سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سمنڊ جا اسرار

باب: --

صفحو :5

 

 

سامونڊي پکي

 

پکين کي ٻن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪڙا اُهي جيڪي خشڪيءَ تي رهڻ وارا ۽ ٻيا اُهي جيڪي سمنڊ ۾. سامونڊي يا پاڻيءَ وارن پکين جي پيرن جون آڱريون هڪٻئي سان کَلَ ذريعي گڏيل هونديون آهن ۽ سندن کنڀ به سهڻا ٿيندا اٿن ته جيئن انهن مٿان پاڻي بيهي نه سگهي.

سمنڊ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پکي رهن ٿا، جن مان ڪن خاص پکين جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:

(الف)  سمنڊ ۾ هڪ وڏو پکي ٿيندو آهي، جنهن کي ”البطروس“ چئبو آهي. هن جو قدبت تمام وڏو ٿيندو آهي، سندس کنڀ به وڏا ٿين ۽ ڪنَ جا ته کنڀ ڏهه ٻارهن فوٽ ٿيندا آهن. ڳؤري جسم جي باوجود به تمام گهڻي مفاصلي تائين اُڏامي سگهندو آهي، ان کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين سامونڊي جهازن سان اُڏامندي ڏٺو ويو آهي. هي پکي اُڏامندي اُڏامندي ننڊ به ڪندا آهن ۽ اُڏامڻ مهل کنڀ به تمام گهٽ هڻندا آهن. پاڻيءَ جون ڇوليون يا ويرون ڪيتريون به تيز ڇو نه هجن، پر هي انهن تي آرام سان ويٺا هوندا آهن ۽ جڏهن مرضي پوين ته اُتان اُڏامي وڃن. انهن کي سامونڊي جهازن پٺيان ڪيترن ئي ڏينهن تائين اُڏامندي ڏٺو ويو آهي، پر جڏهن جهاز بندرگاهه جي ويجهو ايندا آهن ته هي وري ڪنهن ٻئي جهاز پٺيان هليا ويندا آهن. هي پکي سدائين سمنڊ جي مٿان اُڏامندي نظر ايندا آهن ۽ صرف آنن ۽ ٻچن جي پرورش لاءِ ڪنارن ڏانهن ويندا آهن.

(ب)    سمنڊ جي پکين ۾ هڪ ابابيل جهڙو پکي ٿيندو آهي، جنهن کي فراءِگيٽ (Frigate) چئبو آهي. هي پکي تمام سهڻو ٿيندو آهي ۽ سندس اُڏامڻ جو نمونو به تمام سهڻو آهي. هن جو پڇ ڊگهو ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ کنڀ سنها اٽڪل ست اٺ فوٽ ڊگها ٿيندا اٿس. هن پکيءَ جي اها عادت آهي ته هو جڏهن ڪنهن ڪمزور پکيءَ جي چهنب ۾ مڇي يا ٻي ڪا کاڌي جي شيءِ ڏسندو ته زبردستي ان کان ڦري وٺندو آهي.

(ٻ)    سمنڊ جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي به پکي رهندا آهن، اهي گهڻو ڪري پنهنجو گذارو سامونڊي مڇين تي ڪندا آهن. انهن ۾ ڪارمورنٽ (Carmorant)  چڱو مشهور آهي ۽ هن کي مڇي خور سڏيو ويندو آهي. هي پکي جپان جي ويجهڙائي ۾ ملندو آهي. هي جڏهن پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندو آهي ته پنهنجي کنڀن ۽ پيرن سان ترندو تمام هيٺ هليو ويندو آهي. هڪ ڀيري کيکڙن (Crabs) کي ڦاسائڻ لاءِ جڏهن هڪ ڄار کي سؤ ويهه فوٽ هيٺ لاٿو ويو ته ان ۾ هي مڇي خور پکي ڦاسي پيو.
جپان جا ماڻهو هن مڇي خور پکيءَ کي شڪاري ڪتن وانگر پاليندا آهن ۽ هن جي ڳچيءَ ۾ هڪ مضبوط پٽي وجهي ڇڏيندا آهن، جيئن مڇي ڦاسائي ته اچي پر اُن کي ڳهي نه سگهي ۽ جيئن ئي مڇي ڦاسائي اچي ته اها سندس مالڪ ڪڍي وٺي.

(ڀ)    پَفنِ (Puffin)  به عجيب قسم جو پکي آهي، سندس چهنب تي ڳاڙهي ۽ زرد رنگ جون ڌارون اٿس ۽ منهن اڪثر ڍڪيل هوندو آهي. هي به مڇين تي گذارو ڪندو آهي. هن کي سامونڊي طوطو به چيو ويندو آهي.

(ت)    پيلي ڪان (Pelican) هي به هڪ عجيب قسم جو بيڍنگو پکي آهي. سندس عادت موجب هي پنهنجي شڪار جو ايڏو ته وڏو حصو ڳهندو آهي، جو اهو سندس معدي ۾ به نه اچي سگهندو اٿس. هي پکي قدبت ۾ چڱو وڏو ٿيندو آهي ۽ جڏهن کنڀ کنڊيريندو آهي ته اٽڪل ڏهن - ٻارهن فوٽن تائين پهچي ويندو آهي. هي ڏسڻ ۾ ته بيڍنگو ايندو آهي پر جڏهن ڪنهن مڇيءَ کي پڪڙن لاءِ پٺيان پوندو آهي ته تمام گهڻي تيزيءَ سان اُڏامندو آهي ۽ کيس ٽٻي هڻي به پڪڙي ايندو آهي.
هي پکي آمريڪا جي آس پاس وارن سامونڊي ٻيٽن ۽ ڪنارن تي تمام گهڻو هوندو آهي. پيرو (
Peru) جي ڀر وارن ٻيٽن ۾ تمام گهڻا ٿيندا آهن ۽ هڪ اندازي مطابق روزانو پنجاهه مڻ مڇي کائيندا آهن.

(ٿ)    سئنڊ پائپر (Sand piper)، هي هڪ ننڍو پکي آهي، جيڪو اُڏامي ته ڪونه، پر سامونڊي ڪنارن تي تمام تيزيءَ سان ڊوڙندو آهي. سمنڊ جون ڇوليون جڏهن ڪنارن کان پوئتي موٽنديون آهن ته ڪيترن ئي قسمن جا ڪيڙا مڪوڙا ڇڏي وينديون آهن، جن جي پٺيان هي پکي ڊوڙي انهن کي پڪڙي ڳڙڪائي ڇڏيندا آهن.

(ٽ)    پئنگوئن (Penguin)، سمنڊ جي پکين ۾ سڀني کان عجيب قسم جا پکي آهن، جيڪي پنهنجي اُڏامڻ جي سگهه وڃائي ويٺا آهن. سندن کنڀ تمام ننڍا ٿيندا آهن، جن جي مدد سان هي پاڻيءَ ۾ تري مڇين جو شڪار ڪندا آهن. ائنٽارڪٽڪ سمنڊ ۾ جيئن ته ماڻهو گهٽ ويندا آهن، ان ڪري هي ماڻهن کان ڊڄندا ڪونهن. پر ڏسڻ سان اچي ڀر ۾ بيهندا اٿن. جڏهن هي پکي پنهنجي ٻن پوين پيرن تي بيهندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنهن جلسي کي خطاب پيو ڪري. هن جي پيٽ تي ڪاري ۽ سفيد رنگ جا کنڀ ٿيندا آهن. پئنگوئن جي هڪ وڏي قسم کي شهنشاهه (Emperor) به چئبو آهي. هن جو قد چار فوٽ ۽ وزن هڪ مڻ جيترو ٿيندو آهي. هي ٿڌي آبهوا ۾ رهندڙ پکي آهي ۽ گرم علائقن ۾ ٿيندو ئي ڪونهي.

 

سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ پکين کانسواءِ ڪي پکي اهڙا به آهن جيڪي اصل ته خشڪيءَ جا رهندڙ آهن، پر هينئر سمنڊ ۾ رهن ٿا. جهنگلي گل (Gull) جڏهن ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڏاکڻين ملڪن جو سفر ڪندي آهي، ته ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ ۾ به رهي ويندي آهي. سفر دوران هنن جي اڳواڻي ڪو تجربيڪار نر ڪندو آهي. جيڪو اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ساڳئي رستي سان اچي چڪو هوندو آهي.

 

سمنڊ جا وچان تهه ۽ جانور

 

سمنڊ جو پاڻي مختلف تهن ۾ ورهايل آهي، پر سڀني کان مختلف حصا سمنڊ جا وچ واري پاڻيءَ جو تهه آهي. سمنڊ جو هي حصو نه آسمان جي هيٺان آهي ۽ نه وري زمين سان ڳنڍيل، ان ڪري هتي جي رهندڙ جانورن جو ڪوبه مقرر گهر ڪونهي. پر خانه بدوش زندگي گذاريندا آهن.

سمنڊ جا هي وچ وارا تهه به ڪافي اونها ٿيندا آهن ۽ اڄ تائين دنيا جا ٻه يا ٽي ماڻهو آهن، جيڪي هنن تهن تائين پهتا آهن، جن ۾ پهريون نالو ڊاڪٽر بيب (Dr. Beebe) جو آهي. هن 1934ع ۾ هڪ دوست سان گڏجي، هڪ لوهه جي بند صندوق ۾ ويهي ٽي هزار اٺاويهه فوٽ سمنڊ جي تهن ۾ هيٺ ويو. ٻيو 1949ع ۾ ڪيلي فورنيا جي ڪناري کان ڪجهه اڳتي هڪ سائنسدان اوٽس بارٽن (Otis barton)  جيڪو ساڍا چار هزار فوٽ هيٺ سمنڊ جي گهراين ۾ ويو. لوهه جي صندوق جنهن ۾ اهي سائنسدان ويهي سمنڊ جي گهراين ۾ ويندا هئا، ان ۾ ننڍيون ننڍيون دريون ٺاهيون ويون، جن ۾ پاڻيءَ جي بچاءَ لاءِ مضبوط شيشا لڳايا ويا ۽ انهن شيشن مان آس پاس جي پاڻيءَ ۾ بئٽري جي روشنيءَ سان ڏٺو ويو ته هڪ عجيب قسم جي مخلوق ڏسڻ ۾ آئي، جنهن کي اڄ تائين ڪنهن به انسان ڪونه ڏٺو آهي.

جيئن جيئن ماڻهو سمنڊ اندر هيٺ لهندو ويندو، تيئن اوندهه ٿيندي ويندي، ۽ روشني آهستي آهستي گهٽبي ويندي، تان جو گهراين ۾ مختلف رنگن جي روشني نظر ايندي. سمنڊ ۾ هيٺ وڃڻ سان پهريائين ڳاڙهي روشني نطر ايندي، جيڪا پوءِ زرد ۽ سائي رنگ جي ٿيندي ويندي ۽ اٽڪل ڏيڍ سؤ فوٽ گهرائي ۾ روشني بلڪل نيري ٿي ويندي ۽ هر شيءِ نيري نظر ايندي. پر جي اڃا هيٺ وڃبو ته هر شيءِ ڌنڌلي نظر ايندي ۽ آخر 1900 سؤ فوٽ گهرائي ۾ بلڪل اوندهه ٿي ويندي، ان سان گڏوگڏ ٿڌ به وڌندي ويندي.

خط استوا ويجهو سمنڊ جي سطح واري پاڻيءَ جو گرميءَ جو درجو 82 درجن (ڊگرين) جي لڳ ڀڳ هوندو آهي پر ڇهه (600) سؤ فوٽ هيٺ پاڻيءَ جي گرميءَ جو درجو 52 ڊگرين تي پهچي ويندو آهي. عام اصول اهو آهي ته جيئن جيئن اسان هيٺ وينداسون ته سردي وڌندي ويندي ۽ سمنڊ جي تري وارو پاڻي ته ايترو ٿڌو ٿي ويندو آهي، جو ڄمي وڃڻ کپيس، پر ڄمندو ڪونهي.

سمنڊ جي وچ وارن تهن ۽ تري تي تمام گهڻي اوندهه ۽ ٿڌ هوندي آهي. پر تنهن هوندي به هتي ڪيترن ئي قسمن جا جانور ٿيندا آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن حصي ۾ نه ملندا آهن. سمنڊ جي هن حصي ۾ گاهه ۽ ٻوٽا ڪونه ٿين. هاڻي جيڪڏهن انهن حصن ۾ ٻوٽا ٿين ئي ڪونه ته پوءِ اتي رهندڙ جانور ڪيئن ٿا زنده رهن، پر توهان کي خبر هجي ته هتي کاڌو سمنڊ جي مٿين تهن مان ايندو آهي، جيئن مئل مڇيون ۽ ٻيا جانور، سڙيل سڪل ٻوتا جيڪي آهستي آهستي پاڻي جي هيٺين تهن ۾ هلندا وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي ڪنهن جانور جي رخ چڙهي ويا ته کائجي ويندا. جيڪڏهن نه ته وڃي سمنڊ جي تري تي ويهندا. هتي رهندڙ جانورن جو هڪ ٻيو به اصول آهي ته جيڪڏهن اهي ڪنهن ٻئي جانور کي نه کائيندا ته ٻيا جانور انهن کي کائي ويندا.

سمنڊ جي حصي ۾ مختلف شڪلين ۽ رنگن جون سامونڊي جيليون (Sea Jellies) ٿينديون آهن ۽ پاڻيءَ جي لوڏن تي جهنڊن وانگر لڏنديون رهن ٿيون، جيڪي پوپٽن کي کنڀن جهڙيون ٽيروپوڊس (Pteropods) ٿينديون آهن. سڀني کان اهم گانگٽ جهڙي مڇيءَ جهڙا جانور آهن، جيڪي ڪيڙن ماڪوڙن وانگر ڦرندا رهندا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه ته هلڪي رنگ جا شفاف ته ڪجهه وري شوخ رنگ جا ٿيندا آهن، هتي مڇيون به ٿينديون آهن. پر سندن شڪل اهڙي ته ٿيندي آهي جو پاڻ ڏسون ته ڊڄي وڃون. ڪن مڇين جا ڏند ايترا ته وڏا ٿيندا آهن جو سندن وات به بند ڪونه ٿي سگهندو آهي، هڪ اهڙي به مڇي رهندي آهي، جنهن جو معدو (Stomach) ايترو ته وڏو ٿيندو آهي، جو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ٻين مڇين کي ڳڙڪائي وڃي. هن مڇيءَ جي مٿي تي هڪ هڏن واري ڏوري ٿيندي آهي، جنهن جي مٿان ڪنڊا هوندا آهن. جن سان هوءَ پنهنجو شڪار ڪندي آهي ۽ وري ڪن جانورن جون اکيون چمڪندڙ هونديون آهن ته ڪي وري انڌا هوندا آهن.

سمنڊ جي هن حصي ۾ جانور ايتري دُڦ اوندهه هوندي به پنهنجو رستو ڪندا آهن، ڇو ته جانورن جي جسمن مان روشني نڪرندي رهندي آهي، جيڪا سندن جسم ۾ موجود فاسفورس ڪري نڪرندي آهي. فاسفورس تمام ننڍن ننڍن ٻوٽن ۾ هوندي آهي ۽ جيڪي مڇيون اهي ٻوٽا کائينديون آهن ۽ پوءِ جتي اهي فاسفورس جا جزا انهن جي جسم ۾ بيهي رهندا آهن، اُتي سندن جسم چمڪڻ لڳندو آهي. ڪن مڇين ۾ اها روشني ٻنهي پاسن کان نڪرندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ترڻ سان ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته ڪو سامونڊي جهاز پيو وڃي. ڪي مڇيون ته وري اها روشني پنهنجي مرضيءَ سان بند ڪنديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن بجليءَ جو بٽڻ اوچتو بند ڪري ڇڏيو هجي.

فاسفورس عام طرح سان سفيد رنگ جو هوندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ ڳاڙهو، سائو، زرد ۽ نيري رنگ جو به ٿيندو آهي. هڪ مڇي اهڙي به آهي جنهن جي مٿي تي ڳاڙهي ۽ پڇ تي نيري روشني نڪرندي آهي. اها مڇي اٽڪل ڏهن پائونڊن جي ٿيندي ۽ سندن بدن مان اڇي ڳاڙهي ۽ نيري روشني نڪرندي رهندي آهي. هي مڇي سمنڊ ۾ ٻه اڍائي ميل گهرائي ۾ رهندي آهي. پر آخر اهي جانور سمنڊ جي وچ وارن تهن ۾ ڇو ٿا رهن، يا ته مٿاڇري تي هليا اچن يا وري سمنڊ جي تري ڏانهن هليا وڃن. ان جو سبب اهو آهي ته هر جاندار پنهنجي پسگردائي وارين حالتن سان مطابقت رکندو آهي ۽ جتي پاڻ کي خوش سمجهندو اُتي ئي رهي پوندو.

سمنڊ جي گهراين ۾ رهندڙ جانور، مٿاڇري جي روشني ۽ گرمي برداشت نه ڪري سگهندا ۽ نه وري سمنڊ جي تري واريءَ ٿڌ ۾ ئي رهي سگهندا، ان ڪري انهن لاءِ سمنڊ جا وچ وارا تهه ئي موزون آهن.

ڪن مڇين ۾ ته وري هوا سان ڀريل ڦوڪڻا هوندا آهن، جيڪي سمنڊ جي گهراين ۾ جيڪڏهن وڃڻ چاهين تڏهن به نه وڃي سگهنديون. اونهي پاڻيءَ ۾ وهنجندڙ ماڻهو اڪثر هوا ڀريل رٻڙ جا ٽيوب پاڻ سان کڻندا آهن ته جيئن انهن تي تري سگهجي. ساڳي حالت مڇين سان به لاڳو آهي، ٻيو ته سمنڊ جي وچ واريون مڇيون هيٺ گهرائيءَ ۾ انهيءَ ڪري نه وينديون آهن جو اُتي پاڻيءَ جو داٻ وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو هو سهي نه سگهنديون آهن ۽ مٿي سطح تي وري ان ڪري نه اينديون آهن، جو پاڻيءَ ۾ داٻ گهٽ هوندو آهي، سو جيڪڏهن مٿي اچن ته سندن جسم ڦوڪڻي وانگر وڌي ڦاٽي پوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org