سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: --

صفحو :1

لُغات سنڌي مُخفّفات

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ناشر طرفان

زبان کي سمجهڻ لاءِ نه فقط غير زبان وارن کي پر خود اهل زبان کي به لغات جي ضرورت پوندي آهي. فطري زبان پنهنجي سماجي ڪارج سان خود بخود گاس پيس مان گذرندي آهي. جاگرافيائي تقاضائون به زبان ۾ قطع بريد جو ڪم ڪن ٿيون. ڪڏهن پاڙيسري ۽ همعصر زبانن سان سماجي واهپي هئڻ ڪري زبان متاثر ٿئي ٿي جيڪو هڪ قدرتي عمل آهي.

سنڌي زبان اهڙي فطري زبان آهي جيڪا صدين کان، مٿي عرض ڪيل مرحلن مان گذرندي رهي آهي. هر آيل جو آڌر ڀاءُ ڪري پنهنجي جهولي ڀريندي رهندي آهي. سنڌي زبان جي انهيءَ عمل سان سندس وَسعت ۽ خيال جي ادائگيءَ ۾ آساني لاءِ اهل زبان کي بجا طور تي فخر ڪرڻ جو حق آهي.

لفظن جا ڇِل ڇوڏا لهڻ ۽ قد و قامت ۾ ڦير ڦار اچڻ نئين ڳالهه ڪانهي. انهيءَ موضوع تي انگريزي ادب ۾ مددي ڪتاب ملن ٿا ليڪن هندستاني زنده ٻولين ۾ مواد خير ڪو آهي.

”لغات سنڌي مخففات“؟ پنهنجي موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان، قواعد، صوتيات، ۽ زبانداني جي ماهرن لاءِ وڏي وٿ آهي. فاضل مصنف جي علمي بصيرت، گيراٽي ۽ مطالعي جي گهرائي لاءِ سندس هيءَ ڪاوش منفرد، بي مثل ۽ بي بها آهي. هن مواد ڇپجڻ سان سنڌي زبان تي تحقيقات جو رخ بدلبو ۽ هڪ نئين باب جو خاطر خواهه اضافو ٿيندو. جڏهن به سنڌيءَ جي صوتيات تي لکبو ته هيءُ ڪتاب ان جي رهبري ڪندو ۽ هن جي تذڪري کانسواءِ اها تحقيقات تشنه سمجهي ويندي.

آئون پنهنجي واجب الاحترام قبله چيئرمن صاحب جو ٿورائتو آهيان جن هن تصنيف کي بحيثيت مصنف جي اسان کي ڇاپڻ جي اجازت مرحمت فرامئي. بورڊ آف گورنرس جي فاضل ميمبر صاحبان جي رهبري ۽ تعاون جو به شڪر گذار آهيان مون سان گڏ بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ سائين جي محنت جو به معترف ۽ مشڪور آهيان.

اُميد ته هيءَ ڪتاب اهل زبان ۽ سنڌي زبان جي گهڻ گهرن وٽ خراج حاصل ڪندو آمين.

15 جنوري 1991ع

ڄام شورو

ولي محمّد رونجهو

ولي سروري

سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ،

ڄام شورو سنڌ

 

 


 

ٻه لفظ

 

سنڌي زبان ۾ ”مخفّف“ لفظن جي وڏي ضرورت هئي جا هن ”لغات سنڌي مخفّفات“ ٿوري حد تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.

سنڌي سڄڻن کي گهربو هو ته اڄ کان گهڻو اڳ هن لغات جي نموني جي هڪ مڪمّل لغات لکي اديبن ۽ شاعرن جي هٿن ۾ رسائين ها مگر هي خوشي ۽ خوش نصيبي جي ڳالهه چئبي جو اهو ڪم منهنجي هٿان ئي ٿيڻو هو. الحمد الله.

آئون سنڌي سڄڻن کي اپيل ڪريان ٿو ته جنهن تصنيف جي مون ڪوشش ڪئي آهي، ان کي هو ڪامياب (مڪمّل) بنائين ته جيئن سنڌي هاڻوڪا ۽ ايندڙ نسل پنهنجي مادري پدري زبان کي سٺي طرح سمجهن.

15/ڊسمبر 1990ع

26/ جمادي الاول 1411هه

ڇنڇر، هالا شريف

طالب الموليٰ

 


 

بِسمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ

 

روشني

لغات سنڌي مخفّفات، جو مواد قبله مخدوم محمد زمان طاحب طالب الموليٰ جن، جدا جدا نوٽبوڪن، چوپڙين، بلڪ چٽڪين تي ڪٺو ڪري انکي باقاعدي ترتيب ڏيڻ لاءِ هڪ خاص نوٽبوڪ تي، ڪم به شروع ڪيو هو، مگر لڳاتار طبيعت جي ناسازي، سروري جماعت جي سالاري، ٻين ذميدارين، مشغولين ۽ مصروفيتن سبب اهو ڪم روڪي ڇڏيو هوائون.

مون لاءِ فخر جي بات آهي ۽ آئون پاڻکي خوش نصيب ٿو سمجهان جو اُهو سمورو مواد ترتيب ڏيڻ لاءِ منهنجي حوالي ڪيائون. مون انهيءَ مواد کي هيٺين طرح ترتيب ڏنو آهي.

پاڻ جيڪو مواد خاص نوٽبوڪ ۾ ترتيب ڏنو هوائون انکي هِن لغت جو اساسي سرمايو سمجهندي، منڍ ۾ درج ڪيو اٿم، جيئن سندن انفرادي ڪارنامو نمايان رهي.

سموري ميٽر کي الف بي وار ترتيب ڏيڻ وقت الف بي جو سلسلو ٻاراڻي ڪتاب 1940ع واري ڇاپي، جنهن جو عڪس ”ديوان طالب الموليٰ“ جي صفحي 9 تي ڏنل آهي. ان موجب رکيو اٿم.

سڀني لفظن کي چئن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾ اسم، ضمير، صفت، ظرف فعل وغيره لفظن جا مخفف ڏنا ويا آهن. ٻيو باب خاص ڪري اسم عام مونث (جمع) لفظن جو آهي. (ڪي ٿورا اسم مذڪر به آهن) جن مان ”ي“ ڪڍڻ سان مخفّف ملي ٿو، مثلاً.

لفظ                    مخفف

اَکيُن                   اَکِنِ

دَکين                  دَکن

مَکين                  مَکن

سَکين                 سَکن وغيره

 

روشني رهي ته اهڙا الفاظ گهڻا ئي ڪٺا ڪري سگهجن ٿا پر ڪتاب جي ضخامت خيال رکندي هر هڪ حرف جا ٿورا لفظ ڏنا ويا آهن. ٽئين باب ۾ اسم مصدفر مان نڪتل لفظن جا مخفّف موجود آهن. هنن جو اندازو به بي انداز ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري هر هڪ مصدر مان ٿورا الفاظ آندا ويا آهن. چوٿين باب ۾ ڪن ٻٽن لفظن جهڙوڪ:

ٻٽو             مخفّف

سنڌ جو                سنڌي

هند جو         هندي

عربستان جو   عربي

يا

لوهه وارو = لهر

سون وارو = سونارو

وغيره جا مخفّف درج ٿيل آهن. ڪن هم آواز لفظن جهڙوڪ:

موهين = موهِن

کوهين = کوهِن

ڳوهين = ڳوهِن

جا مخفف به لکيا ويا آهن.

مواد تمام گهڻو موجود ٿيل آهي. هن لغات ۾ فقط 2100 کن الفاظ ڏنا ويا آهن. البت ڪٿي لفظن جي ترتيب به هيٺ مٿي ٿي آهي. سچ پچ ته آئون سائين طالب الموليٰ صاحب جن جو شڪر گذار آهيان جو مونکي هن ڪم ڪرڻ جي لائق سمجهي پنهنجو قيمتي گڏ ڪيل لفظن جو ذخيرو منهنجي حوالي ڪرڻ فرمايائون.

محترم انور هالائي صاحب جو به شڪر گذارآهيان جو هن صاحب لغات جي ترتيب ڏيڻ لاءِ مفيد رٿون پئي ڏنيون. اميد آهي ته هيءَ لغات سنڌي لغوي ڪتابن ۾ منفرد سمجهي ويندي.

 

احمد خان آصف مصراڻي

اديب فاضل

 

مقدمو

آءٌ پنهنجي هڪ دلگهرئي دوست جي ايئرپورٽ تي آجيان ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويل هوس ۽ ڪنهن ٻئي ڪم سانگي ڪراچيءَ ۾ ٻه – ٽي ڏينهن ترسڻو پيوم. واپس موٽڻ تي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، جنهن شئي منهنجو فوراً ڌيان ڇڪايو اها شئي هئي منهنجي ميز تي رکيل هڪ فائيل. هڪدم اهو فائيل کنيم ۽ کولي ڏٺم. منجهس ٻئي مواد سان گڏ مٿان ئي مٿان، منهنجي مهربان ۽ نوجوان ساٿي ۽ سڄڻ، مخدوم جميل الزّمان سائينءَ جن جو، مون ڏانهن لکيل خط پيل هو، جنهن جو مضمون هُوبَهو نقل ڪريان ٿو.

4.10.90

هالا شريف

محترمي و مڪرمي ڊاڪٽر غلام علي الانه صاحب

السلام عليڪم،

اُميد آهي ته هميشہ بخير و عافيت هوندا.

مرشدنا قبلا مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ سائين جن جي حڪم مطابق، سندن ۽ مرحوم سنڌي اُستاد شاعر احمد خان ”آصف“ مصراڻي صاحب جو گڏ مرتب شده ڪتاب، ”لغات سنڌي مخفّفات“ جي مسودي جي مڪمل فوٽو ڪاپي اوهان ڏانهن مفصل مقدمي واسطي موڪلجي پئي؛ مذڪور ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي هلندڙ سال جي شيڊول تي منظور ڪيل آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته آچر ڌاري سيڪريٽري بورڊ وٽان پڻس اڳئي مقصد وارو خط اوهان تائين پهچندو – حالانڪ اوهان بيحد مصروف آهيو تاهم اُميد آهي ته هن ڪم جو اُڪلاء جلد ڪندا ته جيئن ڪتاب ترت منظرِ عام تي اچي سگهي. مهرباني.

والسلام

اوهان جو

مخدوم جميل الزّمان

 

مون کي جميل سائينءَ جو اهو خط پڙهي حيراني ٿي. سوچ ۾ پئجي ويس ته قبلي مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ سائينءَ جن، سندن هن هڪ اهم ڪتاب جي مقدمي لکڻ لاءِ مون جهڙي ادنيٰ انسان جو انتخاب ڪيئن ڪيو ۽ ڇو ڪيو؟ وري ساڳئي فائيل ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جو لکيل آفيشل خط به موجود هو جيڪو 9-10-1990ع تي لکيل هو. لکيو هئائين:

”اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪتاب جي معيار جي پيش نظر ڪتاب جو مقدمو لکڻ جو ڪم اوهان صاحبن جي حوالي ڪجي.“

مذڪوره ڪتاب جي مواد تي بي صبريءَ وچان تڙ تڪڙ ۾، نظر وجهندو ويس ۽ پنا اُٿلائيندو ويس ۽ پنهنجي حالت ۾ تبديلي محسوس ڪيم. منهنجا ٻار مون ڏانهن ڏسندا رهيا ۽ حيران به هئا ڇو ته کين ڄاڻ هئي ته آءٌ جڏهن به هڪ اڌ ڏينهن ڪٿي ٻاهر ٽڪي گهر موٽندو آهيان ته ٻارن سان ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو آهيان. اهو ڪو نڀاڳو مائٽ هوندو جيڪو پنهنجن ٻارن سان پيار نه ڪندو هوندو. آءٌ ٻاهران واپس موٽڻ کان پوءِ پنهنجين نياڻين جون پيشانيون چُمندو آهيان ۽ کين ڀاڪر پائي پيار ڪندو آهيان. پر اڄ مون نه ڪنهن جي پيشاني چمي، نه ڪنهن کي ڀاڪر پاتو ۽ نه ڪنهن سان پيار ڪيو؛ بس ايندي شرط هن فائيل کي کڻن سان ئي ذهني طور گم ٿي ويس. ٻارن سوچيو ته آخر هن فائيل ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جنهن اسان جي پيءَ کي اسان کي پيار ڪرڻ کان پري ڪيو آهي؛ هنن پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ڪئي ۽ چيو ته هن فائيل ۾ اُها ڪهڙي، مڻيا آهي جا ”پپا“ کي اسان کان وڌيڪ مٺي لڳي آهي؛ ۽ کيس اسان کان به وڌيڪ پياري لڳي آهي. آخر منهنجي نياڻي ”ڊاڪٽر ماهه ميل“ جيڪا مون سان هميشہ دل جهلي، همٿ ڪري ۽ حجت سان ڳالهائيندي آهي، چيو ته: ”پپا!! هن فائيل ۾ ڇا آهي جو اوهان اچڻ شرط اُن کي لڳي ويا آهيو ۽ اسان سان به ڪونه ڳالهايو اٿو؟“ منهنجي نياڻيءَ جي انهن لفظن مون کي هوش ۾ آندو؛ چيومانس ته پٽ معاف ڪجو! آءٌ واقعي شرمسار آهيان. هن فائيل ۾ سنڌ جي هڪ عظيم روحاني رهبر، سنڌ جي هڪ عظيم عالم، شاعر ۽ اديب، قبليٰ طالب الموليٰ سائينءَجن جو تصنيف ڪيل هڪ ڪتاب آهي، جنهن جي مقدمي لکڻ لاءِ سائين جن مون کي حڪم فرمايو آهي. آءٌ ان ڪري سوچ ۾ پئجي ويو آهيان ته مخدوم صاحب جن مون کي هن ڪتاب جي مقدمي لکڻ لاءِ ڇو منتخب ڪيو آهي، جڏهن ته هن ميدان ۾ وڏا وڏا عالم ۽ فاضل موجود آهن. آءٌ سندن بيحد شڪر گذار آهيان جو پاڻ مون کي اهو مرتبو عطا فرمايو اٿن. بهرحال اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته مخدوم صاحب جن اهو فيصلو ڇو ڪيو؟

پڙهندڙ جڏهن هن لغات جو مطالعو ڪندا تڏهن هو خود فيصلو ڪندا ته هيءَ لغات علم اللسان جي لحاظ کان عموماً ۽ سنڌي زبان لاءِ خصوصاً ڪيتري قدر نه هڪ اهم، اعليٰ سرمايو ۽ علمي اساسو آهي. طالب الموليٰ سائينءَ جن جهڙي اعليٰ آدرشي انسان جي اسان جي نظرن ۾ عظمت ۽ اعليٰ مرتبو اِن ڪري ڪونهي ته پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمئن آهن؛ سندن اعليٰ ۽ عظيم هجڻ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئنيءَ جو ڪو به واسطو ڪونهي، بلڪه آءٌ ته ائين چوندس ته سنڌي ادبي بورڊ جي عزت يا عظمت ۾ واڌارو ان ڪري به ٿيو آهي جو طالب الموليٰ سائينءَ جن هن اداري جا سربراهه آهن ۽ ان جي بورڊ آف گورنرس جا چيئرمئن آهن. ڪي ادارا پنهنجن ڪمن ۽ ڪارڪردگين جي ڪري اونچا سمجهيا ويندا آهن. ته ڪي ادارا وري ڪن اعليٰ، مهان ۽ قداور علمي ۽ ادبي شخصيتن جي ڪري اونچي منزل تي ڳڻيا ويندا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي عظيم هجڻ يا عظيم اداري جي حيثيت ۾ اُڻ جو شمار طالب الموليٰ سائينءَ جن جي ذات ۽ سندن علمي، ادبي ۽ قداور شخصيت هجڻ جي ڪري به آهي. هن بورڊ گذريل زماني ۾ سندن ئي چيئرمئنيءَ واري دور ۾، پاڪستان ته ڇا، پر سڄيءَ دنيا ۾ شهرت حاصل ڪئي هئي.

هن لغات يعني ”لُغات سنڌي مخفّفات“ جي باري ۾ ڪجهه خيال ظاهر ڪرڻ کان اڳ هيٺين نڪتن کي سمجهڻ ضروري آهي. اُهي نڪتا هي آهن:

(الف) لغت ڇا آهي؟

(ب)    لغت نويسي ڇا آهي؟

(ت)    لغت نويسيءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اصول ۽ پئمانا آهن؟

(ث)    لغت جا ڪهڙا ڪهڙا قسم آهن؟

(ج)    روز مره جي استعمال ۽ رائج لفظن تي مشتمل لغات لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟

سنڌ جي قابل فخر سپوت ۽ بين الاقوامي شهرت جي عالم ۽ فاضل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل لغات، ”جامع سنڌي لغات“ ۾ لغت، لغت نويسي ۽ خاص ڪري جامع سنڌي لغات جي باري ۾ پنهنجن املهه ويچارن سان نوازيو آهي، پر اُن هوندي به اينسائڪلو پيڊيا برٽئنيڪا ۽ ڪن ٻين بين الاقوامي لغتن جي حوالت سان لغت ۽ لغت نويسيءَ جي اصولن جي باري ۾ وضاحت ضروري آهي ته جيئن ”لغات سنڌي مخفّفات“ جي تيار ڪرڻ لاءِ قابلِ احترام مصنّف ۽ اُڻ جي مُدير جي طرفان ڪيل محنت ۽ مفهوم سمجهه ۾ اچي سگهي.

هن ڪتاب جي مقدمي ۾ مون ڪوشش ڪري سِرا (عنوان) ۽ اُنهن جا حصا (ذيلي عنوان) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن نه فقط ”لغات سنڌي مخفّفات“، پر هر قسم جي لغات جو مفهوم ۽ مقصد سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. پڙهندڙن ۽ کوجڪن جي سهوليت لاءِ هن مقدمي ۾ بيان ڪيل ڳالهين جو نچوڙ ۽ تت، ڌار ڌار عنوانن جي صورت ۾ ڏنو اٿم. مقدمي جي اندرين صفحن ۾ ڪيل وستار جو وچور يا تت هن ريت آهي:

لغت ۽ لغت نويسيءَ جي وصف، اصول ۽ فن

لغات جا قسم

سنڌي لغات/ لغت نويسي

(الف)  سنڌي لغات جي ابتدا

(ب) مشهور سنڌي لغتون

لغات سنڌي مخفّفات

(الف) علم اللسان جي لحاظ کان اهميت

(ب) مواد جي ترتيب

(ت) هيءَ لغات عام ٻوليءَ (Colloquial) يا ڪنهن هڪ لهجي جي نمائندگي ڪري ٿي.

(ث) هيءَ لغات سڄيءَ سنڌ جي رائج اُچار جي نمائندگي ڪري ٿي يا انفرادي اُچار جي نمائندگي ڪندڙ آهي.

(ج) هيءَ لغات سنڌي شاعريءَ ۾ وزن جي پورائيءَ لاءِ لفظن جي اُچارن جي نمائندگي ڪري ٿي.

(ح) ويا ڪرڻي خصوصيت

(i) سَنڌيءَ (assimilation) جي اصولن ۽ قانونن جي نمائندگي

(ii) صرف و نحو جي اصولن ۽ قانونن جي نمائندگي

(iii) هن لغات جي سنڌي ٻوليءَ ۾ افاديت

مٿي ڏنل اهي موضوع يا عنوان تفصيل سان، ايندڙ صفحن ۾ بيان نه ٿي سگهيا آهن، پر ان هوندي به اها ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته هر موضوع جا مثال ڏنا وڃن ته جيئن آئنده لغات واري موضوع تي مفصل مطالعو ڪرڻ ۾ مدد ملي. ۽ هن لغات يا ٻين لغتن جي لاءِ ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي.

لغات جي وصف:

هن تعارفي تفصيل کان پوءِ هڪ هڪ موضوع تي هيٺ روشني وڌي ويندي. سڀ کان پهرين هن سوال تي روشني وجهڻي آهي ته لغت ڇاکي ٿو چئجي؟ يعني لغت نويسي ڇا آهي، ۽ اُن لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟ پنهنجيءَ ڄاڻ، مطالعي ۽ مواد جي ڀيٽڻ کان پوءِ اهو واضع طور چئي سگهجي ٿو ته:

”لغات اهو بنيادي، حوالن لاءِ تيار ڪيل ڪتاب يا مواد آهي جنهن ۾ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ مروج/رائج لفظن کي الف – ب وار گڏ ڪري انهن لفظن جي اچارن، تلفظ، لفظن جي لکڻ لاءِ هِجي (Spelling)، انهن لفظن جي معنائن، مفهوم، سمجهاڻي، ڌاتن، بنيادي صورتن، صيفن ۽ اشتقاقن کان سواءِ جملن، فقرن، اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين، شعر و شاعريءَ کان سواءِ، اُنهن جو خطي وار استعمال، مفهوم ۽ ڪارج سمجهايل هجي.

”لغتون جيئن ته ڌار ڌار قسمن تي مشتمل هونديون آهن، ان ڪري ڪن خاص قسم جي لغتن ۾ خطيوار، جاتيوار، ۽ ڌنڌيوار لفظن جو ذخيرو گڏ ڪيل هوندو آهي.“

اينسائيڪلو پيڊيا برٽئنيڪا ۾ لغات جي وصف هن ريت ڏني ويئي آهي:

”لغات (Lexicon) ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن جي الف – ب وار ترتيب جو اهو مجموعو يا ڪتاب آهي جنهن ۾ اُن ٻوليءَ جي لفظي خزاني جي گڏ ڪيل هر هڪ لفظ يا اُن لفظ جي حصن کي گڏ ڪري، اُنهن جي معنيٰ، مفهوم ۽ وصف سمجهائي ويئي هجي. لفظن جي اهڙي ميڙ يا مجموعي ۾ اُهي لفظ يا ته ان فرد (ماڻهوءَ)، جي پنهنجي ماحول ۾ رائج هوندا، جنهن اُها لغات جوڙي هوندي، جيڪي (اهي لفظ) هُو پاڻ ۽ ٻيا ماڻهو گفتگو ۾ ڳالهائيندا هوندا، يا ڪن ڪتابن، دستاويزن، لکيتن، ڪاغذن پٽن، علم ادب ۽ شعر و شاعريءَ مان چونڊ ڪري گڏ ڪيا هوندا، ۽ يا وري هنن لفظن جو اهو ذخيرو، ڌار ڌار ڪرت وارن، ڌنڌو ڪندڙ ماڻهن، پيشہ ورن، هنرمندن، ڪاسبين توڙي خاص موضوعن سان دلچسپي رکندڙن وٽان گڏ ڪيو هوندو.“(1)

جان رچرڊسن، لغات جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو:

”لغت جي معنيٰ آهي ٻولي، گفتگو (ڳالهائڻ) يا لهجو. انگريزيءَ ۾ هن، لغات لاءِ Lexicon لفظ ڪم آندو آهي؛ علم لغات لاءِ Lexicography ۽ لغات نويس لاءِ اهلِ لغت يعني The writer of a Dictionary (2)

 

2. لغات جا قسم

لغتن جا ڪيئي قسم بيان ڪيا ويا آهن ۽ ڏٺا ويا آهن. هر شاهوڪار زبان ۾ لغتن جا قسم ڪثرت ۾ ملن ٿا. سنڌي زبان به جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جي شاهوڪار زبانن مان هڪ آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ۽ آذاد لاءِ ڏني وڃي ته هيئن چئبو ته سنڌي زبان ۾ لغات جي سلسلي ۾ اڃا ايترو گهڻو ڪم ڪونه ٿيو آهي جو هن زبان کي انگريزي، فرينچ. جپاني، بنگالي، هندي يا ٻين مشرقي يا مغربي ملڪن جي زبانن ته ٺهيو پر ڏکڻ – ايشيا جي زبانن سان ڀيٽي سگهجي؛ پر تنهن هوندي به اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته اردو زبان سميت، پاڪستان جي ٻين زبانن جي مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾، سرڪاري مدد نه ملڻ جي باجود، تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ هيءَ زبان انهن زبانن کان وڌيڪ ترقي يافته آهي ۽ اڳتي آهي. منهنجي هن دعويٰ جي دليل لاءِ مون وٽ ڪيترائي مثال موجود آهن، پر انهن جي باري ۾ تفصيل سان هن مقدمي ۾ لکڻ موضوع کان ٻاهر ٿيندو؛ البت ايترو لکڻ مناسب ٿو سمجهان ته ائين سمجهڻ خوش فهمي ٿيندي ته سنڌي زبان ۾ هر قسم جي لغت موجود آهي، يا ان سلسلي ۾ سنڌي زبان ۾ وڏو ۽ باقاعدگيءَ سان ڪنهن منصوبه بنديءَ موجب ڪم ٿيو آهي.

پڙهندڙن جي مطالعي لاءِ هيٺ لغتن جي ڌار ڌار قسمن جي باري ۾ وضاحت کان پوءِ انهن ڌار ڌار قسمن وارين لغتن جي سلسلي ۾ سنڌي زبان ۾ ٿيل ڪم ۽ تحقيق جو جائزو وٺبو ته جيئن هن کيتر ۾ سنڌي زبان جي شاهوڪاري، وسعت ۽ علمي ادبي خزاني جي باري ۾ پتو پئجي سگهي.

مطالعي جي مدد سان لغتن جا هيٺيان ڌار ڌار قسم مقرر ڪري سگهجن ٿا:

(الف) لهجي – وار يا اُپڀاشا/اُپڀاشائن تي مشتمل لغات – هن قسم واري لغات ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ لهجي يا لهجن ۾ رائج لفظن جي ذخيري کي گڏ ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن ڏس ۾ لهجن تي ڪو گهڻو ڪم ڪونه ٿيو آهي، پر تنهن هوندي به هيٺيان ڪتاب هن موضوع ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. انهن ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن/اُپڀاشائن ۽ روز مره واري ٻولي/ٻولين تي مواد ملي ٿو:

       I.      سنڌي ٻولي جي تاريخ

    II.      ٻيلاين جا ٻول

 III.      سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ

 IV.      تاريخ ريگستان

    V.      بدنصيب ٿري

 VI.      آفتاب ادب

VII.      سير ڪوهستان

VIII.      لاڙ جو سير

 IX.      لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

    X.      سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي

 XI.      ڪڇين جا قول

XII.      سبي واري علاقي ۾ ٻولين جو لساني جائزو

XIII.      لاڙ جي لغت

هن ڏس ۾ ڀارت ۾ ڀاشاوگيان جو مشهور سنڌي عالم، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“ ۾ ڪافي رهنمائي ڪري ٿو، هُو لکي ٿو:

”ٻني ۽ ڪڇ جي دوري کان اڳ منهنجي من ۾ هميشه پيڙا هوندي هئي ته اڄ ڀارت جي غير سنڌي ڀاشا وگيانين کي پنهنجا ڳوٺ آهن، نه فقط ايترو پر ڳوٺن ۾ ڳالهائجندڙ انيڪ اُپڀاشائن جا قسم به آهن. ان سبب انهن لاءِ انيڪ ٻوليائي فرقن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع دائرو آهي؛ پر منهنجي لاءِ فقط شهري سنڌي ٻوليءَ جا نمونا ئي ڪم ڪرڻ لاءِ موجود آهن. خاص ڪري جڏهن به الڳ الڳ پرديسين ۾ سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ سمپوزيمن ۾ ويندو هوس ۽ پنهنجي ڀاشا وگياني دوستن کي الڳ الڳ جاتياتي اُپڀاشائن (جيئن جت، سوڍا، سما، سومرا ۽ ٿيٻا وغيره) يا وري الڳ الڳ ڌنڌي جي آڌار تي ٺهيل اُپڀاشائن (جيئن ڪنڀر، مهاڻا، لوهار، رازا وغيره) جي اڀياس لاءِ مقالا پيش ڪندي ڏسندو هوس تڏهن بيحد پيڙا محسوس ڪندو هوس. ڪيترا دفعا ته پنهنجي ڪمري ۾ اچي روئندو هوس ۽ ورهاڱي جي درد کي سهڻ کان ٻاهر محسوس ڪندو هوس. پر هاڻي جڏهن سيمينار تي ويندو آهيان تڏهن شان سان پنهنجن مقالن ۾ سنڌي ڳوٺاڻن جي ٻوليءَ جي الڳ الڳ پهلوئن جا بيان ڪندو آهيان ۽ انهن جا ئي مثال ڏيندو آهيان. مون کي ائين ڪرڻ سان حد کان وڌيڪ خوشيءَ جو احساس ٿيندو آهي. مون کي هينئر ڀارت جي سنڌي ٻولي ۾ مڪملتا نظر ايندي آهي.“(1)

(ب) جاتيوار ٻولين جي لغات- ڊاڪٽر گدواڻيءَ جي مٿينءَ راءِ مان ظاهر ٿو ٿئي ته الڳ الڳ جاگرافيائي يا ٻوليائي اُپڀاشائن کان سواءِ ڌار ڌار جاتياتي اُپڀاشائن تي مشتمل لفظن جو ذخيرو گڏ ڪري انهن جون لغتون ٺاهيون ويئيون آهن. گدواڻي صاحب پاڻ هن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جي راءِ موجب جت، سوڍا، سما، سومرا الڳ الڳ قومون يا جاتيون آهن، جن جي جاتيوار اُپڀاشائن/محاورن ۾ فرق آهي، يعني انهن جون جاتيوار اُپڀاشائون آهن؛ هر هڪ اُپڀاشا جي لفظن کي گڏ ڪري ڌار ڌار جاتيوار لغات ٺاهيون ويئيون آهن. هن ڏس ۾ ڀارت ۾ گهڻو ئي ڪم ٿيو آهي؛ خاص ڪري ڏکڻ هندتان جي اَنمل يونيورسٽيءَ جي دراوڙي ٻولين واري اداري ته گهڻو ئي ڪم ڪيو آهي. سنڌ ۾ به هن قسم وارين لغتن تي تحقيق ٿي سگهي ٿي؛ مثلاً:

خواجن، جتن، ريٻاڙين، اوڏن، ڪولهين، ڀيلن، مينگهواڙن، باگڙين، سوڍن، سمن، سومرن، شڪارين، مهاڻن ۽ شيدين وغيره جي ماحول ۾ رائج لفظن جون لغتون ٺاهي سگهجن ٿيون.

(ت) ڌنڌي وار لفظن جون لغتون- ڊاڪٽر گدواڻيءَ هن قسم جي لغات طرف به اشارو ڪيو آهي. ”جامع سنڌي لغات“ ۾ پڻ ڌار ڌار ڪرت ڪندڙن جي ڪرت لاءِ رائج لفظ شامل ڪيا ويا آهن پر هن (جامع سنڌي لغات) لغات کي خاص ڌنڌي وار لفظن جي لغات ڪونه چئبو. سنڌي زبان ۾ هن قسم جي لغات مرحوم ڊاڪٽر محمد صالح شاهه تيار ڪئي هئي. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڌار ڌار ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي ذخيري تي مشتمل لغات، ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ اهم هوندي آهي. ڊاڪٽر پرسو گدواڻيءَ جو خيال آهي ته:

”ڌنڌي وارين اُپڀاشائن جو شبد – ڀنڊار ڪٺو ڪرڻ، انهن لفظن جو اشتقاقي اڀياس ڪرڻ ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪن لفظن جي ڄاڻ پوي“.(1)

ڊاڪٽر گدواڻيءَ ڌنڌي وار ماڻهن جي جيڪا فهرست ڏني آهي، اُها آهي: ڪنڀر ۽ مهاڻا وغيره. پر هيءَ فهرست وڏي آهي؛ مثلاً:

هاري ناري، اوٺار، ڌڻولي، ڀاڳيا، جهانگي، سانگي، واڍا، لوهار، ڪنڀار، سونارا، ساٽي، سوٽهڙ، ٺاٺارا، رنگريز، سيلاوٽا، پيڃارا، بورچي، ملاح، ڪوري، ڪوڪڙي، ڪاريا، اوڏ، کاٽير، رازا، ڪاشيگر، طبيب، وگهامل، تيلي، سراز، موچي، ۽ سوچي وغيره.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي مشهور ڪتاب، ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ فرمائي ٿو:

”ٻوليءَ جي اصلي لفظن جو ذخيرو به نج ٻهراڙين ۾، جن کي شهري هوا اڃا گندو نه ڪيو آهي، محفوظ ۽ سلامت آهي ۽ وڏڙن جي صدري دفتر ۾ سمايل آهي ۽ پشت بپشت موروثي طور هلندو اچي. هر ڪنهن فن ۽ ڌنڌي جي اطوارن، اوزارن، محاورن ۽ معنائن جا نج سنڌي نالا اصلي سنڌي ڪاريگرن وٽ محفوظ ۽ مروج آهن. لوهارن، واڍن، ڪورين، ڪنڀارن ۽ ملاحن وٽ انهن فني نالن جون فهرستون موجود آهن“.(1)

(ث) ڌاتو ڪوش (Etymological dictionary)- هن قسم وارين لغتن ۾ لفظن  جا ڌاتو، بنياد، ماده ۽ اشتقاق ڏنا ويندا آهن. هن قسم واريون لغتون، ٻولين جي تاريخي ابتدا ۽ ارتقا جي اڀياس ۾ مدد ڪن ٿيون. سنڌيءَ ۾ هن کيتر ۾ گهڻو ئي ڪم ٿيو آهي. هيٺيان ڪوش خاص طور فخر ڪرڻ جي لائق آهن:

(i) جامع سنڌي لغات

(ii) وئتپتي ڪوش

(iii) تحقيق لغات سنڌي

(iv) Philological curiosities

انهن کان علاوه شاعرن جي ڪلامن جا ڪوش به لکيل آهن جن جا نالا الڳ ڏنا ويا آهن.

(ج) جامع لغات:- هن قسم واريون اُهي لغتون هر لحاظ کان جامع لغتون هونديون آهن جن ۾ لهجي وار لفظن جا مجموعا، جاتيوار اُپڀاشائن جا شبد، ڀنڊار، ڌنڌي وار لفظن جون لڙهيون، لفظن جا ڌاتو، اُچار، ماده ۽ اشتقاق ڏنل هوندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”جامع سنڌي لغات“ هن قسم واري لغات لاءِ هڪ بهترين نمونو آهي.

پنهنجي لغات يعني ”جامع سنڌي لغات“ جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب فرمائي ٿو:

”هن لغات لاءِ سڄيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عام رائج لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ جي هر ضلعي جي مکيه ڀاڱن ۾ مڪاني ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي تَرَ جي ٻوليءَ جا الفاظ ۽ اصطلاح هٿ ڪري موڪلين (مثلاً ڪاسبين، ڪنڀار، لوهارن، ڪورين، واڍن، وگهاملن وغيره جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ جنسن جا نالا جهڙوڪ: گاهن، جيتن، گلن، پکين وغيره جا نالا: مقامي ريتين رسمن، جهڙوڪ شادي غمي، ميلن ملاکڙن جا اصطلاح: گهرو الفاظ، جهڙوڪ عورتن جا اصطلاح، ڀرت جا نالا وغيره؛ اُٺن ۽ گهوڙن جي سازن، سنجن، پنڌن، بيمارين ۽ ملاحن جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ پوک جي مڙني قسمن جي پوکڻ ۽ سنڀارڻ جا الفاظ ۽ اصطلاح. ميوي جي فصلن جهڙوڪ: انب، کجي وغيره جا اصطلاح ۽ الفاظ).

هن سلسلي ۾ هي احتياط پڻ رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مڙني مکيه محاورن يعني ته لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي، کاري، ڪڇ ۽ لس ٻيلي جي مخصوص ٻولين جا انوکا عام رائج الفاظ ۽ اصطلاح هن لغات ۾ شامل ڪري سگهجن“(1)

(ج) جامع لغات:- هن قسم واريءَ لغات ۾ ثقافت سان واسطو رکندڙ موضوعن وارا لفظ گڏ ڪيا ويندا آهن. ڌار ڌار جاتين جي ثقافت وغيره جي جهلڪ هن قسم واري لغات ۾ نظر ايندي آهي. جامع سنڌي لغات لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪي ڳالهيون بيان ڪيون آهن اُهي هن قسم واري لغات سان ٺهڪي اچن ٿيون؛ مثلاً: ڪاسبين، ڪنڀارن، لوهارن، ڪورين، واڍن ۽ وگهامنل جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ جنسن جا نالا جهڙوڪ: گاهن، جيتن، گلن، پکين وغيره جا نالا؛ مقامي ريتين رسمن جهڙوڪ: شادي غمي، ميلن ملاکڙن جا اصطلاح؛ گهرو الفاظ، جهڙوڪ: عورتن جا اصطلاح ۽ ڀرت جا نالا وغيره؛ اُٺن ۽ گهوڙن جي سازن، سنجن، پنڌن، بيمارين ۽ علاجن جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ پوک جي مڙني قسمن جي پوکڻ ۽ سنڀارڻ جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ ميوي جي فصلن جهڙوڪ: انب کجيءَ وغيره جا اصطلاح ۽ الفاظ. ان لحاظ کان جامع سنڌي لغات کي ثقافتي مقصد يا موضوع واري لغات سڏي سگهجي ٿو. ثقافتي لغات مان انهن قومن ۽ قبيلن، ماڻهن ۽ ملڪن جي ثقافت جي مطالعي ۾ مدد ملندي آهي.

(خ) دو – لساني لغات:- هن قسم واري لغات هر ٻوليءَ ۾ ملي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين هن قسم جون هيٺيون لغتون شايع ٿيون آهن:

(i)     انگريزي – سنڌي لغت

(ii)    سنڌي – انگريزي لغت

(iii)    عربي – سنڌي لغت

(iv)    اردو – سنڌي لغت

(v)     سنڌي – اردو لغت


 


(1)           “Encyclopaedia Britanica”, Micropaedia, Vol: VI, 15th Edition, 1983, pp. 187 & 532

 

(2)           John Richardson, “Dictionary of Persian, Arabic and English”, revised & improved edition, Lahore, Sang-e-Meel publication, 1984, pp. 1269

(1)  پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“، گانڌي نگر، گجرات اڪادمي، 1989ع، ص ص 2 ۽ 3.

(1)  پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“، گانڌي نگر، گجرات اڪادمي، 1989ع.

(1)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”جامع سنڌي لغات“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع مهاڳ

(1)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”جامع سنڌي لغات“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع مهاڳ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com