سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: 1

صفحو :5

 

ث

 

ÍÍ

 

پ

 

پاٽوڙو

پاٽڙو

ٺڪر جو ٿانءُ- ڪنڀر کان کڻي اچ. ڀت سان پاٽڙو ڀَر.

پاڇُولو

پاڇو

پاڇولو يا پاڇو لڙي ويو آهي.

پاتائو

پاتَهو

چم جو ٽڪر جو جتي م وجهبو آهي.

پارَئون

پارَون، پاران

دريا جي هن ڪنڌيءَ کان/ ڪنهن بدران. هن جي پارئون يا پاران تون ئي پئسا ڀري ڏي.

پاڙڇو

پاڙڇ

نار جو پاڙڇو يا پاڙڇ ڊکڻ کان ٺهرائي اچ.

پاڙوجهاڙو

پاڙجهار

هڪٻئي ۾ لٿ پَٿَ ڪرڻ.

پاڙيسري/پاڙوسي

پڙوسي

گهر پاسي ۾ رهندڙ.

پاسراٽي

پاسري

ڌڪ سان پاسراٽي يا پاسري ڀڄي پيس.

پاڳ

پڳ

پٽڪو

پالار

پالر

گاهه جا پُڇَرَ.

پانچو

پاچو

سلوار جو پانچو يا پاچو تمام وڏو نه ڪجي.

پانڌيئڙو

پانڌيرو، پانڌي

راه مسافر.

پانهنجو

پنهنجو

تون اسان کي پانهنجو يا پنهنجو آهين.

پَراهون

پانهون، پري

تمام پري. ڪراچي جو پنڌ پراهون يا پري آهي.

پاهَڻَ

پَهڻ

پَٿر.

پٿراڻي

پٿرڻي

هنڌ تي پٿرڻي وجهو.

پٽوڪڙو

پَٽوڪو

پٽوڪو ڏسي ٻارِ رَکُ.

پُٺي

پُٺ

جنگ ۾ پُٺي يا پٺ ڏيڻ مرد جو ڪم ناهي.

پچار

پچر

ڳالهه ٻولهه. سڄي ملڪ ۾ مارشل لا جي پچار يا پچر لڳي پئي آهي.

پڇاڻو

پڇا

پوليس چورن کان پڇاڻو يا پڇا ڪري رهي آهي.

پِرين

پر

پيارو دوست.

پلاند

پاند

اجرڪ جي پلاند م رپيو ٻڌ چادر جو پاند پسي پيو آهي.

پالوٽ

پلٽ

مينهن جو پاڻي پالوٽ ڪري آيو ٻنيءَ ۾ پاڻيءَ جي پلٽ ٿي آهي.

پولار

پور

ٽالهي ۾ پولار ٿي پيو آهي. وڻ جي پور ۾ طوطا وهندا آهن.

پهريائين

پَهرِين

پهريون دفعو.

پنوهار

پنوهر

هڪ ذات آهي.

پيراواڍو

پيري

پيرواڍو يا پيري چورن جا پير کڻندا آهن.

پاسيارو

 

نه ٺهيل. صفر مونکان پاسيارو يا پاسيرو آهي.

پيئي

پئي

1. وَسي 2. ڪا شي ڪنهن ٿانو ۾ وِڌي 3. پيچرو يا پَهُو.

 

ڦ

 

ڦٽڪار

ڦٽڪر

ڄُٺِ ڦٺ. خراب ماڻهوءَ تي سڀڪنهن جي ڦٽڪار يا ڦٽڪر پئي پوندي.

ڦوسراٽ

ڦسراٽ

نٽائڻ- ڪم ڪرڻو اٿئي ته ڦسراٽ نه ڪر.

ڦُلاونتي

ڦل ونتي

ٻارن واري رن زال.

ڦلهيار

ڦلهير

مٽي خاڪ، ڦلهيار يا ڦلهير ۾ ڦوڪون نه ڏج.

ڦندو

ڦند

ڦاسي، يا رسو- خوني جي ڳچيءَ ۾ ڦندو يا ڦند نه پوندو ته ڇا پوندو.

ڦوسڙي

ڦوسي

ننڍڙو پکي.

 

ج

 

جاءِ بجاءِ

جابجا

هنڌ هنڌ.

جيڏانهون

جيڏهن، جاڏي

جنهن طرف- جاڏي نهاريان ته سڄڻ آهي سامهون.

جاکوڙ

جاکڙ

محنت، ڳولا.

جاڳَههَ

جَڳهه

مون نئين جاڳهه يا جڳهه جوڙائي آهي.

جال

جَلَ

گهڻا، ڇڙواڳ ڍڳا جال يا جَلَ پيا چرن.

جوانمرد

جامرد

ولڻ جامرد آهي

جانسِين

جيسين

جنهن وقت تائين.

جانچ

جاچ

پوليس چورن جي چانچ (جاچ) ڪري رهي آهي.

جاٿي

جٿي، جتي جت

اڄ ڪلهه جاٿي (جتي، جت) وڃ اُتي لُڙ لڳو پيو آهي.

جڏال

جڏو

بيڪار- بيماري جوانن کي به جڏال (جڏو) ڪيو ڇڏي.

جڏهين

جڏهن، جڏ

جنهن وقت- پير صاحب جڏهين (جڏهن، جڏ) ايندو ته ان کان دعا وٺبي.

جڏهانڪر/ جڏهانڪون

جڏاڪر، جڏهن، جڏ

جنهن وقت کان- جڏهانڪر (جڏاڪر جڏهن، جڏ) پير اظهر وفات ڪئي آهي ته مونکي بيقراري آهي.

جڳٽ

جڳت، جڳ

جڳت (جڳ) جو جوڙيندڙ الله آهي.

جنجال

جنجل

 

جوار

جوئر، جُوَر

جوار (جوَر) جي پوک ڪتي ۾ ڪبي آهي.

جِيان

جان

وانگر.

جيهو تيهو

جهو تهو

معمولي.

جيهڙو تيهڙو

جهڙو تهڙو

معمولي.

جيئي

جئي

زنده رهي- سنڌ سدا جيئي (جئي).

جنين

جن

جَنين (جن) ماريو اٿم، جياريندا به اهي.

ڄ

 

ڄانگهڙيل

ڄانگهو

ڊگهو- عالم چنو ڄانگهڙيل (ڄانگهو) آهي.

ڄاڻپ

ڄاڻ

خبردار- بيماري جي ڄاڻپ (ڄاڻ) وارو طبيب صحيح علاج ڪندو.

ڄڻڪ/ ڄڻ ته

ڄڻ

اڄ ڪلهه صفر ڄڻڪ (ڄڻ) اسانجو واقف ئي ڪونهي.

ڄَئور

ڄور

جيت- لالچي ماڻهو ڄئور (ڄور) وانگر رت پيئندو آهي.

ڄوانٽو

ڄاٽو

نياڻي جو مڙس- ناٺي.

 

ڃ

 

ÍÍ

 

جهه

 

جهونو

جهنو

پُراڻو- ڪراڙو- ڦُلڻ هاڻي جهونو (جهنو) ٿي ويو آهي.

جُهڙالو

جُهڙُ

اڄ چوڌاري ڪڪر آهن ۽ جهڙالو (جهڙ) ٿي ويو آهي.

جهنگراڙ ٻلو

جهنگ ٻلو

جانور جو قسم.

جهنگراڙ ٻلي

جهنگ ٻلي

جانور جو قسم.

جُهولڻو

جُهولو

پينگهو- هالن جو جهولڻو (جهولو) قيمتي هوندو آهي.

جُهومر

جهمر

ڳهه به آهي ۽ ناچ جو قسم به.

جهونگار

جهونگر

راڳ جو ٿورو ٿورو آواز.

 

چ

 

چاٻَ

چَٻَ

مَهَٽ اچڻ- هنکي ڏاڍي چاٻ (چٻ) اچي ويئي آهي.

چاٽَ

چَٽَ

فريب ڏيڻ- ڏئي چاٽ (چَٽَ) چرئي کي کڻائينس ڪاٺ ڪلهي تي.

چائنٺ

چائٺ

خُدا ڪري ته رسول ﷺ جي چائنٺ (چائٺ)چمان.

چُرچَ

چُرَ

ڪنهن کي چورڻ- سَسُ جي چُرچ (چور) ننهن کي نيٺ نقصان ڏيندي.

چَرياڻ/ چرياٽ

چريو

هو ته ڪو (چرياٽ) چرياڻ يا چريو آهي.

چُڪڙو

چُڪو

پاڻي چڪڙو (چڪو) کڻي اچ.

چِڪَڻ

چڪ

 گپ- چڪڻ (چڪ) مان سنڀالي هل.

چندرما/ چندر

چنڊ

هندو ماڻهو چنڊ کي چندرما يا چندر چوندا آهن.

چَنڊال

چنڊو

نڀاڳو. هو ته ڪو چنڊال (چنڊو) آهي.

چوٿائي

چوٿو

چوٿون حصو 4/1.

چوڌاري

چوڌار

چئني طرفين- اڄ ڪلهه چوڌاري (چوڌار) لڙ لڳو پيو آهي.

چونڪو

چونڪ (چار)

چونڪو (چونڪ) راتين جو قلندر سائين جي درگاهه تي رهيس.

چيچاٽ

چيڪٽ

آواز- چوڏول جو چيچاٽ (چيچٽ پيو پوي.

چيڪاٽ

چيڪٽ

آواز- چوڏول جو چيچاٽ (چيچٽ) پيو پوي.

چيلهو

چِيلو

واه جو نالو.

چئي

چي

هو چئي (چي) ٿو ته بازار بند آهي.

 

ڇ

 

ڇَههَ

ڇ

6 عدد.

ڇاڪاڻِ

ڇاڪان

ڇالاءِ- تون مونکي ڇاڪاڻ (ڇاڪان) ٿو تنگ ڪرين.

ڇاپاڪو

ڇپاڪو

هڪ ميرانجهو پکي- ڇاپاڪو (ڇپاڪو) اڏري ٿو.

ڇانڀ

ڇِنڀ

سنهي ڪاٺي- ڇانڀ (ڇنڀ) سان ڏاندن کي هڪل.

ڇاهَرَ

ڇَهَر

مڪر ڪرڻ- چور پوليس اڳيان اهڙي هت ڇاهر (ڇهر) هنئي جو کيس ڇڏيو هليا ويا.

ڇُوٽي

ڇُٽي

موڪل- آئون اسڪول کان ڇوٽي ڪري آيو آهيان.

ڇَڇَر

ڇڇ

پاڻيءَ سان هيٺاهيون ڀرجي ڇڇر (ڇڇ) ٿي ويون آهن.

ڇُڇڪار

ڇُڇڪَر

ڪُتي کي ڇڇڪار (ڇڇڪر) ڏي ته مرون تي وڃي.

ڇَهَند/ ڇَهل

ڇند/ ڇل

مڪر ڪرڻ- هن اهڙو ڇَهند (ڇل) ڪيو جو اسان حيران ٿي وياسين.

ڇوڪرو

ڇوڪَرُ

پنڌرهن سالن کان گهٽ عمر وارو.

ڇوڪري

ڇوڪَر

پنڌرهن سالن کان گهٽ عمر واري.

 

ح

 

حُجَت

حُجَ

ڀروسو- منهنجي تو ۾ حجت (حُجَ) آهي، تڏهن اهو ڪم ڪيو اٿم.

حجام

حجم

حجام ]حجم[ سيرب، سنوارت ٺاهي ويو.

حَمالي

حمال

اسٽيشن تي حمالي (حمال) سامان کڻندا آهن.

 

خ

 

خاموشي

خموشي

چُپ- استاد جو ليڪچر خاموشي (خموشي) سان ٻڌجي.

خورشيد

خور

سج.

خورم

خرّم

خوش- گلڻ هاڻي خوش خورم (خرّم) آهي.

خروار

خرار

سٺ ڪاسا- يڪمشت نمونه خروار (خرار).

 

د

 

داٻَ

دٻ

زور ڏيڻ- ڏنگي ڪاٺي کي داٻ (دٻ) ڏيڻ سان سنئون ڪبو آهي.

داٻلو

دٻلو

هي داٻلو (دٻلو) ٽين مان ٺهيل آهي.

دٻڙدُلي/دوٻڙ

دوٻ

ٿلهي عورت.

دوڌڙ

دڌڙ

مٽي- اڄ ته دوڌڙ (دڌڙ) جو طوفان گهلي پيو آهي.

دڌڪار

دڌڪر

درياءَ جي دڌڪار (دڌڪر) پئي پوي.

دوراهو

دراهو

ٻه واٽو- هيه دراهو (دراهو) سڌو ڪڪڙ ڳوٺ تي ويندو، دراهو لوڪ ادب جي هڪ صنف به آهي.

دُهري

دُري

ست سري دهري (دُري) اڄ ڪلهه گهڻو ملهه کائيندي.

دڪان

دکڻ

ڊکڻ جي دڪان (دکڻ) تي ماڻهن جا ميڙ لڳا پيا آهن.

دليئون

دِليَون

دل وٽان- هيءَ ڳالهه ته منهنجي دليئون (دليون) ڪئي اٿئي.

دونالي

دنلي

هيءَ بندوق دونالي (دنالي) آهي.

دوستاڻو

دوساڻو

دوستاڻو (دوساڻو) پار سڃاڻبو.

دونهاٽ

دونهٽ، دونهون

ڪٿي باه لڳي آهي، جو هيترو دونهاٽ (دونهٽ، دونهون) پيو ڏسجي.

دوهيرو/ ڏوهيڙو

دوهو

بيت- شاعري جي هڪ صنف.

دوئي

دئي

ٻيائي- دل مان دوئي (دئي) ڪڍ تَه ربّ مليئي.

ديهه

دِهه

ديهه پسيا ۾ نَوَ سَو نمبر آهن.

 

ڌ

 

ڌاتورو

ڌتورو

زهريلو ٻوٽو- هُن ڌاتورو (ڌتورو) پيتو آهي.

ڌارئون ڌار

ڌارڌار

جُدا جدا- فقير ڌارئون ڌار (ڌار ڌار) آهن.

ڌانڌلي

ڌانڌل

بي قاعدگي- چونڊن ۾ هنن ڌانڌلي (ڌانڌل) ڪئي آهي.

ڌَمڻي/ڌَنوڻي

ڌمڻ

لُهَر ڌمڻي (ڌمڻ) سان لوه کي گرم ڪرڻ لاءِ هوا ڦوڪيندا آهن.

ڌونئرو

ڌَونرو

کير ۾ سباڻ وجهي ڌونئرو (ڌئنرو) ٺاهبو آهي.

ڌوئَڻ

ڌُوَڻ

کٽي ڌوئڻ (ڌُوَڻ) جو ڪم ڪندا آهن.

 

ڏ

 

ڏاتار

ڏاتر

ڏيندڙ- الله تعاليٰ ڏاتار (ڏاتر) آهي.

ڏانٽو

ڏاٽو

ڏاٽو کڻي گاه ڪَپ.

ڏاڍيان

ڏاڍي

ڏاڍيان (ڏاڍي) نه ڳالهائجي.

ڏاگهڙ

ڏگهه

ڊگهو- هو هاڻي ڏاگهڙ (ڏگهه) پيو لڳي.

ڏٺو وائٺو

ڏٺ وائٺو

ظاهر ظهور- جيڪي اکين سان ڏٺو هجي.

ڏڪار

ڏڪر

مينهن نه پوندو ته ملڪ ۾ ڏڪار (ڏڪر) پوندو.

ڏن ڀَرو

ڏاني

اسان پيرن جا ڏن ڀرو (ڏاني) آهيون.

ڏنجهو

ڏجهو، ڏجهه

عذاب- ڌاڙيلن ملڪ ۾ ڏنجهو (ڏجهو ڏجهه) ٻاري ڏنو آهي.

ڏندرو

ڏَنُدو

ڏندرو (ڏندو) ماڻهو ڄڻ سدائين پيو کلي.

ڏورانهِين

ڏوري

تمام پري- صفر ڏورانهين (ڏوري) جاءِ تي وڃي رهيو آهي.

ڏولچي

ڏولي

اڳي عورتون ڏولچي (ڏولي) ۾ چڙهنديون هيون.

ڏوهاري

ڏوهي

ڏوهاري (ڏوهي) ماڻهو پري کان پڌرو.

ڏوهٽو

ڏهٽو

ڌي جو اولاد.

ڏوهٽي

ڏهٽي.

ڌي جو اولاد.

ڏوهٽاڻ

ڏهٽاڻ

ڌي جو اولاد.

ڏيج

ڏج، ڏي

هي قلم مون کي ڏيج (ڏج، ڏي).

ڏاهر

ڏهر

سروري جماعت وارا منٺار فقير جا ڏاهر (ڏهر) چوندا آهن.

ڏيئي

ڏَئي

هي ڪتاب هن کي ڏيئي (ڏئي) اچ.

ڏئي

ڏي

هن کي چَو ته مون کي منهنجو ڪتاب ڏئي (ڏي).

ڊ

 

ڊکاڻ

ڊکڻ

واڍو.

ڊگهائي

ڊيگهه

هن ڀت جي ڊگهائي (ڊيگهه) چاليهه فوٽ آهي.

ڊونڊڙو

ڊونڊو

چيلهه ۾ سور اٿس، سو ڊونڊڙو (ڊونڊو) ٿي ٿو هلي.

ڊيڄڙو

ڊيڄو

ڊپ- ڇوڪر کي ڊيڄڙو (ڊيڄو) ٿي پيو آهي.

ڊيهڙو

ڊيهو

قطار ڪري پٺيان پَوڻ- ڀاڳين چور جي پٺيان ڊيهڙو (ڊيهو) کڻي ڪيو.

ڊڊو

ڊَڊُ

موڳو- هي ڇوڪر ڪو ڊڊو (ڊڊ) آهي. ڊڊو وري گهوڙي کي به چون.

ڍ

 

ڍاڪئون

ڍاڪون

مهمانن ڏانهن ٻوڙ جو ڍاڪئون (ڍاڪون) ڀري وڃو.

ڍولڻ ڍوليو

ڍول

سٺو دوست- ڍولڻ (ڍوليو، ڍول) منهنجو ڍَڪڻ ٿيندو.

ڍونگل

ڍونگ

طعنو- ڍونگل (ڍونگ) نه هڻ.

ڍرڙو

ڍرو

هو پنڌ جو تمام ڍرڙو (ڍرو) آهي.

 

ذ

 

ذرڙو، ذرِڙي

ذرو- ذري

ٿورو ڀاڱو- ذرڙو (ذرو) ڍڳ ٿيو پوي.

 

ر

 

راتيان ڏينهان

رات، ڏينهن

لڳاتار- مونکي يار جي تار راتيان ڏينهان (رات ڏينهن) لڳي پئي آهي.

راڌائو

راڌو

بورچي- هُو سُٺو راڌائو (راڌو) آهي.

راڙ

رڙ

دانهن ڪرڻ- هُن جي راڙ (رڙ) پئي ٿي پئي.

راڪاس

راڪس

ملڪ ۾ ڄڻ راڪاس (راڪس) گهمي ويو آهي.

راڳائي/راڳيندڙ

راڳي

سليمان شاه سٺو راڳي (راڳيندڙ) آهي.

رانڀاٽ

رانڀٽ

وڏي رڙ- استاد هن کي ماريو سو وٺي رانڀاٽ (رانڀٽ) ڪيائين.

رانجهن

رانجهو

هير جو عاشق

رانول

راول، راء

ننڍو راجا- رانول (راول، راءِ) رهي نه رات.

رتوڇاڻ

رت ڇاڻ

خُونريزي- چور پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ ڏاڍي رتو ڇاڻ (رت ڇاڻ) ڪيائون.

رنڌڻو

رڌڻو

رڌ پچاءَ جي جاءِ رنڌڻو (رڌڻو) صفا رکجي.

رکوال

راکو

ٻچن جو رکوال (راکو) الله آهي. (دعا).

رنڊروڪ

رنڊڪ

درگاهه تي اچڻ ۾ ڪنهن کي به رنڊڪ روڪ (رنڊڪ) نه آهي.

روشنائي

روشني

سوجهرو- بجلي جي روشنائي (روشني) ٻهراڙين ۾ به پهچي وئي آهي.

روڪڙ

روڪ

ناڻو.

رولُو/ رولاڪ

رول

هو هاڻي رولو رولاڪ (رول) ٿي پيو آهي.

روئڻ

رئڻ

غم يا خوشيءَ ۾ اکين مان پاڻي وهڻ.

ريڍار

ريڍر

رڍن وارو.

رينگاٽ

رينگٽ

نار وهڻ جو آواز.

ڙ

 

ÍÍ

ز

 

زالاڻا

زنانا

زالن جا- هي گهَرَ زالاڻا (زنانا) آهن.

زبردست

زبرو

شير ميربحر زبردست (زبرو) مَلهه هو.

زوريَن/مَسين

زور مس

زور سان- زورين مسين (زور مس) جي ميندي نه لڳندي.

زيان خور

زياني

زيان خور (زياني) ڪتي کي مارائڻ گهرجي.

س

 

ساٿاري/ ساٿوڙي

ساٿي

ساٿ ڏيندڙ- ڪربلا ۾ امامؑ صاحب سان 72 ساٿاري (ساٿوڙي) ساٿي هُئا.

ساجن

ساجن، سڄڻ

پيارو دوست- منهنجو ساجن (سڄڻ سجن) تمام سهڻو آهي.

ساڃاه

ساڃَهه

سڃاڻپ ادب- ننڍن کي وڏن جي ساڃهه رکڻ گهرجي.

ساڌو

ساڌ

فقيرتن- شاهُو ساڌو (ساڌ) ماڻهو آهي.

ساراه

ساره

سچي سائينءَ جي ساراه (ساره) سدائين ڪجي.

ساڍو

ساڍَ

اڌُ 2/1.

ساڳوڻي/ ساڳيو

ساڳو

هي اُهو ساڳوڻو (ساڳيو، ساڳو) ماڻهو آهي جو ڪالهه حيدرآباد ۾ ڏٺو هوم.

سمونڊ

سمنڊ

بحر.

سمونڊي

سمونڊي

جن جو ڪم سمونڊ سان هجي.

ساڻ

سان

گڏ.

سانڌاڻو

سنڌ

کٽاڻ-آچار.

سڀاڻي

سڀان

ايندڙ ڏينهن.

ستارو

تارو

منهنجو محبوب ستارن ]تارن[ ۾ چنڊ وانگر آهي.

سرهاڻ

سرهڻ

خوشبو.

سُڪار

سُڪر

هن سال ٿر ۾ به سڪار (سڪر) آهي.

سانداڻ

سنداڻ

جنهن تي لهر لوه ڪٽيندا آهن.

سنياسي

سناسي

فقيرن جو قسم.

سومار

سومر

نالو.

سُمَهَڻَ

سُمَهڻ

سمهي پوڻ.

سوڪڙ

سوڪِ

جوئر کي مهل تي پاڻي نه مليو سو سوڪڙ (سوڪ) ٿي ويئي.

سورج

سج

زمين جو هڪڙو سورج ]سج[ آهي.

سونٽو

سوٽو

ڪاٺ جو ڏنڊو.

سونٽي

سونٽي

ڪاٺ جي ڏنڊي.

سَوَڻ

سَوڻ

ساٺ ڪرڻ.

سهاڳ

سهڳ

سک

سيٺيو

سيٺ

شاهوڪار.

سينڌور

سندر

ڳاڙهو وکر جنهن سان عورتون سِينڌ رنگينديون آهن.

سيسار

سيسر

دريائي درندو جانور.

سينهوڙو

سينهون

عورتون مٿي تي رکي ان تي دلا رکنديون آهن.

سيڻاهه

سيڻهه

چمڙي جي ڳوٿري جنهن کي هوا سان ڀري دريا تري پار پهچبو آهي.

سيهڙ

سِهڙ

خرگوش.

سيئي

سي

اُهي.

ش

 

شاباس/ شادباس

شابس، شابي

آفرين جا لفظ.

شال

شَل

حرف نِدا.

شالور

شال

ريشمي رئو.

شاه

شہ

بادشاهه.

شگون

شُگن، سڳن

سَوڻ

شاهڪار

شهڪار

بادشاهي ڪم- سٺو ڪم.

 

ص ض

 

ÍÍ

ط

طبابت

طب

طبابت (طب) ڪرڻ سُٺي ڳالهه آهي.

طباخ

طبخ/ طبق

ٺڪر جي طباخ (طبق) ۾ ڀت جهٽ ٺريو پوي.

طوهر

طهر

ختنو.

طشتري

تسري

تسري ۾ گيهه ماکي وجهي ماني کاءُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com