سامونڊي لهرون
سمنڊ جو مٿاڇرو سدائين چرندڙ نظر ايندو آهي ۽ ڪڏهن به هڪ هنڌ
بيٺل نظر نه ايندو آهي. طوفانن ڪري يا تيز هوائن
ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿينديون آهن.
ظاهري طرح ته ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته سمنڊ جو
پاڻي ڪيڏانهن هلندو پيو وڃي پر اصل ۾ ائين نه آهي،
اهو صرف پاڻيءَ جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري هوندو آهي ۽
پاڻيءَ جو اوڀار ۽ هيٺ مٿي ٿيڻ کي اسان لهرون
سڏيندا آهيون.
سمنڊ ۾ لهرون هڪ ٻئي پويان لڳاتار اٿنديون رهنديون آهن ۽ ٻن
لهرن جي وچ واري عرصي کي وقفو يعني ساهي چئبو آهي
جيڪا وچ سمنڊ ۾ ته ڪيترا سؤ فوٽ هوندي آهي، پر
ڪناري وٽ لهرون جي اوچائي پنج فوٽ کن ٿيندي آهي
جيڪا اڳتي هلي سمنڊ اندر پندرهن فوٽن تائين پهچي
ويندي آهي. وچ سمنڊ ۾ ڪجهه لهرون ايترو ته وڏيون
هونديون آهن جو وڏي کان وڏا سامونڊي جهاز به ان
اڳيان ننڍڙا نظر ايندا آهن. وڏيون لهرون اڪثر
لڳاتار طوفانن ڪري اڀرنديون آهن، جيئن ڏکڻ آفريڪا
۾ گڊ هوپ جي ويجهو جتي سدائين وڏين لهرن جي ڀرمار
لڳي پئي هوندي آهي.
سمنڊ جي هوا، سج ۽ چنڊ سان رشتو
۽ سمنڊ تي هوا، سج ۽ چنڊ جو اثر:
جيڪڏهن توهان سمنڊ جي ڪناري تي بيهي ڏسندؤ ته توهان کي سامونڊي
پاڻيءَ جون لهرون ۽ ويرون ڏسڻ ۾ اينديون. سمنڊ جو
پاڻي ٿوري دير لاءِ پوئتي هليو ويندو آهي پر جلدئي
وري موٽي ڪنارن سان لڳندو آهي. اڪثر ڪري سمنڊ ۾
ويرون ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا اينديون آهن جيڪي وڏين وڏين
لهرن مان ٺهنديون آهن. عام لهرون ته ٿوري ٿوري وقت
کانپوءِ اٿنديون آهن پر لهرون صرف مٿاڇري کان وٺي
سمنڊ جي اونهن تهن تائين پهچي وينديون آهن جيڪي
ڪافي وقت تائين هلنديون رهنديون آهن. پراڻي زماني
۾ ماڻهو ويرن بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون ڪندا هئا
۽ اڄ به ڪندا رهندا آهن. سندن چوڻ مطابق زمين پڻ
ٻين ساهوارن وانگر ساهه کڻندي آهي ۽ نتيجي ۾ ويرون
پيدا ٿينديون آهن. ”جولئيس سيزر“ جي خيال مطابق
ويرون سج ۽ چنڊ جي ڪري ٿينديون آهن پر اهو ڪونه
ٻڌائي سگهيو ته ويرون ڪيئن پيدا ٿين ٿيون.
توهان جيڪڏهن هڪ پٿر کي هوا ۾ مٿي اڇلائيندؤ ته اهو واپس اچي
زمين تي ڪِرندو، اهو ان ڪري ته زمين هر شيءِ کي
پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي جيئن چقمق لوهه کي پاڻ ڏانهن
ڇڪيندو آهي. اهريءَ طرح سج ۽ چنڊ به زمين ۽ سندس
مٿاڇري تي هر ننڍي توڙي وڏي شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇڪن
ٿا. توهان شايد اهو سوچيو ته سج چنڊ کان وڏي هئڻ
ڪري ان ۾ ڪشش يعني ڇڪ به وڌيڪ اٿس.
چنڊ اٺاويهن ڏينهن ۾ پنهنجو ڦيرو پورو ڪري پنهنجي اصل جاءِ تي
اچي ٿو پر جيئن ته ڏينهن رات ۾ چوويهه ڪلاڪ آهن ان
ڪري ويرن جو وقت ڦرندو رهي ٿو ۽ روزانو هڪ ڪلاڪ
پوئتي ويندو آهي.
چنڊ نه صرف زمين جي چوڌاري ٿو ڦري پر ڪڏهن هو (چنڊ) خط استوا جو
اتر طرف ته ڪڏهن ڏکڻ طرف هليو ويندو آهي. ۽ ان
ڦيري ڪري چنڊ ڪجهه سمنڊن کي ويجهو ته ڪن کان پري
ٿي ويندو آهي. چنڊ جي پري ۽ ويجهي اچڻ ڪري ويرن تي
به اثر ٿيندو آهي، جڏهن ويجهو هوندو آهي ته ويرون
گهڻي ڇڪ ڪري وڌيڪ اٿنديون آهن.
چنڊ کانسواءِ سج جي ڇڪ به سامونڊي ويرن تي اثر ڪري ٿي ۽ جڏهن
سج ۽ چنڊ زمين جي هڪ پاسي هوندا آهن ته سمنڊ ۾
ڇوليون ۽ ويرون به اوج تي هونديون آهن پر جڏهن سج
۽ چنڊ هڪ ٻئي سامهون هوندا آهن ته ٻنهي جي ڇڪ جو
اثر هڪ ٻئي تي پوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سامونڊي ڇوليون
۽ ويرون گهٽجي وينديون آهن.
ڇولين ۽ ويرن تي سمنڊ جي ويڪر جو به اثر پوندو آهي تمام ويڪرن ۽
کليل سمنڊن ۾ ويرون وڌ ۾ وڌ ٻن فوٽن تائين
هونديون آهن پر سوڙهن ۽ ايراضيءَ ۾ گهٽ سمنڊن ۾
ويرون تمام وڏيون هونديون آهن. دنيا ۾ وڏي ۾ وڏيون
ويرون نووا سڪوشيا (Nova
Scotia)
جي نار فنڊي (Funday)
۾ اينديون آهن. هتي ويرون پنجاهه فوٽن تائين
اٿنديون آهن. نار فنڊي ۾ ايڏيون وڏيون ويرون
انهيءَ ڪري اينديون آهن جو سندس شڪل ڪيف جهڙي آهي،
۽ جيئن جيئن پاڻي اڳتي وڌندو ويندو ته نار سوڙهو
ٿيندو ويندو آهي ۽ ويرن جي اوچائي وڌندي ويندي
آهي.
جڏهن سمنڊن ۾ وير چڙهندي آهي ته اُها درياهن جو رخ به بدلائي
ڇڏيندي آهي، دنيا جي ڪنهن به درياهه ۾ ايتري طاقت
ڪانهي جو سمنڊ جي چڙهيل وير کي پوئتي ڪري سگهي.
سج ۽ چنڊ کانسواءِ ٻي به هڪ شيءِ جو سمنڊ جي سطح تي اثر ٿئي ٿو.
سمنڊ ۾ جيئن ته پاڻي تمام گهڻو هوندو آهي ۽ هوائن
ڪري ڇُلڪڻ شروع ڪندو آهي جن کي ڇوليون چئبو آهي.
سامونڊي ڇوليون سوڙهن سمنڊن ۾ ته عام جام ٿينديون
آهن پر ويڪرن ۽ کليل سمنڊن ۾ گهٽ هونديون آهن.
قديمي زماني ۾ جڏهن زمين اڃا نئون ٺهڻ شروع ڪيو هو تڏهن ويرون
تمام گهڻيون اينديون هيون. ان وقت ڏينهن چوويهن
ڪلاڪن جو نه پر چئن ڪلاڪن جو ٿيندو هو ڇو ته زمين
چئن ڪلاڪن ۾ پنهنجو ڦيرو پورو ڪندي هئي ۽ چنڊ به
زمين کان ايترو پري نه هو جيترو اڄ آهي، ان ڪري ڇڪ
تمام گهڻي زور واري هوندي هئي ۽ ويرون به تمام
وڏيون ۽ اٽڪل هڪ سؤ فوٽن تائين هونديون هيون.
هينئر جيئن ته ڏينهن وڌي رهيو آهي جنهنڪري زمين جي
گردش گهٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ اهو ڏينهن جو وڌڻ برابر
هلندو اچي ۽ آخر اهو ڏينهن به ايندو جڏهن چوڏهن
ڏينهن جو ڏينهن ۽ چوڏهن راتين جي رات ٿيندي. ظاهر
آهي ته ان ڦير ڦار جو آبهوا تي گَهرو اثر ٿيندو.
ويجهڙائيءَ ۾ اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته ڏينهن
ڪيترائي سيڪنڊ وڌي ويو آهي ۽ برابر وڌندو رهي ٿو
ڇو ته سج ۽ چنڊ جي ڇڪ زمين جي گردش کي برابر
گهٽائيندي رهي ٿي.
سامونڊي وهڪرا
سمنڊ جو پاڻي هڪ هنڌ ٽڪيل نه پر ڪنهن طرف هلندو نظر ايندو آهي.
توهان جيڪڏهن لهرن مان پيدا ٿيندڙ گجيءَ ۾ ٽٻي هڻي
ڏٺي هوندي ته توهان محسوس ڪيو هوندو ته پاڻيءَ جا
ذرڙا توهان جي پٺيءَ تان ڪيڏانهن هلندا پيا وڃن.
گَهراين وارن سامونڊي تهن جو پاڻي پنهنجي سفر پوري
ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سال وٺندو آهي ۽ سمنڊ جي هيءَ بي
آرامي بنيادي شيءِ آهي.
جيئن زمين جو پنهنجي محور تي، سج جي چوڌاري ڦرڻ ڪري، جيڪي سمنڊ
خط استوا جي ويجهو اچن ٿا، انهن تي سج جي ڪرڻن جو
سڌو اثر ٿئي ٿو ۽ قطبن وارن سمنڊن کان وڌيڪ گرم
رهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو سمنڊن جو پاڻي هلندو رهي
ٿو. سمنڊ ۾ وهڪرا ٽن سببن ڪري ٿيندا آهن: 1- زمين
جو پنهنجي محور تي گردش ڪرڻ. 2- پاڻيءَ جو گرم ۽
ٿڌي ٿيڻ ڪري. 3- ننڍن ننڍن ٻيٽن ڪري وڏا سمنڊ
ورهائجي ننڍن درياهن جي صورت اختيار ڪندا آهن.
جڏهن خط استوا وٽ سمنڊن جو پاڻي سج جي ڪري گرم ٿئي ٿو ته اُتي
پاڻيءَ ۾ گرم ٿيڻ ڪري ڪجهه انچ چاڙهه اچي ٿو ۽
اهريءَ طرح هڪ قسم جي لاهي پيدا ٿئي ٿي، نتيجي ۾
خط استوا وارو پاڻي اتر ۽ ڏکڻ قطب ڏانهن وهڻ شروع
ڪري ٿو، جتي پاڻيءَ جو سطح ٿڌي هئڻ ڪري ٿورو هيٺ
هوندو آهي ۽ ائين خط استوائي وهڪرن وارو پاڻي اِن
ٿڌي پاڻي جي مٿان اچي وڃي ٿو جيڪو وري آهستي آهستي
خط استوا ڏانهن رخ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سان وهڪرن
جو هڪ چڪر ٺهي پوي ٿو. سمنڊن جي پاڻيءَ جي چرپر
لاءِ ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ جو ميلاپ ضروري آهي.
زمين جي ڦرڻ (Spining)
ڪري به سمنڊ جي پاڻيءَ جا وهڪرا ٿيندا آهن. جيڪڏهن
زمين جي ڦرن جو رخ اوڀر طرف آهي ته پاڻيءَ جو رخ
وري اولهه طرف هوندو آهي. سڀني کان پهريائين جنهن
ماڻهوءَ سمنڊن جي وهڪرن بابت ٻڌايو، اهو بينجامن
فرينڪلن (Benjamin Franklin)
آهي.
سندس چوڻ مطابق امريڪي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ ۾ صرف ٻه
هفتا لڳائيندا آهن، ڇو ته امريڪا خلاصي جهازن کي
هلائيندائي اهڙن سامونڊي حصن مان آهن جيئن وڌ ۾ وڌ
وهرڪن جو فائدو وٺي سگهجي. فرينڪل (B.
Franklin)
پوءِ هڪ سامونڊي وهڪرن (جن کي سامونڊي درياء به
چيو وڃي ٿو) جو نقشو ٺاهيو. مثال طور گلف اسٽريم (Gulf
Streem) جنهن کي ميڪسيڪو جو وهڪرو به سڏيو ويندو آهي، جيڪا ميڪسيڪو
نار ۾ فلوريڊا ۽ ڪيوبا جي وچ مان نڪري ٿي. هن نهر
جي ويڪر اٽڪل نوي ميل ۽ گَهرائي اڌ ميل ٿيندي ۽
پاڻيءَ جي رفتار شروع ۾ صرف ٽي ميل هڪ ڪلاڪ ۾
هوندي آهي پر آهستي آهستي سندس رفتار تيز ٿيندي
ويندي آهي ۽ يورپ پهچڻ تائين ڪافي وڌي ويندي آهي ۽
سندس ويڪر به وڌي ويندي آهي. جڏهن هي ميڪسيڪو نار
وارو وهڪرو يورپ پهچندو آهي ته ڪيترن ئي ننڍن ننڍن
شاخن ۾ ورهائجي ويندو آهي. سندس هڪ شاخ انگلينڊ ۽
ناروي جي ڪنارن کان ٿيندي قطبن ڏانهن هلي ويندي
آهي ته ٻي شاخ وري آفريڪا جي الهندي ڪناري طرف هلي
ويندي آهي. هن وهڪري جي هڪ ٻي شاخ وري آئس لينڊ (Ice
land)
جو رخ ڪندي آهي.
خشڪيءَ وارا درياهه يا نديون ڪنهن ڍنڍ يا چشمي مان شروع ٿيندا
آهن ۽ ختم به ڪنهن ڍنڍ يا سمنڊ ۾ ٿيندا آهن پر
سامونڊي لهرن يا وهڪرن جي چڱيءَ طرح خبر ڪانه
پوندي آهي ته ڪٿان شروع ٿيا ۽ ڪٿي ختم ٿيا ڇو ته
شروع به پاڻيءَ کان ٿين ٿا ۽ ختم به پاڻيءَ ۾ ٿين
ٿا.
زمين جي گردش اولهه اوڀر ڏانهن هوندي آهي ۽ ان گردش جو اثر
هوائن تي به پوندو آهي. خط استوا وٽ زمين جي گردش
تيز هئڻ ڪري، هوا جو رخ هڪ ئي طرف هوندو آهي ۽
اهڙين هوائن کي تجارتي هوائون چئبو آهي.
اولهه کان اوڀر ڏانهن زمين جي گردش ڪري هوائن جو رخ وري اوڀر
کان اولهه ڏانهن هوندو آهي پر خط استوا وٽ جيئن ته
زمين پوريءَ طرح گول ڪانه آهي تنهنڪري خط استوا جي
اتر ۾ هوائن جو رخ اتر اوڀر طرف هوندو آهي ۽ ڏکڻ ۾
ڏکڻ اوڀر طرف هوندو آهي. هوائن جو هي مستقل رخ
سامونڊي لهرن کي مستقل طور پيدا ڪندو آهي.
خط استوا کان ايندڙ وهڪرو ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري ميڪسيڪو نار ۾
داخل ٿي ويندو آهي ۽ هن نار جي پاڻيءَ ۾ کليل
سمنڊن جي مقابلي ۾ ڪافي چاڙهه اچي ويندي آهي ۽ هن
چاڙهه ڪري اُتان پاڻيءَ جو هڪ وهڪرو اچي ائٽلانٽڪ
۾ پوندو آهي، جنهن کي گلف اسٽريم يا ميڪسيڪو جو
وهڪرو چئبو آهي.
ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خط استوا جي ڏکڻ ۾ به هڪ پاڻيءَ جو وهڪرو آهي ۽
پئسفڪ سمنڊ ۾ به تمام وڏا وهڪرا آهن، جن کي
سامونڊي درياهه چئي سگهجي ٿو. انهن مان هڪ خط
استوا جي اتر ۾ آهي ۽ اٽڪل نوي هزار ميل ڊگهو آهي.
اهو وهڪرو فلپائين جي سامونڊي ڪنارن کان ٿيندي،
جپان تائين وڃي ٿو ۽ پوءِ اُتان واپس ٿئي ٿو. هن
کي جپان جو وهڪرو چئبو آهي.
پئسفڪ سمنڊ ۾ جيئن ته ٻيٽن جي گهڻائي آهي اُن ڪري سامونڊي
درياهه، ننڍن ننڍن شاخن ۾ ورهائجي وڃن ٿا.
هندي سمنڊ جيڪو ايشيا، امريڪا، ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ آهي. گهٽ
ايراضيءَ ڪري سامونڊي وهڪرا ايترا آزاديءَ سان
ڪونه ٿا هلن ۽ گهڻو ڪري سندن دارومدار موسمي هوائن
تي آهي. انهن وهڪرن جي باوجود به ڪٿي پاڻي ماٺ ۾
هوندو آهي.
سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ هڪ ٻئي قسم جي چرپر به ٿيندي آهي. جيئن ته ٿڌو
۽ ڳؤرو پاڻي مٿان کان هيٺ ويندو آهي ۽ گرم ۽ هلڪو
پاڻي هيٺان کان مٿي ايندو آهي. قطبن وٽ ٿڌو پاڻي
هيٺ وڃڻ کانپوءِ اندرئي اندر گرم علائقن ڏانهن
ويندو آهي ۽ خط استوا جو گرم پاڻي وري آهستي آهستي
قطبن جي ٿڌي پاڻيءَ ڏانهن رخ ڪندو آهي. گرم ۽ ٿڌي
پاڻيءَ هئڻ ڪري، سمنڊ ۾ گرم ۽ سرد وهڪرا ٿيندا
آهن. اهي گرم وهڪرا خط استوا کان قطبن وارن سمنڊن
ڏانهن وڃن ٿا ۽ سرد وهڪرا وري قطبي سمنڊن کان خط
استوا وارن سامونڊي حصن ڏانهن وهن ٿا. گرم وهڪرن ۾
ميڪسيڪو نار وارو وهڪرو ۽ جپان وارو وهڪرو اچي وڃن
ٿا. سرد وهڪرن ۾ ليبريڊار جو ٿڌو وهڪرو آهي جيڪو
ڏکڻ آفريڪا الهندي ڪناري سان وهندو، نيو فائونڊ
لينڊ (New found land)
جي ويجهو اچي گلف اسٽريم يا ميڪسيڪو جي وهڪري سان
ملي ٿو. هن وهڪري ۾ تمام گهڻي برف به وهندي رهندي
آهي. جيڪا جهازن کي نقصان پهچائيندي آهي.
ٻيو ٿڌو وهڪرو ڪئليفورنيا ۽ ميڪسيڪو جي الهندي ڪنارن سان وهندو
اچي اتر خط استوائي وهڪري سان ملندو آهي. هن کي
ڪئليفورنيا جو وهڪرو چئبو آهي.
پاڻيءَ جي هيءَ چرپر سامونڊي جانورن ۽ ٻوٽن تي به اثر ڪندي آهي،
ڇو ته جيڪڏهن هي ٿڌو پاڻي هيٺ تري ڏانهن نه وڃي ها
ته آڪسيجن سمنڊ جي تري تائين ڪانه پهچي سگهي ها ۽
پاڻيءَ جي ان ئي چرپر ڪري سمنڊ جا مختلف لوڻ، ڌاتو
۽ ٻيا جزا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نه پهچي سگهن ها.
جيئن اسان جي جسم ۾ رت جو دورو هلندو رهي ٿو ساڳئي طرح سمنڊن جو
پاڻي به هميشہ گردش ۾ آهي. اسان جي جسم ۾ رت دل
کان شروع ٿئي ٿو ۽ جسم جي هر حصي تائين پهچي ٿو،
ايتريقدر جو آڱرين جي چوٽين تائين ۽ پوءِ اتان
واپس دل ڏانهن اچي ٿو. رت جو ائين سڄي جسم ۾ دورو
ڪرڻ تمام ضروري آهي يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي
زندگيءَ جو دارومدار ئي رت جي دوري تي آهي، جيڪڏهن
رت هڪ جاءِ تي بيهي رهي ته جيڪر انسان زنده نه رهي
سگهي يا وري جنهن حصي ۾ نه پهچي ته اهو ختم ٿيل
محسوس ٿئي.
اهڙيءَ طرح سان سامونڊي جانورن يا ٻوٽن جو دارومدار ئي سمنڊ جي
پاڻيءَ جي ميل ميلاپ تي آهي. سامونڊي وهڪرن ۽
پاڻيءَ جي گردش مسلسل هلندي رهي ٿي پر ڪن هنڌن تي
پاڻي بيٺل به هوندو آهي، جيئن ”سمنڊ اسود“، جتي
سمنڊ ۾ ڪنهن به قسم جي چرپر نه هوندي آهي ۽ چرپر
نه هئڻ ڪري ان ۾ زهريلا مادا جمع ٿي ويندا آهن ۽
مڇيون يا ٻيا جانورن ان ۾ ڪونه رهي سگهندا آهن.
سائنسدانن جي هڪ اندازي مطابق جيئن ڪنهن تلاءَ يا دُٻي جو پاڻي
مٽبو رهي ٿو تيئن ئي سمنڊن جو پاڻي به هڪ هنڌان
ٻئي هنڌ پهچي وڃي ٿو ۽ اٽڪل هڪ سؤ پنجهٺ (165)
سالن ۾ قطبي سمنڊن وارو پاڻي هڪ ڀيرو مٽجي وڃي ٿو
۽ ساڳي طرح مختلف نارن ۽ ننڍن سمنڊن جو پاڻي به
مٽبو ۽ ڦرندو رهي ٿو.
کنڊن جو ٺهڻ
اسان جڏهن ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي بيهنداسون ته ائين محسوس ٿيندو
ته پاڻي ۽ خشڪي پاڻ ۾ مليل آهن پر اهي ڪنارا
سدائين هڪجهڙا نه آهن ڇو ته سامونڊي ڪنارن ۾
تبديلي ايندي رهي ٿي. سمنڊ جون ڇوليون ۽ ويرون
ڪنارن سان ايتري ته زور سان ٽڪرائبيون آهن جو
ڪنارا کاڄندا رهندا آهن. اهوئي سبب آهي جو انگلينڊ
جا ڪيترائي ننڍا شهر سمنڊ هيٺ اچي ويا آهن.
هالينڊ ۾ جنهن جي زمين سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي اتي سمنڊ جي
پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ وڏا وڏا بند ٻڌا ويا آهن ۽
وڏين وڏين مشينن سان پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪيو ويندو
آهي پر هڪ ڀيري سمنڊ ايتري ته جوش ۾ آيو جو سڀئي
بند ٽوڙي ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيائين.
سياري جي موسم ۾ سامونڊي طوفان ايتري ته زور سان ايندا آهن جو
وڏي ۾ وڏا وڻ به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا آهن. ڊينمارڪ
جي سامونڊي ڪناري تي هڪ گرجا آهي جنهن جي هيٺان
سمنڊ پٿر ۽ ڪڪري لوڙهي ويو آهي ۽ هاڻي اها گرجا هڪ
وڻ مٿان بيٺل آهي ۽ ماڻهو ان کي عجوبو سمجهي ڏسڻ
ايندا آهن. سامونڊي طوفانن، ڇولين ۽ ويرن ڪري ڪٿي
ته ننڍا ٻيٽ پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا آهن ته ڪٿي وري
نوان ٻيٽ وجود ۾ اچي ويندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح وڏن
کنڊن جي ايراضي ۽ نقشي ۾ ڦيرو ايندو رهي ٿو.
پراڻي زماني ۾ اهي تبديليون تمام گهڻيون اينديون هيون ۽ جيڪي
نقشا اڄ کان ڏهه ڪروڙ يا پنجاهه ڪروڙ سال اڳ جا
ٺهيل آهن، اهي اڄوڪن نقشن کان بلڪل مختلف آهن.
پراڻن نقشن ۾ تقريباً سڄو اتر آمريڪا پاڻيءَ هيٺ
ڏيکاريل آهي ۽ ان زماني ۾ صرف اوڀر ڪئناڊا،
نيويارڪ، مچيگن ۽ وس ڪونسن خشڪ علائقن جا حصا آهن.
ان زماني کان ٿورو اڳ ڏکڻ آمريڪا، ايشيا ۽
آسٽريليا جا ڪجهه حصا پاڻيءَ هيٺ آيل هئا پر آهستي
آهستي پاڻيءَ کان نڪري اڄوڪيءَ صورت ۾ آيا آهن. ان
کانپوءِ ڪافي تبديليون آيون آهن، مثال طور ڪجهه
وقت اڳي اتر آمريڪا - ايشيا سان مليل هئي ۽ ان دور
۾ هندستاني ماڻهو وڃي آمريڪا ۾ آباد ٿيا هئا، اهي
ايشيا کان آمريڪا خشڪي رستي پهتا هئا. ان وقت
انگلينڊ يورپ سان مليل هئو. آفريڪا جو مشهور
بيابان صحرا پاڻي هيٺ هئو.
خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ جي ان جنگ ۾ خط استوا جي اترين حصن ۾ خشڪي گهڻي
آهي. وڏن کنڊن مان ايشيا، يورپ ۽ سڄي اتر آمريڪا ۽
آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جو ڪافي حصو خط استوا جي اتر
۾ اچي ٿو، ان هوندي به سمنڊ جو حصو خشڪيءَ کان
وڌيڪ آهي. وڏن کنڊن ۽ سڀني کان مٿي ائنٽارڪٽيڪا
يعني ڏکڻ قطب جو ملڪ آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان
اٽڪل هڪ ميل مٿي آهي ۽ سڀني کان هيٺ وري آسٽريليا
جو کنڊ آهي.
وڏن کنڊن کانپوءِ وري سمنڊ جو پٿريلو حصو ايندو آهي جنهن کي
شيلف (Shelf)
چئبو آهي. سمنڊ جا هي پٿريلا حصا گهڻو ڪري هڪ جهڙا
ٿيندا آهن ۽ آهستي آهستي لهوارا ٿيندا ويندا آهن ۽
آخر ۾ ٻه اڍائي ميل پري اونهي سمنڊ ۾ غائب ٿي
ويندا آهن، ڪن کنڊن جي ڪنارن وٽ وري هي پٿريلا (Shelf)
حصا ڪونه ٿين ۽ انهن جي جاءِ تي وڏا وڏا قيمتي وڻ
هوندا آهن ته ڪن کنڊن جا هي پٿريلا حصا ڪيترائي سؤ
ميل ويڪرا ٿيندا آهن. هونئن عام طرح سان سندن ويڪر
تقريباً ٽيهه (30) ميل هوندي آهي. ڪن سمنڊن جا
ڪنارا وري وارياسا يا گپ وارا ٿيندا آهن، جن تي
سمنڊ جي ڇولين جو تمام گهڻو اثر ٿيندو رهندو آهي ۽
جي پاڻ سان واري ۽ مٽي لوڙهي کنيون وينديون آهن، ۽
ائين سامونڊي ڦير ڦار ٿيندي رهندي آهي. |