سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :12

ليڪن اڄ غزل ۾ حسن ۽ عشق جي مضمونن کان سواءِ ٻيا مضمون بھ درج ٿيڻ لڳا آھن. مثلا: اخلاق، فلسفو، سياست، قوميت وغيره. اڄ غزل لاءِ زمينون بھ نيون آھن. ڪيترائي غزل رسمي انداز- بيان کان پاڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪيترا غزل گو شاعر غير مردف غزل بھ پيا لکن. اڄ جا غزل گو شاعر جديد فلسفي، جديد سائنس ۽ جديد علمن کان بھ متاثر ٿيل ٿا ڏسجن. نھ فقط ايترو، پر اڄ جي غزلن ۾ گل ۽ بلبل، گلشن ۽ صحرا، مستي ۽ جنون، ھوش ۽ عقل، بھار ۽ خزان، ساقي ۽ بزم- اھي تمام علامتي لفظ، ھلندڙ دؤر جي ذھنيت ۽ احساسن موجب ھڪ نئين معنويت، ھڪ نئين انداز سان آندا پيا وڃن. بقول ڊاڪٽر ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي، ”ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ واري ھر چيز، خاص طور انساني برادري قوميت، مزدور جي مفلسي ۽ عورت جي بيڪسي، سندن (غزل گو شاعرن جو) ڌيان ڇڪڻ لڳيون آھن ۽ ڪنھن خاص نقطھ نگاھھ کان نرالي رنگ ۾ ادا ڪيون وڃن ٿيون. غزل ۾ نيون واٽون، نيون تشبيھون، نيون ترڪيبون جڙنديون پيون وڃن ۽ اصطلاحن ۽ ڪناين کي بھ نيون معنائون حاصل پيون ٿين.“

اڄ جا غزل گو شاعر نئين اضطراب ۽ سڪون، نين تنگين ۽ وسعتن، نين مجبورين ۽ آزادين، نئين اميد ۽ نا اميديءَ جي دؤر مان گذري رھيا آھن. دنيا ڀر ۾ جمھوريت جي وڌندڙ طاقت جو اثر، انفرادي ۽ اجتماعي حياتيءَ ۾ جيڪا ڪايا پلٽ ٿي رھي آھي- ان جو اثر، ۽ ھزارين ڪشمڪشن جو اثر، ھلندڙ دؤر جي غزل گوئيءَ تي پيو آھي ۽ ڪافي پيو آھي. اِنڪري، اڄ غزل گوئي محض فن ڪانھ رھي آھي، پر ان کي حيات جي مسئلن ۽ پنھنجي ماحول سان مکا ميلو ڪرڻو پيو آھي. قصو ڪوتاه، اڄ جو غزل، غم- جانان کان غم- دوران طرف قدم وڌائيندو نظر اچي رھيو آھي.

اردوءَ جي مشھور شاعر ۽ نقاد ”نياز“ فتحپوريءَ جي چوڻ موجب، ”غزل جو تعلق انسان جي انھن جذبن سان آھي، جيڪي تمدن جي ھر دؤر ۾ پاتا ويندا.“ اِنڪري سنڌيءَ جا جيڪي نام نھاد نقاد، غزل کي ھڪ فرسوده صنف- سخن ٿا سمجھن، انھن شايد غزل جي قوتن ۽ وسعتن کي سمجھيو ناھي. ھنن کي شايد خبر ناھي تھ غزل جي ڪيترن شعرن ۾ ھن دؤر جي حياتيءَ جي نظرين ۽ مسئلن جي ڪامياب ترجماني بھ ڪئي ويئي آھي.

غزل ھڪ اھڙي صنف- سخن آھي، جيڪا خاص ۽ عام جي زبان تي چڙھڻ ۾ دير ڪانھ ڪري. شايد اھو ئي سبب آھي جو تمام خوشين جي مجلسن، محفلن ۽ جلسن ۾ غزل ئي ڳاتا ويندا آھن. ان سلسلي ۾ نارايڻ ”شيام“ جو ھڪ شعر آھي:

ذڪر جذبن جو، تخيل جي زباني وه واه!

شيام ڇو ڪين غزل رونق- محفل ٿي پوي.

غزل ۾ ھر مضمون ٻن مصرعن ۾ ختم ٿيو وڃي؛ ۽ اڄ جي مشيني زندگيءَ ۾- جنھن ۾ انسان کي فرصت جون گھڙيون تمام ٿوريون نصيب ٿين ٿيون- ان ۾ طولاني مسلسل نظم لکڻ جي فرصت، شاعر کي ذرا گھٽ ٿي ملي. اِنڪري وقت بھ وقت جيڪي خيالات شاعر جي ذھن ۾ اڀرن ٿا، يا ڪن واقعن کي ڏسي يا انھن جو ذڪر ٻڌي، جيڪو اثر شاعر جي دل تي پوي ٿو، ان جو اظھار جھڙيءَ آسانيءَ سان غزل جي ٻن مصرعن ۾ ڪري سگھجي ٿو، سو ٻيءَ ڪنھن صنف- سخن ۾ نٿو ڪري سگھجي. ھتي اھو واضح ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان تھ غزل ۾ ڪو خاص مضمون مسلسل طور بيان ڪونھ ڪيو ويندو آھي. بلڪ جدا جدا خيال الڳ الڳ بيتن (بندن) ۾ ادا ڪيا ويندا آھن. ھڪ ئي غزل ۾ مختلف ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪيترا مضمون اچي سگھن ٿا. ھڪ ئي غزل ۾ مختلف موضوع ھوندي بھ ان جي شعرن ۾ ھڪ قسم جي يڪرنگي (unity) ھوندي آھي. بقول فراق گورکپوري، ”غزل ۾ ھڪ اھا چيز ھوندي آھي، جنھن کي اسين مفھوم چوندا آھيون، ٻي چيز ان جو مجموعي اثر (total efeect) ھوندي آھي. ۽ ٽين ھڪ اھا چيز ھوندي آھي، جنھن کي اسين فضا (atmosphere) جي لفظ سان سڏيندا آھيون، جيڪا مفھوم جي سلسلي کانسواءِ احساس ۽ ڪيفيت جو سلسلو بھ قائم رکندي آھي. . . . اھو صحيح آھي تھ غزل جو ھڪ شعر بلڪل مڪمل ھوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن تھ ھڪ مصرع بذات خود ھڪ دنيا ھوندي آھي ۽ ٻڌندڙ چئي ڏيندا آھن تھ ٻي مصرع پڙھڻ جي ضرورت ئي ناھي.“

غزل جا مضمون:

حسن ۽ عشق ھجي يا تصوف، بھار ۽ خزان ھجي يا گلشن ۽ صحرا، حيات ۽ اخلاقيات ھجي يا نفسيات جا بي شمار پھلو ھجن- مڙيئي غزل جا موضوع بڻجي سگھن ٿا. خوشي، غم، تمنا، حسرت، انتظار (غم جانان)، صبر، شڪر، شڪايت، قناعت، رضا- مطلب تھ ھر قسم جا جذبا، جي شاعر جي دل ۾ پيدا ٿين ٿا، اھي غزل ۾ بيان ڪري سگھجن ٿا. غزل جو موضوع صرف محبت ناھي، ۽ اگر آھي بھ تھ ان جا مختلف پھلو ٿي سگھن ٿا. سنڌيءَ جا ڪيترائي نام نھاد نقاد غزل ۾ ”محبت“ لفظ ڏسي ڇرڪي ويندا آھن. ڇو؟ ڇا بندي کي خدا سان محبت نھ ٿي ٿي سگھي؟ ماءُ پيءُ کي پٽ، ڌيءَ سان نھ ٿي ٿي سگھي؟ دوست کي دوست کان نھ ي ٿي سگھي؟ مڙس کي زال سان ۽ زال کي مڙس سان نھ ٿي ٿي سگھي؟ انسان کي حيوان سان نھ ٿي ٿي سگھي؟ قصو ڪوتاه، انسان کي وطن سان، قوم سان، ھر چيز سان محبت ٿي سگھي ٿي. مثال طور، نارايڻ ”شيام“ جي غزلن مان چند شعر پيش- خدمت آھن:

ٻوليءَ سان محبت:

الا اِئن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي،

تھ ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

دوست جي محبت:

وطن ڇڏڻ وقت مون ٿي سمجھيو ڪندو نھ ڀلجي ڪو ياد، ليڪن

”اياز“، ”احسان“، ”راز“ پارا، ڪي قرب وارا اڃا بھ آھن.

ڪيترائي شعر حسن ۽ عشق، ساقي ۽ مئخاني، بھار ۽ خزان، جنون ۽ گريبان وغيره، غزل جي تمام رسمي لفظن کان آزاد ملندا. مثال طور ”شيام“ صاحب جا ھيٺيان ٻھ شعر ڏسو:

گنگا جمنا امرت امرت،

ليڪن ٿڃ تھ سنڌو آھي.

-

ڀونءِ جا چپ بھ ڦٽي پيا آھن،

سمنڊ تي مينھن وسائڻ وارا!

اھو تھ ڇڏيو، منظرنگاريءَ جا اھي اھي شعر غزل ۾ ملندا، جيڪي نظمن ۾ ملڻ مشڪل آھن. مثال طور ”شيام“ جا ٻھ شعر ملاحظھ فرمايو:

آڌيءَ سمي اچانڪ جرڪي پئي خموشي،

اِئن مسڪرايو تارن، اي شيام رات چمڪي..

چنڊ چوڏس جو ۽ شگفتھ گلاب،

رات جيڪر مون ڪنھن کي ڏيکاريو.

ائين برابر آھي تھ غزل اھا صنف- سخن آھي، جنھن ۾ فرسودگيءَ جو خطرو ٻين سخن جي صنفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي؛ يا جيئن اردوءَ جي مشھور نقاد مجنون گورکپوريءَ ھڪ ھنڌ چيو آھي، ”غزل نھايت ڪٽر صنف- سخن آھي.“ ٻين لفظن ۾ غزل ھڪ ئي وقت آسان ۾ آسان ۽ مشڪل ۾ مشڪل صنف- سخن آھي.

غزل جو مقصد:

زندگيءَ جي اندروني تجربن ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪيفيتن کي موسيقيءَ ۾ سموئي، پر اثر انداز ۾ بيان ڪرڻ غزل جي ھر شعر جو مقصد ھئڻ گھرجي؛ ۽ نارايڻ شيام جي غزلن ۾ اِن مقصد جو برصوابي ڪافي حد تائين نظر اچي ٿي. ”شيام“ جي غزلن پڙھڻ کان پوءِ ائين لڳندو تھ ھو صاحب ڄاڻي ٿو تھ، ’تغزل موسيقيءَ کي گھڻو ويجھو آھي ۽ ان ۾ ئي ان جي قوت جو راز مخفي آھي.‘ بقول فراق گورکپوري، ”غزل جو ھر شعر بجاءِ خود ھڪ دنيا آھي، ھڪ پيغام حيات آھي، جنھن جي وستعن جي سامھون وڏن وڏن نظم جا دفتر رسمي ۽ فرسوده لڳندا آھن. . . .  بھترين نظم جي بھترين بندن ۾ بھ اھا ٺيٺ انسانيت ۽ اھا مانوسيت پيدا نھ ٿي ٿئي، جيڪا غزل جي جان آھي. نھ اھا شاعراڻي معصوميت (Lyrical Innocence)، نھ اھا تخليقي سادگي (creative simplicity) ۽ نھ اھا ڊرامائي ڪيفيت پيدا ٿي سگھي ٿي، جيڪي غزل جي گھڻن ئي شعرن ۾ ھونديون آھن.“

سٺي غزل جي تقاضا:

سٺو غزل اھو آھي، جيڪو موسيقيءَ ۾ رچيل ھجي، جيڪو اسان جي جذبي ۽ شعور ۾ نزاڪت پيدا ڪري ۽ زندگيءَ جي واقعن ۽ تجربن کي رمز ۽ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ اھڙي انداز ۾ پيش ڪري، جو اسين باھمي طور تي انھن کي اڳي کان بھتر نموني سمجھي سگھون ۽ اڳي کان بھتر نموني محسوس ڪري سگھون. ”شيام“ جا اڪثر غزل اھا تقاضا بخوبي پوري ڪن ٿا.

غزل جي ھيئت:

غزل ۾ عام طرح پنجن کان سترھن شعر ھوندا آھن.1 غزل جي پھرئين شعر جون ٻھ مصرعون ۽ ھر شعر جي ٻڌيءَ واري مصرع ھم قافيھ ھونديون آھن. پھرين ٻن ھم قافيھ مصرعن کي مطلع سڏيو ويندو آھي. ساڳئي غزل ۾ مطلع کان پوءِ جي اھڙيون ٻيون بھ ٻھ ھم قافيھ مصرعون آھن، تھ انھن کي مطلع ثاني يا زيب مطلع يا حسن مطلع سڏيو ويندو آھي. آخرين بيت (جنھن ۾ اڪثر شاعر پنھنجو تخلص بھ آڻيندا آھن) کي مقطع سڏيو ويندو آھي. بقول فراق گورکپوري، ”مقطع، غزل جي سانچي (Pattern) جو اھو نشان آھي، جنھن ۾ غزل جي تغزل جو احساس پنھنجي پوري لاھھ ۽ چاڙھھ، تيزيءَ ۽ نرميءَ سان ڀريو ويندو آھي. مقطع سؤ في صدي داخلي چيز آھي.“ اڄڪلھھ جا ڪيترائي غزل گو شاعر مقطع ۾ پنھنجو تخلص درج نھ بھ ڪندا آھن. ان تي ”شيام“ جو ھڪ سھڻو شعر ٿو ياد اچي. چوي ٿو:

غزل سان نباھڻ وڏي ڳالھھ آھي،

تخلص ۾ ڇاھي، نھ آيو، نھ آيو.

جھڙيءَ طرح سنگيت ۾ سرن ۽ راڳن جو تاڃي پيٽو ٿيندو آھي، تھڙيءَ طرح غزل ۾ رديف ۽ قافين جو تاڃي پيٽو آھي. شاعر جي ستل شخصيت کي قافيو ۽ رديف جاڳايو ڇڏين. ھر قافيي ۾ شاعر جي حياتيءَ جون وارداتون، احساسن جا تجربا لڪل ھوندا آھن. قافيو شاعر جي ذھن لاءِ ھڪ لحاظ کان پھريون قدم ۽ ٻئي لحاظ کان منزل تي آخرين قدم جو ڪم ڏئي ٿو.

سنڌي غزل:

پھريون سنڌي غزل گو شاعر ڪير ھو، ان جي اڃا تائين تحقيقات ٿي ڪانھ سگھي آھي. البتھ اڄ کان اڍائي سؤ ورھيھ اڳ، ٽکڙ (وسئن)- سنڌ جي ھڪ ننڍڙي شھر- ۾ نور محمد ”خستھ“ نالي ھڪ شاعر رھندو ھو. ان جا ڪي غزل ھٿ اچي سگھيا آھن. ”خستھ“ بعد ڪيئي سنڌي غزل گو شاعر پيدا ٿيا آھن ۽ اڃا بھ ٿين پيا. ھيلتائين سنڌي غزل گوئيءَ جا ڪيئي دؤر ختم ٿي چڪا آھن ۽ ان ۾ حيرت انگيز انقلاب آيا آھن، جن جو ذڪر ھن مضمون ۾ موزون نھ ٿو لڳي. البتھ ايترو ضرور چوندس تھ جديد سنڌي غزل کي سنوارڻ جو گھڻو شرف ليکراج عزيز، سڳن آھوجا، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز کي ئي آھي. ھن مضمون ۾ مان صرف نارائش شيام جي غزلن جون خوبيون ئي بيان ڪندس.

شيام جي غزلن جون خوبيون:

”رنگ رتي لھر“ (نارائڻ شيام جي غزل جي مجموعي) جي مھاڳ ۾ ھري دلگير لکي ٿو تھ ”نارائڻ شيام، پنھنجي غزل کي نون خيالن، احساسن ۽ انقلاب جو ذريعو بڻايو آھي.“ مان ”دلگير“ صاحب سان سؤ في صدي شامل راءِ آھيان. ’ننڍن ننڍن، مٺن مٺن لفظن ۾ لطيف، حسين ۽ رنگين خيال نباھڻ‘- اھا ”شيام“ صاحب جي غزلن جي وڏي ۾ وڏي خوبي آھي. سندس ٻوليءَ ۾ خاص لطافت، نزاڪت ۽ لچڪ آھي. بندش جي چستي، لفظن جي نشست، تشبيھن ۽ استعارن جي استعمال ۾ بھ ھو صاحب پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ڪڏھن ڪڏھن تھ ڏندين آڱريون لڳي وينديون آھن تھ سادن لفظن ذريعي ”شيام“ ايترو اثر ڪيئن پيدا ٿو ڪري. ھن وٽ جذبي، فڪر ۽ تخيل جو اھڙو لطيف سنگم ٿو ملي، جيڪو سنڌيءَ جي ٻئي ڪنھن زنده شاعر وٽ (شيخ ”اياز“ کي ڇڏي) ورلي نظر ايندو آھي. غزلن ۾ گھڻو ڪري سڀني عام (’دقيق‘ توڙي ’آسان‘) بحرن جو استعمال ڪيو اٿائين، پر ڪٿي بھ موسيقيت جو دامن ھٿن مان نھ ڇڏيو اٿائين. ھاڻ مان ”شيام“ جي غزلن جي خوبين جو تفصيلوار بيان ڪندس.

سلاست:

خيال ڪيترو بھ دقيق ڇو نھ ھجي، پر اھو سؤلن سؤلن لفظن يعني عام فھم ٻوليءَ ۾ بيان ڪرڻ- اِھا ”شيام“ جي پھرين خوبي آھي. ھو ڪوشش ڪري مشڪل لفظ ڪم آڻڻ کان ڪنارو ٿو ڪري. صرف اھي ئي لفظ استعمال ٿو ڪري، جن سان زبان مانوس ۽ ڪن واقف آھن. سندس شعرن ۾ لفظن جي ترتيب، زبان جي قاعدن ۽ بيان جي اصولن موجب ھوندي آھي- يعني تھ جيڪڏھن سندس ڪو شعر، نثر ۾ لکبو تھ لفظ گھڻو تڻو پنھنجي جڳھين تان ڪونھ ھٽندا. ھا، وزن، جي مجبوريءَ سبب لفظن جي ترتيب ۾ ٿوري ڦيرڦار آڻڻي پوندي آھي ۽ اھا جائز آھي. ”شيام“ جي سليس شعرن جا ڪيئي مثال ڏيئي سگھجن ٿا، پر مان ھتي پنج مثال ڏيئي اڪتفا ڪندس:

ھجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنھھ آجي،

نھ پنھنجي شاعري اھڙي، نھ پنھنجي زندگي اھڙي.

-

ڏينھن جي شور ۾ يا رات جي خاموشيءَ ۾،

جي وسارڻ بھ گھريم، توکي وساري نھ سگھيس!

-

ڪڏھن ڪڏھن تھ محبت ۾ ائين بھ ٿيو آھي،

ملي مٺن سان بھ دل ۾ خوشي نھ ھوندي آھھ.

-

نھ اون ڪنھن جي اچڻ جي، نھ غم گذاري جو،

تڏھن بھ رات سڄي ننڊ ئي نھ ھوندي آھھ.

-

اڄاڻائي، لنوائڻ، ٿورو مشڪل، نيٺ ڳالھائڻ،

انھيءَ حد تي رسيو آھي، حجاب آھستھ آھستھ!

رواني:

اھڙا لفظ استعمال ڪرڻ، جن کي اچارڻ ۾ زبان نھ اٽڪي- اِن خوبيءَ کي ”رواني“ چئبو آھي. رواني ڀريل شعر پڙھندي لفظن جو اھو ئي آواز نڪرندو آھي، جيڪو انھن لفظن جو اصل آواز ھوندو آھي. روانيءَ جي لحاظ کان، جيتري قدر ٿي سگھي، شعر جو ھر رڪن ڪنھن لفظ تي ختم ٿيڻ گھرجي. جي ھڪ لفظ جو پويون ٽڪرو ٻئي لفظ يا ٻئي لفظ جي اڳئين ڀاڱي سان ملي ھڪ رڪن ٺاھيندو تھ شعر جي روانيءَ ۾ ڪمي اچي ويندي. ”شيام“ جي شعرن ۾ ”رواني“ بھ نظر اچي ٿي. ھيٺ مان ٻھ مثال ڏيئي قناعت ڪندس:

گلي ڪنھن کي لڳايان ۽ ڇني ڇيھون ڪريان ڪنھن کي،

جگر پنھنجي جو رت آھي ڀريل ھر گل جي رڳ رڳ ۾.

-

اِن ناز تان نثار پوي منٿ ھڪ قبول،

ٻيھر نھ چؤ ائين ئي نھاري تھ ’ڇا ڪريان‘؟

اختصار:

چوندا آھن تھ ڪڏھن ڪڏھن، ڪن کي، مرڻ وقت تمام زندگيءَ جا سمورا واقعا ھڪ پل ۾ ياد اچي ويندا آھن. غزل جا مختصر لفظ اھڙو ئي ڪم ڪندا آھن. گھٽ ۾ گھٽ لفظن ۾ مطلب ادا ڪرڻ- اِن خوبيءَ کي ”اختصار“ چئبو آھي. غزل گو شاعر لاءِ اھو ضروري آھي تھ منظرڪشي، واقعن جي بيان ۽ جذبن جي اظھار لاءِ رڳو ضروري ۽ شاعراڻا عنصر چونڊي.

”اختصار“، شيام جي غزلن جي نمايان خوبي آھي. مثال طور ”شيام“ جو ھيءُ شعر ڏسو:

عشق انڌي جو انڌو رھندو،

حسن پاڻ کي سو سينگاري.

ٿورن لفظن ۾ ”شيام“ صاحب معنى جو درياھھ اٿلائي ڇڏيو آھي. “Love is blind” (عشق انڌو آھي)- اِن انگريزي چوڻيءَ کي کڻي، ”شيام“ جيڪا طنز پيدا ڪئي آھي، اھا لاجواب آھي. ٻيو شعر ملاحظھ فرمايو:

نقش قدم يا روشن جوت،

چال سندءِ يا ديپڪ راڳ!

لفظن جو ڪيتري نھ صرفي سان استعمال ڪيو ويو آھي! ايتري قدر جو فعل بھ ڪم نھ آندو ويو آھي، ڇو تھ بنا ظاھر ڪرڻ جي بھ فعل ظاھر ئي آھي ۽ ائين ڪندي بھ شعر جو اثر گھٽجي نھ ٿو، پاڻ وڌي ٿو. اھو ڪمال ”شيام“ جو ئي آھي. مٿي ڏنل شعر پڙھڻ سان جيڪو جمالياتي حظ حاصل ٿئي ٿو، اھو بھ وسارڻ نھ گھرجي.

مٿئين شعر جيان ھيٺئين شعر ۾ بھ اختصار جي خوبي بخوبي نمايان آھي:

رات جي راڻي ڪاري رات،

ھت ھت خوشبو، جئن افواھھ!

مٿئين شعر ۾ ”خوشبوءِ“ جي ”افواھھ“ سان تشبيھھ بھ خوب آھي.

تخيل (Imagination):

ھر شاعر ماءُ جي پيٽان ”تخيل“ کڻي ڄمندو آھي. البت تخيل جو حافظي سان گھرو تعلق آھي. بلڪ ائين کڻي چئجي تھ حافظي ۾ ئي تخيل لڪل ھوندو آھي. بقول مولانا ”حالي“: ”تخيل ھڪ اھڙي قوت آھي، جيڪا تجربن ۽ مشاھدن ذريعي ذھن ۾ اڳيئي گھر ڪري ويٺل معلومات جي ذخيري کي ٻيھر ترتيب ڏيئي، ھڪ نئين صورت بخشي ٿو ۽ پوءِ ان کي لفظن جي اھڙي دلڪش نموني ۾ جلوه گر ڪري ٿو، جيڪو معمولي نمونن کان بلڪل يا ڪي قدر علحدو ٿيندو آھي“. ٿوري ۾، تخيل معمولي ۽ ظاھري واقعن ۾ اھڙا اھڙا نڪتا ۽ باريڪيون تلاش ڪري ٿو وٺي، جو عقل حيران ۽ ششدر رھجيو وڃي. اھو چوڻ مشڪل آھي تھ تخيل جذبي کي اڀاري ٿو يا جذبو تخيل کي. ائين کڻي چئجي تھ ٻئي گڏوگڏ پيدا ٿين ٿا.

”شيام“، تخيل جي گلڪاريءَ سان انساني جذبات جي طلسم کي قدرت تي طاري ڪرڻ جي جا بجا ڪوشش ڪئي آھي. ”شيام“ جي شعرن مان تخيل جا ڪيئي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا، پر مان ھتي نموني طور صرف ست مثال ئي پيش ڪريان ٿو:

رات ڪاٽي اسان ٻنھي جاڳي،

نيٺ ڪنھن ڪنھن جي ننڊ چورائي؟

-

دل بنا درد جي لھءِ جاءِ اگر آھھ نھ ڪا،

بس دعا آھھ اِھا، شال جگر دل ٿي پوي.

-

خوف کان ننڊ نھ بلبل کي سڄي رات آئي،

وڃي گلشن مان صبا، گل کي نھ ڪيڏانھن کڻي!

-

ڳل ڇھڻ سان گل ٽڙيا گويا،

چرچي چرچي ۾ اِئن بھار آئي.

-

ڇا فقط ڌوڙ آھھ ڌرتيءَ تي؟

چنڊ وٽ صرف چاندي ھوندي؟

-

نور تارن جو ڀي ڪو نور آھي؟

چنڊ ڌاران ٿي رات ڪاري رات!

-

آھن دکي دلين جا ڪي ڳوڙھا ڳڙيا ھتي،

ھيءَ خاڪ ايترو نھ تھ چمڪي سگھي نھ ھا!

ياد رھي، پوين ٽنھي شعرن جو موضوع حسن ۽ عشق آھي.

جدت:

”رھنمائي شاعري“ ۾ شيخ محمد ابراھيم ”خليل“ فرمائي ٿو: ”جيڪڏھن شاعر ڪنھن خيال کي ٻين کان وڌيڪ پرزور يا زياده پراثر انداز سان ادا ڪري، منتشر خيالن کي ڪنھن خاص ترتيب سان پيش ڪري، ٻين جي مبھم ۽ جھڪن خيالن کي واضح ۽ روشن ڪري، ڪا ڳالھھ اھڙيءَ طرح بيان ڪري، جو ان جو اثر ٻين (شاعرن) جي بيان کان جدا ٿي وڃي، پراڻن خيالن کي اھڙيءَ طرح بيان ڪري، جو اھي نوان معلوم ٿين، فرسوده مضمونن کي ائين ٻڌي، جو انھن ۾ تازگيءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي، تھ انھن سڀني حالتن ۾ ان جي ڪلام کي ”جدت“ جي صفت سان موصوف سمجھڻ گھرجي.“

جدت جو واسطو اظھار جي طريقي يا انداز- بيان سان آھي. انداز بيان جي جدت سان، معمولي ڳالھين ۾ بھ اھو لطف ۽ اھو اثر پيدا ٿئي ٿو، جو شعر ٻڌندڙ وجد ۾ اچيو وڃن.

سڳن آھوجا، ”روشن ڇانورو“ (نارايڻ شيام جي دوھن سوٺن، غزلن ۽ ترائيلن جي مجموعي) ۾ لکي ٿو تھ شيام ”باشعور ۽ جدت طراز شاعر آھي.“- ۽ ائين چوندي سڳن صاحب ڪوبھ مبالغو ڪونھ ڪيو آھي. ان ڳالھھ جي تائيد ۾ مان ”خادم“ صاحب جو ھڪ شعر پيش ڪريان ٿو:

دم نھ سمھھ ”خادم“ تون ھت، جو ڪم آ ڪرڻو رات ڏينھن،

قبر ۾ تنھنجي سمھڻ لاءِ يار ڪافي آ فراغ.

”قبر ۾ سمھڻ لاءِ ڪافي فرصت ملندي“- ان ساڳئي مضمون کي ”شيام“ صاحب، ڏسو ڪھڙي نھ جدت سان پيش ڪيو آھي ۽ ائين ڪندي ان مضمون کي چمڪائي ڇڏيو اٿائين. شيام جو شعر آھي:

اڄوڪي رات اچ اوتيون، پيون ۽ مست ٿي ڳايون،

گھڻو ئي قبر ۾ سمھبو، ڪي جاڳون قبر کان ٻاھر.

”راھيءَ جا قدم چمڻ لاءِ منزل ماندي آھي“- ان مضمون کي ”شيام“ صاحب ڏسو تھ ڪھڙيءَ نھ جدت ڀري ادا ۾ بيان ٿو ڪري:

اسان جا پير اکين تي رکڻ لءِ ماندي آ،

اسان کي واٽ ڇڪي توڙ تي رسائيندي!

”چپن تائين پيالو آڻي بھ ھاري ڇڏڻ“ لاءِ ڏسو تھ ڪھڙو نھ سھڻو سبب ٿو ڏئي:

تصور سان تنھنجي نھ چمڪيو ٿي ساغر،

چپن تائين آڻي بھ ھاري ڇڏيوسين.

گل ٽڙڻ جي مشابھت منھن کولڻ سان ڪري، ڏسو تھ شعر ۾ ڪيتري نھ رنگيني ۽ جدت ٿو پيدا ڪري. چوي ٿو:

خوشيءَ مان منھن ٿي پٽيائين، مگر پٽيو ئي رھيو،

چمن ۾ ٿي نھ سگھي ڪنھن سان گفتگو گل جي.

”شيام“ جي جدت- ڀريل شعرن جا ڪجھھ ٻيا مثال ڏسو:

اڙي مٿو تھ مٿي کڻ، ڪرين اِھو ڇا پيو؟

قدم صنم جا بھ ڏس، پنھنجي سر جو بار بھ ڏس.

-

وڇوڙي ۾ پھرينءَ نظر جون سنڀارون،

ڪڏھن جي ڪڏھن ڳالھڙي ياد آئي.

بلاغت:

شعر ۾ ”خيال سان مناسبت رکندڙ لفظ استعمال ڪرڻ“ جي خوبيءَ کي ”بلاغت“ چوندا آھن- يعني تھ جھڙي قسم جي ڳالھھ ڪرڻي ھجي، اھڙي قسم جا لفظ ڪم آڻڻ گھرجن. ان ڏس ۾ اھو ياد رھي تھ جيڪي لفظ ظاھري طور ھم معنى ٿين ٿا، اھي اثر ۾ ھجھڙا نھ ٿا ٿين. مثال طور: ميڻ بتي ۽ شمع يا جيل يا زندان. ”فراق“ گورکپوريءَ ھڪ ھنڌ چيو آھي: ”غزل جي لفظن ۾ صرف اِسم، ضمير، فعل، صفت ئي نھ بلڪ حرف جر ۽ ظرف مڪان ۾ بھ جيڪا نرمي، زور، سادگي، رنگيني ۽ ترنم ۽ تاثير ملندو آھي، اھو ڪن جزوي نظمن ۾ ملي سگھندو. بلاغت سان استعمال ٿي، لفظ پنھنجي اندر لڪل معنى جي دنيا جي جھلڪ پسائي، پنھنجي لغوي مفھوم کان اڳتي وڌي وڃن ٿا ۽ مانوس احساسن کي ازل ۽ ابد جي سرحدن سان ملائي ڇڏين ٿا. لفظن جو اھڙو بليغ استعمال غزل ۽ صرف غزل ۾ ئي ممڪن آھي.“ مثال طور مان ”شيام“ جو ھڪ شعر ٿو پيش ڪريان، جو سؤ شعرن جي برابر آھي:

ويراني، ڪنڊيءَ تي ڳيرو،

مان آھيان، ھو ھو ھو آھي.

حوالي طور ڪم اچڻ جي صلاحيت (Quotability):

غزل جا شعر ھر موقعي ۽ مھل تي سند يا تائيد طور ڪم آندا ويندا آھن. ان جو مکيھ سبب اھو آھي تھ جھڙيءَ آسانيءَ سان غزل جا شعر ھر ڪنھن کي ياد ٿي سگھن ٿا، اھڙي طرح ٻيو ڪوئي ڪلام ياد ٿيڻ مشڪل آھي، ڇو تھ غزل ۾ ھر مضمون، ٻن مصرعن ۾ ختم ٿيو وڃي. بلڪل معمولي واقعن، بلڪل اھم موقعن ۽ بلڪل نازڪ وقتن (crisis) تي غزل جا شعر ئي حاوي پئجي سگھن ٿا. ”شيام“ جي غزلن ۾ ڪيترائي اھڙا شعر ملندا، جيڪي حوالي طور ڪنھن موقعي تي چئي سگھجن ٿا. مثال طور ھيٺ مان چار شعر ڏيان ٿو:

ويو ھوس ھن جي بھ محفل ۾، ليڪن

چوان ڪئن تھ پنھنجي ڪٿي دل وساريم؟

-

ھيئھءِ صبح جو وار وٽڙيل اھيئي،

گھڻو شام جو کين تو پئي سنواريو.

-

نھ ڪنھن ٻئي نموني نٽائي سگھين ھا،

کلي ڳالھھ کي ”شيام“ تو خوب ٽاريو!

-

توڏانھن ھيئن تڪيان پيو، ناراض ٿين متان،

مان پاڻ کي ٿو تنھنجي اکين ۾ ڏسي ڏسان.

جماليات:

سڳن آھوجا جي چوڻ مطابق: ”جمالياتي شاعري، ماديت ۽ روحانيت جي دلڪشين کي ھڪٻئي ۾ سموئي ڇڏي ٿي ۽ پنھنجين باريڪين ۽ نفاستن سان، وسعتن ۽ گھراين سان اسان جي حواسن کي تھذيبي تربيت ڏئي ٿي.“- ۽ مان جيڪر ائين بھ چوان تھ جمالياتي شاعريءَ مان پڙھندڙ جو دماغ ئي حظ حاصل نھ ٿو ڪري، پر سندس ڪو حواس يا ڪي حواس بھ لطف اندوز ٿا ٿين. اعلى فڪري صلاحيت ۽ اعلى جذباتي صلاحيت ھڪ شخص ۾ جمع ٿين ٿيون تھ حقيقي جماليات جي تخليق ٿئي ٿي. ”شيام“ جي بيتن، واين وغيره ۾ تھ ”جماليات“ ملي ٿي، پر ”شيام“ جي اڪثر غزلن ۾ بھ جماليات بلڪل نمايان آھن. مثال طور سندس ھيٺيان شعر پڙھو:

سونھن ڪيڏي نھ اڄ ڪڍي سرھاڻ،

ھڪ نظر ۾ ئي جيءُ ھٻڪاريو.

سڊول جسم جو ھر انگ راڳڻيءَ جو روپ،

ڪمال نغمھ ھئي، ”شيام“، خامشي ان جي.

-

ڪومل جسم ھي وڄندڙ ساز،

روپ مڌر ڄڻ راڳ وھاڳ.

-

ڪوئل ڪاري، ڪارا نيڻ،

نگه نگه ڄڻ مٺڙي لات.

-

ڇا رس ڀري رھاڻ ۾ جھنڪار ماڪ جي،

ڌڙڪن ڪلين جي دل جي سندءِ انگ انگ ۾!

تڙپ:

”تڙپ“ سان منھنجو مطلب آھي تھ غزل جي شعر ۾ خيال سان گڏ جذبو بھ شامل ھجي. ڪنھن شعر ۾ خيال ڪيترو بھ اصليت ڀريو، سادو، بلند ۽ باريڪ ڇو نھ ھجي، پر جيڪڏھن ان ۾ تڙپ ناھي يعني تھ جذبو شامل ناھي، تھ اھو شعر دل تي خير ڪو اثر ڇڏيندو. ”شيام“ جي غزلن جي ڪيترن ئي شعرن ۾ ”تڙپ“ ملي ٿي. نموني طور مان صرف ٽي مثال ئي پيش ٿو ڪريان:

مٺي آھھ ڪوئل جي ڪو ڪو مٺي آھھ،

مٺي آھھ سچ بيقرارن جي ٻولي.

-

ساڻ تنھنجو خيال ڀي نھ رھيو،

ھاءِ تنھائي، ھھڙي تنھائي!

-

الا! اِئن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي،

تھ ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

روزمره جي ٻولي:

غزل گو شاعر لاءِ روزمره جي ٻوليءَ جي پابندي جيتري قدر ممڪن ھجي، ضروري آھي، خاص ڪري، اگر اھي ڪنھن موقعي يا مھل تي حوالي طور ڪم آڻڻ لائق بڻائڻا آھن تھ. درحقيقت معمولي ڳالھھ کي شعر جي سانچي ۾ ڏسي، عام ماڻھن کي ھڪ قسم جو عجب ۽ ساڳئي وقت ھڪ قسم جي خوشي بھ ٿيندي آھي. غزل جي شعر ۽ ان جي لفظن ۾ ھڪ قسم جي نرمي ۽ مانوسيت (Homeliness) ۽ يگانگت (Intimecy) ضروري آھي، ۽ اھي چيزون فقط روزمره جي ٻوليءَ جي استعمال سان ئي غزل ۾ آڻي سگھبيون.

”شيام“ جي غزلن جي ٻولي زياده تر روزمره جي ٻولي آھي. اگر ڪٿي ڪٿي ڪنھن خيال سان نباھڻ لاءِ ڪي لفظ گھڙي ٿو تھ اھي بھ روزمره جي ٻوليءَ مان ئي گھڙي ٿو. بقول سڳن آھوجا: ”’شيام‘ اھڙا لفظ نھ گھڙيندو آھي، جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو ھجي. شيام پنھنجا لفظ گھڙيندو ضرور آھي، پر اھڙا، جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگھي. خوبصورت لفظن، فقرن ۽ صفتن جي گھڙت، کيس موجوده دؤر جي ٻين شاعرن کان الڳ ڪري بيھاري ٿي.“

ھيٺ ”شيام“ جي غزلن مان چند اشعار پيش ڪريان ٿو، جن مان بخوبي ظاھر آھي تھ روزمره جي ٻوليءَ ذريعي بھ ”شيام“ ڪھڙي نھ رنگين بياني ٿو ڪري:

لنگھي مون اڳيان، پوءِ مڙي تو نھاريو،

پيھءِ ياد ڪي يا ھيھءِ ڪي وساريو.

-

اٿي ڇرڪي، بس ڪاوڙي، مسڪرائي،

لڪي ڪنھن ڪيس پير تان ڪتڪتائي.

مٿين ٻنھي شعرن ۾ ”محاڪات“ بلڪل نمايان آھن، جيڪي ڪنھن وضاحت جا محتاج ناھن:

اڙي او بيخبر! ان ريت ماضيءَ ڏي نھ ڏس گھوري،

ڪري بي نور نيڻن کي، انھيءَ جي روشني اھڙي.

-

ديد جون دعوتون ازل کان ئي،

پوءِ بھ اڄ تائين نيڻ نيرانا.

”دعوت“ ۽ ”نيرانا“ لفظ قابل غور آھن، جن جي استعمال سان شعر جو تاثير دوبالا ٿي ويو آھي.

مون کي پنبڻين سان ھوا پئي ڪيائين،

الا! ننڊ نيڻن تي ڪنھن ويل ڇانئي؟

-

سڀن شيام کي پنھنجو ھمراھھ ڀانيو،

ھئو چنڊ، جو گڏ ھليو پئي سڀن سان.

مٿئين شعر ۾ خود کي ”چنڊ“ سان جيڪا تشبيھھ ڏني اٿائين، اھا نھايت دلپذير آھي.

ڪن روزمره جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي ڪم آڻڻ سان شعر جي انداز بيان جي رمزي ڪيفيت ڪافي اجاگر ٿي ويندي آھي. مثلا: ”سھي“ ۽ ”نھ“.

”شيام“ جو ھيٺيون شعر ملاحظھ فرمايو:

چمڪندو روپ نگر چاھھ جي چانڊوڪيءَ ۾،

دل کي ڪجھھ گھاو سھي، چنڊ بڻايو تھ سھي.

مٿئين شعر ۾ ”تھ سھي“ رديف طور ڪم آندو ويو آھي. ساڳيءَ طور ھڪ ٻئي غزل ۾ ”شيام“ صاحب ”نھ مڃان“ رديف استعمال ڪري غزل جي رمزي ڪيفيت ۾ اضافو آندو آھي.

اصطلاحن جو عمدو استعمال:

غزل جي ھر شعر ۾ محاورو يا اصطلاح (Idiom) ضروري ناھي، جيتوڻيڪ، اگر محاوري يا اصطلاح جو عمدي نموني استعمال ڪبو تھ پست شعر کي بلند ۽ بلند شعر کي بلند تر ڪري سگھبو آھي. ”شيام“ صاحب سنڌي اصطلاحن جو ڪافي مھارت سان استعمال ڪري پنھنجن ڪيترن شعرن جي رمزي ڪيفيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. ھيٺ، تائيد طور، سندس شعرن مان چند مثال پيش ڪريان ٿو:

ساگر جنھن کي ڇاتيءَ لائي، سو البيلو موجون ماڻي.

”موج“ معنى لھر. ۽ لھرون ساگر ۾ ٿينديون آھن. ھاڻ مٿيون شعر ٻيھر پڙھي ڏسو تھ ڪھڙو نھ لطف ٿو اچي.

ھيٺئين شعر ۾ ”ڪنارو ڪرڻ“ اصطلاح نھايت خوبيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. شعر ملاحظھ فرمايو:

ڪنارو ڪيوسين ٿي لھرن کان، ليڪن

ڪنارو سندن ئي سھاري ڇڏيوسين.

”ڪنارو“ لفظ جي تڪرار (repeatition) شعر ۾ جان وجھي ڇڏي آھي.

ڏسي مون کي دنيا ڪڇيو ڪين، ليڪن

ستارن ڀڳي اک، گلن مسڪرايو!

ھڪ وڌيڪ مثال:

آشائن جون شمعون گل ٿي، دل ۾ وييون ٻارڻ ٻاري!

نقل قول (Inverted commas) جو سھڻو استعمال:

نقل قول جي حسن- استعمال سان بھ غزل ۾ رمزي ڪيفيت کي وسعت حاصل ٿئي ٿي ۽ شعر جي بي تڪلفي ۽ تازگيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ”شيام“ جي غزلن ۾ نقل- قول جو استعمال جان تان گھٽ ڪيو ويو آھي، پر جتي بھ ڪيو اٿائين، اتي شعر جي رمزي ڪيفيت اڀاري ڇڏي اٿائين. مثال طور سندس ھيٺيون شعر ڏسو:

”شاعر آھي شيام،“ چيائون تنھن ڏينھن،

تنھن تي مرڪي ڪنھن ورجايو ھو، ”ڪير؟“

مٿئين شعر ۾ ”ڪير“ لفظ معنى جي دنيا ۾ اٿاھھ ڪيفيتون ساڻ کڻي شتريت ۽ بلاغت جي جان بڻجي ويو آھي. ياد رھي تھ جنھن غزل مان مٿيون شعر کنيو ويوآھي، ان جو رديف آھي- ”ھو ڪير“ ۽ سنڌي غزلن ۾ رديف جي ڪنھن حصي جي اھڙي تخليقي استعمال جو مثال ورلو لڀندو. ساڳيءَ طرح رديف جي ڪنھن حصي جو بليغ استعمال ۽ نقل قول جي خوبي، ھيٺئين شعر ۾ نمايان آھي:

ان ناز تان نثار، پوي منٿ ھڪ قبول،

ٻيھر تھ چؤ ائين ئي نھاري تھ ’ڇا ڪريان‘؟

(مٿئين شعر جو رديف آھي- ”تھ ڇا ڪريان؟“)

تشخص (Personification):

شاعر ڪڏھن ڪڏھن بيجان چيزن ۽ مختلف ڪيفيتن کي جاندار فرض ڪندو آھي. ٻيءَ معنى ۾ ھو انھن ۾ ھڪ طرح ’تشخص‘

پيدا ڪندو آھي، جنھن کي استعاري جو ئي شان سڏڻ گھرجي. غزل گو شاعر، ’تشخص‘ کان شعر جو رمزي اثر وڌائڻ جو ڪم وٺي ٿو. ”شيام“ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ تشخص جو استعمال خوبيءَ سان ڪيو ويو آھي. پاٺڪ ھيٺيان چند مثال پڙھي پاڻ امين ٿين:

چانڊوڪيءَ کي ڀاڪر پائي، سونھن ستل ھئي ڪاڪ ڪناري.

آس جھلڪ اِئن ڏيکاري، ڪوئي ٻار ڪري جئين ھات.

-

خموشيءَ جي دل ۾ وڄون ڄڻڪ لرزيون،

اٿي ”شيام“ اڌ رات ڪنھن پئي پڪاريو.

-

ھيکلائي ۽ چاندني چپ چاپ،

ڪجھھ تھ پئي ڪائنات ويچاريو.

استفھام (Interrogation):

غزل جي شعر ۾ بعضي بعضي، استفھام سان جيڪو حسن پيدا ڪيو ويندو آھي، اھو خبريھ (Narrative) جملن ذريعي ممڪن نھ ھوندو آھي، ۽ انڪري شعر ۾ وڌيڪ لطافت ۽ بلاغت اچي ويندي آھي. استفھامي شعرن جا مثال ”شيام“ وٽ جھجھا ملندا. ڪي ڪي غزل تھ سڄا سڄا استفھامي انداز ۾ چيل اٿس. مان ھيٺ صرف چند مثال نموني طور پيش ڪريان ٿو:

ھن جي در تائين ”شيام“ پھتاسين،

ڳالھھ آھي، سوال ڪير ڪري؟

-

چوين ٿو تھ اڀ مان ٽٽو آھ تارو،

ھجي پر جي ڳوڙھو ڳڙيو ڪنھن جي اک مان؟

-

ڀڙڪي جھٽ ۾ ڪئن نھ وئي گل ٿي جوت،

ڪاوڙجي ان ريت لڄايو ھو ڪير؟

-

اڻ بڻت ڀي ناھھ، اچ وڃ ڀي اڳي جيان آھھ، پر

پوءِ ڀي ڪنھن سان اھي پھريون ملاقاتون ڪٿي؟

-

(مٿئين شعر ۾ تشبيھھ بھ نھايت دلڪشي آھي.)

مون نھ ٿي سمجھيو تان ايڏي اٿم دل توسان،

مون چيو رس تھ ڀلي رس، ڪا اٿم ڪاڻ پئي؟

تڪرار (Repeatition):

رواجي طرح لفظن جو تڪرار (يعني دھراءُ) عيب سمجھيو ويندو آھي، مگر لفظن جو تڪرار اگر ڪنھن خاص ڍنگ سان ڪبو آھي تھ اھو، شعر جي رمزي ڪيفيت کي وڌائي، ان شعر کي وڌيڪ بليغ ۽ حسين بڻائي ڇڏيندو آھي. ”شيام“ جي غزلن ۾ جاءِ بجاءِ ”تڪرار“ جي خوبي نمايان آھي. ھيٺ مان چند مثال ڏيئي قناعت ڪندس:

اھا آھھ وڄ وانگي روشن حيات،

رڳو بيڪلي، بيڪلي، بيڪلي.

”بيڪلي“ جو تڪرار، بيڪليءَ جو احساس شدت سان ڪرائي ٿو.

ويراني، ڪنڊيءَ تي ڳيرو،

مان آھيان، ھو ھو ھو آھي.

”ھو“ جي تڪرار شعر جي رمزي ڪيفيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن.

مٺي آھھ ڪوئل جي ڪو ڪو مٺي آھھ،

مٺي آھھ سچ بيقرارن جي ٻولي.

”مٺي“ جي تڪرار شعر جي حسن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آھي.

پھر پھريون، چمڪ ستارن جي،

خامشي، خامشيءَ جي رنگيني.

-

جھلملايو اکين ۾ آنسن ”شيام“،

بيوسي، بيوسيءَ جي رنگيني.

مٿئين ٻن شعرن ۾ ”خامشي“ ۽ ”بيوسي“ جي تڪرار سان جيڪا شعرن ۾ رنگيني اچي وئي آھي، اھا قابل ذڪر آھي.

حسن – تقابل:

ڪڏھن ڪڏھن انداز بيان ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ ۽ اھڙي طرح شعر کي وڌيڪ لطيف بڻائڻ لاءِ، ٻن تمثيلي تصورن کي شاعر ھڪ ٻئي جي منھن مقابل کڻي ڪندو آھي- ۽ ائين ڪرڻ سان شعر جي رمزي ڪيفيت ۾ اضافو اچيو وڃي. شعر جي ان خوبيءَ کي ”حسن- تقابل“ سڏيو ويندو آھي. درحقيقت اھو ’مقابلو‘ استعاري جي ئي ھڪ لطيف صورت آھي. حسن تقابل سان شعر جي تاثير ۾ شدت اچيو وڃي. گل جو مقابلو محبوب جي چھري سان، جنت جو مقابلو يار جي گليءَ سان، پنھنجي غلاميءَ جو صبا جي آزاديءَ سان، پنھنجو ”آدم“ سان، پنھنجي دل جي داغ جو لالا (ھڪ قسم جي گل) سان، انسان جي عمر جي تيز رفتاريءَ جو بجليءَ سان، مجنون جو فرھاد سان- اِھي سڀ حسن تقابل جا ڪرشما آھن. نارايڻ ”شيام“ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ مون کي حسن تقابل نظر آيو آھي. ھيٺ مان صرف چند مثال پيش ٿو ڪريان:

ڇا نھ رابيل جي بکي خوشبوءِ،

چنڊ اڄ ڪنھن کي ڀاسندو ڌاريو.

چنڊ سان رابيل جي مقابلي، شعر جي تاثير کي دوبالا ڪري ڇڏيو آھي.

ڪنڌ مٿي نرگس نھ کنيو ڇو؟

پنھنجي اک جو جادو آھي.

جادو اک جو نھ، پر ”نرگس“ سان ”اک“ جي مقابلي جو آھي.

نھ ڇيڙ ان جي تصور ۾ اي صبا، ھن وقت

جو مون کي ھاڻ گوارا نھ آھھ بو گل جي.

محبوب جي ياد جو مقابلو گل جي خوشبوءِ سان ڪرڻ سبب شعر جي حسن ۾ ڏسو تھ ڪئن تھ اضافو اچي ويو آھي.

جوش:

جوش مان اھو مطلب ناھي تھ مضمون اجاين سجاين جوشيلن لفظن سان ادا ڪيو وڃي. مٺن ۽ ماٺن لفظن سان بھ شعر ۾ جوش پيدا ڪري سگھبو آھي. منھنجو مطلب آھي، شعر ۾ مضمون اھڙن تھ بيساختھ لفظن ۽ پراثر انداز ۾ ڪيل ھجي، جو ائين لڳي تھ شاعر ڄاڻي ٻجھي ان مضمون کي ڪونھ بيان ڪيو آھي، پر ان مضمون خود شاعر کي مجبور ڪري کانئس خود کي بيان ڪرايو آھي.

”شيام“ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ ”جوش“ جي خوبي نمايان آھي. مثال طور ھيٺيون شعر ڏسو:

ساڻ تنھنجو خيال ڀي نھ رھيو،

ھاءِ تنھائي، ھھڙي تنھائي!

-

پھريائين ھيءَ رات تھ ڪٽجي،

صبح جي ڳڻتي ”شيام“ سڀاڻي.

-

انجام ڏٺئون گل جو مگر پوءِ بھ تبسم!

غنچن کي بھ ڪئن ڏوھھ ڏجي نيٺ شباب آھھ!

-

حسن لھرن جو تھ طوفان ۾ ڪو پھرين ڏسي،

پوءِ ساحل جي سڪون جو ڀلي قائل ٿي پوي.

-

ڪوئي سک جي خاطر ڀٽڪي،

۽ ڪو ڀٽڪڻ ۾ سک ماڻي!

”ڀٽڪڻ“ جي تڪرار شعر ۾ دلاويزي پيدا ڪئي آھي. ”سک خاطر ڀٽڪڻ“ ۽ ”ڀٽڪڻ ۾ سک ماڻڻ“ ان مقابلي بھ شعر ۾ حسن پيدا ڪيو آھي.

ترنم:

ترنم، ”شيام“ جي غزلن جي بلڪل نمايان خوبي آھي ۽ ان ۾ ڪوبھ شڪ ناھي تھ شعر جي حسن ۽ اثر وڌائڻ ۾ ترنم ڪافي حصو ٿو وٺي. بقول ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم ”خليل“- ”ڪلام ۾ ترنم جي صفت پيدا ڪرڻ جي لاءِ شاعر کي لفظن جي انتخاب ۽ ترتيب ۾، انھن جي انفرادي ۽ مجموعي آواز جو خيال رکڻو پوي ٿو.“

ھيٺ ”شيام“ جي غزلن مان چند شعر نموني طور پيش ڪريان ٿو:

ھيءَ رات، ھيءَ سھائي، ھيءَ خوشبوءِ ڀنل ھوا،

گذريل گھڙين جي ياد ڏياري تھ ڇا ڪريان؟

-

دل جو کوليو حال نگاه، ڄاڻجي جئين آلاپ مان راڳ!

(مٿئين شعر ۾ تشبيھھ ڪافي دلفريب ۽ ندرت ڀري آھي.)

ڪوئل ڪاري ڪارا نيڻ، نگه نگه ڄڻ مٺڙي لات.

-

آھي ڪوئي سور ونڊي جو، آيا آھن سورن وارا.

باز اڏي ڀل اوچو ڪوئل، گيت تھ تون ئي ڳائين، پيارا!

مٿي ناراين ”شيام“ جي غزلن ۾ جيڪي خوبيون مون کي نظر آيون آھن، انھن جو ذڪر ڪيو اٿم. مضمون ختم ڪرڻ کان اڳ ھڪ ڳالھھ چوڻ ضروري ٿو سمجھان. ”شيام“ جي غزلن جو موضوع حسن ۽ عشق تائين محدود ناھي. ھن جي غزلن ۾ مختلف موضوع ملن ٿا؛ ايتري قدر جو سندس غزلن جا ڪي شعر جديد سائنس جي اصولن تي مبني آھن. پنھنجي ان گفتي (statement) جي تائيد لاءِ، مان ھيٺ ”شيام“ صاحب جا چند شعر پيش ڪريان ٿو. پاٺڪ پڙھي پاڻ انصاف ڪن:

ٿيو ھي ڇا؟ ڪڏھن؟ ڇو؟ ڪئن؟ ڪٿي؟ ڪجھھ غور ڪر اِن تي

۽ ھر ايجاد اِن مان ڪنھن نھ ڪنھن ھڪ جو جواب آھي.

-

ھر انڌارو تھ انڌارو ناھي،

نور جي مام ڀلائڻ وارا!

-

ٿيو ڇا موت جو گھيرو پيو جي چؤڦيرو،

حيات نيٺ مٿس ”شيام“ سوڀ پائيندي.

-

مون لک کٽيا سڌا جي ٿين ھي کڏون کٻا،

فرصت ڏئي زمين تھ اڀ ڏانھن ڀي ڏسان.

-

ڪئن وڪامن ٿيون غريبن جون ھڏيون پيسن تي،

جي خدا پاڻ سمھيو ٻئي کي جڳايان ڪئن مان؟

-

سنڌوءَ جي نھ ”شيام“ تھ گنگا ۾ اڀري ھا،

اڀري نھ ھا ھيءَ لھر، ائين ٿي سگھي نھ ھا.

-

ڇا فقط ڌوڙ آھھ ڌرتيءَ تي،

چنڊ وٽ صرف چاندني ھوندي؟

-

ڳائجي اڄ موھن جو دڙو،

ڪلھھ تھ ھئي تھذيب تباھھ!

-

دل جي وس جو ھو نھ جئڻ،

مردي مھل کليو ھيءُ راز!

آخر ۾ صرف ايترو چوندس تھ جيڪي خوبيون ”شيام“ صاحب جي غزلن ۾ مون کي نظر آيون آھن، انھن جو ”ٿوري ۾“ مثالن سميت ذڪر ڪيو اٿم. اگر سندس ڪنھن خوبيءَ جو ذڪر رھجي ويو ھجي تھ ان لاءِ ائين نھ سمجھيو وڃي تھ اھا خوبي ”شيام“ جي غزلن ۾ ناھي؛ پر ان جو ذڪر نھ ڪرڻ جو ڏوھھ منھنجيءَ نظر جي ڪوتاھيءَ جو ئي سمجھڻ گھرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org