سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :25

غزل اصل ايران جي پيدائش آھي، جنھن ۾ شمع ۽ پرواني، گل ۽ بلبل، جام ۽ شراب جو ذڪر ھلندو ھو. سنڌيءَ ۾ غزل ايران کان آيو. زماني جي گردش ۾ غزل ۾ گھڻو انقلاب اچي ويو آھي. ھاڻي سنڌي غزلن ۾، ھاڻوڪي زماني جون ڳالھيون، حالتون، ويچار ۽ مسئلا ڏنا وڃن ٿا. نئين ڍنگ جي نراليت ۽ نئين قسم جي گوناگونيت سنڌي غزلن ۾ پنھنجي جوڳي جاءِ جوڙڻ شروع ڪئي آھي. اھا ڳالھھ، ”نرمل“ جي غزلن جي ڪتاب “ڳالھيون دل جون“ مان ڀليءَ ڀت ظاھر ٿئي ٿي.

نرمل شاعراڻي محفل ۾ مانائتي جاءِ تھ حاصل ڪري چڪو آھي. ھيءُ سندس شعرن جو ٽيون مجموعو آھي. آشا اٿم تھ نرمل جي شعرن جا ٻيا سنگرھھ پڻ جلدي نڪري نروار ٿيندا.

(واسديو نرمل جي غزلن جي مجموعي

”ڳاليھون دل جون“ جو مھاڳ)

اياز قادري

غلام محمد گرامي

محسن ڪڪڙائي، غزل

 جو دلڪش شاعر

سيد نياز علي شاھھ ”محسن ڪڪڙائي، چوڏھن پندرھن ورھين جي عمر کان شعر لکڻ شروع ڪيو. شعر ۾ سندس استاد حافظ ’احسن‘ ۽ آصف مصراڻي ھئا، مگر سندس شاعريءَ جو رنگ پنھنجي استادن جي ڪلام کان مختلف آھي. . .

محسن (ابتدا ۾) ’بزم طالب‘ خيرپور ناٿن شاھھ جو ڪافي وقت تائين سيڪريٽري رھي، مشاعرا منعقد ڪندو رھيو. اھڙيءَ ريت سنڌي غزل جي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو.

سندس (پھريون) مجموعھ ڪلام ”امنگون“ جي نالي سان (اپريل 1962ع ۾) شايع ٿيل آھي. ’محسن‘ جا غزل پختا ۽ دلڪش آھن. انھن ۾ جديد ۽ قديم رنگ جو سھڻو ميلاپ آھي. سندس خيال ۾ نواڻ ۽ سرمستي آھي، جي ڪا پراڻي ڳالھھ بيان ڪري ٿو تھ ان کي نئون انداز ڏئي ٿو:

تنھنجي خيالن جي ڇايا،

منھنجي لاءِ وڏي مايا.

مون کان کل نھ ٿي بيھي،

ڳوڙھا آيا ڪي آيا.

مون تھ لکيا ٿي ماڻھن لئھ،

ماڻھن منھنجا گيت جلايا.

شھرت جي ويرانن تي،

’محسن‘ ويھي لڙڪ وھايا.

-

ائين بھ ناھھ تھ توکان سوا نھ ٿي گذري،

گذاريون ٿا، ڏکي يا سکي، پئي گذري.

اھو سوال ئي پيدا نھ ٿو ٿئي سائين،

تھ ھڪ ئي طرز تي ھر ڪنھن جي زندگي گذري!

اسين تھ پنھنجي ئي ڌن ۾ روان دوان آھيون،

اسان کي جو بھ چوڻ ڪو گھري، چئي گذري.

ڪنداسين، پيار ڪنداسين ۽ پيار جي صدقي،

جي ڪوئي حرف اچي تھ  ڀل اچي گذري.

فضول آھي تھ ڇا ڇا اسان مٿي گذري،

اھو پڇو تھ فقيرن تي ڇا نھ ٿي گذري.[1]

محسن ڪڪڙائي. . . ڪلام جي پختگيءَ، دلڪشيءَ ۽ سادگيءَ جي حيثيت سان وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آھي. شعر جي سڀني صنفن تي برجستگيءَ ۽ چابڪدستيءَ سان طبع آزمائي ڪئي اٿس. ان سندس شھرت کي بام عروج تي پھچائي ڇڏيو آھي. . . آثم، وفا ۽ راز سندس قابل فخر شاگرد آھن. . .

’محسن‘ جو فن جذبات جي رنگيني، تاثرات جي تلخي،  مشاھدات جي شدت جي تخليق آھي. ھر تلخ ۽ تيز مسئلو ڪنھن رنگين اشاري ۾ بيان ڪرڻ سندس ڪمال آھي. ’محسن‘ پنھنجي معاصر. . . ۽ حوصلھ مند شاعرن ۾ انفرادي مقام حاصل ڪري چڪو آھي. لفظن جي صحت ۽ خيال جي ندرت سندس فن جو مخصوص معيار آھي. پائمال ۽ پراڻي خيال کي نئين دلاويز رنگ ۾ پيش ڪرڻ، سندس زرخيز طبع جو اھو ڪمال آھي، جو استادن کي بھ اڃا نصيب نھ ٿيو آھي.

فرياد نھ ڪر، پر جيڪڏھن فرياد ڪرڻ تون چاھين ٿو،

پٿر جو جگر پاڻي ٿي پوي، اي دوست! ائين فرياد ڪجي.

-

’محسن‘ تھ اھو ئي پڙھيو آ، ھن عشق جي مڪتب مان يارو!

دل کي نھ صفا پابند ڪجي، دل کي نھ صفا آزاد ڪجي.

حسن نظر سان ڪنھن جي نظر ٿا چمون پيا

پنھنجي پريت آھھ، سدائين خمار ۾!

ھھڙي حسين حيات، مگر پو بھ چند روز!

اھڙو گمان ڪونھ ھو پروردگار ۾!

-

زندگيءَ جا مزا وٺو يارو!

جيترو خوش رھو، رھو يارو!

منھنجي مايوس ھن جوانيءَ تي،

جيترو ڀي کلو، کلو يارو!

روشنيءَ سان ئي روشني ٿيندي،

ڪور چشمي، ڇڏي ڏيو يارو![2]

. . . . ’محسن‘ مختصر نويسيءَ جو قائل آھي. چئن لفظن ۾ ڪو مطلب ادا ٿئي تھ پنجين لفظ کي اقتصادي اصول ”فضول خرچيءَ“ وانگر ”فضول لفظي“ چوي ٿو. نھ ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھھ ڪري ۽ نھ اھا وڻيس. اھو ئي سبب آھي، جو غزل سندس پسنديده صنف سخن آھي. طبيعت ڏاڍي اختصار پسند ملي اٿس. غزل جو اختصار سندس طبيعت سان پوريءَ طرح ٺھڪي ٿو اچي. نھ رڳو ايترو، پر، ھن غزلن ۾ گھڻو ڪري ننڍن وزنن ”فاعلاتن، مفاعلن، فعلن ۽ ”مفتاعيلن مفتاعيلن“ کان گھڻو ڪم ورتو آھي. جيتوڻيڪ عروض جي سڀني مروج وزنن تي پوري ذميداريءَ ۽ يقين سان لکي سگھيو آھي. اھا سندس اختصار پسندي ئي آھي، جو سندس ڪلام ۾ تشبيھون، استعارا ۽ منظرنگاري نھ جي برابر آھن. ھا، تشبيھن ۽ استعارن جي ڀيٽ ۾ محاورن ۽ اصطلاحن کي ترجيح ڏني اٿس.

قدرتي نظارا، جيل، درياھھ، سمنڊ، چنڊ، تارا، وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا، بيشڪ الله جي ڪمال ڪاريگريءَ جا خوبصورت مظھر آھن، اھي سڀ رنگ کيس وڻندا بھ ھئا، ليڪن ڪاريگر جو عظيم ڪارنامو- انسان- کيس سڀ کان وڌيڪ وڻندو ھو. ان جي سونھن کيس مست بڻائي ڇڏيندي ھئي. سھڻو ماڻھو ڏسي، سندس زبان تي ”سبحان الله سبحان الله!“ جو ورد جاري ٿي ويندو ھو. انسان ۽ انساني سونھن ڪلام جو روح آھن. اھڙيءَ طرح سندس غزل ۾، سونھن جو ذڪر ۽ سونھن جي ساڃھھ، اھم جاءِ والارين ٿا. سونھن، حسن، ھوءَ، ھيءَ، ھي، ھو، ھن ۽ ھن لفظن جو ورجاءِ بھ ان ڪري آھي، جو سندس مخاطب ”ھڪ“ آھي. صرف ھڪ، انسان ۽ ان جي سونھن. تقريبا ھر غزل ۾ انساني معاشري ۽ ان جي مسئلن طرف بھ ھلڪا ھلڪا اشارا موجود آھن.

ڪو چوي ٿو: منھنجو محٻوب چنڊ جھڙو آھي، گلاب جي گل جھڙو آھي، ھو (محسن) چوي ٿو، بابا! جيڪڏھن چنڊ ۽ گلاب جو گل اوھان جي محبوب کان وڌيڪ خوبصورت آھن تھ پوءِ چنڊ ۽ گل سان عشق ڪيو نھ! ھروڀرو ھڪ شريف انسان جي پويان ڇو لڳا آھيو؟ شاھھ سائينءَ تھ چنڊ کي پنھنجي پرينءَ جي پير جو مٽ بھ نھ سمجھيو ھو. اھو محبوب ئي ڪھڙو، جيڪو ”پنھنجو مٽ پاڻ“ نھ ھجي؟ ڪن يارن تھ محبوب کي ظالم، قاتل، بيوفا ۽ دوکيباز ڪوٺيندي ڪوبھ شرم محسوس نھ ڪيو! ھو (محسن) چوي ٿو: ”بابا! اوھان کي، اوھان جي محبوبَ، قرآن تھ ڪونھ لاھي وڌو ھو تھ ساڻس عشق ڪيو! اوھان تھ پاڻ ھر تڙو ٿي پنھنجي دل وڃي سندس قدمن ۾ رکي ھئي! محبوب جي ايڏي بي ادبي ايڏي گستاخي! ايڏو اپمان! استغفر الله، استغفر الله! ڪي سائينءَ جا سنواريا وري حڪميھ انداز اختيار ڪن! ھن سان نھ مل، ھن سان نھ کل، ھيئن نھ ڪر، ھونئن نھ ڪر! اڙي بابا! چئبو تھ اوھان حسن سردار کي بھ پنھنجو ملازم سمجھيو آھي، جو کيس حڪم سان ھلائڻ چاھيو ٿا؟ پناھھ خدا جي!! ھن (محسن) جي ڪلام ۾ اوھان کي اھڙي ڪابھ ڳالھھ نظر نھ ايندي.

عروضي شاعريءَ (غزل) ۾ قافيي جي وڏي اھميت آھي. قافيي کان سواءِ عروضي شاعري بي معنى آھي. ھائو، قافيي سان گڏ رديف بھ ھجي تھ پوءِ کير ۾ کنڊ. محسن، ان غزل کي ”ٻٽو غزل“ چوندو آھي، جنھن ۾ رديف نھ ھوندو آھي. بيشڪ رديف جي پابنديءَ سبب ڪي خيال آسانيءَ سان غزل ۾ آڻي نھ سگھبا آھن، ليڪن ان ھوندي بھ رديف جي خوبصورتيءَ کان انڪار ڪري نھ ٿو سگھجي. ھن پنھنجي اڌ صديءَ جي شاعريءَ ۾ تمام ٿورا ”ٻٽا غزل“ لکيا آھن، ليڪن سندس مجموعي ”سونھن جي ساڃھھ“ ۾ ھڪ بھ ”ٻٽو غزل“ نھ آھي.

وقت سان گڏ نٿو ھلين ”محسن“!

پاڻ سان منھنجو احتاج ھيو!

-

عمر ساري ڊڄي ڊڄي گذري،

ھڙ وڃائي ڇڏيسون ڏاھپ ۾!

-

جنھن ۾ چاھت جو چنگ ڪونھي ڪو،

ان حياتيءَ ۾ رنگ ڪونھي ڪو!

-

نينھن جو شينھن در تي بيٺو آ،

پرک جو ڌينھن در تي بيٺو آ!

-

ساري دنيا کان بي نياز ھيو،

پاڻ تي ھن کي ڇا تھ ناز ھيو!

-

ھڪ مصور جو فن ٿو ڳالھائي،

ھن جو سارو بدن ٿو ڳالھائي![3]

تنوير عباسي

تاج بلوچ جو فن

ذري گھٽ سڀني نقادن تاج بلوچ کي بنيادي طرح غزل جو شاعر سڏيو آھي. مان انھن سنڀي سان سؤ فيصد متفق آھيان. تاج آھي ئي غزل جو شاعر. ھن جو مزاج ئي غزل جھڙو آھي. نازڪ، نفيس، تکو (sharp)، مختصر، تيز (swift) رنگين، ڇرڪائيندڙ، انوکو، حسين، نرم، حيرت ۾ وجھندڙ، رومانوي، عڪسي ۽ ٻيو گھڻو ڪجھھ. غزل جون وصفون، ڪيترن ئي نقادن ڪيون آھن، پر غزل جي ڪابھ وصف مڪمل ناھي. مٿي ڏنل خاصيتن کان سواءِ ڪيتريون ئي خاصيتون غزل جا جزا آھن. ان ڪري، غزل جي وصف، جي ائين ڪجي، تھ غزل ۾’تغزل‘ ضروري آھي، تھ ڪافي ٿيندو. اھو ’تغزل‘ رڳو غزل ۾ ھوندو آھي، نھ نظم ۾، نھ مثنويءَ ۾، نھ گيت ۾، نھ بيت ۾، ۽ نھ ڪافيءَ ۾. اھو تغزل، جيڪو غزل کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن بھ صنف ۾ نھ ھوندو آھي، اھو تاج بلوچ جي سڄيءَ شاعريءَ جو سڃاڻپ وارو ڪارڊ (Identity card) آھي. وائي ھجي، نظم ھجي. تغزل موجود ھوندو. مثال طور، نظم، ’خوشبوءِ جو زھر‘:

جيئن ابر آسوند رھي سپ سمونڊ جي،

مون کان سواءِ ھوءَ ائين تڙپندي ھئي.

منھنجي اڱڻ اچي ھوءَ جڏھن سھڙندي ھئي،

خوشبو ڳليءَ ڳليءَ ۾ پئي مھڪندي ھئي،

ڄڻ عطر ۽ عنبير کي شرمائيندي ھئي.

يا نظم ’ٻڌيمان‘:

ڏينھن مرڻ جو جنھن تان ڊٺل آ،

اھڙيءَ قبر جو ڪتبو آھيان.

چئني پاسي ميڙ متل پر،

ھوندو آءٌ اڪيلو آھيان.

يا ھيءَ وائي جيڪا تغزل جو نمونو آھي، ان مان وراڻي ڪڍي ڇڏيو، تھ ائين لڳندو ڄڻ غزل آھي:

جوڀن پڪي ٻير الو ميان، جوڀن پڪي ٻير.

جيڪو ايندو ڪنڪر ھڻندو

ڪنھن کي روڪي ڪير الو ميان!

ساڙ سڙيو آ پاڙو سارو،

پيار سان تنھن کي وير الو ميان!

اھڙي ئي ھڪ ٻي وائي، آھي، جيڪا غزل جي رنگ ۾ آھي:

ڀت تي لنوي ڪانءُ،

منھنجو ڪنبي ھانءُ،

ڀت تي لنوي ڪانءُ

تو بن ٽاڪ منجھند،

ڪين وڻي ڇانءَ

ان وائيءَ جي بھ وراڻي ڪڍي ڇڏجي، تھ غزل محسوس ٿئي.

اھي تھ مثال آھن نظمن ۽ واين جا، جن مان تاج بلوچ جو تغزل ڇاٽون ڏيئي ٿو نڪري. پر غزل، سنڌي غزل کي تاج بلوچ جنھن مقامي رنگ ۾ تغزل سان سنواريو آھي، ان جو مثال مشڪل ملندو.

سنڌي غزل خليفي گل محمد گل کان وٺي، اسان جي دور تائين ڪي ئي دفعا پاسا ورايا آھن. اسان جي دور ۾ ئي، غزل سنڌي شاعريءَ جي روايتن کي پاڻ ۾ جذب ڪري سگھيو آھي. جيتوڻيڪ ھن کان اڳ سانگيءَ ۽ حامد ٽکڙائيءَ جون ان ڏس ۾ ڪيل ڪوشش ذڪر لائق آھن. تاج بلوچ، پنھنجي شروعاتي شاعريءَ ۾ غزل جو اردو ۽ فارسي رنگ قائم رکيو آھي، پر مجموعي ’خوشبوءِ جو زھر‘ ۾، ان کان ھٽي، اھڙا غزل لکيا اٿائين، جو اھا صنف، سنڌيءَ ۾ اوپري نھ ٿي لڳي. سنڌي روايتن موجب ۽ فارسي، عربي محاورن کان خالي نج سنڌيءَ ۾ غزل تھ گھڻائي شاعر لکن ٿا، پر ان ۾ تغزل پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۾، تاج بلوچ گھڻن کان اڳتي وڌي ويو آھي:

ايئن ويو ڪوئي روھھ ۾ رولي،

مان ٿڪو آھيان پاڻ کي ڳولي.

-

ھير ناھين تھ لڪ بڻجي آءُ!

دل جي کڙڪي ڇڏي اٿم کولي.

-

زلف جي زنجير ٿي مون کي سڏي،

ڪنھن ڇڏي ماحول ۾ خوشبو گڏي.

-

ذھن کولي مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون،

جنھن کي اچڻو آ اچي منھنجي تڏي.

-

لحظي لحظي کي زندگي بخشيون،

پل سمورا اجل جيان آھن!

تاج جو ھڪ مقبول غزل، جدت، مقامي رنگ، رجاعيت ۽ جدوجھد جو شاھڪار آھي، پر انھن سڀني ڳالھين کان سواءِ، ان ۾ تغزل ۽ نغمگي موجود آھي:

اوندھھ جو ڪليجو چير ڪري چانڊاڻ کڻي آيو آھيان،

ھن جڳ جي لئھ مان نور نرالو ساڻ کڻي آيو آھيان.

ان سڄي غزل جي ٻولي سليس ۽ روان آھي.

تاج جي ھڪ غزل جا ھيٺيان شعر بھ سلاست توڙي روانيءَ جو بھترين مثال آھن:

ھيڪلائيءَ ۾ الائي تھ ڪٿي گم آھيان،

مون کي ڳولڻ جي ڪيو مون کي پڪاريو يارو!

تاج نفرت جي حوالي سان مري ڪين سگھيو،

ھن کي مارڻ جي گھرو، پيار سان ماريو يارو!

عروضي بحر ۽ ان جا زحاف تھ ڪيترائي آھن، جيڪي غزل ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن، پر تاج ھڪڙو انوکو بحر چونڊيو آھي، جنھن ۾ ھڪ غير معمولي ردم آھي:

اڄ تھ سڃاڻي بھ نھ ٿي،

ڪالھھ ھئي جا مون ساڻ.

آھي ڪويءَ جو سپنو،

ڄڻ لوھر جي سانداڻ.

تاج بلوچ، سنڌي شاعريءَ کي ڪيترائي شاھڪار غزل ڏنا آھن، جن جي حيثيت سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ دائمي آھي، پر ھيٺيون غزل پنھنجي نغمگيءَ، سلاست، روانيءَ ندرت ۽ تغزل سببان سڀني کان اڳرو آھي. ان غزل جا ڪي ٿورا شعر ورجايان ٿو. ھونئن تھ اھو سڄو غزل مرصع آھي:

سڀ وساري ڇڏيون،

آءُ ھڪ ٿي وڃون.

ھو نھ پرچي تھ ڇا؟

ھن کان وڇڙي وڃون.

-

ٻير ٻاھر ڪريا،

منھنجي گھر ڪنڪريون.

منھنجا جيڏا بھ سون،

تنھنجون سرتيون سچيون!

تاج جي شاعريءَ جو مجموعي تاثر آھي، ڏتڙيل انسان سان ھمدردي، پيڙيندڙ ۽ پرمار ڪندڙ طبقي خلاف جدوجھد، ۽ انسان جي ازلي خواب، امن، آشتيءَ، سماجي ۽ اقتصادي برابريءَ واري نظام جي تعمير. تاج بلوچ بنيادي طور تغزل جو شاعر آھي. غزلن کان سواءِ، واين توڙي نظمن ۾ بھ تاج بلوچ جو تغزل جھلڪا ڏيندو آھي نظر ٿو اچي. ھن سٺا تاثراتي ۽ اھڃاڻي نظم پڻ لکيا آھن. سندس غزلن مان ڪي غزل، سنڌيءَ جا بھترين غزل آھن.

(تاج بلوچ جي ڪتاب ”خوشبوءِ جو زھر“ جي مھاڳ تان ورتل)

 

سحر امداد

امداد : غزل جو منفرد ۽ جديد شاعر

. . . . امداد جي شاعريءَ جا گوناگون ۽ ڪڏھن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، ھن جي شاعريءَ جو سھڻو سٽاءُ، ھن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، ھن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن (Diction)، ھن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ آھنگ، ھن جي شاعريءَ جي لوچ ۽ رس؛ ھن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانيت جو رنگ؛ ھن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ؛ صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آھي. . . .

. . . . مھراڻ شاعر نمبر (١ – ٢ – ١٩٦٩ع) ۾، امداد جي تعارف ۾. . . . گرامي صاحب لکي ٿو: ”امداد حسينيءَ جو فن، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾، جديد ھيئت ۽ اسلوب جي انوکن ۽ دلڪش تجربن جي ڪري ھڪ ’فني علامت‘ بنجي چڪو آھي. (ص 506)

. . . . امداد ان دور جو اھو شاعر آھي، جو عمر ۾ اياز کان گھڻو ننڍو آھي، ۽ ان حساب سان امداد جي شاعريءَ جي عمر بھ ان کان اوتري ئي ننڍي آھي. پر ون يونٽ ٺھڻ ۽ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ آيل ان نئين اڀار کي امداد، اياز سان گڏجي شيئر ڪري ٿو. . . . ھن پنھنجي دور ۾ اياز جھڙي قداور شاعر جي سامھون پنھنجي ھڪ منفرد شناخت ماڻي، ۽ اياز جي پاڇي کان پري ھڪ منفرد، نمايان ۽ جديديت جو نمائنده شاعر ٿي بيٺو.

. . . . ان ساڳئي دور جو امداد جو ھڪ غزل آھي:

انڌي ماءُ ڄڻيندي آھي، انڌا سونڌا ٻار،

ايندڙ نسل سمورو ھوندو، گونگا ٻوڙا ٻار.

ھر ڪا مند ھتي جي آھي، نسل ڪشيءَ جي مند،

سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻار.

گونگا ھوندا، ٻوڙا ھوندا، ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت،

ھڪٻئي کي ڪئن سمجھي سگھندا، تنھنجا منھنجا ٻار

. . . . ھن غزل جو ھر شعر پنھنجي ٻوليءَ توڙي معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان گھڻي اھميت رکي ٿو. ان غزل جو ھر شعر پنھنجي ٻولي توڙي معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان گھڻي اھميت رکي ٿو. ان غزل جو رديف ”ٻار“ نھايت انوکو ۽ Unusual رديف آھي ۽ اھو رديف ئي ان پوري غزل جو ٿيم (Theme) آھي: ٻار، جو اسان جي آئيندي جي علامت آھي. ان لحاظ کان اھو غزل ھڪ علامتي غزل آھي. . . . ان غزل کي پڙھي، شاعري ۾ ”اصوات“ (sounds) جي اھميت ۽ انھن جي تز استعمال جي ڪري، سٽن ۾ ھڪ جادو ئي اثر پيدا ٿيڻ جي ڪمال جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. ان غزل ۾ ٻٽن لفظن جو پڻ نھايت خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. جھڙوڪ: اونڌا سونڌا، ڪانڊا ٽانڊا، گونگا ٻوڙا،. اھي لفظ پڻ غزل سان موضوعاتي ۽ استعاراتي سطح تي ٺھڪي اچن ٿا. ان غزل ۾ لفظن جي ورجاءَ، ۽ انھن سڀني جو مسلسل ڦيرو، ان غزل ۾ ڪن واريون ڦيراٽيون پيدا ڪري ٿو. خود ان غزل ۾ جن مسئلن جي نشاندھي امداد (1964ع ڌاري) ڪئي ھئي، اڄ بھ . . . . اھو سڀ ڪيڏو نھ سچو ٿو ڀاسي. نسل ڪشيءَ جي مند سنڌ کي ڪڏھن بھ ڪا ويساند نھ ڏني آھي. ان غزل ۾ قوم، ٻولي ۽ اسان جي مستقبل جي حوالي سان، جنھن خوف جو اظھار، خوبصورت استعاراتي ٻوليءَ ۽ گھري علامتي انداز ۾ ڪيو ويو آھي، سو يقينا اسان جا لڱ ڪانڊارڻ لاءِ ڪافي آھي. ھي غزل سڀني وصفين سنڌيءَ جي چند اھم ترين ۽ خوبصورت غزلن مان ھڪ آھي. . . .

. . . . امداد وٽ غزل چوڻ جو منفرد ڏانءُ آھي. تنوير عباسيءَ، امداد جي غزلن کي ”البيلا غزل“ چيو آھي تھ غلام محمد گراميءَ شروعاتي دور ۾ امداد کي ”ھڪ نمايان غزل گو“ شاعر چئي، ھن جي ’رنگ تغزل‘ کي ساراھيو آھي. امداد جي غزل ۾ تخيل جي خوبصورتيءَ سان گڏ بيان جي پختگي ۽ تغزل جو رنگ ڇانيل ملندو. ساڳئي وقت اھي غزل معنوي سطح تي بھ اوترا ئي اعلى آھن. امداد جي غزلن جي ھڪ اھم ترين خوبصورتي انھن جا يڪتا (unique) قافيا پڻ آھن. نھ رڳو قافيا، پر جي قافين سان گڏ رديف اچي ٿو، تھ اھو پڻ نرالو ۽ منفرد آھي. . . .

. . . . امداد جا غزل، ھن جي ٻيءَ سموريءَ شاعريءَ وانگيان مٽيءَ جي رنگ ۾ رڱيل آھن. اھو نج سنڌي رنگ امداد جي غزلن ۾ 1962ع واري دور کان ئي وٺي لڳي ٿو. خاڪي ناسي ڀورو: ”ڀوري مٽيءَ جھڙو“ ڀورو رنگ. ھن جي غزلن ۾ اھا مھڪ آھي، جا اٺي کان پوءِ مٽيءَ مان اٿندي آھي، آلي مٽيءَ جي خوشبوءِ:

چمڪي پيئي چيڪي مٽي،

پاڻي چڙھي لھي ويو آھي.

_

ٻن جسمن جي ھڪ رشتي جي،

اڃا تھ مٽي آلي آھي.

امداد جي اھا ٻارھن غزلن جي سنگھر، ھڪڙي ئي ڪيفيت جي آئينھ دار آھي. دک، درد ۽ پيڙا جي اھا ڪيفيت، جا ماڻھوءَ کي ٻھ اڌ ڪري ڇڏي. 1967ع ۾ امداد جي پياري ۽ دل گھرئي ڀاءُ، نوجوان ۽ ذھين ڀاءُ مختيار جي موت جي صدمي کي امداد پنھنجي روح تي کنيو ھو. ان دور ۾ امداد خود پنھنجو پاڻ کان وڇڙي ويو ھو:

منھنجي ميري سيري ڳل تان،

رت جو لڙڪ وھي ويو آھي،

ھاڻي لھر لڇي ٿي ڇا لئھ،

چوڏھينءَ چنڊ لھي ويو آھي.

-

. . . . مون کان منھنجا دوست پڇن ٿا،

ڇا مان ھي ڇا ٿي ويو آھيان.

ڪنھن ماچس جي تيليءَ وانگر،

سڙي سڙي رک ٿي ويو آھيان.

ڏک ۽ سک ماڻھن لئھ ھوندو،

ھا، مان پٿر ٿي ويو آھيان.

امداد جي انھن غزلن ۾ اسان کي ٻولي ۽ معنى جي ھم آھنگي، احساس ۽ جذبي جي گھرائي، قافئي ۽ رديف جي خوبصورتي ملندي. . . . انھن کي امداد تخليقي انداز ۾ استعمال ڪيو آھي:

منھنجو ڪونھي ڏوھھ ميان!

مون سان ٿيئڙو ڊوھھ ميان!

. . . .

پٿر تي شيشو اڇلايم،

پنھنجي من کي ڇا سمجھايم.

بند ٿيل ڪمري ۾ تنھا،

پنھنجي منھن ويٺي ڳالھايم.

. . . . بعد وارن سالن ۾ ھن جي فن ۾ اڃا بھ پختگي آئي. ھن نت نوان تخليقي تجربا ڪيا ۽ غزلن جي تراش خراش تي اڳي کان وڌيڪ ڌيان ڏنو.

’سنڌ‘ اھو نانءُ آھي، جو امداد کان ڪڏھن بھ وسري ئي نھ ٿو؛ ايتريقدر جو ھن جي غزلن ۾ بھ ’سنڌ‘ آھي، ڇو تھ اھا ئي ھن لاءِ سر سنگيت ۽ سڳنڌ آھي:

سنڌڙي، سر، سنگيت سڳنڌ

مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ

. . . . امداد جو غزل، ”تنھنجو ھجڻ“ منھنجي پسنديده غزلن مان ھڪ آھي، جنھن جو ھر شعر ھڪ اشرفي لھي:

نھ تھ فاصلو گھڻو ھو، مون ۾ ۽ خودڪشيءَ ۾،

تنھنجو ھجڻ ھجڻ آ، ويساهھ زندگيءَ ۾.

لفظ ”خودڪشي“ جو ھڪ نھايت ثقيل ۽ غير شاعراڻو لفظ آھي، . . . ان جو ايڏو خوبصورت استعمال، سو بھ سنڌي شاعريءَ ۾، سو بھ پابند شاعريءَ ۾ ۽ سو بھ وري غزل ۾، مون نھ ٻڌو آھي، نھ پڙھيو آھي. ”خودڪشيءَ (موت) جي مقابلي ۾ ”زندگي“ جو قافيو آڻڻ معنوي لحاظ کان شعر کي بلند تر ڪري ٿو.

اڌ رات جو ڪوي ڪو ڪوتا لکي رھيو ھو،

ڪيڏا سٺا لڳا پئي اوراق روشنيءَ ۾!

شاعريءَ ۾ جماليات جي ھي بنھھ نئين ۽ نرالي اينگل (angle) آھي. امداد ھونئن بھ پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو نھايت تخليقي سطح تي استعمال ڪندو آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن لفظن کي ھو خاص طور سان ايڏي خوبصورتيءَ سان استعمال ڪري ٿو، جو اھي خاص لفظ  ”خاص الخاص“ مقام ماڻيندا آھن، جيئن لفظ ”اوراق“ جو استعمال. خود ان شعر جي منظرڪشي بھ ھڪ نرالي منظرڪشي آھي: ”اڌ رات، ڪوي، ڪوتا، اوراق، روشني.“ ھن غزل ۾ ”روشنيءَ“ جو قافيو ٻھ ڀيرا آيو آھي. ھڪڙي ڀيريstress  (زور) ”اوراق“ ئي آھي، ٻئي ڀيري سمورو stress (زور) روشنيءَ تي آھي، بلڪ ”تيز روشنيءَ“ تي آھي:

اڌ اپٽيل اکين سان تنھنجي اڳيان ائين مان،

اونداھھ مان اچي جيئن، ڪو تيز روشنيءَ ۾.

ڄائس، جتي پليس مان، نپنس، وڏو ٿيس مان

اڄ وائڙو، پريشان، ان ڳوٺ جي ڳليءَ ۾!

ھن شعر ۾ ”ڄائس پليس، نپنس ۽ وڏو ٿيس“ جي سٽاءَ تي غور ڪريو. لفظي پڇاڙين (suffixes) جو ايڏو خوبصورت ۽ بامعنى استعمال جيڪو شعر ۾ اندروني قافيو پڻ آھي، ساڳئي وقت ڄمڻ کان وٺي وڏي ٿيڻ تائين جي ڪيترن ئي سالن جي پکڙيل مرحلن کي شاعر ننڍن ننڍن Pauses (ساھين) جي صورت ۾ ڪيئن اجاگر ڪري ٿو. . . .

امداد جو ننڍي بحر ۾ ھي غزل پڻ ھڪ نھايت خوبصورت غزل آھي.

مٽي ٿڃ ۽ مٽي رت،

پوءِ بھ منھنجي موڙھي مت.

ھن غزل جي معنويت، ان ۾ ٻولي، معنى، تخيل ۽ وزن جي ھم آھنگي، غزل کي ھڪ انوکي crispness عطا ڪئي آھي. ساڳئي وقت ان غزل جو symbolical ۽ satirical انداز پڻ اھميت رکي ٿو. مثال طور ھن شعر ۾ شاعر جي satire (طنز) جو چپڪو توھين بھ محسوس ڪيو:

تون بھ تھ پنھنجو ھان امداد!

تون بھ ڀلي ڪا گھاڻي گھٽ.

سٽن جي روانيءَ ۾ ”گھاڻي گھتڻ“ جي ڳالھھ، نھايت معصوميت سان چھنڊي ھڻڻ جيان آھي.

. . . . (امداد جو غزل) ”اھا ئي ھڪڙي دعا اٿم“، بظاھر ھڪ روايتي غزل جو ڏيک ڏئي ٿو، پر امداد جو ڪمال اھو آھي تھ ھن ان روايتي غزل جي قالب ۾ ھڪ غير روايتي غزل لکيو آھي. ان غزل جي سموري سونھن، ان جي روايتي رنگ تغزل ۾ آھي. . . .

تنھنجي ھر جفا کي وفا چيم، تنھنجي درد کي بھ دوا چيم،

تنھنجي بددعا کي دعا چيم، تنھنجي ھر ستم کي چيم ڪرم.

ساڳئي وقت ھن شعر ۾ جفا، وفا، دوا، بددعا ۽ دعا جا اندروني قافيا بھ آھن تھ ٽي ڀيرا ’چيم‘ رديف جيان ورجائجي ٿو، ۽ اصل قافيو پڻ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ”چيم“ سان ٻٽو قافيو ٿي اچي ٿو. ھي غزل، پنھنجي مزاج ۾ ڪافيءَ کي ويجھو آھي:

جي ھلين تھ آءٌ ڪڪر ٿيان، جي ٽلين تھ مور جيان نچان،

۽ اتي اتي رکان اکڙيون، تون جتي جتي بھ رکين قدم،

ھي شعر بيحد خوبصورت احساسن ۽ تشبيھن سان سينگاريل آھي.

. . . . ھن شعر ۾ جمال جو رنگ بکي ٿو ۽ عشق جو اظھار نج سنڌي انداز ۾ آھي. طويل بحر ۾ چيل امداد جو ھي غزل، ڪنھن سريلي ڪافيءَ جا رنگ پسائي ٿو.

. . . . شاعري، سا بھ سچي ۽ اصل شاعري: ”باھھ جو سمنڊ ترڻ“ آھي. امداد اھو باھھ جو سمنڊ تري ٿو، ۽ لڙڪ کي لفظ ڪري ٿو:

لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناھي،

باھھ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناھي.

امداد، ھتي باھھ ۽ پاڻي (لڙڪ) جي تضاد وسيلي مختلف ڪيفيتن کي اڀاري ٿو، جن ۾ پيڙ ۽ درد بھ آھي، تھ ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي تخليقي سگھھ بھ آھي، ڇو تھ ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ ئي شاعريءَ جو ڪمال آھي. . . . ھن غزل جو ڪمال ھڪ طويل رديف جو ننڍڙي قافيي سان ڦٻي بيھڻ بھ آھي. . . .

. . . . امداد وٽ ”سپرين جي سڪ“ ۽ ”سنڌڙيءَ جي سڪ“ ٻيئي اکر ھيڪڙري آھن. امداد انھن ٻنھي سان محبت جو اظھار ور ور ڪري ٿو ۽ ھر ڀيري نئين ورن سان ڪري ٿو. ھو انھن لاءِ جيئڻ بھ چاھي ٿو، پر ھو انھن لاءِ مرڻ لاءِ بھ ھر وقت تيار آھي- جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ ايترو سولو ناھي، امداد ھن شعر ۾ سولو ھجڻ ۽ سولو نھ ھجڻ جي تڪرار وسيلي پنھنجي ڳالھھ جي اھميت واضح ڪري ٿو:

سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو بھ ھجي،

سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناھي.

شاعر سڀني جي دکن کي پنھنجي انداز ۾ پالي ٿو، ۽ انھن پويان شمع جيان روز سڄي رات ٻري ٿو، لڳاتار ڳري ٿو، تڏھن ئي روشني ڪري ٿو:

چوٽ کان شمع جيان روز سڄي رات ٻرڻ،

۽ لڳاتار ڳرڻ ايترو سولو ناھي!

لڳاتار ڳرڻ ۽ لمحو لمحو فنا ٿيڻ جي پيڙ کي اھو ئي محسوس ڪري سگھندو، جنھن جي ڪڏھن درد سان شناسائي رھي ھجي ۽ امداد جي تھ درد سان شناسائي آھي. . . .

. . . . امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ جيئن خوبصورتين کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھھ مان گلابن ۽ ستارن سان ملايو ڇڏي، ان ريت امداد پنھنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي بدصورتين کي ان جي تمام تر ڪراھتن، قباحتن، ڌپن ۽ اگراڻن جي حوالي سان اجاگر ڪري ٿو. انھن ڪيفيتن جي شدت کي اڀارڻ ۽ اظھارڻ لاءِ امداد، استعارا بھ اھڙا ئي کڻي ٿو: مثال طور ”گٽر“ جو استعارو. امداد جي نظم ”حملو“ ۾ بھ اھو استعارو، ان شديد ڪراھت ۽ نفرت جي ڪيفيت کي اڀاري ٿو:

’شاھي رستن تي سڙيل تيز گٽر جي بدبو‘

”گٽر“ جو استعارو، امداد پنھنجي ھن غزل ۾ ”غدار“ لاءِ استعمال ڪري ٿو:

صرف غدار جو رت آھھ گٽر جو پاڻي،

ماءُ جو کير کرڻ ايترو سولو ناھي!

اھڙيءَ ريت امداد، غزل جي موضوع کي جديد نظم جي قريب تر ڪري ٿو ڇڏي، گٽر جي گندگي ۽ کير جي پاڪيزگيءَ جي تضاد وسيلي شعر جي مفھوم کي ڪيڏي نھ اعلى انداز ۾ سمجھايو ۽ محسوس ڪرايو ويو آھي.


[1]   اياز قادري: سنڌي غزل جي اوسر، ڀاڱو ٻيو، ص ٨٤ - ٤٨٣

[2]   غلام محمد گرامي: مھراڻ ’شاعر نمبر‘- 1969-2ع ص ٣٢ – ٢٦ – ٢٥.

[3]   محسن ڪڪڙائيءَ جي ٻئي نمبر شعري مجموعي ”سونھن جي ساڃھھ“ (2005) مھاڳ (جھڙو حال حبيبان) جيڪو محسن خود لکيو ھو، سندس خيالن کي ضمير غائب جي صيغي ۾ آندو ويو آھي. (تاج جويو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org