|
ڪاتيُن |
ڪاتن |
ڪاتين (ڪاتن) ڪٺا ڪيترا، اکين ڪُٺي آئون. |
|
ڪاٺيُن |
ڪاٺِن |
ڪاٺين (ڪاٺن) جا اگهه چوٽ تي آهن. |
|
ڪاپڙيُن |
ڪاپڙِن |
فقيرن- ڪاپڙين (ڪاپڙن) جو لڏو ڪالهه ڪابل طرف ويو. |
|
ڪاريُن |
ڪارِن |
ڪارين (ڪارن) ۾ وڏا ماڻهو چڙهندا آهن. |
|
ڪارِيُن |
ڪارِن |
ڪارين (ڪارن) ڪوجهن عورتن کي ڀلي ڳل لايو. |
|
ڪارين |
ڪارِن |
ڪمن- سڀڪو ڪمن ڪارين (ڪارن) ۾ مشغول آهي. |
|
ڪافيُن |
ڪافِن |
مصري فقير ڪافين (ڪافن) ڳائڻ جو ماهر هو. |
|
ڪاڪِيُن |
ڪاڪِن |
چاچن- ڪاڪين (ڪاڪن) کي ڪهڙي ڪل ته مون تي ڇا گذريو. |
|
ڪاڻيُن |
ڪاڻِن |
ڪاڻين (ڪاڻن) عورتن کي ڪجل ڪيئن ٺهي. |
|
ڪاڻين |
ڪاڻِن |
غرضن- آئون ته هنن جي ڪاڻين (ڪاڻن) ڪڍڻ ۾ ئي پورو آهيان. |
|
ڪبوتريُن |
ڪبوترِن |
ڪبوتريُن (ڪبوترن) آنا لاٿا آهن. |
|
ڪبوتريُن |
ڪبوتِرن |
تماشي ڪندڙ عورتون- ڪبوترين (ڪبوترن) جو تماشو ڏسڻ وٽان هو. |
|
ڪُپڙيُن |
ڪُپڙن |
ڪپڙين (ڪپڙن) ۾ مس وجهي ڇڏيو. |
|
ڪِنگريُن |
ڪنگرن |
لوٽين- نار جي ڪنگرين (ڪنگرن) کي مالهه سان سوگهو ٻڌي ڇڏ. |
|
ڪُنگريُن |
ڪنگرِن) |
ڪوٽ جي ڪنگرين (ڪنگرن) جي مرمت ڪرائي ڇڏيو. |
|
ڪيوٽيُن |
ڪيوٽِن |
ڳَههَ- ڇوڪري جي ڪنن کي ڪيوٽين (ڪيوٽن) سُڄائي وڌو آهي. |
|
ڪَليُن |
ڪَلن |
هُن کي ڪليُن (ڪلِن) ۾ سور آهي. |
|
ڪُرسيُن |
ڪرسِن |
ڀڳل ڪرسيُن (ڪرسن) جي مرمت ڪرائڻ گهرجي. |
|
ڪَهاڻيُن |
ڪهاڻن |
امير حمزي جي ڪهاڻين (ڪهاڻن) ۾ مزو آهي. |
|
ڪُهاڙيُن |
ڪُهاڙِن |
ڪهاڙين (ڪهاڙن) سان ڪاٺ ڪپيو. |