سمنڊ جي جر جا جانور
اسان اڳ ۾ سمنڊ جي وچ وارن حصن جي مخلوق جو ذڪر ڪري آيا آهيون،
پر سمنڊ جي جر ۾ يا تري تي ان کان به وڌيڪ عجيب
مخلوق معلوم ڪئي وئي آهي. سمنڊ جو جَرُ ايترو ته
هيٺ هوندو آهي، جو اتي زندگيءَ جو تصور به ڪري نٿو
سگهجي، پر ان هوندي به ڪجهه عجيب قسم جي مخلوق
معلوم ڪئي وئي آهي. اڳئين زماني ۾ اهو چيو ويندو
هئو ته سمنڊ جري تري تي ڪابه زندگي ڪانهي ڇو ته ان
لاءِ پهرين رنڊڪ پاڻيءَ جو دٻاء آهي. سامونڊي
پاڻيءَ ۾ ايترو ته دٻاء آهي، جو ماڻهن ڪيترا ڀيرا
سمنڊ جي تري جو سير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه
ٿي سگهيا. ڪيترن ئي ٽوٻن پئسفڪ سمنڊ ۾ خاص قسم جو
لباس پائي، پاڻيءَ ۾ هيٺ وڃڻ چاهيو پر هڪ سؤ فوٽن
کان وڌيڪ اندر وڃي نه سگهيا. ڪي ته ڪجهه اڳتي به
ويا پر پنجن سوَن کان اڳتي ڪونه وڃي سگهيا ۽
پاڻيءَ جو دٻاء ايترو ته وڌي ويو، جو جيڪڏهين مٿي
نه اچن ها ته سڪي سوڙها ٿي مري وڃن ها. ڪن
سائنسدانن لوهه جي صندوق ۾ ويهي، سمنڊ جي تري
ڏانهن وڃڻ چاهيو پر اهي به ساڍن چئن هزار فوٽن کان
وڌيڪ نه وڃي سگهيا.
سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو دٻاء تمام گهڻو هوندو آهي، هڪ ميل جي گَهرائي
۾ هڪ چورس انچ تي پنجويهه مڻ هوندو آهي ۽ پئسفڪ
سمنڊ جي ڪن هنڌن تي ته پاڻيءَ جو دٻاء پوڻا ٻه سؤ
مڻ هوندو آهي، انهيءَ مان اندازو لڳايو ته جيڪڏهن
هڪ ميل جي گَهرائي کان اڃان به هيٺ وڃجي ته پاڻيءَ
جو داٻ ڪيترو وڌيڪ هوندو.
سمنڊ جي پاڻيءَ جا مٿيان تهه هلڪا ۽ گرم ٿيندا آهن، پر جيئن هيٺ
وڃبو ته اُهي گهاٽا ٿيندا ويندا ۽ سندن گرمي جو
درجو به گهٽبو ويندو، جيڪڏهن اهي هيٺيان تهه به
مٿين تهن جهڙا هلڪا ٿيڻ شروع ٿين ته سمنڊ جو پاڻي
اٽڪل ٽيهه گز مٿي چڙهي اچي ۽ اڌ کان به وڌيڪ دنيا
کي ٻوڙي ڇڏي. ٻيا جسم گرم ٿيڻ تي وڌندا آهن ۽ ٿڌي
ٿيڻ تي سسئي ويندا آهن، پر پاڻي وري ٿڌي ٿيڻ تي
وڌي ۽ هلڪو ٿي ويندو آهي. اهوئي سبب آهي جو برف
پاڻيءَ کان هلڪي هوندي آهي.
مٺو يا صاف پاڻي ٻڙي درجي سينٽي گريڊ يا 32 درجي فيرنهائيٽ تي
ڄمندو آهي پر سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ جيئن ته ڪافي مقدار
۾ لوڻ ۽ ٻيا ڌاتو ڳريل هوندا آهن ته گهڻي داٻ ڪري
عام برف کان به ٿڌي ٿيڻ جي باوجود ڪونه ڄمندو آهي.
ڪن ماڻهن جي چوڻ مطابق ايتري اونهائي، ٿڌ ۽ داٻ ۾ آڪسيجن ڳريل
هوندي، جيڪڏهن نه ته پوءِ آڪسيجن جي غير موجودگيءَ
۾ وري ڪو جاندار نه رهي سگهندو. انهن ڳالهين کي
خيال ۾ رکندي اها فتوى ڏني وئي ته سمنڊ جي تري تي
ڪابه مخلوق ڪانهي. پر ائين نه آهي، زندگي هر جاءِ
تي موجود آهي، پوءِ اها ڪهڙي به صورت ۾ هجي ۽ اها
هڪ عجب جهڙي ڳالهه آهي ته زندگي شروع ئي سمنڊ مان
ٿي. هينئر ته ڪجهه جانور سمنڊ جي گَهراين مان به
ڦاسايا ويا آهن، جيئن هڪ ڏهن پيرن وارن ڪٽل مڇي (Cuttle
Fish)
جيڪا ٽن ميلن کان به وڌيڪ گَهرائي مان پڪڙي وئي
آهي ۽ ڪجهه ٻيون به عجيب قسم جون مڇيون سمنڊ مان
اٽڪل چئن ميلن جي گَهرائيءَ مان ڦاسايون ويون آهن.
سمنڊ جي تري مان ڪجهه سامونڊي ڪڇون به ڦاسائي مٿي
آندا ويا آهن.
سمنڊ جي اونهن تهن ۾ هڪ ٻي مڇي ٿيندي آهي، جنهن کي ائنگلر مڇي
چئبو آهي. هن مڇيءَ جي سونڍ (Snout)
يا بونڊ يا سندس مٿي تي هڪ سڳي جهڙي تند ٿيندي
آهي، جنهن جي چوٽيءَ مان روشني نڪرندي رهندي آهي.
هيءَ مڇي ان نڪرندڙ روشنيءَ کي پنهنجي شڪار لاءِ
به ڪم آڻيندي آهي. جڏهن ڪا ٻي مڇي ان روشني ڏانهن
ايندي آهي ته ائنگلر ان روشنيءَ واري چوٽيءَ کي
پنهنجي وات ڏانهن ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جيئن ٻي مڇي
ويجهي ايندي ويندي، تيئن هيءَ پنهنجي روشني جهڪي
ڪندي ويندي ۽ جيئن ئي ٻي مڇي سندس وات ۾ ايندي ته
هيءَ وات بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ائين روشنيءَ جي
مدد سان شڪار ڪندي رهندي آهي.
ائنگلر مڇين ۾ نر ۽ ماديءَ جي قدبت ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي.
نر تمام ننڍڙو ٿيندو آهي، جڏهن ته مادي وري تمام
وڏي ٿيندي آهي. نر ننڍڙي هئڻ ڪري مٿاڇري تي ترندو
رهندو آهي، ۽ لڳ واري موسم ۾ ماديءَ جي پيٽ سان
چنبڙيل رهندو آهي ۽ پنهنجو کاڌو ماديءَ جي بت مان
حاصل ڪندو رهندو آهي.
سمنڊ جي تري ۾ رهندڙ جانور کي اهڙي گهاٽي اونداهي ۾ ڪوبه خوف
ڪونه ٿيندو آهي؛ جو انهن روشني ته ڏٺي ئي ڪانهي، ۽
انهن جانورن تي ٿڌ جو به اثر ڪونه ٿيندو آهي، ڇو
ته سندن جسم ئي ٿڌو هوندو آهي ۽ پاڻيءَ جو دٻاء به
کين تڪليف ڪونه ڏيندو آهي؛ ڇاڪاڻ جو هو پيدا ئي ان
داٻ ۾ ٿيل آهن، ۽ انهيءَ ۾ ئي وڌي وڏا ٿيا آهن.
سمند جو ترو اسان پنهنجي اکين سان ته ڪونه ڏٺو آهي پر ڪئميرا
وسيلي اتان جا فوٽو ڪڍي، انهن تي تحقيق ڪئي پئي
وڃي ۽ اڃا به اها اميد ڪئي پئي وڃي ته اڳتي ان کان
به سٺا فوٽو ملي ويندا.
اها سڀني کي خبر آهي ته سمنڊ جو علائقو تمام وسيع آهي ۽ اُتي
زمين جي مقابلي ۾ وڌيڪ جانور رهي سگهن ٿا. جاندار،
زمين جي صرف مٿاڇري ۽ ڪجهه اندر ڏرڙن ۾ ته ڪجهه
وري وڻن ۾ رهن ٿا پر سمنڊ جي ته هر حصي ۾ جانور
رهي سگهن ٿا ۽ رهن پيا. سمنڊ ۾ جانورن کي رهڻ لاءِ
ڪيتريون ئي جايون ملي وينديون آهن ڇو ته سندس
گَهرائي تمام گهڻي (اٽڪل ٽي-چار ميل کن) آهي. هڪ
اندازي مطابق سڀني وڏن کنڊن ۽ ٻيٽن کي ملائي سمنڊ
سان ڀيٽ ڪبي ته سمنڊ ۾ جانورن جي ٽيڻي آبادي رهي
سگهي ٿي.
سامونڊي مڇيون
اسان مان مڇي ته سڀني ڏٺي ۽ کاڌي به هوندي پر جيڪي مڇيون اسان
هينئر ڏسون ٿا يا کاڌي لاءِ ڪم آڻيون ٿا، اهي ٽيهه
ڪروڙ سال اڳ هن شڪل ۾ نه هيون، ڇو ته سمنڊ ۾ مڇيون
اڄ کان ٽيهه ڪروڙ سال اڳ پيدا ٿيون، پر اُهي
هاڻوڪين مڇين کان مختلف هيون.
قدرتي طرح مڇين جي واڌ تمام گهڻي ٿيندي آهي ۽ جڏهن اهي گهڻي
تعداد ۾ ٿي ويون ته پوءِ ڪجهه مڇيون سمنڊ ۾ ته
ڪجهه وري سمنڊ ڇڏي دريائن ۾ رهڻ لڳيون؛ پر اڄ به
مڇين جا گهنا قسم سمنڊ ۾ ملندا.
مڇيون جيئن ته گهڻن قسمن جون آهن، ان ڪري سڀ مڇيون سمنڊ ۾ هڪ
جاءِ تي الڳ تهن ۾ رهنديون آهن، ڪي سمنڊ جي مٿاڇري
تي، ته ڪي سمنڊ جي گَهراين ۾، ته ڪي وري وچ وارن
تهن ۾ رهنديون آهن. جيڪي مڇيون سمنڊ جي ٿڌي پاڻيءَ
۾ رهنديون آهن؛ اُتي جيڪڏهن پاڻي ٿوروئي گرم ٿئي
ته مري وڃن، يا وري اُتان ڇڏي ڪنهن ٿڌي پاڻي واري
حصي ۾ وڃي رهن. مڇيون کاڌي جي اڻاٺ سبب هڪ جاءِ
کان ٻي جاءِ ڏانهن هليون وينديون آهن. اهو ئي سبب
آهي جو انگلينڊ ۽ اتر يورپ ۾ جتي ڊاءِ ٽوم (Diatom)
۽ ڪوپ پوڊ جام ٿيندا آهن ته مڇيون به عام جام
ملنديون آهن. مڇين جي زنده رهڻ لاءِ سمنڊ جي
پاڻيءَ ۾ لوڻ جو هڪ خاص مقدار به ضروري آهي. هڪ
دفعي جي ڳالهه آهي ته بالٽڪ سمنڊ ۾ لوڻياٺ جي
گهٽتائي ٿي وئي ته اتي رهندڙ هيرنگ (Herring)
مڇيون ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ڪوڏ جن ۾ ننڍڙا جيت
رهندا آهن، مري ويا. مڇين جا کاڌي جي لحاظ سان ٻه
قسم آهن: هڪ اُهي جيڪي سمنڊ جي مٿاڇري تي ڊاءِ ٽوم
(Diatom)
۽ ڪوپ پوڊ (Cope
Pods) تي گذارو ڪنديون آهن ته ٻيون اُهي، جيڪي سمنڊ ۾ ترو کوٽي
ڪيچوا ۽ ڪوڏ ڳولي انهن کي کائينديون آهن.
مڇين ۾ آسپاس جي ماحول ۽ آبهوا جي تبديلين مطابق زندگي گذارڻ جي
وڏي صلاحيت آهي ۽ پنهنجي دشمن کان بچڻ جي پڻ.
هيرنگ (Herring)
مڇي نيري رنگ جي ٿيندي آهي ۽ مٿاڇري واري پاڻيءَ ۾
رهڻ ڪري مشڪل سان سڃاتي ويندي آهي، ڇو ته سمنڊ جي
پاڻيءَ جي رنگ سان ملندڙ رنگ هوندو اٿس. ڪاڊ (Cod)،
فلائونڊر (Flounder)
مڇيون وري سرمائي ۽ نسواري رنگ جون ٿينديون آهن،
شڪار جون شوقين ۽ رنگارنگي مڇيون آهن.
مڇين جي قد بت ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي، ڪي ته تمام ننڍيون ۽
ڪي وري ويهن گزن کان به وڌيڪ ڊگهيون هونديون آهن.
گهڻو ڪري مڇين جي کل مٿان ننڍا ننڍا ڇِلَر آهن پر
ڪن ۾ وري هڏن جون ننڍيون پليٽون هونديون آهن، ڪن
جي کل ته وري ريگمال جهڙي کهري ٿيندي آهي، جيئن
شارڪ (Shark).
گهڻن مڇين ۾ وري سندن پڇ ۽ پر (Fins) مختلف نموني بت سان مليل هوندا آهن. مثال طور پنجاهه مڻن جي
سج مڇي (Sun Fish)
کي پڇ ٿيندو ئي ڪونهي. ۽ وري ”چپتري مڇي“ 12 انچ
ٿلهي ۽ 20 گز ڊگهي ٿيندي آهي ۽ سڄي پڇ جهڙي نظر
ايندي آهي، ۽ پاڻيءَ ۾ ڦيٿي وانگر گهمندي آهي ۽
سندس ڄاڙيون ڪمزور يا وري ٿينديون ئي ڪونه اٿس.
مڇين جي ترڻ، هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ ۽ گهمڻ جو دارومدار پڇ تي
هوندو آهي. ڪجهه مڇيون اهڙيون به آهن، جيڪي پنهنجي
پرن (Fins)
جي مدد سان ٿورو هوا ۾ اُڏامي سگهنديون آهن، پر
جيڪڏهن ڪنهن طوفان جي رخ چڙهي وڃن ته پوءِ ٻه سؤ
فوٽ به مٿي هليون وينديون آهن ۽ ڪجهه وري اهڙيون
به آهن، جيڪي پنهنجي پرن جي مدد سان پاڻي ۾ بيٺل
وڻن جي لامن تي چڙهي وينديون آهن.
وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائينديون آهن ۽ ڪن مڇين ۾ ته وري
خاص قسم جا اوزار به هوندا آهن جن کي، خاص موقعن
تي استعمال ڪنديون آهن. مثال طور تلوار مڇي (Sword
fish) ۽ ڪارائي مڇي (Saw
fish)،
تلوار ۽ ڪارائيءَ جي جوڙجڪ سان پنهنجي شڪار کي
ايترو ته زور سان ڌڪ هڻنديون آهن، جو هو بيهوش ٿي
ويندو آهي. ڏنگ واري شارڪ (شاڪر مڇي) کي وري پڇ ۾
هڪ زهريلو خنجر ٿيندو آهي، جنهن سان پنهنجي دشمن
کان بچاءُ ڪندي آهي. ٽارپيڊو وري پنهنجي شڪار کي
ايترا ته تڪڙا جهٽڪا ڏيندي آهي، جو سندن شڪار
بيهوش ٿي ويندو آهي.
عام طرح سان مڇين جو قد بت ننڍو هوندو آهي پر ڪن حالتن ۾ اهو
وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ سول مڇي (Sole fish)
ايتري ته چپتري ٿيندي آهي، جو ڄڻ ڪنهن پير سان
چيڀاٽيو اٿس. قدبت جي لحاظ سان هيلي بٽ (Halibut
fish)
جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 10 فوٽ ۽ وزن نو مڻ ۽ ڪاڊ (Cod)
مڇي اڍائي مڻن جي به ملي آهي.
مڇين جي عمر وڏي ٿيندي آهي، خاص ڪري هنن کي گهريلو تلائن ۾ اٽڪل
(50) سالن تائين زنده رکي سگهبو آهي. ڪن حالتن ۾
مڇيءَ جا پيٽ وارا ڇلر به سندن عمر ٻڌائيندا آهن.
گهڻو ڪري سڀ مڇيون آنا ڏينديون آهن، فلائونڊر مڇي
اٽڪل ڏهه لک، ڪاڊ مڇي نوي (90) لک ۽ سج مڇي (Sun fish)
ٽي ڪروڙ آنا ڏيندي آهي، جيتوڻيڪ سڀ آنا وڏين مڇين
۾ تبديل ڪونه ٿيندا آهن، پر تنهن هوندي به آنن جو
انداز تمام گهڻو هوندو آهي.
مڇين جي لڏ پلاڻ:
ڪي مڇيون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايتري ته ڊگهي مسافري ڪنديون آهن، جو
ماڻهو ٻڌي حيرت ۾ پئجيو وڃي. جيتوڻيڪ هر مڇيءَ
لاءِ هڪ مقرر حد هوندي آهي، جنهن ۾ هوءَ آزاديءَ
سان گهمي ڦري سگهي پر تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن
مڇيون اُن حد کان ٻاهر نڪري، ڪنهن ٻي جاءِ تي پهچي
وينديون آهن. مڇين جي لڏ پلاڻ (Migration)
ٻن سببن ڪري ٿيندي آهي. کاڌي جي ڳولا ۾ يا وري لڳ
واري موسم ۾. کاڌي جي ڳولا ۾ جيڪي مڇيون لڏ پلاڻ
ڪنديون آهن، اهي ميڙن جي صورت ۾ نڪرنديون آهن ۽
جڏهن اتي کاڌو گهٽجي يا ختم ٿي ويندو آهي ته اُتان
غائب ٿي وينديون آهن. کاڌي لاءِ لڏ پلاڻ ڪندڙ مڇين
کي کاڌي لاءِ لڏي ويندڙ مڇيون چئبو آهي.
ڪي مڇيون وري لڳ جي موسم ۾ لڏ پلاڻ شروع ڪنديون آهن. انهن کي لڳ
لاءِ لڏيندڙ مڇيون سڏيو ويندو آهي. عام طرح سان ته
سڀ مڇيون ٿوري گهڻي اصل رهڻ جي بجاءِ کان مٽ سٽ
ڪنديون رهنديون آهن، پر پلو، سالمن (Salmon)،
ليمپري (Lamprey)
۽ گوج (Eel)
اڪثر ڪري لڏپلاڻ ڪنديون رهنديون آهن.
مڇين جي لڳ واري لڏ پلاڻ جو دارو مدار سندن بلوغت (Maturity)
تي آهي. لڳ واري لڏ پلاڻ وري ٻن قسمن جي آهي. هڪ
اها جيڪا سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کان دريائن جي مٺي
پاڻيءَ ڏانهن ٿيندي آهي، جنهن کي ائناڊرامس (Anadromous)
لڏ پلاڻ چئبو آهي، جيئن پلو، سالمن ۽ ليمپري؛ ٻي
لڏ پلاڻ وري مٺي پاڻيءَ کان سمنڊ ڏانهن ٿيندي آهي،
جنهن کي ڪئٽاڊرامس (Catadromous)
لڏ پلاڻ چئبو آهي، جيئن گوج مڇي (Eel).
انهن ٻن قسمن جي لڏ پلاڻ کان علاوه ٻيا به ٻه لڏ پلاڻ جا قسم
آهن، جيئن پوٽينوڊرامس (Potanodromous)
جيڪا مٺي پاڻيءَ جي اندر ئي ٿيندي آهي، جيئن ٻلي
مڇي (Cat
fish)۽
ٻي وري سمنڊ اندر ئي يعني کاري پاڻيءَ ۾ ئي هڪ
جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن لڏ پلاڻ ٿيندي آهي، جنهن
کي ارشنوڊرامس (Occanodromous)
لڏ پلاڻ چئبو آهي، جيئن (Pearch)
مڇي.
مڇين جي لڏ پلاڻ لاءِ ڪيترن ئي جسماني حالتن کي منسوب ڪيو ويو
آهي. جيئن پاڻيءَ جا وهڪرا، پاڻي جون گهرايون ۽ ان
جي اوچائي؛ ڪيميائي جزا، جهڙوڪ لوڻياٺي ۽ کاري
پاڻي ڪري ۽ حياتياتي جزا، جهڙوڪ سن بلوغت، رت جو
داٻ، هارمونل چستي ۽ بک وغيرهه وغيرهه.
تازو ڪائيڊيسٽر، هڪ مڇين جي ماهر (Ecttuyologist)
ٻڌايو آهي ته مڇيون پنهنجي آيوڊين چرٻي (Iodine fet)
کي برابر رکڻ لاءِ لڏ پلاڻ ڪنديون آهن، ڇو ته مٺي
پاڻيءَ ۾ آيوڊين چرٻي گهٽجي ويندي آهي ۽ سمنڊ جي
کاري پاڻيءَ ۾ اها وڌي ويندي آهي. اهوئي سبب آهي
جو گوج (Eel)
مڇي مٺي پاڻي کان کاري پاڻيءَ ڏانهن ويندي آهي ته
جيئن آيوڊين چرٻي وڌي، ڇو ته اها سندس آنن ۽ ٻچن
ڦٽڻ لاءِ ضروري آهي. پلو ۽ سالمن (Salmon)
مڇيون وري کاري پاڻيءَ مان مٺي پاڻيءَ ڏانهن
آيوڊين چرٻي گهٽائڻ لاءِ اينديون آهن ته جيئن آنا
۽ ٻچا رواجي حالتن ۾ ڦٽن.
سڀني مڇين کان مزيدار وري هيرنگ (Herring)
مڇيءَ جي چرپر آهي، جيڪا ڪنهن مقرر جاءِ تي ڪڏهن
ته تمام گهڻيون ملن ۽ وري ڪڏهن صفا غائب. هيرنگ (Herring)
مڇيءَ کي سندس زندگيءَ جي چئن موڙن تي ڦاسائي يا
گڏ ڪري سگهي ٿو. پهريون جوانيءَ ۾، ٻيو بلوغت کي
پهچڻ وقت، ٽيون آنن لاهڻ کان اڳ ۾ ۽ چوٿون وري آنن
لاهڻ کانپوءِ.
مڇين جي پيدا ٿيڻ جي اصل جاءِ ته سمنڊ آهي، پر هينئر ڪجهه مڇين
کارو پاڻي ڇڏي وڃي مٺو پاڻي وسايو آهي، جن مان ڪن
دريائن ۾ ته ڪن وري تلائن ۽ ڍنڍن ۾ رهڻ شروع ڪيو
آهي، پر اڄ به سندن ابا ڏاڏا سمنڊ ۾ رهن ٿا. چيو
وڃي ٿو ته مڇين سمنڊ جو کارو پاڻي ان ڪري ڇڏيو، جو
مٺي پاڻيءَ ۾ سندن ڪوبه دشمن ڪونهي ۽ لڳ ڪرڻ لاءِ
بهترين جاءِ آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته مڇيون کاري پاڻيءَ کان مٺي پاڻيءَ يا وري
مٺي پاڻيءَ کان کاري پاڻيءَ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪيئن
ٿيون ڪن. پهريائين ڏسون ته سامونڊي مڇيون ڪيئن ۽
ڪهڙي وقت سمنڊ کان دريائن ڏانهن رخ ڪن ٿيون. هنن ۾
پلو ۽ سالمن (Salmon)
مڇيون اچي وڃن ٿيون.
(الف) پلو: سنڌ جو پلو نه رڳو پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ مشهور
آهي ۽ پلي لاءِ ائين به مشهور آهي ته اها مڇي نه
پر ميووات آهي ۽ اهو پڻ پلي لاءِ چيو ويندو آهي ته
پلو پاڪستان ۽ بنگلاديش کانسواءِ ٻيو دنيا ۾ ڪٿي
به ڪونه ٿيندو آهي. پلو تمام نازڪ مڇي آهي ۽ پڪڙڻ
کانپوءِ اڌ منٽ به مشڪل سان زنده رهي سگهي ٿو. پلي
جي حد يا مفاصلو جيڪو هو مٺي پاڻيءَ ۾ ڪري ٿو. ان
لاءِ تمام گهٽ معلوم ٿي سگهيو آهي. بنگلاديش ۾ پلو
لڳ ڪرڻ لاءِ چوماسي يا موسمي هوائن دوران مٿي
دريائن ۾ چڙهڻ شروع ڪندو آهي ۽ سندس شڪار پاڻيءَ ۾
ئي ٿيندو آهي ۽ سڄو اونهارو هلندو آهي. پلو ديناج
پور، رنگ پور، بوگرا ۽ چٽگانگ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾
ٿيندو آهي.
پاڪستان ۾ سنڌو ندي پنهنجي ٽن سون ميلن جي
ڊيگهه ۽ اڇي ڊيلٽا سان پلي جي شڪار لاءِ تمام سٺي
جوءِ آهي. سنڌو ندي ۾ پلو پنهنجي مسافري فيبروري
کان شروع ڪري ٿو ۽ وچ آگسٽ ڌاري واپس سمنڊ ڏانهن
موٽڻ شروع ڪندو آهي. پلي جي اها خاصيت آهي ته اهو
اوڀارو وچ سير ۾ ترندو آهي ۽ سندس رفتار جو
دارومدار پاڻيءَ جي گهاٽائي (Density)
۽ گرمي پد تي آهي، جيئن پاڻيءَ جي گهاٽائي گهٽ ۽
گرمي پد وڌيڪ تيئن سندس رفتار به تيز هوندي آهي.
سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ پلي جو شڪار سکر تائين ۽
اڳتي به ڪيو ويندو هو. پر غلام محمد بئراج ٺهڻ بعد
سندس مسافري ۽ شڪار جي حد ايستائين ئي آهي ۽ هاڻي
پلو سنڌو نديءَ ۾ غلام محمد بئراج جي هيٺئين پاسي
تائين ئي وڃي سگهي ٿو.
(ب) سالمن (Salmon):
هي به اصل سامونڊي مڇي آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي
ذاتيون (Species)
آهن، انهن مان ڪن ته هميشہ لاءِ يورپ ۽ اتر آمريڪا
۾ رهڻ شروع ڪري ڏنو. هي ته هيون ساموندي مڇيون جو
کارو پاڻي ڇڏي، مٺي پاڻي ڏانهن آيون پر ڪي مڇيون
اهڙيون آهن، جيڪي ڪن خاص وقتن تي مٺو پاڻي ڇڏي
کاري پاڻيءَ يعني سمنڊ ڏانهن اينديون آهن. جيئن
گوج مڇي(Eel):
هن مڇيءَ جي لڏ پلاڻ تمام عجيب قسم جي آهي. ڪيترن
سالن کان يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو گوج
مڇيءَ کي پنهنجي واهن ۽ واٽر ڪورسن ۾ ڏسي عجب ۾
پئجي ويندا آهن ته اها ڇا آهي؟ ڇو ته اڄ تائين
ڪنهن به گوج مڇيءَ جا آنا يا ٻچا ڪونه ڏٺا آهن.
اهو ڳجهه نيٺ هڪ ڊينش (Danish)
سائنسدان جي - ايل شمسٽ (J.L
Schimdst) حل ڪيو ۽ ٻڌايو ته جڏهن گوج بلوغت کي پهچندي آهي ته اها هڪ
وڏي مسافري جي تياري شروع ڪندي آهي، جنهن جيتري
مسافري شايد اڄ تائين ڪنهن به مڇيءَ نه ڪئي آهي.
گوج مڇيءَ جا ٻه قسم آهن: هڪ يورپين گوج ته ٻي آمريڪن گوج مڇي.
يورپين گوج پيلي رنگ جي ٿيندي آهي ۽ سرء جي موسم ۾
پنهنجي لڳ وارن علائقن ڏانهن وڃڻ شروع ڪندي آهي.
مسافريءَ دوران سندس رنگ پيلي مان ڦري ميرانجهڙيءَ
چانديءَ جهڙو ٿي ويندو اٿس ۽ کل مٿان ڪارا ٽٻڪا به
ظاهر ٿيندا اٿس؛ سندس اکيون وڏيون ۽ آنڊو ننڍڙو ٿي
ويندو آهي. اهي پنهنجي مسافري اونهاري جي پڇاڙيءَ
۾ شروع ڪنديون آهن، ۽ لڳ جو ايترو ته شوق هوندو
اٿن جو جيڪي مڇيون يعني گوج مڇيون دريائن کان پري
ڍنڍن يا تلائن ۾ هونديون آهن، اهي به ڪنهن طرح سان
اُتان نڪري ڪنهن ويجهي درياء تائين پهچي وينديون
آهن ۽ سمنڊ ڏانهن مسافري شروع ڪري ڏينديون آهن.
سمنڊ ۾ سندن چرپر ۽ ميل ميلاپ معلوم ڪونه ٿي سگهي
آهي، پر اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سندس رستو
سامونڊي ڪنارن سان آهي ۽ لڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڏکڻ
برموڊا (Bermuda)
وٽ ٿيندو آهي ۽ آنا به اُتي ئي لاهيندي آهي. گوج
مڇيءَ جو لڳ اٽڪل چار سؤ ميٽر هيٺ پاڻيءَ ۾ ٿيندو
آهي ۽ آنا به اُتي ئي لاهيندي آهي. سندس ٻچا ڦٽڻ
تي وري ساڳيوئي رستو يعني اولهه يورپ وارو سامونڊي
ڪنارو وٺندا آهن، جنهن سان سندن وڏيون مڇيون آيون
هيون. درياء جي ڇوڙ يا منهن تائين پهچندي گوج جا
ٻچا ڪافي وڏا ٿي ويندا آهن.
آمريڪن گوج مڇيءَ جي به يورپين گوج سان گهڻي مشابهت آهي ۽ سندس
لڳ ۽ ٻچن جي جاءِ به ساڳي يعني برموڊا ويجهو اولهه
ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ ٻنهي جا ٻچا به گڏ ڏٺا ويا
آهن.
هاڻي سوال ٿو اڀري ته ٻنهي جا ٻچا ڪيئن الڳ ٿين ٿا ۽ هڪ جا
آمريڪا هليا ٿا وڃن ته ٻيءِ جا وري يورپ ڏانهن
جيئن ته آمريڪن گوج جا ٻچا تيزي سان وڌن ٿا ۽ هڪ
سال اندر وڏا ٿي وڃن ٿا، پر يورپين گوج جا ٻچا ٽن
سالن ۾ وڏا ٿين ٿا، سو جيڪڏهن يورپين گوج جا ٻچا
آمريڪا ڏانهن ويندا ته وڏي ٿيڻ کان اڳ ئي آمريڪا
پهچي ويندا ۽ ٻئي طرف جيڪڏهن آمريڪن گوج جا ٻچا
يورپ ڏانهن ويندا ته اڃان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ئي
هوندا ته وڏا ٿي ويندا. ائين کڻي چئجي ته گوج جي
ٻچن جو وڌڻ ۽ وڏو ٿيڻ سندس مفاصلي طي ڪرڻ سان
مطابقت رکي ٿو؛ پر آخر اهي پنهنجو رستو ڪيئن ٿا
ڳولهي لهن! ان لاءِ سائنسدانن جي چوڻ موجب سندن
سنگهڻ جي حَسَ ۽ ڪيميائي ذريعا جهڙوڪ هارمونل چستي
يا وري گوناڊس جو پچڻ ئي سندن رستي جي ڳولا لاءِ
مددگار ٿين ٿا.
گهڻيون مڇيون ته ماڻهن جي کائڻ جي ڪم اينديون آهن، پر ڪي اهڙيون
موذي قسم جون به هونديون آهن، جو ماڻهن کي نقصان
به ڏينديون آهن. آمريڪا ۾ فلوريڊا جي ڪناري وٽ هڪ
ويڙهو مڇي ٿيندي آهي، جنهن کي بيرا ڪيوڊا (Berra
cuda)
چئبو آهي، هن جا ڏند اهڙا ته تکا ٿيندا آهن، جو
اُتي وهنجندڙ ماڻهن تي حملو ڪري سندن جان جوکي ۾
وجهي ڇڏيندي آهي. ڪي مڇيون ته وري آدم خور هونديون
آهن ۽ جتي اهي ٿينديون آهن، اُتي سمنڊ جي ڪنارن
سان تارن جا لوڙها ڏنا ويندا آهن، جيئن اُن جاءِ
جي اوسي پاسي ڪوئي وهنجي نه سگهي. ڪن مڇين کي ته
جسمن مٿان وري زهريلا ڪنڊا ۽ پَرَ هوندا آهن.
مڇيون انسان جي ڪيترن ڪمن ۾ اچي سگهن ٿيون پر سڀني کان وڏو
فائدو اهو آهي ته مڇيون اسان جي کاڌي لاءِ ڪم اچن
ٿيون. سڀني کان وڌيڪ جيڪا سامونڊي مڇي کاڌي ويندي
آهي، اُها آهي هيرنگ (Herring)
مڇي، ان کانپوءِ ڪاڊ، هيڊوڪ، ميڪاريل، هيلي بٽ،
فلائونڊر ۽ ٻيون مڇيون اچن ٿيون. سمنڊ ۾ اڄ به
تمام گهڻي انداز ۾ مڇيون آهن، سو جيڪڏهن سڄي دنيا
جي خوراڪ کپي وڃي، تڏهن به اهو اهڙو خزانو آهي
جيڪو کٽڻ جو نه آهي. |