سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :6

ٻيڙيءَ جو ڌڪائڻ

 

·   ٻيڙيءَ جو ڌڪجڻ، اوھرجڻ، روانو ٿيڻ: ٻيڙي ڪناري کان ٻاھر ڪري سڙھھ کولبو آھي يعني ساڪا پٽبايا ٽوڙبا آھن. ان بعد سڙھھ جو دامڻ ساھي، ٻيڙيءَ کي اوڀارو يا لھوارو ھلائي سگھبو آھي.

’ٻيڙي ڌڪائڻ‘ مھل پھرين ڪرس پٽبو ۽ پڳھھ ڇوڙبا آھن. جھوليءَ مان ٻيڙي ڇوڙڻ نھايت ڏکي ٿيندي آھي. سڀ جوان جھوليءَ جي پاسي ونجھھ ھلائيندا آھن. ٻاھريون واءُ ٻيڙيءَ کي ٻاھر نڪرڻ نھ ڏيندو آھي. جڏھن درياھھ جو ور مٽبو آھي، تڏھن مس ٻيڙي جند ڇڏائي واءَ مان نڪرندي آھي. ٻيڙي جيڪڏھن لھواري ھلائڻي ھوندي آھي تھ واءُ نھ ھئڻ يعني نوائيءَ ۾ ھئڻ ڪري (جنھن کي ڪڪ نوائي بھ چوندا آھن)، تِک ۾ سير تي ٻيڙي ڇڏبي آھي. جڏھن تيز ٿيندي آھي، تڏھن وھڪري کان تکي ھلندي آھي. جيئن روڪڻ واري ھوا نھ لڳندي، تيئن ٻيڙي تيز ھلندي آھي. چوندا آھن تھ ’ٻيڙي سير چڙھي آھي‘. مٿينءَ وھڪ ۾ وھڪري سان گڏ وھندڙ پنن کان ٻيڙي گھڻي تکي ھلندي آھي. واءَ نھ ھئڻ سبب سڙھھ وچ تي بيٺو ھوندو آھي. ملاح چوندا آھن. ”ساجن سوائي، ڪر ڪڪ نوائي“. لاھارا نوائيءَ ۾ تکا ھلندا آھن. ويچارا ٻيڙيائت نوائيءَ ۾ آرام سان ويٺا ھوندا آھن، نھ ڏانڊاڙ ساھين، نھ ڍار ڪن، نھ دامڻ جو مور جھلين ۽ نھ مونڍا ساھين، فقط ناکئو يا سکائي، ويڻي جو مٺيو جھليو بيٺو ھوندو آھي.

·        ڏکڻ واءَ ۾ لاھارو ھلڻ: جڏھن ڏکڻ جو واءُ تيز لڳندو آھي، تھ لھواري ٻيڙي سڌي ھلي نھ سگھندي آھي، ان ڪري اوڀر ٿي، سڙھھ ۽ واءُ ڏياري، ٻيڙي وٺي وڃبي آھي. وري لھواري منھن سان ڦيري اولھھ ڏي آڻبي آھي يعني درياھھ جي ھڪ پاسي پاسيرو وڃي، وري ٻئي پاسي وڃبو آھي. اھڙيءَ طرح ٻيڙي ھلائڻ کي ’ڦٽڪا ھڻڻ‘ چئبو آھي. ’ڦٽڪا‘ لھواري ٻيڙيءَ ھلائڻ لاءِ خاص ڪري سامھين واءَ جي ڪري ھڻبا آھن.

·        اتر واءَ ۾ لھواري ھلڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو تيز ھلڻ: ٻيڙي، جيڪڏھن لاھاري يا لھواري ھلائڻي آھي ۽ اتر واءُ تيز لڳندو آھي تھ پوءِ سڙھھ کولي سڙھھ ۾ واءُ ڏئي، ٻيڙي سير چاڙھبي آھي تھ تکي ھلڻ واري ٻيڙي چاليھھ پنجيتاليھھ ميل ڪلاڪ جي رفتار سان ھلندي. درياھھ سڌو اتر کان ڏکڻ ڪونھ ٿو وھي، وچ ۾ ور يعني ڏکڻ واءُ ھوندو تھ سڙھھ کي واءُ ڏياري، دامڻ ڇڪي ٻيڙيءَ کي ڪناري کان پري جھلي روانو ڪبو. گھڻو واءُ ھوندو آھي تھ ٻيڙي تيز ھلندي آھي. ڇوھي لڳڻ تي آڳيلي اوڀر ۾ ٻيڙي ھلڻ سان آواز ڪندي آھي. ڪي ٻيڙيون تکيون ھلنديون آھن، جيڪا ڳالھھ شايد ٻيڙيءَ جي ٺھڻ وقت ڪنھن ٽيڪنڪ جي ڪري آھي، ان کان سواءِ ٻيو سڙھھ جي ڪري بھ ٻيڙي تکي ھلندي آھي. ڪي سڙھھ رنڱي ۾ سٺا ٺھي پوندا آھن ۽ واءُ وٺي ھلندا آھن. اوڀاري تيز واءَ ۾ ٻيڙي آڏي گوش ھلائيندا آھن. ’آڏي گوش يعني‘ آڏ کي سڌو رکڻ. آڏ جو اڳيون گوش ۽ پويون گوش ھڪ لائين ۾ بيھاريندا آھن. ان حالت ۾ سڙھھ جو زور ٻنھي ڪڇن تي ھڪ جيترو ٿيندو آھي. اوڀاري ھلڻ تي تاڏي واءَ جي ڪري اتِمڻي بھ اوڀاري ھلڻ لڳندي آھي، ان کي ٻيڙيءَ جو پاسر ٿي ھلڻ چوندا آھن.

·        جھل: ٻيڙيءَ کي ملاح جھل تي ھلائيندا آھن، ۽ ھوشيار رھندا آھن تھ ٻيڙي جھل نھ پٽائي وڃي. جھل پٽائڻ جي حالت ۾ ويڻو ڪم نھ ڪندو آھي.

·        جھڙ: گھڻو تيز ساڄو واءُ ھوندو آھي ۽ ٻيڙي زور نھ سھندي آھي تھ سڙھھ کي ساڪا ھڻي آلات سڌي ڪري ٻيڙي درياھھ ۾ ڇڏيندا آھن، جنھن کي جھڙ چوندا آھن.،

·        ٻيڙيءَ جو لڳڻ: ٻيڙيون ڪٿي درياھھ جي ننڍي پاڻيءَ ۾ لڳي پونديون آھن. اڪثر بار جي ڪري ٻيڙي لڳندي آھي يعني رڪجي پوندي آھي. ٻيڙي، ڪڏھن ڪڏھن اوڀاري بھ لڳي پوندي آھي.

سنڌوءَ جي اوج ۾ ٻيڙيون سکر کان مال کڻي شاھبندر ۽ گھوڙا ٻاريءَ تائين وينديون ھيون. ٿورو سامان اتان بھ کڻي ورنديون ھيون، ۽ سکر کان پوئتي بندرن تي لاھينديون وينديون ھيون. اوڀاري ھلڻ وقت ھڪ جوان سنھڙي بانس جي لڙھي (بانس جي ڪاٺي)، جنھن کي ’ساڳاھي‘ چوندا آھن، اندرئين پاسي کان درياھھ ۾ ماپ ڪرڻ وانگر وجھندو ايندو آھي، جنھن کي ’ساڳاھي لاھڻ‘ چوندا آھن. اھو ناکئي يا سکانيءَ کي (جنھن جي ھٿ ۾ ويڻي جو مٺيو ھوندو آھي) ٻڌائيندو آھي تھ پاڻي وڏو آھي. جي ساڳاھيءَ ۾ پاڻي ننڍو لڳندو آھي، تڏھن بھ آواز ڪري ٻڌائيندو آھي. وڏي پاڻيءَ ۾ چوندو آھي. ’اولا..... الا‘ (معنيٰ پاڻي وڏو آھي) انھيءَ رخ ۾ ٻيڙي جھليو ھل، جي ننڍو پاڻي ھوندو آھي تھ ’ٻاھر.... ٻاھر‘ چوندو آھي، يعني ’ٻيڙي ٻاھر ڪر‘ متان لڳي نھ پوي.‘

·        ٻيڙيءَ جو لاھارو لڳڻ: ٻيڙيون لاھارو بار کڻي ھلنديون آھن تھ ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڌار جي تانگھي پاڻيءَ جي پوڇڙ تي وڃي لڳنديون آھن. ڌار وٽ پاڻي چرا چرا ٿي ويندو آھي. ڪنھن چري ۾ پاڻي وڌيڪ اونھو ٿيندو آھي، ڪنھن ۾ تانگھو. سڄاڻ ناکئن جي ٻيڙي ڪانھ لڳندي آھي. کين خبر پوندي آھي تھ ھن چري ۾ پاڻي وڏو آھي، پر اڻڄاڻ ملاح ٻيڙي ڦاسائي ويھندا آھن.

·        ٻيڙيءَ جو ڪاپو ڪرڻ: ٻيڙي ڌار تي لڳندي آھي تھ مھاڻا بيوس ٿي پوندا آھن، پوءِ درياھھ جي تک تي ٻيڙي پاسيري ڪري بيھاريندا آھن. درياھھ جو پاڻي ٻيڙيءَ جي ڪڇي ۾ ڦاسي زور لائيندو آھي. درياھھ جو لٽ ٽپبو رھبو آھي، آخر ٻيڙي وڃي ڌار جي لاھيءَ واري وڏي پاڻيءَ ۾ پوندي آھي. ڪاپي ڪرڻ لاءِ (آزاد ڪرڻ لاءِ) ٻيڙيءَ کي چوويھھ ڪلاڪ بھ لڳي ويندا آھن. ’سڳر‘ واريون ٻيڙيون، لڳل ٻيڙيءَ لاءِ ڪنھن سٺي تڙ تي تيستائين بيھي رھنديون ھيون، جيستائين ٻيڙي آزاد ٿي وڏي پاڻيءَ تي پھچندي ھئي.

·        سڳر: ھڪٻئي سان ڳنڍيل ٻيڙين کي ’سڳر‘ چئبو آھي. اؤکي سؤکيءَ ۾ ساٿ ڏيڻ وارين گھڻين ٻيڙين کي ٻيڙين جو ’دڦ‘ بھ چوندا آھن، يعني ٻيڙين جو ٽولو، جنھن کي ملاح ’ٻيڙين جو ٽِلو‘ بھ چوندا آھن.

·        ٻيڙين کي ڪڍڻ: ٻيڙين کي رنڊڪ کان ڇڏائڻ لاءِ ملاح ونجھھ استعمال ڪندا آھن. ٻيڙي ونجھن سان ڦيرائي، ڦيرائي ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن دڙي دڪ ۾ ٻيڙي لڳندي يا اٽڪبي آھي تھ جوان پاڻيءَ ۾ لھي، آڳيلي اوڀر- پاڇيلي اوڀر کي پٺيءَ سان مٿي کڻي ٻيڙي ڇڏائي ويندا آھن.

·        ٻيڙين تان لھڻ چڙھڻ يا بار کڻڻ: ٻيڙيءَ تان لھبو چڙھبو آھي تھ ڪناري ۽ ٻيڙيءَ جي ڳليءَ تي ڪاٺ جو ھڪ تيار ڪيل ڦرھو رکندا آھن، جنھن کي ’تاڙو‘ يا ’پٽ‘ چوندا آھن. وڏين ٻيڙين جا تاڙا يا پٽيون مضبوط ھونديون آھن، جن تان ھمراھھ ڏھن مڻن جي اندر بار کڻي ٻيڙيءَ جي لڪ يا تڙ ۾ لاھيندا آھن. ٽھ مڻيون، ڳوڻيون، ڪپھھ جون برقيون، ڪاٺ جا بُنڊ، ڪپڙن جون ڳٺڙيون لاھڻ يا چاڙھڻ وقت تاڙ يا پٽِ ڪم آڻيندا آھن. ٻيڙيءَ کي ڌڪڻ وقت تاڙا کڻي ٻيڙيءَ تي رکبا آھن.

 

 

ٻيڙيون ڪھڙو ڪھڙو مال کڻنديون ھيون:

                اوائلي زماني ۾ ٻيڙيون بندرن تان ھر نموني جو سامان کڻنديون ھيون، جھڙوڪ: ڪرياني جو سامان، اناج، تيلي ٻج، فروٽ، ڀاڄيون، ڪاٺ، ڪوئلا وغيره.

ڪتاب ’پاٽ پراڻيءَ‘ جي مصنف مولوي روشن لکيو آھي تھ ڄامپور ڍنڍ (درياھھ جي ڇڏيل پراڻ) جي ڪناري تي ڏاڙھن جا باغ ھوندا ھئا، جتان جا ڏاڙھون ٺٽي ننگر ڏانھن ٻيڙن رستي ويندا ھئا. اناج جون ڳوڻيون لاھڻ ۽ چاڙھڻ وقت پٺيءَ تي يا ڪنڌ تي کڻندا ھئا، باقي ڪاٺ کڻڻ لاءِ ڪاٺ جا ٻھ ڏڪ پنج ڇھھ فوٽ ڊگھا ۽ مضبوط، جن کي اڳيان پويان ھٿن وجھڻ لاءِ ’مٺيا‘ ٺھيل ھوندا ھئا، (جن کي ملاح ’ڏلھا‘ چوندا آھن). ٻن فوٽن کن گھيري وارين ڪاٺين کي پٽ تي رکي مٿان ٻئي ڏلھا ٽن فٽن جي فاصلي تي رکندا آھن. ھيٺ رکيل بنڊين کي ’ٻنڊيون‘ چوندا آھن. پوءِ ڏلھن جي مٿان چار پنج مڻ يا ان کان مٿي ڪاٺ سٿي اڳيان پويان جوان مٽيءَ جي چنبيليءَ جيان کڻندا آھن. اھي وڃي ٻيڙيءَ جي تريا لڪ ۾ لاھيندا آھن. ڏلھن تي کڻڻ واري ڪاٺ کي ’ڏاڪ‘ چوندا آھن. ٻيڙي لاھڻ وقت بھ ڏاڪ ڏلھا ڀري ھيٺ لاھي ٻيڙي آجي ڪندا آھن. ڳرو ڪاٺ جوان ’ڪانڌن‘ تي کڻندا آھن. تمام ڳرو ڪاٺ ڪپي لڳائي بنڊ مٿي کڻي ٻيڙيءَ ۾ لاھيندا آھن. ان عمل کي ’سيلنگ‘ چوندا آھن.

·        ٻيڙين جي صفائي: ملاح ٻيڙين جي نھايت سھڻي نموني صفائي ڪندا آھن. بار لاھي پوءِ پھرين تر جا توتڪ مٿي ڪري ان کي ڳليءَ کان ٻاھر ڇنڊي، وري پاڻيءَ سان ڌوئندا آھن. آڳيلي پاڇيلي تخت کي ڪپڙو ڀِڄائي ھڻندا آھن، جنھن کي ’نائو‘ چوندا آھن. ’نائي‘ لڳڻ سان تخت چمڪندا آھن.

·        ٻيڙن جا جھنڊا: ٻيڙن ۾ ٻھ جھنڊا، جن کي ’گجڪا‘ چئبو آھي، مٺئي جي ڀرسان لڳل ھوندا آھن. اھي رنگين ڪپڙي جا بھ ٺھندا آھن ۽ ٽڪ تي رليءَ وانگر بھ ٺھندا آھن.

شيکلي جي مور ۾ بھ واءَ جي خبر لھڻ لاءِ جھنڊو ھڻندا آھن، جنھن کي ’بانبٽو‘ چوندا آھن. ننڍيون جھنڊيون، جن کي ملاح ’مارلون‘ چوندا آھن، مرڪ وانگر آلات ۾ ھڪ رسيءَ ۾ لڳل ھونديون آھن. اھي خاص سونھن ۽ سينگار لاءِ ھڻبيون آھن. گجگن جي ڇڙھن جي مٿان ’واءَ پرکڻيءَ‘ جي مٿان پڻ ننڍي جھنڊي لڳل ھوندي آھي.

 

ٻيڙين جا ڪاڄ يا وھانءَ:

ٻيڙيون جڏھن نپٽ نيون ٺھي درياھھ ۾ لھنديون ھيون تھ ملاح انھن جون وڏيون شاديون يا ڪاڄ ڪندا ھئا. اھا رسم قديم دؤر جي ’مھاڻي مھراڻ‘ جي جشن جو اھڃاڻ آھي. شادين ۾ دھل دماما، ڳيچ، سھرا ۽ ساٺ سوڻ ٿيندا ھئا. ٻيڙين لاءِ سھرا پڻ لوڪ گيتن وانگر ٺھيل آھن. مثال طور:

(١) حضرت پير چڙھھ جھمٽيءَ تي.

(٢) ڏاڍيءَ ھڪل منجھان اچي رسينس گيلاني پير

سھڻي سپيءَ جي ٻيرڙي، سئيءَ جو سنھڙو ونجھھ،

اچي رسينس گيلاني پير!

(٣) منھنجو موليٰ عليءَ ٻيڙو تاريو آ،

حسن حسين ھلايو آ، منھنجو موليٰ عليءَ ٻيڙو تاريو آ!

ٻيڙي درياھھ ۾ لاھي ان کي موڙ ۽ نوان گجگا ٻڌندا ھئا. مھرن کي رنگين مرولون، بانبٽا ۽ موڙ ٻڌندا ھئا. سينگاري سنواري لاڄو، تاليا، پوٺي نڪور تيار ڪري شيکلي ۾ ٻڌندا ھئا. جود مڙھي جنساري، ٻيڙيءَ کي ڪنوار جيان سينگاريندا ھئا. ڇڪون ڇاٻاھيون نيون ڪندا ھئا، ڏانڊاڙ ۽ مونڍي جا رسا نڪور وجھندا ھئا. مطلب تھ نئين ٻيڙي درياھھ ۾ لھڻ سان ماڻھن جي گھمائڻ لاءِ ھوندي ھئي ۽ ان تي مھينو کن بار نھ کڻندا ھئا.

 

وھندڙ ٻيڙيون ڪناري تي ڪڍڻ (مرمت لاءِ):

ٻيڙيون ٻارھن ئي مھينا سکر کان شاھبندر ۽ گھوڙا ٻاريءَ تائين ھلندين ھيون، پوءِ واھوندن جي مند ۾ پنھنجن پنھنجن بندرن تي پھچنديون ھيون. ملاح ٻيڙيون ٻاھر ڪڍرائيندا ھئا، انھن جي تر ۽ ڪڇن ۾ ڪاٺ جا ڳڀا وجھندا ھئا، تن تنيندا ھئا، ڪاٺ جون ’ڳنڍيون‘ ۽ ساڙ ڪڍائيندا ھئا. نئين ڪاٺ جا ڳڀا ٻيڙين کي ھڻائيندا ھئا، پراڻين ٻيڙين جا پراڻا ڪير ڪڍرائي، نوان لڳائيندا ھئا. بانس جي ڪاٺ مان ڪليون ٺاھي، ڦرھن کي ڳجھون ۽ گڙيون ھڻندا ھئا. انھيءَ عمل کي ٻيڙيءَ جي ’سنوارت‘ چيو ويندو آھي. ھر ٻيڙيءَ جي سنوارت ڪرائي، پوءِ ٻيڙين کي وھھ مکيندا آھن.

·        وھھ: مڇيءَ جي وھھ جا دٻا وٺي ايندا آھن ۽ ٻيڙين کي مکيندا آھن. وھھ مکڻ سان ڪاٺ سڻڀو رھندو آھي، جنھن ڪري پاڻي تِرڪي ويندو آھي ۽ ڪاٺ گھڻو جٽاءُ ڪندو آھي. يعني وھھ لڳڻ سبب ڪاٺ جي مضبوطي ٿيندي آھي ۽ ٻيڙين جا تاليا، پوٺي، سلو، ڇڪ، ڇاٻاھي، سرھھ، رسا، نڙيون نوان ڪندا آھن. نوان جود مڙھيندا آھن.

ھڪ ملاح شاعر جو ھڪ طويل بيت ھت ڏجي ٿو:

ملاح پنھنجي مڪڙي، مکي ڪر تيار،

تاليا، پوٺي تيار ڪر، جود مڙھي جنسار،

اڏو، اڏيون ٺاھھ سڀ، سرايون صدبار،

کوھو کڻ مٿي ذرا، دڏ جو ڏئي آڌار،

ڇاٻاھي ڇڪي ھڻي، وھھ جو ڪر ويچار،

آڏ متان آٽو ھڻي، گھوگھو ھڻينس يار،

ساڪا پٽي سڙھھ جا، ڪؤنتل کي ڪڍ پار،

سکان جھلجانءِ سيبتو ٿي، وڻجارا وينجھار،

پريان پر کجان پاڻيءَ کي، ڌڪ نھ ھڻئي ڌار،

داٻا اٿئي درياھھ جا، لھرن جي للڪار،

خوشيءَ سان ڀل کڻ پيو، برڪت وارو بار،

موج ڀرئي مھراڻ جو، اؤکو اٿئي آر،

پيھي نھ وڃئي پاکري، ٻيلھھ وھائج ٻيار،

سکاڻيا سنڀار، اوتڙ متان اوجھرين!

ملاح ٻيڙيون مکي ٺاھي، درياھھ ۾ لاھي لھوارا ٿي ويندا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org