اصل |
مخفّف |
سمجهاڻي |
آءٌ |
آ- اَچ |
هيڏانهن آ، هِتِ اچ. |
آئيو |
آيو |
مان آيو آهيان. |
آئيا |
آيا |
هُو آيا آهن. |
آئِيون |
آيون |
هو عورتون آيون آهن. |
آئيون |
آيون |
تون هِت آيون يعني آيو آهين. |
آياسِ |
آيَس |
آئون آيَس. |
آهي |
آهِ – آ |
هو گهَر آه، هُو ٻاهر ويو آ. |
آهِييَن |
آهِين – آن |
تون سڀاڻي اتي آهين؟ تون شاعر آن. |
آهِين |
آهِن، آهن، هِن |
هو آهِن، هو اَهن، هو هِن. |
آهيان |
آهيان، اَهان، هان |
آئون هِت آهيان، آئون هت اَهان، آئون هِتِ هان. |
آهيان |
آهيان، اَهئان، هانِ |
آئون سڄڻُ اَهيانِ، سڄڻ هانِ. |
آئون |
آنءُ - آن - (مان) |
آنءُ ڳائيندس، آن ڪونه ڳائيندس. |
آبائتِيُنِ |
آبائِتِن (عزّت وارن) |
آبائتِن ڌُرِن سان آبائتو ڳالهائبو. |
آباديُن |
آبادِن |
هن سال پاڻي گهٽ هئڻ سبب آبادِن کي نقصان رسيو آهي. |
آدِميُن |
آدمِن |
آدمن مان آدميت هلي وئي آهي. |
آريُن |
آرِن |
آر يعني حجّت، انگل وغيره آريُن، آر جو جَمع آهي. هن جي آرِن ۾ نازُ آهي. |
آکاڻين |
آکاڻِن |
ڪهاڻِن، ڳالِهن. |
آسائتيُن |
آسائتِن |
آس، اميدواريون. |
آمادِيُن |
آمادِن |
راضي ٿيلن. |
آديسِيُن |
آديسِن – آديسِن |
آديسي، جن جو ڪو ديس نه هجي، سيلاني فقيرن جو قسم |
آراڻو |
آرڻ |
موسم ۾ درياءُ چڙهي جڏهن ڪچو ٻوڙيندو آهي، پاڻي لهي وڃڻ سبب جڏهن زمين هر
ڏيڻ جهڙي ٿيندي آهي، تڏهن هاري ان ۾ گدرن جو
ٻج ڇٽي هر ڏيئي ڇڏيندا آهن، ان پوک کي آرڻ
چئبو آهي. |
آڌار |
آڌر |
ٽيڪ، سهارو. |
آهار |
آهر |
ڏڍُ. آسِرو. |
آهِيَرُ |
اَهير |
عورت جو مڙس، يارُ به. |
آهُر |
اَهر |
وکر – سرنهن کي به چَون. |
آسِرو |
آسر |
آسروند – اميد. |
آرا |
آر |
انگل وغيره. |
آڌوتين |
آڌوتِن – آڌوت |
فقيرن جو قسم، ميرا ڪپڙا ڪندڙ. |
آڦري |
آڦَر |
پيٽ ۾ هوا ڀرجڻ، بدهضمي. |
البيلائِيُن |
البيلائن |
نازن نخرن، هُن البيلائن سان موهي ڇڏيو. |
آڙِينِ |
آڙِن |
آڙ چئبو آهي، ڪنهن جانور يا ماڻهوءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ انجي پيرن جي نشانن کي
ڏسي، اڳ وٺي چؤطرف، ڳولا ڪرڻ کي. هو پير پيا
آڙين، هو پير پيا آڙن. |
آڙارائين |
آڙارائن – آڙائن |
هنن جا پير آڙارائن يا آڙائن پيا. |
آڀارايام |
آڀارايم |
اڀارڻ معنيٰ اماده ڪرڻ. هنن کي اڀارايم يعني راضي ڪيم چڙ جي معنيٰ ۾ به ڪم
ايندو آهي. |
آڀاريامِ |
اُڀاريَمِ |
ڪم ڪرڻ تي راضي ڪيو مانِ. |
آڀارين |
آڀارن |
آماده ڪن. |
آگهاريام |
آگهاريم |
مون ٿانوَ آگهاريا.
]آگهارڻ
جي اصطلاحي معنيٰ ٻي به آهي.[ |
آگهارايام |
آگهرايام |
آگهارڻ يعني ٿانوَ ۾ پاڻي وجهي ڇاڇولي چڱي طرح صاف ڪري پاڻي هاري ڇڏڻ.
يعني ٿانوَ هنن کان آگهارايام. آگهرايم. |
آگهارِين |
آگهارن |
هنن کي چئو ته ٿانوَ آگهارِين
]
آگهارِن[. |
آڏارايام |
آڏارايَم |
ديڳڙي ۾ گوشت ۽ پاڻي وجهي انکي باه تي ٻٽي ٽهڪا ڏئي پاڻي هاري، گوشت ڇانوَ
۾ سڪائي رکبو، ان کي آڏارڻ چئبو آهي.. گوشت
کي آڏارڻ مهل ان ۾ بصر، لوڻ ۽ ڌاڻا به وجهبا
آهن، ته جيئَن کائڻ ۾ سٺو ذائقو پيدا ڪري. |
آڏارايوم |
آڏارايُم |
ٻين کان آڏارايام، آڏاريم. |
آڏاريامِ |
آڏاريَم |
مون آڏاريا. مون آڏاريو. |
آڏاريوم |
آڏاريُم |
جهيڙي ۾ هڪ شخص ٻئي کي زخمي ڪيو تب چئبو آهي، ته فلاڻي فلاڻي کي آڏاري
ڇڏيو. |
آڍارايام |
آڍارايَم |
جسم کي تيل سان مالش ڪرڻ کي آڍڻ چئبو آهي. |
آڍيام/ آڍيوم. |
آڍايم
آڍايَمِ |
هنن کي ٻين کان آڍايم. آڍارايم، آڍارايام.
هنن کي مون آڍيو. |
آڍايوم |
آڍيُم |
هنن مونکي آڍيو. |
آڪڙايام |
آڪڙايَم |
آڪڙ هت ڪاوڙ جي معنيٰ ۾ ڪم ٿو اچي، ٻين جي هٿان آڪڙايم (ڪاوڙايم). |
آڪڙيُن |
آڪڙن |
ڪاوڙن. تنهنجي آڪڙن ۾ به مزا آهن. |
آڪڙجئين |
آڪڙجان، آڪِڙج |
ڪاوڙ ڪجان. |
آڪڙيام |
آڪڙيَم |
ڪاوڙجي پيا. |
آڪڙيوم |
آڪڙيُم |
مونتي ڪاوڙيو. |
آڪڙائينِ |
آڪڙائِن |
تون آڪڙ ڪَرائينِ |
آڦِرايامِ |
آڦرايم |
آڦري – سخت بدهضمي، هنن کي ٻين کان کارائي، آڦرايو اٿم. |
آڦريام |
آڦريَمِ |
منهنجا جانور آڦرجي پيا. |
آڦرايوم |
آڦريُم |
ٻين هٿان هِن کي آڦرايم. |
آڇارايام |
آڇارايَم |
هنن شين، ڪمن يا ڳالهين جي. |
آڇايام |
آڇايم |
هنن کي ”آڇ/ پيشڪش“ ڪرايم |
آڇايوم |
آڇايُم |
هن ڪم جي هنن کي آڇ ڪرايم. |
آڇائيِن |
آڇائِن |
هو آڇ ڪرائن. |
آڇيوم |
آڇيُم |
مون آڇ ڪئِي مانِ. |
آچارايام |
آچارايَم |
آچار معنيٰ سوچ ويچار، فيصلو. فلاڻيون ڳالهيون ٻين کان آچارايم ويچار
ڪرايم، فيصلو ڪرايم. |
آچاريامِ |
آچاريم |
مون سوچ ويچار ڪيا، غور ڪيا. |
آچاريوم |
آچاريُم |
مون آچار ڪيو. |
آڻارايام |
آڻارايم |
فلانا گهرايم، سڏايم. |
آڻايام |
آڻايم |
فلاڻا گهرايم، سڏايم. |
آڻايومِ |
آڻايم |
هن کي گهرايُم |
آڻائينِ |
آڻائِن |
سَڏائين، گهرائن. |
آڻِين |
آڻِنِ |
کڻي اچن، وٺي اچن. |
آلائينِ |
آلائن |
ڪپڙا آلائين يا آلائِن پيا يعني پوري طرح سُڪا نه آهن. |
آيامِ |
آيم |
مهمان آيم. |
آنديامِ |
آندم |
ڪتاب آندم، وٺي آئيس. |
آنديام |
آنديَم |
هوءَ شي آنديم. |
آبري |
اَڀري |
هِيڻي، هوءَ ڍڳي اَڀري آهي. |
آڀام |
اَڀَم (ابهم) |
ننڍو ٻار. |
آٿڻ |
هَٿڻِ |
سڱ جو عيوضو. |
اٿان |
اَٿَنِ – ٿَنِ |
هنن وٽ هيءَ شيءَ آهي. |
آجيان |
آجان |
مرحبا ڪرڻ. |
آجهاپو |
آجهپ – جهپ |
مسافريءَ م واٽ تي ٿورو ترسي آرام ڪرڻ. |
آچار |
آچر |
ماڻهوءَ جو نالو. |
آڌار |
آڌر |
آسرو، ٽيڪ. |
آڌائون |
آڌئون |
ڪتيءَ جي فصل کڻڻ بعد ۽ چيٽ جي مند کان ٿورو اڳ ڪيل فصل کي اڌئون چوندا
آهن. |
آڌياري |
آڌِيرِي |
اڌبائتي، ڪا ڳئون يا مينهن، ڪنهن ماڻهو کان اڌ جي قيمت وٺي ڏجي، باقي اڌ
ان وٽ هجي، ان کي اڌيري يا اڌبائتي چئبو. |
آڏت وار / آرتوار |
اتوار (آچر) |
ڏينهن جو نالو. |
آڊوڪو |
اُڊڪو |
فڪر يا ڳڻتي. |
آڍڙو ٻڍڙو |
آڍو ٻڍو |
دعا ته فلاڻو وڏي عمر ماڻي عام پوڙهو ٿئي. |
آرا |
آر |
انگل. |
آرياڻي |
آري |
پنهون جو لقب. |
آروپار |
آرپار |
ٻنهي پاسي. |
آراڻو |
آرڻ |
دريا جي لهي وڃڻ سبب ڪچي واري زمين ۾ ولين جي پوک. |
آريٺڙو |
آريٺو |
وکر، هن جي کل نانگ جي زهر جو ترياق آهي. |
آسائتو/ آسائت/ آسائو/ آسروند |
آسِي |
آسَ يا اميد رکندڙ. |
آسارو |
آسرو - آسر |
اميد – ڀروسو. |
آسي پاسي |
آسپاس |
چؤگرد. |
آڪارو |
اڪارو |
اڪ جو سُٽُ. |
آڪاه |
آڪہ |
ڪٽنب جا ڀاتي. |
آڪڙباز |
آڪڙيل |
اجائي آڪڙ وڏائي ڪندڙ. |
آکيرڻو |
آکيرو |
پکين جو آشيانو. |
آڳئل/ آڳيل |
آڳل |
ٻيڙي جو اڳيون حصو. |
آلڙ |
الڙ |
رڇ يا سوئر تي ڪتن جي بڇ ڪرڻ. |
آنڌاري |
انڌاري |
مٽي گاڏڙ طوفان، اونده. |
آئون |
آءٌ – آن |
مان. |
آنهِري |
آهري |
آئينو – درسني. |
آهار |
آهر |
آسرو - ٽيڪ. |
آهينِ |
آهِن. اَهِن، هِن |
هو هت آهن، هو هت هِنِ. |