سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: 2

صفحو :7

 

باب ٻيو

اسم عام مونث

 

آ

[  الف مَد وارو ]

 

اصل

مخفّف

سمجهاڻي

آبادين

آبادِنِ

الله ڪندو ته آبادِيُن ] آبادِن[ کي ڪو نقصان ڪونه ٿيندو.

آبائتين

آبائتِن

عزّت وارِن.

آدمين

آدمِن

ماڻهن.

آسائتيُن

آسائِتِنِ

آس وارين.

آمادين

آمادِن

تيار ٿيل.

آکاڻين

آکاڻِن

ڳالهين.

آديِسِين

آديَسِنِ

فقيرن.

آڌوتِيُن

آدوتِنِ

فقيرن.

آڌيُن

آڌِن

آڌي ۾ 50 پئسا ٿيندا آهن.

آرسيُن

آرسِنِ

آئينه.

آرين

آرِنِ

انگل

آڙِيُن

آڙِنِ

آري پکي جو قسم آهي.

آڱرين

آڱِرِنِ

سنڌي زبان ۾ هٿن ۽ پيرن جي آڱرين ] آڱرِن[ جا به نالا آهن.

آليُن

آلِنِ

ڀنل.

آهيڙياڻين

آهيڙياڻن

آهيڙي (ٻالشاهي).

 

الف مقصوره

 

اکين

اکِنِ

نيڻن.

اديُن

ادِن

ڀينرن.

اباڻيُن

اباڻِنِ

اباڻن ڳالهين.

اڀريُن

اڀرِنِ

هيڻيِن

اڀوڳيُن

اڀوڳن

بنا سڻڀ جي.

اڄوڪين

اڄوڪن

اڄ وارن.

اڏُين

اَڏِن

ڪڙ، گهر مَنَهن اڏڻ.

اروڙيُن

اروڙِن

اروڙي گندَ جي جاءِ.

استرِيُن

استِرِن

زالن- يا ڪپڙي ڪرڻ جي استري.

اڪيليُن

اڪيلن

تنها.

اُکريُن

اکرِنِ

اکريون ان ڇڙهڻ لاءِ ڪنڀر ٺاهيندا آهن.

آڳاٽيُن

آڳاٽِن

اڳوڻين.

اڳڙين

اڳڙن

ڪپڙي جا ننڍا ٽڪر.

الولِيُن

الولِن

موجن، مزن.

انڌيُن

انڌِن

نه ڏسندڙِن.

اوٻاسيُن

اوٻاسِن

ننڊ اچڻ وقت وات کولڻ.

ايلاچيُن

ايلاچِن

ننڍا ڦوٽا.

انڀيُن

انڀِن

ڀت رڌڻ ۾ ڪم ايندڙ ڪاٺي.

اتراديُن

اترادَنِ

اتر جا.

 

ب

 

بادشاهيُن

بادشاهِنِ

حڪومتن.

بازاريُن

بازارن

اهو رستو يا گهٽي جنهن جي ٻنهي پاسي دڪان هجن.

بانديُن

باندِن

قيدياڻيون.

بَتيُن

بَتِن

اها شي جنهن مان روشني پيدا ٿئي مثال طور شمع دان وغيره.

بدِڙيُن

بدڙِن

سارين جو قسم.

بَسيُن

بَسِن

چيني جون بسيون.

بُکيُن

بُکِن

بک وارين

بُصريُن

بُصرِنِ

بصري؛ ڳڙ ۾ گهڻي گيهه سان پيل ماني.

بيماريُن

بيمارِن

ناچاڪاين.

برباديُن

بربادِن

تباهين.

باداميُن

بادامِن

بادام جو جمع.

هاريُن

هارِن

ڪڙمين.

يارِيُن

يارِنِ

دوستِن.

 

ٻ

 

ٻاٽليُن

ٻاٽلِن

ٻاٽلين (ٻاٽلن) ۾ سوڍا واٽر هوندو آهي.

ٻارِيُن

ٻارِن

هاري (ٻارين، ٻارن) ۾ ٻج پوکيندا آهن.

ٻاراڻين

ٻاراڻن

ٻاراڻين (ٻاراڻن) ڳالهين تي نه لڳجي.

ٻانهيُن

ٻانِهن

ٻانهين (ٻانهن) کان گهڻو ڪم نه وٺجي.

ٻِانڌيُن

ٻانڌن

کاٽي کڻڻ وقت ٻن کامن جي وچ۾ ٻانڌي ڇڏيندا آهن.

ٻڪريُن

ٻڪرِن

ٻڪريءَ جو جمع.

ٻليُن

ٻلِن

ٻليءَ جو جمع.

ٻَنڌيُن

ٻنڌن

اعصاب.

ٻوٽيُن

ٻوٽِن

گوشت جا ننڍا ٽڪرا- زمين مان پيدا ٿيندڙ اُهي شيون جن مان دوائون ٺهن.

ٻنيُن

ٻَنِنِ

پوکن.

ٻوليُن

ٻولِن

زبانن.

ٻهارُين

ٻهارِن

ميڙڻ صاف ڪرڻ.

ٻهاڻيُن

ٻهاڻِن

ننڍن گهوڙِنِ.

ٻيليُن

ٻيلن

نوڪرن.

ٻيريُن

ٻيرِن

وڻ جو قسم.

ٻيڙيُن

ٻيڙِن

ڪشتِن.

 

ڀ

 

ڀاتِيُن

ڀاتِن

گهر جي ڀاتين کي وڏي جو ادب ڪرڻ گهرجي.

ڀاڄيُن

ڀاڄِن

ڀاڄين (ڀاڄن) جا اگهه وڌندا وڃن.

ڀتيُن

ڀِتِن

ڀتيُن (ڀتن) کي راڳو ڏجي.

ڀَريُن

ڀرن

گاه جون ڀريون.

ڀنڀوريُن

ڀنڀورِن

جيت جا قسم.

ڀولِڙين

ڀولڙن

ڀولڙيءَ جو جمع.

ڀُوريُن

ڀورِن

ڀوريون ڳوري رنگ جون.

ڀلاريُن

ڀلارِن

سڳورِن.

ڀونگيُن

ڀونگِن

جهوپڙيون.

ڀوڳڙيُن

ڀوڳڙِن

ڀڳڙن ٺاهڻ وارا.

ڀيلِڻيُن

ڀيلِڻِنِ

ڀيل ذات جون عورتون.

 

ب

 

تارازين

تارازِن

سامهين.

تاڙِيُن

تاڙِن

در جي طاقن.

تاساريُن

تاسارِن

اڃارِن

تَڏيُن

تڏِنِ

پيش مان ٺهيل ننڍيون تڏيون.

تسريُن

تسرن

اونهيون نه ويڪريون ٿالهيون.

تِکيُن

تِکِن

تيز.

تڪڙيُن

تَڪڙِن

هلڻ جو ڇوهيون.

توريُن

تورِنِ

ڀاڄي جو قم.

تِيليُن

تِيلن

ڪڻڪ جون تيليون جنهن مان دٻڪيون ٺهن.

تغاريُن

تغارِن

لوهيون تيون.

 

ٿ

 

ٿالهيُن

ٿالِهن

کائڻ جا ٿانوَ (ٿانء) ] پليٽون [.

ٿاڦيُن

ٿاڦِن

ٿاڦي سان ڪنڀر ٿانو ٺپيندا آهن.

ٿَڌيُن

ٿڌِن

ٿڌِن سبب بخار ٿي پيا آهن.

ٿُڏِيُن

ٿُڏِن

ڪاٺي جون ٿڏيون.

ٿُلهيُن

ٿُلهِن

ٿلهيون عورتون.

ٿيلهيُن

ٿيلهِنِ

ڪپڙي يا پلاسٽڪ جون ٿيلهيون.

ٿَڪِليُن

ٿڪلِن

پنڌ ۾ ٿڪل عورتون.

 

ٽ

 

ٽالهيُن

ٽالهِن

ٽالهي وڻ جو قسم.

ٽَپڙيُن

ٺپڙِن

ڪپڙي يا ڳوڻ جو ٽڪر، جيڪو صفائي جي يا ويهڻ جي ڪم اچي.

ٽپِڙيُن

ٽِپِڙن

ڪپڙي يا ڳوڻ جو ٽڪر، جيڪو صفائي جي ويهڻ جي ڪم اچي.

ٽِپڙيُن

ٽِپڙِن

ٺڪر جون ٽپيون.

ٽجوڙيُن

ٽجوڙِن

لوه جون ٽجوڙيون.

ٽوپيُن

ٽوپِن

جيڪب آباد سنڌي ٽوپين (ٽوپِن) جو مرڪز آهي.

ٽوڪريُن

ٽوڪرِن

ٽوڪرين (ٽوڪرن) ۾ گل به وجهبا آهن.

ٽوليُن

ٽولِن

ڪونجون ٽولين (ٽولِن) جي صورت ۾ اُڏامنديون آهن.

ٽهاڻِين

ٽهاڻِن

ٽن سالن جي وڇ کي ٽهاڻ چئبو آهي.

ٽيڏين

ٽيڏِن

ٽيڏِيُن (ٽيڏِن) اکين جو به علاج آهي.

 

ٺ

 

ٺاپين

ٺاپن

ٺاپيءَ جو جمع، جنهن جي معنيٰ ملائڻ به آهي.

ٺپڻين

ٺپڻِن

ڪنڀرن جو اوزار جنهن سان ٿانو ٺپن.

ٺِڪريُن

ٺڪرِن

رستي تي ٺڪرين (ٺِڪرِن) جا ٽڪر پيل هُئا.

ٺَڳين

ٺڳن

ٺڳيُن (ٺڳِن) مان ڪا به هڙ حاصل نه ٿيندي.

ٺمريُن

ٺُمرِن

راڳ جو قسم.

ٺونٺيُن

ٺونٺِن

جنگ ۾ سپاهي ٺونٺين (ٺونٺِن) ڀر به رڙهندا آهن.

ٺوڙهيُن

ٺوڙِهن

جن کي سنڱ نه هجن.

ٺومِيُن

ٺومِن

جن کي سنڱ نه هجن.

ٺيڪريُن

ٺيڪِرن

ٺڪر وڪڻندڙ دڪاندار.

 

ث

 

ثابِتيُن

ثابتِن

ڳالهه سچي ڪرڻ لاءِ ثابتين (ثابتن) جي ضرورت آهي.

 


 

پ

 

پاٿاريُن

پاٿارِن

هيٺ سمهڻ جون جايون. چور جتي مال لڪائين.

پاٽِيُن

پاٽُن

پاٽن ۾ ڀت کائبو.

پاٽِيُن

پاٽِن

اڳي ان پاٽن سان ڀربو هو.

پاپڙيُن

پاپڙِن

ڪن جي پاپڙين (پاپڙِن) ۾ واليون اٿس.

پاڇاٽيُن

پاڇاٽِن

پوئين مند واريون پوکون.

پاڙوسِيُن

پاڙوسرِن

پاڙي ۾ رهندڙن.

پاريسريُن

پاڙيسرِن

پاڙي ۾ رهندڙن.

پاڪيُن

پاڪن

پاڪين (پاڪن) سان حجَم وار ڪوڙيندا آهن.

پانڌِيُن

پانڌِن

واٽهڙو.

پتيُن

پَتن

حصن.

پٽيُن

پَٽِن

تختيون جن تي ٻار اکر لکندا آهن.

پڇاڙيُن

پڇاڙِن

گهوڙن کي پڇاڙين (پچاڙن) سان سوگهو ڪيو.

پوتيُن

پوتِن

ڇوڪريون پوتين (پوتن) سان مٿا ڍڪيو.

پکيُن

پکِن

پکين (پَکِن) جي شڪار جا به قسم ٿيندا آهن.

پيڙهين

پيڙهِن

ڀت جي بنياد کي پيڙهه چئبو آهي.

پيهِيُن

پيهِن

جهوپڙين.

پُڙيُن

پُڙِن

دوا جون پڙيون.

پَوَن

پُونِ

ماڻهو هروڀرو اچيو پرائي ڳالهه ۾ پَوَنِ (پُونِ)

 

ڦ

 

ڦُٽِيُن

ڦُٽِن

ڦٽين (ڦُٽِن) جو چونڊو.

ڦَريُن

ڦَرن

ڪيلي جي ڦرين (ڦرن) ۾ مزو آهي.

ڦَرهُين

ڦَرهِن

ڦرهين (ڦرهن) تي اکر لکو.

ڦُڙِيُن

ڦڙِن

مِينهن جي ڦڙين (ڦڙن) ۾ پسيو آهيان.

ڦيڪاريُن

ڦيڪارِن

گدڙ جي ڦيڪارين (ڦيڪارن) تي ڪتا ويا.

ڦِيڻاهين

ڦيڻاهِن

پکي جو قسم.

ڦڪِيُن

ڦَڪِن

ستن ڦڪين (ڦڪن) فرق ڪونه ڪيو.

ڦاريُن

ڦارِن

بسڪوٽن جي ڦارين (ڦارن) ۾ بسڪوٽ کٽل آهن.

ڦَڻيُن

ڦَڻِن

ڦڻين (ڦڻن) سان وار سنواري ڇڏ.

 

ڃ

 

Í

ج

 

جائِيُن

جائِن، جايُن

جَڳهين.

جاڙِيُن

جاڙِن

گڏ ڄاول ٻن ڀينرن کي جاڙيون چئبو.

جاريُن

جارِن

ڀت ۾ جارين (جارن) سبب هوا ايندي.

جُتيُن

جُتن

مسجد ۾ جُتين (جتن) جا چور به ايندا آهن.

جدائيُن

جدائِن.

جدائين (جدائن) جي گهڙي به سال برابر آهي.

جُوارين

جوارِن

جوئر جون پوکون.

جُوارين

جُوارِن

جوا کيڏندڙن.

جوڳين

جوڳِن

فقيرن.

جَهڙيُن

جهڙِن

هن بار جهڙين (جهڙِن) اکين سان پ.ي نهاريو.

جيجيُن

جيجن

مائرن.

 

ڄ

 

ڄاريُن

ڄارِن

تارن جي ڄارين (ڄارِن) سان جاءِ جون دريون بند هونديون ته مڇر نه ايندا.

ڄاڙيُن

ڄاڙِن

هُن جي ڄاڙين (ڄاڙِن) ۾ سور آهي.

ڄاليُن

ڄالِن

ڄالين (ڄالن) ۾ پيرون ٿيندا آهن.

ڄڀيُن

ڄڀن

باه جي ڄڀين (ڄڀن) سان لوڙهو سڙي ويو.

ڄرڪيُن

ڄَرڪن

مڇي جو قسم- ڄرڪن جو مونث.

 

جهه

 

جهاتيُن

جهاتِن

خواه مخواهه جهاتين (جهاتن) پائڻ مان عورت لاءِ بدگماني ٿيندي.

جهانگيُن

جهانگِن

جهنگ ۾ رهندڙ- مارئي چيو ته عمر جهانگين (جهانگن) جي جهوريءَ ماري وڌو اٿم.

جِهرڪيُن

جهرڪِن

جهرڪين (جهرڪن) ۾ سدائين جهيڙو هوندو آهي.

جُهڳيُن

جهڳِن

جهوپڙين.

جَهنڊيُن

جَهنڊِن

جهنڊين (جهنڊن) سان دڪان سينگاريو اٿم.

جهوليُن

جهولِن

سخي، فقيرن جي جهولين (جهولن) کي ڀريو ڇڏين.

جُهونِيُن

جهونِن

پراڻن- جهونين (جهونن) رسمن کي چهٽي نه پئجي.

 

چ

 

چاٻِيُن

چاٻِن

چاٻين (چاٻن) سان ڪلف کولِ.

چاڏين

چاڏِن

چاڏين (چاڏن) ۾ کير ولوڙبو آهي.

چاڙهيُن

چاڙهِن

ڪار کي چاڙهين (چاڙهن) تي خبرداري سان چاڙهجي.

چٺيُن

چٺِن

ڌاڙيلن جي چٺين (چٺِن) ڳوٺ ڦٽائي ڇڏيا.

چُغليُن

چُغلِن

چغلين (چغلِن) هڻڻ سان ٻارڻ ٻريو پوي.

چَڪِيُن

چڪِن

باغ کي ٻين چڪين (چڪن) سان وڌايو.

چَڪيُن

چڪِن

چڪن سان اٽو سنهو ڪريو.

چوياريُن

چويارِن

گهَر جو ڪم به ڪريو سڄو ڏينهن چويارين (چويارن) ۾ نه گذاريو.

چوٽِيُن

چوٽِن

وڻن جي چوٽين (چوٽن) تي پکي وهندا آهن.

چونيُن

چونِن

هاري هرن ۾ چونين (چونن) سان زمين کيڙيندا آهن.

چيلهيُن

چيلهن

ملهه چيلهين (چيلهن) ۾ سندرا ٻڌندا آهن.

چڙيُن

چڙِن

ڌنارن کي چڙين (چڙِن) جي چونگار وڻندي آهي.

 

ڇ

 

ڇاتِيُن

ڇاتِن

مائرون ٻارن کي ڇاتين (ڇاتن) سان لائينديون آهن.

ڇاڙڪيُن

ڇاڙِڪِن

اڳي ڇاڙڪيُن (ڇاڙڪن) سان ڪپڙو ماپبو هو.

ڇانهيُن

ڇانهِن

ڪچي ۾ ڇانهين (ڇانهن) جو فصل ڀلو ٿيندو آهي.

ڇَٽِيُن

ڇَٽن

اونهاري ۾ ڇٽين (ڇٽن) سان اس کان بچاءُ ڪجي.

ڇُرين

ڇُرِن

ڇرين (ڇرن) سان گوشت کي وڍ.

ڇوريُن

ڇورِن

ڇورين (ڇورن) رڙيون ڪري ننڊ ڦٽائي ڇڏي.

ڇوڪريُن

ڇوڪِرن

ڇوڪرين (ڇوڪرن) کي پڙهائڻ گهرجي.

ڇوليُن

ڇولِن

درياءَ جي ڇولين (ڇولن) جي سهڻيءَ پرواه ئي نه ڪڍي.

ڇيڳريُن

ڇيڳِرِن

گدلين- ڇيڳرين (ڇيڳرِن) عورتن مان نفرت ايندي آهي.

ڇيڻيُن

ڇيڻِن

واڍو ڇيڻين (ڇيڻ) سان بُنڊ پيو ڏاري.

 

ح

 

حُسينيُن

حُسينِن

حسينيُن (حسينن) کي حشر جو ڪهڙو ڊپ.

حڪمرانِيُن

حڪمرانِن

اڄ ڪلهه حڪمرانين (حڪمرانن) کي هميشہ فوج مان خطرو رهي ٿو.

 

خ

 

خاصخيلين

خاصخيلن

خاصخيلين (خاصخيلن) ۾ به وڏا وڏا عالم آهن.

خاطرين

خاطِرن

پڪ ڏيارڻ.

خُنڪيُن

خُنڪِن

تازگين.

خوبين

خوبِن

خوبين (خوبن) وارو ماڻهو سڀ کي پيو وڻي.

خاميُن

خامِن

خامين (خامن) کان ڪوبه بچل ناهي.

 

د

 

داٻليُن

داٻِلن/ دٻلن

داٻِليُن (داٻلن) ۾ موتي سوگها رکو.

دادليُن

دادِلن

هَٺُ ڪيترن دادلين (دادلِن) کي در تان ڌڪايو ڇڏي.

دانگيُن

دانگِن

دانگين (دانگن) تي ماني پچايو.

دٻڪيُن

دٻِڪن

دٻڪين (دٻڪن) تي ماني رکو.

دِليُن

دِلن

دلين (دلن) مان غير ڪڍو.

دَنگيُن

دَنگِنِ

ٻيڙين (دنگن) دنگين تي چاڙهي مهاڻا پار ڪيو ڇڏين.

دونهيُن

دونهِن

ميهار مينهن کي دونهين (دونهن) ڪرڻ سان مڇرن کان بچائين ٿا.

ديسيُن

ديسِن

ملڪ وارن.

ديڳيُن

ديڳِن

ديڳين (ديڳِن) ۾ ڀت رڌبو.

دُنبيُن

دُنبِن

دنبين (دنبن) جي دُنبِ ۾ وَهه ٿيندي آهي.

دَکيُن

دَکِن

دکين (دکن) ۾ پاڻي وجهو.

دِيهيُن

دِهن

هن سال گهڻِن ديهين (ديهن) ۾ فصل ڪونهي.

 

ڌ

 

ڌاريُن

ڌارِن

پراين- ڌارين (ڌارن) عورتن ڏانهن نه نهارجي.

ڌُوتِين

ڌُوتِن

ڌوتين (ڌوتن) عورتن کان پاسو ڪجي.

ڌوُتيُن

ڌُوتِن

هندو ڌوتين (ڌوتن) سان گهمندا هئا.

ڌِيئُن

ڌِين

امام بخش کي ڌيئن (ڌين) جو ڌڻ آهي.

 

ڏ

 

ڏاٽيُن

ڏاٽِن

ڏاٽين (ڏاٽن) سان لابارو ڪبو آهي.

ڏاچيُن

ڏاچن

ڏاچيُن (ڏاچِن) جو کير جلندر کي فائدو ڏيندو آهي.

ڏاڙِهيُن

ڏاڙِهن

هي جُوان ڏاڙهين (ڏاڙهن) سان ٿيا آهن. پر ڪم ڪونه ٿا ڪن.

ڏانداريُن

ڏاندارِن

هاري ڏاندارين (ڏاندارن) سان ان گڏ ڪندا آهن.

ڏاهيُن

ڏاهِن

ڏاهين (ڏاهن) عورتن جا ڏس فائدي وارا هوندا آهن.

ڏوليُن

ڏولِن

ڏولين (ڏولن) ۾ وڏ گهراڻيون عورتون چڙهنديون هُيون.

ڏيڍيُن

ڏيڍِن

ڏيڍين (ڏيڍين) تي ماڻهو وهارڻ چڱو آهي.

ڏوهيُن

ڏوهِن

ڏوهين (ڏوهن) کي ڏوه جي معافي ڏيڻ ثواب آهي.

ڏوهِٽيُن

ڏوهٽِن

ناني ڏوهٽين (ڏوهٽن) کي گهڻو ڀائيندي آهي.

ڏيِهيُن

ڏيهِن

ملڪي ماڻهن، ڏيهين (ڏيهن) ماڻهن سان سر لڳي.

 

ڊ

 

ڊڀوڙيُن

ڊڀوڙِن

پيرين اگهاڙي ڊڀوڙين (ڊڀورن) ۾ گهمندو نه ڪر.

ڊڄڻيُن

ڊِڄڻن

ڊڄڻيُن (ڊڄڻن) عورتن کي سدائين ڪونه ڪو وهم هوندو آهي.

ڊوڪِڙيُن

ڊوڪڙِن

ڀڄ ڊُڪ

ڊگهيُن

ڊِگهن

ڊگهين (ڊگهن) عورتن کي چادرون به ڊگهيون هجن.

ڊونڊيُن

ڊونڊِن

ننڍين ٻيڙين.

ڊوهيُن

ڊوهِن

قسمن- جوڳي نانگ کي ڊوهين (ڊوهن) وجهڻ سان پڪڙيو وٺن.

 

ڍ

 

ڍاٽيُن

ڍاٽن

ڍٽ جا، ڍاٽين لءِ (ڍاٽِن) اٺن جي سواري سهنجي هوندي آهي.

ڍٻِيُن

ڍٻِن

ڍٻين (ڍٻن) سان پکي ڦاسائبا آهن.

ڍَڪڻين

ڍَڪڻِن

ڍڪڻين (ڍڪڻن) سان دلا هميشہ ڍڪڻ گهرجن.

ڍڳين

ڍڳن

ڍڳين (ڍڳن) کي گاه وجهه.

ڍوريُن

ڍورِن

ڍوريُن (ڍورن) ۾ پاڻي اچي ويو آهي.

ڍيريُن

ڍيرِن

گند جي ڍيريُن (ڍيرن) کي باه ڏئي ڇڏيو.

 

ذ

 

ذاتِيُن

ذاتِن

ماڻهن جي ذاتين (ذاتن) جو ڳاڻاٽو ئي ڪونهي.

ذميداريُن

ذميدارِن

هر ڪنهن ملازم کي پنهنجي پنهنجي ذميداري (ذميدارن) جو احساس هئڻ گهرجي.

ذريُن/ ذرڙين

ذَرِنِ

واري جي ذريُن، ذرڙيُن (ذرن) ۾ فولاد به هوندو آهي.

 

ر

 

راتيُن

راتِن

راتين (راتن) جو جاڳي رب کي ريجهاءِ.

راڄڌانيُن

راڄڌانِن

حڪومت جي گادين- اڄ ڪلهه ڪيترن ملڪن جي راڄڌانين (راڄڌانِن) ۾ گوڙ متل آهي.

راڳڻيُن

راڳِڻن

موسيقي جا ماهر راڳڻين (راڳڻن) کي سمجهيو وڃن.

راڻين

راڻِن

راڻين (راڻن) جون رمزون راجا ئي سمجهي سگهن ٿا.

راهدارين

راهدارِن

راهدارين (راهدارن) هوندي ڪو به رستي روڪ نه ڪندو.

رُتين

رُتن

رتين (رُتن) ۾ بهار جي رت ڀلي آهي.

رڙيُن

رَڙِن

هنکي رڙين (رڙن) ڪرڻ جي عادت آهي.

رسِيُن

رَسِن

رسين (رسن) سان تنبو سوگهو ٻڌو.

روٽيُن

روٽِن

مانِنِ

روهيُن

روهِن

روهين (روهن) تي اوزار تکا ڪبا آهن.

ريڙهين

ريڙهِن

بازارن ۾ ريڙهين (ريڙهن) سبب رستي روڪ ٿيو پوي.

ريوڙيُن

ريوڙِن

عطري ريوڙين (ريوڙِن) ۾ مزو هوندو آهي.

راڳيُن

راڳِن

راڳيندڙن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com