سامونڊي کاڌو
دنيا ۾ زمين جي مقابلي ۾ ساهوارن جي آبادي تمام گهڻي آهي. ڪن
ملڪن جي زمين ته ايترو ٿورو اَن پيدا ڪري ٿي جو
اهو سڄو سال هلڻ مشڪل آهي، ان جو سبب اهو آهي ته
کائڻ وارا تمام گهڻا آهن ۽ زمين ٿوري آهي.
زمين جي پوک کي ڏسبو ته تمام سٺي قسم جون ڀاڄيون معمولي قسم جي
جهنگلي ٻوٽن مان پيدا ڪيون ويون آهن. مثال طور
پٽاٽا ڪنهن وقت معمولي قسم جون پاڙون هيون، ڪڻڪ ۽
چانور محض گاهه جا ٻج ليکيا ويندا هئا، پر
سائنسدانن ۽ ڪڙمين جي سالها سال ڪوشش کانپوءِ
اناج، توت، صوف ۽ ناسپاتين کي ڄڻ نئين طرح پيدا
ڪيو آهي. آمريڪا ۾ اهڙا ڪيترائي مرڪز آهن جتي
ڪڪڙين ۽ ٻڪرين پالڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي، پر
اسان اڄ تائين اِهو ڪونه ٻڌو آهي ته ڪنهن اها ڪوشش
ڪئي هجي ته سامونڊي مڇين کي به جديد طريقن سان
ترقي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان جي باوجود به
اسان سمنڊ مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪريون ٿا. فرانس،
اسڪاٽ لينڊ ۽ ناروي ۾ ڪيترن ئي سالن کان سامونڊي
گاهه (Sea
weeds)
گڏ ڪيو پيو وڃي. انهن کي پاڙؤن ڪڍڻ لاءِ وڏيون
وڏيون ڏانداريون ۽ ڊگها بانس جا لڪڙا استعمال ڪيا
وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح سان ڪيتريون ئي مشينون ٺاهيون
ويون آهن، جن سان ڪيلپ (Kelp) کي سمنڊ مان ڪڍيو پيو وڃي، جن کي وري سڪائي ڀاڻ (Fertilizer)
ٺاهيو پيو وڃي، جيڪو پوک لاءِ تمام ڪارائتو آهي.
سامونڊي گاهه ۾ وري پٽاٽن جي ٻج کي ويڙهي رکبو آهي
ته جيئن کيس بيماري نه لڳي ۽ بيماري نه لڳڻ ڪري ان
جو فصل تمام سٺو ٿيندو آهي.
سامونڊي گاهه کي ساڙي ان جي گاهه مان آيوڊين ٺاهي ويندي آهي،
جيڪا پوءِ دوائن ۾ ڪم ايندي آهي ۽ ڪيلپ کي ساڙي ان
مان وري پوٽيشم (Potassuim)
ڌاتو حاصل ڪيو ويندو آهي.
اسان وٽ ته سامونڊي گاهه کي کائڻ ڏانهن ڌيان به ڪونه ڏنو ويندو
آهي پر آمريڪا ۽ ڪجهه اوڀر جي رياستن ۾ ان مان هڪ
شيءِ ٺاهي کپائي ويندي آهي، جنهن کي ڊلس (Dulse)
چئبو آهي ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ ته ان مان کير به ٺاهيو
ويندو آهي. نيو انگلينڊ ۾
سامونڊي گاهه وري سائي، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ٿيندو
آهي جنهن مان پڊنگ (Pudding)
ٺاهي ويندي آهي.
ڪيترن ئي ملڪن ۾ سمنڊ مان خوراڪ ڪافي مقدار ۾ ڪڍي ويندي آهي.
جپان ۾ تقريباً اڌ خوراڪ سمنڊ مان حاصل ڪئي ويندي
آهي، جنهن ۾ مڇيون، گانگٽ ۽ اهڙي طرح ٽيهن قسمن جا
سامونڊي کاڌن وارا گاهه هٿ ڪري کاڌي لاءِ ڪم آڻين
ٿا. انهن مان ڪيترن ئي قسمن جون مٺايون ۽ ٻوڙ تيار
ڪيا ويندا آهن. اسان وٽ به سامونڊي گاهن جو ٻورو
آئيس ڪريم ۾ ڪم آندو ويندو آهي. جپان کانسواءِ چين
۽ فلپائين جي سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو به
سامونڊي گاهه کي کاڌي لاءِ ڪم آڻيندا آهن. آمريڪا
جي ڏاکڻئين سِري تي هندستاني ماڻهن جو هڪ قبيلو
رهندو آهي جن جو کاڌو ئي سامونڊي ڪيلپ تي آهي ۽
کين ڪيلپ خور سڏيو ويندو آهي.
سامونڊي ٻوٽا جن جو بيان مٿي ڏئي آيا آهيون، سڀ قدرتي طرح پيدا
ٿيندا آهن پر ڪٿي ڪٿي ماڻهو به انهن کي ڪوشش ڪري
پيدا ڪندا آهن. آئرلينڊ ۾ گهٽ پاڻيءَ وارن ڪنارن
وٽ پٿر وڌا ويندا آهن ته جيئن ترندڙ گاهه اُتي اچي
ٽڪي پون ۽ وڌڻ شروع ڪن. جپان جي ڪنارن وٽ وري وڻن
جون لامون وڍي وجهبيون آهن ته جيئن سامونڊي گاهه
اُتي اچي ڦاسي پون ۽ وڌڻ شروع ڪن. عام طرح سان
ٻوٽن کي وڌائڻ کان ڏکيو ڪم آهي سامونڊي جانورن کي
ترقي وٺرائڻ. سمنڊ جي اسپنجز (Sponges)
کي ته سبزين وانگر وڌايو ويندو آهي پر گهٽ پاڻيءَ
وارن سمنڊن جي تري تي پڪو فرش ٻڌي ان مٿان اسپنجز
کي لڳايو ويندو آهي ۽ اُتي اِهي وڌڻ شروع ڪري
ڏيندا آهن، پر قدرتي طرح ٿيندڙ اسپنجز وڌيڪ
ڪارائتا آهن. اهڙيءَ طرح اوئسٽر (Oyster)
کي به هٿراڌو طرح ترقي وٺرائي ويندي آهي. جپان ۾
ته اوئسٽر مان هٿرادو طرح موتي تيار ڪيا ويندا
آهن، جن کي موتين وارا اوئسٽر (Pearl oyster)
چئبو آهي. اسان وٽ به اهو مشهور آهي ته جڏهن مينهن
وسندو آهي ته سپون وات کولي ڇڏينديون آهن ۽ جڏهن
مينهن جي ڦڙي ان ۾ پوندي آهي ته وات بند ڪري
ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ ان ۾ موتي تيار ٿي ويندي آهي،
پر اصل حقيقت هينئن آهي ته جڏهن ڪو واريءَ جو ذرو
سپن ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ سپن جي نازڪ کل جا تهه
اُن جي ٻاهريان ويڙهجي ويندا آهن ۽ پوءِ اهو ڄمي
ويندو آهي، جنهن کي اسان موتي چوندا آهيون.
سمنڊ ۾ ڪٿي ڪٿي گانگٽن جا ولر هوندا آهن ته ڪٿي گهٽ، پر انهن کي
هٿراڌو طرح به ترقي وٺرائي ويندي آهي، ٿيندو ائين
آهي ته سمنڊ جي ڪجهه حصي کي بند ڏنو ويندو آهي، ان
۾ اندر گانگٽن جا تمام گهڻا ٻچا ڇڏيا ويندا آهن، ۽
اهڙيءَ طرح سان ڪافي مقدار ۾ گانگٽ حاصل ڪيا ويندا
آهن. گانگٽن جي هڪ خاصيت هي به آهي ته اُهي پاڻ ۾
وڙهندا رهندا آهن ۽ ويڙهه ۾ ڪجهه مري ويندا آهن،
باقي بچيل وري انهن مئل گانگٽن کي پنهنجو کاڌو ڪري
استعمال ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح سان سمنڊ مان اسان
گانگٽ ۽ ٻيو ڪيترن ئي قسمن جو کاڌو ۽ معدنيات حاصل
ڪندا آهيون.
سمنڊ جو آبهوا تي اثر
آمريڪا ۽ يورپ جا ماڻهو ته سمنڊ ۾ سير و تفريح ۽ مڇيءَ جو شڪار
ڪرڻ لاءِ سمنڊ تي ويندا آهن پر ٻيا ڪيترا ماڻهو ته
رڳو گرمي کان بچڻ خاطر سمنڊ ڏانهن ويندا آهن، ڇو
ته سمنڊ جي ويجهڙائيءَ وارن علائقن ۾ گرمي گهٽ
ٿيندي آهي.
سمنڊ ڌرتيءَ جا اٽڪل ٽي حصا والاري ٿو. سندس اهميت ان مان ئي
ظاهر آهي پر جيڪڏهن زمين تي پاڻي نه هجي ها ۽ رڳو
خشڪي هجي ها ته پوءِ گرمي ۽ سردي ايترو ته وڌيڪ
هجن ها جو ماڻهو برداشت به نه ڪري سگهي ها پر
پاڻيءَ هجڻ ڪري موسم ايترو شديد ڪونه ٿي ٿئي.
آمريڪا ۽ يورپ ۾ هڪ اوزار ٿرمو اسٽيٽ (Thermo
stat)
گهرن ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن سان گرمي ۽ سردي
گهٽائي ۽ وڌائي سگهبي آهي، پر حقيقت ۾ وڏي ۾ وڏو
ٿرمو اسٽيٽ ته اسان جو سمنڊ آهي، جنهن جي ڪري موسم
موافق رهندي آهي.
خشڪيءَ تي سردي ۽ گرميءَ جو تفاوت تمام گهڻو هوندو آهي، مثلاً
خشڪيءَ جي ڪن علائقن ۾ سردين ۾ گرمي جو درجو (.)
ٻڙي درجي کان چورانوي (94) درجا ڪاٽوءَ ۾ هليو
ويندو آهي. گرمين جي موسم ۾ وري گرميءَ جو درجو
تمام گهڻو مٿي هليو ويندو آهي، جيئن صحرا جي رڻ پٽ
۾ گرميءَ ۾ گرميءَ جو درجو هڪ سؤ ڇٽيهن درجن تائين
واڌو ۾ هليو ويندو آهي. انهن ٻنهي درجن جو فرق ٻه
سؤ ٽيهه درجا ٿيندو، جيڪو سمنڊ جي مقابلي ۾ تمام
گهڻو مٿي آهي.
دنيا ۾ سڀني کان گرم سمنڊ جو حصو ايراني نار (Perssian
Gulf)
جو آهي جتي گرميءَ جو درجو ڇهانوي کان مٿي ڪونه
ويندو آهي ۽ سمنڊ ۾ ٿڌي جاءِ سندس اونها تهه آهن
جتي گرميءَ جو درجو ستاويهه (27) درجن کان هيٺ
ڪونه ويندو آهي. انهن ٻنهي ۾ فرق ستر کان به گهٽ
آهي جيڪو خشڪيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. انهيءَ
فرق جو بنيادي سبب اِهو آهي ته پاڻي، هوا جي
مقابلي ۾ دير سان گرم يا ٿڌو ٿيندو آهي.
سمنڊ جو آبهوا تي اثر ڪيترن ٻين به سببن ڪري ٿيندو آهي. ان جو
هڪ سبب ته سامونڊي وهڪرا آهن. گرم وهڪرا جيڪي خط
استوا کان قطبن ڏانهن وڃن ٿا، پاڻ سان گرم پاڻي
کنيو وڃن ۽ قطبن جي ٿڌي پاڻيءَ جا وهڪرا وري ٿڌو
پاڻي کنيو خط استوا طرف اچن ٿا ۽ اهوئي سبب آهي جو
ڏکڻ انگلينڊ ۾ سردين ۾ به گل ۽ ٻوٽا ڦٽندا آهن.
سرد وهڪرن جو اثر وري انهيءَ کان مختلف آهي. اهي
جتان به گذرندا اتي جي موسم کي ٿڌو ڪندا ويندا
آهن، پر آبهوا تي گهڻو اثر انهن ڪڪرن جو پوي ٿو
جيڪي سمنڊ مان اٿن ٿا ۽ خشڪ علائقن ۾ برسات وسائن
ٿا، جنهنڪري اُتان جي موسم ۾ گهم وڌي ٿي ۽ موسم
ٿڌي رهي ٿي.
سائنسدانن جي چوڻ موجب اڳئين زماني جي موسم اڄ جي مقابلي ۾ ڪڏهن
وڌيڪ گرم ته ڪڏهن وري وڌيڪ سرد هوندي هئي. ان جو
ثبوت اِهو آهي ته گرين لينڊ ۾ انجيرن جا وڻ برف ۾
پوريل نظر ايندا آهن ۽ ائنٽارڪٽڪ ۾ زمين اندر وڏا
وڻ سڙي ڪوئلا ٿي ويا آهن. اهڙيءَ طرح سان جتي اڄ
آبهوا موافق آهي اُتي ڪڏهن تمام گهڻي سردي هوندي
هئي. ڪنهن زماني ۾ ڪئناڊا ۾ برف ئي برف هوندي هئي
۽ ڪن جاين تي ته برف جا تهه ٻه ٻه ميل ٿلها هوندا
هئا، ته ڪٿي وري وڏا جبل برف سان ڍڪيل هوندا هئا،
۽ اهڙي قسم جا برف جا ميدان يورپ ۽ ايشيا ۾ هوندا
هئا. اها برف ويهه هزار سالن کان ڳري رهي آهي پر
اڃا به ائنٽارڪٽڪ ۽ گرين لينڊ ۾ ته برف جا ڍير لڳا
پيا آهن ۽ گرين لينڊ ۾ ته ڪٿي ڪٿي اَٺ اَٺ هزار
ٿلها تهه آهن ۽ اڄ به هڪ اندازي مطابق زمين جو
ڏهون حصو برف هيٺ آهي، جنهن جو آبهوا تي تمام
گَهرو اثر ٿي رهيو آهي.
موسم جي تبديلين جا ڪيترائي ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا، ٻرندڙ جبلن
مان نڪرندڙ لاوا، جو به موسم تي اثر ٿيندو آهي، ته
وري زمين جي گردش جو به گَهرو اثر ٿي سگهي ٿو.
انهن تبديلين جا کڻي ڪهڙا به سبب هجن پر اهي
خشڪيءَ جي حالتن تي تمام گَهرو اثر ڪن ٿا، اڄ به
جيڪڏهن ائنٽارڪٽڪ ۽ گرين لينڊ جي برف ڳري پاڻي ٿي
وڃي ته سمنڊ جو سطح سؤ فوٽ اوچو ٿي وڃي ۽ ڪيترائي
بندرگاهه پاڻيءَ هيٺ اچي وڃن. هوڏانهن جيڪڏهن اڄ
به ويهه هزار سال اڳي جهڙي سردي پوي ته جيڪر سمنڊ
جو پاڻي ڄمي وڃي ۽ سندس تهه به هيٺ ٿي وڃي، نتيجي
۾ اتي آمريڪا ۽ ايشيا وري پاڻ ۾ ملي وڃن ۽ انگلينڊ
وري يورپ سان ڳنڍجي وڃي. اهڙيءَ طرح سان دنيا جي
نقشي ۾ به وڏيون تبديليون اچي وڃن. |