سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: 3

صفحو :9

 

باب ٽيو

مصِدري الفاظ

 

آ

] الف مَد وارو [

 

اصل

مخفّف

سمجهاڻي

آبائينِ

آبائن

پوک کي پاڻي ڏين.

آبايوم

آبايم

مون پوک کي پاڻي ڏنو. جريب کن آبايُم

آبائجئين

آبائجان، آبائجه

تون پوک کي پاڻي ڏجان. ڏج.

آڀارين

آڀارن

آمادو ڪن.

آڀاريوم

آڀاريم

هن کي آمادو ڪيم.

آڀارجئين

آڀارِجان، آڀارج

تون هنن کي آمادو ڪج.

آٺارين

آٺارِن

هو پاڻي کي آٺارِن

آٺاريوم

آٺاريم

مون پاڻي آٺاريو.

آٺارجئين

آٺارجان، آٺارج

تون پاڻي آٺارج.

آچارين

آچارِن

هو ڳالهه تي ويچار ڪن.

آچاريوم

آچارِيم

مون ويچار ڪيو.

آچارجئين

آچارجان. آچارج

تون ڳالهه تي ويچار ڪجان.

آڇِين

آڇِن

هو آڇ ڪن.

آڇيوم

آڇيم

مون آڇ ڪئي مانِ

آڇجئين

آڇجان، آڇج

تون هنن کي آڇ ڪجان.

آڏارين

آڏارِن

گوشت کي آڏارن، گرم پاڻي ۾ يا هنن کي ڌڪ هڻن.

آڏاريوم

آڏارِيم

مون آڏاريو.

آڏرجئين

آڏارجان، آڏارج

تون آڏارجان.

آڍينِ

آڍن

هو مونکي تيل سان آڍيِن.

آڍيوم

آڍيم

مون هن کي آڍيو.

آڍجئين

آڍجان، آڍج

تون مونکي آڍجان.

آڙين

آڙِن

هو چورن جي پيرن کي آڙن.

آڙجئين

آڙجان، آڙج

تون چورن جا پير آڙجان.

آڦرائين

آڦرائن

هو ڍڳن کي گاه کارائي آڦرائن.

آڦرايوم

آڦرايم

مون هنن کي آڦرايو.

آڦرائجئين

آڦرائجان، آڦرائج

تون هنن جي ڍڳن کي آڦرائجان.

آڪڙائين

آڪڙائن

هو هنن کي آڪڙائن، ڪاوڙ ڏيارن.

آڪڙايوم

آڪڙايم

مون هنن کي ڪاوڙايو.

آڪڙائجئين

آڪڙائجان، آڪڙائج

تون هنن کي ڪاوڙائجان.

آگهارين

آگهارِن

هو ڪپڙن کي آگهارن.

آگهاريوم

آگهاريم

مون ٿانون کي آگهاريو.

آگهارجئين

آگهارجان، آگهارج

تون ڪپڙن کي آگهارجان.

آلاپِين

آلاپن

آواز ڪن- هو الاپين ٿا.

آلاپيوم

آلاپيم

مون آلاپيو.

آلاپجئين

آلاپجان- آلاپجه

تون آلاپجان.

آڻين

آڻِن

هو کڻي اچن (آڻين).

آندوم

آندم

آئون کڻي آيس.

آڻائجئين

آڻائجان. آڻائج

تون آڻائجان.

آهوڙين

آهوڙن

آهوڙا- جنڊ آهوڙن.

آهوڙيوم

آهوڙيم

مون جنڊ آهوڙيو.

آهوڙجئين

آهوڙجان، آهوڙ

تون جنڊ آهوڙجان.

 

الف مقصوره

 

اوبارِين

اوبارِن

اوبرڪن- هو کائن ۽ اوبارن (دعا).

اوباريوم

اوباريم

مون کائي اوبر بچائي.

اوبارجئين

اوبارجان، اوبارج

تون اوبر ڪجان.

اوٻارين

اوٻارن

هو باهه تي پاڻي اوٻارن.

اٻاريوم

اوٻاريم

مون پاڻي اوٻاريو.

اوٻارجئين

اوٻارجان، اوٻارج

تون پاڻي اوٻارجان.

اُڀارين

اُڀارن

ڀڙڪائن هو هنن کي اڀارين.

اڀاريوم

اڀاريم

مون هنن کي اڀاريو.

اڀارجئين

اڀارجان، اڀارج.

تون هنن کي اڀارجان.

اُتارين

اُتارن

هوُ هن ڪتاب جي عبارت اتارين.

اتاريوم

اتاريم

مون مضمون اتاريو.

اتارجئين

اتارجان، اتارج

تون ڪتاب اتارجان.

اُٿارين

اُٿارن

هو هنن کي ننڊ مان اٿارن.

اٿاريوم

اٿاريم

مون هنن کي اُٿاريو.

اٿارجئين

اُٿارجان، اٿارج

تون هنن کي اُٿارجان.

اَٽڪائين

اٽڪائن

ويڙهائن، هو هنن کي هنن سان اٽڪائين.

اَٽڪايوم

اٽڪايم

مون هنن کي پاڻ ۾ اٽڪايو.

اَٽڪائجئين

اٽڪائجا، اٽڪائج

تون هنن کي اٽڪائجان.

اُجاڙين

اجاڙن

اجڙيا ناس ڪن. هو باغ کي اجاڙن.

اُجاڙيوم

اجاڙيم

مون باغ کي اجڙ ڪيو.

اُجاڙجئين

اجاڙجان، اجاڙج

تون باغ کي اجاڙجان.

اُوجارين

اجارين

سونارا ڳهن کي اجارن.

اُوجاريوم

اجاريم

مون ڳهن کي اجاريو.

اُوجارجئين

اجارجان، اُجارج

تون ڳهن کي اجارجان.

اُڏارين

اُڏارن

هو پکين کي اڏارين.

اُڏاريوم

اُڏاريم

مون پکي کي اڏاريو.

اُڏارجئين

اڏارجان، اڏارج

تون پکي کي اڏارجان.

اُڍارين

اُڍارن

هو چڪي مان اٽو اڍارن.

اُڍاريوم

اُڍاريم

مون اٽو اڍاريو.

اُڍارجئين

اڍارجان، اڍارج

تون اٽو اڍارجان.

اُڌارين

اڌارِن

هو اوڌر تي وٺن- هو ڀلي اڌارين.

اڌاريوم

اڌاريم

مون اوڌر تي سامان ورتو، مون اڌاريو.

اڌارجئين

اڌارجان، اڌارج

تون اوڌر تي سامان وٺجان اڌارجان.

اُڪيرين

اڪيرِن

نقش ڪن. هو پٿر تي تصوير اڪيرن.

اڪيريوم

اڪيريم

مون هي نقش اڪيريو.

اڪيرجئين

اڪيرجان، اڪيرج

تون پٿر تي اڪيرجان.

اُلارين

الارن

اُلرڪن. هو هن تي لٺ سان الر ڪن هن تي لٺ الارن.

الاريوم

الاريم

مون هن تي ڌڪ الاريو.

الارجئيئن

الارجان. الارج

تون هن تي ڌڪ الارجان.

اوسارين

اوسارن

ماتم ڪن. هو اوسارين.

اوساريوم

اوساريم

حسينؑ جي غم ۾ مون اوساريو.

اوسارجئين

اوسارجان، اوسارج

تون به حسينؑ جي غم ۾ اوسارجان.

اهنجائين

اهنجائن

رنج ڪن. هو اهنجائين.

اهنجايوم

اهنجايم

مون هن کي اهنجايو.

اهنجائجئين

اهنجائجان، اهنجائج

تون هنن کي اهنجائجان.

اينگهائين

اينگهائن

ڳالهه کي ڊگهو ڪن. هو اجايو ڳالهه کي اينگهائين (اينگهائن) ٿا.

اينگهايوم

اينگهايم

مون ڳالهه کي اينگهايو.

اينگهائجئين

اينگهائجان، اينگهائج

تون ڳالهه کي اينگهائجان.

اُٿلائين

اٿلائن

هو ڪيس کي وري اٿلائن ٿا.

اٿلايوم

اٿلايُم

ڪتابن کي اٿلايم پٿلايم.

اٿلائجئين

اٿلائجان، اٿلائج

تون هنڌ اٿلائجان.

اُڪارين

اُڪارن

مهاڻا پار اڪارن ٿا.

اڪاريوم

اڪاريم

مون هن کي پار اُڪاريو، اڪاريم.

اڪارجئين

اڪارجان، اڪارج

تون هنن کي پار اڪارجان.

اوڙين

اوڙِن

هاري نمبر کي اوڙن ٿا، هر ڏين ٿا.

اوڙيم

اوڙِيم

مون نمبر کي اوڙيو. اوڙون ڏنيون.

اوڙجئين

اوڙجان، اوڙج

تون هن کي نمبر اوڙجان.

 

ب

 

باسينِ

باسِن

هو پنهنجو ڏوهه باسن ٿا.

باسيوم

باسيم

مون باسيو، سچي ڪئي.

باسجئين

باسجان، باسج

تون به باسجان.

باهِين

باهِن

ڪتا باهن ٿا.

باهيوم

باهيُم

جج وٽ چورن تي مون باهيو (باهيم).

باهجئين

باهجان، باهج

تون به چورن تي خوب باهجان.

بچائِين

بچائن

هو ماني کائي بچائين، بچائن.

بچايوم

بچايم

هن کي چورن کان بچايم.

بچائجئين

بچائجان، بچائج

تون پاڻ کي چورن کان بچائجان.

بخشائِين

بخشائن

ڏوه معاف ڪرائن.

بخشايوم

بخشايم

مون استاد کان ڏوه بخشايو.

بخشائجئين

بخشائجان، بخشائج

تون به ڏوه بخشائجان.

بڻائين

بڻائن

هو ڪوٺو بنائين ٿا.

بڻايوم

بڻايم

مون به گهر بڻايو.

بڻائجئين

بڻائجان، بڻائج

تون به گهر بڻائجان.

 

ٻ

 

ٻاڏائين

ٻاڏائن

هو ٻاڏائن ٿا ڌڻي جي در تي.

ٻاڏايوم

ٻاڏايم

ساري رات ڌڻي کي ٻاڏايم.

ٻاڏائجئين

ٻاڏائجان، ٻاڏائج

تون ڌڻي در ٻاڏائجان.

ٻارينِ

ٻارن

هو باهه ٻارن ٿا.

ٻاريوم

ٻاريُم

هنن لاءِ ٻارڻ ٻاريم.

ٻارجئين

ٻارجان، ٻارج

تون ٻوٽو ٻارجان.

ٻڌائِين

ٻُڌائن

هو ٻڌائن ٿا ڪراچي جا ويٺل آهيون.

ٻڌايوم

ٻڌايُم

هنن کي ٻڌائيم ته سائين اتي ڪونهي.

ٻڌائجئين

ٻڌائجان، ٻڌائج

تون صفر کي ٻڌائجان ته سڀاڻي اچي.

ٻيلِينِ

ٻيلن

هاري نمبر کي ٻيلين ٿا. ٻه هر ڏين ٿا.

ٻيليوم

ٻيليم

نمبر ٻيلم.

ٻيلجئين

ٻيلجان، ٻيلج

تون به پنهنجي نمبر کي ٻيلج.

 

ڀ

 

ڀاڙين

ڀاڙِن

ٻئي تي ڀروسو ڪن ٿا. هو ٻين تي ڀاڙن ٿا.

ڀاڙيوم

ڀاڙيم

پنهنجي پٽ تي ڀاڙيم.

ڀاڙجئين

ڀاڙجان، ڀاڙج

تون ڪنهن تي نه ڀاڙجان.

ڀٽڪائين

ڀٽڪائن

رلائن ٿا. هو مون کي خواه مخواه پيا ڀٽڪائين.

ڀٽڪايوم

ڀٽڪايُم

هنن کي خوب ڀٽڪايم رلايم.

ڀٽڪائجئن

ڀٽڪائجان، ڀٽڪائج

کين اهڙو ڀٽڪائجان جو ياد ڪن.

ڀڙڪائين

ڀڙڪائن

هُو هنن کي منهنجي خلاف ويٺا ڀڙڪائن.

ڀڙڪايوم

ڀڙڪايم

صفر، آچر خلاف ڀڙڪايم.

ڀڙڪائجئين

ڀڙڪائجان، ڀڙڪائج

تون هنن کي نه ڀڙڪائجان.

ڀيلائين

ڀيلائن

هو پرائي پوک ڀيلائن ٿا (ڍڳن کان).

ڀيلايوم

ڀيلايم

ساريون سٺيون نه ٿيون سو ڀيلايم.

ڀيلائجئين

ڀيلائجان، ڀيلائج

نه ٿيل پوک ڀيلائجان نه ته ڍل پئجي ويندي.

ڀوڳين

ڀوڳن

نتيجو ڏسن، هو سزا ويٺا ڀوڳن.

ڀوڳيوم

ڀوڳيم

ڪئي جو نتيجو ڀوڳيم.

ڀوڳجائين

ڀوڳجان، ڀوڳج

ڀاڳن جو لکيو ويٺو ڀوڳجان.

 

ت

 

تاتِين

تاتِن

پالن. هو تتر تاتن ٿا.

تاتيوم

تاتيُم

طوطي کي تاتيُم ته هاڻي ٻولي ٿو.

تاتجئين

تاتجان، تاتج

تون ڪڪڙ کي تاتجان، ته ٿلهو ٿئي.

تاترائين

تاترائن

ترسائن ٿا. هو دلاسا ڏئي تاترائن ٿا.

تاترائجئين

تاترائجان، تاترائج

هنن کي تاترائجان.

] مٿيان الفاظ ٻين طرفان ڪن جاندار شين کي تاترائڻ جي ڪم اچن ٿا.[

تورِين

تورِن

هو ساريون تورِن ٿا.

توريوم

توريم

ڪڻڪ جو مڻ توريم.

تورجئين

تورجان، تورج

ڪپهه چڱي طرح تورجان.

تنوارِين

تنوارِن

تتر تنوارن ٿا.

تنواريم

تنواريم

هن کي تنواريم (سڏيم)

تنوارجئين

تنوارجان، تنوارِج

مينهن کي تنوارجان.

تڙائين

تڙائن

لوڌائن ٿا. هو نوڪر کي در تان تڙائن ٿا.

تڙايوم

تڙايم

ڪُتن کي در تان تڙايم.

تڙائجئين

تڙائجان، تڙائج

پوليس هٿان ٻيلي مان چورن کي تڙائجان.

 

ٿ

 

ٿاٿِرائِين

ٿاٿرائن

ترسائن- هُنن کي چَو ته احمد کي ٿاٿرائن.

ٿاٿرايوم

ٿاٿرايُم

احمد کي پاڻ وٽ ٿاٿرايم.

ٿاٿرجئين

ٿاٿرجان، ٿاٿرج

تون اتي ٿاٿرجان.

ٿيلهين

ٿيلهن

ڌڪا ڏين. هو پنهونءَ کي ٿيلهن ٿا.

ٿيلهيوم

ٿيلهيُم

موتيءَ کي ٿيلهيم

ٿيلهجئين

ٿيلهجان، ٿيلهج

تون صفر کي ٿيلهجان.

 

ٽ

 

ٽارين

ٽارِن

پري ڪن. رستي تان بُنڊَن کي ٽارين.

ٽاريوم

ٽاريم

پوليس وارن کي في الحال ته ٽاريم.

ٽارجَئين

ٽارجان، ٽارج

تون صفر کي جهڙي کان ٽارجان.

ٽپائين

ٽپائن

پار ڪن. مهاڻا ٻيڙي تي واه ٽپائن ٿا.

ٽپايوم

ٽپايم

هنن کي پرينءَ ڀر ٽپايم.

ٽپائجئين

ٽپائجان، ٽپائج

ڇوڪرن کي واهيءَ کان ٽپائجان.

ٽوڙين

ٽوڙن

ڇنن. هو دوستي ٽوڙن ٿا.

ٽوڙيوم

ٽوڙيم

هن سان ياراني ٽوڙيم.

ٽوڙجئين

ٽوڙجان، ٽوڙج

تون هنن سان ناتو ٽوڙجان.

ٽهڪائِين

ٽهڪائن

گرم ڪن. تئي ۾ تيل کي ٽهڪائن ٿا.

ٽهڪايوم

ٽهڪايم

گهه ٽهڪايم.

ٽهڪائجئين

ٽهڪائجان، ٽهڪائج.

تون ڪڻڇي ۾ تيل ٽهڪائجان.

 

ٺ

 

ٺارين

ٺارِن

ٿڌو ڪن. هاري پاٽ ۾ ڀَت ٺارن ٿا.

ٺاريوم

ٺاريُم

تتل تئي کي ٺاريم.

ٺارجئين

ٺارجان، ٺارج

تتل شِيخ کي ٺارجان.

ٺاهِين

ٺاهن

رازا جاءِ ٺاهن ٿا.

ٺاهيوم

ٺاهيُم

ڪتاب کي جُلد ٻڌي ٺاهيُم

ٺاهجئين

ٺاهجان، ٺاهج

تون ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ ٺاهجان.

ٺپِين

ٺَپِن

لهر گهوٻا ٺپن ٿا.

ٺپيوم

ٺپيم

ٽڦڻي کي ٺپيُم.

ٺپجئين

ٺپجان، ٺپج

آر جي چهنب کي ٺپجان.

ٺهائين

ٺهائِن، ٺاهِن

رازا جاءِ ٺهائن (ٺاهن) ٿا.

ٺهايوم

ٺهايم

ٻنهي ڌرين کي پاڻ۾ ٺهايُم

ٺهائجئين

ٺهائجان، ٺهائج

تون هنن کي پاڻ ۾ ٺهائجا.

 

ث

 

Í

 

پ

 

پارائين

پارائن

ڪپڙا ڍڪائن. هو فقيرن کي ڪپڙا پارائن ٿا.

پارايوم

پارايم

هُن کي نئون پهراڻ پارايُم.

پارائجئين

پارائجان، پارائج.

تون هن کي هار پارائجان.

پاڙِين

پاڙن

پنهنجو قول پاڙن ٿا.

پاڙيوم

پاڙيم

هنن سان انجام پاڙيم.

پاڙجئين

پاڙجان، پاڙج

تون پنهنجي ڳالهه پاڙجان.

پاڙِهين

پاڙهن

ماستر بالغن کي به پاڙهن ٿا.

پاڙهيوم

پاڙهيم

عبدالله کي ڪتاب پاڙهيم.

پاڙهجئين

پاڙهجان، پاڙهج.

هنن کي ضرور پاڙهجان.

پَچارين

پچارن

ڳالهه ڪن. مجلس ۾ عمر جي ڳالهه پچارن پيا.

پچاريوم

پچاريُم

تنهنجو ذڪر پئي پچاريُم.

پچارجئين

پچارجان، پچارج.

تون ڪا به ڳالهه نه پچارجان.

پرچائِين

پرچن

هو رٺلن کي پرچائن ٿا.

پرچايوم

پرچايم

محبوب کي منٿن سان پرچايم.

پرچائجئين

پرچائجان، پرچائج

سومر ۽ آچر کي پرچائجان.

پهچائِين

پهچائِن

رسائن. مهاڻا پار پهچائن ٿا.

پهچايوم

پهچايم

تنهنجو ڪتاب تنهنجي گهر پهچايم.

پهچائجئين

پهچائجان، پهچائج

هنن جون شيون هنن کي پهچائجان.

پوکين

پوکِن

ٻيلن ۾ وڻ پوکن ٿا.

پوکيوم

پوکيم

انب جو ٻوٽو پوکيم.

پوکجئين

پوکجان، پوکج

باغ ۾ کجيون پوکجان.

 

ڦ

 

ڦاڙِين

ڦاڙِن

ڪتابن کي ڦاڙين (ڦاڙن) ٿا.

ڦاڙيوم

ڦاڙيم

پراڻو ڪاغذ ڦاڙيم.

ڦاڙجئين

ڦاڙجان، ڦاڙج

چادر کي نه ڦاڙجان.

ڦانڊِيِن

ڦانڊِن

ورهائن. واپاري پاڻ ۾ نفعو ڦانڊن ٿا.

ڦانڊيوم

ڦانڊيم

دڪان ۾ ٿيل نفعو ڀائيوارن سان ڦانڊيم.

ڦانڊجئين

ڦانڊجان، ڦانڊج

ڦانڊڻي ڦانڊجان.

ڦَٽِين

ڦٽن

زخمي ڪن. چور ڀاڳين کي ڦٽن ٿا.

ڦٽيوم

ڦٽيُم

ڪهاڙي سان ڪُتي کي ڦٽيم.

ڦٽجئين

ڦٽجان، ڦٽج

تون ڏڦي سان سور کي ڦٽجان.

ڦيهيِن

ڦيهن

ڇوڪر آنن کي ڦيهن ٿا.

ڦيهيوم

ڦيهم

ڪنو آنو ڦيهيم.

ڦيهجئين

ڦيهجان، ڦيهج

ڦرڙي کي ڦيهجان.

 

ج

 

جاچين

جاچن

خبر لهن. هو الاجي ڇا ٿا جاچن.

جاچيوم

جاچيم، جاچم

ڏاند گهڻو ئي جاچم مگر نه لڌو.

جاچجئين

جاچجان، جاچج

تون جاچجانه ته مينهون ڪٿي آهن.

جاڳائين

جاڳائن

سجاڳ ڪن. مڇر چڪ هڻي ننڊ مان جاڳائن ٿا.

جاڳايوم

جاڳايم

چوڪيدار کي ننڊ مان جاڳايم.

جاڳائجئين

جاڳائجان، جاڳائج

هاري کي جاڳائجان. ته پاڻي جي واري تي وڃي.

جرڪائين

جرڪائن

سونارا ڳهن کي ابصر ڪري جرڪائن ٿا.

جرڪايوم

جرڪايم

واچ کي صاف ڪري جرڪايم.

جرڪائجئين

جرڪائجان، جرڪائج

بوٽ کي پالش ڪري جرڪائجان.

جلائين

جلائن

باه ۾ ڪاٺيون جلائن.

جلايوم

جلايم

باه ۾ بُنڊ جلايم.

جلائجئين

جلائجان، جلائجه

باهه ڏئي پراڻي ڀاڻ کي جلائجان.

جيارين

جيارن

ڊاڪٽر دوائن رستي جيارن ٿا.

جياريوم

جياريم

مڇي کي پاڻي ۾ وجهي جياريم.

جيارجئين

جيارجان جيارج

ماڻهن ۾ قومي جذبو جيارجئين (جيارج).

 

ڄ

 

ڄاڻائين

ڄاڻائن

سڏ ڏين ٿا. سانوڻ جا ڪڪر ڄاڻائن ٿا ته برسات ڄاڻ آئي.

ڄاڻايوم

ڄاڻايُم

هنن کي ڄاڻايم ته سڀاڻي اينداسين.

ڄاڻائجئين

ڄاڻائجان، ڄاڻائج

پاڙيوارن کي ڄاڻائجان ته سجاڳي ڪن.

ڄراٽين

ڄراٽن

ساڙن. شعلا ڪکن کي ڄراٽن ٿا.

ڄراٽيوم

ڄراٽيم

ڄڀي ڪري ڊڀن کي ڄراٽيم.

ڄراٽجئين

ڄراٽجان، ڄراٽج

ٻٺي ۾ جهنگ کي ڄراٽجان.

ڄڻين

ڄڻن

ڪي عورتون جاڙا به ڄڻن.

ڄڻيوم

ڄڻيم

ساران چيو ته هيءَ چوٿين ڌيءُ ڄڻيم.

ڄڻجئين

ڄڻجان، ڄڻج

دوا ڪرائي ٻئي سال ٻار ڄڻجان.

 

جهه

 

جهاڳين

جهاڳن

ٻوڏ ۾ آيل ميل جهاڳ. جهاڳن ٿا.

جهاڳيوم

جهاڳيم

هيڏو سارو پاڻي جهاڳيم.

جهاڳجئين

جهاڳجان، جهاڳج

جهاڳ جهاڳجان.

جهٽين (جهپين)

جهٽن

راند ۾ بال جهٽن ٿا.

جهٽيوم (جهپيوم)

جهٽيم

بال کي جهٽيم.

جهٽجئين

جهٽجان، جهٽج

تون بال جهٽجان.

جهُڪائين

جهڪائن

نمازي ماڻهو سجدي ۾ سر جهڪائن ٿا.

جهُڪايوم

جهڪايم

هن اڳيان پاڻ کي جهڪايم.

جهُڪائجئين

جهڪائجان، جهڪائج

سائين اڳيان سر جهڪائجان.

جهونگارين

جهونگارن

جهنگن ۾ جهانگي جهونگارن ٿا.

جهونگاريوم

جهونگاريم

اڄ ويٺي پنهنجو غزل جهونگاريم.

جهونگارجئين

جهونگارجان، جهونگارج

شاهه جو ڪلام جهونگارجان.

جهيڙين

جهيڙن

جهيڙو ڪن. هو خواهه مخواه جهيڙن ٿا.

جهيڙيوم

جهيڙيم

دشمن سان نيٺ جهيڙيم.

جهيڙجئين

جهيڙجان، جهيڙج

پنهنجي نفس سان جهيڙجان.

 

ڃ

 

Í

 

چ

 

چارين

چارن

ريڍار رڍون چارن ٿا.

چاريوم

چاريم

اڄ ڳئون جوئر ۾ چاريم.

چارجئين

چارجان، چارج

ڏاند کي چارجان.

چاڙهين

چاڙهن

مايون هاڻي ديڳڙو چاڙهن ٿيون.

چاڙهيوم

چاڙهيم

چلهه تي تئو چاڙهيم.

چاڙهجئين

چاڙهجان، چاڙهج

مهمانن کيءِ چانور چاڙهجان.

چڪاسين

چڪاسِن

ڊاڪٽر بيمارن کي چڪاسن ٿا.

چڪاسيوم

چڪاسجان، چڪاسج

ڊاڪٽر صاحب بيمار کي چڱيءَ طرح چڪاسجان.

چلڪائين

چلڪائن

مايون ٿانو ملي انهن کي چلڪائين ٿيون.

چلڪايوم

چلڪايم

بوٽ کي پالش ڪري چلڪايم.

چلڪائجئين

چلڪائجان، چلڪائج

ڪهاڙي کي ريگمال هڻي چلڪائجان

چونڊين

چونڊن

مايون ڦٽيون چونڊن ٿيون.

چونڊيوم

چونڊيم

هاريل مڻڪا چونڊيم.

چونڊجئين

چونڊجان، چونڊج

هي پَٽَ تي پيل ان جا داڻا چلڪائجان.

چَڪين

چڪن

چڪ هڻن. ڪُتا چورن کي چَڪن ٿا.

چڪيوم

چڪيم

صوف کي چڪيم (چڪ هنيم)

چڪجئين

چڪجان، چڪج

اي ڪتا! ڪنهن کي به نه چڪجان.

چيڙائين

چيڙائن

هو چرچا ڪري نبن کي چيڙائن ٿا.

چيڙايوم

چيڙايم

اڄ هن کي چيڙايم.

چيڙائجائين

چيڙائجان، چيڙائج

چرچا ڪري وَلو کي چيڙائجان.

 

ڇ

 

ڇاڇولين

ڇاڇولن

کٽي ڪپڙن کي پاڻي ۾ ڇاڇولن ٿا.

ڇاڇوليوم

ڇاڇوليم

پاٽ ۾ قميص کي ڇاڇوليم.

ڇاڇولجئين

ڇاڇولجان، ڇاڇولج

ٽوال کي چڱي طرح ڇاڇولجان.

ڇانگين

ڇانگن

بيلدار وڻن کي ڇانگن ٿا.

ڇانگيوم

ڇانگيم

ٻٻر کي ڇانگيم.

ڇانگجئين

ڇانگجان، ڇانگج

ڪنڊيءَ کي ڇانگجان.

ڇاڻين

ڇاڻن

مايون اٽو ڇاڻن ٿيون.

ڇاڻيوم

ڇاڻيم

ڄاريءَ ۾ واري ڇاڻيم.

ڇاڻجئين

ڇاڻجان، ڇاڻج

اٽو چڱي طرح ڇاڻجان.

ڇڻڪارين

ڇڻڪارن

بيلدار رستي تي پاڻي ڇلڪارن ٿا.

ڇڻڪاريوم

ڇڻڪاريم

اوطاق ٻاهران پاڻي ڇڻڪارجان.

ڇڻڪارجئين

ڇڻڪارجان، ڇڻڪارج

اوطاق ٻاهران پاڻي ڇڻڪارجا.

ڇوڙين

ڇوڙن

ميهر مينهون ڇوڙن ٿا.

ڇوڙيوم

ڇوڙيم

ڏاندن کي هرن مان ڇوڙيم.

ڇوڙجئن

ڇوڙجان، ڇوڙج

ڍڳا ساجهر ڇوڙجان.

ڇيڪارين

ڇيڪارن

جانورن کي پاڻي پيڻ لاءِ ڌنار ڇيڪارين ٿا.

ڇيڪاريوم

ڇيڪاريم

گهوڙي کي ڇيڪاريم.

ڇيڪارجئين

ڇيڪارجان، ڇيڪارن

ڍڳن کي ڇيڪارجان ته پاڻي پين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com