سامونڊي جبل
توهان جبل اڪثر خشڪي تي ڏٺا هوندا، جن مان ڪي ايڏا ته اوچا
ٿيندا آهن، جو گرميءَ جي موسم ۾ به سندن چوٽيون
برف سان ڍڪيل هونديون آهن. سڄي دنيا ۾ ڪيترائي جبل
آهن جيڪي پنهنجي خوبصورتيءَ کان مشهور آهن، خاص
ڪري اهي جبل جيڪي قطارن ۾ موجود هوندا آهن. مثلاً
هماليه (Himalya)
۽ اينڊيز (Inded)،
پر سڀني کان وڏي ۾ وڏيون جبلن جون قطارون سمنڊ
اندر ملنديون، جيڪي سمنڊ جي پاڻي ۾ ٻڏل هونديون
آهن.
سڀني کان ڊگھي سامونڊي جبلن جي قطار ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود آهي،
جنهن جو هڪ سرو آئيس لينڊ (Ice-land)
سان ملي ٿو ۽ سندن بيهڪ انگريزي اکر ايس (S)
وانگر آهي. جيتوڻيڪ اهي جبل پاڻيءَ ۾ ٻڏل هوندا
آهن پر ڪٿي ڪٿي سندن چوٽيون پاڻيءَ کان ٻاهر مٿي
نڪتل هونديون آهن. ائٽلانٽڪ جي جبلن کان صرف ايشيا
جا جبل ئي اوچا آهن پر اهڙن ئي قسمن جا جبل برازيل
۽ آفريڪا جي وچ ۾ ملن ٿا ۽ ٻين به ڪيترن ئي سمنڊن
۾ اهڙن قسمن جا جبل موجود آهن، جيتوڻيڪ اُهي اهڙا
عاليشان ۽ خوبصورت
ڪونهن، پر انهن جون چوٽيون سمنڊ جي پاڻيءَ کان
ٻاهر نظر اچن ٿيون، جيئن ”هوائي جي ٻيٽ“ ۾
’موناڪي‘ نالي جبل جي چوٽي آهي، جيڪا سمنڊ جي سطح
کان چوڏهن هزار فوٽ اوچي آهي ۽ اهو پڻ معلوم ٿيو
آهي ته اهو پهاڙ سورنهن هزار فوٽ پاڻيءَ اندر
موجود آهي ۽ سندس اصل اوچائي ٽيهه هزار فوٽ ٿئي
ٿي، جيڪا مائونٽ ايوريسٽ جي بلنديءَ کان به وڌيڪ
آهي.
سمنڊ جا تهه
جهڙيءَ طرح زمين مختلف تهن جي ٺهيل آهي، اهڙيءَ طرح سان سمنڊ جي
پاڻيءَ جا به مختلف تهه آهن. مٿاڇري کانسواءِ ٻيا
جيڪي به پاڻيءَ جا تهه آهن، انهن کي سمنڊ جا اونها
تهه چيو وڃي ٿو.
سمنڊ جي جر تائين ته ڪوبه پهچي نه سگهيو آهي پر خيالي طرح جيئن
اسان سج، تارن جهڙوڪ مريخ جي وادين ۽ ماٿرين تائين
پهچي ويندا آهيون، اهڙيءَ طرح سان سمنڊ جي تري
تائين به پهچي ويندا آهيون.
جڏهن اسان ڪنهن سامونڊي ڪناري تي گهمندا آهيون ته ائين لڳندو
آهي ڄڻ سمنڊ جي تري تي پيا گهمون، ڇو ته ٿورو وقت
اڳ پاڻيءَ جون ڇوليون پوئتي موٽي ويون آهن. ڪناري
کان ٿورو اڳتي سمنڊ ڪجهه گهرو هوندو آهي، جتان
ٽوٻا اسپنج ڪورل (Corals)،
موتي ۽ جهازن مان ٻڏي ويل خزانا ڪڍي ايندا آهن. پر
وڏن کنڊن جي ڪنارن وارن پٿريلن حصن (Shelfs)
۾ پاڻي ننڍو هوندو آهي، پر اصل سمنڊ ته اڃان به
اڳتي شروع ٿيندو آهي جيڪو اڪثر ٻن کان ٽن ميلن
تائين يا اڃان به وڌيڪ اونهو هوندو آهي. شروع ۾
ائين سمجهيو ويندو هئو ته سمنڊ جو ترو به زمين جي
ميداني علائقن وانگر هموار آهي پر سمنڊ جي تري تي
جبلن جون قطارون ۽ واديون موجود آهن.
ڪن عالمن جو خيال آهي ته پاڻيءَ ۾ ٻڏل مٿاهان سطح اصل ۾ وڏن
کنڊن جي غرق ٿيڻ ڪري پيدا ٿيا آهن. قديم يونانين
جي چوڻ مطابق ائٽلانٽس نالي هڪ ملڪ هوندو هو جيڪو
سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه اچڻ ڪري غرق ٿي ويو.
جنهنڪري سندس نالو ئي ائٽلانٽڪ سمنڊ پئجي ويو.
سمنڊ ۾ ٻڏل مٿاهان مٿاڇرا پاڻيءَ جي اندر ئي اندر
هندي سمنڊ مان گذرندا، هندستان کي وڃي ڏکڻ قطب سان
ملائن ٿا. سائنسدانن جي چوڻ مطابق اهو اصل ۾ هڪ
وڏو کنڊ آهي جيڪو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي ’دکن‘ ۽
’مڊگاسڪر‘ (Madagasker)
سندس مٿاهان حصا آهن جيڪي پاڻيءَ هيٺ نه اچي سگهيا
آهن.
ان کان به وڌيڪ مٿاهان مٿاڇرا اُهي آهن جيڪي پئسفڪ سمنڊ اندر
وڇايل آهن ۽ ائنٽ آرڪٽيڪا کي وچ آفريڪا سان ملائن
ٿا.
مٿين تمام وڏن ٻڏل مٿاڇرن کانسواءِ ڪجهه ننڍا مٿاڇرا به آهن جن
کي بينڪ (Bank)
چيو ويندو آهي. نئين لڌلن زمين (New
found land)
جي ڪناري ويجهو گرينڊ بينڪس (Grand banks))
جو مٿاڇرو آهي جيڪو ايراضيءَ ۾ ”نئين لڌل“ زمين
برابر آهي. هن جاءِ تي ڪاڊ (Cod)
مڇي عام جام ملندي آهي ۽ يورپ کان ماڻهو هتي ڪاڊ
مڇيءَ جي شڪار لاءِ ايندا آهن. اهڙيءَ طرح اتر
سمنڊ ۾ ڊوگر ڪنارا (Doggar banks)
به مختلف مڇين کان مشهور آهن. هتي جڏهن ملاح مڇين
ڦاسائڻ لاءِ ڄار اڇلائيندا آهن ته مڇين سان گڏ
ڪجهه پراڻن قسمن جا پٿر مان ٺهيل هٿيار به اچي
ويندا آهن. ان مان ظاهر آهي ته ڪو وقت هيو ته هي
پاڻيءَ هيٺ آيل علائقا آباد هئا.
انهن مٿاهن جابلو مٿاڇرن کانسواءِ سمنڊ ۾ ڪيتريون ئي ماٿريون ۽
هيٺاهين وارا مٿاڇرا آهن، جيڪي پڻ دلچسپ آهن.
ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هڪ اهڙي ماٿري معلوم ڪئي وئي آهي
جيڪا اٺن ميلن تائين پکڙيل آهي ۽ ڪي ماٿريون ته
اڃان اونهيون آهن، جن کي ڪڏهن سامونڊي تلاءَ يا
کڏون سڏيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سان هندي وڏي
سمنڊ ۾ به جاوا (Java)
ٻيٽ جي ويجهو اهڙي قسم جا سامونڊي تلاءَ آهن.
پئسفڪ سمنڊ ۾ ته اهڙا تلاء اڃان به اونها آهن ۽
انهن مان هڪ جپان جي ويجهو آهي ۽ فلپائن کان صرف
چاليهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن جاءِ تي ان تلاء
جي اونهائي تقريباً پنجٽيهه هزار فوٽ آهي.
ڪنارن سان گڏوگڏ به ڪيترن ئي جاين تي اهڙي قسم جون گهرايون آهن
جن کي کاهي چيو ويندو آهي ۽ کاهيون اڪثر ڪري ڪنارن
کان ٿينديون، پٿريلي (Shelf)
حصن تان ڦرنديون وڃي وچ سمنڊ ۾ پون ٿيون.
انهن تلائن ۽ سامونڊي کڏن بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪنهن
وقت اهي دريائن جا پيٽ هئا جڏهن اڃان اهي وڏا کنڊ
پاڻيءَ هيٺ ڪونه آيا هئا ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته اهي
کڏا ان وقت پئجي ويا جڏهن زمين ٿڌو ٿيڻ شروع ڪيو.
خاطري سان ڪوبه ڪونه ٿو چئي سگهي ته آخر اهي تلاء
۽ هيٺاهيون وجود ۾ ڪيئن آيون.
سمنڊن جي ورهاست
خشڪيءَ واري حصي جي ورهاست ته سولي آهي پر دنيا جي پاڻي واري
حصي جي ورهاست ڪجهه ڏکي آهي. پهريائين ته سمنڊ جو
پاڻي ۽ پوءِ سمنڊ کان ٻاهريون پاڻي، جيڪو دريائن،
چشمن ۽ ڍنڍن ۾ موجود آهي، هوا ۾ پڻ بخار جي صورت ۾
موجود هوندو آهي. پر جيڪڏهن سڄي دنيا جو پاڻي گڏ
ڪجي ته سؤ مان پنجانوي حصا سامونڊي پاڻي ۽ هڪ حصو
ٻاهريون پاڻي ٿيندو.
دنيا جا سمنڊ جيئن ته هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، سو انهن جي ورهاست
آهي ته تمام ڏکي، پر تنهن هوندي به انهن کي پنجن
وڏن سمنڊن ۾ ورهايو ويو آهي.
1- ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ.
2- پئسفڪ وڏو سمنڊ.
3- هندي وڏو سمنڊ.
4- اتر وڏو سمنڊ.
5- ڏکڻ وڏو سمنڊ.
ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نالو قديم يونانين پنهنجي هڪ ديو ”عظيم اطلس“
جي نالي تان رکيو آهي ۽ ديو مالاجي روايتن مطابق
هي ديو، آفريڪا جي ڏکڻين ڪناري تي بيٺل آهي ۽ سڄو
آسمان سندس ڪلهن تي بيٺل آهي. ڪن جي چوڻ مطابق
ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نالو هڪ ملڪ ائٽلانٽس تان رکيو
ويو آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو آهي. ائٽلانٽڪ
سمنڊ يورپ ۽ آفريڪا، اتر ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ آهي ۽
ٻنهي قطبي سمنڊن سان ڳنڍيل آهي. هن جا ٻئي ڪنارا
گهڻي ڀاڱي ميداني آهن ۽ ڪيترائي ننڍا ننڍا سمنڊ ۽
اپسمنڊ اندر خشڪيءَ ۾ هليا ويا آهن.
2- هندي سمنڊ جو نالو ان ڪري پيو جو هڪ ته سنڌو درياءَ (اصل ۾
سنڌ - هند جي بدليل صورت آهي) اچي ڇوڙ ڪري ٿو، ٻيو
ته هندستان جي سرزمين جي ويجهو آهي. هندي سمنڊ جي
اتر ۾ ايشيا ۽ ڏکڻ ۾، ڏکڻ وڏو سمنڊ آهي. سندس
الهندو ڪنارو، اڀرندي ڪناري کان وڌيڪ اونهو آهي.
بنگال جو اپسمنڊ، عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ هن جا
حصا آهن ۽ ايراني نار، بنگالي نار ۽ نار ۽ مرتبان
نار پڻ هن ۾ آهن.
3- پئسفڪ سمنڊ جو نالو پهريائين ’ميگي لان‘ (Megelan)
رکيو هو. ميگي لان هڪ جماعت سان گڏجي سڄي دنيا جي
سمنڊن جو سير ڪندي جڏهن هن سمنڊ جي حصي ۾ پهتو ته
کيس سمنڊ اهڙو خاموش ۽ پرسڪون نظر آيو، جو سندس
نالو ئي سست سمنڊ (Pacific
ocean)
رکي ڇڏيائين جيڪو پوءِ عام استعمال ۾ اچي ويو ۽ اڄ
تائين ان ئي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
پئسفڪ سمنڊ جي اولهه ۾ ايشيا ۽ آسٽريليا، اوڀر ۾ اتر آمريڪا ۽
ڏکڻ آمريڪا آهي.
4- اتر وڏو سمنڊ روس ۽ آمريڪا جي اترين ڀاڱي جي وچ ۾ آهي. هتي
تمام گهڻي ٿڌ هوندي آهي ۽ پاڻي گهڻو ڪري سدائين
ڄميل هوندو آهي.
5- ڏکڻ وڏو سمنڊ: هي سمنڊ پئسفڪ وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ
سان ڳنڍيل آهي. هن سمنڊ جو پاڻي به گهڻي ٿڌ ڪري
ڄميل هوندو آهي.
جاگرافي دان ڏکڻ وڏي سمنڊ کي ائٽلانٽڪ جو حصو تصور ڪندا آهن ۽
اتر وڏي سمنڊ کي، ٽنهي وڏن سمنڊن جو گڏيل حصو
سمجهندا آهن.
ٽنهي مستقل سمنڊن مان پئسفڪ سمنڊ، ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو آهي
۽ سندس ايراضي تقريباً ٻنهي سمنڊن جيتري ٿيندي ۽
سندس ڊيگهه اٽڪل ڏهه هزار ميل ٿيندي. ٻئي نمبر تي
ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، ۽ سڀني کان ننڍو وري هندي وڏو
سمنڊ آهي.
انهن وڏن سمنڊن کانسواءِ ٻيا ننڍا اپسمنڊ ۽ نارون پڻ آهن. جن ۾
ايشيا کنڊ جي اوڀر ۾، ڏکڻ چيني سمنڊ آهي ۽ ڏکڻ ۾
عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ، اولهه ۾ ڪيسپين سمنڊ اٿس
۽ يورپ جي ڏکڻ ۾ ڀونوچ سمنڊ آهي.
ڪجهه سامونڊي حصا جيڪي ٻيٽن ڪري ڪٽجي الڳ ٿي ويا آهن، انهن کي
عام طرح سان بحر، سڏيو ويندو آهي. سڀني کان مشهور
”بحر روم“ آهي، جيڪو آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا کي الڳ
ڪري ٿو. هن کي رومي سمنڊ به سڏيو ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح سان بحرِ بيرنگ جيڪو روس ۽ آمريڪا جي
وچ ۾ آهي.
ڪن ڪن جاين تي سمنڊ جون شاخون خشڪيءَ وارن علائقن اندر موجود
آهن، جن کي نار چيو ويندو آهي، جيئن-
ايراني نار (Persian gulf).
بنگال اپسمنڊ.
ميڪسيڪو نار.
سمنڊ جو پاڻي عام طرح سان ته نيرو ٿيندو آهي، پر جن هنڌن تي
پاڻي گهٽ هوندو آهي اتي سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
سامونڊي پاڻيءَ جي رنگن کي به ڪن هنڌن تي اهميت
حاصل آهي ڇو ته مٿن نالا ئي سندن پاڻيءَ جي رنگ
مطابق رکيا ويندا آهن، جيئن ”زرد سمنڊ“ جنهن جو
پاڻي زرديءَ تي مائل هوندو آهي ۽ ڳاڙهو جيڪو ڳاڙهو
نظر ايندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سان ڪارو سمنڊ به آهي.
سمنڊ ۾ زندگيءَ جي شروعات
ڪو وقت هئو جڏهن زمين تي ڪابه جاندار يا ساهواري شيءِ موجود ڪا
نه هئي، ان جو سبب اهو هو، ته جاندار شيون
پهريائين خشڪيءَ تي نه پر سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ پيدا
ٿيون ۽ پوءِ خشڪيءَ ڏانهن آيون. اهو معلوم ٿي نه
سگهيو آهي ته پهريائين زندگي ڪيئن شروع ٿي، پر اهو
معلوم ڪيو ويو آهي ته جن جزن مان جسم ٺهن ٿا اهي
گهڻي زماني کان سمنڊ ۾ جمع ٿيندا رهيا آهن، پوءِ
جتي هوا ۽ اُس جو گذر چڱيءَ طرح هئو ۽ آبهوا موافق
هئي اتي جاندار جسمن ٺهڻ شروع ڪيو. اڄ به ڪيترائي
اهڙا جزا موجود آهن جيڪي پاڻ ۾ ملي عجيب قسم جي
مخلوق وجود ۾ آڻين ٿا جن کي وائرس (Virus)
چئبو آهي. وائرس کي ڪي سائنسدان ساهوارن سان ته ڪي
وري بي جان شين سان تشبيه ڏيندا آهن. سندن قدبت
ايترو ته ننڍو هوندو آهي جو عام دوربينيءَ (Microscope)
سان ته ڏسي به ڪونه سگهبو پر ان هوندي به ان جا
ڪيترائي قسم سڃاتا ويا آهن. جيڪي ٻوٽن ۽ جانورن ۾
ڪيتريون ئي بيماريون مثلاً نمونيا پيدا ڪندا آهن
پر ڪيترا ته وري فائدي وارا به آهن.
ٻيون ڪيتريون ئي شيون وائرس کان وڏيون هوندي به هڪ انچ جي
هزارئين حصي برابر ٿينديون آهن ۽ يقيناً ساهواريون
شيون هونديون آهن. انهن مان ڪن کي ٻوٽن ته ڪن کي
وري جانورن سان رکيو ويو آهي. اهي ننڍي ۾ ننڍيون
ساهواريون شيون اڳتي هلي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٻن
جاندار شين جي شڪل اختيار ڪنديون آهن ۽ اهو سلسلو
هلندو اچي ۽ اڻکٽندڙ آهي، ڇو ته وڏي ۾ وڏا جانور
به پهريائين انهن ئي شين جي جزن وانگر يعني خلين (Cell)
مان ٺهندا آهن جن کي جيوُ يا گهرڙو چئبو آهي.
اهڙيءَ طرح سان پهريائين ننڍيون جاندار شيون، پوءِ
وڏيون ۽ ان کان پوءِ وڏي ۾ وڏن جانورن جو پيدا ٿيڻ
آهي. اهو سڀڪجهه ارتقائي (Evolution)
اصولن مطابق آهي جيڪي (ارتقا) هلندا اچن ۽ هلندا
رهندا پوءِ کڻي اهو عمل ڪيترو به سست ڇونه هجي.
ساهواريون شيون خشڪيءَ تي پهچڻ کان اڳ ڪروڙها سال پاڻيءَ ۾
رهنديون هيون، ڇو ته سندن پيدا ٿين جي جاءِ به
سمنڊ آهي ۽ شروعات ۾ سمنڊ کان ٻاهر رڳو ميدان،
واريءَ جا دڙا ۽ ڪٿي ڪٿي وڻ هوندا هئا. سمنڊ ئي هڪ
اهڙي جاءِ هئي جتي اڪثر ساهواريون شيون رهنديون
هيون، پر وقت گذرڻ سان گڏ ڪجهه جانورن سمنڊ جي
کاري پاڻيءَ مان نڪري اچي دريائن جي مٺي پاڻيءَ ۾
رهڻ شروع ڪيو.
ايتري گهڻي ڦيرڦار ۽ ارتقائي ڏاڪن مان گذرڻ کان پوءِ سمنڊ جو اڄ
به انسان ۽ ٻين جاندارن جي زندگيءَ تي گَهرو اثر
ٿي رهيو آهي.
انسان به پنهنجي زندگيءَ جي شروعات سمنڊ مان ئي ڪئي آهي، ان جو
ثبوت اهو آهي ته انسان جي رت ۾ لوڻ ان ئي نسبت سان
موجود آهي. جنهن سان سمنڊ جي پاڻي ۾ آهي. اسان جي
رت وارو لوڻ، پگهر ذريعي ٻاهر نڪرندو رهي ٿو پر
جيڪڏهن مقرر حد کان وڌيڪ لوڻ جسم مان خارج ٿي وڃي
ته جيڪر بيمار ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پوي. اسان جي
جسم جي لوڻ ۽ سمنڊ جي لوڻ جي ساڳئي نسبت مان اهو
ثابت ٿئي ٿو ته جن جانورن جي جسم ۾ پهريائين رت
پيدا ٿيو انهن پنهنجي زندگيءَ جي شروعات سمنڊ مان
ئي ڪئي آهي. انهيءَ مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو
ته انسان به ٻين جانورن وانگر پنهنجي زندگيءَ جي
شروعات سمنڊ مان ئي ڪئي آهي.
سمنڊ نه صرف زندگيءَ کي جنم ڏنو آهي پر ان جي حفاظت به ڪئي آهي.
سمنڊ جي ايتري گهڻي پاڻيءَ جي ڪري جيڪا گهم (Humidity)
پيدا ٿئي ٿي سا ڪيترن ئي ٻوٽن لاءِ فائديمند آهي
ڇوته ڪي ٻوٽا گهم جي گهٽتائيءَ ۾ سڪي ختم ٿيو وڃن.
ان مان صاف ظاهر آهي ته ساهوارا نه صرف سمنڊ جي
پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيا آهن پر پاڻيءَ کانسواءِ انهن جو
باقي رهڻ ناممڪن آهي. |