سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :12

درياھھ جا ڪنارا، ڪچو، فصل

 

سنڌو درياھھ جا ٻئي ڪنارا اٿلي ڪچي کي سرسبز ڪن ٿا. درياھھ جڏھن ھاڙھھ جا ويس ڍڪيندو ھو، تڏھن مستيءَ جي عالم ۾ اٿي پوندو ھو، ڇرون ڇوھھ منجھان ڇلنديون، ڇيريون ڇمڪائينديون، ٻوڏ جا اعلان ڪنديون ڪچي ۾ ڪاھي پونديون ھيون. جيڪڏھن درياھھ جي چاڙھھ سان برساتيون برسي پونديون ھيون تھ پوءِ درياھھ جا ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويندا ھئا. ماڻھو ڏکڻا سکڻا ٽپڙ مڏن تي مٿي رکندا ھئا. مڏ، مضبوط ٿوڻيون کوڙي، مٿان ڏڪ ۽ ڪانھن وجھي ٺاھيندا ھئا. گھڻو وقت پاڻي بيھي ويندو ھو تھ پاڻيءَ کان ٿورو مٿي مڏ ٺاھي، ان تي ڍڳيون ۽ مينھون ڏھندا بھ ھئا، انھن مڏن کي مٿان مٽيءَ سان لنبندا ھئا، جيئن مينھن جا پير نھ لھي سگھن. ڇر جيئن ڇينو کائيندي ھئي، پاڻي جلدي اوتجي درياھھ ۾ ھليو ويندو ھو. پاڻي اوڪاڻجي ويندو ھو تھ چڻن، مٽرن ۽ سرنھن جي ڇٽ شروع ٿي ويندي ھئي. ربيع، چيٽ جي فصل پوکجڻ جي وٺ وٺان شروع ٿي ويندي ھئي. ڇٽ کيڙ ختم ئي نھ ٿي تھ ڪڻڪ جون ناڙيون شروع ٿينديون ھيون. ڪچي جون ناڙيون بھ شاديءَ جي ڪاڄ جھڙيون ھونديون ھيون، ويھھ پنجويھھ جوڙا، ھڪ ھڪ ناڙي، ڪچي جي نرم زمين، ڏاند ناڙيءَ ۾ گھوڙي جا من پيا ايندا. ناڙيءَ ۾ ڪاٺ جا گھوٻا ڊکڻ ڳپل ٺاھي ڇڏيندو ھو، پوءِ بھ ڪاٺ جا گھوٻا پيا ٺاھيندو ھو.

ڪچي ۾ درياھھ جي پاڻيءَ جي ڀڄايل زمين جي ”بوسي“ ڪڻڪ تمام ڀلي ٿيندي آھي. ڪچي ۾ ”چيٽاس“ ڦٽندو آھي تھ ڪچو ڪشمير ٿي پوندو آھي. اڪثر ڪري ڪچي ۾ مالوندن مارن جا ڀاڻ ھوندا آھن. ڪچي جا ماڻھو ٻوڏ سبب نھايت ڏاڍا ڏکيا ٿيندا آھن، پر مال جي محبت ڪري ڪنھن بھ مصيبت وقت ڪچو ڇڏي نھ سگھندا آھن. ھو چون تھ ”ادا مڙيوئي کاھرن ڪري رھيا پيا آھيون ۽ رزق رھائي وڌو اٿئون.

اي وطن! ڪومل ڪچو ڪشمير آ،

جرئتن ۽ جوش جي جاگير آ،

چنگ چاھت جا جتي ٻھڪيو ٻرن،

اي وطن، جنت نشان، پيارا وطن!

ڪچو درياھھ سان ڪٺو آھي، درياھھ ڪچي جي ڪڇ ۾ ڪچي ۾ ٻئي فصل ٿين، پر ڪتيءَ کان چيٽ جھجھو ٿئي، ٻوڏ جي اٿل جو خطرو جنھن پاسي گھٽ محسوس ٿئي تھ اتي ڪتيءَ جو فصل نارن تي ٿئي، نار آباديءَ جو پراڻو طريقو آھي. ڪچي جون جئارون ڳاڙھيون، اڇڙيون، ڪوڏڙو لٻاٽڙو، ڪارتھو ۽ کلڻ ڏٺي پئي بک لھي. کلڻ ۽ لپاٽڙي جا ڦلا ٿيندا آھن، جوئر چون تھ نماڻي پوک آھي. ٻھ پني، ٽھ پني ٿي پوءِ گري چڙھندي آھي. جڏھن تار ٿئي تھ پوءِ نسرندي آھي. لاب لاھي پوءِ ڪاني مان سنگ لڻي کري ۾ رکبي آھي، پوءِ ڏاندن تي ڳاھي وائربي آھي. جوئر جا آنڀون بھ کائبا آھن، جيڪي ڏاڍا لذيذ ٿيندا آھن. مکڻ سان مکيل جوئر جي ماني لسيءَ سان ڏاڍي وڻندي آھي. بي جوکي آھي، ذيابيطس جا مريض بھ کائن تھ ھرج نھ ٿيندن. ساڳ بھ ٺھي جوئر سان.

ڪچي ۾ ڪتيءَ جي فصل (خريف ۾) جوئر کان سواءِ ٻيا ھيٺيان فصل ٿين ٿا: ٻاجھري، تر، منڱ، رانھا، گوار، سڻي ڪپه، سايون ڀاڄيون ۽ مڪائي. ڪتيءَ جي فصل ۾ ڪن ڪن جاين تي سنڌو درياھھ تي اڳي نار چڙھندا ھئا. واھن تي بھ ”ڪتيءَ جا نار“ چڙھندا آھن. ڪچي ۾ چيٽ (ربيع) تي بھ نار چڙھندا آھن. انھن نارن کي ”ڍاڪار“ بھ چوندا آھن. ڪچي ۾ چيٽ وارا فصل ھي آھن: ڪڻڪ، سرنھن، ڄانڀو، مٽر، چڻا، توريو، ڪڻڪ جا ڪيترائي قسم آھن. سنڌي ڪڻڪ، ميڪسي پاڪ ڪڻڪ، ڪھڻو، تڏڙي، ٺوڙھي وغيره.

اھڙيءَ طرح ڪچي جي سرنھن بھ چند نمونن جي ٿيندي آھي، مثال طور ٽانگر سرنھن، گاج سرنھن، ڪنڙو سرنھن، ڪاري سرنھن، ڳاڙھي سرنھن، توريو، ڄانڀو، اھي سڀ تيلي ٻجن ۾ اچي وڃن ٿا. ٻواڙي ۽ سورج مکي بھ تيلي ٻجن ۾ شمار ڪري سگھجن ٿا. مٽرن ۽ چڻڻ جا فصل بھ ڪچي جا مکيھ فصل آھن. مٽرن جون ڦريون ڪچي جي ٻيٽن تي ٿيندڙ مٺيون ۽ وڏيون ٿينديون آھن. مٽرن جي ڪڪلن جي دال وڌيڪ ذائقي واري ٿيندي آھي. چڻن جا ڦوٽا بھ ھڪ سٺي ۽ وڻندڙ ڊش آھي، چڻن جي ساون ڪڪلن جي دال بھ ٿيندي آھي.

ڪڻڪ جي ڳاھيل ڳاھھ کي ”بُھھ“ چئبو آھي. مٽرن، چڻڻ جي ڳاھيل گاھھ کي ”ڪٽ“ چئبو آھي. چڻن جي ڪٽ، اٺ شوق سان کائيندا آھن. مٽرن ۽ چڻڻ جي ڪٽ ٻيو مال بھ کائيندو آھي، جوئر جي گاھھ کي ڪانا يا ڪڙٻ چئبو آھي.

ڪچي جا ڀاڻ:

ڪچي ۾ جدا جدا گھر ھوندا آھن، جيڪي اڪثر مالوندن ماڻھن جا ھوندا آھن. ڪچي ۾ ڳائي مال کان ماھيو مال جام ھوندو آھي، ڪچي ۾ ماڻھن جو گذارو ٿڻن تي ھوندو آھي. ڀاڳيا ماڻھو پوک بھ گاھھ جي سانگي ڪند اآھن تھ جيئن مال تڳائي سگھن. ميھار ماڻھن کي تھ درياھھ جي ڪناري يا درياھھ جي ڀر ۾ ڀاڻ ٺاھڻو لازمي ھوندو ھو. جڏھن سکر بئراج جا واھھ نھ ھئا تھ ماھئي مال وارا ڀاڳيا درياھھ جي ڪنڌي وسائيندا ھئا. اتي مينھن جو چارو بھ ھوندو ھو تھ پاڻيءَ جو سنھج پڻ. ڪچي جي ماڻھن جي گھرن کي ”ڀاڻ“ ان ڪري چوندا آھن، جو اھي مالوند ماڻھو مال جي سانگي ڪڏھن ھن ڪيٽيءَ ۾ تھ ڪڏھن ھن ڪيٽيءَ ۾، ڪڏھن ھن پار تھ ڪڏھن درياھھ جي ھن پار، جتي مال جو سھولت اتي ”ڀاڻ“ ٺاھيندا آھن. ڀاڳين کي گھر کان اڳي مال جو اوسيئڙو ھوندو آھي. ان ڪري چئبو آھي تھ، ”فلاڻي جي ڀاڻن“ يا فلاڻي جي ڀاڻن تي ويا ھئاسين. ڀاڻ. ڳائي مال جي وٿاڻ کي بھ چئبو آھي تھ ماھي مال جي وٿاڻ کي بھ چئبو آھي.

ڪچي ۾ ٻاڪرو ۽ ريڍو مال بھ پلبو آھي. اتي ٻڪريون بھ ماڻھو جام ڌاريندا آھن. ۽ رڍون ڪچي جي علائقي جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو آھن. ٻڪريءَ جي وارن کي ”ڏاس“ چئبو آھي. رڍ جي بُجن کي ”ان“ يا ”پشم“ چئبو آھي. ”ان“ مان اوني ڪپڙو ٺھندو آھي. ڪچي ۾ اٺن جا ”گلا“ بھ پلبا آھن. ماڻھو اٺِن يا ڏاچين جا ”وڳ“ ڌاريندا آھن. ڪچي جو اناج تيلي ٻج ڪپھھ يا ڦٽيون اٺن تي کڄي بندرن تي وينديون ھيون، جتان ٻيڙيون کڻي ٻاھرين ملڪن ۾ وينديون ھيون، ھاڻي بھ گھڻي ڀاڱي اٺن تي اناج کڄي اڏن تي پھچي ٿو. قدري ٽريڪٽرن تي مال ڍڪي ٿو نھ تھ ڪچي ۾ اڄ سوڌو اٺن تي مال کڄندو آھي. اٺ جي وارن کي ملين چئبو آھي. مينھن چاريندڙ توڙي ڳائي مال چاريندڙ کي عام طور ڌنار چئبو آھي. ھونئن مينھن چاريندڙ کي ”ميھار“ ۽ ڳئن چاريندڙ کي ڳنوار بھ چئبو آھي. ٻڪرين چارڻ واري کي ”ٻڪرار“ ۽ رڍن چاريندڙ کي ”ريڍار“ چئبو آھي. اٺ ڌاريندڙ کي ”جت“ چئبو آھي، ۽ اوٺار“ بھ چوندا آھن.

ڪچي جو مال

ماھيو مال

ماھيي مال جو سنڱن ۽ رنگن مطابق نالا:

ڪچي ۾ ماھيو مال جام پلبو آھي. ڀاڳين وٽ سڃاڻپ لاءِ نالا آھن. مينھن جي ننڍي مادي ڦر کي ”وڇ“، نر کي ”ڪونھو يا پاڏو“ چوندا آھن. پاڏو وڏو ٿئي ٿو ”ڪونھاٽ“ چونس ۽ ڏندين مڙي وڃي تھ ”پو سانھن پاڏو“ چونس. وڇ وڏي ٿيندي تھ ان کي ”وڇير“ يا ”ٽھاڻ“ چون. مينھن جي عمر ڏندن جي حساب سان ھيئن ٻڌبي آھي: کيري، ٻڙاندي، جوڳي ۽ مڙيل، پيٽن جي حساب تي بھ مينھن جي عمر ٻڌندا آھن، جيئن: پھرئين پيٽ ويايل مينھن کي ”پھريات“، ٻئي ٽئي ڇوٿين وغيره پيٽ ڏنل مينھن کي ”ٻيھر“، ”ٽيھر“، ”چوٿر“، ”پنج پيٽي“، ”ڇھھ پيٽي“ ”ست پيٽي“ وغيرھ چوندا آھن.

سڱن مطابق مينھن جا نالا: ڪنڍي، چوڙ ڪنڍي وائکي ڪنڍي، گھانگھري، گوشي، سامھين گوشي، سامھين ڪنڍي، ڀِل، ڏاڦي، گھنج، ھالي، ڏٻِي، ٻِل، ڦاڏي يا ڦاڏ، پنج ٿڻي.

رنگن مطابق مينھن جا نالا: ڪاري ارني، ڪڙم، چال ڳاڙھي، ڀولي، ڀور، بدل، ڀوري وغيره.

·        ڪنڍي: گول وريل سنڱن واريءَ مينھن کي ”ڪنڍي“ چوندا آھن.

·        چوڙ ڪنڍي: ھن مينھن جا سڱ تمام سوڙھا ۽ وريل ھوندا آھن. ڀاڳيا چوندا آھن تھ ھن مينھن جي سنڱ جي ور مان ڦوڪ بھ نٿي وڃي، ان ڪري ان کي چوڙ ڪنڍي چئبو.

·        وائکي ڪنڍي: ھيءَ مينھن بھ ڪنڍي ھوندي آھي، پر سنڱ ٿورا وائکا ھوندا اٿس.

·        سامھين ڪنڍي: ھن قسم جي مينھن جا سڱ اڳيان ڪنڍا ٿي ايندا آھن.

·        گوشي: جنھن مينھن جا سنڱ ٿورا چوٽيءَ ۾ وريل ھوندا آھن ان کي گوشي چئبو آھي.

·        سامھين گوشي: ان مينھن جا سنڱ مينھن جي منھن مٿان وريل ھوندا آھن، يعني سنڱ تھ مٿي ھوندا اٿس، پر ان جي سنڱن جو مور اڳتي ھوندو آھي.

·        ڀِل: ڀل مينھن جا سنڱ مينھن جي ڏياڙن وٽ ٿورو پوئتي ورندا آھن.

·        گھنج: ھن مينھن جا سنڱ ٻئي وڏا ھيٺ لھي ايندا آھن. ڪن مينھن جا ٻئي سنڱ ڏياڙيءَ کان پوءِ ھڪ ٻئي جي مٿان چڙھي بيھندا آھن، ان کي گھنج چئبو آھي.

·        ڏاڦي: ھن مينھن جا سنڱ پوئتي ڪنن ڏي ھليا ويندا آھن.

·        ھالي: جنھن مينھن جو ھڪ سنڱ ھيٺ ۽ ھڪ سڱ مٿي ھوندو آھي، ڀاڳيا ان کي ”ھالي“ چوندا آھن.

·        ڏٻي: گھنج مينھن کي ڏٻي بھ چوندا آھن. ھن جا سنڱ سڌا ھليا ويندا آھن ۽ ھڪٻئي تي نھ چڙھندا آھن.

·        ٻِل: ٻِل يا ٻِلھھ، ٻن ٿڻن واري مينھن کي چئبو آھي، جيڪا ڄائي ڄم کان ٻن ٿڻن سان ڄمندي آھي. ھونئن تھ مينھن کي اڪثر چار ٿڻ ٿين، پر اتفاق سان ٻِلھھ ٿي تھ کير گھڻو ڏيندي آھي.

·        ڦاڏي يا ڦاڏ: ڪن مينھن جا سنڱ آڏا ٽيڙا ھوندا آھن، ان کي ڦاڏي يا ڦاڏ چوندا آھن.

·        پنج ٿڻي: مينھن ۾ ڪن مينھن کي پنج بلڪ ڇھھ ٿڻ بھ ٿيندا آھن، انھن کي پنج ٿڻي يا ڇھھ ٿڻي بھ چئبو آھي.

·        ڪاري: ڪاري رنگ جي مينھن کي ”ڪاري مينھن“ چئبو آھي.

·        ارني ڪاري: جنھن مينھن کي ھڪ وار بھ اڇو نھ ھجي، پڇ جو سنڊو بھ ڪارو ھجيس تھ ان کي ”ارني“ سڏبو.

·        ڪڙم: ڪاري مينھن کي صرف مٿي تي اڇو وارن جو ڳڙو ھجي تھ ان کي ”ڪڙم“ چئبو آھي.

·        چال: ڪاري رنگ واري مينھن کي منھن تي ٻولاھو ٽڪو چار پير اڇا ۽ پڇ جو سنڊو اڇو ھوندو تھ ان کي چال چئبو آھي.

·        ڳاڙھي: ڳاڙھي مينھن، ڳاڙھي رنگ واريءَ کي چئبوآھي.

·        بور: ڳاڙھي مينھن، جنھن جي پيرن تي مٿي اڇا وار، منھن تي ٽڪو ۽ پڇ جو سنڊو اڇو ھوندو آھي، ان کي بور چوندا آھن.

·        ڀوري: ڀوري رنگ واري مينھن، جنھن جون اکيون ڳاڙھين مينھن جھڙيون ھونديون آھن، ان کي ڀوري مينھن سڏبو آھي.

·        ڀولي مينھن: ڀوري رنگ جي مينھن، جنھن جو اکيون چچِيون ھونديون آھن، تنھن کي ڀولي سڏيندا آھن. ڀوليون مينھون چوندا آھن تھ کير ۾ ڀليون ٿينديون آھن ۽ اڪثر ڀولين مينھن جو کير مٺو ٿيندو آھي.

 

ڪچي جو ڳائو مال:

ڳائي مال ۾ ”ڳئون“، ڍڳيءَ کي سڏيندا آھن. ھنديء ۾ ”گانءِ“ چونس.“ ڳئون جي نر ڦر کي ”گابو“ ۽ مادي ڦر کي ”گابي“ چوندا آھن. گابو وڏو ٿيندو آھي تھ ان کي عمر مطابق ”وڇير“، ”وھڙو“ ”وانر“، ”ڏاند“ چوندا آھن. گابي وڏي ٿيندي تھ ”وھڙي“ سڏيندس. پوءِ “لاڳ وھڙي“ لڳل کي ”ڍڪي وھڙي“ بھ چوندا آھن. ڳئن کي بھ پھريات، ٻيھر، ٽيھر، چوٿر، پنج پيٽي، ڇھھ پيٽي وغيره چوندا آھن. ڏندن وارو حساب بھ ساڳيو مينھن جيان ڪندا آھن: کيري، ٻڻاندي، چوڳي، ڇھين ڏيندي، مڙيل ڏاند، جي مڙڻ کان پوءِ ھاري ان جي عمر ڪتين جي حساب مٿان شمار ڪند اآھن، جيئن ھڪ ڪتي گذري اٿس، ٻھ ڪتيو، ٽھ ڪتيو، چؤ ڪتيو وغيره.

ڳائو مال ڪچي ۾ گور چرندو وتندو آھي، اوپرو ماڻھو ڏسن تھ ٽاھھ کائي ڀڄي وڃن، ھڪ ڍور ڪچي ۾ چرندڙ ڳائي مال مان ڪڍڻ مشڪل ھوندو آھي.

رنگ جي لحاظ کان ڍڳين يا ڍڳن کي ھنن نالن سان سڏبو آھي: پھرين ڏاندن جي رنگ جي لحاظ کان نالا پيش ڪجن ٿا: مليرو، ڳاڙھو، سائو، تيلو، بگو، ڪارو، جھرو، بَدل، ڪڪڙو، ڪمرو، ڪنڌ ڪارو، چؤنرو، ٻولاھو. ڳئن جا بھ ساڳيا رنگ مطابق نالا آھن. ملير، ڳاڙھي، سائي، تيلي، بَگي، ڪاري، جھري، ڪڪڙي، ڪمري، بَدل، چؤنري، ٽِڪڙيل، ٻولاھي. سنڱن مطابق بھ ڳائي مال تي نالا رکيل آھن، جھڙوڪ: ڏاندن لاءِ: ڏٻو، ڪنڍو، نھرو، تاسرو، ميڍائون.

مٺائون معنيٰ مٺِ جيڏن سنڱن وارو. ڳئن جا بھ رنگ تي ساڳيا نالا ٿين: ڏٻِي، ڪنڍي، نھري، ڪڪڙي، تاسري مٺائين.

 

ٻاڪرو مال:

ٻڪريءَ جي نر ڦر کي ”ڇيلو“ ۽ ”ليلو“ بھ چون. مادي ڦر کي ”ڇيلي ۽ ”ليلي“ چون. ڇيلو وڏو ٿئي تھ ان کي ”ٻڪر“ چون، ”ڇيليءَ کي ”ائٺ“ چوندا آھن. ٻڪري ھڪ کان پنجن ڦرن تائين ڦر ھڪ پيٽ تي ڏيندي آھي.

ٻڪرين جا رنگ ۽ ڪنن موجب نالا آھن: جھڙوڪ، ڪري، ٽپري، لھري، بَري، ڪاموري، بوبڪائي، ٽاڪرو، ڪيٽي بري.

ٻڪريءَ جي وٿاڻ کي ”واڙي“ چئبو آھي يعني ٻڪرين جي واڙ يا واڙي، ٻاڪرو مال وڌندڙ مال آھي. ڪچي ۾ سڀ قسم جو گاھھ ٻڪري کائيندي آھي. جھڙوڪ: ڪانڊيرا، اڪ، ٻٻر جي ٽاري، نم جي ٽاري، سنھانجڙو، جوئر، ساريون ٻاجھري، ڪڻڪ، چڻا، مٽر، جھنگ جو سڀ قسم جو گاھھ. چوندا آھن تھ ٻڪري چوندي آھي تھ ”اٺ چري ٻٽيھھ“ آءٌ چران ڇٽيھھ“.

 

ريڍو مال:

سنڌ ڌرتيءَ تي ريڍو مال جام ٿو ٿئي. ڪچي ۾ سرءُ جي مند ۾ اسوءَ مھيني ۾ ريڍو مال پري پري کان ڪچي ۾ لھندو آھي. رڍ ڪچي جي ڇٻر پٽي زمين کي اھڙو صاف ڪندي آھي، ڄڻ انھيءَ جاءِ تي ڄاول ئي ڪانھ ھئي، رڍ لاءِ ھڪ پھاڪو ڏيندا آھن تھ ”ڇٻر کوھھ تھ فلاڻي جون رڍون بُک مرن“ ان مان ثابت ٿيو تھ رڍون ڇٻر شوق سان کائينديون آھن. ريڍو مال وڏي اپت وارو مال آھي. ھن مال جي ان (رڍن جي بت جا وار) بھ گران قيمت ۾ کپندي آھي. کير ۽ گيھھ جي بھ پيدائش ٿئين. نوان ”ڄاول ڦرڪھي ان جون کلون لاھي وڏي قيمت ۾ کپائيندا آھن. رڍ جي نر ڦر کي ”گھٽو“ يا ”گھيٽو“ چوندا آھن ۽ مادي ڦر کي ”گھٽِي يا گھيٽي“ رڍن جا چند قسم آھن، جھڙوڪ: ڪڪي، دنبِي ۽ ٽپري.

 

اوٺو مال:

عربن جي دور حڪومت کان اڳ بھ سنڌ ساڻيھھ ۾ ماڻھو اٺ ڌاريندا ھئا. ”مھين“ جي دور ۾ اٺ جي ھئڻ جي ڪا تاريخي ثابتي ڪانھ ملي ٿي. اٺ، ”بيابانن جو ٻيڙو“ سڏجي ٿو. عام ماڻھو اٺ کي ”سڪيءَ جو ٻيڙو“ سڏيندا آھن. اٺ طاقتور جانور آھي، جيڪو پٺيءَ تي ڏھن کان پنجويھن مڻن تائين بار کڻندو آھي. اٺ سياري جو مستي ڪندو ۽ گوڙيون ڏيندو آھي. اٺ جي گوڙ کي ”ڀڀڪي“ چوندا آھن. اٺ تارون کي ڪڍي ڀڀڪي ڏيندو آھي. اٺ ۽ ڏاچيون (نر کي اٺ، ماديءَ کي ڏاچي چئبو آھي) مھار ۾ ھڪٻئي پويان ٻڌل ھوندا آھن تھ ان کي ”گلو“ چئبو آھي. اٺ ۽ ڏاچيون گڏ چرندا آھن تھ انھن کي بھ گلو چون ۽ ھڪ ٻئي پويان ٻڌل اٺن کي اٺن جي ”قطار“ بھ چئبو آھي.

اٺ ڪمائتو جانور آھي، بار کڻي، گاڏيءَ ۾ وھي، نار ۾ وھي، اٺ کي ليٽڻ ۾ بھ وھائيندا آھن، ليٽڻ سان ڀتر ڀڃبا آھن. اٺ جي پاکڙي ۽ ڪجائي يا ڪجاوي ۾ ماڻھو کڻندا آھن. ھاڻي ڪارن ۽ بسن تي ڄڃون ھڪ شھر يا ڳوٺ کان ٻئي شھر يا ڳوٺ تائين وڃن ٿيون، پر اڳئين زماني ۾ ڄڃون، ڪجاون ۾ مھري اٺن تي ھلنديون ھيون.

ڪجاوو، ڪجائو ڪاٺ جو ٺھيل ھوندو آھي. ان ۾ ٻھ کٿا يعني وھڻ لاءِ خانا ھوندا آھن، اھي مڃ جي واڻ سان واڻيل ھوندا آھن. اٺ جي ”پلڻ“ ۾ ڪجائو وھاربو آھي. ڪجاوا جنڊيءَ لٿل ڳاڙھا بونبن سان ٿيندا آھن. ڪجائي جي مھاڙيءَ کي شيشا بھ لڳل ھوندا آھن. ڪجائي جي کٿي ۾ ٻھ ٻھ عورتون چڙھنديون آھن. ھڪ پلڻ جي مٿان بھ وھاريندا آھن. سوڙھھ جي حالت ۾ ڇھھ عورتون بھ ويھي سگھنديون آھن. جت اٺ جي اگھاڙي پٺيءَ تي بھ چڙھندا آھن. باقي سواريءَ لاءِ پاکڙو، ڪجائو يا ٻنڊ ڪم آڻبي آھي. اٺ تي ”پلڻ“ وجھي بار ڍوئبو آھي. پاکڙي ۾ ٻھ خانا ھوندا آھن. پوئين خاني تي سواري وھندي آھي ۽ اڳئين خاني ۾ جت وھندو آھي. اڳي پاکڙي جي مٿان چمڙي جون نتون وجھندا ھئا. خاص آفيسرن ۽ رئيسن لاءِ پاکڙي تي ”نتون“ وجھندا ھئا. جن اوٺي، سوارن وٽ نتون نھ ھونديون ھيون تھ اھي نصرپور جا کيس يا ڀليون چادرون پاکڙن تي وجھندا ھئا.

اٺن کي ڪرت مطابق نالا ڏنل آھن:

لاڏو اٺ: ھن اٺ تي بار لڏبو آھي بار ۾ اناج تيلي ٻج ڪپھھ جون برڪيون، ڪاٺ، ڪوئلو يا ٻيون ڪيتريون ئي شيون سامان کڻبو آھي. گھڻي بار کڻڻ واري اٺ کي ”بارگير“ بھ چوند آھن.

مھري اٺ: ھيءُ اٺ پھرين سوار تڙيندا آھن ۽ انھن کي پنڌ سيکاريندا آھن، پوءِ پاکڙو وجھندا آھن. ڀلا اٺ ڪار جھڙو تکا ھلندا آھن، مھري اٺ جڏھن مڪمل مھري ٿيندو آھي تھ پوءِ پاکڙو وجھي سواريءَ ۾ ھلائبو آھي. اڳي آفيسر اٺ تي سواري ڪندا ھئا، بدليءَ وقت سندن مڏي ٻئي پاسي ويندي ھئي تھ اھا لاڏو اٺن تي کڄندي ھئي، آفيسر جو سارو گھرو سامان اٺ تي کڄي ھلندو ھو. وڏي آفيسر جي مڏي اٺن ڏھن اٺن جي ھوندي ھئي، ننڍي آفيسر يا مولائيءَ آفيسر جي مڏي مڙيئي ھوندي ھئي. جيئن سنڌيءَ ۾ چوند اآھن ”ميرڻ شاھھ جي مڏي ٻھ ڏندڻ ٽين تڏي“، آفيسر گشت بھ اٺن تي ڪندا ھئا.

ميلائي اٺ: اٺ ميلن يا مقابلن ۾ بھ ڊوڙائبا آھن. جھلن ۽ ڳانين سان اٺ سينگارجي ايندا ھئا، اڄ بھ ميلن ۾ اٺ سينگارجي ايندا آھن.

اٺن جا قسم: ڍاٽي، ڪاڇي، لوگو، سنڌي، بلوچي.

اٺن جا رنگ: ڀورو، ڳاڙھو، ڪارو، تيلو، سائو.

اٺن جا جدا جدا نالا: اٺ جي نر ڦر کي ”توڏو“ چوندا آھن ۽ مادي ڦر کي ”توڏي“. ننڍي نر ڦر کي ”گورو“ ۽ ماديءَ کي ”گوري“ بھ چوندا آھن. گورو وڏو ٿئي تھ ”ڪنواٽ“ چونس. ڪنواٽ دوڪ ٿئي تھ پوءِ ”اٺ“ چونس ”دوڪ“ کان پو ”ڇڳو“، پوءِ ”نيش“ چونس. عمر ۾ ٻھ سالو نيش، ٽھ سالو نيش، اھڙي حساب سان اٺ جي عمر ٻڌائيندا آھن. نالا: ميو، ڪرھو، بودو، اٺ، ڏاگھو، ليڙو ۽ چانگو.

اٺ مالڪ سان مستيءَ جي عالم ۾ وڙھندو آھي. اٺ ۽ ڪاريھر جو وير ھڪ جھڙو چون ٿا. اٺ صحرا ۾ پلبو آھي ۽ ان کي واريءَ ۾ ھلڻ سٺو لڳندو آھي. اٺ جو ٿوھو يا ڪونھٽ اٺ کي چند ڏينھن بک تي ھلائي سگھندو. مينھن ڍڳيءَ رڍ ۽ ٻڪري جيان اٺ بھ اوڳر ورائيندو آھي. اٺ جا پير گول لسا آھن، ان ڪري گپ ۾ ترڪي پوندو آھي، ان ڪري گپ جي حالت ۾ جت گوڏن تي گوڏي گوڏي ڪري ترڪڻ مان ڪڍي ايندا اٿس. ھن دؤر ۾ بھ اٺ اٺ گاڏيءَ ۾ سؤ سوا مڻ ڍڪي منزل تي پھچائي ٿو. ھن ڪار ۽ پيجاري جي دؤر ۾ ڪجاوا ۽ مھري ڪونھ ٿا گھرجن. اڃا بھ ميلن ۾ اٺ ڊڪندي نظر ايندا آھن. اٺ کي ڄڃ ۾ گوڏن جي مٿان گنگھرو ٻڌندا آھن، جن کي اٺ جي ڇير چوندا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org