مون لاءِ فخر جي بات آهي ۽ آءٌ پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان جو
اُهو سمورو مواد ترتيب ڏيڻ لاءِ منهنجي حوالي
ڪيائون.“
وري وڏا ڀاڳ منهنجا چئبا جو هن شهپاري جي مقدمي لکڻ جي سعادت
مون کي نصيب ٿي، جنهن لاءِ آئون مخدوم صاحب جن جو
ٿورائتو آهيان. مون هن کان اڳ وارن صفهن ۾ عرض ڪيو
آهي ته:
”منهنجي خيال ۾ هن لغات جي مصنف جو هي ڪم ’جدت‘ ۽ تخليقي ڪم
آهي. هن لغات واري تحقيقي ڪم جو خيال، اڳ ۾ ڪنهن
به صاحب جي ذهن ۾ اُڀريوئي ڪونه هو، يعني ته هي
خيال ڪنهن به ماهر جي ذهن ۾ هن کان اڳ سرجيو ئي
ڪونه هو.“
منهنجي هن دعوا جي تصديق، محترم انور هالائيءَ جي هيٺينءَ راءِ
مان ملي ٿي. انور هالائي صاحب، ”طالب الموليٰ
سائينءَ جي شاعرانه حيثيت“ جي عنوان سان ”ديوان
طالب الموليٰ“، صفحي 29 تي لکي ٿو:
”چوٿين دور ۾ زير مطالع ڪتاب، ديوان طالب الموليٰ، 1982ع ۾ شايع
ٿيو آهي. هڪ ڪتاب ”سنڌي مخففات“، مخدوم صاحب لکي
رهيو آهي جيڪو عنقريب شايع ٿي ويندو. سنڌي مخفف
بابت مخدوم صاحب جن پنهنجي ڪتاب ديوان طالب
الموليٰ ۾ اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي، توقع آهي ته اهو
ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ نئون تحقيقاتي ڪتاب ثابت
ٿيندو“(1).
بيشڪ هيءَ لغات سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ بي بها خزانو آهي. هن
لغات سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظن ۽
انهن جي صوتي، صرفي ۽ وياڪرڻي اڀياس واري کيتر ۾
شاندار اضافو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي مؤلف، لفظ جي
مخفف روپ جي سلسلي ۾، صحيح راءِ ڪانه ڏني آهي.
مهاڳ ۾ هُو لکي ٿو:
اصل لفظ مان ”ي“ ڪڍڻ سان مخفف ملي ٿو“، جيئن:
لفظ مخفف لفظ مخفف
اکيُن اَکِن دکين دَکِن
مکيُن مَکِن سکين سکن(1)
حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي اصولن ۽ قانونن موجب
لفظ جي مخفف روپ ٺاهڻ لاءِ اهڙو ڪو به قانون
ڪونهي، جيئن مصراڻي صاحب فرمايو آهي، پر حقيقت ۾
ڪنهن به لفظ جي مخفف ٿيڻ يعني سسڻ يا گهٽجڻ جي
باري ۾ جيڪي اصول ۽ قانون، انهن لفظن جي اڀياس کان
پوءِ، نظر آيا آهن، اُنهن مان ڪي هن کان اڳ وارن
صفحن ۾ بيان ڪيا ويا آهن، پر هت هڪ دفعو وري هيٺ
دُهرائڻ مناسب سمجهان ٿو؛ اُهي اصول هي آهن:
(الف) سَنڌي (ادغام) جا اصول ۽ قانون جيڪي لفظن جي مخفف صورتن
ٺاهڻ ۽ اُنهن جي اڀياس ۾ مدد ڪن ٿا.
روز مره واري ۽ عام گفتگو واري ٻوليءَ جو اڀياس
شاعري يا نثر ۾ ڪم ايندڙ لفظن، فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جو مخفف ٿيڻ.
(ث) هن لغات جي ٻوليءَ ۾ افاديت:- انهن ٽنهي اصولن
مان جيتوڻيڪ شاعري يا نثر ۾ ڪم ايندڙ لفظن جو فقرن
۽ جملن يا مصرعن ۾ استعمال، ٽئين نمبر تي ڏنو ويو
آهي پر جيئن ته هن لغات جي مصنف، شاعريءَ واري
اصول تي پنهنجيءَ هن لغات جو بنياد رکيو آهي، ان
ڪري، پهرين اُن اصول جي باري ۾ بحث ڪبو. منهنجي
ڄاڻ ۽ مطالعي موجب ۽ پڻ مخدوم صاحب جن جي راءِ
موجب، شاعريءَ ۾ ڇند جي ماترائن يا علم عروض جي
وزن جي پورائي ڪرڻ لاءِ مصرعن ۾ ڪي لفظ يا ڪن لفظن
۾ ڪي آواز مخفف ڪرڻا پوندا آهن. هن دعويٰ کي جناب
طالب الموليٰ جن پنهنجي ديوان ۾ لکيل پُرمغز مهاڳ
ذريعي وڌيڪ صحيح ثابت ڪيو آهي. مخدوم سائينءَ جن
لکن ٿا:
’اُچيو‘، ’اُچئو‘، ’مُڙيو‘، ’مُڙئو‘، ’وڌيو‘، ’وڌئو‘، ’اڳيان‘،
اڳئان‘،
’لکيو‘، لُکئو‘، ’کليو‘، ’کلئو‘، پيو، پئو وغيره وغيره لفظ
اَنهيءَ، اُنهَيَ، لکندو آهيان. ’ي‘ تي ’زبر‘ ڏيڻ سان اصل
مطلب ادا ٿئي ٿو ۽ ’همزو‘ (ء) زائد آهي. ’آهيان‘،
’آهئا‘، ’آهيان‘، ’هُان‘، انهن لفظن جون لکڻيون جدا مگر
معنيٰ ساڳي آهي، تنهنڪري ضرورت سارو، سواءِ ’هان‘ ۽
”هِن“ جي باقي ٽنهي شڪلين ۾ اهي لفظ استعمال ڪندو
آهيان. انهن لکڻين ۾، عروض موجب تقطيع (ونڊ ورڇ) ۾ آساني ٿئي
ٿي“(1).
اڳتي فرمائين ٿا ته:
’آئون لفظ ’لَئه‘ يا لَئي‘ بدران ’لء‘ ڪري لکندو آهيان ۽ اُن
کي درست سمجهان ٿو ڇو ته ٻيءَ طرح جي لکڻي تقطيع ۾
غلط ٿيندي: مثال طور :
ملاقات لَئي محب مشتاق جو
سڪي ساهه وارو ادا ڪج عرض
(فاضل)
”نه آهي ڀروسو ڪايه نه مايه تي نه سايا تي
انهيءَ تصديق لئه غافل وڃي گورو ڪفن کان پڇ“(1)
(انجم)
مٿي ڏنل وضاحت، مثالن ۽ هيٺ ڏنل راءِ مان بلڪل واضح ٿئي ٿو ته
مخدوم صاحب جن مخفف روپن جي مفهوم ۽ ڪارج کان
1982ع ۾ چڱيءَ طرح واقف هئا. فرمائين ٿا:
”ڪڏهين ۽ ’جڏهين‘ جو مخفف (گهٽايل) ’ڪڏهن‘ ۽
’جڏهن‘ آهي؛ ڪي ته ’ڪڏ‘ ۽ ’جڏ‘ به لکندا آهن. جي غلط سمجهان ٿو“(2).
اڳتي لکن ٿا ته:
”لفظ ’آهن‘ کي ’هن‘ ۽ آهيان‘ کي ’هان‘ به ڪري، ڪٿي
چون ۽ لکن ٿا. اهي لفظ سنڌ جي اُترئين حصي جا آهن،
جهڙيءَ طرح عربي ۽ فارسي الفاظن جا مخفف آهن تهڙيءَ
طرح ڪيترن ئي سنڌي لفظن جا مخفف موجود آهن؛
ڪجهه مثال هي آهن:
هِنن هِن ندين ندن اکين اِکِن
تنن تن آهِن هِن سَمين سَمِن
وَهين وَهِن ستين سَتِن جنن جِن
شڪين شڪِن آهيان آهيان وسين وَسِن
آهِن هِن گهٽين گهٽن هُئايا هُياها
مٽين مِٽن هُئويا هُيوهو ڏنگين ڏنگِن
سومار سومَر ڇڏين ڇڏِن صدين صَدِن
مڃين مڃن ادين اِدن چکين چکن
ونين وَنِن يارَ يَر“(1)
طالب الموليٰ سائينءَ جن لکن ٿا:
”مٿيان لفظ شاعريءَ ۾، بغور پڙهڻ سان، آسانيءَ سان سمجهڻ ۾ اچن
ٿا، لفظ ’وَههُ‘، ’رهه‘ به آهن، جيئن ’اوهان‘،
’توهان‘ ۽ ’ڳرهاٽي‘، پر انهن کي رديف نٿو بنائي
سگهجي“(2).
طالب الموليٰ سائينءَ جن جي انهيءَ راءِ کي، شعر
جا هيٺيان مثال وڌيڪ وزندار بنائين ٿا. انهن شعرن
۾ لفظن جي مخفف روپن جا مثال ملن ٿا:
لکڻ ۾ پڙهڻ ۾
وري ادبِ محفل کان ٿيا او روشناس آهن وري ادب محفل کان ٿيا او
روشناساهن نشيمن کان جي بي پرواهه هئا آواره
هرجائي نشيمن کا بي پروا هئا آوارا هرجائي(3)
لفظن جي مخفف روپن جا مثال شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به
بيشمار ملن ٿا؛ مثال طور:
دوس مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
هن مصرع ۾ ’دوس‘ لفظ، ’دوست‘ جي مخفف صورت آهي ۽ ’ت‘ حذف ڪيو
ويو آهي. ٻيو بيت آهي:
ٻاروچاڻا ٻار توڙان ترس نه سکيا.
هن مصرع ۾ ’توڙان‘ لفظ ’توڙ کان‘ لفظن جو مخفف روپ آهي.
اهڙيءَ طرح کڳمار لفظ کڙڳ مار جو مخفف آهي.
مرزا قليچ بيگ جي ڪلام ۾ مخففات جا ڪيترائي مثال ملن ٿا؛ مثلاً:
پنهنجي ڪوچي ۾ ڏسي رات رقيبن مُنکي،
پڻ خبردار ڪيو ڪنهن ڪيو دلدار ڪيو(1)
هن شعر ۾ ’مُنکي‘ لفظ، ’مون کي‘ جو مخفف روپ آهي.
مير عبدالحسين خان سانگيءَ ٻه شاعريءَ ۾ وزن جي پورائيءَ لاءِ
ڪن ڪن لفظن جا مخفف روپ ڪم آندا آهن؛ مثال طور:
نڪا پوک پوکن، نڪو هر هَلي،
تڏهن ڀي سکيا آهن مارو مٺا(2)
هن شعر ۾ ’پوکن‘ لفظ ’پوکين‘ جو مخفف روپ آهي.
سانگيءَ جي ڪلام ۾ ٻيا مثال هي آهن:
سدا منهنجا منجهه ملير،
پپن ۽ گولاڙن مان ”ماڻن“ مزا،
پنهوارن جي آهي پُسيءَ سان پريت،
سڱر سيڪي ”کائن“ سانگي سا سدا(3)
مٿين ٻن شعرن
۾ ’ماڻن‘ ۽ ’کائن‘ لفظ، ’ماڻين‘ ۽ ’کائِين‘ جا
مخفّف آهن.
هن قسم واريون خصوصيتون محترم شيخ اياز جي ڪلام ۾ به نظر اچن
ٿيون. سيخ صاحب جي ڪلام مان ڪي مثال ڏجن ٿا:
ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي ٿڪجي،
وڻ جي هيٺان بيٺا سوچن.(1)
هن شعر ۾ ’سوچن‘ لفظ ’سوچين‘ لفظ جو مخفّف آهي. شيخ صاحب جي هڪ
ٻي مصرع به ملاحظه فرمايو:
اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو نه ڏٺو آ
(2)
لفظن جي مخففات جا اهڙا ڪئين مثال محترم شمشير الحيدري، تنوير
عباسي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ به ملن ٿا. نوجوان
شاعر اياز گل جي ڪلام مان ڪي مثال ملاحظه فرمايو:
سوچون ساريون هارايل سردار جيان،
خواب پيا ها پيرن ۾ تلوار جيان،
چپ اوهان جا پنهنجا، لفظ پراوا هِن،
يارو! آهيو ڊرامي جي ڪردارن جيان.
هن شعر ۾ ’ها‘ ’هِن‘ لفظ مخفّف روپن جا مثال آهن. اياز گل جو هڪ
ٻيو شعر مثال طور ڏجي ٿو:
نفرت جنهن جي ٻولي آهي،
منهنجي هٿ ۾ گل سندس لَئه،
هن جي گَن ۾ گولي آهي(3)
هن شعر ۾ ’لَئه‘ لفظ مخفف صورت آهي.
شاعريءَ وانگر نثر ۾ به روزمره واري ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ مخفّف
ملن ٿا. مثال طور مخدوم صاحب، ديوان طالب الموليٰ
جي مهاڳ ۾ لکن ٿا:
”ماڻهن جي تمنائن، تقاضائن ۽ کاڌ پيت سندن وڙهڻ جا سبب پيداڪيا“
(1)
سنڌيءَ وارا قانون- مٿي لفظن کي مخفّف ڪرڻ يا سسائڻ جا جيڪي
مثال شاعريءَ مان ڏنا ويا آهن، انهن جي مخفّف ٿيڻ
يا سسائڻ واري مطالعي لاءِ سنڌيءَ جا قانون مدد ڪن
ٿا. هن ڏس ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب(2)
۾ سنڌيءَ جي اصولن جي باري ۾ تفصيل سان بحث ڪيو
ويو آهي، البت اهو قبول ڪرڻ ۾ ڪوبه عار ڪونه ٿو
سمجهان ته ان وقت منهنجي ذهن ۾ لفظن جي مخفّف
صورتن جو، تصور به ڪونه هو. هيٺ مثال ڏيئي اهو
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪنهن به لفظ ۾ ڪنهن
آواز جي گهٽجڻ، سسجڻ، گم ٿيڻ يعني ڪنهن لفظ جي
مخفّف ٿيڻ ۾ ”سنڌيءَ وارا اصول ۽ قانون“ اثر انداز
ٿيندا آهن.
سنڌيءَ جي لغوي معنيٰ آهي ’جوڙ‘، ’ڳنڍ‘ يا ميلاپ‘. انگريزيءَ ۾
اُن عمل کي
assimilation
چئبو آهي، جڏهن ته ڪنهن به مرتب يا مرڪب لفظ، فقري
يا جملي ۾ مثال طور مرتب لفظ جي حالت ۾ بنيادي لفظ
سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ’پروس‘ صوفيه يا صورتون
بنيادي لفظ جي اڳيان يا پٺيان اهڙي نموني ملن يا
گڏجن جو پهرئين لفظ يا صوفيه جو پويون آواز ۽
پوئين لفظ يا صرفيه جو پهريون آواز، هڪ ٻئي تي اثر
ڪري، هڪ نئين آواز يا صوتيه ۾ مٽجن يا تبديل ٿين،
ته اهڙي تبديليءَ کي لسانيات ۾ ”سنڌيءَ جي اثر کان
تبديلي“ شمار ڪيو ويندو آهي. هن وصف جي مطالعي کان
پوءِ جيڪي نتيجا حاصل ٿيا آهن اُهي هي آهن:
(الف) لفظن يا صرفين جي ميلاپ يا جوڙ وارا مرڪب آواز يا آوازن
جا ميل، پاڻ ۾ سمائجي يا هڪ ٻئي تي اثر ڪري، هڪ
نئين آواز ۾ تبديل ٿيندا آهن: مثال طور:
اُت
<
چارڻ = اُچ= چارڻ
+چارڻ
ايڪا
+
دش
<
ايڪا
+رهه
<
اي
+آ
+ره
<
يا ره
دوا
+
دش
<
با
+
دَش
<
با
+
رس
<
ٻاره
<
ٻاره
<
ٻارهن
پنج
+
دَش
<
پند
+رهه
<
پن
+ره
<
پندره(1)
سَت
+
جن
<
سج
+جن
<
سَجّن
<
سڄڻ
اهڙيءَ طرح وڌيڪ مثال سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪتاب ۾ ڏسي سگهجن
ٿا.
(ب) ٻن لفظن يا هڪ لفظ ۽ هڪ پَروس صورت جي ميلاپ جي حالت ۾
پوئين آواز (صوتيه) جي اثر کان، پهريون آواز وچان
ئي هڪ نئين ٽئين آواز جو روپ وٺندو آهي: جيئن:
دُهه
+
بل
<
دُر
+بَل
<
ڏُٻل
<
ڏٻرو
نهه
+
ڦل
<
نش
+ڦل
<
نس ڦل
نهه
+
مل
<
نر
+مل
<
نرمل
<
نمل
واڻيو
+
آڻي
<
واٽ
+ياڻي
<
واڃاڻي(2)
(ت) تاريخي ارتقا دوران ڪنهن لفظ ۾ هڪ آواز بدلجي
ٻيو آواز ٿي ويندو آهي. هن عمل کي ”تاريخي سَنڌي“
چئبو آهي. سنڌيءَ جو هي قسم، ٻوليءَ جي ارتقا سان
واسطو ٿو رکي، يعني ٻوليءَ جي ارتقا دوران جيئن
جيئن ٻوليءَ ۾ ٻيون تبديليون واقع ٿينديون آهن،
تيئن تيئن هن قسم واري سنڌي به پنهنجا اثر ظاهر
ڪندي آهي. هن قسم واري سنڌيءَ جي مطالعي مان معلوم
ٿو ٿئي ته ڪو لفظ، ڪنهن زماني ۾ هڪ خاص نموني سان
اُچاريو ويندو هو پر جيئن جيئن ٻوليءَ ۾ ترقي
ايندي ويئي تيئن تيئن اهڙن لفظن ۾ آوازن ۽ سندن
گروهن ۾ يا خاندان ۾ فرق ايندو ويو؛ مثال طور:
(i)
ڪن لفظن ۾ تاريخي ارتقا دوران ’ک‘، ’گهه‘ ۽ ’ٿ‘
آواز بدلجي ”هه“ ٿيا؛ مثال طور:
مک
<
مُهه
<
مُنهن
ميگهه
<
ميهه
<
مينهن
(ii) تاريخي سنڌيءَ جو هڪ ٻيو قسم اهو آهي جنهن
۾ ٻوليءَ جي ارتقا دوران ڪنهن لفظ ۾ آواز گم يا
حذف ٿي ويندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت ۾
اهڙا ڪيترائي لفظ موجود آهن، جن مان تاريخ جي گذرڻ
سان گڏوگڏ ڪي اواز يا صوتيه آهستي آهستي گم ٿي
ويا، يا حذف ٿي ويا يا مخفّف ٿي ويا؛ مثال طور:
گرام
<
گام
<
گاؤن |
سنيهه
<
نيهه
<
نينهن |
ڀراتا
<
ڀرا
<
ڀا |
سروي
<
سوي
<
سڀي
<
سڀ |
ارڌ
<
اڌ |
چرم
<
چم |
ارگهه
<
اگهه |
ماتر
<
مات
<
ماءُ |
ارڪ
<
اڪ |
ڪريندي
<
ڪندي. |
رسمي
<
رسي |
|
شادباش
<
شاباش
<
شاباس |
|
خوددار
<
خودار |
|
شاهه گرد
<
شاگرد |
|
بادشاهه
<
باشا
<
پاشا(1). |
|
سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعريءَ ۾ ’ڪرن‘ ’ڪريندي‘،
لفظ جي استعمال جا مثال ملن ٿا. مثال طور اسحاق
آهنگر جو هي سورٺو ڏسو:
ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي ڇڄ تي،
مانَ ڪَرَن ڊُرڪ، ٻولي ٻاجهاريءَ سين.
شاهه ڪريم جو دوهو به هڪ سٺو مثال آهي:
چند چور ڪريندي، رتو منهن ڪُهاڙ،
سڄڻ ڌڄڻ نه ٿئي، رُسي جي سوَ وار(2)
هن سلسلي ۾ سنڌي ماڻهن ۽ شهرن جي نالن جا مخفف روپ به ڏاڍا
دلچسپ معلوم ٿين ٿا، ۽ اڀياس طرف ڌيان ڇڪائين ٿا؛
مثال طور:
اصلوڪو لفظ |
مخفف روپ |
اصلوڪو لفظ |
مخفف روپ |
خداآباد |
خداواد |
خدا ڏنو |
خدانو |
الله ڏنو |
الانو |
الله ڏتو |
الله تو |
غلام محمد |
گلاند |
نورالدين |
نوردين |
عبدالقادر |
ڪادر |
غلام علي |
گلاملي |
سائينءَ ڏنو |
سائينو |
سائينءَ جن |
سانيَن |
سائينءَ جن وڏا |
سانين ڏا |
مير محمد |
ميرند |
لغات سنڌي مخفّفات ۾ به اهڙا ڪيترائي لفظ ڏنا ويا آهن، جيڪي
سَنڌيءَ جي هن اصول سان واسطو رکن ٿا؛ مثلاً
اصلوڪو لفظ |
مخفف روپ |
اصلوڪو لفظ |
مخفف روپ |
اصلوڪو لفظ |
مخفف روپ |
اڻ بڻت |
اڻ بڻ |
اڻاوت |
اُڻت |
اوهان |
هان |
ڄڻڪ |
ڄڻ |
الله تو آهار |
الاتوهار/الاتوُار |
اڻورچ |
اورچ |
بلائتو |
بلاتو |
اولاڪو |
اولڪو |
تندور |
تنور |
ٺونگڙو |
ٺونگو |
پاڇولو |
پاڇو |
ڏولچي |
ڏولي |
ڏوهاري |
ڏوهي |
ڏندرو |
ڏندو |
ڊيڄڙو |
ڊيڄو |
راڌائو |
راڌو |
رانول |
راءِ |
ڏن ڀرو |
ڏاني |
حجت |
حج |
خورشيد |
خور |
ڄاڻپ |
ڄاڻ |
جاءِ بجاءِ |
جابجا |
جڏهانڪر |
جڏاڪر/جڏ |
جڳت |
جڳ |
پولار |
پور |
پرين |
پر |
پڇاڻو |
پڇا |
پانڌيئڙو |
پانڌي |
پاسراٽي |
پاسري |
راڳائي |
راڳي |
رکوال |
راکو |
روڪڙ |
روڪ |
آجيان |
آجان |
اٿيئي |
ٿئي |
ڄوانٽو |
ڄاٽو |
|
|
(iii)
تاريخي سنڌيءَ جو هڪ وڌيڪ مثال
تاريخي سنجوڳي سنڌي آهي. تاريخي سنجوڳي سنڌيءَ جا
مثال به مخفّفات واري اڀياس م مدد ڪن ٿا. هن قسم
واريءَ سَنڌيءَ جي حالت ۾، لفظ ۾ ميل يا جوڙ وارا
ڪي به ٻه مخفّف آواز يا گڏيل آواز پاڻ ۾ سمائجي يا
هڪ ٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز ۾ بدلبا آهن.
تبديل ٿيل نئون آواز، ميل وارن آوازن کان بلڪل الڳ
۽ نون گروهن وارن آوازن مان هڪ هوندو آهي؛
مثال طور:-
اصلوڪو لفظ |
نئون لفظ |
تبديل |
اگر |
اڳ |
’گ‘ ۽ ’ر‘ پاڻ ۾ سمائجي ۽ بدلجي نئين آواز ’ڳ‘ جو روپ ورتو
آهي. |
ڀاگيه |
ڀاڳ |
’گ‘ + ’ي‘ هڪ ٻئي ۾ سمائجي ’ڳ‘ جي صورت ورتي. |
ستيه |
سچ |
’ت‘ + ’ي‘ هڪ ٻئي ۾ سمائجي ’چ‘ ۾ تبديل ٿيا آهن. |
هنيا |
هَچا |
’ت‘ + ’ي‘ هڪ ٻئي تي اثر ڪري ’چ‘ ۾ تبديل ٿيا آهن. |
ويديه |
ويڄ |
’د‘ + ’ي‘ هڪ ٻئي تي اثر ڪري ’ڄ‘ ۾ تبديل ٿيا آهن. |
هست |
هٿ |
’س‘ + ’ت‘ هڪ ٻئي تي اثر ڪري ’ٿ‘ ۾ بدليا آهن. |
(iv)
لفظ جي انفرادي طور استعمال کان سواءِ اُن جو نحوي سٽاء ۾
استعمال به مخفّف روپ جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو
ڇاڪاڻ ته ’سنڌيءَ جا قانون‘ نه فقط انفرادي لفظن
جي حالت ۾ اثرانداز آهن پر جملن ڪم آندل لفظن جي
روپن تي به اهي قانون پنهنجو اثر ڏيکارين ٿا ۽
لفظن کي مخفّف بنائين ٿا؛ مثال طور:
|
فرق |
نه + آهي
<
ناهي |
’آ‘ سُر جي اثر کان، سندس اڳيان آيل ’آ‘ سر حذف ٿي ويو. |
نه + آهن
<
ناهن |
ايضاً |
ڇا + آهن
<
ڇاهِن |
هن مثال ۾ ’آهن‘ لفظ جو ’آ‘ حذف ڪيو ويو آهي. |
ڪانه + آهي
<
ڪانهي |
هن مثال ۾ ’نه‘ وارو ’آ‘ ۽ ’آ‘ حذف ڪيا ويا. |
ڪونه + آهي
<
ڪونهي |
قابل توجهه نقطو هي آهي ته هن جملي ۾ ڪونه لفظ ۾ ’ن‘ آواز
اوسرگ هو جو ’ڪونهي‘ لفظ ۾ بدلجي وسرگ ’نهه‘
ٿيو آهي. |
ڪين + آهن 7 ڪِينَهن |
اهڙيءَ طرح ’ڪونَهن‘ ۽ ’ڪينهن‘ ’نهه‘ وسرگ آواز آهي. |
ٻيا مثال هي آهن: |
|
|
ڇا + آهي
<
ڇاهي؟ |
|
ڇا + نه
<
آهي
<
ڇاناهي |
|
ڏنو اٿن
<
ڏنو ٿن
<
ڏِنن |
|
ڏٺو اٿن
<
ڏٺو ٿن
<
ڏِٺن |
|
چيو ٿن
<
چيوٿن
<
چَين |
|
ويندو اٿن
<
ويندو ٿَن
<
وَيندِن |
|
کاڌو اَٿن
<
کاڌو ٿَن
<
کاڌِن |
|
ويا اَٿن
<
وياٿَن
<
ويانِ |
|
درويش آهن
<
درويش هِن
<
درويشن |
|
ويو + س
<
ويُس |
|
ٿيو + س
<
ٿِيس |
|
لکيو + م
<
لِکيُم |
(v)
سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاء موجب فاعل – فعل واري
ترتيب جملي ۾ ڪم ايندڙ لفظن اندر ترميم واري
خصوصيت
(Modification)
جو سنڌيءَ جي قانون موجب، اڀياس ڪرڻ گهرجي، ٻين
لفظ ۾ هيئن چئبو ته جملن ۾ ڪم ايندڙ لفظن ۾ مخفّف
روپ سنڌيءَ وارن اصولن سان واسطو رکن ٿا. مثال طور
ترميم واري اصول موجب، ڪنهن به گفتار م فاعل ۽ حرف
جر ۾، ميلاپ واري حالت ۾، صوتي تبديل واقع ٿيندي
آهي، پر جيڪڏهن فاعل ۽ فعل الڳ الڳ يا ڌار ڌار ڪري
۽ جهلي جهلي ڳالهائبا ته پوءِ اُنهن لفظن ۾ ڪنهن
به صوتي تبديليءَ جو امڪان ڪونه ٿيندو، پر ڪنهن
عام گفتار ۾، لفظن جو الڳ الڳ ڳالهائجڻ رواجي طور
يعني عام
(Normal)
حالت ۾ ممڪن ڪونهي. هن سلسلي ۾ هيٺيان مثال مدد ڪن
ٿا.
لفظن جو الڳ الڳ استعمال |
عام رواجي گفتار ۾ استعمال |
مون وٽ پين ڪانه آهي |
مون ٽ پين ڪانهي/ پين ڪانهيم |
پين ڪانه اٿم |
پين ڪانه ٿم/پين ڪانٿم |
هُو ڇا آهي؟ |
هو ڇاهي؟/ڇاهي؟ |
هُو ڪراچي ويا آهن |
هُو ڪراچي يا هن /ڪراچي ياهِن |
هُو اسان جي مدد ڪندا آهن. |
هُو سانجي مدد ڪندا هن/سان جي مدد ڪنداهِن |
هنن اسان جي مدد ڪئي آهي. |
اسان جي مدد ڪئي اي
<
مدد ڪئين. |
هُو مدد ڪندو اَٿن |
مدد ڪندو ٿَن/ مدد ڪندن
<
ڪندَن |
هُو ڪتاب ڏيندو اٿن |
ڪتاب ڏوٿن/ڪتاب ڏيندن
<
ڏيندن. |
هن کي چيو اٿن |
چيوٿن/ هن کي چَئنِ/ چئن |
هُو رلندو وتي |
هُو رلندوتي/ رلندوتي |
مان انب کان ٿو. |
مان ب کان ٿو. |
الله تو آهار |
الاتوهار/ الاتُوار |
(vi)
اهڙيءَ طرح ضميري پڇاڙين يعني متصل ضميرن جا هن
لغات ۾ بيشمار مثال ڏنا ويا آهن، جن جو اڀياس به
سُنڌيءَ جي اصولن جي ڪارج جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ضمير متصل، مخفڦفات واري موضوع جي
خصوصيتن جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا. هن لغات ۾ هيٺيان
لفظ ضمير متصل واري موضوع سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن
جي ڇنڊ ڇاڻ به اهڙن اصولن ۽ قانون جي مدد سان ڪئي
ويندي ته علم لغات سان دلچسپي رکندڙ
۽ ويا ڪرڻ جا شاگرد، اهڙن لفظن جي صحيح طريقي سان
ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهندا. هن لغات مان ڪي لفظ چونڊي ڇنڊ
ڇاڻ لاءِ پيش ڪجن ٿا:
اصل لفظ مخفف اصل لفظ مخفّف اصل لفظ مخفّف اصل
لفظ مخفّف
آڀاريوم آڀاريُم آٺاريوم آٺاريُم آڇيوم آڇيُم
آلاپيوم آلاپيُم
اُٿاريوم اُٿاريُم اٽڪايوم اٽڪايُم اُڏاريوم
اُڏاريم اَهنجايوم اَهنجايُم
بڻايوم بڻايُم ٻاريوم ٻاريُم ٻڌايوم ٻُڌايُم تڙايوم تڙايُم
ٿيوم ٿيُم چيوم چيم پيومُ پيُم هَنيوم هَنيُم
کنيوم کنيم ماريوم ماريُم مون کاڌو کاڌُم تو کاڌو
کاڌُءِ
سنڌي ويا ڪرڻ جي ڄاڻن کي اها خبر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي جملن ۾
ضمير خالص (ضمير متڪلم، ضمير حاضر ۽ ضمير غائب) جي
بدران ضمير متصل به ڪم آڻبا آهن. ضمير متصل جو
اهڙو استعمال مخفف لفظن جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو.
سنڌي زبان ۾ ضمير متصل، جا ٽي ڪارج آهن؛ مثال طور:
(الف) ملڪيت (اضافت) ڏيکارڻ لاءِ، اسمن يا ضميرن جي پٺيان شامل
ڪرڻ يعني ملائڻ ۽ ملڪيت جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ.
(ب) فعلن سان گڏجي متعدي، متعدي بالواسطه ۽ ٻٽا بالواسطه فعلن
جي ڪارج يا مفهوم ظاهر ڪرڻ.
(ت) حرف جر طور ڪم اچڻ.
هيٺ انهن ٽنهي ڪارجن جا مثال ڏجن ٿا.
(الف) اُهي متصل ضمير جيڪي اسمن سان ملي، ملڪيت جي معنيٰ ۽ مطلب
ظاهر ڪن ٿا:
هتي ٽيبل ايندي پيج (گهه)
ساڳيءَ طرح متصل ضمپرن جو فعل سان ملي، مخفّف روپن جو مطالعو
هيٺ ملاحظه فرمايو.
فعل ’آهي سان‘ زمان حال ۾ ضمير متصل جو استعمال:
هتي به ٽيبل ايندي پيج نمبر (ڱ)
اهڙيءَ طرح هن لغات مان ’اڀاريُم‘، ’آڇيم‘، ’اُٽڪايُم‘،
’ٻاريُم‘، ’چيُم‘، ’پيُم‘، کاڌُم‘، ’کاڌءِ‘، وغيره
مثال ثابت ٿا ڪن ته متصل ضمير (ضميري پڇاڙيون)
فعل، اسم سان ملي لفظ کي گهٽائڻ يعني مخفّف ڪرڻ جو
ڪارج ادا ڪن ٿا. سنڌي ويا ڪرڻ جي اها هڪ اهم
خصوصيت بيان ڪئي ويئي آهي؛ مثال طور:
فعل جو ڌاتو |
زمان جي علامت |
ضميري پڇاڙيون |
فعل جو گردان |
لکڻ |
يو (زمان ماضيءَ جي علامت |
ضمير متڪلم: م |
لکيوم <
لکيم
<
مون لکيو لکيوسون/ لکيوسين- اسان لکيو. |
= |
= |
ضمير حاضر: ءِ/ و |
لکيوءِ
<
لکيئه
<
تو لکيو، لکيُوءَ
<
لِکِئوَ
<
اوهان لکيو |
= |
= |
ضمير غائب: س/ ن |
لکيو ضميري نشاني هن لکيو لکيو حدف ٿي وئي هنن لکيو. |
هنن مثالن ۾ زمان ماضيءَ جي صيفي ۾ ضمير غائب جي صورت ۾ ضميري
نشانيون حذف ڪيون وينديون آهن ۽ ’لکيوس‘ / ’لکيون‘
جي استعمال سان جملي جي معنيٰ ۽ ضمير متصل جي ڪارج
۾ فرق اچي ويندو، مثال طور:
لکيوس جي معنيٰ هُن، هُن کي لکيو
لکيونِ جي معنيٰ هُنن، هنن کي لکيو
البت ’هُن لکيو‘ جي مخفّف صورت ’لکيائين‘ اهي ۽ ’هُنن لکيو‘ جي
مخفّف صورت ’لکيائون‘ ڪم ايندي آهي.
اهڙيءَ طرح ’لک‘ ڌاتُوءَ جو زمان مستقبل ۾ گردان مثال طور هيٺ
ڏجي ٿو:
فعل جو ڌاتو |
زمان جي علامت |
ضميري پڇاڙيون |
فعل جو گردان |
لِک |
اَند+او/اي (مستقبل) |
متڪلم: م/س |
لکندوم لکندوس
<
آءٌ لکندس لکنديس/ لکندم |
|
|
سين/ سون |
لکنداسين
<
اسين لکنداسين لکنداسون |
= |
حاضر: ءِ/ اين |
|
لکندين<
تون لکندين |
= |
حاضر: وَ / آ |
|
لکندائو / لکندا
<
توهين لکندا |
= |
غائب: س / ن |
|
لکندو
<
لکندا
<
هو لکندو هُو لکندا |
زمان مستقبل ۾ فعل سان ضمير متصلاً جي ملائڻ وارو قانون ڏاڍو
دلچسپ آهي ’لکندوم‘ ۽ ’لکندُم‘ جي معنيٰ ۾ وڏو فرق
آهي. ’لکندم‘ ۽ ’لکندس‘ ۾ ’م‘ ۽ ’س‘ جو ڪارج ساڳيو
ئي آهي. اهڙيءَ طرح ’لکندوءِ‘ ۽ ’لکندُءِ‘ جي اُها
ساڳي معنيٰ ڪانهي جيڪا ’لکندين‘ ۽ ’لکندا‘ جي آهي.
اهڙيءَ طرح ضمير غائب جاگردان به ويا ڪرڻين جو
ڌيان ڇڪائين ٿا.
(ب) متصل ضميرن جو ٻيو ڪارج متعدي، ’متعدي بالواسطه‘ ۽ ٻٽن
بالواسطه فعلن جي باري ۾ آهي. هيٺ ڏنل مثالن جي
مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ضمير متصل متعدي،
متعدي بالواسطه ۽ متعدي ٻٽا بالواسطه فعل ٺاهڻ ۾
مدد ڪن ٿا؛ مثال طور:
فعل جو ڌاتو |
متعدي فعل |
متعدي بالواسطه |
ٻٽا بالواسطه |
سَڙ- |
ساڙ |
ساڙا- ءِ |
ساڙارا- ءِ |
مَر- |
مار |
مارا-ءِ |
مارا را- ءِ |
|
لِک |
لکا-ءِ |
لکارا- ءِ |
|
چَؤ |
چوا- ءِ |
چورا- ءِ |
اهڙيءَطرح ’چَيُم‘، ’چوايُم’، ’چوارايُم‘، ’چوايومانس‘،
’چوارايومانس‘، ’ڏيکاريم‘، ’ڏيکاريومانس‘،
’ڏيکارايومانس‘ ۽ اهڙا ٻيا مثال ڏاڍا دلچسپ آهن،
جيڪي هن لغات جي حوالي سان وضاحت طلب آهن.
سنڌي وياڪرڻ جي مطالعي وارن موضوعن مان حالتن جا گردان دلچسپ
آهن، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ڪتاب ۾ حالت
اپاران، حالت مڪاني ۽ حالت اوزاريءَ جا مثال ڏيندي
اهو بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌيءَ ۾، ’۾‘، ’کان‘،
’مان‘، ’کئون‘ ۽ ’مئون‘ حرف جر آهن. انهن حرف جرن
جو ڪنهن اسم جي پويان اچڻ سان، اُن لفظ جو نه فقط
اُچار بدلبو آهي پر اُهي حرف جر، اُنهن اسمن يا
اسم سان ”مدغم“ ٿي گم ٿي وڃن ٿا. اهڙن مخفف لفظن
جي اڀياس ڪرڻ سان انهن لفظن ۽ حرفُ جرن جو اصلوڪو
روپ به سڃاڻڻ ۾ ڪونه ايندو آهي، مثال طور:
اسم |
حرف جر |
حالتن جي ڦيري کان پوءِ ورتل روپ |
گهَرُ |
کان |
گهَرَ کان
<
گهران
<
گهرا |
گهَرُ |
مان |
گهَرَ مان
<
گهران
<
گهرا |
گهَرُ |
کئون |
گهَر کئون
<
گَهرَئون
<
گهروُن |
گهَرُ |
مَئون |
گهَرَ مَئون
<
گَهرَئون
<
گهروُن |
انهن مثالن ۾ ’گهرا‘ ۽ ’گهروُن‘ مخفّف صورتون آهن، البت
’گهرئون‘ ۽ ’گهرون‘ اُترادي لهجي ۾ رائج آهن.
’گهرا‘ ۽ اهڙا ٻيا مثال ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام ۾
ملن ٿا.
(ت) اهڙيءَ طرح ’وٽ‘، ’کي‘، ’سندو‘ وغيره سان متصل ضمير ملي
دلچسپ صورتون اختيار ڪن ٿا. هن لغات ۾ هيٺيان لفظ،
هن قسم جي اڀياس جي دعوت ڏين ٿا:
’وَٽُم‘، وٽُئِه‘، ’کيُس‘، ’کين‘، ’کيم‘، ’وٽن‘، ’وٽس‘،
’وٽانئس‘، ’وٽانئن‘، ’سُندم‘ ’سندن‘ ’سندُءِ وغيره.
سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي ۾ متصل ضميرن جا ڏاڍا دلچسپ مثال ملن
ٿا، جيڪي مخفّف صورتن جي لاءِ اهم موضوع آهن(1)
ضمير خالص |
ضميري پڇاڙيون |
فعل جا ڌاتو |
زمان |
معياري لهجي ۾ اُچار |
لاڙي لهجي ۾ مخفّف اُچار |
متڪلم واحد |
آن |
ڏس- ڏسانءِ ٿو |
حال |
آءٌ توکي ڏسان ٿو |
ڏسين ٿو
<
ڏساني ٿو. |
=
جمع |
انُ |
= |
|
اسين توکي ڏسون ٿا
<
ڏسون ئي ٿا ڏسونءِ ٿا |
ضمير حاضر |
اين / اين |
= |
|
تون ڏسين / ڏسين ٿو. ڏسين / ڏسين ٿو. |
ضمير غائب |
اي |
|
|
هو توکي ڏسي ٿو ڏسني ٿو ڏِسَءِ ٿو. |
اهڙيءَ طرح ’چانس ٿو‘ ’چوم ني‘، ’اُچاني‘ وغيره جا مثال ڌيان
ڇڪائين ٿا، پر ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڪتاب‘ ۾
هن سلسلي جا ٻيا ڪئين مثال ملن ٿا.
حاصل مطلب ته هن ساري ڇنڊ ڇاڻ مان هي ثابت ٿو ٿئي ته مخدوم
محمّد زمان طالب الموليٰ جن، هن لغات جي مدد سان
سنڌي ٻوليءَ جي لساني مطالعي جي سلسلي ۾ هڪ نئين
موضوع طرف ڌيان ڇڪايو آهي ۽ سنڌي لغات جي کيتر ۾
هڪ نئين قسم جو اضافو ڪيو آهي.هيءَ لغات، شاعريءَ
۾ لفظن جي مناسب استعمال کان سواءِ روزمره واري
ٻوليءَ جي اُچارن ۽ لفظن، فقرن ۽ جملن ۾ انهن جي
ڪم اچڻ کان پوءِ اُنهن جي مخفّف صورت يا شڪل وٺڻ
واري عمل جي اڀياس ۾ مدد ڪري ٿي.
(ث) جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌي لسانيات جي مطالعي جي
ميدان ۾ هي هڪ اهم موضوع آهي، جنهن تي هن وقت
تائين ڪنهن به عالم قدم نه کنيو آهي. هن ڏس ۾
ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي تحقيق به ڪافي مدد ڪري ٿي.
ڊاڪٽر گدواڻيءَ سسيل روپ جي ڳالهه ڪئي آهي. هو لکي
ٿو:
”سوڍين جي نالن جو اڀياس ڪرڻ سان گهڻين ئي نئين
ڳالهين جي ڄاڻ ملي اٿم. پهرين ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته
جيئن اسان هندن جي مؤنث نالن ’ٻائي‘ (راڌاٻائي)، ’ديوي‘
(هري ديوي) ۽ ڪماري (وجيه ڪماري)، نالي جي پڇاڙيءَ ۾
گڏبو آهي، تيئن سوڍين جي نالن ۾ وري ’ٻا‘ ۽ ’ڪؤر‘
جوڙين. ’ٻا‘ ٿي سگهي ٿو ته ٻائيءَ جو ’سسيل روپ‘
(Abreviated)
هجي، پر ڪؤر ته بلڪل سکه ڌرم جي پوئلڳ جي
مؤنث نالي پٺيان ايندڙ ’ڪؤر‘ آهي. اُچار ۾ ڪو به فرق
ڪونهي. لفظ ’ڪؤر‘، ’ڪنور‘ مان نڪتو آهي“(1).
گدواڻي صاحب اڳتي لکي ٿو:
”راچپوت پاڻ کي راجائي خاندان سان ڳنڍين ٿا ۽ ان ڪري
هرڪو پاڻ کي راجڪمار سمجهندو آهي ۽ نالي سان گڏ
’ڪنور‘ لکندو آهي. راجڪمارين ’ڪنور‘ نالي سان ڳنڍڻ
شروع ڪيو ۽ وقت جي دوران ۽ اُن مان نڪائون آواز گم ٿي
ويو ۽ پوءِ اهو ’ڪؤر‘ ٿي پيو“(1)
هيءَ لغات گهڻ- ڪارج واري لغات آهي. هن ۾ اڪيچار خصوصيتون آهن
جن جو اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. هن لغات جي مدد سان
لفظن جا ڌاتو، اُچار، اشتقاق، ٻوليءَ ۾ لفظن جي
معنيٰ، سمجهاڻي ۽ وياڪرڻي ڪارج معلوم ڪري سگهجن
ٿا. هن لغات جي مطالعي سان لساني، وياڪرڻي،
تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي ڳالهيون، نڪتا ۽ حقيقتون
سامهون اچن ٿيون، جن جي ڇنڊ ڇاڻ کي بنياد بنائي
ڪئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
حقيقت ۾ ”لغات سنڌي مخفّفات“ جو مطالعو سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات،
صرف و نحو، سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا ۽ سنڌي
لسانيات جو مطالعو آهي. هي هڪ اهڙو موضوع آهي،
جنهن تي وڌيڪ تحقيق لاءِ بنياد رکيو ويو آهي.
عزت مآب مخدوم محمّد زّمان طالب الموليٰ سائين کي هن لغات لکڻ
لاءِ آئون سلام ڪريان ٿو. مون وٽ اهڙا لفظ ئي نه
آهن جيڪي سندن محنت، قابليت، ذهانت ۽ علميت جي
مڃتا لاءِ ڪم آڻيان. کين لکين لکين مبارڪون هجن.
محترم احمد خان آصف مصراڻيءَ جي محنت به قابل داد
آهي. هن طالب الموليٰ سائينءَ جي گڏ ڪيل لفظن کي
چٽڪين ۽ چوپڙين تان اُتاري، اُنهن کي موجوده صورت
ڏني آهي. منهنجي دعا آهي ته هن خدمت ۽ محنت جي
عيوض ربّ پاڪ مرحوم مصراڻي کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽
سندس آل اولاد کي سکي ۽ آباد رکي.
سنڌ جو هر فرد هن لغات تي فخر ڪري سگهي ٿو.
حيدرآباد
سنڌي ٻوليءَ جو فدائي
26-10-1990ع ڊاڪٽر غلام علي الانا
|