عبدالحفيظ قريشي
خير النساء جعفري
سنڌ جي
والٽيئر-گُڏي
ائين ٿو ڀانيان، ڄڻ اها ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي،
هن جي سُون ورني وهانءَ جون تصويرون رسالي سگهڙين
سٿ ۾ ڇپيون هيون، تنوير جوڻيجو ديگ تي ڀت ورهائڻ
لاءِ ويٺي هئي، وڌڻ واري ٿالهي هٿ ۾ کنيو پويان
ڪنڌ ورائي نهاريندي ڪنهن تصوير جهٽي ورتي ۽ ان تي
مزاحيه سٽ لکي ڇپرائي ڇڏيائين ”هاڻ وري جي آئين ته
هڻندس ٿالهي مٿي واري.“ اُها تصوير ڏسي ڏاڍو کليو
هوس. ان کان پهرين ڊاڪٽر ساران صديقيءَ کان
انٽرويو وٺڻ، ساڳين رسالي وارين ڀينرن فهميده
ميمڻ (هاڻ ڊاڪٽر فهميده حسين) ۽ ٻيون جڏهن ويون
هيون ته پهرين ته ڊاڪٽر صاحبه سندن ڇڙو انٽرويو نه
پر کائن مڪمل انٽروڊڪشن ڪري ورتائين. اها ڳالهه
پڙهي پڙهي ساڳيو حِظُ ورتو هوم ۽ کلي کلي رڌڻي جي
در تي بيهي امان کي پڙهي ٻڌايو هوم. امان ڊاڪٽر
ساران صديقيءَ کي سڃاڻندي هئي، انٽرويو پڙهي پئي
ٻڌايم ته ’امان مرڪي رهي هئي‘... گهر ۾ ڪتاب ۽
ڪتابن جون ڳالهيون هونديون هيون. مون کي تن ڏينهن
۾ مس مس ڪتاب (ڪهاڻيون پڙهڻ جو حق مليو هو) پڙهڻ
جو حق مليو هو.
اهي هِن اسان جي مانواري گُڏي- خيرالنساءَ جعفريءَ
جي وهانءَ جي تصويرن جو احوال... اڃا ڪاليج ۾ هوس
جو هڪ دوست پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي گهمائڻ وٺي
هليو هو، تڏهن کيس سائيڪلاجي ڊپارٽمنٽ ۾ ڏسي ساڻس
وڃي مليو هوس، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ جي ڪري ڳچ ماڻهن
کي سڃاڻي ويندو هوس، ليليٰ بانا کي ان ڏينهن
ڪاريڊور ۾ ڏٺو هوم. پوءِ ته سنڌ يونيورسٽيءَ کان
هيرآباد تائين گُڏيءَ جي گهر تائين انيڪ ڀيرا
رهيا، سڄي دنيا تي ڪچهريون ۽ ڳالهيون ڪبيون
هيون...
زماني هن کي مرد بڻائي ڇڏيو هو، بيباڪ، دلير، سچي،
کري ۽ کهُري ۽ ڏاڍي مٺي ۽ تمام ڪَوڙُي، انهن سمورن
عنصرن ۾ ڏاهپ ملائي ڳوهيل سنڌو جي مٽيءَ مان جڙيل
گڏي خيرالنساء بابت سوچيندي هن سماج تي الائي ڇو
جک ايندي آهي، جنهن هن جي اندر جي اصل عورت کي
ٻاهر اچڻ ئي نه ڏنو ۽ هو زماني جا مليل القابن جا
ماسڪ پائي، اندر ئي اندر ۾ جهڄندي رهي ۽ نيٺ ڊهي
پئي، جيئن ڀٽائيءَ چيو:
”ڀڳو اڄ ائين، هينئڙو ڪوٽ بَرڄ جيئن“
دليري ۽ سورهيائي وارن خاص الخاص نالن واريون
ٿوڻيون هن جي جيءَ کي جٽاءَ نه ڏئي سگهيون ۽ هن جي
اندر واري عورت گهُٽن ۾ گهُٽجي، اڪيلائي جي رڻ پٽن
واري لڪَن ۾ لوساٽجي وئي. هوءَ ته مارئي وانگر
مارن (سماج) ڏانهن ڪي نينهن نياپا، ڪي ڏک ڏوراپا
به مُڪڻ جهڙي نه رهي هئي، جو بهادري ۽ دليريءَ
جاڳرا ڳٽ ڳچيءَ ۾ پيل هئس.
هڪ لڱان، ساڻس گڏ پينگهي ۾ لڏندي پڇي ويٺس.
”زندگيءَ ۾ ڪيل ڪا وڏي غلطي؟“
ٺهه پهه وراڻيائين: ”جڏهن قاضيءَ مان جان ڇُٽي
اتان ٻيو وَرُ ماڻيان ها.“
کيس قاضيءَ وهانءَ جي ڏهه مهينن ۾ قبر ڀيڙو ڪري
ڇڏيو هو. هتي عورتون رڳو ڪاريون ٿي ڪهاڙين جو کاڄ
ته نٿيون ٿين، ان اڻ سونهي ورتاءُ جو شڪار به ٿين
ٿيون جنهن کي ”پتي ورتا“ به چوندا آهن.
اسان جيڪي بُت (هيرا) گهڙيندا آهيون، اهي اسان
وانگر انسان ئي هوندا آهن، عام انسانن وانگر، پر
ٿورا باغي ۽ ٿورا منفرد، ٿورا بهادر، ٿورا وڌيڪ
سورهيه هوندا آهن. اهي ٿورا، ٿورا، جيڪي به هوندا
آهن. اهو ان ڪري جو هُو اسان سڀني کان وڌيڪ معصوم
۽ سچا هوندا آهن.
ساجده، گڏي، خيرالنساءَ جو والد گذاري ويو آهي؟
پروفيسر... گذاري ويو. اڄ شام هلون عذر خواهي ڪرڻ،
ٻئي زال مڙس وڃي پهتاسين، گڏيءَ جي گهر... دعا
پڙهي، عذر خواهي ڪئي سين.
ڏک هاري گُڏي، معصوميت سان چيو ”وڃي سکيو ٿيو،
امان کان پوءِ اڪيلو رهجي ويو هو.“ سڄو ڏينهن
گُڏي! گُڏي ڪندڙ پروفيسر جو آواز اڄ به گهر جي
ڪنڊن مان اچي رهيو هو.
سچ سان سندس ننڍپڻ کان ناتو هو، هو سچ چوڻ کان رهي
نه سگهندي هئي، ڀريل ميڙاڪن ۾ سچ چوڻ سو به اهڙو
کليل، ۽ اگهاڙو سچ چوڻ جو سهڻو ڏانءُ ڪو گُڏيءَ
کان سکي...
گهر موٽندي، ساجده مون کي چيو ”ڪيڏي ته حقيقت پسند
عورت آهي“.
”موت جي حقيقت کي مڃتا ملڻ گهرجي! جهونا وڻ هميشه
پنهنجي پاڙن منجهه مرندا آهن، ۽ پويان پنهنجا ٻج ۽
ٻيجارا ڇڏي ويندا آهن.“
گُڏي خيرالنساءِ منجهه سڀ کان سٺو ۽ اهم گُڻ،
پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي سماج سان اڻ ميو پيار ۽ پسند (Commitment)
آهي، جيڪا ڪٿي به ٿيندي نظر نٿي اچي. هو والٽيئر
جهڙي انداز ۾ پنهنجي سماج اندر پکڙيل بي انصافين ۽
ڪج پڻي ڏانهن نه نظرن سان نه، لفظن جا اشارا ڪندي
۽ ان جي ڪج پڻي تي تبصرا، تنقيد جو انداز، هن جو
پنهنجو جوڙيل ۽ تخليق ڪيل هو، اهو انداز ڪو ٻيو
اختيار ڪرڻ به چاهي ته نه ڪري سگهندو، ان ڪري جو
ان لاءِ هن جيترو نه رڳو پڙهڻ ۽ پرجهڻ سان گڏ هن
جهڙي تيز نظر به اختيار ڪرڻي پوندي، هو تيز ڌار
ڪٽاري وارا لفظ ائين استعمال ڪندي هئي، ڄڻ اندر
جي اوت هجي جا جوت بڻجي شاهوڙ اُماڙي ٿي نڪتي
هجي...
کيس پهريون ڀيرو روبرو تقرير ڪندي تڏهن ٻُڌو هوم،
جڏهن جنرل ضياءِ جي مارشل جو دور ڪر کنيو، سنڌ کي
ڏنگڻ لاءِ اُڀو بيٺو هو. هوٽل فٽاز جي هڪ هال ۾
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت سيد سبط حسن جي
مهماني ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي آهي)
جي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن ڏينهن جو فڪري
تقريب ۽ رات جو ضياءِ جي اسلامي مارشل لا خلاف
رنگارنگ گيتن واري تقريب منعقد ڪئي هئي.
فڪري وهڪ جو عنوان هو ”نوجوانن ۾ بيچيني جو سبب ۽
حل“. ان تقريب ۾ سيد سبط حسن چيو ته ”نوجوانن ۾
بيچيني جو هئڻ بهترين نشاني آهي، بيچيني زندگيءَ
جي علامت آهي، جيڪر بيچيني انسان وٽ نه هجي ها ته
اڄ ڏينهن تائين غارن ۾ ويٺل هجون ها.“ اسان وارن
چڱن مارشل لا جي ڊپ ۾ جيڪو ٻوڙ هاريو، ان داڦ تي
جيڪر ڪنهن جي ڳالهه ڍڪ رکيو، سان گُڏي خيرالنساءِ
هئي. هن تقرير ڪندي چيو: ”گهران نڪتس سڄي حيدرآباد
جا رستا، قبرن جيان کوٽيل ڏسي، مون کي شير شاهه
سوري ياد اچي ويو، جنهن بنگال کان پشاور تائين روڊ
ٺهرايو هو. شير شاهه ته مري ڪري اهڙي ڪنهن کوٽيل
قبر ۾ پورجي ويو، باقي رهي ’سوري‘ سان اسان سنڌين
جي نصيب ۾ آهي.“
ضياءِ جي دور ۾ ايڏي بي ڊپائي سان ۽ ان ريت رڳو
والٽيئر جهڙي سماجي سوجهه بوجهه رکندڙ انسان ئي
هوندو. والٽيئر جو دور (1778ع-1694ع) فرانس ۾
اوندهه جو دور هو، جهڙو ڪالهه ۽ اڄ هتي هو ۽ آهي.
جنهن ۾ هر باشعور ۽ حُر روح پويان ...هيءُ جو ڪارو
ڪاغذ (Black
Warent)
ڦر ڦر سونٽي وانگر ڦري رهيو آهي. جيئرن ۽ گم ڪيل
انسانن جي عزيزن کي قبرون کوٽي رکڻ جا نياپا هرگز
سڀاويڪ نه آهن. گُڏي خيرالنساءِ جعفري هڪ ڀيري
اهڙي لقاءِ تي چيو:
”هينئر قبرون به ڪنجهي وانگر وڄنديون آهن...
ساٿيو! ٻڏندڙ سج جي آخري پساهن سان گڏ شام جو تصور
هلندڙ جلندڙ ماڻهن جي حياتي ختم ٿيڻ سان گڏ قبر جو
تصور بيشڪ سڀاويڪ آهين. جو ٻڌو ٿئون ڀٽو جيل ۾
جيئرو ئي هو جو چوويهه ڪلاڪ اڳ سندس قبر کوٽجي چڪي
هئي. کوٽڻ جو اهتمام اڳ ئي ٿئي پر به انهن تصورات
سان ذهن تي اداسائي، نراسائي، ۽ شڪست خوردگي جو
تاثر طاري ٿئي ٿو... جيتوڻيڪ نئين سج اُڀرڻ لاءِ
شام جو وقفو تمام ضروري آهي. ڪنهن نئين اُميد جي
سرجڻ لاءِ پراڻي شڪست خورده خيال جو قبر ۾ پوڻ به
ضروري آهي... پر بدنصيبي سان حالات ڪڏهن ڪڏهن ايئن
پاسو بدلائيندا آهن جو ڪنهن قوم جي نصيب ۾ شام جا
وقفا ڪجهه ڊگها... وڌيڪ ڊگها ٿي ويندا آهن...
شامون، نماشامون ٿي وينديون آهن... اسين ئي ڏسو...
40 سالن کان رڳو شامون ئي ملهائيندا پيا اچون...
پيري ڀل ته قبر ۾ پير پساري وڃي... پر جڏهن جوان ۽
نوجوانن لاءِ جيئري ئي قبرون کوٽبيون آهن، تڏهن
ڌرتي تي خاموشيءَ جو بوجهه وڌي ويندو آهي. آسمان
ڦاٽڻ لڳندو آهي... ۽ تڏهن ماڻهون بيزار ٿي يا ته
هڪٻئي سان شامون ملهائيندا آهن... يا وري ڪاريون
پٽيون ٻڌي شهيدن جا ڏينهن ملهائيندا آهن!“
والٽيئر جي هڪ اداڪاره دوست جي مرڻ وقت پادري کيس
ڦري آيا، ته: ”تون اهو تسليم ڪر ته تو گناهن واري
زندگي گذاري آهي.“ فن جي مان ۽ مريادا کان واقف
هوءَ فنڪاره موت جي بستري تي ليٽيل هئي هن پنهنجو
منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو، پادري کيس ٻي پاسي کان
ڦري آيا ۽ ساڳيو سوال ڪيائون، تڏهن هن نزع جي عالم
۾، پر روح جي ڀرپور سجاڳي واري ڪلاڪاره پنهنجو
منهن ٻيهر ڦيري ڇڏيو، پادرين گناهن جي تسليمات
ڪرائڻ لاءِ هن جي بستر جي چؤطرف ڦرڻ لڳا، ان ريت
ڪلاڪاره جو روح آزاد ٿي اوڏانهن هليو ويو، جتي
انسانن جا جوڙيل قانون نٿا هلن، جيستائين اداڪاره
جا دوست ۽ ساٿي هُن کي دفنائڻ جو بندوبست ڪن
تيستائين، ڪليسا وارن، هن جو لوڙهه کڻي هڪ کڏ ۾
اُڇلائي مٿان چن هاري ڇڏيو، سنهڙو سپڪڙو، سچ جو
پوڄاري والٽيئر اهڙي غير انساني عمل تي کامي، پچي
۽ ٻري اٿيو! ان ريت هن ۽ ٻين انيڪ سماجي بي
انصافين خلاف وڏو احتجاج ڪيو، هن هندستان ۽ چيني
ثقافتي پس منظر ۾ فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪيترا ناٽڪ لکيا
جو انهن جي جاري ٿيڻ تي، لفظن جي وچ مان جهاتيون
پائيندڙ ۽ ٽوڪون ڪندڙ تيز ڌاري لفظن جي گونج جڏهن
فرينچ سرڪار کي پوندي هئي ته ”هو جيل جي سلاخن
پويان وڃي پهچندو هو، سندس دوست وڏي جاکوڙ ڪري کيس
ڇڏرائيندا هئا ۽ هو وري ٻيهر ڪنهن نڪور لکڻي يا
ناٽڪ وسيلي نروار ٿي سامهون اچي ويندو هو. هو
رياستي بي انصافين خلاف چپ رهڻ وارو نه هو. ان ريت
گُڏي خيرالنساءِ به ماٺ ڪرڻ وارن مان نه هئي.
”ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري“.
جنرل ضياءِ جو دور هو، غوث علي شاهه سنڌ جو حاڪم
اعليٰ بڻيل هو، حيدرآباد مان رفيع ڪاڇيلي جو پٽ
فيصل ڪاڇيلو اغوا ٿيل هو. اسان ادبي سنگت جي وحدت
ڪالوني واري شاخ پاران گڏي خيرالنساءِ جعفريءَ سان
هڪ رهاڻ رچائي هئي. ولي رام ولڀ، پشپا ولڀ، ظفر
حسن، فردوس مزناڻي، زيب نظاماڻي،گلبدن آصف ۽ ٻيا
ڪيترا ئي ليکڪ موجود هئا“.
خيرالنساءِ جعفري تقرير ڪندي هڪ قصو هن ريت ٻڌايو
ته ”ايران مان امام موسيٰ ڪاظمؑ جي روضي جي زيارت
کان واپسيءَ ۾ ٽرين ۾، ڀر ۾ ويٺل هڪ عورت سان ڏٺل
۽ ٻڌل ڪرامتن جو ذڪر ڪيم پئي ته هن يڪدم وراڻيو
”اهي شيعا هر سال اهڙيون ڳالهيون گهڙي هلائيندا
آهن، تون ڪڏهن پيران پير غوث اعظم جي درگاهه تان
ته ٿي اچ! توکي الاهي ڪهڙا ڪهڙا روح پرور مشاهدا
نظر ايندا؟ ”اڄ مون گهران نڪرندي سوچيو: ”هن شهر ۾
معصوم ٻار اغوا ٿين ٿا جيڪي ڀنگ تي به موٽي ڪونه
ٿا ملن، غوث الاعظم جو سوچيم، جيڪو مون کان تمام
پري هو، پوءِ سوچيم ته غوث علي شاهه ته ويجهو
آهي.“
اُن دور ۾ غوث علي شاهه جو وڏو ڌاڪو هو، هن جي دور
۾ ڪراچيءَ مان رڳو ڇهن مهينن ۾ 300 سنڌي ميڊيم
اسڪول ختم ڪيا ويا هئا، ان تي ظفر حسن سيد، جتي
ڪٿي احتجاج ڪندو پيو وتندو هو. ان دور ۾ سنڌي
استادن ۾ گُڏي خيرالنساءِ ۽ ظفر حسن سيد ٻه ڄڻا ئي
هئا، جيڪي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي انيڪ پکڙيل ۽ ٿيندڙ
بي انصافين خلاف ڳالهائيندي نظر ايندا هئا.
ان ريت هوءَ پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجي آس پاس
جي ساٿين، اديبن، ليکڪن سان گڏ حڪومت جي ڪڌُن ڪمن
جي پئي سار لهندي رهندي هئي ۽ ڪنهن کي به بخشيندي
نظر نه ايندي آهي.
شيخ اياز، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ۽ جنرل ضياءِ جي
دور ۾ وڏي وس وارو وائيس چانسلر رهيو جو ڏهه (10)
مهينا لاڳيتو سنڌ يونيورسٽيءَ کي بند رکڻ جهڙي
اعليٰ ڪارنامي تي، يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي هڪ
رسالي ۾ سندس ڪارٽون ٺاهي لکيو ته ”سنڌ يونيورسٽي
جو وائيس چانسلر“ ان دور ۾ بند يونيورسٽي جي
استادن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. ان تي گُڏي
خيرالنساءِ جعفري ۽ سڀني وڏي جاکوڙ ڪئي... هُن
انهن يادگيرين کي ورجائيندي هڪ ڀيرو چيو:
”صاحبو! هي اسلامي دؤر آهي، ۽ پاڪستان جا دروازا
ٻاهرين اچ وڃ لاءِ هميشه کليا پيا آهن.
هر شخص جيڪو جنت لاءِ سخت فڪرمند آهي، اهو ٻئي کي
اسلام جي پارت ڪندو گهمي. ڪو وقت هو جڏهن اهڙي هڪ
پارت، اسان به هڪ لڱان، سائين شيخ اياز جن کي ڪئي
هئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر هئا.
سندن وقت ۾ يونيورسٽيءَ جا ست استاد نوڪرين مان
ايئن ڌڪجي ويا، جيئن الله سائينءَ حضرت آدم کي جنت
مان ڌڪي ڪڍيو هو. پوءِ جيئن الله آدم جي پاسراٽين
مان بيبي حوا کي چونڊي ڪڍيو، تيئن اسان آپا امينه
خميساڻيءَ کي ڪل ماسترياڻين مان چونڊي ڪڍيو، ته:
’پاڻ باقي ماسترياڻين سان گڏ وڃي شيخ صاحب کان
استادن جي اوچتو نڪري وڃڻ جو سبب معلوم ڪري، شيخ
اياز صاحب جو جواب مون کي اڃان به ياد آهي.
چيائين، ’انهن استادن کي مون ناهي ڪڍيو... انهن کي
سڌو سنئون گورنمينٽ ڪڍيو آهي.‘ ’اسان پڇيس، ”سائين
ڇو...؟ جواب ڏنائين ”انهن مان اسلام کي خطرو
هو...‘
اسلام کي خطرو... معنيٰ جنت کي خطرو! اسين ماٺڙي
ڪري موٽي آياسين... ويندي ويندي، سندس ڀرسان
لنگهندي مون آهستي اياز صاحب کي چيو هو، ’سائين
هاڻ اوهان کي اسلام جي پارت هجي.‘
هو معنيٰ خيز مرڪ مرڪيو ڄڻ چوندو هجي ته: ’اوهان
کي به اسلام جي پارت هجي.‘
هڪ باشعور ۽ ساڃاهوند انسان جو سچو سنٻند (Commitment)
پنهنجي سماج سان تهائين پڪي ۽ پختي نموني هوندو
آهي، هو ڪٿي به ان تي سمجهوتو ڪندي نظر نه ايندو
آهي. هوءَ ته سنڌي سماج جي اهڙي جوڳياڻي هئي، جنهن
لاءِ لطيف چيو:
”جيڪا ڄم ان سان منجهه گوندر گذري.“
هن هڪ ڀيرو سنڌ يونيورسٽي جي موجود شيخ اياز جي
آڊيٽوريم ۾ ساڻس رچايل هڪ شام ۾ اها ڳالهه ڦهڪائي
ڏني هئي جڏهن سنڌي اديبن جا قافلا اهل قلم ڪانفرنس
۾ وڃي رهيا هئا. اِها پهرين اهل قلم ڪانفرنس 11-۽
12 اپريل 1979ع تي ٺيڪ ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت
کان هڪ هفتو بعد ٿي هئي، ان تي شيخ اياز جي ڪتاب
”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جو پنجابيءَ ۾” جو بيجل ني
آکهيا“ ترجمو ڪندڙ، احمد سليم هڪ انگريزي اخبار ۾
لکيو هو ته: ”آخر هن ڪانفرنس کي ذوالفقار علي ڀٽي
کي سوريءَ تي چاڙهڻ جي ٺيڪ هڪ هفتي اندر گهرائڻ جو
مقصد ڇا هو؟ پوءِ پاڻ ئي لکيائين ته ان جو مقصد ته
دنيا کي اهو ڏيکارڻو هو ته ’جنرل ضياءِ الحق جو
عمل ۽ آمراڻي حڪومت صحيح آهي ڇو جو هيترا پڙهيل
ڳڙهيل ماڻهو هن سان گڏ آهن.‘ هن انهيءَ منظرنامي
جي ڏکوئيندڙ منظر تي لکندي چيو ته: ’انهي ڪاڄ ۾
سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند شاعر جو اتي موجود
هئڻ هو.‘
گُڏي خيرالنساء جعفري به اها ڳالهه هضم نه ڪري
سگهي، جو ڀٽائيءَ کي پڙهيو هئائين ته:
”ڄاڻي سُڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري.“
هن هڪ شام ۾ ڳالهائيندي چيو ته:
”هن ڀيري اهل قلم ڪانفرنس ۾ رڳو بريف ڪيس ورهايا
ويا... ان کان اڳ صدر ضياءَ صاحب پاڻ سڀني اهل قلم
کي گلي ۾ ميڊل پارائي هٿ ملائيندو هو. هٿ شايد
ٿورو زور سان دٻائيندو هو. جو پوءِ ماڻهو ڪنهن سان
اک ملائڻ جي قابل ئي نه رهندو هو“. هن پنهنجي
تقرير ۾ ڳالهه وڌائيندي چيو ته:
”سو ڳالهه ٿي ڪيم منگل سوتر جي ته هي هڪ زيور آهي
جو انڊيا جي سهاڳڻن جي نشاني آهي. گذريل سال اهل
قلم ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال آل انڊيا پنهنجي
پروگرام ۾ زبردست خراج تحسين سان ڏنو هو. پر جيئن
ته انڊيا ۾ ميڊل پائڻ يا پارائڻ جو رواج تمام گهٽ
آهي. سو سندن زبان تي به اهو لفظ تمام گهٽ آهي. سو
خبر ڪجهه ائين ڏنئون ته:
"اس سال بھی
پاکستان میں
اہل قلم کانفرنس بڑی
عقیدت
اور احترام سی
منائی
گئی۔
صرف سندھ سے
آئے
ہوئے
ڈیڑہ
سو ادیبوں
کو جناب صدر ضیا
صاحب نے
اپنی
ہاتھ سے
منگل سوتر پہنائے!"
منهنجو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته اسان جا مڙيئي اهل
قلم صاحب، صدر صاحب جون سهاڳڻيون آهن پر ڳالهه
مڙيئي آهي زبان جي غلطي جي... يا محض مزاح ۽ مسخري
جي...“
هوءَ ائين کل ڀوڳ ۾ اهڙيون چهنڊڙيون پائي ويندي
هئي، جو ماڻهن جا آنڊا ئي وٽجي سٽجي وات ۾ اچي
ويندا هئا.
اهڙين شامن جو سلسلو اسان جي دوستن جي سٿ، جنهن ۾
سر موڙ ظفر حسن سيد، ثريا مخدوم، بدر سومري،
ڊاڪٽر عبدالرحمان سيال، راشد ميمڻ، گلبدن آصف،
فردوس مزناڻي، زيب نازش سمون ۽ ٻيا ڪيترائي دوست
شامل هوندا هئا. هڪ ڏينهن گُڏي خيرالنساء آرٽس
فيڪلٽيءَ جي ورانڊي ۾ مون کي سڏي جيڪو پڇيو هو، ان
جو ٿورو تفصيل تقرير ڪندي هن ريت ٻڌايائين.
”ساٿي! جڏهن شامن ۽ نماشامن جي ڳالهه نڪتي ته
اتفاق ڪجهه ائين ٿيو جو هن مهيني ڏيڍ اندر جيڪي به
شامون ملهايون ويون آهن... انهن ۾ اتفاقاً مائي
خيرالنساء جعفري ته آهي ئي آهي! مون حفيظ قريشيءَ
کان پڇيو ته: ”هن ئي مهيني ۾ هي ٻه- ٽي پڪيون
شامون! رڳو مون سان ملهائڻ؟ آخر مطلب ڇا؟؟؟“
حفيظ جو جواب مون کي ڏنو اهو هي ته: ’مئڊم هي
شامون اتفاقاً اوهان سان ڪونه ٿا ملهايون... هي
شامون بي معنيٰ ۽ بي مقصد ناهن... هي شامون
بامعنيٰ ۽ بامقصد آهن‘... مون پڇيومانس ته: ’ڀلا
منهنجي حوالي سان انهن شامن جو ڇا مطلب ٿي سگهي
ٿو؟‘
جواب ڏنئين ته: ’مئڊم هڪ ته اوهان اردوءَ ۾ لکي
اردو ادب جي خدمت ناهي ڪئي... ٻيو ته اوهين ڪڏهن
به اهل قلم ڪانفرنسن ۾ شريڪ نه ٿيا آهيو اوهان جو
رڪارڊ بلڪل صاف آهي...‘
مون جواب ڏنومانس ته اهل قلم ڪانفرنس ۾ هيل تائين
شرڪت نه ڪري سگهي آهيان. جو زندگيءَ جون گهڻيون
چمڪ ۽ ڌمڪ واريون شيون مون کان گهڻو ڪري
MIS
ٿي وينديون آهن. ان ۾ منهنجي ارادي کي دخل ڪونهي!
مون پنهنجي گلي تي هٿ ڦيرائي ڏيکاريومانس ته ڏس
منهنجي گلي ۾ ته منگل سوتر به ڪونهي، حفيظ جيئن ته
شادي شده ڪونهي. سو منگل سوتر جي تصور کان به واقف
ڪونهي. ٿي سگهي ٿو ته اوهين به واقف نه هجو. پر
انڊيا وارا ضرور واقف آهن‘.
هو سنڌ جي شهرن ۾ رٿيل دهشتگرديءَ جي لهر ۽ مڙهيل
حڪومت تي به ڳوڙهو تبصرو ڪري ويندي هئي، جو رڳو
سمجهو ئي سمجهندا هئا ته:
”الا! ڪٿان مار ڪريندا!‘ ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا.“
هن ليڊيز ڪلب ۾ آپا خورشيد طرفان گڻ وارين عورتن
سان ملهايل هڪ شام ۾ تقرير ڪندي هن ريت ڳالهايو:
”اسان وارو عبدالقادر جوڻيجو چوندو آهي ته: ’جنهن
فنڪشن ۾ چار زنانيون يعني چار سينڌون نه هجن ان
فنڪشن ۾ مون کي مزو ئي ڪونه ايندو آهي‘. آءٌ وري
چوندي آهيانس ته: جنهن فنڪشن ۾ چار ڏاڙهيون نه هجن
اُت وري اسان کي مزو ڪونه ايندو آهي، هونئن زالن ۽
مڙسالن کان مايوس ٿي حليم بروهيءَ قانون ۾ هڪ ٻي
ترميم به آندي آهي ته: ’هڪ مرد عورت کان ايڏو
اعليٰ آهي جو ان جي هڪ شاهدي ٻن عورتن جي شاهدين
جي برابر هوندي آهي‘. کانئس مون پڇيو ته: ’پوءِ
ڀلا ٻن مردن جي شاهدي ڇا جي برابر هوندي آ‘؟
هن جواب ڏنو ته: ’ٻن سنڌي مردن جي شاهدي چئن کدڙن
جي برابر هوندي آهي. ڀلا چئن کدڙن جي شاهدي ڇا جي
برابر هوندي آ‘؟
’چئن کدڙن، جي شاهدي وري برابر ٻن مڙسالن جي ٿيندي
آ... تڏهن جڏهن هڪ مرد اردو ۽ هڪ مرد سنڌي هجي!
ڀلا ان هڪ سنڌي ۽ هڪ اردو مرد جي شاهدي ڇا جي
برابر هوندي آ.‘
’اها شاهدي ٿوري ڳري ٿيندي آ... اها وري چئن جي
بدران اٺن کدڙن جي برابر ٿيندي. ۽ ان شاهديءَ تي
ڪوبه سرڪاري فيصلو سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو.‘
مردانگي ۽ نامردانگيءَ جي انهيءَ اهڃاڻن وارن لفظي
تصوير گري ۾ اسان جي سماج ۾ شهرن ۾ اُسريل
دهشتگرديءَ بابت، سنڌ جي سرڪار ۽ ڪيترن ئي اڪابرن
جي مامڙاڻي سوچ لاءِ اُٿاريل سوال آهي.
”دوستو! حليم ڪڏهن ڪڏهن ڏک گاڏڙ لهجي ۾ چوندو آهي
ته: ’هن دنيا ۾ ٻه سچا ساٿي ڪونه ملندا آهن، آءٌ
چوندي آهيانس ته نه ملندا آهن بلڪه هن ڌرتيءَ تي
ملندا آهن. ڏس ڄام صادق علي ۽ الطاف حسين ڪيئن نه
ملي ويا آهن‘.
هو وري گهڻو رنجيده ٿي پڇندو آهي ’ته پوءِ هن دنيا
۾ ٽي-ٽي ساٿي ڪونه ملندا آهن‘ يعني ٽن مردن جي
جوڙي، ٽن عورتن جي جوڙي...
آءٌ چوندي آهيانس ته: ”ٽن-ٽن جي جوڙي به ملي ويندي
آهي. ڏس بينجمن سسٽرز جي جوڙي الطاف- ڄام ۽ جتوئي
جي جوڙي! انهن ٽنهين مڙسالن جا سُر ايئن ساڳيا
آهن. جيئن بينجمن سسٽرز جا سُر ساڳيا آهن، بلڪه
اهي ٽيئي ڄڻا
T.V
تي پري کان بينجمن سسٽرز لڳنديون آهن“.
هو پڇندو آهي ته: ”پوءِ ڀلا انهن ٽن جي شاهدي ڇا
جي برابر آهي“؟ آءٌ چوندي آهيانس ته: ”انهن ٽنهين
جي شاهدي دنيا جي سمورن کدڙن جي برابر آهي جيڪي
ڳائي وڄائي سموري سنڌ جي قانوني حق جو فيصلو پاس
ڪري سگهن ٿا“!
سنڌ ۾ ان ريت ڪير ٿو ڳالهائي سگهي...؟؟؟
”گڏي خيرالنساءِ ڪير سڏاوي؟“
سڄي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪوبه اڪابر ان جوڙ جو
ڪونهي...! هو پاڻ تي چوندي هئي ته:
آءٌ خيرالنساءِ سيلاٽي نه پر خيرالنساءِ چيلاٽي
آهيان.“
هڪ ليکڪ ۽ هڪ مقدر جي حيثيت ۾ پنهنجي سماج جي
ڪمزور ۽ خراب حصن تي نشتر زني ڪرڻ قومي اڪابرن جو
فرض آهي، گڏي خيرالنساءِ نه رڳو اهو فرض ادا ڪيو
پر سنڌ جي هر پيڙهيءَ کي اهڙي سچائي وارو دڳ آڇي ۽
جرات ۽ جرات ڏئي ڪري قرضي بڻائي وئي...
غير جمهوري ۽ ٿاڦيل حڪومت تي ڪنهن اڪابر ليکڪ جو
تبصرو اهڙو ۽ اهوئي ٿي سگهي ٿو. هو عورتن جي
ميڙاڪن ۾ عورتن جا مسئلا، ’ڪاروڪاري‘ ۽ ’عورتن جي
تشدد‘ تي ڳالهائڻ بدران سنڌ جي بقا وارن ۽ ٻرندڙ
مسئلن تي ڳالهائي روشني ڏيندي هئي. هن جي ڳالهين
کي ٽهڪن ۾ ٽاري نه سگهبو هو. هو اسان وانگر ڪيترن
ئي قومي ڪارڪنن ۽ ليکڪن لاءِ اتساهه جو وڏو سبب
هئي ۽ رهندي. جو سندس ڳالهيون اڃان به ڳوٺ وڻن ۾
ڪنهن ’پيا ملن‘ جي گيت وانگر گائجي رهيون آهن.
هن کي 1990ع واري لساني هنگامن ۽ ٻين سنڌين سان گڏ
سندس ساٿي ۽ ڊپارٽمينٽ جي استاد حزب الله ميمڻ کي
ڦرڻ لٽڻ ۽ پيڇو ڪري، عين قانون وارن جي اکين آڏو ۽
نڪ هيٺيان شهيد ڪرڻ جو ڏاڍو ارمان هو. هُوءَ ان تي
تمام ڏکاري رهندي هئي ۽ تمام گهڻيون يادگيريون
ونڊيندي هئي ۽ هن لکيو ته:
”ڪو پڇندو آهي ته ٻڌائيندي آهيانس ته: ادي، سائين
حزب الله اسان لاءِ هي سامان اسلام آباد مان وٺي
آيو آهي“...!!
”منهنجي گهر ۾ هڪ نئين قسم جو هٿ سان اڻيل کيس
آهي... ڪوئي پڇندو آهي ته هي ڪٿان آيو آهي. آءٌ
چوندي آهيان... ته هي اسان جي ساٿي حزب الله جو
آندل آهي، مون کي شادي تي
Present
ڪيو هُيئين“.
”ٻانڌڻا اهڙيون کوڙ، اجرڪون، کٿا ۽ کيس، سوسيون ۽
حزب الله جي تخليق آهن... جو سندس پيءُ انهن شين
جو بڻ بڻيادي ٺاهيندڙ به آهي ته واپاري به... حزب
الله جا ليک به انهن شين تي لکيل آهن... پر چوندا
آهن ته لکئي جا ليکڪ به ڪي عجيب آهن... ڳالهه
اجرڪن جي... هن دفعي کان اڳئين دفعي... اڳئين دفعي
به دهشتگردن... سندن پاڙي وارن سندن گودام ۽ دڪان
تي حملو ڪيو هو...“ سندس چوڻ مطابق ته: ”گودام ۽
دڪانن جي ڪا چيز نه ڇڏي هئائون...“ حزب الله سخت
آپي وندو انسان هو... آپي جو اپمان سهي نه
سگهيو... چئي، ”اسين هتي جا... اسان جا ابا، ڏاڏا
هتي ها... هتي اسان جا بڻ بنياد گهر گهاٽ... وڻج
واپار... هي ڪالهوڪا آيل ٿا، اسان جا گهر ٽپن...
اسان جا مال ۽ مڏيون ڊاهين... ڀيڻان هنن کي ڪو مڙس
هيل تائين ڀتو ڪونهي... نه ته ... اسان جي دڪانن
کي لٽيو ٿن، ائين جو هڪ اجرڪ نه ڇڏي اٿن...!“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ... حزب الله ڏکيو مرڪندو
مرڪندو مليو چئي... ”سڀ سامان هٿ ڪيو مان... هڪ هڪ
اجرڪ ڳڻي ورتي مان...“
حزب الله سامان جي ملڻ کان وڌيڪ پنهنجي انا جي
بحالي تي مطمئن هو...
۽ هاڻ جڏهن هن دفعي 1990ع سندن سامان لٽيو هو...
گهر سڙيو هو ۽ جڏهن حزب الله ئي نه رهيو هو...
سامان ورائڻ واري کي ئي ماري ڇڏيائون... تڏهن سندس
ڀيڻون رنيون هيون. چون... ’آپا! سامان ته
ساڙيئون... گهر ساڙيئون بابوءَ (حزب الله) کي
مارئيون... اسان وٽ هڪ اجرڪ اهڙي نه ڇڏئيون... جو
اسان پڇاڙي ۾ بابوءَ جي مٿان وجهون... اسان کي
بابوءَ مٿان وجهڻ لاءِ هڪ اجرڪ نه ملي...!‘
بابوءَ جي پڇاڙي سرهُي ڪرڻ لاءِ...
”حزب الله، اجرڪن جي تخليق ڪار جي پڇاڙي سرهي ڪرڻ
لاءِ... هڪ اجرڪ جو سوال...؟“
هُن انهيءَ سورن جي اپٽار ڪندي لکيو هو:
”اسان مڙئي سنڌي سوالي آهيون... سموري سنڌ، سمورا
اسان جا سنڌي جوان... پنهنجي ورثي کي واپس ورائڻ
لاءِ هڪٻئي ڏانهن ڏسي رهيا آهن...!“
هو حزب الله جي ذڪر تي ڏاڍي جذباتي ٿي وڃي ٿي، حزب
الله جنهن کي شهري دهشتگردن ڳولي ڪري ان ڪري نشانو
بڻايو هو، جو هن جي ٻولي ۽ ڌرتي جي هن ملڪي جوڙجڪ
کان الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ هئي ۽ آهي. هن جو سڄو
ڪاروبار به انهيءَ سڃاڻپ وارين وِٿن وارو به هو.
هن حزب الله جي شهادت تي لکيو نه آهي پر راڙا ڪيا
آهن.
هن لکيو ته:
”ڪو وقت هو جڏهن چماٽ هڻڻ وڏو جرم سمجهيو ويندو
هو. عيسيٰ چيو: ڪوئي هڪ ڳالهه تي چماٽ هڻي ته دشمن
کي اخلاق زير ڪرڻ لاءِ ٻيو ڳل به پيش ڪريو...اهو
اسلام جو يسو مسيح دور هو“.
هن کليل لفظن ۾ هيئن به لکيو ته:
”پوءِ سنڌ تي اسلام جو تارا مسيح دور به آيو...
جڏهن ڀٽي کي تارا مسيح ڦاسي ڏني هئي... ۽ هاڻ
سنڌين تي اسلام جو الطاف مسيح دور آهي...“
خيرالنساء جعفري تي لکڻ ڪا سوکي ڳالهه نه آهي، سنڌ
جي هڪ سجاڳ ۽ سڄاڻ عورت تي لکڻ ائين آهي، ڄڻ
پنهنجي قديم ۽ جديد اتهاس جي ورق ورق کي ساري،
اٿلائي پٿلائي لکجي! جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي هوءَ
ڪا عام استاد نه هئي، جيڪا ٻه ڪلاس وٺي، ٻارن جي
بيماري جو بهانو ڪري ’جوڳي رمتا ڀلا‘ وانگر وڃي
گهر ڀيڙي ٿئي. هو اسان سنڌين جي پُنر جنم جا خواب
جاڳندڙ اکين ۽ سجاڳ ذهن سان اڻندڙ لاڙ جي مٽيءَ جو
اهڙو واس هو، جنهن کي ڀٽائي سسئي، مارئي ۽ ٻين
انيڪ روپن ۾ ساراهيو ۽ ڳايو آهي.
هو استاد ۽ ليکڪ نه هجي ها ته هڪ وڏي انقلابي عورت
هجي ها. هن پاڻ لکيو آهي ته:
”مان جي ليکڪ نه هجان ها ته يقيناً ڦاهيءَ جي سزا
وار قيدي هجان ها.“
ته هوءَ ٻانهپ جي اجگر جي وات ۾ ڦٿڪندڙ اهڙو روح
هو، جو وک وک تي زخمي ٿئي ٿو...! هر ويل پڄرندڙ
روح جي لفظن جا ورلاپ آهن، جيڪي هن تقريرن ۽ لکڻين
۾ ڪيا آهن...
هن تخليق ۽ پنهنجي تخليقي ڪيفيت بابت تفصيل سان
لکيو آهي ته:
”جڏهن ته زندگيءَ جا ڏينهن به راتين جهڙا ڪارا،
خاموش ۽ ڊيڄاريندڙ لڳندا آهن. شايد اهوئي سبب آهي
جو منهنجون ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي (پيسيمسٽڪ ايپروچڊ)
هونديون آهن. هر ڪهاڻي جو ڏک ڀانءِ ته پنهنجي ئي
دل جو ڏک آهي.
ان ۾ شڪ ڪونهي ته ماحول مان مليل ڏک تندرست شڪتي
واري انسان لاءِ چئلينج آهن. ماحول سان وڙهي يا
ماحول کي مٽائي پنهنجي ڏکن کي رانهين سگهجي ٿو“.
هوءَ ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ انيڪ
پيڙائن جي اُپٽار ڪندي لکي ٿي ته:
”پر ڪي ڏک... الاءِ ڇو اڪثر محسوس ٿيندو اٿم ته
منهنجي رت جي ڳاڙهن جزن ۾ شامل آهن. منهنجو
حياتياتي نظام پيڙا ڳاڏڙ انهيءَ رت جي وهڪري تي
هلي ٿو. جيتوڻيڪ وقت بدلجندو رهي ٿو. ’راتين پويان
راتيون، ڏينهن پويان ڏينهن،‘ مٽبا ۽ سٽبا رهن ٿا.
ساڳيءَ طرح منهنجو بلڊپريشر به مٽبو ۽ گهٽبو رهندو
آهي. جڏهن بي پي عام ليول کان گهٽجندو آهي، تڏهن
ذهن ۾ جسم تي عجب جهڙي نيستي ڪيفيت ڀائيندي
آهيان“.
هن پنهنجا احساس لفظن جي ڪينواس تي چٽيندي لکيو
ته:
”نسن جي نستائي- ڊگهن ساهن جي گهري اونهائي جا
منهنجي انتهائي اندر کي ڇهيندي آهي.
لاشعوري طر ح مون کي منهنجي اها ڪيفيت نه چاهيندي
به الاءِ ڇو وڻندي آهي. منهنجون مڙيئي ڪهاڻيون
منهنجي انهي ڪيفيت جو محاصل آهن. ٻين لفظن ۾ اهي
ڪهاڻيون منهنجي جسم جو اظهار آهن يا منهنجي جسم جا
مختلف حصا آهن ۽ هاءِ بلڊپريشر ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻي
Phase
تي به جهٽڪو کائيندو آهي، جو
صرف ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندي آهيان، جنهن کي لفظن ۾
آڻي نه پئي سگهان. جتي رهندي آهيان اهو گهر
انتهائي
airy
آهي، سانجهي مهل گهر جي پنهنجي ماڙيءَ تان جڏهن هڪ
نظر هيٺ وجهندي آهيان ته سرمئي شام ۽ هيٺالي ۾
رهندڙ غريبن جي بستي ۾ لاتعداد بلبلن جي روشني ۾
مون کي خدا جي بستي نظر ايندي آهي. ڪافي دير تائين
دل جي هستيءَ تي اهو چٽ چٽڻ کان پوءِ جڏهن هوا جي
هل ڪورن تي آءٌ کٽ تي اهلندي آهيان ته الاءِ ڇو
پنهنجو پاڻ بلڊپريشر وڌيڪ نارمل، بلڪه سپرنارمل
لڳندو آهي. دل جي دنيا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ هم آهنگي،
ترنم ۽ عجب جهڙي تڪميل محسوس ٿيندي آهيم- اهڙيءَ
ويل پيرانديءَ ۾ پيل رلي ۾ مون کي سڄي خدائي وڇايل
محسوس ٿيندي آهي. سيرانديءَ ڀائيندي آهيان، منهنجي
صراط مستقيم جي صورت آهي“.
هو انسان جي تڪميل، سُڪون ۽ اطمينان تي لکي ٿي ته:
”دل ۾ تڪميل ۽ ڪمال جي اهڙي ڪيفيت ڀانءِ ڪو ڪنن ۾
منهنجي هوريان ’اليوم اڪملت لڪم دينڪم‘ جو ورد ڪري
رهيو آهي. ڪوئي چئي رهيو آهي، اڄ هن وقت اسان توکي
تنهنجي دين کي دنيا کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ هن
۾ مزيد ڪمي پيشيءَ جي گنجائش ناهي.
طمانيت ۽ سرور جي اها ڪيفيت جي دنياوي سمونڊ ۾ جسم
جي جهاز کي اڳيان رستو ڏيکارڻ لاءِ انڊيڪيٽر جو ڪم
ڏيندي آهي“.
هو سنڌ جي ڳاڻ ڳڻين سجاڳ ۽ سڄاڻ عورتن منجهان هئي،
کاڌيءَ جي وڳي ۾، مڙساڻي انداز ۾ مٺ تي ٻيڙي
پيئندڙ، جڻ سنڌ جا ڏک پي رهي هجي. هڪ اديب جيڪو
قلم کي نشتر وانگر استعمال ڪرڻ جو ڏانءَ ڄاڻندو
هجي، جنهن وٽ پنهنجي قديم ۽ جديد اتهاس جي اعليٰ
سوجهه ٻوجهه حاصل هجي ۽ هوءَ اهوئي فرض هر جڳهه تي
ادا ڪندي نظر اچي ٿي. هن ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جي،
ميرن جي صاحبي واري سنڌ تي لکيل ڊاڪٽريٽ جي مقالي
جي منظوريءَ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته:
”ميرن جي صاحبيءَ جون عقل وارن لاءِ اڄ به نشانيون
موجود آهن... سنڌي قوم جي هڪ اهم سڃاڻپ ڀل ختم
سهي، پر ميرن جي قبن وٽان لنگهندي، محسوس ٿيندو،
ته غيور قوم ڪنهن به وقت قبرن مان اٿي سگهي ٿي! جو
ڪنهن تاريخ دان چيو هو ته، ’هيءَ ڪائنات هڪ وسيع
دسترخوان آهي... جنهن تي هر قوم پنهنجو پنهنجو حصو
کائي رهي آهي...‘ جيڪڏهن اهو واقعي سچ آهي. ته
پوءِ، اسان جي قوم ڪٿي آهي؟ اها پنهنجو حصو ڇو نه
کائي رهي آهي؟ ان کي پنهنجو حصو ڪيتريقدر ملي رهيو
آهي؟ اهو هڪ سوال آهي، جنهن جي جواب جي تلاش
آهي... جي ٿي سگهيو ته ان تي
Thesis
وڏي ٿي، انشاء الله منهنجي ڌيءَ لکندي... جو قوم
قربانيون ڏيندي ئي ان ڪري آهي ته عوام جو رت وهي ۽
ادب تي بهار اچي...!“
هن وڌيڪ چيو ته: ”قمر جهان مرزا کي ميرن واري دور
وارو حيدرآباد وڻي ٿو ۽ مون کي پنهنجي ماءُ جي دور
جي حيدرآباد وڻي ٿي.“
هن انهيءَ دور کي نظر رکي ان وقت 1978ع چيو هو ته:
”ڇا اڄ به حيدرآباد شهر جا سمورا رستا کوٽيل ناهن؟
جنهن گهٽيءَ ۾ پنڌ وڃبو، سمورا رستا کوٽيل نظر
ايندا. شير شاهه تاريخ ۾ هڪ دفعو آيو ۽ مري ويو،
البت سُوري اڄ به هر رستي تي ٽنگي پئي آهي.“
هو ڏاڍي حساس ۽ غيرت مند عورت هئي. هن شعبان وسطڙي
جي ڪتاب تي ۾ لکيو ته هڪ ڀيري شعبان ٻڌايو ته:
’اخبار ۾ پڙهيو هوم... کي ٽارچر سيل ۾ رکيو اٿن
سندس نهن کي چيري ان ۾ لوڻ ڀري وري سبيو اٿن...‘
هن تبصرو ڪندي چيو ته:
”ڳالهه ٻڌي اسان پارو ڄڻ چچرجي ويندو آهي.“
ڪنهن جاکوڙيءَ جا نهن ڪڍڻ واري ڳالهه ٻڌي سڄو وجود
تشدد جي احساس ۾ چچرجي ۽ چيپائٽجي وڃي ٿو. قومن جا
اڪابرين جي هر وار کي پنهنجي سيني تي محسوس ڪندا
آهن. غيرت مند انسان ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين جي هر هڪ
گهاءَ کي پنهنجي هانءَ تي محسوس ڪندا آهن.
هن جي هڪ تاثراتي لکڻي ۾، جيڪڏهن جيڪا هن انيس جي
چوڻ تي لکي هئي، جڏهن ته لکڻ ته هن کان ڪڏهن کان
موڪلائجي ويو هو. انهيءَ موڪلائي ويل لکت/لکڻ جي
ڏانءُ کي ورهاڙو ڪري ورائڻ لاءِ ته ظفر حسن سيّد
جنهن تنهن کي خيرالنساءَ سان ملڻ ۽ ان کي ادبي
ڪاڄن ۾ ڪوٺائڻ واريون صلاحون پيو ڏيندو. تڏهن هن
هڪ ڪهاڻي نه لکي پر پنهنجي تقريرن وسيلي ڪيتريون
ئي ڪهاڻيون لکي وئي، ”ڏرتيءَ تنهنجا ڏک“ لکيو ته:
”سندس سر جو قسم کڻڻ سولو نه هو، ۽ نه ئي ڪو لکڻ
وري سولو هو... دراصل قلم ۽ ڪاغذ سان ”ڪوڏي ڪوڏي“
کيڏڻ ته آسان آهي، پر حق ادا ڪرڻ انتهائي ڏکيو.
مون ان ڏکئي ڪم جو قسم کاڌو هو، بنا ان ويچار جي
ته منهنجي اندر جو اديب ڪو ڪورو ڪنگلو آهي...“
هن وڌيڪ لکيو ته:
”جڏهن اندر اڌ ڪٺل جذبن جو ڪوس گهر بڻيل هجي ۽
Sublimate
... ڪرڻ جو ڪو خاطر خواه ڏانءُ
نه اچي، تڏهن رحم ايندو آ پاڻ تي... ائين ڄڻ
پنهنجو وجود ڪو لاوارث لاش هجي، جنهن کي دک ۽
پيڙائون ڳجهن جيان کنڀنديون ۽ کوئينديون رهن ۽
جنهن کي ڍوئڻ لاءِ ڪو رحمدل رودار نه ملي...“
هُن جگر جي رت مان قلم ٻوڙي لکڻ سکيو هو.
”ڀلا ڪجهه پائڻ چاهجي ۽ پائي نه سگهجي... ڪجهه چوڻ
چاهجي ۽ چئي نه سگهجي... ڪجهه لکڻ چاهجي ۽ لکي نه
سگهجي ته پوءِ اندر جي ڊگهي ڪسمپرسيءَ واري ڪيفيت
ڪٿي وري ڪنهن سڪرات کان گهٽ ڀانئبي... هينئر به
ذهن جي ذري گهٽ اهڙي ڪيفيت آهي ۽ پڪ اٿم ته هن
اڻانگي من کي ماکي جهڙن سادن سوڻن سان آٿت نه
ملندي...“
سنگيت هن جي ڏات ۽ ڏانءُ لاءِ امرت مثل هو. هُن
پاڻ لکيو آهي ته:
سنگيت سنگيت جي لئه اندر جي سوجهه ٻوجهه ۾ ڪجهه
چورا کورا آڻيندي ۽ شايد ڪو سوچ جو نرٻل پکي هيڪر
وري ڪنهن ٻَلهه تي پَرَ سوري اُڏرڻ لڳي...
ٽيپ رڪارڊ آن ڪيم... سُرن ۾ هوريان هوريان سرسراهٽ
ٿي ۽ اياز جي گيت ڄڻ سورن جو ساغر اوتي ڇڏيو اندر
۾... وڇوڙي جا ڏينهڙا...
ڀورائيءَ جي ڀل جڏهن ورنديون ڪو نجڙيون... هر هر
ڪري هل... ٽڙي پوندا ٽارئين... جڏهن ڳاڙها گل...
تڏهن ملنداسين... تڏهن ملنداسين...“
هو وڌيڪ لکي ٿي ته:
”ان گيت سان ڪنهن پياس ڀري آس جو تاثر تريو آهي
ذهن تي...“
ان ريت هو، هو ويراڳي اکين، ننڊ اکڙي اکين جا طويل
سپنا قرار ڏي ٿي. هو اهڙي لکڻ واري صورتحال بابت
لکي ٿي ته:
”آءٌ اهڙن احساس کي لفظن جو روپ ڏئي نه ٿي سگهان،
مڃان ٿي. جنهن ماڻهو کي ڪنهن سچوئيشن ۾ لفظ ادا نه
ٿي سگهن ان ماڻهو جي زندگيءَ؟ شڪست جو اعتراف آهي.
آءٌ شايد پنهنجون پويون ڪهاڻيون پڙهي وري ڪا نئين
ڪهاڻي لکي سگهان. تيتر مون پنهنجي ان ڪهاڻي واري
بند باب کي تعويذ جيان امام ضامن سمجهي ٻانهن ۾
ٻڌي ڇڏيو آهي.
شايد ڪڏهن بند جا بادل ڀڄن لفظن جي جل ٿل ٿئي ۽
روشني جا مينهن وساڻان وري ٻيهر پسي سگهان.
جي ائين ٿيو ته من واه واه جي ائين نه ٿيو ته دنيا
کي ڪو خاص يا عام ڌوڏو ڪين ايندو. البته اهو
پينگهو جنهن ۾ آءٌ پليس ۽ جنهن ۾ ويهي مون ڪهاڻيون
لکيون منهنجي بدن جي لمس سان ڪڏهن ڪين لڏندو.
هونئن به هندورن ۾ ٻارڙا ۽ آسرا پالبا آهن. قبرن ۾
پلي ڇڏيا آهن“!
”هن جي لکڻين ۽ تقريرن ۾ سنڌي سياستدانن، سنڌ ۽
هند جي ليکڪن، شاعرن سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن،
شاگردن سڀنيءَ جو ذڪر پنهنجي پنهنجي جڳهه تي ڀرپور
ٽيڪا ٽپڻيءَ سان اچي ويندو آهي. هو ڪڏهن ڪو به
حوالو کڻندي ڪوءَ ڪونه کائيندي آهي. بيباڪيءَ سان
ذڪر ڪندي ويندي آهي. هن اياز لطيف پليجي جي ڪتاب
تي ڳالهائيندي چئي ڏنو ته ”پليجي کان وڌيڪ اهميت
جيجي زرينه جي آهي، ڇو ته هن اياز لطيف جهڙو ستن
پائونڊن جو پٽ ڄڻي ڏنو آهي ۽ اهو ڪم پليجو نٿو ڪري
سگهي!
هن جي ڏور ڏسڻي اک ڪيترا ورهيه اڳ لکيو ته: ”اياز
لطيف پليجو جيئن آهي، تيئن ئي هلندو رهي ته يقيناً
ڪو اهڙو وقت ايندو جو ماڻهو رسول بخش پليجي ۽ جيجي
زرينه بلوچ کي رستي تي گڏ هلندي ڏسي چوندا ته: ”هو
ڏسو! اياز لطيف پليجي جا ماءُ پيءُ آهن.“
”ڪڏهن هو ٻئي هن جي سڃاڻ ۽ ڪڏهن هو هنن ٻنهي جي
سڃاڻ.“
هو سنڌي قوم جي برک ڏاهن واري قطار ۾ سدائين
قطاريل رهندي، جنهن جي هر هڪ لکڻيءَ ۾ سنڌ، سنڌي
ماڻهو، سنڌ جا ڏک نظر ايندا، هو سڄي سماج تي بنا
جهجهڪ ڳالهائي تنقيد ڪرڻ واري ڏاهي عورت هئي، جنهن
پنهنجي لکڻين ۾ تقريرن وسيلي انيڪ ماڻهن کي متاثر
ڪيو، ڪن کي ته ايترو متاثر ڪيو، جو وومين
ڊيولپمينٽ ڊپارٽمنٽ جي چيئرمن ۽ گُڏي خيرالنساءِ
جي شاگردياڻي ميڊم بيبي مصباح کي ڳالهائيندو ڏسي،
مون کي گڏي خيرالنساءِ جعفري ياد اچي ويندي آهي.
مون ڪيترا ڀيرا سوچيو ته هن کان گڏي خيرالنساءِ جي
زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن جون يادگيريون حاصل ڪيان،
پر اسان جي وچ ۾ گريڊن جون سلاخون کڙيون آهن...!!!
اسان جي ڪيترن ئي اُستادن جي ڪنڌ واري زنبيلن ۾
پيل رڳو ذاتي ۽ سياسي ايجنڊائون آهن. هنن جي
زنبيلن ۾ قومي ۽ تعليمي ايجنڊا ڪڏهن ايندي، ان جو
انتظار آهي.
اڄ اسان جو ملڪ ۽ انڊيا جنهن دوستيءَ ڏانهن وڌي
رهيا آهن. ان بابت هن 26 ورهيه اڳ چئي ڏنو هو ته:
”اسان جي ملڪ ۽ انڊيا ۾ ڪهڙي دوري آهي؟ اوهان
ممبئي ائيرپورٽ تان سانچي پان وات ۾ وجهي، اچي
ڪراچي ائيرپورٽ تي ٿڪي سگهو ٿا، اهو ٿُڪ جيترو پنڌ
نفرتن جي ٻاريل کاهين جي اوڙاهن ۾ ڪيترو پري ٿي
پيو هو ۽ هاڻ ڪيترو ويجهو آهي. ان جو انومان (Perception)
محبتن جا پُل جوڙيندڙ انسان ئي ڪري سگهن ٿا.
هو هڪ سائيڪالاجي جي استاد جي حيثيت ۾ معيشت ۽
معاشرت، اسلاميات ۽ جنسيات، سياسيات ۽ سماجيات تي
کليل ڳالهائي ويندي هئي. هن هڪ ڀيري پريس ڪلب
حيدرآباد ۾ تقرير ڪندي چئي ڏنو ته: ”انسان کي سڄي
زندگي ٻه مسئلا آڏو رهيا آهن. هڪ پيٽ جي بک واري
... اُجهائڻ جو ٻيو پيٽ سان ٿيڻ جو، جو انسان جو
جپايو پيٽ ڀرڻ ۽ انسان جي بقا پيٽ سان ٿيڻ سان
ممڪن رهي آهي.“
هو انهن ڳالهين کي به غور سان ڏسندي هئي ۽ سمجهندي
هئي ته سڄي حيدرآباد شهر ۾ دڪانن جا سائن بورڊ ۽
ٻيون شيون اردوءَ ۾، پر سڄي شهر ۾ خانداني منصوبا
بنديءَ وارا بورڊ سنڌيءَ ۾ لکيل نظر ٿا اچن.
هن کي ٽي ويءَ تي اشارن جي زبان ۾ مارشل لا ۽
سُنڊي مار زرعي دوا جو اشتهار به ’سنڌ مار‘! جهڙو
نظر ايندو هو. ۽ پنهنجي ديس ۾ غريب الوطنيءَ جون
ڀوڳنائون به الائي ڇا ڇا سوچڻ تي مجبور ڪنديون
آهن.
سيد ظفر حسن پوليٽيڪل جاگرافي (Political
Geography)
جو سبجيڪٽ پڙهائيندي سنڌ دوست ٿيو ۽ خيرالنساء
جعفري پوليٽيڪل سائيڪالاجي (Political
Pschogeology)
جي ساڃاهه رکندي هئي، جو اهو
Subject
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڄاڻڪاري ۾ نه آهي، ٻنهي ڌرتيءَ
جا درد ڳنهي ورتا هئا. هو ظفر حسن سيّد کي ”سهڻو
ماڻهو“ چوندي هئي، سنڌالاجيءَ ۾ ظفر حسن سان
ملهايل شام ۾ ظفر حسن سيد سان ساڙ رکڻ وارن جو هڪ
سبب اهو ڄاڻايو هو ته: ”هڪ ته هو سهڻو هو، ٻيو ته
ڪنهن کي لفٽ نه ڏيندو هو. هُن ظفر حسن بابت چيو
ته: هو وڏي نظم ضبط وارو انسان آهي. جو اسان جي
آفيس يا گهر ڪڏهن هن جي اچڻ تي اسان يڪدم صفائي
سٿرائي ۾ لڳي وينديون آهيون.
ظفر حسن سيد 14 آگسٽ 1937ع تي جنم ورتو، جڏهن ته
خيرالنساءِ جعفري 17 آگسٽ 1947ع تي جنم ورتو، ٻنهي
۾ 10 سال 3 ڏينهن جو فرق هو، پر ٻنهي جي وفات مارچ
1998ع ۾ ٿي.
ظفر حسن سيّد کي عورتن جو عالمي ڏينهن 8- مارچ
مليو ۽ گُڏي خيرالنساء کي 4- مارچ وارو سنڌ جي حقن
۽ شاگردن جي سجاڳي واري هلچل وارو ڏينهن وفات طور
مليو. ڄڻ ٻنهي اهي ڏهاڙا ونڊي ورهائي کنيا هجن.
ظفر حسن سيّد وانگر هن کي به سنڌ جي ثقافت واري
محاذ جي هيڻائي ۽ ڪمزور ٿيڻ تي ليکڪن، اديبن ۽
اڪابرن ڏانهن ڪي تحفظات هئا، ظفر حسن سيد پنهنجي
کري ۽ کُهري اندازً ۾ اهڙي کليل تنقيد ڪندو رهندو
هو، جڏهن ته گُڏي خيرالنساءِ کي لفظن جون چهنڊڙيون
پائڻ اينديون هيون. هن شعبان وسطڙي جي ڪهاڻين جي
مهاڳ ۾ لکيو ته:
”شعبان تنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب ”جيون جا نه وسرندڙ
لمحا“ ته کڻي اچ ”...؟“ ها... اديب ٿا اچن... هي
عبدالقادر جوڻيجو آهي. هن کان ڪهاڻي لکڻ وسري وئي
آهي... هيءَ خيرالنساء جعفري آهي... هي به ماضيءَ
۾ لکيل ڪهاڻين جو رکيل ڄڻ فڪس ڊپازٽ وارو منافعو
کائي رهي آهي... هي آغا سليم آهي... جيڪو ’پاڪستان
براڊ ڪاسٽنگ‘ جي سروس ڪندي گِسي ويو آهي... هي
شوڪت شورو آهي... جيڪو نوڪري جي ور چڙهي ويو آهي
هي تنوير جوڻيجو آهي... جيڪا ريڊيو تي ڀيڻن سان
ڪچهري ڪندي ڪهاڻيون لکڻ وساري ويٺي آهي...!“
هُو صاف لفظن ۾ چوي ٿي ته:
”هي سڀ بيٺل پاڻي آهن... آءٌ کين سڃاڻان ٿي. ۽
انهن سڀني کان مٿيرو شعبان وسطڙو آهي جيڪو ڪهاڻي
کيتر ۾ هلي رهيو آهي... هلي رهيو آهي... بيٺل پاڻي
کان وري به وهندڙ پاڻي پاڪ آهي... پوءِ جهڙو سندس
حال آهي، هو هلي رهيو آهي... ۽ سڀني کان وڌيڪ چاق
آهي“.
ظفر حسن سيد ۽ خيرالنساءِ جعفري ٻئي سنڌ ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ جا سچا انسان هئا. ٻنهي کي ثقافتي
محاذ جي اهميت ۽ حيثيت جي چڱيءَ ريت پروڙ هئي، هن
کي خبر هئي ته آجائپ جو دڳ ڪيئن جڙندو آهي، ثقافتي
محاذ جي پختائي ڪيئن مزاحمت ۽ حقن جي بحاليءَ واري
تحريڪ کي جنم ڏيندي آهي. ان ڪري هنن پنهنجي سڄي
شعور ۽ ساڃاهه وسيلي پاڻ پڏائڻ، ڪوڙن قومي ڪاڄن جي
اسٽيجن تان بيهي قد وڌائڻ بدران حقيقي تنقيد وسيلي
نئين، دلير ۽ ساڃاهه وند سنڌي سماج لاءِ پنهنجي
قلم سان جاکوڙيو آهي.
گُڏي خيرالنساءِ، اهڙا ٻيا انيڪ انسان امرتا جو
نانءُ آهن ۽ اهي مرڻا نه آهن، مون پنهنجي ماءُ جي
قبر تي لطيف جو بيت:
”اڌر، نِڌر اڀري، سَڌُر ٿي سچي“
لکرايو ۽ گڏوگڏ اها سٽ به لکرائي آهي ته:
”بليا! اسان مرڻا نائين، گور پيا ڪوئي هور“.
ساڻس اسان جو رشتو ڪالهه به قائم هو، اڄ ۽ سڀاڻي
به قائم ۽ دائم رهندو. جنهن هن کي ڏٺو، جنهن نه
ڏٺو ۽ ٺلهو پڙهيو، سي سڀئي هن کي ضرور ياد ڪندا
رهندا آدرشي انسان هن جهڙو ٿيڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا،
ڪٿي به سچ ۽ حق تي مفاهمت نه ڪندا.
هن جي وڇوڙي تي هن جا چيل لفظ جيڪي هن ثميره زرين
جي وفات تي لکيا، سو سيڪڙو صادق ثابت ٿين ٿا ته:
”ثميرا زندهه هئي! ثميرا مري وئي!! آهي ته بظاهر
مختصر ئي ڳالهڙي. پر ان هئي ۽ آهي جي مختصر
وڇوٽيءَ ۾ وقت جو هڪ طويل وقفو آ- هڪ دور آ- عهد
آ... تکي مٺي جيون جو رس ڪس آ...
”سڄي ساري ثميرا چند ڪاغذن ۾ قيد ٿيڻي ته ناهي پر
جڏهن ٻه ڏينهن اڳ مون کي سندس جندڙيءَ تي لکڻ لاءِ
چيو ويو، تڏهن هيڪر هائوڪر جي ڪر ته کنيم پر ڪؤ به
کاڌم. ڀلا سالن جون محبتون ڪٿ ٿيون لحظن ۾ لاهي
سگهجن...
چند جملا جوڙي هن جي سڄي جيوت جو قرض چڪائڻ آهي ته
قرض تي ڄڻ قرض چاڙهڻ! پر محبتن ۾ اهي قرض هروڀرو
بوجهه نه ڀانئبا آهن. ۽ مقروض ٿي مري وڃڻ ۾ سڪرات
به هروڀرو ايڏو نه ستائيندي آهي.
بيشڪ ثميرا منهنجي دوست هئي. اول ادب جي اڻ ٽٽ
ناتي. ائين جئن ٻالڪ جي مک ۽ ماءُ جي ارهه ۾ ٿڃ
ناتي امر ۽ لافاني رشتو جڙي“.
اهو رشتو ساڻس اڄ به قائم آ صبحان به قائم رهندو.
ڀل هوءَ جيوت جا سڀ وسيلا ٽوڙي ڀريءَ کي ڀور ڪري
قبر جي تنهاين ۾ وڃي پنهنجو آڳر اڏي...“
حيدرآباد جي بابن شاهه واري قبرستان ۾ هُن جي قبر
ميسارجي وئي آهي، ٽن سالن کان ورَ وَر وڃي ڳوليندو
آهيان.
جو اُتي منهنجا ماءُ ۽ پيءُ منهنجو دوست مرتضيٰ
ڀٽي جو جانثار شهيد وجاهت جوکيو، نياز همايوني ۽
سندس گهرواري به اتي ابدي آرامي آهن. هن جي قبر
منهنجي امان صاحب خاتون (...) جي ڀرپاسي ۾ هئي، پر
هن جي اها نشاني به نٿي ملي، جيئن وطن جا ويري
اسان جا نشان مٽائڻ لڳا آهن... سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
به هُن کي ياد نٿو ڪيو وڃي... پر سال ۽ پروڪي سال
بدر سومري کي چيو هوم. ”ظفر حسن ۽ خيرالنساءِ جي
گڏيل ورسي ملهايون...!“ آخري ڏينهن تي ورندي
ڏنائين ته: ”مٿيان اجازت نٿا ڏين...؟؟؟“
ڇا مٿيان اسان کي روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ وارن رودالين
جي حيثيت ۾ به ڏسڻ نٿا گهرن؟؟؟ ”جيئن خيرالنساءِ
حزب الله تي لکيو هو ته: ”هڪ اجرڪ جو سوال؟“
ان ريت آءٌ چوندس ته: ”پنهنجن جي وڇوڙي تي ورلاپ
ڪرڻ لاءِ هڪ شام غريبان جو سوال آهي...!!“ |