سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :6

سچل سرمست 1739ع ۾ ڄائو ۽ 1829ع ۾ وفات ڪيائين. سندس حياتيءَ جو وقت ڪلھوڙن ۽ ميرن ٻنھي جي حڪومتن ۾ اچي وڃي ٿو. (ڪلھوڙا: 1700ع کان 1792ع ۽ مير: 1783ع کان 1843ع). ڪلھوڙن ۽ ميرن جي دؤر ۾ پارسي ادبي ۽ دفتري زبان ھئي ۽ ڪيترا سنڌي خود پارسيءَ ۾ طبع آزمائي ڪندا ھئا. ”شاھھ صاحب جي ڪلام جو اثر اھو ٿيو، جو شاعر سنڌي زبان ڏانھن مائل ٿيا، پر ھنن پنھنجي ادبي ورثي جي ھڪ اھم اسباب يعني علم عروض کي ھٿان نھ ڇڏيو. ھنن سنڌي زبان ۾ غزل خاواني شروع ڪئي.“[1]

غزل سنڌي شاعريءَ جي ھڪ اھڙي اھم صنف آھي، جھڙو ڏوھيڙو يا ڪافي. ان جي اھميت ۽ قدر و قيمت جو اندازو پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ھن ريت وٺي ٿو: ”سنڌي شعر ۾ غزل جو وجود نھ ھجي ھا تھ ان جي موجوده نزاڪت، لطافت ۽ وسعت تي اسان کي ايڏو ناز نھ ھجي ھا. دوھو ۽ غزل سنڌي شعر جي پکيءَ جا ٻھ پر آھن! شاھھ جو شعر ھما وانگر انفرادي حيثيت رکي ٿو. سندس شعر ۾ اعلى شعر جو سمورو سامان موجود آھي. ھن صاحب دوھي کي انھيءَ ڪري شرف ڏنو، جو سندس ھمعصر شاعر پارسي زبان ۾ غزل چوندا ھئا ۽ پنھنجي مٺي مادري زبان کان مطلقا ڪنارو ڪيو بيٺا ھئا. شاھھ صاحب سندن مرض جي شفا لاءِ ئي پارسي زبان توڙي علم عروض کان پرھيز ڪئي. ھن صاحب ھند جي ايجاد دوھي ۾ دلپذير تبديليون آنديون. . . . دوھي ۾ قديم سنڌي شعر جو حسن آھي ۽ غزل ۾ جديد سنڌي شعر جو جمال. انھيءَ دوبالا حسن و جمال جي ڪري ئي اسان جي شعر کي ھڪ دلڪش رعنائي ۽ دلربائي آھي.“

سنڌي زبان علم عروض کي تھ ڳچ عرصي کان اپنائي چڪي ھئي، پر ثابت علي شاھھ جي دور تائين گھڻو سنڌي عروضي شعر نظر نھ ٿو اچي. ساڳئي وقت ثابت علي شاھھ جي شعر ۾ وري غزل تمام گھٽ آھي. انھيءَ حساب سان غزل جي شروعات صحيح معنى ۾ سچل سرمست سان ئي ٿي آھي. سچل جو زمانو ميرن جي دور وارو زمانو آھي. ان متعلق احسان بدويءَ جا رايا قابل ذڪر آھن:[2]

ميرن جي دؤر جا سنڌي عالم پارسيءَ ۾ مھارت رکندا ھئا ۽ پارسي ادب کان چڱي طرح واقف ھئا. خود سنڌي شاعر پارسيءَ ۾ پڻ شعر چوندا ھئا.[3] انھن حالتن ھيٺ اھو سڀاويڪ ھو جو سندن خيالن ۽ زبان تي پارسيءَ جو اثر ٿئي. ھو پارسي طرز جي نوعيت کي قبول ڪرڻ لڳا. سنڌي شاعر غزليھ شاعريءَ جي وسعتن کي محسوس ڪرڻ لڳا ۽ ڏٺائون تھ عشق محبت جي ڪيفيتن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ غزل ھڪ اھڙو اسلوب آھي، جنھن ۾ وسيع پيماني تي اظھار جي صلاحيت موجود ھئي.

پارسي شعر جي ھڪ ٻي سوغات سنڌي شعر لاءِ آھي: ”تصوف جي فيلسوفي“. اھا قاضي قاذن، شاھھ عبدالڪريم ۽ شاھھ لطيف جي ڪلام ۾ ظاھر آھي، پر انھن شاعرن اِن فيلسوفيءَ جو تاثر سنڌيءَ جي مخصوص لھجي ۾ پيش ڪيو آھي ۽ ايراني رنگ خير ڪو نظر ٿو اچي. سچل جي ڪلام ۾، خاص طور سندس غزل نما ڪافين ۾ اھو بخوبيءَ پڌرو آھي. سچل عربي ۽ پارسيءَ جو عالم ھو، ۽ پارسي ۽ اردوءَ ۾ شعر بھ چيو اٿس. مٿس پارسيءَ جي صوفاڻين خيالن ۽ ان جي مخصوص ترڪيبن، محاورن ۽ لفظن جو ڪافي اثر ھو.

سچل کي غزل جي صنف لاءِ خاصي رغبت ھئي. ھن پارسي ۽ اردو ٻنھي ۾ ڪافي غزل چيو آھي.[4] در حقيقت سنڌيءَ ۾ ايترو غزل ڪونھ چيو اٿس. تنھن ھوندي بھ سندس غزل نما ڪافيون ”سنڌي غزل“ جي تاريخ ۾ اھم درجو والارين ٿيون، ڇاڪاڻ جو انھن غزل نما ڪافين سان ئي سنڌي غزل جي ابتدا ٿئي ٿي. سچل جي پارسي ۽ اردو ڪلام ۾ غزل جا لوازما، سنڌي غزل نما ڪافين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نظر اچن ٿا. ھتي نموني طور ٻھ چار مثال پيش ڪجن ٿا:

پارسي: ساقيا! اين شراب انگوري

من نھ خواھم ازوست صد دوري

لاندراداست ان ميءِ وحدت

آن بنو شان، رھم زمھجوري،

کرد رنجور ترا يار مگر غم نخوري

در پي درد يقين دان کھ دوا ميايد.

اردو:    جو آيا تھا وڻاڻ سڍ ايکبار اس بزم زندان ميڻ

نھ اس مدھوش کو ھم نڍ کبھي ھوشيار ديکھا تھا.

آنکھون کي غمزي سڍ ڻي لوٽا دل ھماري دوست نڍ

بس عاقبت ديکھيڻ گي ھم آکر تماشادار کا.

اس دل ميڻ عشق نڍ ڻي، کيا شور و شر مچايا،

فرقت ميڻ تيرڍ رونا، ڻڍ بار بار ڻونا.

اس شاھھ عشق نڍ ڻي دل ميڻ مکان بنايا

اسلام و کفر کو وه اب زور سڍ تڙڍ گا.

تري جلوه حسن سڍ ھر عاشق، فرقت ۾ جلا کرتا ڻڍ صنم!

اس زھد وريا کاري سڍ مرا يکبارگي دل نادان ڻوا.

سچل جي ڪيترن سنڌي غزلن (غزل نما ڪافين) جو رنگ علحدو آھي. انھن جو مضمون ۽ ٻولي ڪافيءَ جھڙي ۽ فقط سٽاءَ يا تنظيم غزل جھڙي آھي. حقيقت ۾ اھو سچل جو ئي معجزو ھو، جو ھن غزل کي ڪافيءَ جي رنگ ۾ ۽ ڪافيءَ کي غزل جي رنگ ۾ پيش ڪيو. سچل جو ھيٺيون ڪلام، غزل جي ھيئت ۾ آھي، پر ان جي سلاست ۽ سوز ڪافيءَ جي رنگ جا آھن:

سڄڻ تنھنجو برھھ باري، اسان جي ساڻ تو ياري.

آءٌ تا ٻانھي تون تا سائين، ٻڌي ٻانھان ڪيم زاري.

اچانڪ لنءُ جا تو لائي، پئي تا ڪل نھ مون ڪائي،

وڻيئي جائي ڪيئي سائي، پاتيسون ڳل ڳچيءَ ڳاري.

وڌو سين طلب ۾ تو ئي، نھ ھو ھن حال مون ڪوئي،

چوان ھي حال ڪنھن روئي، معلوم آھي توکي ساري.

اولا نڀيون عشق جي لايون، ويون وسري سڀئي وايون،

اسان جي طرف ڏي آيون، ڪئي سڀ لوڪ بيزاري.

لکان ڪيئن ڳالھھ ھن دم جي، ڏاڍي آ راھھ ھن غم جي،

ملامت ڪل عالم، جي اسان تا اصل اختياري.

”سچو“ ڪر سؤ سؤ شڪرانا، پڇي تا بره بيگانا!

توڙي ھت سي ٿيا ديوانا، مليو سين دوست ھڪواري

سنڌي شاعرن جي رڳن ۾ اڳ ۾ ئي ڪافي پيل آھي، يعني تھ سنڌي شاعر اڳ ۾ ئي ڪافيءَ جي مخصوص موضوع ”عشق و محبت“ تي پنھنجا جذبا ظاھر ڪندا رھيا آھن؛ ان ڪري غزل جو موضوع (عشق و محبت) ھنن لاءِ بلڪل اجنبي نھ آھي ۽ ھو آسانيءَ سان غزل چئي وڃن ٿا. سنڌي شاعر ”ڪافي“ جي روايت سبب غزل جي ڌارين جزن کان پرھيز ڪري، ان کي پنھنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏين ٿا. سچل بھ پنھنجي غزل کي سنڌي لھجي ۽ سنڌي خيالن جو لباس ڏئي ٿو. شايد اھو ئي سبب آھي، جو سچل اھڙي قسم جي غزلن کي ”غزل“ جي نالي سان نھ ٿو پڪاري ۽ مٿن ”ڪافي“ نالو رکيو اٿس.

سچل ڪجھھ ڪلام اھڙو بھ چيو آھي، جنھن ۾ غزل جو پارسي رنگ ۽ سنڌيءَ جو خاص محاورو ٻئي ھم آغوش آھن. ھتي اھڙا ٻھ مثال نموني طور پيش ڪجن ٿا:

جي ھئين عاشق تھ برسر مينھن محبت جو وساءِ،

ساھھ جو سانگو ڪرين، تاپير ھن پڙ نھ پاءِ!

پاڻ ڪل قربان ڪر، ھي دم ھڻڻ جي ناھھ جاءِ،

آءُ ادا اعتبار ڪر، آھي ھوش نيندڙ ھيءَ ھواءِ.

رت روئڻ راتو ڏينھان، آھي لڇڻ محبوب لاءِ،

ھي مليئي سودو سھانگو، ڪينڪي سر کؤن سواءِ.

ڪينڪي مون کون ٿيو، ھي عمر تا ويئي اجاءِ،

ھيءِ! وساري ويھڻ جاني! نھ ھئين توکي جڳاءِ!

ھي مھل موچاري اٿيئي، پوءِ ڪريندين ”ھاءِ! ھاءِ!“

”ھاءِ، ھيءِ“ مون ھٿ نھ ايندءِ، ويل گذري واءِ! واءِ!

ھيءَ حقيقت حال جي، ساري وڃي سائينءَ سڻاءِ،

سو سچو مرشد ”سچوءَ“ جو، پير عبدالحق آءِ.

-

تون آھين صاحب صورت جو، ھي آھھ غلام تنھنجو،

آ ذوق شوق سھڻا، مون کي مدام تنھنجو.

جي آھن اصل اوھان جا، سي ٿا وسارجو، متان،

مون تي آھي مقرر، سائين سلام تنھنجو،

راتو ڏينھان روئڻ ۾، ھنيڙو اداس ھيڙو،

رھبر آڻي رساڻيو، پريم پيار تنھنجو.

دلگير تون متان ٿئين، ڪر دور درد کي، ميان،

اول آخر اسان وٽ، ھوندو مقام تنھنجو.

رد ڪر فنا فڪر کي، اميدوار ٿي رھھ،

ھت ھت يقين ڄاڻج، آھيان امام تنھنجو.

تون آھين اصل اسان جو، آھيون اسين سي تنھنجا،

آھي قبول ڪلي، ”سچو“ ڪلام تنھنجو.

”انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي، تھ ”سچو سائين“ پارسي ۽ عربيءَ جو عالم ھو ۽ انھيءَ ڪري ئي سندس شعر ۾، پارسي زبان جي جھلڪ گھڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.“[5]

سچل جي غزل ۾ پارسي محاورا ۽ لفظ، بندشون ۽ ترڪيبون چڱي انداز ۾ نظر اچن ٿيون. اھڙن غزلن جا ڪجھھ مثال پيش ڪجن ٿا:

تيز تير انداز چشمن يار جن خوني خطاب،

ناز پرو رده نظر سان ٿيون ڪرن عاشق ڪباب.

خلق جي پاسو ڪري، يڪبارگي نيڻؤن نقاب،

ٿي ھئي تن جي ڏسڻ سا خلق ساري ئي خراب.

ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب،

قتل جي ان کان ٿيا، تن تي ٻيو ڪھڙو حساب؟

-

آءُ ادا سالڪ سھي ڪر، تون طلسمات کي،

ڀڃ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي،

سر اھو سارو سڃاڻج ڪن نھ ڏي ڪرامات کي،

ظاھر ٿي تان ذات مان ۽ سمجھھ ھن صفات کي،

دل چپن سان جي چمين، پير مغان جو آستان،

محبت سچي محبوب جي، بانڪا وڃي تون باس تان.

ڪي ڏينھن مون دلدار لئھ، ورد ۽ وظائف ٿي پڙھيا،

جڏھن عشق آرانڀا ڏنا، ٿيون خود خدا جو خواستان.

جڏھن شوق مون شامل ٿيو، ٻيو خيال خاطر کون ويو،

ھڪ واسطو تنھنجو رھيو، وسري ويون ٻيون واسطان.

راھون سڀئي گمراه ٿيون، جي مون پڇين تون ڳالھڙي،

ڪر گذر ٻئي گوڙ کان، اٿئي راھھ رب جي راستان.

رنگ روح کي جيڪو لڳو، دنيا ۽ عقبى ڀئھ ڀڳو،

غمزي تنھين گم ڪل ڪيو، وھواه پيا وسواس تان.

عشق جي ڙي جيڏيون، ناھي تماميت ادا،

چاھيون چوائي ٿو گھڻو، ھي درد مون کي داستان.

”سچو“ سدا سڪ ۾ رھين، مٿان تون جھلين روئڻيون اکيون.

ھت درد وارن جي پرين، پاڻھين ڪرن ٿا پاس تان.

سچل جو توڙي جو الف – ب وار ديوان موجود نھ آھي، پر پنھنجي شعر ۾ جنھن نموني ھن غزل جي سمورن لوازمن کي آندو آھي، تنھن مان ظاھر آھي تھ ھن ئي پھريائين سنڌي شاعريءَ کي غزل جي صنف سان آشنا ڪرايو. وزن، قافيو رديف ۽ لفظن جي جوڙجڪ، ”و“ (and) ۽ زير اضافت جو استعمال، تمثيلون ۽ تلميحون، ڪنايا ۽ اشارا سڀ پارسي ۽ اردو غزل جي ڍنگ جا آھن. ھڪ ڳالھھ وسارڻ نھ کپي تھ سچل غزل پارسي ۽ اردو غزل جي ڍنگ جا آھن. ھڪ ڳالھھ وسارڻ نھ کپي تھ سچل غزل پارسي لوازمن کي سنڌي خيالات جي ڍانچي ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن اھڙيءَ رمز سان ان لوازمات جو اظھار ڪيو آھي، جو اھي ڌاريا نھ ٿا لڳن ۽ سنڌي ماحول جو ھڪ خوبصورت حصو بڻجي پيا آھن. اھڙيءَ طرح پارسي خيالات، سنڌي شاعريءَ ۾ جذب ٿيندي ويئي، ۽ جنھن حد تائين اھي خيالات سنڌين جي تھذيبي ماحول ۾ قبول پيا، ان حد تائين ھنن ان کي پنھنجو ڪيو، باقي رھيل عناصر وقت جي گذرڻ سان پاڻھي خارج ٿي ويا.

غزل جو بنيادي موضوع آھي: ”عشق ۽ محبت“. ”تصوف“ بھ غزل جو اھڙو ئي اھم موضوع آھي، پر ان کي عشق ۽ محبت جي پيرايي ۾ پيش ڪرڻ گھرجي. خود ايران ۾ بھ غزل جي ترقيءَ جي منزل، تصوف سان شروع ٿئي ٿي. سچل جي غزل ۾ بھ تصوف جو تسلط نمايان آھي. درحقيقت سچل جي سڄي شاعري، تصوف جي تاڃي پيٽي سان جڙيل آھي، پر مٿس تغزل جو سھڻو رنگ چڙھيل آھي. پارسي تغزل کي پنھنجي غزل ۾ آڻيندي، سچل ڪافيءَ جي مخصوص سنگيت، لئھ ۽ ترنم کي بھ ان سان ھم ڪنار ڪيو آھي. سنڌيءَ جا ڪنايا ۽ تشبيھون، تمثيلون ۽ تلميحون پڻ ان ۾ گڏي ڇڏيا اٿس. ھن پارسي قافين سان گڏ سنڌي قافيا بھ استعمال ڪيا آھن. اندروني قافيا پڻ ڪتب آندا اٿس. مثال:

”ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري،

وحدت جنين وساري، تن جي مٽي اڻاسي.

”اڻاسي“ نج سنڌي قافيو آھي:

سچل جي غزل ۾ وزن جون ٿوريون گھڻيون ڪميون پيشيون نظر اچن ٿيون، پر اھي خاص لکائجن نھ ٿيون.

شيخ عبدالرزاق ”راز“

ڪلاسيڪي غزل ۾ جمالياتي رنگ

سنڌي ڪلاسيڪي غزل جي صنف، خصوصا ھيئت جي اعتبار کان، فارسي شاعريءَ جي مرھون منت آھي، ليڪن مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان سنڌي غزل پنھنجي مقامي روايات کان زياده متاثر ٿيو آھي. غزل جي شاعريءَ جو پنھنجو مخصوص مزاج، لب لھجو ۽ پنھنجي زبان آھي.

سنڌي غزل جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿيندو تھ غزل جي ڪلاسيڪي شاعرن، ڪيترو عرصو فارسي مزاج کي سنڌي مزاج ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھنن سنڌي نج الفاظ، سنڌي استعارا ۽ اصطلاح، غزل جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آھن، پر تنھن ھوندي بعض اوقاتي انھن فارسي لوازمات کي، غير شعوري طور پنھنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو آھي، ڇاڪاڻ جو ان کان سواءِ غزل جي شاعري ناممڪن رھجي وڃي ٿي.

اھا ھڪ حقيقت آھي تھ صدين کان سنڌ ۾ فارسي زبان جو رواج ھو. سنڌي علماءَ ۽ شعراءَ فارسي علم و ادب جي اصولن کان چڱيءَ طرح واقف ھئا. جن ڪلاسيڪي شاعرن، سنڌي غزل جي شاعريءَ جو بنياد رکيو ۽ ان جي تعمير ڪئي، اھي پڻ فارسيءَ جا وڏا عالم ۽ انھن مان ڪي تھ فارسي زبان جا قادرالڪلام شاعر ليکيا وڃن ٿا. فارسي زبان جي لوازمات کي ترڪ ڪرڻ ھنن جي لاءِ نھ فقط مشڪل ھو، پر ناممڪن بھ ھو.

سنڌي غزل جي شاعريءَ جي ھيئت، اسان جي قديم ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مزاج کان بلڪل مختلف آھي. ھيئت جو اصطلاح ”ساخت“ جي لفظ جي ھم معنى آھي. آءٌ ھيئت جي اصطلاح کي سمجھڻ لاءِ کيس شعر جي ساخت چوڻ وڌيڪ مناسب ۽ آسان سمجھان ٿو. ھر شعر جي تعمير ۾ لفظن جي خام مال جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. لفظن کي ترتيب ڏئي ڪنھن خاص انداز سان نظم جي قالب ۾ سموئي، شعر جي صورت ڏني وڃي ٿي. تنھنڪري شعر، قالب ۽ لفظن جو مرڪب بڻجي پوي ٿو. قالب ۽ الفاظ شعر جوڙڻ لاءِ ”لازم ۽ ملزوم“ آھن.

سنڌ ۾ انھيءَ نئين ھيئت جو آغاز ارڙھين صديءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن کي عروضي شاعري چئجي ٿو. ان جي خاص، اھم ۽ لطيف صنف يعني غزل جو رواج، اڻويھين صديءَ جي چوٿين ڏھاڪي ڌاران عمل ۾ اچي ٿو، ھن صنف جو سرواڻ خليفو گل محمد ”گل“ ھو.

غزل جي صنف، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ صدين کان وٺي رائج آھي. غزل جي شاعريءَ جو موضوع، واردات قلبيءَ جو ترجمان آھي، ليڪن انھيءَ اھم مضمون سان گڏ غزل ۾ بعض شاعرن پنھنجي ماحول ۽ معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي آھي. صورت جي اعتبار کان غزل ۾ معنوي  مضمون ھوندو آھي. اختصار غزل جي جان آھي، جنھن ۾ طوالت جي ڪا گنجائش نھ ٿي رھي. غزل جي فطرت داخلي رجحانات ۽ احساسات جي حامل آھي ۽ بعض وقت منجھس خارجيت جو عنصر ڀرپور نموني نظر ايندو آھي. غزل جو اصل موضوع ”غم جانان“ آھي. غزل جو نفس مضمون، مقصد ۽ مدعا، محبوب سان ڳالھين ڪرڻ جي مترادف آھي، ليڪن بعض وقتن تي ”غم دوران“ بھ اھڙي نموني پيش ڪيو وڃي ٿو، جو ”غم جانان“ جي تصوير بڻجي سامھون اچي ٿو، جنھن ۾ روح بھ آھي جسم بھ آھي، جنھن ۾ حقيقت بھ آھي ۽ معنويت بھ آھي، جنھن ۾ سوز بھ آھي ۽ آھنگ سان گڏ لئي بھ آھي.

غزل جا شعر ھم وزن، ھم قافيھ ۽ ھم رديف ٿيندا آھن، جن کي ڪنھن نھ ڪنھن بحر ۾ ترتيب ڏني ويندي آھي. مطلع ۽ مقطع بھ ھوندا آھن. جن وصفن جي پيش نظر صنف کي سڃاڻڻ ۾ ڪا تڪليف نھ ٿيندي آھي، فني لحاظ سان غزل جي شاعريءَ لاءِ اھڙن لوازمات جي پابندي ضروري آھي.

سنڌي ڪلاسيڪي غزل جي دنيا موضوعاتي اعتبار کان نھايت وسيع آھي، جنھن ۾ الھيات، تصوف، اخلاقيات ۽ معاشيات وغيره جھڙا مضمون ملن ٿا، جن ۾ حتي الوسيع جمالياتي رنگ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.

شاعريءَ ۾ مواد، ھيئت ۽ معاني، شعر جو حسن وڌائين ٿا، انھن سڀني لوازمات جي سھڻي امتزاج جو نالو آھي: ”جمالياتي رنگ.“

فلسفھ جمال ۾ ھيئت ۽ صورت، نظم ۽ ترتيب جا نالا آھن. ترتيب سان ئي جمالياتي رنگ جو اندازو لڳائي سگھبو آھي. اھا ترتيب، صورت ۽ شڪل ئي ھڪ جمالياتي اثر پيدا ڪندي آھي. اھو جمالياتي اثر، شاعر ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ ھڪ تعلق قائم ڪري ٿو، جنھنڪري ٻڌندڙ تي ھڪ جمالياتي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي.

غزل جي صنف اردو ۽ فارسي زبانن ۾ ھڪ اھم مقام والاري ٿي، جنھن جي مقابلي ۾ ٻي ڪابھ صنف نھ ٿي اچي سگھي، پر سنڌي ادب ۾ ڪافي ۽ وائي جي صنفن کان ھر سنڌي نھايت متاثر ٿيل آھي، جنھنڪري انھن جي حيثيت غزل جي صنف کي ڪڏھن بھ ملي نھ سگھندي. ڪافي عوام جي دلپسند ھيئت آھي، سنڌي موسيقيءَ ۾ سندس رس ۽ رچاءُ صدين کان قائم آھي ۽ ھميشه قائم رھندو. سنڌي غزل کي ان ڪري ثانوي حيثيت حاصل آھي، ليڪن غزل جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ٻين مروج فارسي صنفن کان وڌيڪ جامع ۽ دلڪش آھي.

غزل ترتيب جي لحاظ کن حسين و جميل چيز آھي، بشرطيڪ ان جي ترتيب ۾ حسن ڪاري پيدا ڪئي وڃي. غزل ماڻھن جي مزاج ۾ انھن جي ذھني ڪيفيات ۽ سندن افتاد طبع جي مناسب آھي. غزل جي موضوعن ۾ انداز دلڪشي ۽ طرز دلربائي نظر ايندي. غزل جو سڀ کان وڌيڪ اھم موضوع ”عشق“ آھي. غزل جي شاعري عشق جي موضوع ڪري ئي جاذب ۽ دلڪش آھي. جن بزرگن غزل جو بنياد تصوف ۽ اخلاق جھڙن موضوعن تي رکيو آھي، تن کي بھ غزل جي زبان اختيار ڪرڻي پيئي آھي. ان ڪري ئي اسان جي غزل جي سرواڻ خليفي ’گل‘ جو پھريون غزل شاھديءَ طور پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ جاذبيت ۽ دلڪشيءَ کان سواءِ جمالياتي رنگ پنھنجي ڀرپور انداز ۾ جھلڪي ٿو:

پيالو مئي سندو ڏي پر ڪر محبوب متوالا،

تھ مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون ھن ھوش کي جالا.

اٿئي اي دل! ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق جي محبت،

دنيا جي عيش عشرت کي ڀري ھڻ تون کڻي ڀالا.

اندر ۾ عشق جنھن جي جاءِ پنھنجي ٿو وھي جوڙي،

وسن برسات جيئن دائم تنين جا نيڻ ٿيا نالا.

جنين کي سڪ دلبر جي سدا ڏونگر وتن ڏوريون،

پِٿون ٿيا پير پھڻن ۾ ڇپر ۾ پيا ڇلي ڇالا.

ڏسڻ مان تنھنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي ’گل‘،

تنھنجو مک گل، زلف سنبل، منھنجي دل جئن گل لالا.

غزل پنھنجي ڀرپور جمالياتي رنگ ۾ پيش آھي. غزل جا سڀ لوازم پورا رکيا ويا آھن. مضمون کي نباھڻ لاءِ غزل جي زبان جو استعمال نھايت چابڪدستيءَ سان ڪيو ويو آھي. ڪلام ۾ پاڪيزه ۽ بلند خيالات کي پيش ڪيو ويو آھي، حسن ڪاريءَ جي لحاظ سان غزل ۾ مقطع بھ آھي ۽ مطلع بھ پنھنجي موزون ۽ مناسب جاءِ تي موجود آھي. بحر ۾ رواني ۽ لفظن جي نزاڪت سان گڏ موضوع ۽ معنى ۾ بھ ڪنھن قسم جو نقص پيدا نھ ٿيو آھي. فارسي اصطلاحن کان اشاري ۽ ڪنايي ۽ استعاري جو ڪم ورتو ويو آھي. نج سنڌي لفظن ۽ ٺيٺ سنڌي محاورن جي استعمال غزل جي لطافت ۽ نفاست کي برقرار رکيو آھي. مختلف شعرن جو پاڻ ۾ ربط قائم آھي. شعرن جي سادگي ۽ صفائي مجموعي طور تي غزل کي شاھڪار بڻايو آھي.

 انھيءَ نموني سنڌي غزل جي شروعاتي دور ۾ ’گل‘ اھڙا غزل پيش ڪيا آھن، جن ۾ غزل جون سموريون خوبيون موجود آھن. زبان جو صحيح استعمال بھ شاعر جي ذھانت جو ثبوت پيش ڪري ٿو.

سنڌي ڪلاسيڪي غزل جو ٻيو شاعر ’قاسم‘ ھو. ھو ’گل‘ جو ھمعصر ھو. ’قاسم‘ فارسي ۽ اردوءَ ۾ بھ طبع آزمائي ڪئي آھي. ھو بنيادي طور تي فارسي زبان جو شاعر ھو. ماحول جي تقاضا کيس غزل لکڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ استاد جو درجو حاصل ڪيائين:

صبحدم، بلبل ڪيا سورن سماع،

گل ڇڏي گوندر ويم ويٺي وداع.

دوست ڌارا ڪوپ ڏاڍي سان ڪيا،

مون اندر ۾ انتظارن اجتماع.

ڏس ڀلي ڀتِ برھھ جي بازار ۾،

مثل محبت مور ناھي ڪا متاع.

دل نھ ڀر تون لالچين جئن لوڀ سان،

لاءِ لالچ ڪر نھ ڪنھن سان نت نزاع.

ڪير مٽ ’قاسم‘ ڪري انصاف ڏس،

منجھھ سخن ان جا عجائب اختراع.

ھن غزل جو موضوع بھ عشق آھي، پر غم دوران جي بھ ھلڪي جھلڪ ملي ٿي. جيتوڻيڪ جذبات ۾ ھيجان پيدا ڪرڻ جي ڪيفيت گھٽ نظر اچي ٿي، ان ھوندي بھ منجھس تغزل موجود آھي. غم، گوندر، بلبل، گل، انتظارن، اجتماع وغيره جھڙا اصطلاح ۽ الفاظ غزل جي جان آھن ۽ غزل جي حسن کي دوبالا بڻائين ٿا. ھن مان شاعر جي خلوص ۽ صداقت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. معاشري ۾ لالچ ۽ لوڀ بھ آھي، جنھن جي ڪري تنازع ۽ تڪرار بھ آھي، ليڪن شاعر نھايت سنجيدگيءَ سان اخلاقي پھلو بيان ڪيو آھي. ’حامد‘ ’قاسم‘ جو ھمعصر شاعر ھو، ھو بھ طبعا غزل گو شاعر ھو:

دل گھريا دوست دادلا سڄڻان!

مون سري ڪين تو سوا سڄڻان!

ڇو رقيبن جي چئي رسين مون ساڻ،

ڪر وفا ٿي نھ بيوفا سڄڻان!

ڏور ويندين تھ ڏينھن لائيندي،

گھار مون ساڻ گڏ سدا سڄڻان!

عاشقن جي تھ اصل عادت آھھ،

عاجزي عرض التجا سڄڻان!

جاڙ توري سندم جيئڻ جاني،

ٿي نھ نام خدا جدا سڄڻان!

مٿئين غزل جو ھر شعر مختلف آھي، ليڪن منجھس تسلسل موجود آھي، جو شاعر جي موڊ جي ھم آھنگي ۽ وحدت جو نتيجو آھي. التجا بھ آھي ۽ عاجزي بھ آھي ۽ انڪسار بھ. اھي خصوصيتون غزل جي شاعريءَ لاءِ تسليم شده روايتون آھن. فارسي شاعريءَ ۾ رقيب کي پيدا ڪرڻ ھڪ پراڻي رسم آھي. محبوب جو تصور رقيب کان سواءِ غزل جي شاعريءَ ۾ بي معنى آھي. رقيب کان اصطلاحي ۽ علامتي معنائن جو ڪم وٺڻ بھ غزل جي مزاج ۾ شامل آھي، تيئن غزل ۾ نغمگي ۽ غنائيت ڀرپور انداز ۾ ملي ٿي. رديف بھ نھايت لطيف ۽ نفيس نظر ايندا. اسلوب بيان جي سادگي ۽ صفائي پڻ دلڪش صورتون اختيار ڪري رھيون آھن، اھي خوبيون غزل ۾ جمالياتي رنگ پيدا ڪن ٿيون.

ڪلاسيڪي غزل جي دور جو پويون شاعر ’سانگي‘ آھي، جنھن غزل جي شاعريءَ کي مائيدار بڻائي، منجھس جديد رنگ ڀري سنڌي غزل جي روايت کي مڪمل ڪري ڇڏيو. سنڌيءَ ۾ جديد غزل لکڻ لاءِ ڪي رھنما اصول قائم ڪيا اٿس ۽ ”غم جانان“ کي ”غم دوران“ بڻائي ڇڏيو اٿس. ھن سنڌي غزل لاءِ پنھنجو ماحول پيدا ڪيو، پنھنجي زبان ڪم آندي، فارسي علامتن، اصطلاحن ۽ استعارن کان سنڌي ماحول ۽ معاشري جي پيش نظر ڪم ورتو ۽ روايتي غزل کي معتدل ۽ مقبول بنائي، سنڌي مزاج جي مطابق پيش ڪيو.

’سانگيءَ‘ وٽ فارسي غزل جا سڀئي لوازمات ھڪ پراثر انداز ۾ موجود آھن. ھن غزل جي صحيح رخ جي ترجماني ڪرڻ ۾ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي.

تڏھن ترڪ وطن ڪيوسون، جڏھن اھل وطن بگڙيا،

جي بگڙڻ جا نھ ھئا اھڙا بھ ياران ڪھن بگڙيا.

آھي اھڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو،

چمن جو سير ڪيوسون ٿي تھ مرغان چمن بگڙيا.

دلين جي عام ڦاسائڻ جو پاتو دام ھو دلبر،

جڏھن ڦاسڻ لڳس آءٌ تھ زلف پر شڪن بگڙيا.

زماني رمز سان ورتي جا آھي راءِ حاڪم جي،

ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد وزن بگڙيا.

نھ بگڙي دل گھريو دلدار منھنجو مه لقا مون سان،

رقيبِ روسيه جھڙا ھزارين مر وتن بگڙيا!

ھن غزل جو موضوع عشق نھ آھي، ليڪن منجھس ماحول ۽ معاشري جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. غزل جي ھيئت کي عشق جي موضوع کان سواءِ ان ۾ جمالياتي رنگ ڀرڻ ھڪ وڏو ڪارنامو آھي. تاثر جي شدت کان سواءِ ھن ۾ خلوص ۽ صداقت جو مضمون ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي. جيئن تھ غزل سنڌ جي پرآشوب دؤر جي تصوير آھي، ليڪن سانگيءَ ھن ۾ تغزل جي رنگت ڀرڻ ۽ غزل جي زبان استعمال ڪرڻ ڪري، سنڌي شاعريءَ ۾ ”غم دوران“ جو ھڪ اھم شاھڪار پيش ڪيو آھي.

(مھراڻ ٤ – ١٩٧٠ع)

شيخ عبدالرزاق ”راز“

خليفو گل

سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾، خليفي گل کي جيڪڏھن اھڙي صنف شاعريءَ جو موجد چئجي تھ ڪنھن بھ قسم جو وڌاءُ نھ ٿيندو. عروضي شاعريءَ جو رواج تھ گل کان گھڻو اڳي سنڌي ٻوليءَ ۾ پئجي چڪو ھو، پر ھن سنڌي غزل جي صنف جو بنياد ٻڌو ۽ غزل کي سنڌي مزاج جي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. گل ئي سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ پھريون ”ديوان“ مرتب ڪيو.  کيس سنڌيءَ جو پھريون ”صاحبِ ديوان شاعر“ تسليم ڪيو ويو آھي. غزل ۾ ھن خالص سنڌي قدرن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ غزل ۾ فارسيت جي بدران سنڌيت کي ڪم آندو آھي. سنڌي ماحول، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي مزاج کي غزل ۾ سموھڻ جي ھڪ وڏي ڪوشس ڪئي آھي. اجنبيت ۽ غيريت کي مٽائڻ جو سعيو ڪيو آھي. حيثيت جي اعتبار کان تھ غزل فارسي ھيئيت جي مطابق آھي، پر فڪري ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سندس غزل سنڌيت جي بلڪل قريب آھن، تنھنڪري گل جي شخصيت جي عظمت کان انڪار ڪرڻ ممڪن نھ آھي. گل گھڻو ڪري غزل جي ھر مروج بحر تي طبع آزمائي ڪئي آھي. سندس ديوان ۾ ننڍا خواه وڏا بحر استعمال ڪيل آھن. ننڍين بحرن ۾ ترنم ۽ موسيقيت موجود آھي ۽ وڏين بحرن ۾ شعريت ۽ لطافت کي قائم رکيو ويو آھي. نئين ٽيڪنڪ جي شاعريءَ ۾ گل کي ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آھي.

گل، سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا آھن ۽ ڪيترن وقتن تي فارسي لفظن، ترڪيبن ۽ محاورن جي بدران ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ سنڌي لوازم کي استعمال ڪري سنڌي غزل جي روايت جو بنياد رکيو آھي ۽ ٻوليءَ کي مائيدار بڻايو آھي. گل جو اھو ھڪ ڪارنامو آھي. ان کان سواءِ پنھنجي ديوان ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي اکرن تي رديف قائم ڪري، سنڌي غزل جي روايت قائم ڪئي آھي. اھو ڪم بھ ڪو سولو ۽ ننڍو ڪم نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ سنڌي صورتخطيءَ جا اکر، فارسي ۽  اردو کان وڌيڪ ۽ تلفظ جي لحاظ کان ڏکيا ۽ دقيق آھن.

”قدما ۾ خليفو گل محمد گل پنھنجي رمز ۾ يگانو ھو. ھن پنھنجي ڪوشش سان ڄڻ نج سنڌي غزل جو مجسمو تيار ڪيو ۽ ۽ ان ۾ ساھھ وڌو مگر اھو غزل اڃا ٻارڙو ھو ۽ پڻ لباس جي زيب زينت کان محروم ھو“[6] ڊاڪٽر بلوچ جو مٿيون رايو بلڪل درست آھي. گل جي غزل کي سنڌي ادب ۾ پھريون نئون پٿر سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ جيڪڏھن ھن دور کي جديد انقلابي دور سڏجي تھ مبالغو نھ ٿيندو. گل جي ھمعصرن ۾ ڪو اھڙو شاعر نھ ٿو ڏسجي، جنھن ھن صنف سخن ۾ طبع آزمائي ڪئي ھجي. اھو گل جو منفرد آواز ھو، تنھنڪري رمز ۾ يگاني ھجڻ سان گڏ ھو اسلوب ۾ بھ يگانو ھو. گل کي مھلت ملي نھ سگھي، جو ھو پنھنجي غزل جي مجسمي کي زيب و زينت سان آراستھ ۽ پيراستھ ڪري سگھي. سندس زندگي وفا نھ ڪئي ۽ ھو جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو، نھ تھ گل جي شخصيت سان ڪيتريون ئي اميدون وابستھ ڪري سگھجن ھا. ھو ضرور ان سلي جي آبياري ڪري ھا، جيڪو ھن پوکيو ھو ۽ ان کي ميويدار وڻ بڻائي ڇڏي ھا، يا ھو ان ٻارڙي جي پالنا ڪري کيس تندرست ۽ سھڻو بڻائي ھا. گل کان پوءِ جن شاعرن، ان صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي، تن غالبا گل جي مطمع نظر کي نھ سمجھيو آھي ۽ غزل جي اصلي سنڌي روح کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي، تنھنڪري غزل جي اھا عمارت نھ ٺھي سگھي، جنھن جو نقشو گل جي دماغ ۾ موجود ھو. جيتوڻيڪ سندس پوئلڳن ھڪ نيڪ ڪوشش ۽ خاطر خواهھ نموني سان ذھني مشق ڪئي آھي ۽ ھيئت جي اعتبار کان عروضي شاعريءَ جا سمورا حق بجا آندا آھن، پر منجھن غزل جي مواد ۽ موضوع کي درست ۽ صحيح نموني پيش ڪرڻ جي صلاحيت گھٽ نظر ٿي اچي. ھنن گھڻو اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون ڏانھن توجھھ ڪئي. اھڙا موضوع غزل جي شاعريءَ لاءِ ثانوي حيثيت رکن ٿا ۽ ڪنھن وقت غزل جي شاعريءَ لاءِ عيب سمجھيا وڃن ٿا. غزل جي صنف، حسن ۽ عشق جي موضوعن کان سواءِ بي معنى ۽ بي چسي بڻجي پوي ٿي ۽ غزل جي ھيئت يا قالب اھڙي اوڻائيءَ کي ڀري نٿا سگھن. گل بھ غزل جي شاعريءَ ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون ڪم آندا آھن، پر انھن جي حيثيت ثانوي رھي آھي. سندس گھڻن غزلن ۾ عشق ۽ تصوف جو امتزاج موجود آھي، جنھنڪري غزل جو اصلي روح قائم رھيو آھي ۽ غزل جي اصلي مزاج کي برقرار رکيو ويو آھي. گل اھڙن موضوعن کي نھايت چابڪ دستي، سمجھھ ۽ ساڃھھ سان نباھيو آھي، جن مان گل جي ھڪ قداور شخصيت اڀري سامھون اچي ٿي، تنھنڪري سندس اخلاقي قدرن کي بھ غزل جي شاعريءَ ۾ اھم جاءِ آھي. گويا گل سنڌي غزل ۾ ڪشاده دامنيءَ جي نئين روايت کي رائج ڪري ڇڏيو آھي. اصلاحي ۽ اخلاقي مضمونن کي بھ ھن غزل بڻائي ڇڏيو. غزل جي شاعريءَ ۾ عشق ھڪ محرڪ جذبو بڻجي سامھون اچي ٿو، تنھنڪري عشق غزل جو بنيادي شرط ۽ اھم قدر آھي، جنھن جو خيال گل ھر موقعي ۽ ھر گھڙيءَ رکيو آھي.

غزل جي لغوي معنى ”عورتن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ“ چئي وڃي ٿي. عورت ڪائنات جي ھڪ لطيف ۽ جاذب صنف تصور ڪئي وڃي ٿي. عورت انساني دنيا ۾ ھڪ محٻوب ترين چيز آھي. ھر ملڪ ۽ زماني جي ھر دور ۾ عورت انساني زندگيءَ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ مرد جي دل ۽ دماغ تي ڪيف ۽ سرور پيدا ڪيو آھي، تنھنڪري غزل جي شاعريءَ جي شروعات محبت جي موضوع سان ڪئي وئي آھي ۽ شعر ۾ عشق جي مختلف وصفن کي بيان ڪيو ويو آھي. مجازي عشق جي ذريعي شاعر حقيقي عشق ڏانھن قدم وڌايو آھي، جنھنڪري فاني ۽ لافاني حسن کي پروڙڻ لاءِ انساني ذھن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آھي. انساني حسن وڌي ڪري ازلي حسن جي ويجھو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ھر جاءِ تي محبوب ئي محبوب ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

عشق ۽ حسن، محبت ۽ جمال متعلق، غزل جا نفيس، نازڪ ۽ لطيف موضوعات آھن، جي انساني زندگيءَ سان گڏ غزل جي دنيا ۾ سدائين قائم ۽ دائم رھندا. اھي موضوع لافاني آھن. عشق، انساني فطرت جو اھم ۽ لازمي حصو آھي. محبت کان سواءِ انسان ڍور جي مثال آھي. انسان کي فطرت جي ڪنھن نھ ڪنھن شيءِ سان محبت ضرور آھي، پوءِ کڻي بت ھجي يا خدا، انسان ھجي يا حيوان.


[1]   پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي: ”سنڌي شعر ۾ غزل جي اھميت“ (پرک، مخزن: جون 1961ع.)

[2]     نوٽ: احسان بدويءَ جا ھن کان اڳ سندس مضمون ۾ اچي چڪا آھن، ان ڪري دھراءَ سبب ھتي شامل نھ ٿا ڪجن. (ت. ج)

[3]   ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدا رنگاڻي (Persian poets of Sindh (Chapter 4)

[4]   سچل جو سرائيڪي ڪلام (حصو، اردو ڪلام): مرتب، مولوي حڪيم محمد صادق راڻيپور.

[5]   تنقيد ۽ تنقيد نگاري: احسان بدوي

[6]   ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪليات سانگي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org