سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :19

تنھنجي محفل ۾ کڻي سونھن سڳنڌي اچبو،

يا تھ ڪو گل، يا اگر- ڌوپ بڻي اينداسين.

ھاڻ ٽِڪ ٽِڪ ڪري گھڙيال ٿو گھوري دلگير!

ٿي ويو وقت، نھ آ دير گھڻي، اينداسين

دلگير صاحب وقت جي آھٽ کي پروڙي ورتو ۽ وڃي محبوب سان مليو. سڳن آھوجا بھ اسان وٽ ڪونھي. سڳن وڏو مفڪر ۽ دانشور ھو. ھن گھڻو اڳ سنڌي غزل کي نئين سڃاڻپ ڏني آھي:

ڇا وٽيندي ڏسي فوٽو ۽ پڙھي خط منھنجا،

مان جو آھيان سو رڳو شعر مان ظاھر آھيان.

منھنجي ڪارنھن تي ڪندا سجدا گلابي جذبا،

چپ تي پاڪيزه جوانيءَ جي مٺو تِر آھيان.

زندگي! تنھنجي ادائن کان ٿيو بِر آھيان،

غم جا پھلو تھ بَدل، نيٺ بھ شاعر آھيان.

-

ڪوڙ ٻڌائڻ سان گڏ يارو!

ڪجھھ گھٻرايو، ڪجھھ شرمايو!

ھر غلطيءَ تي پاڻ سان رسندي،

فخر ٿيو ۽ شرم بھ آيو!

اندر ڀوڄواڻي بھ اڄ حيات ڪونھي. اِن شاعر کي، شايد ھت (سنڌ ۾) توھان نھ بھ ڄاڻندا سڃاڻندا ھجو.

ملن تھ ڳائن پنھنجا لاڏا،

ڪونھ پڇي ڪو حالت منھنجي.

مون تھ راتِ کي راتِ سڏيو ھو،

ان تان آئي، مون کي ڦاھي.

سدا نچائن، چون تڏھن ڀي،

سکڻي پوندءِ ڪلا نچڻ جي.

ورھاڱي کان پوءِ ھن سڄي اپ – کنڊ ۾، معاشري جون حالتون ڪجھھ اھڙيون بدليون، جو ھڪ ذھين شاعر مجبور ٿي پيو پاڻ کي نئون فڪر ۽ محاورو ڏيڻ لاءِ. ڪوبھ آچار وھنوار سنئون سڌو نھ آھي. ماڻھو ماڻھوءَ کي ڪنھن عجيب ترڪيب سان ڏھڻ لڳو، ٺڳڻ لڳو، ۽ اھو سڀ ڀلمانائي ۽ ھمدرديءَ ڏيکارڻ واري احسان سان ٿيندو رھيو آھي. ھڪ خوددار شاعر ۽ اديب بھ پنھنجي لاءِ سھوليت ڀريون ڪنڊيون ڳولڻ لڳي ويوآھي.

ارجن شاد،[1] اڄ ڪلھھ لکي ڪونھ ٿو، پر سندس ڪي غزل، سنڌي شاعريءَ جي نرڙ تي تا قيامت لکيل رھندا:

سرحد جي پار منھنجي نظر کي اڏڻ ڏيو،

اصلي وطن جي ڀي تھ زمين کي ڏسڻ ڏيو!

ھر فرد جي نراڙ تي، ھر قوم جا نشان،

سنڌين ۾ مون کي سنڌ جي صورت پسڻ ڏيو!

پرڀو وفا وٽ بھ ڪي ڇھندڙ يادگيريون آھن:

گجر جي گلي ۾ سو ھس ياد آ،

۽ آڱر ۾ پيروزي ٽِڪ سان ڇلو.

سڄي رات صوفين رکي ڪن تي ھٿ،

ڪئي ٿي ڀلو ميان، الو ميان، الو!

لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“، ڪڏھن سٺو غزل ٿي لکيو، سندس ھيءُ غزل گھڻو ساراھيو ويو ھو:

ڪڏھن ھن سان اھڙي ملاقات ٿيندي،

زبان بند ھوندي مگر بات ٿيندي.

ڪيم ضبط آھون تھ پيا لڙڪ ڇلڪي،

ھوا بند ھوندي تھ برسات ٿيندي.

محبت جي پنڌن ۾ ڇا سوچڻو آ،

ڪٿي ڏينھن ڪٽبو، ڪٿي رات ٿيندي!

واسديو نرمل:

وجھي شرط ڪيئي ٿو، اقرار سان گڏ

۽ اقرار شامل آ اِنڪار سان گڏ.

جي نفرت ڪرڻ چاھين ٿو، ڪر  اڪوئي،

مگر سوچي سمجھي، ذرا پيار سان گڏ!

انھن کي ڪرڻ جو ڊپ ٿو رھي جي،

ھلن ٿا زماني جي رفتار سان گڏ

نظر ترڇي، ڳل لال غصي ۾ ’نرمل‘،

ڪري قربَ ڪيڏا ٿو تڪرار سان گڏ!

غزل کي پنھنجون فني باريڪيون آھن تھ مقبوليت بھ آھي. گھڻو لکيو ٿو وڃي، ڳايو ٿو وڃي. غزل جو مزاج نت نئون آھي. ڇيڙي بھ ٿو تھ چيري بھ ٿو. ڪڏھن تھ شرارت ڀري تلخي ۽ ڪؤڙاڻ چپِ ڪرائي ڇڏيندي آھي. ڪڏھن تھ خاموشيءَ کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻو پوندو آھي تھ بود ۾ اچي وڃبو آھي.

واسديو موھيءَ، غزل کي پنھنجو نرالو لھجو ڏنوآھي، شبدن (لفظن) کي نوان ڀاو ڏنا آھن، تھ عجيب معنوي رديف جي بھ عنايت ڪئي آھي. اڳ ڪڏھن بھ ڪنھن شاعر اھڙي رديف سان غزل کي وسعت ڏني ھجي ۽ پرڪيف بڻايو ھجي، ائين سجھي نھ ٿو.

تون پسڻ کان بچين، ڏکيو آھي،

اڀ وسي ٿو پوي، ڇٽيءَ ھيٺان.

ڇاٽ بوند جي، بوٽ سئنڊل جي،

جوڙي جوڙي وڃي، ڇٽيءَ ھيٺان.

بوند ھوندي پسيني جي نڪ تي،

مينھن جي ڪونھي جي، ڇٽيءَ ھيٺان،

دوست برسات جان وسن ٿا جڏھن،

ڪئن پو ڪوئي ھلي، ڇٽيءَ ھيٺان.

-

واڻ جي کٽ ڇڪي ٿو ٻڍو

سوچ ۾ ننڊ اڻي ٿو ٻڍو.

گھاو تي ڄڻ ملم ٿو مکي،

مرڪندو ئي رھي ٿو ٻڍو.

پاڻ سان ڀڻڪندو ٿو رھي،

پاڻ سان ئي کلي ٿو ٻڍو.

لفظ ھن جا وڄن ڪونھ ٿا،

سانت اوڍي سمھي ٿو ٻڍو.

شريڪانت صدف بھ غزل کي سگھارو ۽ تندرس بڻايو آھي. ھن جي سڃاڻپ بھ نرالي آھي. جيئن بھ لکندو، ڌيان ضرور ڇڪائيندو:

اڄ جي ليکڪ جي ڪھڙي ڳالھھ ڪجي،

چار ھا، پاڻ ۾ ٺھيا ئي ڪٿي.

بند ڪمرن ۾ فيصلا ٿيا ھا،

جن ڪيا ھا، انھن ٻڌائي ڪٿي!

دک ھنن جو نئون تھ ناھي ڪو،

ھو ”صدف“ خوش ڪڏھن ھئا ئي ڪٿي؟

-

تڙ تڪڙ جي ڪٿي ضرورت آ،

ڪجھھ بھ مون وٽ جي آ تھ فرصت آ.

تون پڇين ٿو مون ڪيو ڇا ڇا؟

ڏينھن گذري ويو غنيمت آ!

-

اک اوھان جي کڄي ڀي کڄي ٿي ڪٿي،

صرف نانو جي خاطر ڇپر ٿا کڻو!

گھور ھن تان ڪيائون فقط انڪري،

سر ۾ ڳائي وٺي اڄ تھ ھيءُ بي سرو!

غزل ھر ڪنھن موضوعن کي ڇھي سگھڻ جي سگھھ رکي ٿو، خلش ۽ طنز جي تيز ڌار، اڄ جي دنڀ کي چيري ڦاڙي ڇڏيندي آھي. راتِ ۽ خماريءَ جي پوري ماحول کي واچوڙن ۾ سميٽي ڇڏيندي آھي. غزل اڳ صرف علم عروض جي بحر وزن ۾ لکيو ويندو ھو، اڄ جو مقبول شاعر ھندي ماترڪ ڇند ۾ بھ سھڻو غزل لکي ٿو.

Ambliguity، اڻچٽائي، اڄ جي غزل جي خصوصيت آھي، واقفيت آھي. غزل نظم تھ نھ آھي، جنھن کي وڏو وستار ڏيڻو آھي. شعر جي ٻن سٽن کي سوکيما واري ارٿ ۾ اڻڻو آھي، ڪنھن لڪل معنى کي ماڻڻو آھي، حواسن سان ڇھڻو آھي. ھر ڳالھھ کي وائکو ڪري ئي سمجھائڻو آھي، يا ڪڙيءَ سان ڪڙي ملائڻي آھي. اھڙي تقاضا اڄ جي شاعر کان ڪرڻ مون کي تھ صحيح نھ ٿو لڳي. شاعر پنھنجي انڀؤ ۽ صداقت سان ڪٿي بھ پھچي ٿو، فڪر کي فن سان جوڙي ٿو.

کيمن مولاڻي:

ھر مجبوري اِئن ساماڻي،

منھن تي ڪوڙي ڏئي وراڻي.

چانڊوڪي اِئن ڇِڻي وڻن مان،

ڌرتي ٿي پئي داغن ھاڻي.

ويراني جو منھن ڏسندي ئي،

ڪڪري پڻ ٿي پاڻي پاڻي.

تو تھ کڻي مئھ ساڳي اوتي،

مگر نھ آئي مؤج پروڪي.

تنھنجي مرڪڻ سان اڄ من ۾،

وئي پکڙجي ڄڻ چانڊوڪي.

-

ھر جڳھھ پاڻ پڏائين ٿو پر،

بانس لفظن مان اچي ويندي آ.

ڀل تھ آڪاس ڇھڻ لءِ اڏري،

نيٺ ھر لھر لھي ويندي آ.

ڍولڻ راھي:

ڇو ڇرڪان ٿو آئيني کان،

روز پڇان ٿو آئيني کان.

منھن تي ڪنھن کي ڪئن سچ چئجي،

رمز پڇان ٿو آئيني کان.

پنھنجي ڪاري اڇي ھجڻ جي،

ساک وٺان ٿو آئيني کان.

رڃ ڇو ٿي ڇڪي اڃا تائين،

اڃ ڇو ٿي وڌي اڃا تائين.

سون لٽجي ويو جوانيءَ جو،

پو بھ چاندي وڻي اڃا تائين!

ھر ڪنھن ملڪ جي سياست، سماج، شھر، گھر، گھٽيون، پاڙو، ڪيترو نھ گند آھي. ڪيتريون نھ سنسٿائون، ڪيترا جلسا آھن، ڪيترا نھ جيوڙا ۽ پوليوشن پکيڙي ٿا ڇڏين. ساھتڪار انھن مان ئي تھ اتساھت ٿئي ٿو، ٿيڻو ئي آھي. تھ بھ ساھتڪار، ھڪ رچناڪار آھي، کيس آھٽن کي سڃاڻڻ جو شعور ھئڻ گھرجي، اس ڇانو جا اھڃاڻ بھ تھ جھٽڻا آھن. روشنيءَ ۽ اوندھھ ۾ بلڪل نھ جھڙو ئي فرق وڃي رھيو آھي. اوندھھ کي ڪا ساڃھھ، ڪا پنھنجائپ ھوندي بھ آھي، روشني بلڪل اگھاڙي، ننگي، ھڪ ھڪ ڪري وستر لاھيندي ٿي وڃي.

لڇمڻ دبي:

ماڻھو ڏس، ويچارو ماڻھو.

بکيو پياسو، خواھش جو ڌڻ.

اگر ٻڌو ٿا، ٻڌو ڌيان سان،

پوءِ ضروري آھي سمجھڻ.

منزل جي نزديڪ اچڻ سان،

ڏاڍو ممڪن آ ٿاٻڙجڻ.

-

جي ھٻڇي ميرو وڳو بدليون کڻي،

پر اداسيءَ کي ڪٿي لاھي اچون.

ھل، ھتي ’لڇمڻ‘ ٻڌائي پيو غزل،

موڊ پنھنجو پڻ ذرا ٺاھي اچون.

ونود آسواڻي:

منھنجي نيڻن جڏھن تنھنجو درشن ڪيو،

ٻور خوابن جھليو، اوچتو اوچتو!

ڪوئي آيو نھ ھو، ڪير ايندو ھتي،

مون ڇو در ڏي ڏٺو، اوچتو اوچتو!

عقل وارن جي وچ ۾، تون ويھي تھ ڏس!

بڻجي پوندين چريو، اوچتو اوچتو!

-

وڻ مان ھڪ پن سڪل ڪريو ھوندو،

يا وري مون کي ھن سڏيو ھوندو.

آھي آلاڻ بند اکڙين ۾،

رات سڏڪا ڀري سمھيو ھوندو.

ڪيئن منزل تي ھو اچي پھتو،

واٽ اؤکي وٺي ھليو ھوندو!

گوروڌن ”گھايل“:

چار چمچا، چار ڪانڌي،

لاش ڍوئڻ لءِ ملون اڄ.

-

خدا مرڪ منھن تان نھ کسجانءِ، ڀل تون

وٺج جان منھنجي، جڏھن من ڪريئي!

کڻي ھٿ چوين ٿو تھ ’سنڌي نھ پڙھندس‘،

پڇي ڏس تون دل کان تھ ڇا ٿي چويئي!

شاعري، جي ڪوبھ عڪس، ڪا آھٽ، ڪو آڀاس نھ ٿي ڏئي، لفظ ئي لفظ آھن. ڀاو نھ ٿي ڏئي، تھ شاعري ڪئن چئون، شاعري درشن آھي. چنتن آھي. خاموشيءَ واري ماٺِ غزل جي علامت آھي. لالچون ۽ لاچاريون تھ بڙ بڙائينديون آھن. نعريبازي ۽ نصيحتون ڪٿي غزل کي Land نھ ٿيون بڻائن. غزل شاعريءَ جي اھا صنف آھي، جنھن وٽ مرم حياءَ واري صفت بھ آھي. غزل اِنسان جي فطرت، اڪيلائپ ۽ اداسين جو شاھد آھي. جي رھنڊيندو آھي، تھ زخم بھ پيارا لڳندا آھن. ڳلن سان ڳل ملائي ڇڏبا آھن.

آخر ۾، مان پاڻ کي بھ ڪٿي ڪنھن سوڙھھ ۾ سمائي ڇڏيان:

ارجن حاسد:

اسان جي ملڪ جو ماڻھو مڃي ٿو سجدي کي،

رلي پني بھ ڪٿان ڪا دعا وٺي ايندو.

چڱي ئي وقت کان جنھن جي تلاش ۾ آھي،

چوي ٿو جھڙو مليو اڄ خدا وٺي ايندو.

اسان مان ھر ڪو سڃاڻي ٿو ھاڻي حاسد کي،

وڪامي چيز نھ جيڪا اھا وٺي ايندو.

-

وٺي ڏي، ڪو تھ رانديڪو وٺي ڏي،

ڇھڻ سان ئي ڀري پئي، اھڙو وٺي ڏي!

اڪيلو پاڻ کي سمجھان، تھ چوسيان،

ھجي سڻڀو، سو آڱوٺو وٺي ڏي!

نھاري، تڙڦندا جيڪي ھليا ويا،

اکين کان تن جي ڏواپو وٺي ڏي!

-

صحيح غلط تھ نھ سوچين تھ چڱو،

۽ ڪابھ ڳالھھ نھ سمجھين تھ چڱو!

گناھھ ڏوھھ نھ ڳڻبا تنھنجا

ضمير ڪنھن کي بھ وڪڻين تھ چڱو!

اکين ۾ ننڊ سمھاري حاسد!

ڏسين ڪو خواب ۽ وڦلين تھ چڱو!

 (’شاھھ سچل امن ڪانفرنس‘

ھري دلگير

غزل جي حوالي ۾ - شاعر ايم. ڪمل

غزل شاعريءَ جي ھڪ پياري صنف آھي، جا سنڌيءَ ۾ ڪافي مقبول آھي. اھا ڳالھھ ٻي آھي تھ غزل کي پرکڻ ۽ ماڻڻ وارا ٿورا آھن. صحيح معنى ۾ سٺا غزل نويس شاعر تھ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي بچيا آھن. انھن ۾ ايم. ڪمل جا غزل مون کي خوب وڻن ٿا. ائين تھ ٻيا بھ ڪي سٺا غزل نويس شاعر آھن، جيئن تھ ارجن حاسد، کيمن مولاڻي، ڪرشن راھي، پرڀو وفا، ڍولڻ راھي، واسديو نرمل ۽ ڪي ٻيا. پر اڄ مان فقط ايم. ڪمل جي غزل تي ئي لکندس.

مان ڪو حسابي ڪتابي ناھيان ۽ ليکو چوکو نھ رکندو آھيان تھ ڪنھن ڪيترا غزل لکيا آھن، پر دل تي اثر اٿم تھ سڀني کان وڌيڪ غزل ايم. ڪمل ئي لکيا آھن. سندس تازي ڪتاب ۾ پڙھيم تھ ھن ڇھھ سؤ غزل لکيا آھن. منھنجي دل تي اھو بھ اثر آھي تھ ايم. ڪمل کي غزل جي فن جي مڪمل ڄاڻ آھي ۽ ھو ان جي باريڪين، نفاستن، نزاڪتن، آداب، اسلوب ۽ داون پيچن سان بخوبي نباھي رھيو آھي. ڪمل غزل ۾ ڪاميابيءَ سان ڪيترا تجربا بھ ڪيا آھن.

غزل کي سمجھڻ ۽ ماڻڻ لاءِ غزل سان ڳنڍيل ڪن لفظن جي معنى سمجھڻ ضروري آھي. شيخ اياز جو ھڪ غزل آھي:

ڌرتي ڇا ڇا دان ڪري وئي،

اوک ڏئي انسان ڪري وئي.

طوفانن ۾ ڪڏندي ڪشتي،

ساحل کي حيران ڪري وئي.

ڇا ڇا جام ”اياز“ پياريئھ،

سڀ کي سرڪ سجان ڪري وئي.

ھن غزل ۾ دان، حيران، انسان ۽ سجان قافيا يا ھم آواز لفظ آھن. قافين جي پوئتان جي لفظ ھر ھر دھرائجن ٿا، يعني ”ڪري وئي“ رديف آھن. غزل جون شروعاتي ٻھ سٽون، جن ۾ قافيا (۽ رديف بھ) ھوندا آھن، انھن کي مطلع چئبو آھي. آخري ٻھ سٽون، جن ۾ شاعر جو نالو اچي ٿو، انھن کي مقطع چئبو آھي. جن شاعرن وٽ قافين رديفن جو قدرتي خزانو موجود ھوندو آھي، اھي ھڪ کان وڌيڪ مطلع ڪتب آڻيندا آھن.

اڄ ڪلھھ ڪي شاعر وڪالت ڪري رھيا آھن تھ رديف اجايو ٻوجھو آھي ۽ ان کي خارج ڪرڻ گھرجي، يعني قافيي جي پوئتان ننڍو يا وڏو رديف نھ ھئڻ گھرجي. پر مان سمجھان ٿو تھ اھا وڪالت سراسر غلط آھي. اھڙي صلاح اھي ئي شاعر ڏين ٿا، جن کي ٻوليءَ تي دسترس گھٽ آھي يا جن کي رديف سان صحيح نموني نڀائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. رديف سان غزل جي حسن ۾ اضافو ٿئي ٿو. جنھن شاعر جي طبيعت روان آھي يعني غزل روح ۾ سمائجي ويو اٿس، ان لاءِ رديف کي ڦٻائڻ ۾ ڪابھ مشڪلات درپيش نھ ايندي آھي، بلڪ روح کي راحت ملندي آھي، مثال طور وري بھ اياز جو ھي غزل ڏسو:

بي موت مئا، تو لاءِ ڪٺا، انسان ھزارين، مان نھ رڳو!

ھن دنيا ۾، اي ديس ھئا، نادان ھزارين،مان نھ رڳو!

ھتي رديف آھي، ”ھزارين، مان نھ رڳو“، جو قافين ”انسان ۽ نادان“ ۾ خوبصورتيءَ سان ڦٻايو ويو آھي. منھنجو شخصي ويچار آھي تھ جي قافيي جي پويان رديف ڪونھي (ھر حالت ۾ ضروري ڪونھي) تھ قافيو جاندار يعني کڙڪڻو، ڦرڪڻو ۽ ڀرڪڻو مزيدار ھجي. ان حالت ۾ غزل کي ڳائيندي ۽ ٻڌندي محفل ۾ موج مچي ويندي. جيئن:

اکيون آرزوئون، اکيون التجائون،

اکيون يار تنھنجون صدين جون صدائون،

اھو چنگ چارڻ! امانت اٿيئي،

متان سر سوا ٻيون ڪرين ڪي صدائون.

(اياز)

ھتي ھيءَ ڳالھھ ڌيان ۾ رکڻ جھڙي آھي تھ ھنن قافين سان گڏ اچون، ڏسون، ڪريون جھڙا قافيا ملائڻ غلط ناھي، پر ائين ڪرڻ سان غزل جي لئھ ختم ٿي ويندي. پر ھتي اياز اھي ڪجسا قافيا رد ڪري ڇڏيا آھن.

ڪي شاعر چوندا آھن تھ غزل ڳائڻ جي چيز ناھي، پر پڙھي ماڻڻ جي چيز آھي. ڊاڪٽر اياز قادري، جنھن غزل تي ھزار صفحن جي ٿيسز لکي، سنڌ ۾ ڊاڪٽوريت حاصل ڪئي آھي، لکي ٿو تھ ”غزل ۽ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم جو لاڳاپو آھي. غزل جوس حسن، ان جي موسيقيءَ ۽ غنا سان ئي قائم آھي.“ (غنا= راڳ) مطلب تھ جي غزل ۾ موسيقي ۽ لئھ آھي ۽ ان کي ڪو سٺو ڳائيندڙ، ڪنھن باشعور محفل ۾ ڳائيندو تھ ڌوم مچي ويندي ۽ محفل جھومڻ لڳندي. ڪمل کي کڙڪندڙ قافين ۽ سٺن رديفن سان عشق آھي، پر ان جي ڪري ھو مول ويچار کي قربان نھ ٿو ڪري. غير مورج وزنن تي لکڻ ۾ فخر جو احساس ٿيندو اٿس. مثال طور سندس ھيءُ غزل، جو فاعلاتن، فعلاتن، فعلاتن فعلاتن وزن تي لکيل آھي. اھو وزن مون لاءِ نئون آھي ۽ مان ان کي سر سان ٺيڪ نموني ۾ پڙھي بھ نھ ٿو سگھان:

 غور سان پڙھھ، گھڻا بي ڌنڌ نظارا نظر ايندءِ!

منھنجي شعرن ۾ ڪٿي اصلي مھانڊا نظر ايندءِ!

پنھنجي تھذيب ڪلا، ٻوليءَ جا سانگ ٿين پيا،

چوطرف بس اھي پرشعور تماشا نظر ايندءِ!

اھي وزن شايد عروض جي ڪتابن ۾ بھ مشڪل نظر ايندا. مون کي تھ انھن نون وزنن ۾ لئھ ۽ سنگيت نظر نھ ٿو اچي. ڪمل شايد پنجاھھ کن وزنن جو استعمال ڪيو ھوندو. شيام ۽ عزيز چاليھھ يا پنجيتالھھ وزن ڪتب آندا. ڪشنچند بيوس فقط ڏھاڪو وزن استعمال ڪيا، پر ان ھوندي بھ بيوس جي شاعريءَ کي ڳائڻا پسند ڪندا آھن، ڇو تھ ھن جي شاعريءَ ۾ لئھ ۽ سنگيت آھي. (مون وٽ جدا جدا شاعرن ڪيترا وزن لکيا آھن، جو صحيح ڳاڻاٽو ڪونھي.)

ڪمل جو ھيٺيون غزل، ھن جي فني شعور جي ساک ڀري ٿو. غزل جو وزن آھي: مفاعلن مفاعلن مفاعلن، جو ھڪ عام مروج وزن آھي، پر تھ بھ سيکڙاٽن جي پڪڙ ۾ سھوليت سان نھ ايندو:

رکيو تھ يار کٽ تي پير، پر اٿان اٿان ڪندو،

صدين پڄاڻان ھو گڏيو، سوڀي وڃان وڃان ڪندو،

پڳو نھ مون کان ئي نماءُ زخم دل جو دوست !نھ تھ،

سري تھ آيو يار قرب مان ڏسان ڏسان ڪندو.

ھن غزل تي عام پيار جو رنگ چڙھيل آھي، پر انداز بيان خوب خمار چاڙھي ڇڏي ٿو. ھر ھڪ قافيي جو ٻھ ٻھ دفعا استعمال (اٿان اٿان، وڃان وڃان وغيره) سو بھ محاوريدار ٻوليءَ ۾ صحيح نموني ڪتب آندل، ڏاڍو سھڻو ٿو لڳي. وري رديف ”ڪندو“ بھ خوب آھي. ھي رديف آھي ننڍو، پر فن جو تز نموني ۾ استعمال ڪيڏو نھ ڏکيو آھي. اھو تڏھن پتو پوندو، جڏھن ڪوئي شاعر ان تي قلم ھلائيندو. ڪمل جو ھي سمورو غزل پڙھڻ جھڙو آھي. ان جا ٻيا بھ ٽي بند ھن ريت آھن:

گھڙيون ٻھ چار جھڙ ڪري، چمڪ ڌمڪ سان ويو ھليو،

جو آيو ٿي پري کان شور سان وسان وسان ڪندو،

الائي ڇو بھي ويو ھي قافلو حيات جو،

ھليو تھ ڏاڍي شان سان ھو وڌان وڌان ڪندو.

مون کي ڪمل جو ھيءُ غزل مثالي خوبصورت غزل ٿو لڳي. لفظن جي جوڙجڪ، ربط، ٻٽا قافيا وغيره ھن غزل جي سونھن کي سوايو ڪري بيٺا آھن، توڙي خيال ۾ خاص نواڻ ناھي، پر انداز بيان ساراھھ جوڳو آھي. جي ڪو سٺو ڳائيندڙ ھن غزل کي اپنائي ۽ ڳائي تھ محفل ۾ موج مچائي ڇڏيندو، فن ۾ شڪ ڪونھ اٿم، البت آخري بند ۾ قافلي جو ذڪر کٽڪيم ٿو، جو اڄ ڪلھھ اسان وٽ قافلا آھن ئي ڪونھ.

شاعر کي شاعريءَ ۾ ا، و ۽ ي اکرن کي حذف ڪرڻ يعني کائي وڃڻ يا ڪيرائڻ جي اجازت آھي، بشرطيڪ معنى ۾ مانڌاڻ نھ پوي.

(مونکي بدران منکي يا مونکھ ويئي بدران، ويئھ، آيو بدران آيھ لکي سگھجي ٿو) پر ضرور بدران ضرر نھ لکي سگھبو، ڇو تھ معنى بدلجي وئي. ڪمل ھن اجازت جو پورو فائدو وٺندو آھي، يعني اکرن کي حذف ڪرڻ جي ھن پاڻ کي مڪمل ڇوٽ ڏني آھي. ھونءَ اکر کي حذف تڏھن ڪيو آھي، جڏھن ٻيو ڪو چارو ڪونھ ھوندو آھي. اکرن کي حذف ڪرڻ سان شعر ۾ رواني مار کائي ويندي آھي. ان ڪري ڪن ڄاڻن کي بھ اھو ڀرم ورائيندو آھي تھ ڪمل وزن جون غلطيون ڪندو آھي. ھڪ دفعي مون کي بھ اھڙو ڀرم ٿيو ھو. ھن کي چيم تھ وزن غلط آھي. ھن چيو تھ ڪھڙي شعر ۾ غلطي ڪئي اٿم. مون کيس ھڪ غزل ٻڌايو جنھن جو وزن شايد فاعلاتن مفاعيلن مفاعلين ھو. اھو وزن مون ٻڌو بھ ڪونھ ھو ۽ اڄ بھ پڪ نھ اٿم تھ اھو وزن ڳائڻ ۾ سر ۾ ڪيئن بيھندو. پر جڏھن ماترائن جي ڪسوٽيءَ کي جاچيم تھ سندس غزل بلڪل پورو ھو. ٻيو تھ ڪمل جي ڪتابن ۾ پروف جو اڪيچار غلطيون ھونديون آھن. پر ڪمل جڏھن مون ڏي پنھنجا ڪتاب موڪليندو آھي تھ مڙئي غلطيون سڌاري موڪليندو آھي.

ڪمل ليکراج عزيز صاحب جو شاگرد آھي، جو ھڪ استاد شاعر ھو. عزيز صاحب ٻوليءَ جو ماھر ۽ وڏو عالم ھو. پر ھن کي اکرن حذف ڪرڻ جي عادت ھئي. ڪمل کي بھ پنھنجي استاد وٽان ٻوليءَ ۾ مھارت ۽ محاورن ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ ۽ علم عروض جي ڪاريگري ورثي ۾ مليل آھن، پر ساڳي وقت اکرن کي حذف ڪرڻ بھ عزيز صاحب جي صحبت ۾ سکيو آھي. ڪمل اکرن کي حذف ڪرڻ ۾ ھرگز ھٻڪندو ناھي. مثال طور سندس ھي غزل جنھن جو وزن آھي: مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن:

شھر آ ڳتيل، مان دل جي دنيا ڪٿي رکان،

ھن تنگ بستي ۾ ھي صحرا ڪٿي رکان؟

سپنا تھ پرزا پرزا ٿي ويا ھئا، مگر،

يادن جي آئيني جا ٽڪرا ڪٿي رکان!

جي اکر حذف ڪيا ويا آھن، اھي جي بنھھ ڪڍي ڇڏجن تھ ڪمل جو ھي غزل ھيئن پڙھڻ ۾ ايندو.

شھرا ڳتيل، م دل جي دنيا ڪٿي رکان،

ھن تنگ بست ۾ ھي صحرا ڪٿي رکان.

سپنا تھ پرزا پرزا ٿي ويا ھئا مگر،

يادن ج آئيني جا ٽڪرا ڪٿي رکان.

يعني چئن مصرعن ۾ حذف جو استعمال ڇھھ دفعا ڪيو ويو آھي. خيالات خاص آھن، پر روانيءَ ۾ دم نظر نھ ٿو اچيم. ان جي ڀيٽ ۾ ڪمل جو ھي غزل سٺي روانيءَ وارو آھي:

ھن سان ھي ڪھڙو رشتو ھو،

جو دک ڀوڳيم سو ھن جو ھو،

ھن سان گڏ نت صبح سمو ھو،

ھن بن منجھند ٽاڪ سمو ھو،

در ديوار اکيون ٿي مھٽيون،

اوچتو منھنجي گھر آيو ھو.

ھي سورھن ماترائن جو ھندي ڇند آھي. ھتي ڇھن سٽن ۾ فقط ھڪ ماترا حذف ڪيل آھي. اوچتو کي اوچت ڪري پڙھڻو پوي ٿو. ان ڪري ھن غزل ۾ رواني ۽ رس آھي. ھن مضمون ۾ شيخ اياز جا جيڪي بھ شعر ڏنا اٿم، انھن ۾ ھڪ ماترا بھ ڪيرايل نھ آھي، ان ڪري رواني ۽ رس خوب آھي.

ڪمل جي دعوى آھي تھ ھن سنڌي شاعريءَ کي نئين غزل جو تحفو عطا ڪيو آھي. حقيقت ۾ مان اڃا نئين غزل جو مفھوم سمجھي ڪونھ سگھيو آھيان. شايد نئين غزل جي مفھوم ۾ نوان ويچار ۽ نيون تشبيھون آھن. پر ھتي وري سوال ٿو اٿي تھ ڇا ھي نئون ۽ ڇا ھي پراڻو. پر ان ۾ شڪ ناھي تھ ڪمل جو غزل پڙھي منھنجي اکين اڳيان ڪا نئين دنيا کڙي ٿي ويندي آھي، جو ئي شايد نئين غزل جو مقصد آھي. ان ۾ شڪ ناھي تھ ڪمل ڪيترا نوان قافيا، رديف ۽ نوان خيال پنھنجن غزلن ۾ ڪتب آندا آھن. مثال طور سندس ھيءُ خوبصورت غزل، جنھن ۾ رواني بھ سٺي آھي ۽ ماڊرن دھشتگيريءَ جو ماحول کڙو ڪيو ويو آھي:

شھر ۾ گولي ھلي، پوءِ الاجي ڇا ٿيو؟

خلق ھڪ طرف ڊڪي پوءِ الاجي ڇا ٿيو؟

ھڪ ڌماڪي سان سڄي روشني ميري ٿي وئي،

اوچتو ڌوڙ اڏي پوءِ الاجي ڇا ٿيو،

”تون ڇا، تون ڇا“ کان ھلي گار، ڇرا ڀي نڪتا،

تڪڙو آيس مان ھلي، پوءِ الاجي ڇا ٿيو؟

ھي غزل غور ۽ داد جي طلب ڪري ٿو. وڏي ڳالھھ آھي تھ رديف ”پوءِ الاجي ڇا ٿيو“ جيڪو ڪافي لنبو آھي، بلڪل تز نموني خوبيءَ سان ڪتب آندو ويو آھي.


[1]   نومبر 2006ع ۾ گذاري ويو آھي. (ت. ج)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org