سيڪشن؛ (لسانيات)

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :5

ٻيڙيءَ جو ٺھڻ

 

                ٻيڙيءَ جي پھرين ٺاھڻ واريءَ شروعات کي ٻيڙيءَ جو ’پٿرجڻ‘ چوندا آھن. سڀ کان اڳ جيتري ٻيڙي ٺھرائڻي ھوندي آھي، اوترا ھٿ يا نريون ڪنھن ڏوريءَ تي ھڻي، يعني ٽيھھ ھٿ يا چاليھھ ھٿ (گھٽ يا وڌ) ڏوري ماپي، سنئين زمين تي ٺاھي، ان ڏوريءَ جي ٻنھي ڇيڙن تي ڪليون کوڙيندا آھن. تر (ٻيڙيءَ جو ترو) جيترو ويڪرو جھلڻو ھوندو آھي، انھيءَ ڏوريءَ تي اوترا ھٿ ھڻي، ڪليون ھڻندا آھن. پوءِ پسون ٺھيل تيار ڪيل گز، ماھيچا رندا لڳل مني فوٽ کان ڏيڍ فوٽ تائين زمين تي بيھاريندا ويندا. ٻن پسن جي وچ ۾ فاصلو ڇڏيندا. ٻن ڪلين ۾ ھن پاسي ۽ ھن پاسي جھلي چئن چئن ڪلين ۾ پسون بيھاريندا ويندا، پوءِ تر جون ڦرھيون لوھھ جي ڪيرن ساڻ پسن مٿان مضبوط ٽِڪائي، تر تيار ڪندا آھن.

·        پسون: تر کي مضبوط جھلڻ لاءِ پٽين وانگر جڙيل ڪاٺ کي ’پسون‘ چوندا آھن.

·        تر جو اٿلائڻ: پسن جي مٿان تر تيار ڪبو آھي، پوءِ تر کي اٿلائي سڌو ڪري رکبو آھي، ان بعد ڪڇا لڳائبا آھن.

·        تر سان ڪڇا ٽوپڻ: تر سان ڪڇا جوڙي ملائبا آھن، يعني تر کي لڳائبا آھن، ان عمل کي ’ڪڇا ٽوپڻ‘ چئبو آھي.

·        منا: ٻيڙيءَ جا منا اڪثر لوھيڙي جي ڪاٺ جا ڪم آڻبا آھن، جڏھن تھ منا ديال يا ٻئي ڪاٺ جا بھ ٿيندا آھن. منو گوني ڪنڊ وانگر بيھاربو آھي. مني جو ڪڇي سان ملائڻ وارو پاسو وڏو ٿيندو آھي ۽ تر وارو پاسو پير وانگر بيھاربو آھي. منا ڪڇي ۾ ڪلن يا ڪيرن سان مضبوط لڳائبا آھن ۽ مني جو تر وارو پير بھ مضبوط ڪيرن سان لڳائبو آھي. منو سوا فوٽ يا ڏيڍ فوٽ جي فاصلي تي رکبو آھي. اھڙيءَ طرح ٻيڙيءَ جا ڪڇا تر سان ٽوپجي يعني ڪڇا تر سان ملائجي ويندا آھن. ان کان پوءِ منن جي پيرن کي ڍڪڻ لاءِ ڪڇي جي ڀرسان تاڳرو تاڙا لڳائبا آھن. ان کان پوءِ چوندا آھن ٻيڙيءَ جو ’ٻڪر چاڙھيو‘. ٻڪر چڙھڻ ھڪ اصطلاح آھي. پاتاري ٻيڙيءَ کي پاتاري چاڙھبي آھي، پاتاريءَ کي بھ تاڳرو جمڙدو يعني پاتاري چؤنڪ لڳندو آھي.

·        ٻڪر: ٻڪر لڳڻ سان ٻيڙيءَ کي اڏو ۽ اڏيون بھ لڳنديون آھن. اڏي تي شيکلو يا کوھو بيھاربو آھي. اھو اڏي يا ٻنھي ڪڇن جي مٿان لڳندو آھي، جيئن ڪڇا مضبوط ٿي بيھن. اڏو ۽ اڏيون، ٻيڙين کي نھ ھوندا تھ لھرن ۾ ڪڇا تر کان جدا ٿي پوندا.

·        اڏو: ٿلھي ماپ وارو ڪاٺ جو ھڪ مستطيل ٽڪرو، جنھن جي ٿولھھ وڏين ٻيڙين جي ضرورت مطابق ٿيندي آھي. اھو گنبٽ جي مٿان اڳينءَ ڀر ۾ بيٺل ھوندو آھي ۽ ان جي پويان ھڪ شاکي اڏي ھوندي آھي. اڏي جي اڳيان ڇا ٻاھي واري اڏي ھوندي آھي، جنھن کي شيکلي جي جھل (اڳتي جھل) واري اڏي بھ چئبو آھي.

·        ڇاٻاھيءَ واري اڏي: شيکلي کي اڳتي ڇڪي جھلڻ لاءِ ھڪ ٻٽو ڪاٻار جو رسو يا تار جو لوھو ٽڪرو ھوندو آھي، جيڪو کوھي کي اڳتي ڇِڪي جھليندو آھي، ان ۾ ڇاٻاھيءَ جو ڪڙو وجھبو آھي. ڇاٻاھيءَ ۾ ڪپي لڳل ھوندي آھي، جيڪا کوھي ۾ ٻڌل تار يا رسي کي تاڻي يا ڍرو ڪري سگھندي آھي. اھا ڇاٻاھي، اڏيءَ ۾ ٻڌل ھوندي آھي، جنھن کي ’ڇاٻاھيءَ جي اڏي‘ چئبو آھي. گنبٽ جي شاکي اڏي يعني اڏي سان ٿوري فاصلي تي پوئين اڏيءَ کان پوءِ تر خالي رکبو آھي، جنھن ۾ بار يا سامان رکبو آھي. ان کان پوئتي ڇڪ واري اڏي ٿيندي آھي.

·        ڇڪ واري اڏي: آلات يا آڏ کي مٿي کڻڻ لاءِ ڪپيءَ سان ڇڪ ٿيندي آھي، جيڪا کنجيءَ سان گڏ اڏيءَ ۾ ٻڌل ھوندي آھي، جنھن کي ڇڪ واري اڏي چئبو آھي. ڇا ٻاھيءَ واريءَ اڏيءَ کي ’گرلي اڏي‘ بھ چئبو آھي. ڇاٻاھيءَ جو واسطو شيخلي (شيکلي) سان آھي ۽ ڇِڪ واري اڏيءَ جو واسطو آلات سان آھي. ٻيڙيءَ جا ٻھ ڀاڱا ٻڌبا آھن: ھڪ آڳيلي ٻيو پاڇيلي.

·        آڳيلي تخت: ڇاٻاھيءَ کان اڳتي ڪامن وانگر بَرياٺ ھڻبا آھن ۽ انھن جي مٿان ڪاٺ جو تخت ٻڌبو آھي. تخت جي منڍ ۾ مھرو ٿيندو آھي. مھري ۽ تخت کي ڌار ڏيکارڻ لاءِ ھڪ سرائي لڳل ھوندي آھي. اڳئين مھري کي ’آڳيلي‘ مھرو‘ سڏبو آھي. مھري جي ھيٺان لڳل ڪاٺ جي ڦرھن کي ’سراڙو‘ چوندا آھن. سراڙي جي ٻنھي پاسن کي ’سينڌ ڦل‘ لڳل ھوندا آھن ۽ اھي خوبصورتي پيدا ڪندا آھن. آڳيلي مھرو، کروت يا خلوت جي جاءِ شمار ڪندا آھن، جتي نماز پڙھندا آھن.

        ڇڪ واري اڏيءَ جي ھيٺان کنجي ٿيندي آھي، جنھن کي پويان ٻي اڏي بھ ھوندي آھي. کنجون ٻھ آھن: ھڪ ھيٺين کنجي، ٻي مٿين کنجي. ھيٺين کنجي، رڌڻي يا بورچي خاني لاءِ ڪم ايندي آھي.

·        ڪٽھڙو: ھيٺينءَ کنجيءَ جي پويان ڪٽھڙو ٿيندو آھي، جيڪو ويھڻ يا ’ڊائيننگ ھال‘ جو ڪم ڏيندو آھي. اھو تر کان پاڇل تي ٻھ فوٽ مٿي ٺھيل ھوندو آھي.

·        باندول: مٿينءَ کنجيءَ کي ’باندول‘ چوندا آھن. باندول، ٻيڙيءَ تي رھندڙ عورتن لاءِ ھڪ مخصوص ڪمرو آھي. مٿينءَ کنجيءَ کان پوئتي پاڇيلي تخت ٺاھيو ويندو آھي. پاڇيلي تخت مھري تي ختم ٿئي ٿو. پوءِ سرائي لڳندي آھي، جيڪا تخت ۽ مھري کي الڳ رکندي آھي. باندول لاءِ چئن منين تي ڦيتون رکي، ان تي مٿان ڪاٺ جي ڇت رکبي آھي. ڇت تي چڙھڻ لاءِ ڏاڪڻ يا منن ۾ گھٽڙا لڳل ھوندا آھن، جن تي پير رکي ماڻھو مٿي چڙھي ويندو آھي. اھا ڳالھھ اڳ بھ ٻڌائي وئي آھي تھ وڏين ٻيڙين تي اھي ٺاٺ باٺ ھوندا ھئا. باندولن ۾ ڪواڙيون بھ ھونديون آھن.

·        ڪواڙي: باندول جي مٿين ڇت، جنھن کي دالان بھ چوندا آھن، ان کي ھيٺئين پاسي پٽين جيان پسن جھڙا ڪاٺ جا ٽڪرا لڳل ھوندا آھن. اھي باندول جي ڦتين تي بيھندا آھن، ان ڪري دالان ۽ ڦتيءَ جي وچ ۾ جيڪي خال بچندا آھن، تن کي ’ڪواڙيون‘ چئبو آھي. ڪواڙين جي ٻاھران ڇت واري دالان کي ڦرھيون لڳل ھونديون آھن، جيڪي ڪواڙين کي ٻاھران ڍڪيل رکنديون آھن. ڪواڙين ۾ ٿورو سامان اڳڙي ٿڳڙي وغيره بھ رکي سگھبي آھي.

·        پاڇيلي مھرو: پاڇيلي مھري جي ھيٺان ’سراڙو‘ ۽ ٻنھي پاسي ’سينڌ ڦل‘ لڳل ھوندا آھن. سرائيءَ مٿان ڦتي ٿئي ٿي، جنھن تي سکاڻي يا ناکئو ويھي ٻيڙيءَ کي ھيڏي ھوڏي ضرورت موجب ڦيرائي سگھندو آھي. ڦتيءَ جي ٻنھي ڇيڙن ۾ گولائيءَ ۾ ٽنگ ڪڍيل ھوندا آھن، جن ۾ ديال يا ٻئي ڪاٺ جون گول ڇڙھون پيل ھونديون آھن، جن ۾ ڪپڙي جا ٺھيل وڏا گجگاه يا گجڪا جدا جدا رنگن جا ٻڌل ھوندا آھن، جيڪي ھوا تي ڦڙڪندا رھندا آھن. اھي گجڪا سونھن جي لاءِ ٻڌبا آھن. بندرن تي جڏھن ٻيڙيون گڏ ٿينديون ھيون تھ انھن ٻيڙين جا نوان گجڪا ڦڙڪندا رھندا ھئا. ڇڙھن ۾ مٿان ’واءَ پرکڻيون‘ بھ وجھي ڇڏيندا ھئا، جيڪي ٿوري واءَ تي انھيءَ طرف ڦري واءَ جو طرف ٻڌائينديون ھيون، جيئن ناکئي کي خبر پوي تھ واءُ ڦري پيو آھي. مھرن کي ’ڪانوريون‘ بھ لڳنديون آھن.

·        ڦتي ۽ منيون: مھري جي سرائيءَ جي مٿان کٽ جي پائي جھڙيون سھڻيون ٺھيل ٻھ منيون اڀيون، سرائيءَ جي ڪڍيل ٽنگن ۾ پيل ھونديون آھن. ھڪ ڦرھي رنديل (يعني واڍن جي رندي لڳل) ۾ سل يا ٽنگ ڪڍيل ھوندا آھن، جنھن ۾ ’ڇڙھون‘ وجھبيون آھن.

·        ڇڙھون: سکانيءَ جي ويھڻ واري ڦتيءَ جي نڪتل سلن يا ٽنگن ۾ پيل ڪاٺ جي ڊگھين ڪاٺين کي ’ڇڙھون‘ چئبو آھي.

·        گجڪا: رنگين ڪپڙي جا ٺھيل ٻھ وڏا جھنڊا، جيڪي ڇڙھن ۾ ٻڌل ھوندا آھن، تن کي گجڪا چئبو آھي.

·        واءَ پرکڻيون: ڇڙھن جي مٿان لوھي تار يا ڪليءَ وانگر ديال مان ٺھيل ڪاٺيءَ ۾ جھاز يا پکيءَ جي شڪل جھڙيون ڪاٺيون لڳائيندا آھن، جن کي ’واءَ پرکڻيون‘ چئبو آھي.

·        ڪانوريون: گل چٽ نڪتل پٽيون، جيڪي سونھن لاءِ مھرن ۽ ٻين جاين تي لڳايون وينديون آھن. مھري جي ٻنھي پاسي، سرائيءَ کي پوري ماپ تي کپ ڪڍيل ھوندا آھن.

·        لانگ: پاڇيلي مھري جي وچ کي کپ ڏئي ھڪ مھري کان ھيٺ فوٽ منو (ٽي چار انچ) ٿلھي يا ويڪري ڦرھي لڳائيندا آھن، جيڪا، تر سان ملايل ڦرھيءَ ۾ لڳائبي آھي، انھيءَ کي ’لانگ‘ چئبو آھي. ’لانگ‘ کي مضبوط جھلڻ لاءِ ھر پاسي، ھر ڪڇي جي پاسي ٻھ ٻھ ڪاٺ جون پٽيون ھڻندا آھن، جن کي ’تڪا‘ سڏبو آھي. لانگ ويڻي يا سکان کي بيھارڻ لاءِ لڳائبي آھي. مھري (پاڇيلي مھري) جي وچ ۾، جتي لانگ جي پٽي لڳل ھوندي آھي، ويڻي بيھارڻ لاءِ کپ سان ٻھ جاڙيون ڪاٺيون ويڻي جي ھڻڻ لاءِ بيھاربيون آھن. وري اڀيءَ ڦرھيءَ جي وچ ۾ ٿورو ھيٺ بھ ويڻي بيھارڻ لاءِ کپ ڏنل ٻھ ڦرھيون ھڻبيون آھن، جن کي ’ويڻي جا در‘ بھ چئبو آھي.

·        ويڻو يا سکان: ويڻو يا سکان ھڪ ٽن چئن فوٽن جي ٿلھي ڦرھي ھوندي آھي، جيڪا ويڪر ۾ چئن کان ڇھن فوٽن تائين ھوندي آھي، ان جو ھيٺيون پاسو ويڪرو ھوندو آھي. اڪثر ڪري سنڌي ڪؤنتل يا بتيلي جو ويڻو يا سکان ھن شڪل جو ھوندو آھي، ويڻو لانگ ۾ پيل ھوندو آھي. ٻنھي پاسن کان ڪپيءَ ۾ رسا پيل ھوندا آھن، جنھن ڪري سکاني يا ناکئو ھيٺ مٿي آسانيءَ سان لاھي چاڙھي سگھندو آھي. لانگ تي ھيٺ لھي وڃڻ ۽ مٿي چڙھي اچڻ لاءِ ڪاٺ جا گھٽڙا لڳل ھوندا آھن. ويڻي کي ورائڻ ۽ ڦيرائڻ لاءِ مٿئين حصي ۾ ’مٺيو‘ پيل ھوندو آھي، جنھن کي ھيڏي ھوڏي ڦيرائڻ سان مٺئي کي اندر ٻاھر ڪري سگھبو آھي.

·        مٺيو: ويڻي ۾ پيل ھڪ ڦرھي، جنھن کي ويڻي ۾ وجھڻ لاءِ پوئتي ويڻي جي مٿئين پاسي جيترو ڪٽ يا ڪٽائيءَ سان سڌو چير ٺاھيل ھوندو آھي، جنھن کي ويڻي جي مٿئين حصي ۾ وڌو ويندو آھي، ان کي ويڻي ۾ برٿ ڏئي سوگھو ڪبو آھي ۽ ان کي ھيٺ ٿيڻ کان گھٽڙن تي ويھاربو آھي. کپي ۾ يعني ويڻي کي وھارڻ کان پوءِ جيڪو اڳيون حصو آھي، اھو ڦتيءَ جي مٿان ٿي بيھندو آھي، جنھن جي مٺئي ۾ ھٿ وجھي سکاني يا ناکئو ٻيڙيءَ کي اندر ٻاھر ڦيرائي سگھندو آھي.

·        اندر ۽ ٻاھر: ٻيڙي اوڀاري ھلي يا لھواري، جيڪو پاسو ڪناري يا ڪنڌيءَ کي ويجھو ھوندو آھي، ان کي ’اندر‘ چئبو آھي ۽ جيڪو پاسو درياھھ طرف ھوندو آھي، اھو ’ٻاھر‘ سڏبو آھي. ويڻي وارو، ويڻو (ويڻي جو مٺيو) جھليو ويٺو ھوندو آھي. اڳيون ھمراھھ ان کي چوندو ’اندر‘ يا ’ٻاھر‘  يا ٿورو ٻاھر، ٿورو اندر، سکاڻي ان چوڻ مطابق ٻيڙيءَ کي ڦيرائيندو آھي.

·        اڏيون: اڏيون چورس يعني ھڪجھڙيون ٿينديون آھن، انھن جي ڊيگھھ ٻنھي ڪڇن جي وچ واري ماپ جي برابر رکبي آھي.

·        برياٺ: برياٺ جو ھڪ پاسو اڌ فوٽ، ھڪ فوٽ تائين ھوندو تھ ٻيو پاسو ڏيڍ کان ٻن فوٽن جيترو بيھاريندا آھن. برياٺ، آڳيلي يا ڇيلي تخت ۾ ڪم ايندا آھن، جن کي مٿان تخت جون ڦرھيون لڳنديون آھن. تختن جي وچ تي ٿلھي ماپ وارو تاڙو بھ ھڻندا آھن تھ جيئن تخت وڌيڪ مضبوط ٿئي، ان لاءِ ان ۾ لوھھ جا ڪولابا بھ ھڻبا آھن.

آڳيلي تخت جي ڇاٻاھي واري اڏيءَ کان پوءِ چئن منين تي دالان ھوندو آھي، جتي ٻيڙيءَ جا جوان ويھندا آھن. چئن منين تي ڦتيون رکبيون آھن، جن جي مٿان دالان  جي ڇت پا ڇيلي بندول جھڙي ھوندي آھي. پسن وانگر ماپ تي رکيل ٽڪرا پٽين جيان ان جي مٿان ڪاٺ لڳائي دالان جي ڇت تيار ڪندا آھن. دالان کليل ھوندو آھي، پر ڪن ڪن وڏين ٻيڙين کي ورانڊي جيان کليل گولائيءَ تي دروازا ٺاھيندا ھئا، جن کي پلر نما ڪاٺ جا اڪر تي ٿنڀا ھوندا آھن. پاڇيلي باندول ۽ دالان مٿان ڇتين کي ’ڦالڪا‘ چوندا آھن. شاکي اڏيءَ ۽ اڏيءَ جي مٿان چئن منين تي ’داڙ ٻائي‘ ٺھيل ھوندي آھي؛ شيکلي کان داڙٻائيءَ تي گولائي ڪيل ھوندي آھي. داڙٻائي دالان کان ھيٺ ھوندي آھي، جيڪا رڳو گنبٽ جي مٿان ھوندي آھي.

·        گنبٽ: مٿي بيان ٿي چڪو آھي تھ ٻيڙيءَ جي تر ۾ پسون لڳل ھوندا آھن ۽ ھرھڪ پسونءَ ۾ ٻھ ٽي ’وريئڙا‘ ھوندا آھن. ٻيڙيءَ ۾ آڳل ۽ پاڇل جو سمندڙ پاڻي پسن جي وريئڙن مان وھي گنبٽ ۾ گڏ ٿيندو آھي ۽ پوءِ اھو پاڻي گنبٽ مان ٻاھر درياھھ ۾ اڇلبو آھي.

·        ٻِيار: پيش جي ڦرھن مان ٽٻڻيءَ وانگر ’ٻيار‘ ٺاھيندا آھن. بانس جي ھلڪي ٽڪر کي پويان ٻڇانگيءَ وانگر چيري، ٻيار ان (ٻڇانگيءَ) جي اندر ٻڌندا آھن. گنبٽ ۾ پاڻي سوايو ھوندو آھي تھ ٻيار سان ڪڍي درياھھ ۾ ھاري ڇڏيندا آھن.

·        چؤرنگي: ھيءَ ڪاٺ جي ڪشتيءَ جھڙي ٺھيل ھوندي آھي، جنھن سان ٻيڙيءَ مان ٿورو پاڻي ڪڍبو آھي، جيڪو ٻيار سان نڪري نھ سگھندو آھي. پاڻيءَ جو ٿورو چڪو بھ چؤرنگيءَ سان ڪڍي سگھبو آھي. ان کي ’چرنگڻ‘ بھ چئبو آھي. مھري جي سرائيءَ جي ھيٺان ھر ڳليءَ جي پاسي ٻھ ٻھ مناڙا ھوندا آھن، يعني ڪل چار، پر ڪن ٻيڙن کي ٽي ٽي مناڙا بھ ھوندا ھئا. اھي محفل ٻيڙيءَ جيڏيون وڏيون ٻيڙيون ھونديون ھيون، جن کي ھر پاسي مھري ڀرسان ئي مناڙا لڳل ھوندا ھئا.

·        مناڙا: مناڙن ۾ ٻيڙيءَ جي پڳھھ کي چاپھن ڏئي ٻڌندا آھن.

·        ڪڇي ۽ تر کي ملائڻ وارا منا: ڪڇي ۽ تر کي ملائي ڇڏيندا آھن، ان لاءِ تر تيار ٿيڻ تي ان تي پاڻي وجھي آڳل پاڇل کي مٿي ڪندا آھن. تر ڪڇن سان جڏھن ٽوپبو آھي تھ پوءِ پاڇل آڳل کان کڻاجي ٿيندي آھي. منن کي ڍڪڻ لاءِ ڪڇن کي اڌيرون لڳائبيون آھن، انھن تي خاصا چٽ اڪريل ھوندا آھن. اڌير کي ھيٺان مٿان ڪانوريون لڳل ھونديون آھن. اڌير کان پوءِ مني جو جيڪو حصو ظاھر ٿيندو آھي، ان جي مٿان برٿ لڳائيندا آھن.

·        ڳڙھھ يا ڳلي: جمڙدي جي مٿان ڳڙھھ يا ڳلي لڳندي آھي. ٻنھي ڪڇن جي مٿان ڳڙھھ لڳايل ھوندي آھي. ڳڙھھ کي ڳلي بھ چئبو آھي. اڳيان پوئتي وڃڻ لاءِ يا پويان اڳتي اچڻ لاءِ ڳليءَ تي ھلبو آھي. ملاح ونجھھ ڳليءَ تي ھلي جھلائيندا آھن. ڳلي ڄڻ تھ ٻيڙيءَ جو رستو آھي.

·        شيکلو: وڏيون ننڍيون ٻيڙيون ’سڙھھ‘ تي ھلنديون آھن. سڙھھ، آڏ يا آلات ۾ ٻڌندا آھن ۽ آلات، شيکلي يا کوھي تي بيھاري ويندي آھي.

·        شيکلي جو بيھارڻ: شاکي اڏيءَ کان اڳيان اڏو آھي، جنھن جو مٿي ذڪر ڪيل آھي، ان ۾ دڏ نڪتل ھوندي آھي، يعني شيکلي جي ھيٺئين پاسي جي ٿولھھ جيتري گولائيءَ سان دڏ يا گڏ ٺھيل ھوندي آھي، ان ۾ شيکلو بيھاربو آھي. جيئن تھ وڏين ٻيڙين جا شيکلا تمام ڳرا ھوندا آھن، ان ڪري پارپائن تي کڻي، داڙ ٻائيءَ تي رکي،شيکليءَ جو مور ڏڌ جي مٿان رکندا آھن ۽ دالان جو مٿيون ڦالڪو لاھي ڇڏيندا آھن. شيکلي کي تيار ڪرڻ وقت ان کي توڏي ھڻندا آھن، جنھن ۾ ڇاٻاھي ۽ پوٺي ٻڌندا آھن.

·        توڏي: شيکلي جي مور کان ھيٺ ڪاٺ جي پٽي ھڻندا آھن، جنھن جو مطلب ھوندو آھي تھ رسا ڇڪڻ تي ھيٺ نھ سرڪن.

شيکلي جي چوٽيءَ کي مور چوندا آھن. مور جي ھيٺان ٻھ کپا ڪيل ڳرنال لڳل ھوندا آھن، جن ۾ رود يعني ڦيٿا پيل ھوندا آھن. ٻن رودن جي وچ واري ڪليءَ کي مصري چوندا آھن. رودن تي بسلو چڙھيل ھوندو آھي. ھڪ پوٺي، ھڪ ’ڪڇي‘ ڏي ٻڌبو آھي ۽ ٻيو ٻئي ’ڪڇي‘ جي پاسي ٻڌبو آھي. اڳيان ’ڇاٻاھي‘ ٻڌل ھوندي اٿس. ڇاٻاھيءَ ۾ ٻن ٽن ۽ چئن رودن واريون ڪپيون لڳل ھونديون آھن. شيکلو ڪپيءَ تي ڇاٻاھيءَ ۾ ساھي آسانيءَ سان اڀو ڪري سگھبو آھي. شيکلي کي ٻنھي پاسن کان تاليا پيل ھوندا آھن. تالين جي مٿئين حصي ۾ لوھي تار بھ ڪم آڻيندا آھن، جنھن کي ڪاري ڏاس يا رنگين سٽ سان جڙيندا آھن، ان کي ’جود‘ مڙھڻ چوندا آھن. ھيٺئين حصي ۾ ڪپيءَ سان ھڪ رودي، ٻھ رودي يا ٽھ رودي ڪپيءَ تي رسا چاڙھي، اڌير تي لڳل ڪولابن ۾ تالين جا ڪڙا لڳائي، تاليا ساھي ڇڏيندا آھن. پوٺي مٽائڻ تي تاليا شيکلي کي جھلي بيھندا آھن. تاليا گويا پوٺن جي جھل آھن. تالين جا چند قسم آھن: چوٽيءَ وارا تاليا ۽ ڀانڊاري تاليا.

·        چوٽيءَ وارو تاليو: ھي رسن جو تاليو، مور ھيٺان وجھندا آھن.

·        اڏي وارا چوٽ: اھي رسا، جن جا ڪڙا اڏي ۾ ھڻبا آھن، تن کي اڏي وارا چوٽ چئبو آھي.

·        ڀانڊاري تاليا: ھي تاليا، ھڪ، ھڪ اڌير ۾ ۽ ٻيو ٻيءَ اڌير ۾ لڳندو آھي. ھن جي ھيٺئين پاسي پڻ رسا ڪپيءَ سان ڇڪبا آھن.

·        آڏ يا آلات چاڙھڻ: شيکلي کي اڀي بيھارڻ کان پوءِ آلات کڻي ٻيڙيءَ جي اندرئين پاسي رکندا آھن. آڏ کي وچ تي سلو ٻڌندا آھن، جيڪو ٻن رسن جو ھوندو آھي. سلي جو ھرھڪ پاند، شيکلي جي ڳرنالن يا ڳلن مان رودن مٿان چاڙھبو آھي.

·        ڇڪ: ڇڪ ڪپيءَ سان ھوندي آھي. ڪپيءَ جي زور تي آڏ يا آلات مٿي کڻندا آھن. آڏ يا آلات مٿي کڻڻ يا ڪو ڳرو بار ٻيڙيءَ ۾ چاڙھڻ لاءِ گڏجي زور لڳائڻ وقت ھڪ ماڻھو لوڪ گيت وانگر سر يا ترنم سان آلاپ ڪندو آھي ۽ ٻيا ’ھيسايا‘ چوندي گڏجي زور لڳائيندا ۽ آڏ يا بار مٿي کڻندا آھن. ان ترنمي آلاپ کي ملاح ’جواب‘ چوندا آھن. جواب جو نمونو اڳتي ڏنو ويو آھي.

·        سيلنگ: ڪپيءَ جي زور تي جڏھن ڪو ڳرو بار کڻي ٻيڙيءَ ۾ لاھبو آھي تھ ان کي ’سيلنگ‘ تي بار کڻڻ چوندا آھن. ’سيلنگ‘ تي بار کڻڻ جو مطلب ٿيندو، بار ماڻھوءَ جي کڻڻ کان وڌيڪ يا وڏي وزن وارو آھي. بار ڳورو ھوندو آھي تھ پوءِ ڪپي استعمال ڪبي آھي.

·        آلات ۾ ڪم ايندڙ رسا:

(١) سلو، (٢) ڏانڊاڙ ٿلھو، (٣) ڏانڊاڙ سنھو، (٤) مرڪ، (٥) پيڇي، (٦) گھوگھو، (٧) گھوڙو، (٨) چوٽ

·        ٿلھو ڏانڊاڙ: ھي ڏانڊاڙ آلات جي ھيٺئين پاسي يعني منڍ ۾ ٻڌبو آھي. ڪپيءَ ۾ ڪم آڻڻ واري ٿلھي رسي کي ’ٿلھو ڏانڊاڙ‘ چئبو آھي. ڏانڊاڙ جو ڪم آھي آلات جھلڻ. آلات کي ڦيرائڻ وقت ڏانڊاڙ کي ھيڏي ھوڏي ڦيرائبو آھي.

·        سنھو ڏانڊاڙ: ھن ڏانڊاڙ جو بھ ساڳيو ڪم آھي. ٿلھو ۽ سنھو ڏانڊاڙ ٻئي ڇڪي ڇڏبا آھن ۽ ضرورت مطابق انھن کي ڍرو ڪري يا ساھي ڇڏبو آھي. اھا ضرورت واءَ جي مٽجڻ ڪري محسوس ٿيندي آھي.

·        مرڪ: مرڪ ھڪ رودي ڪپيءَ سان آڏ جي پوئين حصي ۾ ٻڌل ھوندي آھي، جنھن لاءِ تخت ۾ وچ تي تخت جي ٻنھي پاسي ٽي ڪولابا لڳل ھوندا آھن. مرڪ کان سواءِ ٻيو رسو، آڏ ۾ ٻڌبو آھي. جڏھن تيز واءُ لڳندو آھي تھ ملاحن کي گمان ٿيندو آھي تھ متان مرڪ ٽٽي پوي، ان ڪري ٻيو رسو مضبوطيءَ لاءِ ٻڌندا آھن، جنھن کي ’پيڇي‘ چئبو آھي.

·        گھوگھو: واءَ جي مٽجڻ ڪري آڏ، آٽ ھڻندي يعني ڦرندي آھي، ان ڪري آڏ ۾ رسو، گھوگھي وانگر شيکلي ۾ ٻڌبو آھي، ان ڪري ملاح ان کي ’گھوگھو‘ چوندا آھن.

·        گھوڙو: دامڻ جي وچ تي رسو ڇڪي ٻڌندا آھن تھ جيئن سڙھھ اِٽ نھ ھڻي، ان کي ’گھوڙو‘ چوندا آھن.

·        چوٽ: شيکلي جي مور ۾، مھري جي ڪولابي ۾ ھڪ رسو ٻڌبو آھي، جنھن کي چوٽ متيلو بھ چوندا آھن.

·        آڏ يا آلات جا گوش: آلات کي اڳيان ھڪ آڏ يا آلات جھڙو ٻيو ننڍو ٽڪرو نپبو آھي، جنھن کي ’گوش‘ چوندا آھن. اڳئين گوش جي منڍ ۾ مونڍا ٻڌبا آھن.

·        پويون گوش: آلات يا آڏ پوئتي سنھي ٿيندي ويندي آھي، جنھن کي ڊگھي بنائڻ لاءِ ان سان گوش نپيندا آھن. اڃا بھ ڊگھي ڪرڻ لاءِ کوٽي بھ چاڙھبي آھي. آڏ تي گوشن مٿان رسي جون ٻنڌيون ھڻندا آھن، جن جي مٿان بوران جي ڪپڙي جون ٽپرون چاڙھيندا آھن.

·        نپ: ٻن ڪاٺين يا ٻن ڦرھن کي نپ ڏيڻ لاءِ ٻنھي پاسن کي کپ ڏئي ھڪٻئي جي مٿان رکي ھڪجھڙا جوڙ ملائبا، ۽ پوءِ ڪل يا ڪير ھڻي بند ڪبا آھن.

·        گوش: آڏ جي اڳيان پويان چاڙھيل ڪاٺ جي ٽڪرن کي گوش چئبو آھي. آڏ جي پوئين چڙھيل گوش کي ’کوٽي‘ چوندا آھن.

·        سڙھھ: ٻيڙين جي سڙھن کي سڪيءَ تي ٺاھيندا آھن. بندر جي تڙن تي پھرين زمين تي سڙھھ ٺاھڻ جي رٿا تيار ڪندا آھن، جنھن ۾ سڙھھ جو نقشو تيار ڪري ڪليون ھڻندا آھن. پوءِ ٿلھو ڪپڙو، جنھن کي بوران جو ڪپڙو چوندا آھن، انھيءَ جي بر يعني ڪپڙي جي ويڪر ھڪ پاٽ شمار ڪندا آھن ۽ ان جي ڊيگھھ رٿا جي حساب سان ’رڱو ھڻندڙ‘ سڙھھ ٺاھيندڙ جھليندو آھي. ڪٿي ڊگھا پاٽ رکبا آھن، ڪٿي قدري ننڍا پاٽ جھلبا آھن، سڙھھ جي چوڌاري رسيءَ جا ويڙھھ ڏبا آھن.

·        ننڍا پاٽ يا پاسن وارا پاٽ: ننڍن پاٽن کي ملاح ’ڦرڪا‘ چوندا آھن. ويڙھن سان سبيل سڙھھ مضبوط رھندو آھي. پاٽن کي ھڪ ٻئي سان سئيءَ سان ٽوپو ڏئي تيار ڪبو آھي ۽ ويڙھن کي اڳڙين سان مٿان ويڙھبو آھي. ويڙھھ پڻ پاٽن جي بچيل پاندن سان سبيا ويندا آھن. سڙھھ ۾ دامڻ جو رسو ٻڌبو آھي. مونڍي وٽ ڪارو ڏاس جو ٻورو کولي اڌ پاٽ کان بھ ننڍو پاٽن وانگر سبي ڇڏيندا آھن. سڙھھ جو مونڍو بھ ڪپيءَ تي ھوندو آھي، جنھن سان سڙھھ کي تِڻي ۽ ڍرو ڪري سگھبو آھي. دامڻ کي گھڻي ساھڻ لاءِ سجھھ لڳائيندا آھن. سجھھ گھڻي ڀاڱي اتِمڻيءَ ۾ لڳائيندا آھن.

·        سجھھ: ٻن ڪپين سان دامڻ ڇڪڻ لاءِ سجھھ جو ھڪ ڪڙو جتي دامڻ سڙھھ ۾ ٻڌل ھوندو آھي، ان ۾ وجھندا آھن. ستمڻيءَ ۾ سجھھ گھٽ استعمال ٿيندي آھي، باقي اتمڻيءَ ۾ سجھھ سان سڙھھ کي ساھبو آھي، تھ جيئن واءُ جھلي سگھي.

·        ستِمڻي: آڏ، شيکلي جي اڳيان ساڄي پاسي ھوندي آھي. سڙھھ تالين ۽ پوٺين کان ڇٽل ۽ آزاد ھوندو آھي تھ ان کي ستِمڻي چوندا آھن.

·        اتِمڻي: سڙھھ تالين ۽ پوٺين جي مٿان پيل ھوندو آھي تھ ان کي اتمڻي چوندا آھن. اتمڻيءَ ۾ آڏ شيکلي مٿان ڦري ايندي آھي.

·        منجھھ ورائڻ: ھنديءَ ۾ منجھھ، آڏ يا آلات کي چوندا آھن. آڏ کي اڀو ڪري ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڦيرائيندا آھن. آڏ کي اڀو ان ڪري ڪندا آھن تھ جيئن مور ۽ بانبٽيءَ ۾ نھ ڦاسي. آڏ سان گڏ سڙھھ بھ مٽجي ٻئي پاسي ايندو آھي. ھڪ جوان تڪڙو دامڻ کڻي ھڪ ڳليءَ يا ڳڙھھ سان ڊوڙي ٻي ڳلي ڏئي پوئينءَ ڦتيءَ جي منيءَ ۾ وڃي ور وجھندو آھي. اھو آڏ جو بدلائڻ واءَ جي مٽجڻ سان ٿيندو آھي. واءُ جيڪڏھن ساڳيو ھوندو آھي، پر درياھھ جي ور جو طرف بدلبو آھي تھ منجھھ مٽائڻ جي ضرورت پوندي آھي.

·        ٻيڙيءَ جو سڙھھ: ٻيڙيءَ جو سڙھھ ڏھن پاٽن کان ويھن پاٽن جو ٿيندو آھي. محفل (ٻيڙي) ۽ گرڙ (بتيلي) ۾ مٿي بھ پاٽ ھوندا آھن، ڇو جو اھي وڏيون ٻيڙيون آھن.

·        سڙھھ جي پڻڪ: سڙھھ جي پوئين حصي کي پڻڪ چئبو آھي.

·        سڙھھ جا ساڪا: سڙھھ کي بند ڪرڻ لاءِ ڪاھينءَ جا ساڪا ٿيندا آھن. ڪاھين، ڪانھن جي ڪچن تيلن کي ڪٽي ان کي ھٿ سان وٽ ڏئي تيار ڪندا آھن. ور ڪچو رکبو آھي، جيئن سٽ لڳڻ سان ساڪا سڀ ٽٽي پون ۽ سڙھھ کلي پوي. ساڪن ھڻڻ وقت ڏانڊاڙ ساھي آلات کي اڀو رکبو آھي، جيئن سڙھھ جو ڪپڙو آلات جي ويجھو ايندو آھي، ٽن کان ستن تائين ھمراھھ آڏ تي چڙھيل ھوندا آھن، اھي ھڪٻئي جي مٿان آڏ تي چڙھيا بيٺا ھوندا آھن. لله توھار ٿي تھ ھڪ ھٿ ۽ ھڪ ٽنگ سان سڙھھ کي ڇڪي پنھنجي قبضي ۾ آڻيندا آھن، پوءِ سڀ ڪپڙي يعني سڙھھ جي ھيٺان ايندا آھن. ان بعد ساڪا يعني، نوڙيءَ جا ٽڪرا اڳ ۾ ڪٽي پنھنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ويندا آھن. تکي واءَ يا طوفان جي حالت ۾ سڙھھ کي وٺڻ لاءِ (ملاح سڙھھ ٻڌڻ کي ’سڙھھ وٺڻ‘ چوندا آھن) وڌيڪ ماڻھو آلات تي چاڙھبا آھن تھ جيئن سڙھھ جلد وٺي سگھجي. سڙھھ جي ھيٺان ڦريل جوانن کان جيڪڏھن سڙھھ ڇڏائي ويو تھ پوءِ اھي ھيٺ وڃي ڪرندا آھن. ٻيڙيءَ تي ڪرڻ ڪري ڪيترائي جوان شھيد بھ ٿي ويندا آھن، ان ڪري کري يا تکي واءَ ۾ آڏ جي ھڪ ٻھ ڇڪي کولي سڙھھ کي بند ھڻندا آھن. ڇڪيون ڪاٻار جون مضبوط ٿينديون آھن ۽ اھي ساڪن وانگر ٽٽنديون نھ آھن.

·        ڇڪيون: سڙھھ جي مٿئين پاسي ويڙھن ۾ فوٽ ڏيڍ فاصلي تي ڪاٻارجي رسيءَ جا اڪثر ٽڪرا ٻڌي، پوءِ انھن کي آلات سان ٻڌبو آھي، جن کي ٻيڙائت ’ڇڪيون‘ سڏيندا آھن. ڇڪين سان آلات يا آڏ ۾ سڙھھ ٻڌبو آھي. مينھن يا طوفان ۾ سڙھھ ڇوڙي، ان جي مٿان پکو ھڻندا آھن، جيئن سڙھھ ڀِڄي نھ سگھي. سڙھھ کي کنجيءَ مٿان پکو ھڻي رکندا آھن. پکي جي لام کنجيءَ جي ڦالڪي يا ڇت کان مٿي ھوندي آھي. پکي جون ڇڙھون يا ٿوڻيون بھ ٻيڙيءَ ۾ رکيل ھونديون آھن ۽ رڳو ھنگامي حالت ۾ ڪڍي ڪم آڻبيون آھن. برسات ۾ پکا آڳيلي پاڇيلي دالان ۽ کنجيءَ تي اڏيءَ ۽ شاکي اڏيءَ جي وچ ۾ (جيڪو ٻيڙيءَ جي تر جو حصو آھي) ھوندا آھن، ان کي ٻيڙيءَ جو لڪ چوندا آھن. لڪ ۾ بار وجھبو آھي. ٻيڙيءَ جي لڪ ۾ پسن ڍڪڻ لاءِ ڪاٺ جا ڍڪ ھوندا آھن، جن کي توتڪ چئبو آھي. اڏي ۽ ڇاٻاھيءَ واري اڏيءَ جي وچ تي بچيل حصي ۾ بھ بار ڀريندا آھن يا سامان رکبو آھي، ان جي مٿان اڏي جي سنوت ۾ دالان جو توتڪ ھوندو آھي. توتڪ جي ھيٺان پسن جي مٿان بھ توتڪ پيل ھوندا آھن. توتڪن جي ڪري پسن ۾ گند ڪچرو نھ پوندو آھي. توتڪ مٿي بھ کلي سگھندا آھن، جن کي مٿي ڳليءَ تي کولي، ٻاھران ڇنڊي، پوءِ ساڳيءَ جاءِ تي رکبو آھي.

ٻيڙن جا رسا، شيکلي، آڏ ۽ سڙھھ جي رسن کان سواءِ ٻيا بھ ھوندا آھن، جن کي جدا جدا نالن سان سڏبو آھي، جھڙوڪ:

·        ڇيريون: ٻيڙيءَ کي ٻڌڻ لاءِ جيڪو رسو ڪم آڻبو آھي، ان کي پڳھھ چئبو آھي. پڳھھ واري رسي کي ’ڇيري‘ بھ چوندا آھن. ڇيري ڪاٻار جو ٿلھو وٽيل رسو ھوندو آھي.

·        چئن جي ڇيري: اھا ڇيري، جنھن ۾ ٿلھو لوھھ جو زنجير يا چئن (chain) ٻڌل ھوندي آھي. ان کي اڇلائڻ کان اڳي ڇيريءَ ۾ ٻڌي مضبوط ڪري، پوءِ درياھھ ۾ اڇليندا آھن.

·        ناتاريءَ واري ڇيري: ناتاريءَ جي ڪڙي ۾ ٿلھو رسو ٻڌي، جڏھن ناتاريءَ کي درياھھ ۾ اڇليندا آھن، تھ ان رسي کي ناتاريءَ جي ڇيري چئبو آھي.

·        رس: اھو رسو شيکلي جي مور ۾ ٻڌبو آھي. ھي رس واءَ نھ لڳڻ يا ونجھھ نھ لڳڻ ڪري ھمراه ڪناري تي کڻي ويندا آھن ۽ ان سان ٻيڙيءَ کي اڳتي ڇڪيندا آھن. رس جي منڍ ۾ چيلھھ ۾ وجھڻ لاءِ رسي کي ٻٽو ڪندا آھن، جنھن کي ’مونڍو‘ چوندا آھن. مونڍو معنيٰ منڍ وارو، ان کان پوءِ ان رس ۾ ڪاٺ جا گھڙيل ڳيٽيءَ جيڏا ٽڪر پيل ھوندا آھن، جن کي ’سھيلا‘ چوندا آھن. انھن سھيلن ۾ بلٽ نما رسا ھوندا آھن، جن کي ’ڪڙاھا‘ چوندا آھن. منڍ ڇڪڻ واري کي ’مونڍائي‘ چوندا آھن. مونڍائيءَ جي پويان سھيلن ۾ ڪڙاھا وجھي ھمراھھ يا جوان رس ڇڪيندا آھن، جن جي زور ڏيڻ سان ٻيڙي اڳتي وڌندي آھي.

·        ونجھھ: ٻيڙيءَ جا ملاح ھڪ ڪلھي ۾ ونجھھ ڏئي ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪيندا آھن. جوان ونجھھ ٻيڙيءَ جي ٻنھي ڳلين سان جھلائيندا آھن. ونجھھ درياھھ جي ھيٺين مٽيءَ ۾ رنڊائي ڪلھي جو زور ڏيندا آھن، جنھن کي ’ونجھھ جھلائڻ‘ چوندا آھن.

·        آڳيلي اوڀر: مھرن جي سراڙن کان پوئتي ٻيڙيءَ جا اوڀر ھوندا آھن، جن مان اڳئين کي آڳيلي اوڀر چئبو آھي ۽ پوئين کي ’پاڇيلي اوڀر‘ چئبو آھي. ٻيڙي پتڻ ڪنھن مقرر تڙ تي ڪندي آھي، يعني ھن ڀر جا ماڻھو، مال ۽ سامان کڻي ھن ڀر پھچائڻ ۽ ھن ڀر جو مال ۽ سامان ھن ڀر پھچائڻ کي پتڻ چوندا آھن. پتڻ جي ٻيڙيءَ کي واڙا نھ ھوندا آھن. ڇاڪاڻ تھ ان ۾ اٺ ۽ ڍڳا پڻ چڙھندا آھن. واڙن جي ڪري اٺ، گھوڙا، ڏاند ۽ مينھون نھ چڙھي سگھنديون آھن.

·        ٻيڙيءَ جا واڙا: ٻنھي ڳلين يا ڳڙھن جي ٻاھرئين پاسي واڙو چڙھندو آھي، جنھن جو مطلب ھي ٿيندو تھ بار سبب جڏھن ٻيڙيءَ جا ڪڇا پاڻيءَ ۾ ھيٺ ٿي ويندا آھن تھ لھر جي پاڻيءَ اٿلڻ جي بچاءَ کان ’واڙا‘ چاڙھبا آھن. واڙي جي ڦرھي ٿولھھ ۾ ڏيڍ ٻھ انچ ھوندي آھي. واڙي جي ويڪر ڏيڍ فوٽ کان ٽن فوٽن تائين ۽ ڊيگھھ ٻارھن ھٿن کان ويھن ھٿن تائين بھ ٿيندي آھي.

·        ٻيڙيءَ جو ڪناري سان ڌڪ کائڻ: جيڪڏھن ٻيڙي ڪناري سان زور سان لڳندي آھي تھ ضرور نقصان ڪندي آھي. ان جا ڪڇا يا مھرو ضربجندو يا ٽٽي پوندو آھي.

·        ٻيڙيءَ جو ٻيڙيءَ سان ٽڪرجڻ يا پاسو ھڻڻ: ٻيڙيءَ سان ٽڪرجڻ سان بھ ٻيڙيءَ جو نقصان ٿيندو آھي ۽ ٻيڙين جي ڪڇن جا ٽڪرا ڀڄي پوندا آھن.

·        ٻيڙيءَ کي ڪاٺ جو لڳڻ: درياھھ ۾ ٻوڏانوان ڪاٺ پيا ھوندا آھن. غفلت ۾ جيڪڏھن ٻيڙي انھن کي لڳندي آھي تھ تر، پاتاري يا ھيٺان تر ڀڄي پوندو آھي. وڏي ڪاٺ لڳڻ سان بار واري ٻيڙي ڪناري تي رسڻ کان اڳ ٻڏي يا اٿلي پوندي آھي.

·        ٻيڙيءَ جو اٿلڻ يا پاسيرو ٿيڻ: ٻيڙيءَ جي اٿلڻ سان تر مٿي ٿي ويندو آھي ۽ مٿيون حصو ھيٺ ٿيندو آھي. پاسيرو ٿيڻ ان کي چئبو آھي تھ ٻيڙي ھڪ ڳليءَ تي پاسيري پوندي آھي.

·        ٻيڙيءَ جو ويھي وڃڻ: ڌڪ لڳڻ کان پوءِ ٻيڙيءَ ۾ پاڻي پوندو آھي ۽ ٻيڙي سڌي پاڻيءَ ۾ ويھندي آھي، پر سڌي ھئڻ ڪري اٿلندي ڪانھ آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org