سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سمنڊ جا اسرار

باب: --

صفحو :9

سمنڊ ۾ جهاز راني

 

قديم زمين ۾ سفر سمنڊ ۾ ئي ڪيو ويندو هو. وڏا جهاز ڪونه هوندا هئا، پر صرف ٻيڙن وسيلي مسافري ڪئي ويندي هئي. ٻيڙن کي سمنڊ جي ڪناري کان پري ڪونه ڪاهي ويندا هئا، ڇو ته رستي ڀلجي وڃڻ جو ڊپ هوندو هئو، پر هينئر ائين نه آهي، خلاصي نقشن ذريعي سمنڊ جي ڪنهن به حصي ۾ بيهي اهو ٻڌائي سگهندا ته هينئر ڪٿي بيٺا آهيون، يا جهاز ڪهڙي طرف پيو هلي. اهو اندازو ٻن جاين جو مفاصلو معلوم ڪري آساني سان ڪيو ويندو آهي.

خط استوا کان مفاصلو هڪ اوزار سيڪسٽنٽ (Sextant) سان معلوم ڪيو ويندو آهي. ان سان اوچائيءَ جو اندازو به لڳايو ويندو آهي ته جهاز خط استوا کان ڪيتري مفاصلي تي آهي. هڪ ٻئي اوزار ڪرونو ميٽر (Chronometer) ذريعي وري گرين وچ ”وقت“ معلوم ڪيو ويندو آهي، پوءِ ان وقت کي، ان جاءِ تي، پنهنجي واچ جي وقت سان ڀيٽيو ويندو آهي ۽ جيڪو به فرق اچي ان سان گرين وچ جو مفاصلو معلوم ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ڏسبو ته جهاز خط استوا کان ڪيترن ڊگرين تي اتر ڏانهن آهي ۽ گرين وچ کان ڪيترن ڊگرين تي اولهه ۾ آهي، پوءِ انهن ٻنهي مفاصلن کي نقشي تي قطبن ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي، جتي ٻيئي قطب هڪ ٻئي سان ملن، اها جهاز جي جاءِ ٿيندي ته جهاز هينئر ڪٿي آهي ۽ ڪيڏانهن پيو هلي.

خلاصين وٽ هڪ ٻيو به اوزار هوندو آهي جنهن کي قطب نما چئبو آهي. قطب نما اڪثر اسڪاؤٽ وارن وٽ هوندو آهي پر جهازن ۾ تمام اوچي درجي جو قطب نما لڳل هوندو آهي، جنهن مان پڻ طرف معلوم ڪيو ويندو آهي. قطب نما جون سئيون اتر ۽ ڏکڻ طرف اشارو ڪنديون آهن ۽ پوءِ اهو اندازو ڪري سگهبو آهي ته جهاز ڪيڏانهن پيو هلي. تجربيگار جهاز وارا، پاڻيءَ جي مٿاڇري تي، پاڻيءَ جون لهرون ۽ ڇوليون ته آسانيءَ سان معلوم ڪري ويندا آهن پر کين سمنڊ جي تري جي خبر ڪانه هوندي آهي. ڪنهن وڏي يا کليل سمنڊ ۾ جيڪڏهين جهاز پنهنجي رستي کان ٻه چار ميل ڪيڏانهن هليو وڃي ته

ڪو خطرو ڪونهي پر ڪناري جي ويجهو جهاز جو پنهنجي رستي کان ڪيڏانهن هليو وڃڻ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪناري ڀرسان وڏا وڏا وڻ پاڻيءَ هيٺ لڪل هوندا آهن، جن سان جهاز جي ٽڪرجڻ جو خطرو هوندو آهي.

قديم زماني ۾ مهاڻا ڪنهن رسيءَ ۾ لوهه جو ٽڪرو ٻڌي پاڻيءَ جي اونهائيءَ جي ماپ ڪندا هئا؛ جيتري رسي پاڻيءَ ۾ ٻڏي، اها سمنڊ جي گهرائي سمجهي ويندي هئي. جڏهن سمنڊ جي تري واري مٽيءَ جي ڄاڻ رکڻ چاهيندا هئا ته رسيءَ ۾ لوهه جو ٽڪرو ٻڌي ان مٿان ميڻ هڻي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ ان کي پاڻي ۾ تري تائين ڇڏيندا هئا ۽ تري واري مٽي ميڻ سان چهٽي پوندي هئي ۽ اهڙيءَ طرح سان سمنڊ جي تري تي واري يا ڪوڏن جي کوپن جي به خبر پئجي ويندي هين.

هينئر جهازراني جي سهوليت خاطر اڪثر حڪومتن پاڻيءَ جي گهرائيءَ جا چارٽ تيار ڪرايا آهن ته پاڻي ڪٿي اونهو يا تراکڙو يا وري ڪٿي جبل آهن، ڪٿي ڪٿي ته وڏا وڏا وڻ آهن جيڪي پاڻيءَ هيٺ آهن ۽ مٿاڇري کان بلڪل نظر ڪونه ايندا آهن.

اڳئين وقت ۾ سمنڊ جو سفر رات جو نه ڪيو ويندو هئو ۽ جي بندرگاهه پهچڻ کان اڳ اوندهه ٿي وئي ته جهاز کي اتي ئي ترسائي ڇڏيندا هئا. ڪنارن تي ڪجهه ته روشنيءَ جو بندوبست ڪيو ويندو هئو، پر تنهن هوندي به روشني گهٽ هئڻ ڪري رستي ڀلجي وڃن جو خطرو هوندو هئو.

اڄڪلهه ته سمنڊ ۾ وڏن وڏن وڻن جي ڍيرن مٿان روشنيءَ جا مينار يا ’روشني گهر‘ ٺاهيا ويا آهن؛ پر تنهن هوندي به طوفان ڪري جهازن کي هفتن جا هفتا سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻو پوندو آهي.

روشنيءَ جي مينارن کي سدائين سامونڊي ويرن جو خطرو هوندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي ويرون ايترو ته زور سان اينديون آهن جو مينارن کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن.

آمريڪا ۾ جڏهن پهريون ڀيرو روشنيءَ جو مينار ميساچيوسيٽس (Massa chusetts)، مينوٽ (Minot) وٽ ٺاهيو ويو ته سمنڊ جي تيز لهرن اُن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻيو وري آمريڪا جي ڪناري کان اڳتي هڪ ٻي مٿاهين جاءِ اوريگان (Oregan) آهي، جيڪا سمنڊ جي سطح کان ٻارهن سؤ فوٽ مٿي آهي، ان تي روشنيءَ جو مينار ٽيلاموڪ (Tillamook) ٺاهيو ويو پر ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جون لهرون ۽ ويرون ايترو ته اوچيون اينديون آهن، جو انهن مينارن جون دريون وغيره ٽوڙي ڇڏينديون آهن. اسڪاٽ لينڊ جي اتر ۾ نارٿ انسٽ (North inst) اڃان به هڪ مٿاهين جاءِ آهي پر هڪ ڀيري تيز سامونڊي وير ايتري ته اوچي آئي جو اتي ٺهيل مينار جو ٻارهن مڻن تور وارو دروازو به ٽوڙي ڇڏيو.

ڪن جاين تي اهي روشنيءَ جا مينار ٺاهڻ ڏکيا آهن، ڇو ته جتي اهي مٿاهيون جايون جابلو ۽ پڪيون آهن اُتي ته روشنيءَ جا مينار ٺاهي سگهن ٿا پر واريءَ وارين مٿاهين جاين تي انهن مينارن جو ٺاهڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته واري سامونڊي لهرن سان لڙهي ويندي آهي ۽ ٺهيل مينار تباهه ٿي ويندا آهن. آمريڪا ۾ ڊائمنڊ چوٽيءَ تي ڪيپ هيٽراس (Hetteras) کان اڳتي ڪيترائي ڀيرا روشنيءَ جي مينارن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ڪامياب ڪونه ٿيا ۽ نيٺ ان جاءِ تي هاڻي هڪ پراڻو جهاز بيهاريو ويو آهي، جنهن کي ”روشنيءَ جي ٻيڙي“ چيو ويندو آهي. انهن روشنيءَ جي ٻيڙين مان اڪثر سفيد روشني نڪرندي آهي پر ڪيترا مينار وري ڳاڙهي، نيري ۽ سائي رنگ جي روشني به ڏيندا آهن.

روشني اڪثر هڪ طرف ڏانهن نڪرندي آهي پر ڪيترائي ڦرندڙ مينار هر طرف روشني ڏيندا آهن. چارٽن ۽ نقشن تي انهن سڀني روشني ڏيندڙ مينارن جي جاءِ ڏيکاريل هوندي آهي ته جيئن رات جي وقت ايندڙ جهاز آسانيءَ سان پنهنجو رستو ڳولهي سگهن.

اڄ ڪلهه ته انهن روشنيءَ جي مينارن جي به ضرورت گهٽ پوندي آهي ۽ بجليءَ تي هلندڙ ريڊارن ذريعي جهاز وارا خراب موسم ۾ به پنهنجو رستو ڳولهي لهندا آهن ۽ ريڊار وڏين لهرن، ويرن ۽ خراب موسم جي اڳڪٿي ڪري اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيندو آهي.

 

سامونڊي سوکڙيون

 سامونڊي ڪنارن تي ڪيترن ئي قسمن جون سپيون، ڪوڏ ۽ انهن جا کوپا ٽڙيا پيا هوندا آهن، جن کي ماڻهو شوق سان گڏ ڪري پنهنجي گهرن کي سينگاريندا آهن، ڪن ماڻهن کي ته وري انهن کوپن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو خفت هوندو آهي. اهي کوپا هڪ جانورن جي خاندان جا ٺاهيل هوندا آهن، جن کي مولسڪا (Mollusca) يعني کوپن وارو جانور چئبو آهي. هن خاندان ۾ اٽڪل هڪ لک کن جانورن جا قسم هوندا آهن. هي جانور تمام نرم مادي جا ٺهيل هوندا آهن ۽ پنهنجي نرم جسم کي دشمنن کان بچائڻ لاءِ پنهنجي جسم جي ٻاهران اهي کوپا ٺاهيندا آهن. ڪن مولسڪا جي جانورن جا کوپا هڪ ئي ٽُڪر جا ٺهيل هوندا آهن ته ڪن جا وري ٻن ٽڪرن جا ٺهيل هوندا آهن.

سمنڊ جا ڪجهه مولسڪا اهڙا به آهن جيڪي سمنڊ ڇڏي اچي خشڪي تي رهيا آهن ۽ پنهنجو گذران سبزين جي پنن تي ڪندا رهن ٿا. آفريڪا ۾ ڪجهه خشڪيءَ جا مولسڪا اهڙا به آهن؛ جن جو وزن ٻه ٽي سير ٿيندو پر سامونڊي مولسڪا انهن کان به ڳؤرا هوندا آهن. فلوريڊا جي ڪناري ڀرسان هڪ مولسڪا ٻن فوٽن جو مليو آهي، ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ ته ان کان به وڏا آهن، جن جو وزن تيرهن سيرن کان به مٿي آهي، انهن جا کوپا اصل ۾ سندن گهر آهن، جيڪي هو تمام گهڻي محنت کانپوءِ ٺاهيندا آهن. مثال طور ناٽيلس (Nautilus) جو کوپو ڪيترن ئي ننڍن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن اڳيان هڪ وڏو حصو هوندو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ رهندو آهي. ناٽيلس، انهيءَ کوپي ۾ جيڪو سندس گهر آهي، انهيءَ ۾ آنا ۽ ٻچا ڏيندو آهي. سامونڊي ڇولين ۽ لهرن تي جڏهن هي کوپا، جن اندر ناٽيلس (جانور) به هوندا آهن، لوڏا کائيندا ويندا آهن ته تمام سهڻو نظارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

ڪن مولسڪس (Molluscs) جي کوپن ۾ هڪ وات جهڙو سوراخ هوندو آهي، جنهن مٿان هڪ ڍڪ هوندو آهي ۽ خطري وقت اهي جانور اِهو ڍڪ بند ڪري ڇڏيندا آهن. ڪن کوپن ۾ وري ڊگها ڪنڊا هوندا آهن جن جي ڪري مڇيون يا ٻيا جانور انهن کي کائي ڪونه سگهندا آهن ۽ سندن جان بچي ويندي آهي، انهن ۾ هڪ جانور، جنهن جو نالو وينس ڪومب (Venus comb) آهي.

مولسڪا جا اهي قسم جن جا کوپا ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن، جيڪي بند به ٿي سگهندا آهن ۽ جانور انهن جي وچ ۾ رهندو آهي. انهن ۾ ڪجهه ننڍا ته ڪي وري تمام وڏا ٿيندا آهن. انهن مان هڪ کي جائنٽ ڪليم (Giant clam) چئبو آهي، جنهن جو وزن ست اٺ مڻ هوندو آهي ۽ آسٽريليا جي ڪناري ويجهو ٿيندا آهن. سندن ڳؤري جسم ڪري هو هڪ جاءِ تي پيا رهندا آهن ۽ سندن وات کليل هوندو آهي، پوءِ جيڪا شيءِ انهن جي وات ڀرسان آئي ته هو وات بند ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙي طرح گذارو ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن جون ٽنگون، ٻانهون به انهن جي وات ۾ ڏٺيون ويون آهن، جيتوڻيڪ هو ماڻهوءَ تي حملو ڪونه ڪندا آهن پر پنهنجي بچاء ۾ وات بند ڪرڻ ڪري، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ويجهو هوندن ته ان جو يا ته موت ٿي ويندو يا جيڪو حصو يعني ٽنگ يا ٻانهن ان جي وات ۾ اچي ويندي ته اها ڪپجي ويندي.

مولسڪا جا کوپا ۽ ڪوڏ تمام قيمتي آهن، انهن مان ڪيترن ئي قسمن جا پيالا ۽ رڪيبيون ٺاهيون وينديون آهن. پئسفڪ سمنڊ جي ڪيترن ئي ٻيٽن تي انهن مان ديڳڙيون وغيره ٺاهي ڪم آنديون وينديون آهن. فلپائن ۾ انهن کي درين ۽ ڪٻٽن ۾ شيشن جي جاءِ تي لڳايو ويندو آهي.

سپين ۽ کوپن مان خوبصورت زيور به ٺاهيا ويندا آهن، پر سڀني کان قيمتي شيءِ جيڪا سپين مان ملندي آهي، اُهي آهن موتي، جن کي سمنڊ جي شبنم به چوندا آهن. مولسڪا جا کوپا ڪيترن ملڪن ۾ سِڪي طور به ڪم ايندا آهن ۽ آمريڪا ۾ هندستاني ماڻهو (Red Indians) انهن مان هار ٺاهيندا آهن پر آفريڪا جي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو رواج آهي.

ڪجهه کوپا اڻلڀ هوندا آهن، لنڊن ۾ (برٽش ميوزيم) برٽش عجائب گهر ۾ هڪ اهڙو کوپو رکيل آهي جنهن جهڙو اڄ تائين ٻيو ڪونه ملي سگهيو آهي. هڪ ٻئي جانور جا کوپا جن کي سمنڊ جي شان چوندا آهن، اڄ تائين سڄي دنيا مان صرف هڪ درزن ملي سگهيا آهن. ڪن کوپن جي قيمت ته سون روپين تائين هوندي آهي.

اڪثر ماڻهو انهن کوپن کي خوبصورتيءَ لاءِ گڏ ڪندا آهن، پر اها خبر ڪونه هوندي اٿن ته اهي ڪهڙن جانورن ٺاهيا آهن ۽ اهي ڪهڙن جزن جا ٺهيل آهن.

جيڪڏهن اسان سمنڊ ۽ ان ۾ رهندڙ جانورن جي علم جو اڀياس ڪيون ته سڄي عمر به گذري وڃي پر سامونڊي دنيا جي علم کي پورو ڪري نه سگهون. ڇو ته علم هڪ اهڙو سمنڊ آهي، جو ڪڏهن به ختم ڪونه ٿو ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org