سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سمنڊ جا اسرار

 

صفحو :1

سمنڊ جا اسرار

ڪريم داد پتافي

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

 

 

 

 

سمنڊ

 

اسان جي زمين ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ خشڪيءَ وارو حصو، ٻيو پاڻيءَ وارو حصو، پاڻيءَ واري حصي ۾ نديون، درياء، ڍنڍون، تلاءَ ۽ سمنڊ اچن ٿا. جيڪڏهن زمين جي ورهاست ڪبي ته هڪ حصو سڪي ۽ ٽي حصا پاڻي ٿيندو.

زمين جي ٺهڻ ۽ اڄوڪيءَ حالت ۾ اچڻ بابت سائنسدانن جا مختلف رايا آهن، ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته زمين انهن ئي جزن جي ٺهيل آهي جن مان سج ۽ تارا ٺهيل آهن. انهن جزن مان جيڪي هلڪا هئا اُهي زمين جي سطح کان مٿي هليا ويا جن کي گئسون (Gases) چيو وڃي ٿو ۽ زهي گئسون پاڻ ۾ ملي هوا ٺاهن ٿيون جيڪا ساهه کڻڻ جي ڪم اچي ٿي، ڳؤرا جزا هيٺ تهن جي صورت ۾ ڄمندا ويا جن پوءِ زمين جي شڪل اختيار ڪئي.

ڪجهه سائنسدانن جي خيال مطابق مادو ننڍن ذرن جو ٺهيل آهي، جيڪي ذرا پاڻ ۾ ملي زمين ٺاهن ٿا، پر اڪثريت ان راءِ جي آهي ته زمين سج جو ڌار ٿيل ٽڪرو آهي جيڪو پهريائين تمام گهڻو گرم هئو ۽ آهستي آهستي ٿڌو ٿيندو ويو، ۽ ڪٿي آهستي ۽ ڪٿي تڪڙي ٿڌي ٿيڻ ڪري هيٺاهين، مٿاهين ۽ جبلن جي صورت اختيار ڪئي. اهڙيءَ طرح هيٺاهين جاين تي پاڻي جمع ٿيڻ شروع ٿي ويو. پر ايتري گهڻي پاڻيءَ گڏ ٿيڻ بابت سائنسدانن جو خيال آهي ته پاڻي زمين جي گَهراين ۾ ان وقت کان ٺهڻ شروع ٿي ويو جڏهن کان زمين ٿڌي ٿيڻ شروع ٿي. جيئن ته پاڻي ٻن گئسن يعني آڪسيجن ۽ هائيڊروجن جو مرڪب آهي، جيڪي پاڻ ۾ ملي پاڻي ٺاهن ٿيون جيڪو پوءِ هيٺاهين جاين تي گڏ ٿي آخر سمنڊن جي صورت اختيار ڪري ٿو.

ڪن ماهرن جو خيال آهي ته سمنڊ، هوا (فضا) ۾ موجود ٻاڦ مان ٺهيا آهن، جيڪا ٿڌي ٿيڻ تي بادلن (جُهڙَ) جي صورت اختيار ڪئي ۽ لڳاتار بارش پوڻ ڪري، بارشن جي پاڻيءَ هيٺاهين جاين تي گڏ ٿي سمنڊ جي شڪل اختيار ڪئي، ”مطلب ته کاري پاڻيءَ جو اهو وڏو ڀاڱو جنهن جي ٻي ڀڪ ڏسڻ ۾ نه اچي تنهن کي سمنڊ يا سمونڊ چئبو آهي“.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سامونڊي پاڻي

 

پاڻيءَ جي ٺهڻ ۽ گڏ ٿيڻ جو احوال ته مٿي ڏئي آيا آهيون، هاڻي اچو ته ڏسون ته سمنڊ جو پاڻي کارو ڪيئن ٿيو، ڇو ته سمنڊ جو پاڻي تمام کارو يا لوڻياٺو ٿيندو آهي، جو جيڪڏهن ان لوڻ کي گڏ ڪري آمريڪا جي سڀني رياستن مٿان وڇائجي يا پٿارجي ته جيڪر ڏيڍ ميل ٿلهو تهه وڇائجي وڃي، يا جيڪڏهن زمين جيترو ٿلهو تهه ڪري وڇائجي ته جيڪر آفريڪا جهڙو هڪ وڏو کنڊ ٺهي وڃي.

سمنڊ جو پاڻي کارو ته هوندو ئي آهي پر ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌيڪ. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ نه رڳو لوڻ پر ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي معدنياتي جزا شامل هوندا آهن، مثال طور ٽامون، لوهه ۽ سون ايتري ته مقدار ۾ موجود هوندو آهي جو جيڪڏهن سڀ ڪڍي وٺجي ته جيڪر دنيا جو هر ماڻهو لکاپتي ٿي وڃي. پر اصل مسئلو لوڻ جو آهي ته آخر ايتري مقدار ۾ لوڻ آيو ڪٿان.

سمنڊ جو وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين گرميءَ ڪري پاڻيءَ جا بخار ٺهندا رهن ٿا، جيڪي پوءِ جهڙ (ڪڪر) ٺاهن ٿا پر پاڻيءَ جي بخارن ۾ لوڻ ٿئي ئي ڪونه ۽ اُهي پنهنجي حصي جو لوڻ اُتي سمنڊ ۾ ئي ڇڏي ايندا آهن اهو لوڻ اُتي موجود پاڻيءَ سان گڏجي ويندو آهي، وري برساتن پوڻ تي، اهو پاڻي زمين جي لوڻن سان گڏجي اچي درياهن ۾ پوندو آهي. درياهن جو پاڻي وري اهي لوڻ کنيو اچي سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪندا آهن ۽ ائين سمنڊ ۾ لوڻ جو مقدار وڌندو رهندو آهي.

ڪن سائنسدانن جو خيال آهي ته سمنڊن جو پاڻي برساتن مان نه پر زمين جي گَهراين مان آيل آهي ڇو ته توهان ڏٺو هوندو ته ڪيترن ئي اونهن کوهن جو پاڻي ايترو ته کارو هوندو آهي جو ماڻهو پيئڻ لاءِ به استعمال نه ڪري سگهندا آهن.

 

 

 

--��--

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org