تنوير عباسي
نارايڻ شيام : غزل جو
صف اول جو شاعر-
اسان جي دور جي شاعرن ۾، سنڌ توڙي ھند ۾، نارايڻ
شيام کي وڏي اھميت حاصل آھي. ھو انھن ٿورن شاعرن
مان آھي، جيڪي اسان جي دور جي شاعريءَ جي وھڪري
کان الڳ ٿلڳ، پنھنجي ذاتي اسلوب ڪري نرالا ۽ انوکا
ٿا لڳن. نارايڻ شيام سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ، توڙي
ترقي پسند شاعريءَ، جي بنياد وجھندڙن مان ھڪ آھي،
پر انھن سڀني کان اھم پڻ- . . . .
ھو ڪشنچند ’بيوس‘ جي اثر ھيٺ آيل شاعرن مان آھي. .
. . ان سان گڏوگڏ حاجي محمود ’خادم‘ جھڙي عروض جي
سخت گير شاعر، ڊاڪٽر ھرومل سدانگاڻيءَ جھڙي فارسي
شاعريءَ جي ماھر، ۽ پرسرام ’ضيا‘ جھڙي عوامي لھجي
واري شاعر ٽنھي کي پنھنجو رھبر ۽ رھنما تسليم ٿو
ڪري. ان نڪتي کان ئي نارايڻ شيام جي انفراديت جي
شروعات ٿئي ٿي.
ھن جو شعر ڪشنچند بيوس جي شعر وانگر عام سنڌي
ٻوليءَ ۾ تھ آھي، جنھن ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا
ڌاريا لفظ گھٽ آھن، پر تنھن ھوندي بھ شيام جي ٻولي
نھ دقيانوسي آھي، ۽ نھ ان جو لھجو توڙي اچار ثنيل
۽ غير واضح- . . . .
نارايڻ شيام سنڌيءَ جو اھو نرالو شاعر آھي، جيڪو
پنھنجي نرالي اسلوب، لھجي ۽ مزاج، فڪر، ٻوليءَ،
موسيقيت ۽ ڪامياب تجربن سببان، سنڌي شاعريءَ جي
موجوده دور جي وھڪري ۾ رھندي بھ، ان وھڪري کان ڌار
ھڪ انوکي، نرالي ۽ دائمي حيثيت رکي ٿو.
نارايڻ شيام کي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ، فارسي
ڪلاسيڪي شاعريءَ، ۽ جپاني ھائيڪو شاعريءَ ۽ جديد
مغربي شاعريءَ جو اونھو اڀياس آھي. ان ڪري ئي سندس
شعر ۾، سنڌي، فارسي، ھندي، جديد مغربي ۽ جپاني
ڌارائن جو سھڻو ميلاپ نظر اچي ٿو. دوھو، سورثو،
بيت، وائي، گيت، نظم، رباعي، غزل، آزاد نظم،
سانيٽ، ترائيل ۽ ھائيڪو، سڀني صنفن تي ھو ھڪجھڙي
قدرت ۽ سولائيءَ سان لکي سگھي ٿو.
. . . . شيام جي شاعري ١٩٥٣ع ۾ سندس ۽ ھري دلگير
جي شاعريءَ سان گڏ ڇپيل مجموعي، ’ماڪ ڦڙا‘ سان
شايع ٿي. . . . شيام جو ٻيو مجموعو آھي ’پنکڙيون‘،
جيڪو . . . . ١٩٥٥ع ۾ ڇپيو. . . . شيام جون ٽيون
مجموعو ”رنگ رتي لھر“ ١٩٥٦ع ۾ پڌرو ٿيو. ھن مجموعي
۾ رڳو غزل آھن. ان کان پوءِ وارا مجموعا، ’واريءَ
ڀريو پلاند‘، ’آڇيندي لڄ مران‘ ۽ مھڪي ويل صبح جي،
بھ رڳو غزلن تي مشتمل آھن. ٻين ٻن مجموعن ’ماڪ ڀنا
رابيل‘ ۽ ’روشن ڇانورو‘ ۾ بھ ڪافي انداز غزلن جو
آھي. لڳي ٿو تھ شيام غزلن سان لونءَ لاتي آھي. . .
. شيام جي سموريءَ شاعريءَ تي غزل ڇانيل آھي.[1]
. . . . شيخ اياز، نارايڻ شيام، ھري دلگير،
عبدالڪريم گدائي، نياز ھمايوني، امداد حسيني،
شمشير الحيدري
]خود
تنوير عباسي- ت. ج[
انھن جديد شاعرن مان آھن، جن غزل جھڙي ڌاريءَ صنف
کي، سنڌي ماحول جو ويس پارايو، ۽ منجھس روايتي
رومانوي موضوعن بدران جديد زندگيءَ جون پيچيدگيون
۽ انقلابي موضوع شامل ڪيا.
شيام جي غزلن ۾
]سواءِ
ڪن اوائلي غزلن جي[
صاف سلوڻي فصيح ۽ روزمره جي ٻولي آھي.
غزل جي زمين ڏاڍي ماريل آھي. فارسيءَ ۽ اردوءَ
وارن ڪا وٿي نھ ڇڏي آھي، جو ان ۾ ڪا تخليق ڪري
سگھجي . قافيا، رديف کٽائي ڇڏيا اٿن. تشبيھون،
استعارا، تلميحون توڙي انھن کي ادا ڪرڻ جا اسلوب ۽
ڍنگ سڀ پراڻا ٿي چڪا آھن. اردوءَ جي جديد غزل جي
بھ ساڳي حالت ٿي ويئي آھي ۽ ھيءَ صنف ھر معاملي
کان ورجاءَ جو شڪار ٿي ويئي آھي. سنڌيءَ جي جديد
غزل، خاص ڪري شيام جي غزلن جي اڀياس کان پوءِ لڳي
ٿو تھ نھ- اڃا غزل جي زمين ۾ ڪافي گنجائش آھي. اڃا
ڪافي ڪنواري زمين پيل آھي، جيڪا کيڙي نھ ويئي آھي.
شيام وٽ نھ رڳو جذبن، عڪسن ۽ ٽاڻن
(situations)
جي اپٽار ۽ نگارش آھي، پر انھن جي کوجنا پڻ. اھا
کوجنا ئي شاعر کي سچو تخليقڪار ۽ وڏو شاعر ٿي
بنائي. رڳو اھل ۽ ورجاءُ، وچولي درجي جي شاعرن جو
ڪم آھي.
شيام، غزل کي سنڌي ماحول ۽ ٻوليءَ سان رڱي، ان ۾
تخليق جي وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي آھي. فارسيءَ ۽
اردوءَ جي گٺل ٻوليءَ، لفظن، تلميحن، اھڃاڻن، ۽
استعارن بدران نت نون جرڪندڙ لفظن ۽ محاورن سان
غزل ۾ رنگ ڀريو آھي ۽ سندس تغزل جا نوان تجربا، اڻ
مئيءَ تازگيءَ سان ٽمٽار آھن:
شعر پئي سوچيم ڪوئي، آئينءَ جڏھن،
ڇا بڻيو، ڇا بڻجي بگڙيو، ڇا چوان!
-
تو جو پھريو ھو اڇو سادو لباس،
ڇا نھ رنگينيون بکيون پئي ان منجھان!
-
ھيئھ صبح جو وار وٽڙيل اھي ئي،
گھڻو شام جو کين تو پئي سنواريو.
_
مٿين سٽن ۾ نھ فقط ٽاڻن
(situatins)
۽ جذبن جي اپٽار آھي، پر کوجنا پڻ- تنھن ھوندي بھ
تغزل ڀرپور نموني موجود آھي.
شيام جي غزلن ۾ ڪيترا اھڙا شعر ملندا، جن ۾ کوجنا
(discovery)
آھي، پوءِ اھا کوجنا رومانوي عڪس جي ھجي يا جديد
پيچيده زندگيءَ جي عڪسن جي انھن سٽن کي پڙھڻ سان
ائين لڳي ٿو، ڄڻ اھڙي ڳالھھ اڳ ٻڌل نھ آھي: حالانڪ
اھي عڪس عام زندگيءَ جا آھن، جن ڏي ڪنھن جو ڌيان
نھ ويندو آھي:
آئيني اڳيان ويھي سينگار ڪيائين پئي،
پر ڏيئي پٺي ڀي اک ان مون ۾ ئي اٽڪائي.
معصوم ابھم ٻار ۽ ماءُ جي ھنج، شيام جي پسند جو
موضوع آھن، پر انھن جي ادائگي
(treatment)
ڪيڏي نھ سادي، رومانوي ۽ حقيقت پسنداڻي آھي:
ٻار کي ڪنھن جي ھنج مان وٺندي،
ڇا تھ دلڪش ھڳاءُ جو احساس!
-
تو گود ۾ ٻالڪ کي جيئن ٿڃ ڏني ويٺي،
معصوم اگھاڙپ تي پاڪيزگي للچائي.
-
لوڏي ھندورو شاخ جو گلزار ۾ صبا،
غنچي ۾ آھھ ڦول ڪ تنجڻ ۾ ٻار آھھ!
مٿيان موضوع، غزل جي شاعريءَ لاءِ بلڪل ئي اوپرا
آھن، پر شيام انھن ۾ غزل جي رمزيت ڀري، فنڪاراڻي
انداز ۾ پيش ڪيا آھن.
. . . . شيام جي غزلن ۾ نت نوان، اڻ ڇھيل ٽاڻا
آھن. اھڙا ٽاڻا، جن ڏي ڪنھن غزل جي شاعر جو ڌيان
ئي نھ ويو آھي. شيام جو مشاھدو وسيع ۽ احساس اونھو
آھي. ھو معمولي منظرن مان شاعراڻو حِظ ٿو حاصل ڪري
۽ ان کي لفظن جو لباس ٿو پارائي:
ڇپ ڇپ منھنجون اکيون ڍڪيئھ،
مون تھ سڃاتئھ ھٿ رکندي ئي!
-
ڀر ۾ بيٺينءَ تھ اک کڻي نھ ڏٺئھ،
ويندي ويندي مڙي نھاريو تو.
-
ڪلھھ تو مون کي ڪيڏو ڇينڀيو،
آئيني کان اڄ لڄ آيئھ!
-
اٿي، ڇرڪي، بس ڪاوڙي، مسڪرائي،
لڪي ڪنھن ڪيس پير ۾ ڪتڪتائي.
عجب ڍنگ آھن، اوھان جي ڏسڻ جا،
نھ ڌاريا لڳو ۽ نھ پنھنجو لکايو.
-
ڳل ڇھڻ ساڻ گل ٽڙيا گويا،
چرچي چرچي ۾ اِئن بھار آئي.
-
شيام! صبح جو مشڪئين ائين پئي،
ڄڻ تو سک جي رات گذاري!
-
ھٿ آلا ۽ کارا اٿئي،
شايد ڳوڙھا شيام اگھيا تو!
-
واپس ڪيئھ ڪتاب، جو ان ۾ ھي پنکڙيون!
ڪيڏو لڳين ٿي شيام! رکو ھونءَ سڀاو ۾!
-
منھنجي اوندھھ ۾ ڏئو ٻاري ويو،
ھي نھ ٿيو کانئس کڻي نالو پڇان!
-
ھي تھ ٿيا رومانوي ٽاڻا- پر رومان کان سواءِ بھ
زندگي آھي. حياتيءَ ۾ ڪي ئي اھڙا پل اچن ٿا، جن کي
شاعراڻي لافانيت حاصل ٿيو وڃي؛ جيڪي ذھن تي اڻ
مٽجندڙ نقش چٽيو وڃن؛ پر انھن اڻ مٽجندڙ نقشن کي
شيام جھڙو حساس شاعر ئي پرکي، پروڙي، محسوس ڪري،
لفظن جو روپ ڏيئي، ھميشه لاءِ محفوظ ڪري ٿو ڇڏي-
رومان، عشق کان سواءِ بھ آھي:
ھئي نگاھھ محبت، نگاھھ پھرين ئي،
نگاھھ ٻي ٿي پئي شيام ھڪ نگاهھ ھوس.
-
آھٽون ٻڌندي صبح بھ ٿي ويو،
در تي رات نھ ٺڪ ٺڪ ٿي ڪا.
کولي دري مون پر نھ ھئو انتظار ڪو،
بس آئي ھير پاڻمرادو گھڙي اتان!
-
ڪيڏي امنگ ۾ اچي مون گل ڇني کنيو،
دل ۾ جو آنڌ مانڌ ٿي ٽاري ٻسي ڏسي!
-
فقط واس چندن جو ڪمري ۾ ھو،
ملڻ آءٌ آيو ھيس شيام سان!
-
آرسيءَ ۾ عڪس پنھنجو ئي ڏسي،
شور جھرڪيءَ پئي ڪيو ڳچ دير کان!
-
پوپٽن بابت تھ سوچيو ئي نھ ھوم،
مون تھ گل پوکيا اِئين ئي شوق مان!
-
واقف تھ پئي لڳو، پر نالو نھ ياد آيو،
کانئس نھ مون پڇيو ۽ پاڻھي نھ ھن ٻڌايو.
-
گھميس شھر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو،
تھ ڪو پاڻ جھڙو ملي ڪنھن گھٽيءَ ۾!
-
ڪيئي ڀيرا پاڻ ئي پنھنجو در مون کڙڪايو،
مون پئي ڀانيو اندران ئي ايندو منھنجو آواز.
-
ھي تھ شيام جي غزلن مان اھي چونڊ شعر ھئا، جن ۾ ڪا
نواڻ آھي، ڪنھن ٿاڻي، ڪنھن ماڳ، ڪنھن عڪس يا ڪنھن
جذبي جي کوجنا آھي؛ پر شيام جي غزلن ۾ اھڙا شعر
عام جام آھن، جن ۾ شيام جديد دور جي زندگيءَ جا
عڪس چٽيا آھن، ۽ ھن دور جي ڪيترين ئي وٿن
(objects)
کي اھڃاڻ
(symbol)
طور ڪتب آندو آھي. غزل عام طرح روايتي ۽ دقيانوسي
استعارن يا اھڃاڻن سان ڀريل ھوندو آھي، ۽ سنڌي غزل
۾ جديد زندگيءَ جا عڪس ٻين شاعرن وٽ بھ ملن ٿا، پر
انھن عڪسن کي جنھن فنڪاريءَ سان شيام ڪتب آندو
آھي، اھو سندس ئي ڪمال آھي. شيام جديد عڪسن ۾ غزل
قائم رکيو آھي، ۽ غزل جي اشاريت ۽ رمزيت کي برقرار
رکيو آھي. ڪن ڪن ھنڌن تي وٽس تغزل سان گڏ گھري طنز
۽ مزاح پڻ آھي:
ھردم موت جو ھڪ احسان،
ائٽم بيگ ۾ شيام! حيات.
-
جئن ئي بتيءَ جو سئچ ڪيو آف شيام مون،
ڪمري جي فرش تان وئي جھٽ کسڪي روشني.
-
چنڊ تارن سان رات ڀر ڳالھيون،
روز اخبار سان ئي صبح ٿيو
-
ملڪ جي حال تي ڳالھائيندي نيتا ڪنڌ جھڪايو،
ننگي ناري بيٺي لڄ کان منھن تي گھونگھٽ ڍاري.
-
صبح شفق جي سرخي اڀ تي،
دھلي دونھين کان ٿي ڪاري.
_
پڙھندي ڪھاڻي اوچتو بجلي ھلي وئي،
ڪردار پنھنجي ڇا تھ روشني ڇڏي ويا!
-
بس ۾ ڀرسان ڪو ويٺو،
جسم جي خوشبو جو احساس!
_
عڪس آواز جو ڏسجي ئي نھ ٿو،
تنھنجي فوٽي ۾، او ڳائڻ وارو!
مٿين شعرن کي پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو تھ اھا شاعري
اسان جي دور جي شاعري آھي. ويھين صديءَ جي شاعري
آھي، ۽ شيام اسان جي دور جو، اسان جي جڳ جو، ويھين
صديءَ جو شاعر آھي.
شيام ھي شعر لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آھي تھ غزل جي
صنف محدود نھ آھي. اھا وشال آھي. ان ۾ ھر دور جي
عڪسن، احساسن، جذبن توڙي پيچيدگين کي سھڻيءَ ريت
سمائي سگھجي ٿو؛ رڳو ان لاءِ شيام جھڙي فنڪار جي
ضرورت آھي.
. . . . شيام جي غزلن ۾، حقيقت نگاريءَ سان گڏوگڏ،
انسان دوستيءَ، بي تعصبي، امن ۽ محبت جا اعلى قدر
موجود آھن. ھن وٽ جنگ کان نفرت جا جذبا تمام چٽا ۽
پڌرا آھن. ھن وٽ مقدس گنگا بھ جي بستيون اجاڙي ٿي
تھ اھا پڻ مقدس نھ آھي:
جا اٿل کائي ڪري بستيون اجاڙ،
ڀل ھجي گنگا جي ڌارا، ڇا ٿيو؟
. . . . ھن جو ”موت کان پوءِ واري حياتيءَ“ جي
باري ۾ چٽو ۽ پختو رايو آھي- ۽ اھو حقيقت پسنديءَ
وارو آھي:
سرڳ ۽ نرڳ مئن جي جاءِ،
دنيا ھيءَ ئي چوڙڻ لاءِ.
-
جئري سک جي گھڙي غنيمت ڄاڻ!
موٽ کان پوءِ اٽل خوشي ڇا جي؟
. . . . شيام غزل جي رمزيت ۽ اھڃاڻن کي ڪتب
آڻيندي، مذھبي پيشوا جي باري ۾ ڪھڙي نھ سھڻيءَ ريت
رايو ڏنو آھي:
واعظ جو عمامو خوب،
جوڳيءَ تي ڀي ڏس تھ جڙاءُ!
. . . . ڏيئي جي اھڃاڻ، ۽ مسجد ۽ مڙھيءَ جي اھڃاڻ
کي ڪتب آڻي، شيام ڪھڙو نھ حقيقت پسنديءَ وارو ۽
سوز و گداز سان ڀريل شعر چيو آھي:
ٻري مسجد ۾ ۽ مڙھيءَ ۾ ڏيو،
پر نھ ڌرمن جو انڌڪار ويو.
-
گرچھ ھي مسجد مندر ٿيا آثار قديم،
نئين تعمير جي ڪا پيڙھھ ٻڌايو تھ سھي.
شيام ان مسئلي تي سنڌ جي صوفين وارو ئي فيصلو ڏئي
ٿو:
آخري منزل آھھ ڪفر،
پھريون ڏاڪو ھو ايمان.
نرگن واد، ويدانت، تصوف ۽ سنڌي ڪلاسيڪي صوفياڻي
شاعريءَ جي اونھي اڀياس سبب، شيام جي شاعريءَ ۾
انھن سڀني ڌارائن جو سھڻو ۽ وڻندڙ ميلاپ آھي:
تو لئھ ڳوليم پئي آڪاس،
ڀونءِ مان آيو تنھنجو واس.
شيام ترقي پسند بھ آھي، تھ حقيقت پسند بھ- ڪٿي ڪٿي
سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻي روحانيت جھلڪي ٿي، پر تنھن
ھوندي بھ سندس شاعري سڀني مفروضن کان آجي، سائنسي
حقيقت جي ترجمان، ۽ سماجي انصاف ۽ انقلاب جي آئينھ
دار آھي. شيام جي شاعريءَ ۾ ڪٿي بھ سستي نعريبازي
۽ ھلڪڙائپ نظر ايندي (سواءِ ’ماڪ ڦڙا‘ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ
اوائلي نظمن ۽ غزلن جي). انقلاب سان سندس ناتو
اونھو، گنڀير ۽ مستقل آھي.
شيام جي غزلن ۾ خاص طور، ۽ سڄي شاعريءَ ۾ عام طور،
رواني ۽ سلاست موجود آھي، ۽ ان سان گڏ موسيقيت،
نغمگي ۽ ردم توڙي اچارن جي لئھ جو ھلڪو ۽ وڻندڙ
تاثر ملي ٿو:
. . . . شيام جي شاعريءَ ۾ توازن آھي. ھن وٽ ردم
اھڙو ھلڪو آھي، جو ڪنن کي وڻي ٿو. ھن جو ردم اھڙو
زورائتو بھ نھ آھي، جو پڙھندڙ يا ٻڌندڙ اکرن ۾
اڙجي پوي، ۽ شعر جي معنوي اونھائيءَ تائين پھچي نھ
سگھي- ردم شاعريءَ جو زيور آھي، شاعريءَ جي سونھن
وڌائڻ لاءِ، ان جي سونھن کي ڍڪڻ يا
over shadow
ڪرڻ لاءِ نھ آھي.
. . . . شيام جي غزلن جي ھڪ ٻي خوبي آھي تغزل.
تغزل، غزل جي خوبي نھ، پر لوازمو يا ضرورت آھي.
تغزل کان سواءِ غزل لکڻ اجايو آھي، جنھن غزل ۾
تغزل ناھي، اھو غزل نھ آھي. تغزل لاءِ ئي ھن صنف
کي ايجاد ڪيو ويو آھي. پر تغزل ڇا آھي، ان جون
ڪيئي وصفون
(definations)
گھڙيون ويون آھن. ڪنھن زندگيءَ
(life)
جي وصف ڪندي اھو چيو ھو تھ: ”اسان سڀني کي خبر آھي
تھ زندگي ڇا آھي- جيستائين اسان ان جي وصف ڪرڻ
شروع ٿا ڪريون-.“
سو تغزل بھ ائين آھي. اسان سڀني کي خبر آھي تھ
تغزل ڇا آھي، پر جڏھن ان جي وصف ڪرڻ شروع ٿا ڪريون
تھ منجھيل سٽ جا ڇيڙا ھٿ ئي نھ ٿا اچن.
مختصر طور، تغزل آھي ٿوري ۾ گھڻو چوڻ، جنھن ۾ ڪا
رمز ھجي، ڪو اشارو ھجي، ڪو اھڃاڻ ھجي. شيام جي
غزلن ۾ اھو تغزل ھر جاءِ تي نظر ايندو. شايد ان
تغزل جي ڪري ئي شيام عزل کي پنھنجي مرغوب صنف
بنائي آھي. . . . سندس غزل ۾ تغزل جي نمونن جا
مثال:
ديد جون دعوتون ازل لاڪون،
پوءِ بھ اڄ تائين نيڻ نيرانا.
-
سورج مکي بڻجي تو سونھري ڪيو ھر ڏينھن،
۽ رات جي راڻي ٿي ھر رات بھ چمڪائي-
-
ڀانءِ ھڪ مرڪندڙ پريشاني،
ھيءَ اسان جي حيات ڀي ڇاھي!
-
زندگي مسئلا ھزار مگر،
مرڪ تنھنجي سڀن جو حل آھي.
-
ڪيڏي ڪومل مورت نڪتي،
پٿر جي دل ڪاڏي ويئي؟
ڦولن سان سينگاريل نڪتين،
گھر ۾ واس اڇا ڀي آھي!
-
ڪوئي پروانو رولاڪ بنجي نھ ھا،
جيڪڏھن شمع ٿئي ھا نھ ائين چلولي.
-
نقشو تنھنجو تھ نھ ھئن اڀري ھا،
دوست منھنجي پسمنظر ڌاران.
-
سڌ نھ آھي ڪير پاڙري ۾ اچي آھي رھيو،
صحن ۾ ڪونڊيون اٿس موتئي ۽ تلسيءَ جون رکيون!
-
ياد لڙڪن جو ڪري ھڪ ھڪ ڦڙو،
ڪئن وساريان شيام ٽھڪن جو شمار.
-
رات ڪاٽي اسان ٻنھي جاڳي،
نيٺ ڪنھن ڪنھن جي ننڊ چورائي؟
. . . . غزل ڌاري صنف آھي. سنڌيءَ جي غزل جي
اوائلي شاعرن ان کي سنڌيءَ ۾ آڻي، ان کي سنڌي
ماحول سان پيش ڪيو. گل، قاسم، فاضل تائين ھيءَ صنف
سنڌيءَ ۾ اوپري نھ پئي لڳي. حافظ، حامد ۽ سانگيءَ
تائين غزل صاف سٿرو رھيو. اڳتي ھلي، ھن صديءَ جي
ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڏھاڪي ۾ غزل ۾ ايراني ماحول،
تشبيھون، تلميحون ۽ استعارا ٺونسيا ويا، ۽ ھيءَ
صنف سنڌ جي ماڻھن لاءِ اوپري ٿي پئي. شيخ اياز،
نارائڻ شيام، دلگير، نياز، گدائيءَ ۽ شيخ راز،
انھن اوائلي شاعرن مان آھن، جن ھن صنف کي نھ فقط
موٽائي سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماحول تي ڏي آندو، پر ان
کي جديد دور جي ضرورتن موجب بدلائي، نئون موڙ ڏنو.
ان ڏس ۾ شيخ اياز ڪيترائي غزل لکيا، جن کي ھن پاڻ
”گيڙو ويس غزل“ سڏيو.
نارائڻ شيام جي ھڪ بھ غزل ۾ اوپرو ماحول نھ ٿو
ملي. ھن جي ذري گھٽ ھر غزل جو ماحول سنڌي آھي. ڪٿي
ڪٿي دھليءَ جي شھر جا نظارا آھن، جيڪو پڻ شيام جو
مشاھدو آھي. پر شيام، غزل جھڙيءَ ڌاريءَ صنف ۾
سنڌي لوڪ ڪھاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين
يادگيرين جا عڪس، اھڙيءَ تھ فنڪاريءَ سان آندا
آھن، جو غزل جو روايتي تغزل بھ نھ ٿو زخمي ٿئي ۽
شيام پنھنجو اظھار بھ ڪري ٿو وڃي. . . . شيام جي
ھيٺين شعرن ۾ سنڌ جي يادن جا عڪس آھن- چٽا، صاف ۽
جذبن سان ڀريل:
الا! ھي صاف اڀ، اڌ رات جي خاموش چانڊوڪي،
جو ڏسندو ھوس نوشھري ۾ ھيءَ ئي ماھتاب آھي!
-
الا! ائن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي،
تھ ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
-
گنگا جمنا امرت امرت
ليڪن ٿڃ تھ سنڌو آھي!
-
شيام جا اڪثر غزل غير مردف آھن. ھن فقط اوائلي دور
جي غزلن ۾ رديف استعمال ڪيو آھي ۽ اڳتي ھلي بنا
رديف جي غزل لکيا اٿائين، ان ڪري، جو رديف خيال کي
محدود ڪري شعر کي لفاظيءَ ۽ قافيھ پيمانيءَ تي
مجبور ٿو ڪري. بنا رديف واري غزل ۾ شاعر کي نسبتا
وڌيڪ آزادي ٿي ملي.
شيام جي غزلن جي اڀياس مان لڳي ٿو تھ شيام اسان جي
دور جي غزل چوندڙ شاعرن جي صف اول جو شاعر آھي.
(’بوند لھرون سمنڊ‘ جي مھاڳ تان
شيام جي غزلن جي اڀياس جو اختصار)
امير علي چانڊيو
’اياز‘ جي شاعري (غزل) : ھڪ مطالعو
شيخ اياز جي شاعري تقريبا نصف صديءَ تي محيط
آھي،اھا صدي جيڪا پنھنجي جِلو ۾ ڪيئي جنگيون،
بحران
(crisis)
۽ انقلاب رکي ٿي. انھيءَ صديءَ ۾ انساني تھذيب،
تجريديت جي ھڪ اھڙي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي،
جنھن ۾ اخلاقي قدر، مدنيت جا طريقا ۽ ثقافتي اظھار
جا پراڻا طريقا ختم ٿي رھيا آھن. ھيءَ صدي ھڪ اھڙي
صدي آھي، جنھن کي سائنسي ڪونيات
(Cosmology)
جي صدي سڏي سگھجي ٿو. سائنس جي ھمھ گير ڦھلاءَ،
حياتِ انسانيءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي آھي. آرام ۽
آسائش جا نوان وسيلا ھڪ طرف ايجاد ڪيا ويا آھن تھ
ٻئي طرف انھن جي استعمال انساني معاشري لاءِ
اڪيچار مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آھن. سائنس ايتري وسعت
حاصل ڪري ورتي آھي، جو ڏسندي ڏسندي ’زمان ۽ مڪان‘
(Time and Space)
جو قديم جھڳڙو، آئن اسٽائن جي نظريئھ اضافيت
(Theory of relativity)
کان پوءِ ختم ٿي ويو. علت ۽ معلول، جنھن تي قديم
سائنس جا بنياد بيٺل ھئا، سا جديد طبيعيات جي ڪن ۾
غرقاب ٿي ويئي. ھيءَ ڪائنات، جنھن ۾ اسان رھون ٿا،
سا روز تبديل ٿيندڙ ۽ غير معين آھي. نئين طبيعيات
جي ڪري ھائزن برگ نظريو آيو، جنھن مادي
(matter)
جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو. عقل کي ناقابل يقين ۽
ناقابل وثوق قرار ڏنو. ائم
(Atom)
جيڪو ڪالھھ تائين جزو لايتحزى (نھ ٽٽندڙ جزو) ھو،
سو ڪيترن ئي ڪيترن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي چڪو آھي. . . .
علم فلڪيات جي ترقيءَ ڪائنات ۾ ’بلئڪ ھولس‘
(Black Holes)
جي راز تان پردو کڻي، ڪائنات کي معدوميت جي انڌيرن
۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. ان ئي صديءَ ۾ انساني ڳڀ
(Embyo)
کي ماءُ جي پيٽ بدران ٽيسٽ ٽيوب ذريعي پيدا ڪرڻ جو
ڪامياب تجربو ٿي چڪو آھي. . . . ٽيليويزن ۽ ويڊيو
رڪارڊ (۽ ھاڻي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ) جي استعمال،
انسان تي نت نوان راز منڪشف ڪيا آھن. ھوائي اڏامن
۾ جيٽ
(jet)
کان ڪانڪارڊ
(Concorde)
۽ خلائي شٽل
(Space Shuttle)
تائين ھڪ سلسلو آھي. ايڪسري کان بعد الٽرا
سونوگرافي ۽ ليزر
(Laser)
جي دريافت ۽ ان جي ڪارنامن انسان کي حيرت ۾ وجھي
ڇڏيو آھي. نھ صرف ايترو بلڪ پراڻو صنعتي نظام ۽ ان
تي بيٺل بوسيده معاشرو جديد ۽
Anti utopian
معاشري ۾ بدلجي رھيو آھي. ھن صديءَ جو معاشرو
عقليت پسندي، زياده پيداوار جي جنون ۽ خودڪار
مشينيت
(Automization)
تي استوار آھي. ھر شيءِ ٽيڪنيڪل ۽ ھنري مھارت،
ايتري قدر جو انتظاميھ بھ عقلي بنيادن تي ھلائي
پئي وڃي.
اپالو
(Appolo)
يارھن ۽ نيل آرمسٽرانگ تھ ھاڻي قصئھ پارينھ ٿي ويا
آھن- جنھن شاعر ۽ حساس ماڻھوءَ جي جمالياتي تسڪين
جي مرڪز چنڊ متعلق نئين ڄاڻ ڏني تھ اھو ڀرندڙ مٽي،
خشڪ پٿر ائين زمين ۽ بي آب و گياھھ ويراني کان
سواءِ ڪجھھ نھ آھي. اڄ ڪلھھ جي تھذيب ۾ سگريٽ،
شراب خوري، ھيروئن، مارفيا، ميري جوانا، ايل. ايس
ڊي، نائٽ ڪلب ۽ انھن ۾ رمبا، جاز ۽ مائيڪل جيڪسن
جي تيز ڌنن وارن نغمن تي بي تڪي رقص کان سواءِ ٻيو
ڇا آھي؟ ٻئي طرف ذيابيطس، بلڊ پريشر، ھارٽ اٽيڪ،
ڪينسر ۽ ايڊز . . . . بوريت، نقاھت
(depression)
وڌي وئي آھي . . . . انھيءَ ڪيفيت واري ماحول ۾
شاعر جون ذميواريون ڪيتريون نھ وڌي وڌي وڃن ٿيون.
ظاھر آھي جديد صديءَ جو جديد شاعر بھ ان پوري پس
منظر جو حصو آھي، ان ڪري ڪجھھ حقيقتن جو ھن بذاتِ
خود مشاھدو ڪيو آھي ۽ ڪيترين حقيقتن جي ڄاڻ ٻين
دستياب ذريعن وسيلي حاصل ڪئي اٿس. ان پوري اڌ
صديءَ جو ڪرب ۽ پيڙا ھو پاڻ بھ ڀوڳي رھيو آھي.
جديد نظرين جي ڀرمار ۽ ٻيا ڪيترائي حوالا ڪنھن
سڄاڻ شخص کي مخمصي ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. خود اھڙي
پيچيدي صورت حال ئي ھڪ وڏو درد سر آھي. ان سان
نبرد آزمائي ھڪ نمائنده شاعر جي سڃاڻ آھي.
شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکڻ ۽ ان جو ڪماحقھ احاطو
ڪرڻ ڄڻ اڌي صديءَ جو احوال لکڻو آھي يا ان کي سندس
شاعريءَ جي آئيني منجھان ڏسڻو آھي. اياز جي
شاعريءَ ۾ ڪيترائي حوالا آھن، جن تي مڪمل طرح بحث
ڪرڻ جي گنجائش ھن مضمون ۾ نھ آھي.
سنڌ جي جديد شاعريءَ جا ابتدائي خدوخال بھ ھن ئي
صديءَ جي پھرين ڏھاڪي ۾ نکرڻ شروع ٿيا. ليڪن اھي
ايترو ھمھ گير نھ ھئا، جو پنھنجي دور جي نمائندگي
ڪري سگھن. دراصل اھڙو مربوط تخليقي ڪم، جنھن کي
پنھنجي دور جو نمائنده چئي سگھجي، ان جي ابتدا
صديءَ جي آخرين نصف ۾ ٿي ۽ ان ڪم جوسھرو اياز جي
سر تي آھي. اھو ئي سبب آھي جو اياز ھمعصر سنڌي
شاعراڻي ادب
(contemporary Sindhi poetry)
کي سڀ کان زياده متاثر ڪيو آھي. گويا سندس شاعري،
سموري جديد سنڌي شاعريءَ جو منبع يا سرچشمو آھي. .
. . اياز جي شاعريءَ جو جيڪڏھن ڇيد ڪرڻ ويھجي تھ
ان ۾ ٿلھي ليکي ٽي رويا عام ۽ واضح نظر ايندا. اھي
آھن: اشتراڪيت، انسان دوستي ۽ وطن پرستي (قوم
پرستي ان ۾ شامل آھي). اياز جي شاعريءَ ۾ اھي ٽي
رويا ڪو اتفاقا شامل نھ ٿيا آھن، ليڪن ان ۾ سندس
شعوري ڪوششن جو عمل ۽ دخل آھي ۽ ان جي پٺيان ھڪ
وڏو پس منظر پڻ موجود آھي. اياز جنھن دور ۾ پنھنجي
شاعريءَ جي ابتدا ڪئي تھ ان وقت ٻي مھاڀاري لڙائي
پنھنجي حشر سامانين سميت ختم ٿي چڪي ھئي. ھن جنگ ۾
پھريون ڀيرو ايٽم بم جو استعمال ڪيو ويو. ٻئي طرف
غير منقسم ھندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ پنھنجي جوڀن
تي ھئي ۽ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ھڪ علحده پرڳڻي جي
حيثيت ۾ موجود ھئي. اشتمالي (ڪميونسٽ) انقلاب
پنھنجا پير پختا ڪري چڪو ھو. ان جي لھر پوري دنيا
کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ھو، ان ڪري ھندستان جا
اديب ۽ شاعر بھ ان جي اثر کان بچيل نھ رھيا.
1935ع
۾ ترقي پسند اديبن ھڪ انجمن جو بنياد رکيو، جنھن
کي ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي نالي سان موسوم
ڪيو ويو، ۽ ان جا مقصد ۽ منشور ڇپائي پڌرا ڪيا
ويا. ان وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ صرف چند اھڙا شاعرھئا،
جيڪي سڌيءَ طرح سماجوادي فڪر ۽ اشتماليت جي اثر
ھيٺ شاعري ڪرڻ لڳا. اھڙن شاعرن ۾ نارايڻ شيام،
کيئلداس فاني ۽ شيخ اياز شامل آھن. اڃا جديد سنڌي
شاعريءَ جو تاڃي پيٽو جڙي رھيو ھو تھ مٿان
ھندوستان جو ورھاڱو ٿي ويو ۽ لڏپلاڻ جو ويلو اچي
ويو. سوين انسان ھتان کان ھت ۽ ھتان کان ھت نقل
مڪاني ڪرڻ لڳا. آزاديءَ جي اھڙي اثر ھيٺ ھندو سنڌي
شاعر پنھنجو ديس ڇڏي، ھندستان ھجرت ڪري ويا، جنھن
جي ڪري سنڌي ادب ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سنڌي
شاعرن کي ھندستان ۾ نئين ماحول ۾ اجنبيت جو شڪار
ٿيڻو پيو ۽ ھر شيءِ وکري وکري ويئي. نئون معاشرو ۽
نئون ماحول، جتي تھذيب ۽ سماجي اقدار ھن ديس کان
مختلف ھئا. ھتان جا متمول (بيٺل، سرنديءَ وارا)
خاندان، ھندستان ۾ مفلسي ۽ ڪلاشيءَ جو شڪار ٿي
ويا، ان ڪري انھن جي ڪابھ ڪاوش، تباھي ۽ برباديءَ
واري ماحول ۾ بارآور ٿيڻ مشڪل ڳالھھ ھئي. پنھنجو
ديس ڇڏي، پرديس وڃڻ وارن کي ڏاڍن ڌکن ڏاکڙن جو
منھن ڏسڻو پيو. سنڌي شاعر ھندستان ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي
ويا ۽ معاشي جاکوڙ جي چڪر ۾ ڦاسي پيا. پويان سنڌ ۾
سمورو ميدان اياز لاءِ خالي ٿي چڪو ھو. سنڌ ۾ سندس
قد ڪاٺ جو ڪوبھ شاعر ان وقت موجود ڪونھ ھو ۽ ٻئي
طرف ھو پنھنجي ئي ديس ۾ ھو، ان ڪري ھو ڪنھن بھ
اجنبيت جو شڪار نھ ھو، جو ڪنھن
chaos
۾ ڦاسي پوي. ليڪن اياز پنھنجي لاءِ جيڪا
line of action
مقرر ڪئي ھئي، سو ھو ان تان نھ ھٽيو. کيس آزاديءَ
کان پوءِ واري حالتن جو ڀرپور
Vision
ھو، ان ڪري ھن آزاديءَ واري ماحول سان
compromise
نھ ڪيو. بلڪ ان جي خلاف ڀرپور ردعمل جو اظھار ڪيو.
ان لاءِ ھن ترقي پسنديءَ جي راھھ کي اختيار ڪيو.
ھو ان جي ڦھلاءَ ۽ واڌاري لاءِ سچي مقصد ۽ سچي لگن
سان ڪم ڪندو رھيو، يا ائين کڻي چئجي تھ واچوڙن ۾
لاٽ ٻاريندو رھيو. سندس ان دور جي شاعريءَ ۾ سمورو
زور سماج واد ۽ انسان دوستيءَ تي رھيو آھي. اھا
انسان جي محبت ئي آھي، جيڪا اياز کي ھڪ ئي وقت
سماجوادي ۽ رومانيت پسند بڻائي ٿي. ڀلا انسان کان
زياده رومان ڪائنات ۾ آھي بھ ڪٿي؟ اھو ئي سبب آھي،
جو اياز رومان جي علامت بڻجي اڀري ٿو، جنھن ۾
انسان دوستي ۽ سماجوادي فڪر ملي ھڪ ٿي وڃن ٿا.
. . . . ويھين صديءَ کي جيڪڏھن پوئين اڌ کان ڪاٽا
ڪري ڏسجي تھ اھا اڳين اڌ جي مقابلي ۾ شاعريءَ جي
ميدان ۾ ويران ۽ اجڙيل معلوم ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ ان
دور ۾ تقليدي ڪلاسيڪل رجحان جو زرو ھو، جنھن ۾
آزادانھ شاعراڻي حساسيت جي ڪمي ھئي. ان دور جي
نمائنده شاعرن، گدا، قليچ وغيره جي شاعريءَ ۾ ھڪ
طرف غنايت
(lyricism)
جي اڻاٺ ھئي، تھ ٻئي طرف اھا پنھنجي موضوع ۽ ھيئت
۾ نزدد جو شڪار ھئي. ان وقت جي شآعريءَ ۾ سطحيت،
آورد ۽ ناصحانھ انداز غالب ھو. ان دور جي شاعري
نام نھاد ڪلاسيڪيت
(Pseudo classicism)
جي بگاڙ جو شڪار رھي آھي. فني باريڪيون، لفاظي،
لساني اصولن ۽ روايتي گھاڙيٽن جي سختيءَ سان
پابنديءَ کي ئي معراجِ ڪمال سمجھيو ويندو ھو. خيال
جي علويت، تخليقي صلاحيت ۽ فڪري بلنديءَ ڏي توجھھ
نھ پئي ڏنو ويو. شاعري زياده تر ناصحانھ ۽ طنزيھ
ھئي، جنھن ۾ مذھبي جوش، سياسي تنقيد ۽ ذاتي ھجو
عام ھئي. ان دور جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي ديگر
جزئيات کي اھميت حاصل ڪانھ ھئي. فطرت جو ذوق،
قدرتي نظارا، خوبصورت ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماڻھوءَ جي
حياتيءَ کان صرف نظر ڪيو ٿي ويو. شاعري اجاين
صوفيانھ خيالن جي ھٿ ۾ يرغمان بڻيل ھئي. . . .
اھڙي شاعري غير لچڪدار، محدود ۽ غير وسعت پذير
ھئي، جو ان جي ذريعي جذبات جي شدت ۽ تخيل جي زور
کي سمائي سگھجي. ان دور ۾ اياز جي شاعري روايتي
گھاڙيٽن ۾ نئين شراب وانگي نظر اچي ٿي. سندس
روماني خيالات بھ جاندار آھن. اچو تھ سندس روماني
شاعريءَ تي ھڪ طائرانھ نظر وجھندا ھلون:
جلد اچ چنڊ رات آ مٺڙا!
ھر خوشي بي ثبات آ مٺڙا!
گل ڇڻن ٿا، شراب ٿو ڇلڪي،
ڇا سندءِ بات بات آ مٺڙا!
شبنم آلود لب کڻي مون وٽ،
مثل برگ گلاب، ويجھو آءُ!
تون قريب آنھھ، چاندني رات آ،
ڪھڙو پيارو جھان آ، پيارا!
تنھنجو بي ساختھ تبسم آ،
نانءُ جنھن جو جھان آ، پيارا!
زندگي حسن جي حڪايت آ،
يا سندءِ داستان آ، پيارا!
-
جنھن محبت ناھھ ڪئي، سو اي اياز!
زندگانيءَ جي گنھگارن مان آ.
-
دل افسرده جون تمنائون،
ھو سراپا بھار ڇا ڄاڻي!
جو گھٽائن جي روح تي گذريو،
پند پرھيزگار ڇا ڄاڻي.
خلش حسرت گناھھ سندم،
تنھنجو پروردگار ڇا ڄاڻي!
-
حسن تنھنجو اسان جي حيرت جو،
ھڪ مجسم جواب آ گويا.
-
مشڪ بُو ٿي ويو ھو منھنجو چمن،
تنھنجي زلفن ۾ ليٽي پئي ھئي رات.
-
تنھنجي من ۾ منھنجو ديرو، منھنجي من ۾ تنھنجو
آکيرو،
تون منھنجي آن توڙي اجلي، مان تنھنجو ھان توڙي
ميرو.
-
رات اسان رابيل سنگھي سين، ھن جي تن سان ڀيٽ ڪئي
سي،
رنگ روپ ۾، ون واس ۾، مٺڙو يار ”اياز“ مٿيرو.
اياز پنھنجي رومانويت ۾ پنھنجي ڦوھھ جوانيءَ جي
جذبن جو اظھار نھايت خوبصورت پيرائي ۾ ڪيو آھي.
پوءِ اھو خواھھ غزل ھجي يا نظم ھجي يا گيت ھجي.
اياز نھايت فنڪاري ۽ خوبصورت انداز ۾ سنڌي شاعري ۾
Taboo
جي پابندين کي جھنجھوڙيو آھي. اھڙي قدم کڻڻ لاءِ
ھو ڪو
vulgar
نھ ٿو ٿئي، بلڪ روايت جي ھڪ تسلسل کي ورتڻ لاءِ
جيڪو ڏانءُ گھرجي، سو اياز وٽ ڀرپور انداز ۾ ملي
ٿو ۽ ھو ان کي پوريءَ طرح نڀائي ٿو. اھا ڪيڏي نھ
وڏي ڳالھھ آھي جو اياز روايت کي نئون روپ ڏيئي، ان
۾ جدت پيدا ڪري ٿو. ھو اوپرن ۽ ڌارين لفظن جي
بدران مقامي ۽ مانوس لفظ ڪتب آڻي، اھو سڀ ڪجھھ ڪري
ڏيکاري ٿو. مثلا: گلاب، بوسھ، دھن، لب و زلف
وغيره. مگر اياز انھن جي جاءِ تي پنھنجي زبان جي
عام استعمال جا لفظ ڪم آڻي، ھڪ طرف شعر ۾ جدت پيدا
ڪري ٿو تھ ٻئي طرف
Taboo
کي بھ جھنجھوڙي رکي ٿو. اچو تھ اياز جو ھيءُ شعر
ڏسون:
چپ چميءَ لئھ اڀريا، سامھون آھي چوٿينءَ چنڊ،
ڪھڙو سندر سپنو آھي، جيون جو سپنو.
تنھنجي ڇاتي آتي آتي، نيڻ بھ تنھنجا نينڍ،
دانھون دانھون تنھنجون ٻانھون، پيار پلين ٿي ڇو؟
اوءِ اسان ڏي چنڊ نھ اھڙا ليئا پاءِ ميان!
ڇرڪ ڀري جاڳي نھ پوي، آ سپرين ھاڻ ستو.
ھن غزل ۾ اياز جنھن رنگ ۾ محبوب جي جوانيءَ جي
apprectation
(ساراھھ) ڪئي آھي، سا داد لائق آھي. عاشق جا چپ
چميءَ لئھ آتا ھجن ۽ سامھون محبوب بھ چوٿينءَ جي
چنڊ جھڙو ھجي تھ پوءِ واقعي جيون کان زياده سندر
ٻيو ڪھڙو سپنو ٿي سگھي ٿو! اھا ھڪ آفاقي حقيقت
آھي، جنھن جو اپٽار اياز جي مٿئين شعر ۾ ملي ٿي.
اياز جو اھو سندر سپنو انساني حسن جي دلڪش جذبي
مان سرجي ٿو.
ائن ٻري ٿو بھار ۾ گل،
ڏس تھ تنھنجو شباب آ گويا!
مرمرين جسم، احمرين اکڙيون،
ھاءِ تنھنجو شباب، ويجھو آءُ!
ياد آيو اياز کي ھو جسم،
اي شبِ ماھتاب ويجھو آءُ.
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جنھن محبوب جو تصور ملي ٿو،
سو نسواني محبوب آھي ۽ اياز جنھن محبوب جو ذڪر ڪري
ٿو، سا ڪا پرستان جي پري نھ آھي، بلڪ مٽيءَ ۽ گوشت
جي ٺھيل عورت آھي. اياز جي عشق جو محور عورت آھي ۽
سندس تصور بھ عورت جو جسماني ۽ جنسي تصور آھي.
اياز جو عشق ڪو افلاطوني يا يوٽوپيائي
(utopian)
عشق نھ آھي. بلڪ ھو اھڙي محبوب جو متلاشي آھي.
جيڪو انساني احساسن ۽ جذبن جو عڪاس ھجي. اياز جنھن
عشق جي ڳالھھ ڪري ٿو، ان جو بنياد صوفيانھ توارد
تي نھ بلڪ فرائڊ جي
Erote
۽
Oedipus complex
تي آھي. ٻئي طرف فارسي ۽ اڙدو شاعريءَ ۾ امرد
پرستيءَ جو غلبو رھيو آھي، ليڪن اياز وٽ اھڙو ڪوبھ
تصور نھ ٿو ملي، جيڪو ھن مذڪوره بالا شعري روايتن
مان حاصل ڪيو ھجي. سنڌي شاعري، جيڪا منڍ کان وٺي
ھندي ۽ سنسڪرتي شاعريءَ کان متاثر رھي آھي، تنھن ۾
اھي ئي روايتي تصورات موجود آھن، جيڪي ھندي
شاعريءَ کان سنڌي شاعريءَ کي ورثي ۾ مليا آھن: ان
ڪري ھندي شاعريءَ جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾
محبوب جو تصور نسواني رھيو آھي؛ ان ڪري اياز وٽ بھ
اھڙو ئي تصور ھئڻ قدرتي ڳالھھ آھي. البت ايترو فرق
ضرور آھي، جو ھندي شاعريءَ ۾ عورت کي اھڙو مقام
ڏنو ويو، جيڪو شايد پوري دنيا جي شاعريءَ ۾ موجود
نھ آھي. ھندي شاعريءَ ۾ عورت کي سيتا، پاروتي ۽
ٻيا اھڙا روپ ڏيئي، مذھبي تقدس ڏنو ويو. کيس
ديويءَ جي مقام تي رسائي، ان جي پوڄا ڪئي ويئي،
اياز وٽ محبوب جو تصور نسواني ضرور آھي، ليڪن اھو
ھندي تصور کان جداگانھ آھي. اياز وٽ جيڪا جماليات
آھي. سابھ
Hedemiasic
آھي. ان جو سلسلو بھ سندس تصور حسن سان ڳنڍيل آھي.
اياز جنھن دور ۾ غزل لکڻ شروع ڪيو تھ اھو دور
واقعتا غزل جو دور ھو. سنڌ ۾ طرحي مشاعرا ۽ انھن
جو رواج غزل جي مقبوليت جي نشاندھي ڪن ٿا. ظاھر
آھي تھ سنڌي جي اڪثر شاعرن جو توجھھ بھ غزل تي ئي
مرڪوز رھيو آھي ۽ ھر ڪس و ناڪس ان صنف ۾ زور
آزمائي ڪرڻ لڳو. اھڙي ماحول ۾ اياز بھ غزل کان
ڪيئن ٿي پاسي رھي سگھيو. غزل جيئن تھ مقرره ھيئت
(form)
واري صنف آھي، ان ڪري ڪنھن بھ طرح اياز لاءِ اھو
ممڪن نھ ھو تھ ڪو ھو ان ۾ ھيئتي تبديلي آڻي سگھي.
البت اھڙي ماحول ۾ اياز پاڻ کي ھروڀرو ٺيٺ روايت
پسند غزل گو سڏائڻ پسند نھ پئي ڪيو؛ انڪري ھن
پنھنجي غزلن ۾ روايتي تشبيھن، استعارن ۽ ڪناين جي
جاءِ تي نيون تشبيھون ۽ نوان استعارا آڻي، پاڻ کي
متعارف ڪرايو ۽ غزل کي ھيئت جي تبديليءَ کان بغير
جدت سان روشناس ڪرايو. گويا اياز، سانگيءَ کان بعد
پھريون سنڌي شاعر آھي، جنھن جديد سنڌي غزل جو
بنياد رکيو، ڇاڪاڻ تھ معاشرت جي قديم تصورن ۾ ئي
انقلابي تبديليون اچي ويون ھيون، ان ڪري انھن
تصورن کي غزل ۾ سمائڻ لاءِ ٻوليءَ کي بھ نئون رنگ
۽ نئون روپ ڏيڻ ضروري ھو.
|