سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :29

ماڌو لال حسين، ديوان حافظ ڦٽي ڪري چيو: ”ھن حافظ جي عمر تھ پوڙھين رنن وانگي روئندي گذري آھي.“ ائين ئي اڳين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجھبي تھ، اڪثر شاعر روئڻا نظر ايندا ۽ اقبال جي شاعريءَ کان اڳ گھڻو ڪري نھ رڳو اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پئي آھي، پر ابراھيم خليل تائين سنڌي شاعري بھ ائين لڪير جي فقير رھي آھي ۽ ان مان ٽاھھ ٽاھھ ڳوڙھا ڳڙندا نظر اچن ٿا. گل جا ڪجھھ غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجھھ سٽون ان مان ڪڍي ڇڏجن تھ، ساري غزليھ شاعري ’سرن درياھھ‘ ڪرڻ جھڙي آھي.

دراصل غزل ڌاريءَ زمين تي اسريو ھو، جو امير خسروءَ واري زماني ۾ ھندستان جي ڌرتيءَ اپنايو ھو. خسرو جي غزل ۾ جا پنھنجائي ھئي، سا اسان کي آرزو لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي. انھن جي وچ ۾ پارسي غزل جو چربو ھو. غالب جھڙي مفڪر شاعر بھ چيو:

فارسي بين تابھ بيني، نقشڻائڍ رنگ رنگ

مجمع اردو چھ بيني، آڻ کھ بڍ رنگ من ست.

(فارسي ڏس تھ توکي منھنجا رنگ رنگ نقش نظر اچن، منھنجو اردوءَ جو مجموعو ڇو ٿو ڏسين، اھو تھ بي رنگ آھي!)

خسروءَ جون ھي سٽون:

سکھي پيا کو جو ميڻ نھ ديکھوڻ، تو کيسڍ کاٽوڻ اندھيري رتيان؟

يا

وه صورتيڻ الاھي کس ملک بستياڻ ڻيڻ،

اب جن کڍ ديکھنڍ کو آنکھيڻ ترستياڻ ڻيڻ.

خسروءَ جھڙي شاعري، اردوءَ ۾ اڃا تائين ڪوئي نھ ڪري سگھيو آھي. اردو ۽ سنڌي غزل، ٻنھي فارسي غزل جون روايتون، تشبيھون، استعارا وغيره بي دريغ استعمال ڪيا ويا آھن، ايتري قدر جو غزل پڙھي دل گائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي.

اياز گل، ادل سومرو ۽ انھن کان بھ پوءِ واري نئين ٽھيءَ جا شاعر اعجاز منگي، وغيره ادب سان ڀرپور لڳاءُ رکن ٿا ۽ اڻٿڪ محنت سان لکي رھيا آھن. ننڍيءَ عمر ۾، پنھنجي مطالعي ۽ مشاھدي ھنن جو شعور ڪافي پختو ڪري ڇڏيو آھي. تاج جويو، غلام حسين رنگريز وغيره انھن کان اڳئين نسل جا شاعر آھن، جن بھ سنڌي ادب سان بي انتھا لگن ڏيکاري آھي ۽ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي.

اياز گل جي شاعري پنھنجيءَ ڌرتيءَ جي پيدائش آھي. اھا فارسي بحر وزن جي مشاقيءَ تي نھ ٿي تڳي. ان کي ھڪ انوکي خوشبوءِ آھي، جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آھي ۽ ان کي ھڪ الڳ رنگ آھي، جو پڪل پيرن ۾ ٿيندو آھي. جي ھن مشق قلم جاري رکي تھ ڪنھن وقت ھن جي شاعري، فن جون اھي بلنديون ڇھندي، جا ڳالھھ ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آھي. ھو بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي، پر ھن جو غزل پيوند ٿيل نھ آھي، ازخود ھين ڌرتيءَ مان اسريو آھي.

مثال طور ھن جا ھي شعر:

سوچون ساريون ھاريل سردارن جيان،

خواب پيا ھا پيرن ۾ تلوارن جيان.

رستا ھونئن تھ اڻٽيھن جي انڌيارن جيان،

توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان.

ڪيئن الائي ٿيندو آھي ماڻھن کان؟

شعر رچڻ ۽ پيار ڪرڻ وانگارن جيان.

-

ٽائرن جا گھرا ليڪا، تيز رڙ!!

روڊ تي چِٿجي وئي آ زندگي.

ھر طرف جھنڊا ٿا ڦڙڪن موت جا،

جڳ کان وسري وئي آ زندگي.

تنھنجا ڌرتي! ڌراڙ جاڳيا ھن،

پيچرا، پٽ، پھاڙ جاڳيا ھن.

ھڪ تِکي چِيٽ آھي آزادي!

گھيڙ، گھٽيون ۽ گھاڙ جاڳيا ھن.

-

روز ملندا رھون تھ بھتر آ،

فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا.

-

حوصلو ڏي تھ حادثن مان لنگھان،

پيار! منھنجا مان آفتن مان لنگھان.

منھنجو سارو وجود نيڻ ٿئي،

تنھنجي لکيل جڏھن خطن مان لنگھان.

-

ھڪ ئي نانو تي ڌڙڪو تيز ٿئي دل جو،

مٽي سرمو ٿيندي ناھي ھر در جي.

-

ھر ڪنھن دور ۾ ڄمندا آھن،

باغي ۽ درٻاري ماڻھو.

-

روپ وٺي نئون آءُ وري روپا ڪولھي!

ٿاريليون ۽ ٿر، ٻڏي ويو اندھھ ۾.

تنھنجي يادن سواءِ ذھن پرين!،

ڪرفيوءَ ۾ بَزار وانگي آ.

ھر خوشي قرض ۾ ھلي ٿي وڃي،

ماستر جي پگھار وانگي آ.

-

ڪوئي ڪم ڪرڻ کان ٻاھر ناھي ھونئن،

ڳالھھ سڄي ھوندي آ جاني! ھمت جي.

جنھن ماڻھوءَ کي تنھنجو پيار مليو آھي،

تنھن ماڻھوءَ کي ڪھڙي دولت گھرجي ٻي؟

-

منھنجي حالت آ وچ اوڀر جي،

تنھنجو شيوو تباھھ ڪاري آ.

اياز گل نئين ٽھيءَ جو منفرد شاعر آھي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي ھن پنھنجي جاءِ والاري ڇڏي آھي. مان ھن جي شاعري، ادل سومري جي ۽ نئين ٽھيءَ جي شاعري ڏسي، انھيءَ نتيجي تي پھتو آھيان، تھ اھا نيٺ ڪنھن بھ بين الاقوامي معيار تي اچي ويندي. ان شاعريءَ تي جاگيرداري دور مان نڪري، صنعتي دور ۾ داخل ٿيڻ جا آثار ملن ٿا ۽ ان جون تشبيھون، محاڪات وغيره روايتي شاعريءَ کان مختلف آھن ۽ انھن تي پنھنجي انفراديت جي ڇاپ آھي.

روھڙيءَ واري بيدل فقير ٻھ چڱا شعر لکيا ھا ۽ انھن مان ھڪ آھي:

اکران دي وچ جو ڪوئي اڙيا،

عشق دي چاڙھي مول نھ چڙھيا.

اھو شعر آھي تھ سرائڪيءَ ۾، پر ان ۾ جا ڳالھھ ڪئي وئي آھي، اھا جديد شاعرن سان لڳي ٿي. ھو اکرن ۾ اڙجي نھ ٿا وڃن ۽ عشق جي چاڙھي چڙھندا ٿا رھن. ھنن جا ابتدائي مجموعا ڏسون ٿا، تڏھن بھ ڪيترائي شعر دل ۾ کپي ٿا وڃن ۽ اڳين شاعرن وانگر ائين نھ آھي تھ، سڄو ديوان ڇنڊي ڇاڻي بيھجري تھ رڳو ھڪ يا ٻھ سٽون ملن، جي دل تي اڪرجي وڃن. سانده مطالعو ۽ مشاھدو ئي شاعريءَ کي پنھنجي توڙ تي پھچائي ٿو. اھي زمانا گذري ويا، جڏھن ڪنھن استاد جي استاديءَ ۾ شاعر سڄيون عمريون جک ماريندا ھا ۽ بحر وزن جي گھرڙ گھوٽ ڪندا ھئا.

بمبئيءَ ۾ مون ھڪ نشست ۾، سڳن آھوجا کي چيو ھو تھ: ”ھو پنھنجو شعر ٻڌائي.“ ان تي ھن جواب ڏنو ھو تھ، ”مون وٽ بَندي نھ آھي.“ ان تي مون ھن کي چيو ھو: ”جيستائين بندي اچي، تيستائين تڪ بندي ٿي وڃي.“ – ’بندي‘ ھن پنھنجي شعر جي بياض لاءِ چيو ھو. سڳن کي تھ مون اھا ڳالھھ مذاق ۾ چئي ھئي، ڇو تھ، ھو منھنجو دوست ھو، پر اھا ڳالھھ اڪثر ڪھنھ مشق شاعرن سان لڳي ٿي، ڇو تھ اھي تڪبندي ڪندا ھا- دور جديد ۾ ڪيترائي نوان شاعر تڪبندي تھ ڪونھ ڪن ٿا، پر جي اھي پنھنجي تخليق مان مطمئن ٿي ويا ۽ سانده لکندا ۽ تجربا نھ ڪندا رھيا، تھ انھن جي شاعري بھ تڪبنديءَ وانگر بي معنى ٿي ويندي.

اياز گل ۽ ٻيا شاعر، ھن وقت سڄاڻ شاعرن وانگر لکي رھيا آھن، ڪافي پڙھي رھيا آھن ۽ پنھنجي منفرد سوچ بھ رکن ٿا. سنڌي ادب ھڪ خوبصورت شمعدان وانگر رھيو آھي، جنھن ۾ اياز گل بھ انھن شمعن مان آھي، جيڪي وچ ۾ ٻري رھيون آھن. ھو شمع بھ آھي تھ، پروانو بھ آھي ۽ پنھنجي چوڌاري تخليق ٿيل ادب ۾ ھن جي بيحد دلچسپي آھي. چڱو جو ھن جي شاعريءَ ۽ ادل جي شاعريءَ ۾ نعري بازي نھ آھي، توڙي ھنن جي سياسي سوجھھ ٻوجھھ تکي آھي.

زندگيءَ جا گونا گون تجربا، ۽ خاص ڪري شھري زندگيءَ جو، ديھاتي زندگيءَ تي اثر، ھن جي شاعريءَ مان بَکن ٿا. جڏھن اھا شاعري پوري چوٽ تي پھتي، تڏھن سنڌي شاعريءَ تي پنھنجي ڇاپ ڇڏيندي. مون فقط ھن جي غزلن مان مثال طور ٽڪرا ڏنا آھن، پر ھن جي ٻي شاعري بھ جاندار آھي ۽ ھن جي لباس وانگر نج سنڌي آھي.

تنھنجي مايا ڏي جو لاڙو آھي،

پنھنجي پيرن تي ڪھاڙو آھي.

-

سچ ڪاڻ ويڙھھ ۾.

ھڪ بھ ھزار جئن.

-

سارو شھر لتاڙي وو!

آيس تنھنجي پاڙي وو!

تنھنجي پويان نڪتو آھيان

سارا ٻيڙا ساڙي وو!

-

منھنجي سچ تي ڪروڌ ۽ ھن جي،

ڪوڙ تي واھھ واھھ! ٿي وئي آ.

زندگي ھر ستم تي خوش آھي،

ٻن ٺڳن جو ڪو ٺاھھ ٿي وئي آ.

-

سوچون ننگي پيرين آھن،

ذھن تتل ڄڻ ٽاما آھن.

جيون جي آکاڻيءَ ۾ دک،

فل اسٽاپ ۽ ڪاما آھن.

-

ڇو بدلجي ٿي وڃين تون کن ۾،

ڪجھھ تھ ويساھھ ڪجي ساجن ۾!

-

تنھنجي پيرن ۾ ھئي لڳل ميندي،

منھنجي گھر جا تھ ھا کليل رستا.

دل جون ڳالھيون بھ ڪين ٿو سمجھين!

ڪھڙي آخرڪار فارسي آھي؟

-

توکي گڏجي تھ ڪين ھلڻو آ،

ڪھڙو توکي بيھارجي ھاڻي!

سڄي حياتي ڀري پيئي آھي لڙڪن سان،

ملون تھ ذڪر ڪيو، ھيل ڪي کلائڻ جا!

-

ھيءُ ڪتاب، مون وٽ مھاڳ لاءِ، گھڻو عرصو ٻيو رھيو ھو ۽ پنھنجي گوناگون مصروفيتن ۽ بيماريءَ سبب، مان اياز گل جي فرمائش ھن کان اڳ پوري ڪري نھ سگھيس. اياز گل جو نالو منھنجي نالي سان ائين وابستھ آھي، ڄڻ، منھنجي شاعريءَ جي ٽاريءَ مان ڪوئي گل ڦٽو آھي. مون کي اميد آھي تھ، اڳتي ھلي اھو ڏسان ڏس کي پنھنجي سڳنڌ سان واسي ڇڏيندو ۽ مون کي ھن جي نالي جي مماثلت تي بجا فخر ٿيندو.

(اياز گل جي شعري مجموعي

”توبن ڪھڙا ڇانورا“ جو مھاڳ)

رکيل مورائي

شريڪانت صدف : غزل جي نئين روايت جو شاعر

”ڪجھھ نھ چئي بھ، چئي وڃڻ جو ڏانءُ شاعري آھي.“ مٿيان لفظ سنڌي ٻوليءَ جي اھم شاعر ۽ نقاد ارجن حاسد جا آھن. منھنجي خيال ۾ مون شاعريءَ جي باري ۾ اھڙي راءِ اڳ ۾ ڪٿي بھ نھ پڙھي آھي. مٿينءَ ڳالھھ جو حاصل مقصد اھو وڃي ٿيندو تھ، غير محسوس ٿيندڙ، بغير ڪنھن ٺاھھ ٺوھھ، بنا ڪنھن غير ضروري وڌاءَ جي، سادن ۽ سمجھھ ۾ ايندڙ لفظن ۾، انتھائي صفائي، سٺائي ۽ سادگيءَ سان ڪنھن اھم ڳالھھ جو اھڙو اظھار، جنھن جو ڦھلاءُ، وسيع کان وسيع تر ٿئي، ان اظھار کي شاعري چئجي ٿو. شاعريءَ جون ٻيون سڀ تشريحون پنھنجي جاءِ تي اھم ھجڻ جي باوجود، مٿين راءِ جھڙيون تز، گھٽ لڳن ٿيون. گھٽ ۾ گھٽ شريڪانت ”صدف“ جي شاعريءَ جي شاعراڻيءَ اڏام جي باري ۾ مٿين راءِ تمام گھڻي اھميت رکي ٿي

1980ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي حالتون رھيون آھ،ن انھن حالتن مان ھڪ خاص شاعريءَ جنم ورتو آھي، جنھن کي اسان جا نقاد مزاحمتي شاعري ڪوٺين ٿا. اھڙي شاعريءَ جو وڏو حصو، اسان جي سياسي حالتن جي نذر ٿي ويو نظر اچي ٿو. پر ڪجھھ حصو اھڙو بھ تخليق ٿيو آھي، جنھن جو بنا ڪنھن وڌاءَ جي اعلى/ سٺي شاعريءَ ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ان شاعريءَ ۾ اھڙي اظھار جنم ورتو، جنھن اظھار ڄڻ تھ سنڌي شاعريءَ ۾ نئين روايت جو بنياد وڌو. ان نئين روايت وجھندڙ، شاعريءَ جي روپ ۾، جيڪي ڪجھھ لکيو ويو، اھو سڄي جو سڄو، ٻوليءَ کان وٺي گھاڙيٽي تائين، اظھار کان ويندي مسئلي تائين بلڪل نئون ھو. ان عرصي ۾ بھ ڪجھھ نالا ئي ملي سگھندا، جن شاعريءَ کي شاعري ڪري ڄاتو. سنڌي شاعريءَ جي اھڙي سگھاري، وڻندڙ ۽ پراثر اظھار کي مستقل جاري رکڻ ان عرصي جي لکندڙن جي وڏي انگ لاءِ شايد ممڪن نھ ھو، جو اھو ڏھاڪو ختم ٿيندي ئي، اھو اظھار گھٽبو ويو يا يڪسانيت جو شڪار ٿيندو ويو. ان جو نتيجو اھو نڪتو، جو ان عرصي کان پوءِ جيڪي بھ نوان لکندڙ آيا، انھن مٿين ٽھيءَ جي پيروي ڪئي ۽ پنھنجو ڪو خاص اظھار نھ جوڙي سگھيا، نتيجو اھو سامھون آيو تھ 1997ع تائين ڪجھھ اھم نالن کان سواءِ سنڌي شاعري ڪندڙن جو وڏو انگ لڪير جو فقير بڻجي ويو. بلڪل ائين، جيئن اياز کان پوءِ ڪجھھ نالن کان سواءِ باقي سموري سنڌي شاعري اياز جو پڙاڏو محسوس ٿيڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻيءَ ٽھيءَ جنم ورتو ۽ ان جو تسلسل اسين خوش نصيب آھيون، جن جي پويان ڀٽائيءَ ۽ شيخ اياز کان وٺي شريڪانت صدف تائين جو شاعريءَ جو اڻ ميو خزانو آھي.

ورھاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو ايمانداراڻو مطالعو ڪرڻ مان معلوم ٿيندو/ يا ٿئي ٿو تھ سموري سنڌي شاعريءَ جو ڪجھھ حصو ئي اھڙو بچندو، جيڪو سچ پچ اعلى ۽ دائمي قدرن واري شاعريءَ جو عيوضي پڻو ادا ڪندو. ان جو دارومدار بھ گھڻي ڀاڱي اياز جي شاعريءَ تي آھي. سنڌ کي ڇڏي، ھند ۾ سرجندڙ سنڌي شاعريءَ ۾ نارايڻ شيام اھڙو نالو آھي، جنھن تي سنڌ ۽ سنڌي شاعري فخر ڪندي. شيام کان سواءِ ھري دلگير، ارجن حاسد، ارجن شاد، پرڀو وفا، ارجن سڪايل، گورڌن ڀارتي، موتي پرڪاش، ڪرشن راھي ۽ ٻيا کوڙا اھڙا نالا ملندا، جن سنڌي شاعريءَ جو مان مٿاھون ڪيو آھي.

مون کي جن شاعرن موھيو، انھن ۾ ٻھ نالا اھم آھن ۽ ٻئي غزل جا شاعر آھن: ھڪ آھي ايم. ڪمل ۽ ٻيو آھي شريڪانت ”صدف“. شريڪانت صدف ان ٽھيءَ مان ھڪ نالو آھي، جنھن ٽھيءَ اسيءَ کان پوءِ ادبي جنم ورتو آھي.

سنڌ ۾ رھندڙ نوجوان ليکڪ کي پنھنجي ڌرتيءَ تي ھجڻ جي ڪري شاعريءَ لاءِ گھربل مواد ميسر آھي. صدف اھو نوجوان آھي، جنھن لاءِ اھو سڀ ڪجھھ ڪونھ آھي، جيڪو سنڌ ۾ رھندڙ شاعر لاءِ آھي. جنھن شيءِ جي تمام گھڻي اھميت آھي، اھا نھ ھجڻ جو احساس، جيڪو صدف جي شاعريءَ جي ڪجھھ حصي تي نظر اچي ٿو. اھو آھي صدف جو سنڌ کان پري ھجڻ جو درد- ظاھري طور ھند جي سنڌي شاعريءَ تي ورھاڱي جو درد سمورن موضوعن تي حاوي نظر ايندو، پر جيئن تھ صدف ڄائو ئي سنڌ کان ٻاھر آھي، ھن نھ سنڌ ڏٺي ۽ نھ ئي ورھاڱو ڏٺو آھي،[1] پوءِ بھ ھن جو اھو درد سندس شاعريءَ ۾ ايڏو شدت سان اڀري آيو آھي، جو پڙھندڙ/ ٻڌندڙ ان ڳالھھ جو اندازو نھ ٿو لڳائي سگھي تھ، ھو ڪو سنڌ ۾ نھ ڄائو آھي ۽ ھن ڪو ورھاڱو اکين سان نھ ڏٺو آھي- خود صدف کي سنڌ ۾ نھ ڄمڻ جو احساس دلي طرح تھ گھائي ٿو، پر سندس پڙھندڙ کي بھ اھا شدت ۽ درد محسوس ٿئي ٿو تھ:

ڪھڙي صدف جي ڳالھھ ۽ ڪھڙا غزل، ڇڏيو

شاعر جي خوب ھو تھ ڇا، سنڌ ۾ ڄميو نھ ھو.

(نفرت جا گل: ص ١٩)

شاعري پيغمبريءَ جو حصو/ جزو ڀلي کڻي ھجي بھ، پر دنيا جا سڀ وڏا ماڻھو شاعر ڪونھ ھئا ۽ نھ ئي سڀ پيغمبر شاعر ھئا- وڏي ماڻھو ٿيڻ لاءِ ھرو ڀرو شاعري ضروري نھ آھي. ھن موڙ تي صدف جو انداز بلڪل مختلف آھي. اھو صدف جي اندازي ۾ نھ آھي، جو ماڻھو مھانتا فقط سنڌ ۾ ڄمڻ کي سمجھي ٿو. اھو سندس جذبو ساراھڻ جوڳو تھ آھي، پر ڪجھھ حقيقت پسنديءَ کان بھ ڪم وٺڻ گھرجي. ايترو جذبي- وھيڻو ٿيڻ ڪنھن بھ فنڪار لاءِ درست نھ آھي: جو سندس فن ۽ فڪر ان جذبي آڏو ثانوي ٿي وڃي. کيس اندر ۾ اھڙي جذبي پيدا ڪرڻ ۾ يقيننا سندس ماتا ۽ پتا، ڪلا پرڪاش ۽ موتي پرڪاش جو دخل تھ آھي ئي، پر اظھار جو سگھارو ڏانءُ ۽ اھڙي وابستگي صدف جي اندر واري حساس فنڪار/ شاعر جو ڪمال آھي. شاعري کيس ڀلي ڪري ورثي ۾ ملي ھجي، پر ان ۾ ھن پنھنجي شناخت قائم رکي آھي. مٿينءَ ڪيفيت جو احساس ڏياريندڙ ھڪ شعر:

اڄ ڀي سڏن ٿا مون کي ڪي سنڌي پناھگير،

۽ ايئن بھ ناھھ ھت ڪوئي مون لئھ اجھو نھ ھو!

(نفرت جا گل: ص ١٩)

مختصر، صدف جو ۽ سندس شاعريءَ جو اھو آھي پسمنظر- صدف جو موجوده تعارف اھو آھي تھ ھو دبئيءَ  ۾ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ رھي ٿو.[2] ھو بنيادي طور شاعر آھي ۽ اھو بھ غزل جو شاعر- ھو شاعر آھي اول ۽ آخر شاعر- سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڇپجي چڪا آھن:

١) نفرت جا گل ”غزل“ آگسٽ ١٩٩٠ع

٢) نانگن جا ٻِر ”غزل“ آگسٽ ١٩٩٣ع

٣) ذھن جا قبيلا ”غزل ۽ ڪوتائون“. آگسٽ ١٩٩٦ع[3]

سندس پھرئين ڪتاب ”نفرت جا گل“ جي مھاڳ ۾ سنڌي غزل جي ڀلوڙ شاعر ارجن حاسد لکيو آھي تھ: ”صدف جي شعر ۾ تازگي بھ آھي ۽ تلخي بھ- مان سمجھان ٿو تھ صدف جي اھائي سڃاڻپ آھي. نھ فقط سندس شاعريءَ ۾ تلخي آھي، پر اھا ڏاڍي تيز ۽، چڀندڙ آھي ۽ سندس نثر ۾ بھ تلخي آھي. جيتري قدر تازگيءَ جو سوال آھي، تھ اھا سندس تلخ لھجي مان بھ بکي ٿي. تازگي صدف جي ٽنھي ڪتابن مان ھوا جي جھوٽن وانگر اندر ۾ پيھي وڃي ٿي. سندس ھر غزل  ۾ ڪي سٽون اھڙيون ملنديون، جيڪي بنھھ تازيون ھونديون، نھ رڳو تازيون ھونديون، پر سنڌي شاعريءَ ۾ اڻ اظھاريل ھونديون. مثال لاءِ مان سندس ڪتابن جي نالن واريون سٽون ھيٺ آڻيان ٿو:

نفرت جا گل ئي ٺيڪ ھئا جي سچ پڇين تھ دوست،

مون کان نٿا ھي پيار جا پٿر سنڀالجن،

(نفرت جا گل: ص ٢٣)

ھاڻ نانگن جا ٻر نظر ايندا،

مون ۾ سوراخ ٿي چڪا آھن.

(نانگن جا ٻر: ص ٤٦)

مختلف سوچ ۽ دائمي دشمنيون،

ذھن منھنجي ۾ ڪيئي قبيلا ھيا.

(ذھن جا قبيلا ص ٢٩)

صدف جي مٿين سٽن کي پڙھي، سندس شاعريءَ ۾ اظھار جي تازگيءَ جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل نھ ٿيندو. مٿيون ۽ انھن کان سواءِ اڃا بھ تازگيءَ سان ڀرپور سٽون، صدف جي شاعريءَ ۾ ڳاڻاٽي کان وڌيڪ موجود آھن، جيڪي اڳتي ھلي نئين سنڌي غزل جي سفر ۾ سنگ ميل جي حيثيت اختيار ڪنديون، اھڙي اميد صدف مان ڪري سگھجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي وڏي عالم سائين محمد ابراھيم جويي صاحب جي راءِ ۾ ”صدف جي شاعريءَ ۾ پڙھندڙ کي سندس منصفاڻي ۽ جوھر شناس ڏات جي صاف جھلڪ ملي ٿي، سندس ھر غزل ۾ ڪي آبدار موتي املھھ ماڻڪن جھڙا جرڪندا ڏسڻ ۾ ايندا.“ ھونئن سنڌي شاعريءَ ۾ ۽ خاص ڪري غزل ۾ صدف جو اظھار نڪور ۽ اھڙو سگھارو ۽ تازگيءَ ڀريو آھي، جنھن جو مثال سندس ٽھيءَ جي تمام ٿورن غزل لکندڙن جي غزل ۾ ملي سگھندو. سنڌ ۾ سرجندڙ شاعريءَ تي جڏھن گھري نظر وجھجي ٿي تھ ڪا خاص خوشي ڪانھ ٿي ٿئي. ان جو خاص سبب شايد اھو ھجي تھ اسان جو نئون لکندڙ پڙھڻ کي وقت گھٽ ٿو ڏئي، يا ھو پنھنجي وقت مان ڪجھھ گھڙيون بچائي نھ ٿو سگھي، ڇو تھ ھو گھڻو وقت ڳڀي جي ڳولا ۾ سرگردان آھي، جنھنڪري ھن جو خاص رخ شھر ڏانھن آھي. جا ڳالھھ اھم آھي، اھا ھيءَ آھي تھ اڄ جو نئون لکندڙ پنھنجي ان احساس کي بھ پنھنجي لکڻيءَ ۾ زوردار نموني اظھاري نھ سگھيو آھي، جيڪو احساس شھر جي گھٽجندڙ ماحول ۽ ڏامر جي تتل روڊ تي پيادل ھلندي کيس اندران اندران کائي رھيو آھي. ھو ھڪ عجيب يقيني ۽ بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۾ جي رھيو آھي. ھو ڄڻ تھ پاڻ کان بھ اڻ واقف آھي، ھو پاڻ کي بھ ڪا خاص سڃاڻپ نھ ڏئي سگھيو آھي. ھو ھلندو رھي ٿو، کيس پنھنجي منزل جو ڪوبھ ڏس پتو نھ آھي. مٿان نٽھڻ اس آھي، ھيٺان تتل روڊ آھي ۽ سفر اڻ کٽندڙ! اھڙي صورتحال کي جھڙي نموني صدف پنھنجي شاعريءَ ۾ پئنٽ ڪيو آھي، ان جھڙو سنڌ ۾ نئين لکندڙ نھ ڪيو آھي. اڄ جي پڙھندڙ آڏو ھڪ ھيءُ بھ سوال آھي تھ اسيءَ کان پوءِ سنڌي ماڻھوءَ ۽ خاص ڪري سنڌ جي شھرن ڏانھن ايندڙ سنڌيءَ ماڻھوءَ، شھرن ۾ جيڪي ڌڪاو سٺا آھن، ان جو اظھار سنڌي ادب، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتري قدر ٿيو آھي؟

خود سنڌي لکندڙن جو وڏو تعداد گذريل چوٿائي صديءَ کان شھرن ۾ رھي ٿو، ان جي باوجود ھو شھري زندگيءَ جي عذابن کي پنھنجي تخليق ۾ ڀرپور نموني نھ اظھاري سگھيو آھي. وچولي طبقي ۽ ھيٺئين وچولي طبقي جي ماڻھوءَ جا عذاب، جيڪي ھو شھرن ۾ ڀوڳي ٿو، ان جو احساس اسان جي شاعريءَ ۾ ڇو ڪونھ اڀري سگھيو آھي؟

اڄ کان پنجاھھ سئو سال پوءِ جو نقاد اھو ڪيئن سمجھندو تھ اسان جو لکندڙ شھرن ۾ بھ رھيو آھي! ٻيءَ معنى ۾ ڄڻ تھ اسان پنھنجي دور جو ادب تخليق نھ ڪري رھيا آھيون ۽ اھڙو ادب/ شاعري اسان کي صدف جي روپ ۾ ڪوئي ڏور رھندڙ، فقط سنڌ جو نقشو ڏسندڙ ۽ ان نقشي سان ماءُ جي جھوليءَ وانگر پيار ڪندڙ ڪوئي نوجوان ڏيئي رھيو آھي، اسان جا احساس اسان کان ظاھري پري رھندڙ شخص اظھاري رھيو آھي:

ڪيڏو نھ دوست پاڻ کي، بندرو لڳس ٿي مان،

ڪيڏا نھ تنھنجي شھر جا، اونچا مڪان ھا.

(نفرت جا گل: ص ١٨)

ٿڌو ھڳاءُ پئي ممتا جو، رات ڀر ماڻيم،

الائي ڪنھن ٿي سڏيو مون کي، منھنجي ماءُ وانگر.

(نفرت جا گل: ص ٢٠)

ٻولي آ منھنجي، شعر مان سنڌيءَ ۾ ٿو چوان،

مون وٽ اچي ٻڌڻ لئھ، جي ڪو ھم زبان ھجي.

(نفرت جو گل: ص ٢٢)

دشمني اڻ سڌو ڪرم ھوندي،

دوستو! دوستي ستم آھي.

(نفرت جا گل: ص ٣١)

تو پنھنجي گھر مان مون کي، ڪڍي ايئن ڦٽو ڪيو،

مون کي لڳو تھ ڄڻ ڪ ڪو، سنڌي ڪتاب ھان.

(نانگن جا ٻِر: ص ١٠)

ڪڏھن ڀلجي بھ جي مون سان خوشيون ملڻ آيون،

تھ دل کي اوچتو ويڙھي ويون اداسايون.

(نانگن جا ٻِر: ص ٢٩)

باقي ڪجھھ ڏينھن مان ڪندس ماڻا،

جيسين ھن جڳ ۾ دوست! ماءُ اٿم.

(نانگن جا ٻِر: ص ٥٦)

تازو ئي نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز چيو آھي تھ: ”شاعري اھا آھي، جا ٻڌڻ سان يا پڙھڻ سان خنجر وانگر دل ۾ پيھي وڃي. ۽ اھا پابند شاعري ئي ٿي سگھي ٿي.“

صدف جي غزلن جون سٽون اھڙيون ئي آھن، جيڪي ٻڌڻ/ پڙھڻ سان اندر ۾ پيھي وڃن ٿيون. ھن شاعر پنھنجي اندر کي ڄڻ تھ غزلن جي روپ ۾ ظاھر ڪيو آھي. اھو ئي سبب آھي، جو سندس اندر جي تلخي بغير ڪنھن ڊپ ڊاءَ ۽ رک رکاءَ جي سندس غزلن جي روپ ۾ ظاھر ٿي پئي آھي. ھونئن بھ ھر سچي ۽ کري تخليقڪار کي سڀ ڪجھھ صاف ۽ چٽو رکڻ گھرجي، جيڪڏھن ھو پاڻ ۽ سنسار سان سچو آھي تھ ۽ صدف جي ان سچائيءَ مان فائدي واري ڳالھھ سامھون آئي آھي، اھا ھيءَ آھي تھ، سندس شاعريءَ کي سونھون بنائي، سندس خيال جو پيرو کڻي، سندس دل جي لڪل تھن تائين آسانيءَ سان پھچي سگھجي ٿو.

نئين سنڌي شاعريءَ جي ٻي جيڪا اھم سڃاڻپ آھي/ ھجڻ گھرجي، اھا آھي اظھار جي سادگي ۽ ٻوليءَ جي نفاست، ٻوليءَ جي معاملي ۾ صدف ڪٿي بھ تڪلف کان ڪم نھ ورتو آھي. ھن نھ سنڌيءَ جي اڪثر شاعرن وانگر ڀاري وزن وارا لفظ کنيا آھن ۽ نھ وري پنھنجي وس ۽ وت کان وڏيون ۽ اجايون تشبيھون ۽ تمثيلون کنيون آھن. ھن روزمره جي سادي، عام فھم، صاف نازڪ نفيس ۽ ڪجھھ تلخ ٻولي کنئي آھي، جنھن کي پڙھندڙ/ ٻڌندڙ پاڻ ۽ ذھن مٿان بار محسوس نھ ٿو ڪري، ڪجھھ سٽون ھيٺ ڏجن ٿيون:

شاعري، پيار، دوستي، وشواس،

ڪجھھ ڪڏھن ڀي ڪري سگھيو ناھيان.

مون بھ تھذيب آ سکي ورتي،

ڪافي عرصي کان مان کليو ناھيان.

(نانگ جا ٻِر: ص ٣٤)

ورڊس ورٿ سمجھي ٿو تھ: ”جنبش پيدا ڪندڙ جذبن جي بي اختيار اٿل کي شاعري چئجي ٿو.“ جيڪڏھن ائين آھي تھ صدف جا شعر مٿينءَ راءِ جو سؤ سيڪڙو پورائو ڪن ٿا. سندس غزل جون ڪي نھ ڪي سٽون من ۾ ڪانھ ڪا لھر پيدا ڪن ٿيون. اھو سچ آھي تھ، سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جو وجود نھ ھجي ھا تھ، ان جي موجوده نزاڪت، لطافت ۽ وسعت تي اسان کي ايڏو ناز نھ ھجي ھا! ۽ مان اھا راءِ رکان ٿو تھ موجود سنڌي غزل جي نزاڪت، لطافت ۽ وسعت ۾ صدف جي غزلن جو ٿورو ئي سھي حصو رھندو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ سندس غزلن جي نزاڪت تي سندس تلخي حاوي نظر اچي ٿي، پر سندس عمر جو ان ۾ گھڻو عمل دخل آھي- سندس غزل جون صرف ٻھ سٽون ھيٺ شناخت لاءِ ڏجن ٿيون، جن ٻنھي سٽن ۾ مٿيون ٻئي ڪيفيتون نمايان آھن:

ھڪ گل ڏسڻ گھران ٿو مان، پنھنجي اڱڻ ۾ دوست،        (نزاڪت)

مان ائين نھ ٿو چوان تھ، ھتي گلستان ھجي. (تلخي)

(نفرت جا گل: ص ٢٢)

صدف جي پھرئين ڪتاب ”نفرت جا گل“ جي غزلن ۾ شاعريءَ جي نفاست ۽ نزاڪت جو گھڻو خيال رکيل نظر اچي ٿو، ان کان پوءِ صدف جي شاعريءَ جي نفاست ۽ نزاڪت تي سندس تلخي زوردار نموني اثر انداز ٿي آھي. ائين بھ ناھي تھ ان تلخيءَ جي لپيٽ ۾ سندس سموري شاعري اچي وئي آھي، پر ان کي مڪمل ڪڍي بھ نھ ٿو سگھجي، تڏھن بھ شاعريءَ کي شاعري ڪري پيش ڪرڻ ۾ صدف ڪمال جو ڪامياب ويو آھي.

سندس غزلن جا ٻھ بند ھيٺ ڏجن ٿا، جن کي پڙھڻ/ ٻڌڻ کان پوءِ اندر مان بي اختيار ڪو آواز نڪري ٿو وڃي، ڪا آھھ اڀري ٿي اچي:

ڪوبھ رشتو ٽٽو ئي ناھي جو،

ڪير ڪنھن جو ڪڏھن نھ ھو يارو!

(نانگن جا ٻِر: ص ٣٨)

منھنجو ھجڻ ھو جن جي لھءِ، رونشو مذاق سي،

منھنجي وڃڻ کان پوءِ، اڪيلا نھ ٿيا ھجن.

(ذھن جا قبيلا: ص ٣٥)

غزلن جي مٿين سٽن ۾ ”شاعري“ صدف جي تلخيءَ کان وڌيڪ موجود آھي ۽ ھڪ لحاظ کان ڪامياب غزل جي لکندڙ لاءِ اھا سڃاڻپ ڪافي آھي تھ ھو غزل جي سٽن ۾ جيڪي ڪجھھ چوڻ آھي، چئي وڃي، پوءِ ڀلي اھو چوڻ ڪيترو ئي اگھاڙو ۽ ڪڙو ڇو نھ ھجي؟ ۽ غزل کي غزل بھ رھڻ ڏئي. اھا اڄ جي شاعريءَ جي ضرورت آھي ۽ ڳالھھ وقت چئي وڃڻ جي بھ نھ آھي، مسلسل چوندو رھڻ جي آھي ۽ ڪاميابيءَ سان چوندو رھڻ جي آھي. ”صدف جو تازو ڪتاب ”نانگن جا ٻِر“ سندس پھرئين ڪتاب کي پويان ڇڏي ڪيتريون ئي وکون اڃا بھ اڳتي وڌي آيو آھي. ھيءُ ڪتاب ڪيترن ئي شايع ٿيل سنڌي غزلن جي مجموعن ۾ ھڪ اڳرو مجموعو آھي. ھو نھ آشا وادي آھي ۽ نھ ئي نراشا وادي، نھ ئي ھو ڪن سينئر شاعرن وانگر رڳا طنز جا غزل ٿو لکي. ھو ڪنھن بھ لڳ لڳاءَ کان سواءِ شاعر آھي، صدف جي تازي مجموعي مان اھو صاف ظاھر آھي تھ کيس شاعريءَ جي فن تي لڳ ڀڳ پورو قبضو آھي.“

(ھري دلگير- ”سنگيتا“ جولاءِ - سيپٽمبر ١٩٩٤ع)

مٿين راءِ صدف جي شاعريءَ لاءِ تمام گھڻي وڏي آھي. ان راءِ کان پوءِ ڪجھھ چوڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آھي. بس چوڻ لاءِ ورجاءِ جي باوجود اھو بچي ٿو تھ سنڌ ۾ تخليق ٿيندڙ شاعريءَ جي ٻولي خوبصورت آھي، جنھن جو سبب ڌرتيءَ جو ھجڻ آھي، ۽ صدف وٽ ٻوليءَ جي جاءِ، سندس احساس والاري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ احساس جي مٿاھين سطح بيان ٿيل آھي، جنھنڪري سندس شعر تلخيءَ، اظھار جي سادگيءَ ۽ ٻوليءَ جي نھ ھجڻ جي باوجود ڇھي ٿو ۽ ڪوپراٽيءَ مان ٺڪاءَ ڪڍي ٿو ڇڏي، جڏھن تھ صدف جي اظھار جي سادگيءَ جي پٺيان سندس غزل ۾ خيال جي اوچائيءَ ھن کي سنڌي شاعريءَ ۾ ھڪ اھميت جو حامل بڻايو آھي. اھا سندس مجموعي انفراديت/ سڇاڻپ آھي- ۽ اھڙي انفراديت/ سڃاڻپ ڪنھن خوش نصيب جي ڀاڳن ۾ ايندي آھي. سندس ڀاڳ ۾ تھ نارائڻ شيام، ھري دلگير، ارجن حاسد، ايم ڪمل، موتي پرڪاش ۽ گورڌن ڀارتيءَ جھڙا غزل جا باڪمال شاعر آھن. يقينا ان سموري ورثي جو اثر آھي، ان ڪري، اسان وٽ صدف بنھھ نڪور شاعر طور متعارف ٿيو آھي ۽ اسان کي، اسان جي سڄي ٽھيءَ کي اھا اميد آھي تھ ھو پنھنجي نڪور پڻي کي مسلسل قائم رکندو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجو ھڪ الڳ ٿلڳ مقام ٺاھيندو، جنھن جي پيڙھھ جا پھريان ٽي پٿر تھ ھو رکي چڪو آھي.


[1]   تازو 2004ع جي آخر ۾ صدف گھمي ويو آھي، ان کان پوءِ جا احساس، ھن مضمون ۾ شامل نھ آھن. (ت. ج)

[2]   ھاڻي صدف، ممبئيءَ ۾ ۽ سندس والدين آديپور (ڪڇ) ۾ رھن ٿا. (ت. ج)

[3]  ان کان پوءِ سندس ٻھ مجموعا (١) ”وچ وارن کي لٽ بڻائي“ ۽ (٢) ”زندگي ھڪوار ٻيھر شروع ڪرڻي پوندي“- سندس چئني مجموعن جي گڏيل شاعري“ (سنڌ ۾:     ) ڇپجي چڪا آھن. (ت. ج)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org