھ ڪافي ننڍيون مڇيون سامونڊي مٺي ڏي اچن ٿيون. ھٿراڌو پاليل مڇين جا ٻج بھ گھڻا سامونڊي مڇين جا آھن.

ڪن مڇين جا نالا سري، وچولي ۽ لاڙ ڏي جدا جدا آھن. ٻيو تھ ساڳين مڇين جا نالا  ٻھ ٽي ٻڌايا وڃن ٿا. جي شاڪر آھي تھ گڊوءَ جو شاڪر پيٽ اچي سان پر آھي تھ اھو شاڪر. ھڪ مڇي، جک مڇي، ننڍڙيءَ مڇيءَ کي چئبو آھي. چوندا آھن تھ فلاڻو تھ اجائي جک ماري ٿو. يعني ننڍي مڇي ٿو ماري، جنھن ۾ نھ لاءُ نھ ساءُ. ننڍيون مڇيون جنھن کي دوءِ بھ چئبو آھي. دءِ ۾ ٻٽي جنسون ھونديون. دو يا دوءِ (دءِ) ڪا خاص ذات مڇيءَ جي نھ ھوندي آھي. ائين ڳاڻاٽو وڌائڻ مان خاص ڪو مطلب نھ ٿو سري.

·        چٽرو: چٽوڙ ساڳيو شاڪر آھي. شاڪر جا قسم آھن، باقي پراڻا ماڻھو چٽرو يا چٽوڙ شاڪر کي چوندا ھئا، جيڪو چٽي جي بيماريءَ کان باسيندا ھئا تھ چٽوڙ نھ کائيندس. جي چٽي لھي ويندي تھ.

·        دئي: دئي بھ دءِ يا دوءِ کي چوندا آھن. ھيءَ ڪا نئين مڇي ناھي.

·        ننڍا پلڙا: ساڳو پلي جو ٻج آھي، ڍنڍن ۾ رھيل آھي، وزن ھت مٺي پاڻيءَ ۾ پاءُ ڏيڍ لاچار ڪري ٿو ڦوٽو کيري اٿس.

·        ديو: بھ ڇيلري مڇين ۾ شمار ٿئي ٿو، ڪن ڍنڍن ۾ ڪارسرو ڪن ڍنڍن ۾ اڇو ديو ٿئي. اھو رنگ ڍنڍن جي پاڻيءَ جي اثر ڪري مٽائي ٿو. ديو ئي خاص مڇي آھي. جا وات ۾ آنا ڪري ٿي. ديو بھ مڇيون کائي ٿو، جيئن مشھور آھي، ننڍيءَ مڇيءَ کي وڏي مڇي کائي ويندي آھي. ديو ٻج فارمن ۾ ڪامياب ويو آھي.

·        مرو: يا مور ھيءُ ڇھن انچن تائين ٿيندو آھي. ڇيلري مڇي ۾ شمار ٿئي ٿو. مرو اصلي مٺيءَ جي مڇي آھي. سياري جو مرا ساڃا ٿيندا آھن. ھيءَ ننڍي مڇي کائڻ ۾ لذيذ آھي.

·        کرسڻ: ھي بھ لاڙ جي ڍنڍن ۾ مڇي ملي ٿي. درياھھ ۾ بھ کرسڻ مڇي ملي ٿي.

·        ليئي يا پوئڪي مڇي: جنھن مڇيءَ کي ڇلر نھ ھوندا آھن ان کي ليئي مڇي يا لئي مڇي ملي مڇي ۽ پوئڪي چوندا آھن.  ليئي مڇي سنڌو درياھھ مان وڏي انداز ۾ ملي ٿي. ھيٺيون ليئي يا ملي مڇيءَ جو جنسون آھن:

·        ڄرڪو: سنڌو درياھھ جي جملھ مڇين ۾ ڊيگھھ ۾ ڄرڪو وڏو آھي. ڄرڪو ننڍين مڇين کي کائيندو، خاص ڪري ملاح چوندا آھن تھ گھنڊي درياھھ جي ۾ بيھندو آھي. دءِ مڇي کائيندو آھي. ھڪ وڏي ڄرڪي جي گج ۾ ھڪ ملاح ڳالھھ ڪئي تھ لڌڙي جي منڍي ڏٺي سين اھو ڄرڪو ھڪ مڻ ٻارھن سير تور ۾ بيٺو. سنڌيءَ ۾ عام چوڻ آھي تھ کائو ڪو ڄرڪو آھي. راشيءَ ڪاموري لاءِ عام ماڻھو چوندا آھن تھ گھنڊي جو ڄرڪو آھي. معنيٰ تمام کائو آھي. ڄرڪي جا ڏند تيز ٿيندا آھن. ڄرڪي کي وچ ۾ ھڪ ڪنڊو ٿيندو آھي. باقي ٻي رڳو مڇي، ڄرڪي جي منڍي ھيٺان ڳراچ ٿيندو آھي، جنھن کي گج چوندا آھن. تڪڙ ۾ کائي اھو کاڌو گج ۾ رکندو آھي. ڄرڪي نر کي ڄرڪو ۽ ماديءَ کي ڄرڪي چوندا آھن. ڄرڪي وڏي ٿيندي آھي. ان ۾ جڏھن لڳ جي بوءِ ٿيندي آھي تھ پوءِ ٥ کان  نر ٢١ جن کي اينچڙا چئبو آھي. اھي چنبڙيل ھوندا اٿس. ڄرڪي جي مڇيءَ کي ملي مڇي چوندا آھن. اينچڙو انھيءَ ڄرڪي کي چئبو جيئن ڍڳن ۾ ٽاٽر وھڙا تيئن جيڪي لڳ تي ڄرڪيءَ سان چنبڙيا پيا ھجن تن کي اينچرو چون ٿا. ھونءَ نھ تھ ان کي ڄرڪو چئبو.

·        سينگاري: ليئي مڇي ۾ سينگاري کي ٻيو نمبر شمار ڪري سگھجي ٿو. سينگاري جي مڇي ١٠ ڏھن کان پندرھن ڪلن تائين ملي ٿي. ڪرنگھي جي ڪنڊي سواءِ ٻيو سارو حصو مڇي گوشت جھڙي بنا ڪنڊن جي آھي. سنڌو درياھھ جون سينگاريون نھايت لذيذ کائڻ ۾ ٿين ٿيون. ٻوڙ کان سينگاريءَ جي مڇي پلاءَ ۾ وڌيڪ مزو ڏيندي آھي. جڏھن مڇي چانورن ۾ گڏي ڇڏبي آھي. سينگاري جي مڇي گرميءَ ۾ جلد خراب ٿيندي آھي. ڇوتھ ھن جي مڇيءَ ۾ وھھ ٿيندي آھي. ان ڪري خراب ٿيڻ ۾ دير ڪانھ ڪندي آھي. ڪن مڇين جا نالا جي مؤنث آھن تھ انھن لاءِ نر سينگاري ۽ مادي سينگاري چئبو، جي سينگارو چئبو تھ چئي سگھجي ٿو. جيئن پوپري يا پوپرو، پر مڇيءَ جو نر ماد سڃاڻن ۾ مشڪل لڳندا آھن. ان ڪري ٻوليءَ جي لحاظ کان نر ماد لاءِ گرامر مطابق ھيٺ ڏنل لفظ ڪم آڻبا آھن.

ڪرڙو- ڪرڙي، ڄرڪو- ڄرڪي، موراکو- موراکي، گندڻ، گندڻي. عام طرح ڳالھائڻ ۾ اچن ٿا، پر ڪن مڇين لاءِ ائين بھ قاعدو ٺھي نٿو. غير محاوره لفظ ٿين ٿا. جيئن شاڪر لاءِ ماديءَ کي شاڪري ڪونھ چئبو. ان ڪري ڪن مخصوص مڇين جي نالن کان سواءِ ٻين لاءِ سينگاري. نر ۽ سينگاري مادي چوڻ درست ٿيندو.

کڳو- کڳو بھ ليئيءَ مڇيءَ ۾ شمار آھي. ھن کي رڙو بھ چوندا آھن. کڳو درياھھ جو ڪڪڙ شمار ڪندا آھن. کڳو کائڻ ۾ سٺو آھي منڍيءَ ڪپڻ کان پوءِ پڇڙي تائين ھڪ ڪنڊو اٿس. باقي ڄڻ گوشت آھي. رڙو ڪا ٻي جنس ناھي. ننڍ وڏائيءَ ڪري کڳري بھ چونس. کڳو ڳاھھ کائڻ جو شوقين آھي، ان ڪري ڪنڍيءَ ۾ اڪثر ڪري کڳو ڦاسندو آھي. ملاح ڏورن ۾ ڳاھھ وجھي (اھو ڳاھھ درن، منڍن جو ھجي يا ٺھيل اٽي جو ڳاھھ جنھن ۾ ٿوم يا ھنڱ ملائيندا آھن) ڏورا ڪيرن ۾ ڏور ٻڌي ڪلوئڙا لڙڪائي ڇڏيندا آھن. صبح تي ڪلوئڙي ڪلوئڙي ۾ رڙو ٽنگيو پيو ھوندو آھي.

کڳي کي ٻھ ڪنڊا پاسن ۾ کنڀرن وٽ ۽ ھڪ مٿان وچ تي ٿيندو اٿس. کڳو بھ وات ۾ آنا جھليندو آھي. کڳي جا ھيٺيان قسم آھن:

کڳير يا کڳتير، ٽي انچ ٿئي وزن آنو کن ٿئيس.

·        ددکڳو: انڌو کڳو، ڀرٽ کڳو، ملھير يا ملھيرڙو کڳو. اھي کڳا ٽن انچن کان انچ ڏيڍ جيترا ٿين ڪي تھ مڇيءَ جو کاڄ ٿين ٿا.

·        موراکڳو: ھي وڏو کڳو ٿئي ٿو، سنڌو درياھھ ۾ اڳ ڪونھ ھو، ليڪن ھاڻي ويھاري سال کان سنڌو درياھھ ۽ ڍنڍن ۾ ملي ٿو. مور کڳو سائي رنگ جو آھي. چون ٿا تربيلا ڊيم ۾ ٻاھران آڻي وڌو ويو ھو. ڪن جو خيال آھي تھ روس جي ڍنڍن جي مڇي آھي، پر ھاڻي مور کڳو سمنڊ تائين پھچي چڪو آھي. مور کڳي جي کل تي پٽا پٽا آھن. فوجن جي ڊريس وانگر ان ڪري فوجي کڳو بھ چوندا اٿس.

·        گندڻ: اصل ۾ گندڻ ڇيلري مڇي آھي، پر ملي مڇيءَ ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. گندڻ بھ وڏي مڇي آھي، گندڻ کي ٻٽو بھ چئبو آھي. گندڻ، گندڻي، ٻٽو، ٻٽِي. ھڪ ئي جنس جا نالا آھن. انھن کي جدا جنس نھ سمجھيو وڃي. ڇوڪر وڏو ٿيندو تھ مرد سڏبو. جنس تھ انساني آھي. گندڻ نر ماديءَ جي حساب سان ماديءَ کي گندڻي سڏي سگھجي ٿو. ننڍي گندڻيءَ کي بھ گندڻي چئبو ۽ وڏيءَ کي گندڻي چئبو. وڏي ٻٽي کي بھ ٻٽو چئبو ۽ ننڍيءَ کي بھ ٻٽو چئبو. تمام ننڍڙي کي کڻي ٻٽڙو چئبو يا ماديءَ ننڍيءَ کي ٻٽڙي چئي سگھجي ٿو. باقي گندڻ يا ٻٽو ڳالھھ ساڳي آھي. گندڻ يا ٻٽي جي منڍي قدري ڊگھي آھي. گندڻ وزندار ٿئي ٿو. درياھھ جو وڏو گندڻ مڻ کن وزن ۾ ٿئي ٿو. گندڻ جو مٿيون ٿلھو پاسو جنھن کي پٺو چئبو اٿس ان ۾ تمام گھڻا ڪنڊا آھن. ڏاڍي احتياط سان کائبو آھي، جنھن کي ملاح پيٽارو چوندا آھن، ان ۾ ٽن چئن انچن کان اٺن انچن تائين ڪنڊا ٿيندا آھن. اھي ڪڍبا تھ مڇي وھھ جيان لذيذ ٿي پوندي آھي. ڪي مڇي کائيندڙ رڌڻ کان اڳي گندڻ جو پٺو ڪٽي ڦٽي ڪندا آھن. اھو ٻوڙ ۾ وجھندا ئي ڪونھ آھن. ھر ملي مڇي ننڍين کي کائيندي آھي.

·        گوج: گوج کي گڊوءَ پاسي بام بھ چوندا آھن. گوج نانگ جيان گول ڊگھي ٿيندي آھي. وچ ۾ ڪنڊو اٿس. باقي گوشت جيان مڇي سڀر ٿئيس. درياھھ جي ليئي مڇي پنجاب گھڻي کائي ٿو. سنڌ ۾ گوج ماڻھو گھٽ کائيندا آھن. گوج بھ لھڙ جيان ڪنڊو ھڻندي آھي. گپ ۾ لڪي ويندي آھي.

·        چٽڙي: ھي بھ ليئي مڇيءَ ۾ شمار ٿئي ٿي. ننڍي چٽوري يا چٽري ٻھ ڪلا تور ٿيندي، وڏي تھ مڻ جي قريب ملي ٿي.

·        ڇلوري: ھي بھ ليئي مڇي آھي. فوٽ کن ٿيندي آھي. کائڻ ۾ اچي ٿي.

·        ڍڱڻو: ليئي مڇيءَ ۾ شمار آھي. ننڍي ڄرڪي جھڙي ٿيندي آھي، پر منڍي گول ٿلھيري ٿيندي اٿس. ڍڱڻو يا ڦمڻو ساري وھھ آھي. کائڻ ۾ مزيدار ٿئي ٿي.

·        ڇلي: اتر وارا ماڻھو ڇ کي شي چوندا آھن. ان ڪري ان کي شلي بھ چوندا آھن. ڇلي ڍڱڻي کان ننڍي ٿيندي آھي. ڇليءَ جو پڇ موراکي جھڙو ٿيندو آھي. سڻڀي مڇي آھي.

·        پٽول: ليئي مڇي آھي. ڪريل مڇي جيتري ٿئي مڇيءَ جو کاڄ آھي. کائڻ ۾ نھ ايندي آھي.

·        پتوڻي: ٽي انچ ڊگھي ننڍڙي مڇي آھي. کائڻ ۾ اچي ٿي.

·        ڪلو: ڪلي کي پٽوڻي بھ چوندا آھن. عام طرح وچولي ۾ ڪلي کي ويلڙو بھ چوندا آھن. ڪلي جو ڪنڊو زھريلو ٿئي ٿو. ڪنھن مڇيءَ کي لڳندو آھي تھ اھا موڳي ٿي پوندي آھي. جي مڇي کائي ويس تھ پوءِ ھوءَ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندي آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ چوندا آھن. ڪھڙو ويلو پيو اٿئي. پيٽ ۾؟

·        بونھڻ: ليئي مڇي آھي. ھي بھ گوج جو ھڪ قسم آھي.

·        بوھنڻي: بوھنڻي بھ گوج جو ھڪ قسم آھي. ننڍي ٿي ٿئي.

·        ٻانھياري: ليئي مڇي گوج جو قسم. بوھنڻي کان قدري وڏي ٿئي ٿي. ھن کي پٽا ٿيندا آھن. پاڻي واتڙي نانگ جيان.

·        ڏمڻ: ليئي مڇي آھي، ڄرڪي جو ھڪ قسم آھي. شڪل ۾ ڄرڪي جھڙي آھي. پر رنگ ڳاڙھسرو ٿئيس. منڍي ٿلھي ٿئيس ٿي.

·        گپ گلو: ڪلي جھڙي ننڍي مڇي ڪيترو وقت گپ ۾ لڪي ساھھ کڻي سگھي ٿي. ٻن انچن جيتري آھي. وزن منو پاءُ، ڪي ڪي ماڻھو کائيندا آھن.

·        رنجي يا رنجھي: کڳي جو ھڪ قسم ھن کي بھ کڳي وانگر ٽي ڪنڊا ٿين. ھي مڇي بھ ڪنڊو ھڻندي آھي. کائڻ ۾ اچي ٿي.

·        سونھري مڇي: ھي مڇي ليئي ۾ شمار ٿئي ٿي. درياھھ جي مڇي آھي. بر ۾ ويڪري ٿئي ٿي. پيٽ ۾ مٿي کان ڪنڊا اٿس. ٻئي تکا ڪنڊا اٿس.

·        سيرائي: سيرائي ننڍڙي مڇي آھي، جنھن کي ڪانيرو بھ سڏيندا آھن. ھيءَ مڇي کائبي ڪانھ آھي. مڇيءَ جو ڳاھھ ٿيندي آھي.

·        ڦاٻڻي يا ڦاٻڻو: ھي ليئي مڇي ۾ ڳڻجي ٿي. چون ٿا تھ گڊوءَ بئراج پاسي ٽي ساڍا ٽي پاءَ ڦامڻو ٿئي ٿو. ۽ ڊيگھھ ۾ فوٽ سوا ٿئي ٿو. ھونئن نھ تھ لاڙ توڙي سري ۾ ننڍي مڇي سڏجي ٿي. ننڍڙا گانگٽ ۽ ڪريڙ دوءِ مڇي کائيندي آھي.

·        مکڻي: ليئي مڇي آھي ٻھ انچ کن ڊيگھھ اٿس. کڳي جھڙا ڪنڊا ٿينس ٿا. ھي مڇي بھ قريبا پنجويھھ- ٽيھھ سال ٿين تھ ماٿيلي طرف ڍنڍن ۾ ٿي آھي.

·        لھڙ: ھٿ جيڏي ٿئي، ليئي مڇيءَ ۾ شمار ٿئي ٿي. ڳاڙھسري رنگ جي آھي. تور ڏيڍ پاءُ کن ٿئيس. ننڍي لھڙ سينگاري ۽ ڄرڪو ڳولي کائيندا آھن. ننڍڙي مڇي پاڻ بھ کائيندي آھي. ڪنڊو اٿس جيڪو ملاحن يا مڇي ماريندڙن جي پير ۾ لڳندو آھي تھ گھڻو سور ڏيندو آھي. لھڙ گڊو طرف سرائڪي زبان ۾ ھلوھڙ، الوھڙ- الھوڙ جي نالن سان بھ سڏبي آھي. مڇيون، مٽي ۽ پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ گاھھ کائيندي آھي.

خاص ڪري ڪل، پن، ڏير، منڇر گاھھ، مائو، پھو، يا پھي سنياري، ھن کي نسئوري، سينھوڙي، پٽر، ڀرڻو، جنھن کي ڀرڙ بھ چوندا آھن. سوندر، بڊوکو يا بڊروکو، ڀلوٽڙي، ٽوپ، کارانڍو، ڪمالپٽ، لوھانڊرو، لئي، ڪوڻي، ڪوڻيءَ جا ڪم، ناڙو، ماڃر، ڪنڊر لوڻي، کاراھو، ڏانٽي، گھانڊڻ، لري پن جي، بوبڪ، سٻينواري، کرسو، کجي گاھھ، ڪنڊيلو، ڌانورو، ڪالورو، سروڻو ڍنڍن ۾ لڙي پاڻي سبب جيڪو سائو سينور ٿئي ٿو. ڍنڍن جي ڪنارن جي ويجھو ٿيندو آھي، ان کي بھ مڇي چٽيندي آھي. مڇي خاص ڪري ڪرڙو، ٿسري، موراکو پن کي شوق سان کائيندا آھن. مڇي چيڪي مٽي بھ کائيندي آھي. پلو خاص ڪري ڪرڪ واري بھ کائيندو آھي. ڄرڪو ۽ پوئڪي مڇي درياھھ ۾ لاش يا ڊونڍ بھ پٽيندي آھي. ڪلي يا ويلڙي جي ڪري جيڪا مڇي مري ويندي آھي، ڄرڪو گندڻ ان کي بھ کائيندو آھي. اڳ لکي آيو آھيان تھ وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي وينديون آھن. ربُ جنھن کي بچائيندو آھي، اھا دءِ بھ وڌي وڏي مڇي ٿيندي آھي، ڇوتھ دنيا جو ڪارخانو ننڍن مان وڏا ٿيندا آھن. جوان ڪراڙا ٿيندا آھن. مڇيون رڇن ۾ ڦاسي مرڻ کان سواءِ طبعي طور بھ مري وينديون آھن.

 

سمنڊ جون مڇيون

جيترو سمنڊ اجھاڳ آھي، ان ۾ مڇيون بھ ڪيتريون ئي آھن. سوين قسم جون مڇيون سمنڊ ۾ پلجن ٿيون. اسان جي سنڌ جي ڀر ۾ سمنڊ آھي، جيڪو عربي سمنڊ جي نالي سان سڏجي ٿو. سنڌ جا ملاح عربي سمنڊ ۾ صدين کان مڇيون ماريندا اچن. ڪڏھن وير مھاڻا ويرن جي ور چڙھيو وڃن ۽ مانگر مڇ کين ڳھيو ڇڏين. ڪڏھن مانگرن کي ماري پنھنجون معاشي حالتون سڌاريو وجھن. پنھنجي ھمت ۽ ھوشياريءَ سان سڀئي مياڻيون موکي ڇڏين. جھارن سان جنگ جوٽي مقصد جا موتي حاصل ڪندا آھن. اڳئين دؤر ۾ سونمياڻي٤ ۾ مور مھاڻا رھندا ھئا، جي ڪلاچي جي ڪن جا مانگر ماري کٽائيندا ھئا. انھن مورڙن جا داستان اڄ بھ پيا دھرائجن. مان ھت سامونڊي ڪن مڇين جا نالا پيش ڪيان ٿو:

·        سھڻي: ھيءَ سامونڊي مڇي ننڍي ۾ ننڍي بھ چار فوٽ ٿئي، کائڻ ۾ اچي ٿي. وڏي سھڻي مڇي ٢٠- ٢٥ فوٽ تائين بھ ٿيندي آھي.

·        پوپري: سامونڊي بھ درياھي پوپري جيان سفيد چلڪڻي مڇي آھي. ڊيگھھ ٽي چار فوٽ اٿس. ست اٺ ڪلا وزن ۾ ٿيو وڃي. پوپري ان کان وڌندي آھي.

·        پٿون: پاپليٽ جھڙي آھي. پٿون جو رنگ ڪارو ٿيندو آھي. قدبت پا پليٽ جھڙو ۽ جيڏو اٿس.

·        پاپليٽ: ھي سامونڊي لذيذ مڇي آھي.

·        گھور: ھي مڇي گھٽ ۾ گھٽ ١٠ فوٽ ٿئي وڌي قريبا ٢٥ فوٽن جي اندر ٿيندي آھي. ھن مڇيءَ ۾ وھھ زياده ٿئي ٿي.

·        متون: ھي سامونڊي مڇي ننڍي چار پنج انچ ٿئي کائڻ ۾ سٺي ٿئي ٿي.

·        ڊانگري: ھي مڇي سامونڊي ڪناري جي نائن ۾ ٿيندي آھي. کائڻ ۾ لذيذ آھي. ڊانگري رڇ سان ماربي آھي.

·        چند يا چندو: ھي سامونڊي سھڻي مڇي آھي. ھن کي ڪنڊي ۾ مڻيو ٿئي. ھي مڇيءَ جو ھڪ خاص قسم آھي.

·        دواڻ: ھي واحد مڇي سمنڊ جي آھي، جنھن کي چيرڻ وڍڻ کان سواءِ رت نڪرندو آھي. ھي مڇي ٻھ فوٽ ٿئي ٿي، ويڪري ۽ ٿلھي ٿئي ٿي.

·        پڇڙ مڇي: ٤- ٥ انچ ٿئي ٿي. سڻڀي مڇي آھي. کائڻ لاءِ بھتر مڇي آھي.

·        سئو: ھيءَ سامونڊي مڇي ڊيگھھ ۾ ٤- ٥ فوٽ ٿئي. وزن ۾ ٽيھھ ڪلو ٿئي ٿي.

·        آل: ھي سامونڊي مڇي ٽي فوٽ ڊيگھھ ۾ ھوندي آھي. ھن مڇيءَ کي سڪائي کائڻ ۾ مزو آھي.

·        منگرو: ھي سامونڊي مڇي ٽي فوٽ ڊگھي آھي.

·        منگر: ھي سامونڊي مڇي انڌي ۽ ٻوڙي ٿئي ٿي. ھي مڇي ماڻھوءَ سان وڙھندي آھي. ٦٠- ٧٠ فوٽ بھ قد ٿئيس.

·        ترار مڇي: ھي مڇي ترار جھڙي سنھي آھي. ٻھ فوٽ ڊيگھھ اٿس.

·        چڪوري: ڏيڍ ٻھ فوٽ ڊگھي آھي. ھي مڇي چڪور جيان چنڊ سان پيار ڪندي آھي، چانڊوڪين راتن ۾ چنڊ ڏي مٿي ٽپا ڏيندي آھي.

·        سينگارو: قد ٽي فوٽ. وزن ٤ ڪلن کان ٨ ڪلن تائين درياھي سينگاري مڇيءَ سان نسبت رھيس ٿي.

·        گپ گلو: سمنڊ ۾ بھ گپگلا ٿين ٿا، انھن جو عادتون بھ درياھھ جي گپگلن جھڙيون ٿين.

·        دوٿار: ھن سامونڊيءَ مڇيءَ جو قد ٻھ اڍائي فوٽ ٿئي ٿو، کائڻ ۾ بھ لذيذ آھي.

·        ڪيھري: ھي سامونڊي مڇي ٤٠- ٥٠ فوٽ بھ ٿئي.

·        ھيرو: ھي سامونڊي مڇي دوٿار جھڙي آھي. پٺيءَ تي ٽڪا اٿس کائڻ ۾ مزيدار آھي.

·        ويسر: ھي سامونڊي وڏي مڇي آھي. ١٠٠ فوٽ کان بھ مٿي ٿيندي آھي. ھيءَ مڇي ماڻھوءَ سان وڙھندي آھي.

·        ڪاري رنگ تي آھي. ويسر منگرن يا مانگرن ۾ شمار ٿئي ٿي.

·        مور مڇي: ھيءَ سامونڊي مڇي ميگرو جھڙي ٿئي ٿي. قد يا ڊيگھھ ٽي فوٽ ٿئيس. ڪارو رنگ اٿس.

·        کيکڙو: ھيءَ گول مڇي ٿئي ٻھ چمٽا اٿس. نائن يا کارين ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آھي. چمٽا ھن کي ھلڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

·        سنگرو: ھيءَ سمنڊ جي مڇي چار فوٽ کن ٿئي ٿي، ھن مڇيءَ کي ڊگھي چھنب ٿيندي آھي.

·        پٽڻ: ھيءَ سامونڊي مڇي لغڙ جيان ٿئي ٿي. ٻھ فوٽ کن ويڪري ۽ ٽي فوٽ ڊگھي ٿئي ٿي. کاڌي وڃي ٿي.

·        مشڪو: ھيءَ سامونڊي مڇي اڍائي فوٽ کن ٿئي ٿي. کائڻ ۾ چسڪو اٿس.

·        جھينگو: جھينگو گانگٽ جو قسم آھي. لانچن جي ناکئي خان ملاح ٻڌايو تھ جھينگو سامونڊي مڇي آنا نھ ڪندي آھي، پر ٻچا ڪندي آھي. ھن منگرن جي نالي بھ ٻڌايو تھ مالار، ھم، ويسر، ٽاپي کير ڏيندڙ منگر آھن. انھن کي ٿڻ آھن، ٻھلڻ کي بھ ٿڻ آھن، ٻچن کي کير پياريندي آھي. مٺي پاڻيءَ جي مڇين ۾ شمار ڪري آيو آھيان، حرام مڇي آھي يا حرام پاڻيءَ جو جانور آھي. ٻھلڻ منگرن ۾ شمار ڪري نھ ٿي سگھجي. ٻھلڻ ڪھل قوم جا ماڻھو کائيندا آھن. وڙھندي ڪانھ آھي.

·        انڌي منگر: ھي وڏي منگر آھي. ڊيگھھ ڏيڍ سئو فوٽ ٿئيس ٿي. وڌ ۾ وڌ وزن ڇھھ سو مڻن تائين ٿئيس ٿو. انڌي منگر کي گڏھھ جھڙاڪن ڊگھا ٿين ٿا، اڪثر ڪري سمنڊ ۾ اندر رھندي آھي. مدت کان پوءِ نڪرندي آھي تھ ڏسي ڪانھ سگھندي آھي. نڪرندي شڪار جي ڳولا ۾ آھي. نظر نھ پوڻ ڪري وڃي نارن يا کاڏين ۾ پوندي آھي. منگر ۾ وھھ تمام وڏي ٿئي ٿي. وڏين منگرن ۾ ٽي سؤ کان ھزار دٻا وھھ يا چرٻيءَ جا نڪرندا آھن.

خان ملاح چيو تھ سمنڊ ۾ ھزارين مڇيون آھن. جن جا نمونا نيارا آھن. خان ملاح چيو تھ رڇ ۾ بھ سمنڊ جون مڇيون لڳن ٿيون، ڪن جا نانءُ بھ ڪونھ ٿا اچن. حيدريءَ جا ملاح ڄاڻو آھن. کائڻ نھ کائڻ واري مڇي سڃاڻيو وڃن. مان ھت ڪن مڇين جا رڳو نالا ڏيان ٿو. سندن وضاحت ڪري نٿو سگھان، ڇوتھ سمنڊ اجھاڳ آھي، زمين کان پنجوڻو آھي، ان لاءِ تحقيقات جي ضرورت آھي.

اڇي کلو، ال، ارچڪ، انگور، يام يا بام، بارڪلي، بونڦار، بورو، بنبور، بدڪي، ٻاچو، پٿون، پڏڻ، پلڻ، پلو، پري، پڇاري، پتل، پاڳاس، پالير، پونبلو، ٽٽر، ٽورو، جھرڪي، جليبي، جري، جاکو، حجام، خچر، چيري، ڇوڏي، ڇيل، دواڻ، دوٿر، دونر، ڌڌ، ڊيگري، ڍانگري، ڏنديو، ڏاھي، ڏانٺي، ڏاندرڪو، رنجي، رنڱڻ، ڏانٺي، سرمائي، سارم، سائي، سنگھھ، سول، سٿري، سوئو، سيري، سيم، شير، عربي، ڦاڙ، ڦاڻ، ڦرا، ڦڙون، ڦڻو، ڦنگو، ڪارو ڏنديو، اڇو ڏنديو، ڪولي، ڪولو، ڦوڪيو، ڪانڊيري، ڪتئين، ڪچڪ، ڪرگاڻ، ڪرنا، ڪرھو، ڪڪاڻ، ڪونبلو، ڪلي ڪنگ، ڪنگو، کارڪ، ڪيري، گاسو، کوپرو، کوکر، کيٽر، کارائي گانگٽ، گيدڻ، گسر، گرگلا، گلام، گگڙو، گوک، گولي، گور، گھمڻ، گھوڙو، گيم، ھڪو، ميو، لچڻ، لوجري مانگيڻو، ماھي، مڱيو، ملان مھور، مينگ، ويسار، چتون، چام، چاڪو، چسي، گپري، لوئر، پاپليٽ، گوادري پلو مٿي لکي آيو آھيان تھ سمنڊ جي مڇي اڻکٽ آھي، دنيا جا سمنڊ سڀئي ڳنڍ يا پيا آھن. مڇيون بھ ھيڏانھن جو ھوڏي اچن وڃن ٿيون، چند سال ٿيندا تھ شارجيا ۾ شڪارين ھڪ مڇيءَ ماديءَ کي ماريو ھو، جت نر مادي ڪناري تي لڳ ڪري رھيا ھئا تھ شڪارين گولي ڇوڙي مادي مري پئي، ان جو فوٽو اخبارن ۾ آيو ھو. ھٿ پير گوڏا بھ ھيس فقط منھن مڇيءَ جان ھوس. مالار کان بھ مختلف ھئي. ٻانھون بھ ٺوٺن سان ھيس. سنڌي ٻھلڻ کان بھ مختلف ھئي. سو مڇين جو جھان وڏو آھي. ان تي تحقيقات جي ضرورت آھي. درياھي مڇي ۽ سامونڊي مڇيءَ جو ذڪر ڪرڻ موزون ھو، جيڪي نالا مليا آھن، سي سواءِ تعريف جي پيش ڪيا اٿم. مشاھدي جي سائنٽيفڪٽ اصول سان ضرورت آھي. ايڪويھينءَ صديءَ ۾ ان تي لکيو ويندو.

  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org