گل، غزل ۾ نھايت اختصار سان پنھنجي داخلي ڪيفيت جو
اظھار ڪيو آھي ۽ پنھنجي اندر جو احوال اھڙي نموني
پيش ڪيوآھي، جو اھا تصوير ھوبھو قاريءَ جي اکين
آڏو اچي وڃي ٿي. گل نھ فقط داخلي انداز کي داخليت
تائين محدود رکيو آھي، پر ان کي خارجي اثرات سان
لائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آھي. غزل ۾ داخلي ڪردار اھم
خصوصيت رکي ٿو ۽ خارجي تجربن جي ثانوي حيثيت آھي.
اختصار ئي غزل جي وڏي خوبي آھي، جيڪو وڏي آرٽ جو
ضامن آھي. گل لفظن جو انتخاب وڏي احتياط سان ڪيو
آھي، جنھنڪري سندس ڪلام ۾ صفائي ۽ سادگي آھي ۽
تنھنڪري ابھام پيدا ٿيڻ جي گنجائش ڪانھ رھي آھي.
گل، ھڪ عالم ۽ صوفي بزرگ آھي، ھڪ عاشق ۽ حسن جو
سچو پرستار آھي، تنھنڪري، منجھس ڪو تصنع نظر نھ
ايندو. ھو حقيقت پسند آھي ۽ ھر شيءِ جي ماھيت کي
حقيقت پسندانھ نظر سان ڏسي ٿو. اھو ياد رکڻ گھرجي
تھ گل سنڌي ادبي دنيا ۾ ھڪ نئين ۽ انوکي عمارت جو
معمار آھي ۽ اھو سندس پھريون تجربو آھي، تنھنڪري
عمارت ۾ ڪي نقص ۽ خاميون رھجي وڃن تھ انھن لاءِ گل
تي الزام رکي نھ سگھبو ۽ نھ وري سندس شخصيت تي آڱر
کڻڻ مناسب ٿيندو. گل جي غزل ۾ حسن آھي؛ رنگيني ۽
رعنائيءَ سان گڏ مٺڙو گداز پڻ موجود آھي. سندس شعر
توانو ۽ تندرست آھي.
گل، غزل ۾ عشق جي فلسفي جي درست نموني وضاحت ڪئي
آھي. مناسب ائين ٿيندو، جيڪڏھن چيو وڃي تھ گل، عشق
کي فلسفو بڻائي پيش ڪيو آھي. منجھس درد ۽ سوز جون
ڪيفيتون آھن، جي سڄڻ کي سڃاڻڻ ۾ واھر ڪن ٿيون ۽
عشق جي رمزن ۽ اسرارن سان واقفيت ڪرائين ٿيون. درد
کان سواءِ محبوب کي سڃاڻڻ نھ فقط محال آھي، پر
ناممڪن آھي، تنھنڪري عشق جي منزل تي پھچڻ لاءِ درد
ئي انھيءَ مقام تي پھچائڻ جي رھنمائي ڪري ٿو. گل
جي غزل ۾ گل جي آتم ڪھاڻي، جڳ ڪھاڻي بڻجي پئي آھي.
درد ئي درد جو علاج بڻجي پوي ٿو. گل جي غزل ۾ گھڙي
گھڙي عشق جي باھھ جو ذڪر ملي ٿو. محبوب جي سڪ، من
۾ باھھ جي چڻنگ لڳائي ٿي. محبوب جي ديدار جي تمنا،
ان باھھ کي تيز ڪري ڇڏي ٿي ۽ آخرڪار اھا آڳ دل کي
ساڙي وجھي ٿي، جگر جيرا سڀ جلي وڃن ٿا. ۽ عاشق ھڪ
نئين زندگي حاصل ڪري ٿو. گل، غزل ۾ درد جي شدت جون
ڪيتريون ئي ڪيفيتون پيش ڪيون آھن:
اندر ۾ عشق جنھن جي جاءِ پنھنجي ٿو وھي جوڙي
وسي برسات جئن دائم، تنين جا نيڻ ٿيا آلا.
-
سک ٿيو سور، جنھن سور سڄڻ ڪيو سينڌو
عيش آزار پرين ٻاجھھ آھي درد دوا.
-
دل ٿي پڇي پرت ۾، تو لئي پرين پيارا!
آءُ ڪين اڱڻ منھنجي، محبوب جيءَ جيارا.
-
بيھوش ٿيا برهھ ۾، نينھن نيا ھڻي نرهھ ۾
ووءِ ووءِ ڪندا ورهھ ۾، ويڙا ھڄي ھشيارا
-
سنڌ جي سرزمين ايامن کان وٺي تصوف جي نظريي لاءِ
نھايت زرخيز رھي آھي. سنڌ جي قديم شاعرن، سنڌي
شاعريءَ جي قديم قالبن ۾ انھيءَ نظريي جي اپٽار
ڪئي آھي، انھن شاعرن جو معرفت ۽ روحانيت ۾ ھڪ بلند
مقام رھيو آھي. سنڌ جي صوفيائي ڪرام وٽ تصوف جي
نظريي ۾ ڪنھن بھ قسم جي ملاوت نظر نھ ايندي،
تنھنڪري سنڌ جي عالمن وٽ بھ انھن صوفين جي قدر و
منزلت رھي آھي، ورنھ عالمن ھر ڪنھن ملڪ ۽ ھر ڪنھن
دور ۾ صوفين جي مخالفت ڪئي آھي. سنڌ جي صوفين نج
اسلامي تصوف پيش ڪيو آھي. سندن قول ۽ عمل ۾ ڪنھن
بھ قسم جي غير اسلامي عنصر جو شائبو نظر نھ ايندو.
قديم زماني کان وٺي سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ روحانيت
جو نظريو ڀرپور انداز ۾ موجود آھي، تنھنڪري سنڌي
مزاج ۽ تصوف جو پاڻ ۾ ڳوڙھو سٻنڌ آھي ۽ گھڻو ڪري
سنڌي شاعر معرفت جي شراب ۾ سرشار نظر ايندا،
تنھنڪري سندن ڪلام کي وڏي اھميت حاصل آھي. گل صوفي
ھو، پر ھن غزل ۾ تغزل جو رنگ ۽ آھنگ پيدا ڪري، غزل
کي تصوف جي رنگ ۾ رڱيو آھي. ان کان سواءِ سندن
ڪيترا شعر، عشق ۽ عاشقيءَ جي رنگين پھلوئن جي
غمازي ڪن ٿا، جن ۾ اھڙي ڪيفيت پيدا ڪئي وئي آھي،
جو انھن جي مطالعي کان پوءِ انھن مان ماديت جي
سرھاڻ اچي ٿي ۽ ائين ٿو ڀانئجي تھ گل جو روحانيت
سان ڪو واسطو نھ رھيو آھي. گل غزل جو حق ادا ڪيو
آھي. اھا ھڪ حقيقت آھي تھ گل ھڪ عالم ۽ صوفي شاعر
ھو، جنھنڪري سندس ڪلام ۾ تصوف جي باريڪين جو ذڪر
جاءِ بجاءِ پکڙيو پيو آھي ۽ گل تي تصوف جي
سرشاريءَ جو ھڪ ڳوڙھو رنگ چڙھيل ٿو ڏسجي. ھن
پنھنجي علاقائي ٻوليءَ جي روزمره جي محاورن جي مدد
سان ان فلسفي کي نئين ٽيڪنڪ ۾ پيش ڪيو آھي. انھيءَ
نموني گل سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي وڏي خدمت
سرانجام ڏني آھي. تصوف جي ھر نڪتي جي وضاحت مان
ائين ڄاڻجي ٿو تھ خليفو گل ھڪ ڳوڙھي فھم ۽ ادراڪ
جو مالڪ آھي.
گل اثبات جي نڪتي کي سمجھائڻ کان پوءِ نفيءَ جي
نظريي تي زور ڏنو آھي. فطري طور انسان جي دنيا جي
لذتن سان ڳوڙھي دلچسپي رھي، تنھنڪري حقائق سندس
اکين کان اوجھل ٿي وڃن ٿا. ھو دنيا جي ھڪ سھڻي ۽
وڻندڙ چيز سان دل لڳائي ٿو ۽ اڳتي ھلي ان کي معبود
بڻائي ٿو. ڪٿي اولاد، ڪٿي عورت، ڪٿي دولت، ڪٿي
شھرت سندس بت بڻجي پون ٿا. انسان گمراھھ ٿي انھن
کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن بھ حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار نھ
آھي، حقيقي معبود ۽ جمال مطلق جي جستجو نھ ٿو ڪري
۽ ظاھري ڏيکاءَ جي حسن ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. گل
مجاز جي ڏاڪڻ تي چڙھي حقيقت ڳولي لڌي آھي.
گل نيستيءَ کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھستيءَ کي ڄاڻڻ
جي تلقين ڪئي آھي. ھن جي خيال موجب نيستي ھڪ آئينو
آھي، جنھن ۾ ڪنھن حقيقت جو عڪس نظر اچي ٿو، پر ان
ھستيءَ جو وجود ان آئيني جو مرھون منت آھي،
تنھنڪري نيستيءَ کي حاصل ڪرڻ پھريون شرط آھي. اھا
ھستي جيتوڻيڪ غيب ۾ آھي، پر ان جو ھر جاءِ تي ظھور
آھي ۽ سموري ڪائنات تي سندس جلوو ڇانيل آھي. اھا
ذات، ڪائنات جي سمورين شين تي محيط آھي، تنھن ڪري
اھا ھر جاءِ تي جلوه نما آھي. اھا ھڪ ھيڪڙائي آھي،
جنھن ۾ ٻيائيءَ جي ڪابھ گنجائش ڪانھ آھي. اھڙي
ڳالھھ پروڙڻ کان پوءِ عاشق کي وحدت جو کليل ميلاپ
نصيب ٿئي ٿو ۽ ھو وحدت ۾ اھڙي نموني جذب ٿي وڃي
ٿو، جو کيس پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نھ ٿو رھي،
تنھنڪري تون ۽ مان جو فرق مٽجي وڃي ٿو:
نفيءَ ۾ ڪر پاڻ ثابت منجھھ عدم موجود ٿي،
رنجڪيءَ کي ريج ڏي، وڍ، جو وڌي ٿو لاڀ لڀ.
-
آھھ وحدت وصال عرياني
گل سمجھھ رک م ڏي ملن کي منجھھ
-
محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فاني،
ويا لنگھي برپٽ رڻ لڌائون باغ بقا.
-
منجھان پاڻ پنھنجو پرين ڦولھھ پس
آھين تون تونھين تون، م ڏي ٻھر جھوت
-
آھھ موجود سڀت صورت سڀ ۾ سھڻو،
لامڪاني نھ رکي جاءِ آھي ھر ڪنھن جا.
-
پيالو مئي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا
تھ مستيءَ ۾ محبت جي ڪيون ھن ھوش کي حالا
گل، غزل ۾ توحيد جي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آھي ۽
اھڙي مضمون کي ڀرپور نموني پيش ڪيو آھي. اصولي طور
اھو موضوع غزل کان وڌيڪ نظم جي صنف لاءِ موزون ۽
مناسب آھي، پر گل جي زماني ۾ سنڌي شاعري، نظم جي
ٽيڪنڪ کان ناواقف ھئي، تنھنڪري حالتن پٽاندر توحيد
جو ذڪر، غزل جي صنف ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جو نھايت
مناسب لڳي ٿو.
توحيد جو اقرار مذھب جو بنيادي اصول آھي، جنھن ۾
الله جي وحدانيت جو نظريو بنيادي ۽ اھم حيثيت رکي
ٿو. گل جي قادرالڪلاميءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي، جنھن
اھڙي باريڪ مسئلي کي غزل ۾ جاءِ ڏئي منجھس رنگيني
۽ جاذبيت پيدا ڪئي آھي. اھڙي مضمون کي غزل ۾ نباھڻ
شاعر جي وسيع نظريءَ جو ثبوت آھي. رديفن جو
انتخاب، ارڪانن جو زيرو بم انھن جي تشڪيل ۽ ترتيب،
۽ بحر جي موسيقيت، قاريءَ جي ذھن ۾ ھڪ عجيب سرور
پيدا ڪن ٿا.
توحيد جو نظريو بلڪل وسيع آھي، جنھن کي غزل جي
مختصر صنف ۾ سمائڻ ڪا سولي ڳالھھ ڪانھ آھي. گل
گھڻو ڪري غزل جي ھڪ شعر ۾ ئي توحيد جي حقيقت کان
آگاھھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪائنات جو ھر ذرو ھڪڙي
ئي فڪر ۽ ذڪر ۾ مصروف آھي. سڀ ڪنھن جي وات ھڪڙي ئي
وائي آھي. سڀئي ان واحد جي ھيڪڙائيءَ جي واکاڻ ڪن
ٿا:
چئھ ڌڻي ايڪ، ڪيم چئھ اي او، وحده، لااله الاھو
سرت ڪر، سمجھھ رک، م ڪر ھي ھو، وحده، لااله الاھو
-
خاڪ منجھھ فڪرت ھڄي وئي ماٺ ٿي تنھن کي نصيب
واءَ منجھھ وڻڪار ٻولي، تونھين تون، تونھين تون،
تونھين تون!
-
ڪڍي ڇڏ ڀول ڀؤ دل کان آھي ھت ھت ھوالحق حق،
ھو الله احد جو دل سان آھي ھت ھت ھوالحق حق!
شعر ۾ لفظن جو انتخاب ۽ انھن جو جڙاءُ شاعر جو وڏو
امتحان ٿيندو آھي. خصوصا غزل جي شاعريءَ ۾، جنھن ۾
اختصار تمام لازمي ھوندو آھي ۽ ھڪ ئي شعر ۾ پورو
نظريو پيش ڪرڻو پوندو آھي. گل نھايت باريڪ بينيءَ
سان وحدت جي نظريي جي مختصر نموني اپٽار ڪئي آھي.
گل وٽ گويا توحيد جو موضوع بھ غزل جو ئي مضمون
آھي. انھيءَ نموني سنڌي غزل جي پھرئين پٿر تي
توحيد جا نقش قائم ٿي ويا آھن، تنھنڪري انھيءَ
موضوع کي بھ سنڌي غزل جي روايت ڪري تسليم ڪريون
ٿا.
الله جي وحدانيت جي اقرار کان پوءِ بھ توحيد جو
اقرار مڪمل ٿي نھ ٿو سگھي. ان جي تڪميل لاءِ ٻيو
شرط بھ لازمي آھي ۽ اھو شرط رسالت جو اقرار آھي.
توحيد لاءِ جيئن چيو ويو آھي تھ ان جي تبليغ لاءِ
غزل جي صنف ۾ گنجائش نھ آھي، تھڙيءَ ريت رسالت جي
وضاحت لاءِ غزل جي شاعري موزون نھ آھي. اردو ۽
فارسي ۾ نعتون غزل جي ٽيڪنڪ ۾ لکيون ويون آھن، پر
اھي نعتون آھن، انھن کي غزل چئي نھ سگھبو. سنڌي
مولود جو مزاج ۽ اسلوب پنھنجو آھي، پر گل، نج غزل
جي شاعريءَ ۾ اھڙو مضمون پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن ان
نظريي کي اشارن ۽ ڪناين جي ذريعي بيان ڪيو وڃي تھ
ان ۾ ڪو ھرج ڪونھ آھي. اھو غزل جي شرطن سان ٺھڪي
بيھي ٿو. غزل جي صنف ڪنھن بھ تبليغ لاءِ مناسب نھ
آھي، ان ۾ تھ فقط راز ۽ رمزون آڻي سگھجن ٿيون،
پوءِ کڻي اھڙن اسرارن جو تعلق مجازي عشق سان ھجي
يا رسول اڪرم' جي محبت سان. ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ
گل پنھنجي نعتيھ ڪلام کي غزل جي قالب ۾ دلپسند ۽
پرلطف بڻايو آھي، پر غزل ڪا ٻي شيءِ آھي. غزل جي
شاعريءَ جي، لوازم کي برقرار رکندي، گل ٻين موضوعن
تي طبع آزمائي ڪري کين پڻ خوشنما ۽ دلچسپ بڻايو
آھي، پر غزل جي روايت ان جي خلاف رھي آھي. غزل جي
شاعريءَ ۾ وصل جي ڳولا سان گڏ محبوب جي جور و جفا،
وحشت و جنون، راز و نياز ۽ حزن و ملال جون ڪيفيتون
ھونديون آھن، جن بنا غزل جي شاعري ڦڪي لڳندي آھي.
رسول اڪرم' جن سان عشق ٿي سگھي ٿو، باقي ان ذات
سان ڪنھن قسم جي گستاخي ڪرڻ مجال نھ، پر ناممڪن
آھي. اھا ھستي عزت ۽ احترام جي لائق آھي، جنھن سان
ڪوبھ شڪوو شڪايت ڪرڻ نھ فقط گستاخي آھي، پر بي
حيائي آھي. جيتوڻيڪ گل حضور' جن جي مدح و ثنا جا
سڀ حق بجا آندا آھن، پر غزل جي شاعريءَ ۾ رسالت جي
موضوع کي نعت يا مولود ڪري ڪوٺجي تھ وڌيڪ بھتر
ٿيندو. سعدي ۽ جامي فارسي غزلن جا وڏاشاعر ٿي
گذريا آھن ۽ انھن غزل جي قالب ۾ ڪيتريون نعتون
لکيون آھن، جيڪي اڪثر پاڪستان ريڊيو تان ڳايون
وينديون آھن، پر انھن کي نعتيھ ڪلام سڏيو ويندو
آھي:
آھھ ھادي تنھن سندو ھمراھھ جنھن مڃيو محمد رسول
الله،
آھھ سو شاھھ شاھنشاھھ، جنھن مڃيو محمد رسول الله.
-
صبا صبح جو سلام منھنجا اڳيان نبيءَ جي رساڻ نيئي
ھزار آزيون، لکين نيازيون، ڪري سگھين جي سي ڪج
سڀيئي
-
مٿيان بيت سڌا سنوان نعت جو حصو آھن. عرض بھ آھي،
التجا بھ آھي ۽ آزي نيزاري بھ آھي، جي غزل ۾ بھ
سمائجي سگھجن ٿا، پر واضح مضمون جي لحاظ سان ڪنھن
حاڪم جي درٻار ۾ التجا آھي، جو نبي' بھ آھي شاھھ
بھ آھي ۽ شھشاھھ بھ آھي. ساڳئي موضوع تي گل جا
عشقيھ غزل بھ آھن، جن ۾ اشارن ۽ ڪناين کان ڪم ورتو
ويو آھي ۽ معرفت جي راھھ ھموار ڪئي وئي آھي، اھي
تصوف جي موضوع ھيٺ اچي وڃن ٿا. ٻھ بيت (شعر) پيش
ڪجن ٿا:
تاب ڦوڙائي جي تن بي تاب ڪيو
وصل جي ڏي سرڪ ڪا ساقي سڏي
-
بلبليون عاشق گلن تي، تو تي گل،
گل اچي گلزار ۾ گل سان ھسيج.
گل جي شاعري سنڌي شعري ادب ۾ ھڪ جدت آھي، جا جدت
فني اعتبار کان سنڌي روايتي ٽيڪنڪ کان بلڪل مختلف
آھي. گل اسان جي ٻوليءَ ۾ غزل جو خالق آھي. جيئن
تھ ھو فارسي ٻوليءَ جو عالم ھو، کيس غزل جي روايت
۽ روح جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ھئي، تنھن ھوندي بھ ھن
سنڌي غزل جي مزاج کي سنڌ جي حالتن مطابق بدلائڻ جي
ڪوشش ڪئي آھي. ھن ڄاڻي واڻي غزل جي شاعريءَ ۾ نوان
موضوع پيدا ڪيا آھن ۽ سنڌي غزل کي وسعت بخشي آھي.
غزل ۾ فطرت نگاريءَ جو درجو ثانوي حيثيت رکي ٿو،
پر گل ان کي بنيادي ۽ اصولي مقام بخشيو آھي. ھن
فطرت نگاريءَ کي سنڌي غزل جو ھڪ موضوع بڻايو آھي.
گل جي غزل ۾ رڻ پٽ، برسات، کنوڻ، گجگوڙ، درياھھ،
باغ ۽ بوستان وغيره جا نظارا چٽيءَ طرح روان دوان
نظر اچن ٿا. اھڙن شعرن جي پڙھڻ کان پوءِ ذھن ۾ ھڪ
لطيف ۽ دلڪش تاثر قائم ٿئي ٿو. فطرت جي حسن جي
جلوه طرازين ۽ رعنائين ڄڻ قدرت کي بي نقاب ڪيو آھي
۽ شاعر گويا فطرت جو مصور بڻجي پيو آھي. شاعريءَ ۾
فطرت نگاري بھ جمال مطلق جو جزو آھي. ان جي واکاڻ
بھ ڄڻ حسن ازلي جي تعريف آھي. فطرت نگاري ڪرڻ ۾ بھ
گل کي وڏي دسترس آھي. لفظن ۾ ايترو زور آھي، جو
پڙھندڙ جي آڏو اھو نقشو ھوبھو ڇڪجي اچي ٿو. مارو
ماڻھو، جن جي زندگيءَ جو انحصار برسات تي آھي،
انھن جي سرھائي، ھن اھڙي نموني پيش ڪئي آھي، جو
شاعر پاڻ بھ انھن جي خوشيءَ ۾ شريڪ آھي. مينھن جي
وسڪاري ڪري چوڌاري رونق ۽ بھاري ٿيو پوي. ڌرتي
نئين زندگي حاصل ڪري سرسبز ۽ شاداب بڻجي پوي ٿي.
ماڻھن جا ڪوماڻيل چھرا سرھا ۽ رونقدار ڏسڻ ۾ اچن
ٿا. اھڙي منظر نگاري ڪا معمولي ڳالھھ نھ آھي، جنھن
کي لفظن جو لباس پھرائي، ان منظر جھڙو ئي جاذب ڪري
پيش ڪجي، جنھن مان ماڻھن جي تاريخ ۽ ان سان گڏ ھنن
جي ثقافت ملي ٿي:
آئي رت ساوڻ سندي، مينھن وسي ڪيڙا ملار،
ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا، سرھا ٿيا سانگي سنگھار
خوش ٿيون سرھيون سنگھاريون، پٽ ڦرن سينگار ڪيو،
لويون لاکيون لال سرتي، ڳچي پويو پايو ھار.
-
ھڪ طرف گجيون ۽ گوڙيون، ٻئي طرف کنوڻيون کنون،
مينھن ٽاٽا ڪيو ٽمن باھيون ٻرن چوڏس ھزار.
-
ويو سيارو وسي بھار بوند
گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو بر باغ
-
پوک جنھن پاڻي کي پيتو پوڄ موڪ
ڪين ڪن ساوا سلا ان جا ٿا سوڪ
-
گل جي ڪلام ۾ ناصحانو شعر جاءِ بجاءِ ٽڙيو پکڙيو
پيو آھي. گل پنھنجي ڪلام ۾ گھڻو تڻو فارسي اصطلاحن
بدران شعر کي مقامي رنگ ڏيڻ لاءِ سنڌي اصطلاحن کي
ڪتب آندو آھي. ناصحاني ڪلام کي پيش ڪرڻ لاءِ شاعر
۾ صحيح مذاق جي ضرورت آھي. نصيحت کي دلڪش ۽ جاذب
بڻائي پيش ڪرڻ شاعرن جي صلاحيت تي منحصر آھي. ٻيءَ
صورت ۾ اخلاقي مضمون مضحڪھ خيز لڳندو. اخلاقي
تعليم ھر دور ۽ ھر معاشري ۾ اھم ليکي ويندي آھي.
اخلاق جو ادب سان ويجھو ۽ نازڪ رشتو آھي. اھڙي
تعليم انسان ذات جي وجود لاءِ نھايت ضروري آھي.
زماني قديم کان وٺي ڪيترائي مصلح ۽ مفڪر پيدا ٿيا،
جن اخلاقي تعليم جي اشاعت ڪئي. شروع ۾ انسان ان جي
مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ جو انسان اخلاقي تعليم وٺڻ لاءِ
تيار نھ آھي. ان کي ان لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ بھ
اخلاقي ماڻ ۽ ماپا گھربل ھوندا آھن.
خليفي گل شاعريءَ ۾ نصيحتن جا انيڪ مثال پيش ڪيا
آھن، جن ۾ نيڪين جا لاتعداد موتي موجود آھن. الله
جي وحدانيت، تصوف جا اخلاقي رموز و نڪات وغيره گل
جي شاعريءَ جا خاص موضوع آھن. ھر مذھب انسانيت جي
خدمت ڪرڻ جو سبق ڏنو آھي. اسلام جنھن کي اخلاقي
قدر بڻائي پيغمبر اسلام کي رحمت للعالمين جو لقب
ڏنو. گل جي غزل جو اقتباس پيش ڪجي ٿو.
آھھ سڀ کان خوب محبت واه واه!
ساڻ محبت نيڪ محبت واه واه!
منجھھ محبت سھڻي صحبت آه پر،
آھھ صحبت ۾ بھ الفت واه واه!
آھھ صحبت ۾ بھ الفت خوش گھڻو،
ساڻ الفت خوب خدمت واه واه!
آھھ الفت ۾ چڱو خدمت جي ھوءِ،
ان سين گڏجي نيڪ نيت واه واه!
تصوف جو اخلاق سان نھايت گھاٽو رشتو آھي. صوفياني
تعليم موجب مالڪ پنھنجي ھستيءَ کي فنا ڪري ڇڏي ٿو.
منجھانئس غرور ۽ نخوت، حسد ۽ ساڙ، حرص ۽ لالچ
جھڙيون قباحتون سڙي ناس ٿي وڃن ٿيون ۽ ھو دنيا جي
مال متاع، عظمت ۽ شھرت کان بنھھ بي نياز ٿيو پوي.
دنيا جي عيش عشرت کي ڀري ھڻ تون کڻي ڀالا
سنڌ جي قديم ڪلاسيڪي شاعري، مذھب، تصوف ۽ فلسفي جي
حامل رھي آھي ۽ ان شاعريءَ ھڪ صالح معاشري ۽
صحتمند انسانيت جي تعمير جي ڪوشش ڪئي آھي. قاضي
قاضن کان وٺي بيدل، بيڪس جي زماني تائين سنڌي
شاعريءَ، اخلاقي قدرن جي تعليم ڏني آھي. خدمت،
محنت ۽ محبت سندس بنيادي شيون آھن. فڪري لحاظ سان
سنڌي غزل پنھنجي بنيادي قدرن سان نھ بغاوت ڪئي آھي
۽ نھ وري انھن ۾ ڪنھن ڦير ڦار کي ضروري سمجھيو
آھي، ۽ نھ وري ڪنھن نفس مضمون جو انقلاب آندو آھي.
سنڌي غزل فقط ھيئرت جي تبديلي آھي ۽ ان سان گڏ غزل
جي فارسي روايتي شاعريءَ جي اسلوب ۽ لوازم جو
تجزيو آھي.
دنيا جي ھر ادب کي زندگيءَ جي بنيادي قدرن: حسن،
انصاف ۽ سچائيءَ جو آئينھ دار ٿيڻ گھرجي. گل بھ
غزل جي شاعريءَ جي اھڙن بنيادي قدرن تي تعمير ڪئي
آھي. ازان سواءِ ھن فروعي موضوعن کي پيش ڪري غزل ۾
وسعت پيدا ڪئي آھي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ معاشري
۽ معاشيات جي اھميت جو ذڪر شاھھ لطيف جي ڪلام ۾
جاءِ بجاءِ ٽڙيو پکڙيو بيٺو آھي ۽ شاھھ انھن
موضوعن جي شاعريءَ ۾ نمايان اھميت ظاھر ڪئي آھي.
اھي موضوع بھ ازلي ۽ ابدي آھن. گل بھ موضوعن جي
اعتبار کان گھڻي حد تائين شاھھ جو تتبع ڪيو آھي ۽
غزل جي شاعريءَ ۾ اھڙين شين کي جاءِ ڏني آھي.
گل جي دور ۾ سنڌ جي سياست ڦيرو کاڌو. فرنگين سنڌ ۾
پير پاتو، سنڌ جي لاءِ اھو وڏو حادثو ھو. سنڌي
معاشري ۾ اٿل پٿل پيدا ٿي وئي. اھڙي وڏي انقلاب تي
ھر سنڌيءَ رت جا ڳوڙھا وھايا. سنڌ جي مٿان ھڪ
تاريڪ دور جو آغاز ٿيو. سکن جو سمو لنگھي ويو.
سوداگر سنڌ ۾ آيا، جن ڪوڙ ۽ ڪچ جو واپار ڪيو. اھڙي
ھوا لڳي جو سايون ۽ چھچ ٻنيون لوساٽجي ويون. اھي
سرواڻ ھليا ويا، جن جي زندگيءَ ۾ تازگي ۽ توانائي
ھئي. جوءِ ۾ جت تھ گھڻيئي ھئا، پر اھي سرواڻ اڻ لڀ
ٿي ويا.
ڪي سوداگر راتو ڏينھان منجھھ وٺڻ وڪڻن خراب
ڪوڙ دنيا جا ڪٿي اي دل ڪيئي آيا ويا!
جي ھوا ڪالھھ ڏٺم اڄ نھ ڏسان مان سڀ
جوءِ ۾ جت جھجا آھن آريءَ الڀ.
غزل جي روايت ۽ خوبصورتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ گل
غزل جي روايتي زبان بھ استعمال ڪئي آھي. ھن سنڌي
غزل ۾ فارسي الفاظ ۽ تشبيھون نھايت ھوشمنديءَ سان
ڪم آنديون آھن. ان سان گڏ سنڌي لفظن کي اصطلاحي
رنگ ڏئي، کين نيون معنائون بخشيون آھن. ھن سپڪ
فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي غزل ۾ سپڪ سنڌي استعمال
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سراپا جي شاعري ۽ ھن فارسي
تشبيھون نھايت احتياط سان ڪم آنديون آھن، جي
قاريءَ جي ذھن تي بار نھ ٿيون بڻجن. گل جي غزل جو
مزاج عام طور مقامي ڏسڻ ۾ ايندو، اھا ئي سندس
وڏائيءَ جي علامت آھي.
ڏسڻ مان تنھنجي باغ، حسن مون کي سرئا ٽي گل
تنھنجو مک گل، زلف سنبل، منھنجي دل جئن گل لالا
-
ان جون اکيون حوض ڪوثر آبِ زم زم آبِ خضر،
رت رحيق روح راحت جان جو ٿئو جئن گل آب
-
پھون پٽ ۾، ڍور ڍٽ ۾، روهھ ۾ روجھون، ھرڻ،
جئن سڪايا نينھن لئھ دل منھنجي تولئي سدا
-
مليو محٻوب متوالو وئو ڏک ڏرت ھڪ ٺالو
ڀڳي دلدار دل ريھي، وئا ڏکڙا، ورئا سکڙا.
-
ڏکين جا ڏاج ڪھڙا رلئن جا ڪھڙا روپ،
بکئن جا ڪھڙا ڀانڊا، ولھن ڪھڙا ويارا!
-
اڄ دوست ڀري پريت پيرا
ٿي وير وندر ورونھن پيرا
ڏسڻ ايندو تھ گل غزل جي روايتي شاعريءَ ۾ تجزيو
ڪري، ڪيترا اھڙا مضمون غزل ۾ آندا آھن، جي اڳ رائج
ڪين ھئا. گل عشق مجازيءَ سان گڏ عشق حقيقيءَ جي بھ
پچار ڪئي آھي. ان کان سواءِ ھن توحيد جي نظريي،
اخلاقيات، فطرت نگاري، منظر ڪشي، معاشيات ۽ ثقافت
کي ڀرپور نموني غزل جي شاعريءَ جا موضوع بڻايو
آھي.، تنھنڪري سنڌي غزل جي شروعات مٿين موضوعن سان
ٿي آھي ۽ انھن کي سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ بنيادي
حيثيت حاصل آھي. انھن موضوعن کان انڪار ڪرڻ حقيقت
کان روگرداني جي مثال ٿيندو. گل، سنڌي غزل ۾ وسعت
پيدا ڪري متاخرين جي لاءِ دروازو کولي ڇڏيو تھ
جيئن غزل فقط عشق بڻجي نھ پوي ۽ کيس محدود ۽ مقيد
نھ ڪيو وڃي.
(’سنڌي غزل جو تجزيو‘)
شيخ عبدالحليم جوش
حافظ حامد ٽکڙائي
اڄ جڏھن سنڌي غزل، فارسيءَ جي تقليد کان پاڻ
ڇڏائي، لتاڙيل راھن کان پاسو ڪري، پنھنجي ٻوليءَ
جي وساريل، پر وڻندڙ لفظن کي اجاري، ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي روح کي پاڻ ۾ سمائڻ جو سعيو ڪيو آھي،
تڏھن بھ اڻويھين صدي عيسويءَ جي وچ جو شاعر، حافظ
حاجي حامد ٽکڙائي، ھن ڏس ۾ اسان جي رھنمائي ڪري
ٿو.
سترھين صدي عيسويءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ موزون
شاعريءَ جي ابتدا کان پوءِ، سنڌي غزل جا اھڃاڻ
ارڙھين صديءَ جي منڍ ۾ ئي نظر اچڻ لڳا ھئا، جڏھن
سنڌ ۾ فارسي پنھنجي عروج تي ھئي. ڪلھوڙن، جي
صاحبيءَ وارو ھيءُ زمانو، علم ۽ ادب جي اوسر لاءِ،
سنھري دور جي درجو رکي ٿو، جڏھن ھڪ پاسي سنڌ جي
ڪلاسيڪي شاعري پنھنجي عروج کي رسي تھ ٻئي پاسي
فارسي شاعري بھ اوج تي پھتي.
اھڙي دور ۾ جڏھن فارسيءَ کي سرڪاري زبان جو درجو
حاصل ھو ۽ فارسيءَ ۾ شعر چوڻ عزت جي ڳالھھ سمجھي
ويندي ھئي، ڪي اھڙا بھ ٻوليءَ جا گھڻگھريا شاعر
ھئا، جن تيزيءَ سان اسرندڙ غزل جي صنف کي پنھنجي
اظھار جو وسيلو بڻايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ميٺاج ۽
مزاج، توڙي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي قائم
رکندي، پختن بنيادن تي غزل جي عمارت کڙي ڪئي.
انھن عظيم شاعرن ۾ خليفو گل محمد ھالائي اھو
پھريون ’صاحب ديوان‘ شاعر ھو، جنھن سڄي عمر غزل جي
ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس دور غزل جو پھريون
دور ليکجي ٿو، جنھن جي شروعات اڻويھين صديءَ کان
ئي ٿئي ٿي. ھن دور ۾، خليفي گل، آخوند محمد قاسم ۽
سيد فاضل شاھھ سان گڏ، حافظ حامد ٽکڙائي بھ غزل
سرائي ڪندو نظر اچي ٿو.
حافظ حاجي حامد ولد محمد ھاشم ميمڻ،
1832ع
۾، ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو، جڏھن ھن شھر کي ”شھميراڻي وسي“
سڏيو ويندو ھو. ھيءَ ئي اھا مردم خيز زمين ھئي،
جتي ڪلھوڙن جي صاحبيءَ دوران فارسيءَ جا وڏا شاعر
جھڙوڪ: نور محمد خستھ ۽ حافظ عالي پيدا ٿيا، جن جا
ڪي ٿورا سنڌي شعر، جيڪي ھٿ اچي سگھيا آھن، سي سنڌي
غزل جا ابتدائي اھڃاڻ ليکجڻ ۾ آيا. مختلف تذڪرن
مان معلوم ٿئي ٿو تھ غزل جا ھي شروعاتي شاعر
1717ع
ڌاري زنده ھئا. انھن کان سواءِ، ميان ڇتن، ميان
محمد صالح، سيد ميران محمد شاھھ ۽ حافظ يوسف
جھڙيون يادگار علمي شخصيتون بھ ٽکڙ جي زمين مان
اڀريون. حافظ حامد جو لاڳاپو بھ انھيءَ دور سان
آھي، جنھن جي ادبي محفلن جي ڏيئن جي روشني، اڄ بھ
اسان جي ادب جي راھن کي جرڪائي رھي آھي.
حافظ حامد، ٽکڙ جو پھريون غزل گو شاعر ھو، جنھن نج
سنڌيءَ ۾ غزل چيو ۽ بحر وزن جي پوئواري ڪندي بھ
پنھنجي ڪلام کي موزون شاعريءَ جي تصنع ۽ تڪلف کان
بچايو ۽ عربيءَ يا فارسيءَ جي ڳاٽي ٽوڙ لفظن ڪتب
آڻڻ کان پاسو ڪيو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ حامد
غزل جي صنف ۾ ھڪ نئين راھھ روشن ڪئي، جنھنڪري ھم
عصر شاعرن – فاضل، قاسم، گدا ۽ سانگيءَ ۾ کيس
مٿانھون مقام حاصل ٿيو. سنڌي پھاڪا، سنڌي محاورا،
ٺيٺ سنڌي ٻولي، سنڌ جي نيم تاريخي ۽ روماني
داستانن جا حوالا، سنڌي ماحول جي ترجماني ۽ غزل ۾
مضمون جو تسلسل – حافظ حامد جي غزل جون امتيازي
خصوصيتون آھن.
ٻوليءَ جي چاشني، بيان جي سادگي، ڪلام جي رواني ۽
تغزل جو ھڪ مثال پيش ڪيان ٿو:
دل گھريا دوست دادلا سڄڻان!
مون سري ڪين تو سوا سڄڻان!
ڇو رقيبن جي چئي رسين مون ساڻ،
ڪر وفا ٿي نھ بيوفا سڄڻان!
ڏور ويندين تھ ڏينھن لائيندين،
گھار مون ساڻ گڏ سدا سڄڻان!
خود نمائي نھ ڪر خدا لڳ تون
درد مندن سان دلربا سڄڻان!
عاشقن جي تھ اصل عادت آھھ،
عاجزي عرض التجا سڄڻان!
ڇو نھ ھن نظم تان نثار ڪري
گوھر آفرين ’گدا‘ سڄڻان!
سلاست جو مثال پيش ڪريان ٿو، جنھن ۾ تجنيس حرفيءَ
جي ترنم لطف پيدا ڪيو آھي:
محبت مچايو مگر، الغياث!
جليو جوش کان جيءُ جگر، الغياث!
ٿيو محو ھڏ، ماھھ، وگھريو وجود،
ڪيو عشق ايڏو اثر، الغياث!
حافظ حامد سنڌ جي مشھور نيم تاريخي ۽ روماني
داستانن مان ئي پنھنجي غزل لاءِ مواد چونڊي ٿو ۽
اھڙيءَ طرح غزل جي فارسي روايت کي ترڪ ڪري، سنڌ جي
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي غزل ۾ سمائي ٿو.
ائين ڪندي ھو غزل جون فطري لطافتون بھ قائم رکي ٿو
۽ ساڳئي وقت غزل جي روايتي ماحول ۾ بھ بنيادي
تبديلي آڻي ٿو. مثال پيش ڪريان ٿو:
پنھل ڄام سندياءِ پورھيت آھيان
مٽي مون کي ٻئي در جي دائي نھ ڪر
ساڳئي رنگ ۾ ٻيا شعر بھ پيش ڪريان ٿو:
قبوليم ڪيچ ساري جو، مٿي سر سينھون سرتيون،
جتن جي ذات کي جيڏيون ڀري پاڻي پيارينديس!
ھيم جا پيش پازياڻي، سندم سڏجي ٿي سا سانئڻ،
ٻيھر ٻانھي ٻھاريدار، در تي ڪانھ ڌارينديس!
حامد جيڪو سوز ۽ اثر مارئيءَ جي ذڪر ۾ پيدا ڪري
سگھيو آھي، سو پنھنجو مٽ پاڻ آھي. مارئيءَ جون
آھون ۽ دانھون، اباڻن ڏانھن اڪنڊ ۽ اڪير، عمر جو
ڏاڍ ۽ ڏمر، اھڙي تھ خلوص سان بيان ڪيا اٿس، ڄڻ تھ
مارئي پاڻ آھي. مثال طور سندس غزل جا ڪي بيت (شعر)
پيش ڪيان ٿو جن ۾ تجنيس حرفيءَ جو بھ خيال رکيو
ويو آھي:
عمر! لاھھ عاجز تان ظالم زنجير
ڏي موڪل تھ مارن ملان منجھھ ملير!
ڳران ڳالھيون ڳڻ سنڀاليو سندن،
وسن مينھن وانگر منجھان نيڻ نير.
محاورا ۽ پھاڪا، نثر توڙي نظم ۾ نھ فقط زبان جو
حسن پيدا ڪن ٿا، پر بيان جي انداز کي بھ وڌيڪ
اثرائتو بڻائين ٿا. حامد جي ڪلام ۾ اڪثر سنڌي
محاورا ڪم آيل آھن، جيئن ھن شعر ۾:
روئان رڻ ۾ پنھل لئھ پار کڻيو،
ڏيان ڏونگر ۾ آڌيءَ اوڇنگارون.
فارسيءَ ۾ پختي شعر چوڻ جي باوجود، حامد صاحب
پنھنجي سنڌي غزل کي نھ صرف فارسي ترڪيبن، ورجايل
بندشن ۽ اوکين اضافتن کان بچايو، پر ساڳئي وقت نج
سنڌي لفظن جي اھڙي چونڊ ڪيائين، جو ڪلام ۾ بھ
رواني پيدا ٿي ۽ مضمون جي ادائگي بھ سھڻي انداز ۾
ٿي. سندس قادرالڪلاميءَ جا ڪي مثال پيش ڪريان ٿو:
ٻجھان ھا جي تھ ٻاروچا ڇڏي مون کي ڇپر ويندا،
تھ لائي پرت ڇو ٿي پاڻ کي ڄيري وڌم ڄاڻي
ڪميڻي ڪير جا آئون، جڙان ٿي جوڙ جانب سان،
پنھون پورھيت ڪري پنھنجي تھ پاڙي جو ڀريان پاڻي!
حامد پنھنجي شاعريءَ ۾ ”مسلسل غزل“ جو ڪامياب
تجربو ڪيو آھي، جا ان دور جي شاعرن لاءِ نئين
ڳالھھ ھئي. پڙھندڙ تي غزل جو مجموعي تاثر قائم رھي
ٿو، جنھن مان شاعر جي ڪاميابي ظاھر ٿئي ٿي. حامد
جي شاعريءَ جي انھيءَ انداز، کيس پنھنجي ھم عصر
شاعرن ۾ ممتاز حيثيت ڏني آھي. سندس ڪلام ۾ ڪيترائي
مسلسل غزل موجود آھن، جي خاص طور سنڌي ماحول جي
ترجماني ڪن ٿا. ڪي ٿورا شعر مثال طور پيش ڪريان
ٿو:
آءُ، اکڙين ٺار، وھلو ڪيم وڃ!
دل گھريا دلدار، وھلو ڪم وڃ!
پير ڏي نيڻين، اکيون اوطاق ڪر،
تان ٺرن نت نار، وھلو ڪيم وڃ!
درد مندن جي دوا، درمان تون،
لھھ سٻاجھا سار، وھلو ڪيم وڃ!
پڙھندڙن کي ھن غزل ۾ ھڪ ئي تاثر معلوم ٿيندو. غزل
جي فني بيھڪ اھڙي آھي، جو ھر ھڪ شعر پنھنجي ليکي
مڪمل ۽ ڌار حيثيت رکي ٿو. اھڙيءَ طرح غزل جا شعر
فقط وزن، قافيي ۽ رديف جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن، نھ
تھ معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان بنھھ الڳ الڳ آھن.
حامد صاحب ھن ڏس ۾ اڳتي قدم وڌايو ۽ غزل ۾ نظم
جھڙو تسلسل قائم رکي، ڄڻ غزل جي حسن ۽ دلڪشيءَ ۾
اضافو ڪيو. ويھين صديءَ ۾ تھ مسلسل غزل جا ڪيترائي
مثال لڀن ٿا، پر اڄ کان سؤ سوا سؤ ورھيھ اڳ، ھيءُ
حامد جو ئي ڪمال ھو، جنھن فراق ۽ ھجر جي سوز ڀري
ڪيفيتن جي اثرائتي اظھار لاءِ غزل ۾ نظم جو انداز
اختيار ڪيو. سندس مشھور غزل جا ڪي شعر مثال طور
پيش ڪريان ٿو:
ڪالھھ جن لئھ ٿي ڪتيم، سي ھوت ھت ھاريون نھ اڄ!
ڪس اچي ڪيچين سوا، ڀنڀور بازاريون نھ اڄ.
چوٽين چڙھنديون چريون، ڏورينديون ڏونگر ڏکيون.
ھيڪلي ھاڙ ھو مئينديون، ھاءِ! ھوشياريون نھ اڄ.
پڙھندڙن کي ھيءُ معلوم ڪري عجب لڳندو تھ جنھن
شاعر، غزل جي چؤواٽي کي پنھنجي فڪر ۽ فن جي ڏئين
سان روشن ڪيو، سو پاڻ ٽن ورھين جي ننڍڙي وھيءَ کان
ئي، ماتا جي بيماريءَ سبب ھميشھ لاءِ اکين جو نور
وڃائي ويٺو ھو. ان معذوريءَ سبب کيس جيڪو محروميءَ
جو احساس ھوندو يا رواجي طرح حياتيءَ گذارڻ ۾ بھ
کيس جيڪي رنڊڪون ۽ ناڪاميون ھر روز محسوس ٿينديون
ھونديون، سي ڪنھن بھ شخص جي حوصلي ۽ ھمت کي نپوڙي
ختم ڪرڻ ۽ سندس ذھني صلاحيتن جي ڏئين کي وسائڻ
لاءِ ڪافي آھن. اِن مجبوريءَ ۽ معذوريءَ جي
باوجود، الله تعالى سندس دل ۽ دماغ کي، جا روشني
بخشي ھئي، تنھن سان نھ فقط ھن پنھنجي زندگيءَ جي
اونداھي رستي کي روشن ڪيو، پر شعر ۽ سخن جي انجمن
کي بھ منور ڪيو.
ننڍپڻ ۾ قرآن شريف حفظ ڪرڻ جو شوق جاڳيس. قرآن
شريف جو ڪجھھ حصو ھتي سنڌ ۾، باقي مديني منوره ۾
وڃي ياد ڪيائين. مديني پاڪ کان موٽڻ بعد،
”ملاڪاتيارن“ ۾ درس ولي محمد وٽ اچي عربي پڙھڻ
شروع ڪيائين، پر اتي ڪنھن مسئلي تان درس صاحب سان
بحث ٿي پيس ۽ پڙھڻ ڇڏي ڏنائين. جڏھن خواجھ
عبدالرحمان جن ٽکڙ آيا ۽ پنھنجن صاحبزادن جي تعليم
لاءِ مولانا محمد متعلويءَ کي گھرايائون، تڏھن
حافظ صاحب بھ مولانا وٽ عربي پڙھڻ لاءِ حاضر ٿيو ۽
ٿوري ئي وقت ۾ پنھنجي تيز حافظي جي مدد سان گھڻو
ڪجھھ پرايائين. سندس فارسي تعليم جو ذڪر ھن نموني
ڪيو ٿو وڃي تھ ھڪ دفعي پاڻ ٽکڙ جي مسجد ۾ ستا پيا
ھئا تھ مولوي محمد موسى نظاماڻي ماتليءَ وارو آيو
۽ کيس ننڊ مان اٿاري چيائينس تھ ”حافظ، اٿي فارسي
پڙھھ!“ مولويءَ جي گھڻي زور ڀرڻ تي کانئس ٽن مصدرن
– ”آمدن، آودرن ۽ آموختن“ جا گردان سکيائين ۽ بس.
سندس خداداد ذھن کيس فارسي زبان تي قدرت حاصل ڪرڻ
۾ مدد ڪئي.
جيتوڻيڪ حامد صاحب نابين ھو، تڏھن بھ ٻين وانگر
محتاج ٿي زندگي گذارڻ پنھنجي گھٽتائي ٿي
سمجھيائين. پنھنجي اھل و عيال جي پرورش لاءِ حڪمت
شروع ڪيائين، پر ان مان گذران لائق اپت نھ ڏسي،
ڪپڙي جو دڪان کوليائين، جنھن تي پاڻ وھندو ھو.
سندس ذھن ايتري قدر سجاڳ ھو، جو ڪوڙن سچن پئسن جي
پرک چڱيءَ طرح ڪري سگھندو ھو. سندس فھم جي تيزيءَ
جو اندازو ھن ڳالھھ مان لڳائي سگھجي ٿو، جو ھڪ
دفعي سندس دڪان تان ڪپڙو چورائجي ويو، پاڻ پوليس ۾
رپورٽ ڪيائين، پر چوري نھ لڌي، گھڻي وقت کان پوءِ،
ھڪڙي مائي، ڪپڙي جو ٽڪر، حامد جي دڪان تي کڻي آئي
۽ کيس چيائين تھ ”ھن نموني جو ڪپڙو ڏئي.“ حافظ
صاحب ھڪدم ڪپڙو سڃاڻي ورتو ۽ مائيءَ کي جھلي پوليس
جي حوالي ڪيائين. پوليس جي وٺ پڪڙ تي مائيءَ چورن
جو ڏس ڏنو. چورن کي پڪڙي ڪپڙي سوڌو ڪورٽ ۾ حاضر
ڪيو ويو. جج صاحب. حافظ حامد جي آزمائش لاءِ، سندس
ڪپڙو ٻين تاڪين سان ملائي، کيس چيو تھ ”پنھنجو
ڪپڙو ڳولي ڪڍ“. حافظ صاحب بنا ڪنھن اٽڪ جي پنھنجو
ڪپڙو، آڏو رکيل تاڪين مان چونڊي ڪڍيو. ٻيا بھ اھڙا
ڪئين واقعا آھن، جن مان سندس حافظي جي بي پناھھ
قوت ۽ تيز فھمي ظاھر ٿئي ٿي. اھا ئي خداد صلاحيت
ھئي، جا شاعريءَ جي رويي ۾ خاص طور غزل جي دلڪش ۽
رنگين پيرايي ۾ ظاھر ٿي.
پڇاڙيءَ ۾ پاڻ ڪن سببن ڪري، لڏي تعلقي حيدرآباد ۾
وڃي ويٺو ۽ پوءِ رياست جوڌپور پاسي ھليو ويو، جتي
ڄاريلي نالي ڳوٺ ۾
1897ع
۾ وفات ڪيائين. کيس اتي ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو. حافظ
حامد جو ڪل اولاد، ڇھھ نياڻيون ۽ ٽي پٽ ھئا. پٽن
مان مرحوم محمد ھاشم ’مخلص‘ ھڪ ناميارو شاعر، اديب
۽ صحافي ٿي گذريو آھي.
حافظ حامد جي شاعرانھ عظمت جو سانگي ۽ گدا شاھھ
ٻنھي اعتراف ڪيو آھي ۽ سندس ڪيترين مصرعن تي ٻنھي
عظيم شاعرن ڪيترائي غزل چيا آھن: جيئن تھ سانگي
چوي ٿو:
تنھن کان پوءِ چئجن وري حامد سندا اشعار خاص،
جي آھن تسبيح جئن پوتل چون در شھوار.
حامد جو مختصر ڪلام، جيڪو ”ارمغان حامد“ جي عنوان
سان ڇپيل آھي، تنھن جي ديباچي ۾ مشھور عالم، مولوي
دين محمد وفائي ھن راءِ جو اظھار ڪيو آھي تھ حافظ
حامد جي ڪلام ۾، جا رواني، سادگي، سلاست ۽ تجنيس
آھي، ان جي لطف ۽ لذت جو اندازو اھو ئي ڪري
سگھندو، جنھن کي سنڌي زبان جي محاورن جي ڄاڻ ۽ شعر
جو صحيح ذوق ھوندو.
افسوس تھ حامد صاحب جو گھڻو ڪلام محفوظ رھي نھ
سگھيو آھي، پر تنھن ھوندي بھ سندس ديوان ۾ سنڌي،
فارسي ۽ عربي غزلن سان گڏ ڪافيون، مداحون، شجرا،
تاريخي مادا ۽ سي حرفيون بھ موجود آھن.
ائين چوڻ ۾ ڪوبھ وڌاءُ ڪونھي تھ حافظ حامد، سنڌي
غزل کي ھڪ نئين مزاج ۽ نئين لھجي سان روشناس
ڪرايو. حامد صحيح معنى ۾ غزل جو وڏو شاعر ھو.
(نئين زندگي: اپريل – مئي
1977ع)
احسان بدوي
سانگيءَ جي شاعري : غزل
خورشيد واز آھن ’سانگي‘ سندءِ غزل،
فارس ۽ ھند، سنڌ ۾ تنھنجو ويو شعاع!
شاعر جو مٿيون شعر محض شاعرانھ تعلي نھ آھي. مگر
اسان جڏھن سندس ڪلام تي نظر وجھون ٿا تھ سندس ڪلام
۾ اسان کي ھڪ طرف حسن ۽ عشق جون وارداتون ۽
ڪيفيتون ملن ٿيون تھ ٻئي طرف تصوف، اخلاق ۽ فلسفو
بھ آھي. سانگيءَ جي ڪلام ۾ صفائي ۽ رواني بھ آھي.
اسلوب جي خوبصورتي ھن جي اشعار کي دل آويز ڪري
ڇڏيو آھي. اھوئي سبب آھي، جو سندس غزل کي اڄ بھ ان
ئي ذوق ۽ شوق سان پڙھيو وڃي ٿو، جنھن سان ان زماني
۾ ٿي پڙھيو ويو، جڏھن اِھو تخليق ٿيو ھو.
غزل جي شاعري، سوز ۽ گداز جي شاعري آھي، ۽ تغزل،
غزل جي جان آھي. جنھن جي لغت ۾ معنى آھي – ”جواني
جون حڪايتون ۽ عورتن سان عشق جون ڳالھيون ڪرڻ.“
حقيقت اِھا آھي تھ سانگيءَ جي زندگي ۽ ھن جي شاعري
ٻئي، اِن معنى جي مصداق آھن. سانگي ھڪ عاشق شاعر
ھو ۽ ھڪ شاعر ئي عشق جون خصوصيتون پنھنجيءَ شخصيت
۾ رکي سگھي ٿو. سندس زندگي اِن ڪري سراپا عشق ھئي
۽ ھن جو ڪلام سمورو تغزل آھي. عربي شاعرن جيان ھو
موھوم وصل ۽ مصنوعي ھجر جي تخيل کان دور آھي. اِھو
ئي سبب آھي، جو ھن جو ڪجھھ چيو آھي، سو دل جي جوش
۽ طبيعت جي امنگ وچان ئي چيو آھي. سانگي جڏھن عشق
۽ محبت جو داستان ڳائي ٿو، تڏھن ھن جي زبان نھايت
صاف ۽ شستھ آھي، اشعار روان ۽ بندشون چست آھن، ۽
مضمونن ۾ شوخي، رنگيني ۽ رعنائي آھي:
بي سبب ناھھ پريشان ٿي سندم دل، دلبر!
ياد تنھنجو اي پرين! زلف پريشان آيو.
شبِ فرقت ۾ ڏسي حال سڄو منھنجو ڏکيو،
صبح صادق بھ ڪري چاڪ گريبان آيو.
-
ھلياسون واديء مجنون ڏي ھڻندا نينھن جو نعرو،
چيو ٿي چاھھ مان ھر ھڪ اِجھي ’سانگي‘ سفر نڪتا.
-
برملا جي ڪريان حال شبِ ھجران آءٌ
صبحِ صادق کي ڪريان چاڪ گريبان آءٌ!
آھيان پيچيده قسمت کان ٿيو پيچيدو
زلف پر پيچ ۾ تنھنجي ٿيو پيچان آءٌ!
غزل حقيقت ۾ دلي جذبات ۽ قلبي واردات کي ظاھر ڪرڻ
جو ھڪ مؤثر ذريعو آھي. سانگيءَ جي مٿين شعرن کي
پڙھڻ کان پوءِ، اسان ھن جي دلي احساس ۽ قلبي
بيقراريءَ جو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگھون ٿا.
ھيٺين شعرن ۾ اِن جو اظھار اڃا بھ وڌيڪ دل گداختھ
نموني تي ڪيو اٿائين:
فرقتِ يار جو بيان ڪھڙو؟
آءٌ ڪريان ناه طاقتِ گفتار.
دل ڏيڻ جا ۽ دل ستائيءَ جا،
ڪھڙا ڪھڙا نھ مون ڏٺا اسرار!
-
سندءِ ھيءَ آه و زاري، بيقراري بي سبب ناھي،
اي ’سانگي!‘ سچ چوان توکي پون ٿا پور يارن جا.
سانگيءَ کي اِن ڳالھھ جي ڄاڻ آھي تھ عشق ۽ محبت جي
داستان جو تاثير ڪڏھن بھ زائل نھ ٿو ٿئي. ۽ ان
داستان کي ايندڙ اڻ ڳڻت ورھين تائين پيو ڳائبو ۽
دھرائبو. اِن جو اظھار ڏسو تھ ڪھڙي نھ وڻندڙ طريقي
تي ڪيو اٿائين:
اسان جي عشق جون ڳالھيون، ادا! ڳوٺن ۾ ڳائيندا،
اسان جي نظم کي مطرب تھ سازن تي سرائيندا.
چيو مشاط زلف نازنين آھن ننڍا آخر،
بلائ جان تڏھن ٿيندا، جڏھن ھي پيچ پائيندا.
مٿيان ٿورا مثال صرف ڪن حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ
پيش ڪيا ويا آھن. ھنن شعرن کي پڙھڻ کان پوءِ ايترو
اندازو لڳائڻ مشڪل نھ آھي تھ سانگيءَ، غزل گوئيءَ
جي ان بنيادي اصول جي پابندي ڪئي آھي، جنھن موجب
”جيستائين ٿي سگھي تھ محسنات ڪلام کان پرھيز ڪرڻ
گھرجي.“ جيئن ڪابھ ڳالھھ پيچدار نھ بڻجي پوي ۽
خيال اصل مقصد کان دور ٿي صنائع ۽ بدائع لفظي ۽
معنويءَ کي مرڪز نھ بڻائي ڇڏي. سانگيءَ اِن اصول
جي پابندي ڪئي آھي ۽ جيئن مٿي چيو ويو آھي، ھن
پنھنجيءَ جذبات ۽ احساس کي صاف، شستھ ۽ دل نشين
پيرايي ۾ بيان ڪيو آھي.
جرمنيءَ جي مشھور مفڪر شلر جو چوڻ آھي تھ ”انساني
تعلقات ۾ جو تعلق سڀ تي حاوي آھي، اھو جمالي تعلق
آھي.“ اِھو ئي تعلق حقيقت ۾ محبوب جو خالق آھي- ھڪ
اھڙي ھستيءَ جنھن سان اسان عشق ڪريون ٿا ۽ اسان جي
دل ڇڪجي ان ڏانھن مائل ٿي وڃي ٿي، ان جو بنياد
انسان جي اندر باھمي دوستيءَ جي خواھش سان گڏ حسن
جو احساس آھي. مگر ان سان گڏ عاشق کي خود بھ
پنھنجيءَ ھستءَو اندازو ھئڻ ضروري آھي. عشق ۽ حسن
ٻنھي جو ڳانڍاپو ۽ ھم آھنگي ئي ان کي مڪمل صورت
ڏئي سگھي ٿي. سانگي چوي ٿو:
ھميشھ ناز بيجا نازنين جا بجا ڄاتم،
حسينن جا سدا پاتم اشارا ڪج ادائيءَ جا!
ان ”ناز بيجا“ ۽ ”ڪج ادائيءَ“ ۾ معشوق جو ڪردار
لڪل آھي. عشقيھ شاعريءَ ۾ عاشق ۽ معشوق جي ڪردارن
۾ توازن ۽ ربط ئي پوري رخ ۽ سمت جو ذميوار آھي، ۽
ھتان ئي شاعر کي لب ۽ لھجو ملي ٿو، جو ھن جي
پوريءَ شاعريءَ تي ڇانيل رھي ٿو. ان جو اظھار ھيئن
ٿو ڪري:
حسن موھي نھ ڪا ڪرشمه و ناز
دل گرفتار وضع ڪئي يڪبار
ھن مان ظاھر آھي تھ سانگيءَ وٽ عاشق ۽ معشوق جي
ڪردار ۾ ھڪ ربط ۽ ھڪ جھڙائي آھي ۽ ھو ڪنھن جي ٿي
رھڻ سان گڏ ڪنھن کي پنھنجي بڻائڻ جو جذبو بھ رکي
ٿو، ان ڪري جيتري اھميت پنھنجي سمجھي ٿو، ايتري
معشوق جي بھ. ان مان ثابت ٿيو تھ ٻين شاعرن جيان
سانگيءَ وٽ نھ معشوق بلند ۽ بالا آھي ۽ نھ وري
عاشق ھيچ ۽ ڪمتر آھي.
اسلوب جي ندرت غزليھ شاعريءَ جي وڏي خاصيت سمجھي
وڃي ٿي. شاعر پنھنجي ڪلام ۾ ڪنھن بھ معمولي خيال
کي نزاڪت بخشي، ان ۾ زور ۽ حسن پيدا ڪري ڇڏيندو
آھي. سانگيءَ جي ڪلام ۾ اِن جا بھترين مثال ملن
ٿا. شمع، شام کان وٺي صبح تائين ڳرندي رھي ٿي. ان
جي ڳرڻ ۽ پگھرجڻ کي سانگي ’اشڪبار‘ لفظ ۾ بند ڪري
ڪيترو نھ حسن پيدا ڪيو آھي:
ھر ھر ڏٺو ٿي حال دل بي قرار شمع،
ھئي شام کان بھ تا بھ سحر اشڪبار شمع،
آئيني ۾ عاشق جڏھن پنھنجي شڪل ۽ صورت ٿو ڏسي تھ
سندس حالت تي خود آئيني ۽ محبت کي بھ ارمان ٿو وٺي
وڃي. سانگيءَ ھن خيال کي نھ فقط نزاڪت بخشي آھي،
بلڪ شوخي بھ پيدا ڪئي آھي:
آئينو بھ ششدر ٿيو ڏسي مون کي مشوش،
ھي حال ڏسي منھنجو ٿي حيرات محبت.
سانگي ھت ’ششدر‘ لفظ کان ڪيترو نھ ڪم ورتو آھي.
لفظ بذات خود ثقيل ۽ اڻ وڻندڙ آھي، مگر اِن لفظ کي
پڙھڻ کان پوءِ محبت ڪرڻ واري جي ناڪاميءَ ۽ حسرت،
مجبوريءَ ۽ معذوريءَ جو احساس بھ ٿئي ٿو.
سانگيءَ اھڙيءَ طرح اسلوب جي ندرت جا بھترين مثال
پنھنجي ڪلام ۾ پيدا ڪيا آھن. ھيٺين انتخاب مان
سندس ادا جي شوخي ۽ نازڪ خياليءَ جو اندازو لڳائي
سگھجي ٿو، جنھن نھايت ئي لطف پيدا ڪيو آھي:
قيامت ۾ سھي قامت قيامت کي ٿا ڪن برپا،
يڪا يڪ فتنھءِ بيدار ويھن ٿا، ويھارن ٿا.
-
ھي فڪر مون کي آھي تھ عقبى ۾ ڇا ڪريان،
دنيا ۾ تو تان ساھھ ۽ سر ٿيو نثار جي!
سانگيءَ جي ڪلام ۾ مون کي جا ٻي خاصيت نظر آئي
آھي، سا آھي ’اشاريت‘. سندس ھمعصر شاعرن ھيءَ
خاصيت پنھنجي ڪلام ۾ شايد گھٽ استعمال ڪئي آھي.
اشاريت ڪلام جي اھا خاصيت آھي، جنھن موجب شاعر
پنھنجي جذبات ۽ اڌمن کي اشارن ۾ بيان ڪري وڃي ٿو ۽
کٽل ٽڪرن کي پڙھندڙ پنھنجي ذھن سان مڪمل ڪري ٿو.
سانگيءَ ھيٺئين انتخاب ۾ اشاريت کان ڪم وٺي پنھنجي
ڪلام ۾ ڪھڙي نھ شوخي پيدا ڪئي آھي:
با وفا يار ناھي غم ناھي،
آھي جڏھن عمر بي وفا مون کي!
ابتدا ۾ ڪريان آءٌ ڪھڙو ناز،
آھي درپيش انتھا مون کي!
نھ خبر آھي ڪنھن کي منھنجي ڪا،
نھ خبر آھي ڪنھن جي ڪا مون کي!
پوئين شعر تي غور ڪريو تھ اھا حقيقت صاف ٿي ويندي
تھ شاعر اِن ۾ خود وارفتگيءَ جو ڪيترو نھ بلند
پھلو پيدا ڪيو آھي. اِھو ممڪن آھي تھ ڪي ان کي
زندگيءَ جي فراريت سان منسوب ڪن، مگر انساني
زندگيءَ ۾ ھڪ اھڙي بھ منزل اچي ٿي، جڏھن انسان خود
پنھنجو پاڻ کان بھ بي خبر ٿي وڃي ٿو. ان بيخوديءَ
جي منزل کي سانگيءَ ڪيترو نھ خوبيءَ سان اشاريت جي
ذريعي بيان ڪيو آھي ۽ جنھن مان معنائن جا ڪيترائي
پھلو نڪري سگھن ٿا. ھيٺين شعر ۾ ”يار جي قد کان
يادگيريءَ جي عصا“ جو ڪم ورتو اٿائين، تنھن ۾ تھ
ھن نازڪ خياليءَ ۽ اِشاريت جو ڪمال ڏيکاريو آھي:
يادگيري ز سر قامتِ يار،
آهھ پيريءَ جي ٿي عصا مون کي.
تشبيھون ۽ استعارا ڪلام جو زيب ۽ زينت سمجھيا وڃن
ٿا. حقيقت ۾ اِھا ئي جڳھھ آھي، جتي شاعر جي زور
طبيعت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سانگيءَ جي ڪلام
جي اِھا عام خاصيت آھي تھ ھن جي تشبيھن ۾ لطافت
آميز سادگي آھي. سادگيءَ مان مطلب اھو نھ آھي تھ
ان کي صرف لفظن تائين محدود رکيو وڃي، مگر مولانا
حاليءَ جي چوڻ موجب- ”خيال بھ اھڙائي نازڪ ۽ دقيق
ھئڻ گھرجن، جو انھن کي سمجھڻ ۾ عام ذھن کي ڪابھ
تڪليف نھ پھچي.“ سانگيءَ جي تشبيھن ۾ سچ پچ تھ
اِھڙي ئي سادگي آھي:
پاڻي ٿو پئين ڏسجي گلوءَ مان ٿو صاف،
آھي جيڪا بيشڪ بلور اي صنم!
ٻي ھنڌ ڏسو:
نڪتو سحاب مان ڄڻ خورشيد
منھن تان جو لاٿو يار نقاب
سانگيءَ معشوق جي ’پير جو ننھن، ٽٽل ڏٺو آھي تھ
ھڪدم ’ماه نو‘ جو خيال آيو اٿس. ھيٺين شعر ۾ ڏسو
تھ اِن خيال کي ڪيترو نھ سادگيءَ سان بيان ڪيو
اٿائين:
پير تنھنجي جو ننھن لٿل آھي
ماهھ نؤ آسمان تي ٿيو روشن
ڪنھن بھ شيءِ يا حالت جي تعريف اھڙيءَ طرح بيان
ڪرڻ، جو ان چيز جي تصوير اکين اڳيان اچي وڃي، ان
کي ”محاڪات“ چيو وڃي ٿو. رقيب جي رقابت، عشق جو
غم، وعده وصال، اميد وفا وغيره ڪيترن ئي قسم جا
واقعا آھن، جي عاشق کي عشق ۾ پيش اچن ٿا. اِن
واردات کي شعر ۾ بيان ڪرڻ سان ٻڌڻ واري جي دل ۾ بھ
اھي ئي جذبات پيدا ٿين، شاعريءَ جو سڀ کان وڏو
ڪارنامو آھي. ٻيءَ حالت ۾ رقابت، شبِ ھجر جي
مصيبت، عشق جي جانڪاھي، وعده وصل ۾ انتظار وغيره
اھڙا واقعات نھ آھن، جو ڪنھن کي پيش نھ ايندا ھجن.
ان ڪري ھڪ ئي چيز جو اظھار ايترو عام ٿي پوي، جو
ان ۾ جيڪر جاذبيت پيدا ئي نھ ٿي سگھي. مگر شاعر
پنھنجي جوش بيان ۽ طرز ادا سان اِن کي ايترو تھ
لطيف ۽ پرڪيف بڻائي ٿو، جو پڙھندڙ اِن کي پڙھندي،
ھر دفعي نئون مزو حاصل ڪري ٿو. سانگيءَ جي ڪلام ۾
’محاڪات‘ جا اسان کي ڪيترائي مثال ملن ٿا:
ڇڏيا ڇوڙي مون ونگڙا وار وقتِِ وصل دلبر جا
پريشاني اسان جي پئي وڃي زلف پريشان تي
معشوق جي پريشان وارن مان پنھنجيءَ پريشانيءَ جو
اظھار ڪرڻ ھڪ نازڪ خيال آھي ۽ ھڪ خاص حالت جي
ڪيتري نھ جاذب مصوري آھي. ھيٺيون شعر بھ ھن جو
بھترين محاڪاتي شعر آھي:
واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آءٌ روز شب،
آھيان ڪڏھن زمين تي ڪڏھن آسمان تي!
ھيٺين شعر ۾ سانگيءَ، بيڪسيءَ جي ڪيتري نھ مڪمل
تصوير ڪڍي آھي:
جنھن مون کي ٿي ڏٺو، ٿي چيو تنھن چريو چريو،
پنھنجي پرينءَ ڏي مون جو ڏٺو ٿي وريو وريو.
شعر جي خوبي اِھا بھ آھي تھ ان جي دلڪشيءَ کي ڏسي،
ان جي بھتر ھئڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. ظاھر آھي تھ
شاعري منطق نھ آھي، جو دليلن کان ڪم ورتو وڃي، اِن
ڪري شعر جو لطف ذوق سليم ئي وٺي سگھي ٿو. ھيٺئين
شعر کي ڏسو تھ نھ تخيل جي نزاڪت، نھ خيال جي ندرت
۽ نھ وري اسلوب ۾ ڪا جدت آھي، مگر لفظن جي بندش ۽
ان جو تاثير اھڙو نھ آھي، جو اثر ڇڏڻ کان سواءِ
رھجي وڃي:
طبع منھنجي مان بمدح آتشين رخسار روز،
پئي بھ پئي ڪاھيو اچن، مضمون آتش بار بار!
سانگيءَ جي ڪلام تي نظر ڪرڻ سان خبر پوي ٿي تھ
سندس شاعري بھ روايتي غزل گوئيءَ جي زلف ۽ ڪاڪل ۾
الجھيل آھي. تنھن ھوندي بھ جڏھن ھو ”حلقھء ھائ
گيسو“ کان ٻاھر نڪري، جذبات جي دنيا ۾ قدم رکي ٿو
تھ ھن جي شاعري عشق ۽ محبت جي اسرار ۽ رموز جو
آئينو بڻجي پوي ٿي. مثال طور ھيٺيان شعر ڏسو:
آزرده دل اي دوست! ز تقدير ٿجي ڇو؟
دل لائي دلارام سان دلگير ٿجي ڇو؟
معلوم آھي آزادگي مشڪل سان ملي ٿي.
پابند وري زلف گره گير ٿجي ڇو؟
ھيٺين شعر ۾ عشق جي تاثير کي ڪھڙو نھ خوش اسلوبيءَ
سان بيان ڪيو اٿائين:
ڪھڙا ڪھڙا نھ تماشا ٿي نظر تي پھتا،
ھاڻي ھي رنگ اچي ديده تر تي پھتا.
رشڪ کان تنھنجي رخ صاف جي اي غيرتِ ماھھ
داغ حسرت جا آھن روئ قمر پھتا.
خارجي مضمون يعني خال ۽ خط، ۽ رخ و گيسو جي وصف
سان جيتوڻيڪ سندس ديوان ڀريل آھي، مگر اِن ھوندي
بھ ھن پنھنجيءَ طرز ادا سان انھن مضمونن کي بھ
گھڻو ڪجھھ دلچسپ ۽ لطيف بڻائي ڇڏيو آھي:
دل تھ صد پاره آه شان صفت،
زلف جي تار تار سان گستاخ.
عاشق عام طرح اسان کي عشقيھ شاعريءَ ۾ نيازمند نظر
ايندو آھي. ھن سادي خيال کي سانگيءَ زلف جو سھارو
وٺي، ڪيترو نھ بلنديءَ تي پھچايو آھي.
پيوند منھنجي دل کي وڌو زلف جي ڪمند،
ھو زلف بي نياز، سندم دل نيازمند.
خارجي مضمون کي اڃا بھ ھڪڙي ٻئي ھنڌ نھايت ئي لطيف
پيرايي ۾ بيان ڪيو اٿائين:
ابروءِ يار جي تصوير ڪڍي پير فلڪ،
ماهھ نؤ آھي اِھو نقش منور پيدا!
سانگيءَ جي ڪلام جي ھڪ مؤثر خصوصيت اھا آھي تھ ان
۾ فقيرانھ ۽ آزادانھ شان اسان کي ملي ٿو. سانگي
ننڍپڻ کان وٺي فقيري خيالن جو انسان ھو. عشق
بازيءَ تھ کيس آقي باقي بھ فقير بڻائي ڇڏيو ھو.
جيتوڻيڪ حڪمران ٽالپرن مان ھو، مگر خود ان شان سان
زندگي بسر ڪونھ ڪيائين، ۽ نھ وري اھو کيس خيال ئي
ھو. اِن ڪري سندس قال بلڪل حال معلوم ٿئي ٿو. ھو
توڪل ۽ قناعت، استغنا ۽ بي نيازيءَ جي مضمونن کي
جنھن جوش ۽ صداقت سان ادا ٿو ڪري، ان مان اِھو نھ
ٿو معلوم ٿئي تھ ڪو ھو صرف دنيا کي ان جي تعليم
ڏئي ٿو، بلڪ ائين ٿو محسوس ٿئي تھ ھڪ شخص خود
پنھنجيءَ اصلي حالت جو اظھار ڪري رھيو آھي:
ڪين مورئون مٽ ڪريان سؤ سک آءٌ ھڪڙي سور سان،
فقر ۽ فاقو نھ پاڙيان، دولتِ فغفور سان!
فغفور جي دولت ھن جي فقر ۽ فاقي جي اڳيان تڇ آھي.
ھڪ سور ھن کي سؤ سکن کان زيادھھ عزيز آھي. استغنا
جي اِن جذبي کي اڃا بھ وضاحت سان ھيٺين شعر ۾ بيان
ڪري ٿو. ”الفقر فخري“ جي تشريح ڏسو تھ ڪھڙي نھ
عمدي پيرايي ۾ بيان ڪئي اٿائين:
آءٌ خاڪ نشين آھيان، سندم فخر آھي فقر،
سچ تاج ۽ ديھيم کي افسر نھ ٿو ڄاڻان
سانگيءَ جي مٿين شعرن کي پڙھڻ کان پوءِ اسان ھن جي
اندروني جذبي جو اندازو لڳائي سگھون ٿا، جنھن ڪري
ھن جي ڪلام ۾ تاثير ۽ دلڪشي پيدا ٿي پئي آھي. اِن
سلسلي ۾ ڊاڪٽر يوسف حسين خان جي ھت راءِ درج ڪرڻ
بيجا نھ آھي. پنھنجي ڪتاب ”اردو غزل“ ۾ لکي ٿو تھ:
”شاعر جو فڪر تخيلي ۽ وجداني ھئڻ گھرجي، جنھن ۾
اندروني جذبي جو رس ڀريل ھجي، جنھن کان سواءِ ڪلام
۾ تاثير ۽ دلڪشي نھ ٿي پيدا ٿي سگھي. شعر جي
خوبيءَ جو معيار نھ اسلوب ۾ پنھان آھي ۽ نھ موضوع
۾، بلڪ شعريت ۾، جا ٻنھي کان بالاتر آھي. اسان
يقين سان چئي سگھون ٿا تھ شعريت تخيلي فڪر ۽ جذبي
جي ھم آميزيءَ کان سواءِ پيدا نھ ٿي ٿي سگھي، ۽
اِھي ٻئي عنصر تغزل جي جان آھن. انھن کان ئي حسن و
ادا جي جلوه گري ٿئي ٿي، جو ادب جو بنيادي قدر
آھي.“ سانگيءَ جو ڪلام اِن معيار تي ڪيتري قدر
صحيح ثابت ٿئي ٿو، ان بحث کي ڇڏي، ايتري چوڻ ۾ تھ
ڪوبھ وڌاءُ ڪونھ آھي تھ ھن جو ڪلام اندروني جذبي
جي احساس کان خالي نھ آھي ۽ ان ۾ شعريت بھ آھي. |